ڪھاڻيون

آخوند جا افسانا

ھن ڪتاب جو سرجڻھار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شھر هالن جو سھڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونہ ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. آخوند جي افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن.جنھن ڳالھہ کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالھہ کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهہ اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو.

Title Cover of book آخوند جا افسانا

آخوند عباسَ کي خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي

آخوند عباسَ کي خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي
محمود مغل

ايندڙ اٺوَنجاهه صفحن ۾، هلندڙ دؤر جي نئين جُڙت سان ملاقات ڪيو. آخوند عباس پنهنجي خيال جي خواب کي ساڀيان ڏيکارڻ چاهي ٿو.
ڌڻيءَ مٺي پاران اِها به ڪيڏي نه وڏي عنايت آهي ته انسان سوچي، سوچ کي لفظن جي رِدا پهرائي ۽ وري اُن کي ڪاغذن تي منتقل ڪري يا وري اُچار جي جامَي ۾ پيش ڪري. انهن سڀني عملن ۾، ڪنهن به وقت ڪابه ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي.. مَهرَ ته اُن مالڪ جي آهي، جنهن انسان کي اِهو هُنر عنايت ڪيو آهي. هالا جي هِن هوشمند کي، ڌڻيءَ پاران اِهو تحفو مبارڪ هجي.
سال 2015ع کان 2017ع تائين ’ڪاوش گئلريءَ‘ ۾ ڀاءُ فقير ۽ مون اِها ڪوشش شعوري طور ڪئي ته ننڍين تحريرن ۾ وڏا نياپا شامل هجن ۽ فليش فڪشن شعوري طور سرجي سامهون اچي. هن ڪوشش ۾ اسان ڪيترو ڪامياب ٿياسين، اِها ته هڪ ٻي ڪيفيت آهي، پر بهرحال ڪيترائي نوان ليکڪ اُڀريا، جن هن ميدان ۾ جاکوڙ ڪئي ۽ مون کي اهو لکڻ ۾ ڪوبه باڪ ڪونهي ته آخوند عباس انهن سڀني جو سرموڙ رهيو.
هڪ ڏينهن سندس پاران هڪ ترجمو موصول ٿيو. سِرو هئس ’ڌيءَ جي وهانءَ کان پوءِ گهر ۾‘ اهو هڪ گجراتي نثري نظم جو ترجمو هيو، جنهن جو شاعر هو ’جينت پاٺڪ‘ ۽ سچي ڳالهه ته اِها آهي ته اُن هڪ ترجمي، اندر ۾ الاءِ ڪيترا ايوان کولي ڇڏيا ۽ هڪ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ مان ۽ ڍول ڀاءُ ڄڻ ته پريشان ٿي ويا هئاسين، جيتوڻيڪ اهو ترجمو آخوند عباس نه ڪيو هو، پر ته به سندس چُونڊ حيران ڪندڙ هئي. اِن اسم تي نگاهه وجهو:
نيٺ، سڀ ڳڻتيون ۽ ڳارا ختم ٿيا،
وهانءُ پورو ٿي ويو.
ڪنوار جي ماءُ هاڻي
سڀ سامان ۽ شيون سنڀالي
ڳڻڻ لڳي ٿي
هر شئي ياد ڪري ٿي
سنواري رکڻ لڳي ٿي
پليٽون، پيالا، گلاس، ٿالهيون
هرڪا شئي، برابر
ڪٿي به ڪابه شئي گم نه ٿي
پر پوءِ اوچتو ڪجهه ياد ڪري
بيهي رهي ٿي.
ڪمري جي وچ ۾ چوڌاري نهاريائين
لُوڻاٽيل سوال اکين مان وهِي آيس
’پر، منهنجي ڌيءَ ڪٿي آهي؟!‘
هن نوجوان کي قدرت انيڪ خوبين سان نوازيو آهي. ساندهه ڪم ڪندو رهي ٿو، ٿَڪجڻ ۾ ويساهه نٿو رکي، اصلاح کيس خراب نٿي لڳي. باادب بانصيب آهي ۽ ان ڪري ئي مٿس تخليق جا دروازا کُلندا رهن ٿا. ايندڙ صفحن ۾ سندس ’فليش فڪشن تحريرون‘ اوهان تي ان ڳالهه جي تصديق ثابت ڪري وينديون، جيڪو مون هتي عرض ڪيو آهي.
مالڪ کيس نوازيندو رهي. دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف رب ڪريم جو محتاج رهي ۽ سنڌي علم و ادب کي ائين ئي پنهنجي پاران سوکڙيون ارپيندو رهي-آمين.
ننڍڙا آخوند عباسَ، توکي تنهنجي خانوادَي کي هن خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي.