مچ ڪچهري
(چار منظر)
ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ڪرڙ (ماستر)
وسو (هاري)
منظر پهريون:
سنجها جو وقت، مچ ڪچهريءَ دوران، رسولي سامهون ويٺل ماستر ڪرڙ کي چيو، ”ها سائين ڪرڙ ڪريو خبر چار...“
ڪرڙ، ”سائين تعليم بابت ڏاڍي ڳڻتي اٿم. ڪلاسن ۾ رکيل ڪڻڪ کي سُرو پيو لڳي ۽ ٻاهر سيءَ ۾ پڙهندڙ ٻارن ۽ اسان ماسترن کي اصل سُرو چنبڙيو وڃي، پڙهائي ڏاڍي متاثر آهي.“
ايتري ۾ ڪچهريءَ ۾ موجود هاري وسوءَ ڳالهايو، ”سائين ڪرڙ، اڄڪلهه سُري جي لاءِ نئون پائوڊر مارڪيٽ ۾ آيو آهي، ڪمدار کي کڻي انهيءَ جو ڏس ڏجي ته جيئن وڏيري جي ڪڻڪ به بچي پوي ۽ اوهين به سُک سان پڙهائي سگهو.“
ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)
جمال (شاگرد)
منظر ٻيون:
مچ ڪچهري لاءِ سڀ ويٺل..
جمال سان مخاطب ٿيندي رسولي چيو، ”ابا تون ڏي خبر.. تنهنجو نوڪريءَ لاءِ ڪو کُر پيرُ لڳو يا..؟؟ ۽ هن نوڪريءَ واري امتحان ۾ پاس ٿئين ڀلا؟“
جمال واڇ کي ڦيرائيندي وراڻيو، ”سائين نوڪري ته پري جي ڳالهه، اسان غريبن کي پاس به ڪٿي ٿا ڪن..!“
ايتري ۾ ابن ڳالهايو، ”جمال بابا، انٽر ڪيل اٿئي نه؟ ڀلا انٽر ۾ ڪهڙا سبجيڪٽ آهن؟؟“
جمال ڳيتون ڏيندي بڙ بڙ ڪندي چيو، ”نوڪري ۾ اهو ٿوري ٿا پڇن، بس پئسا ڦينڪ تماشا ديک..!“
ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)
منظر ٽيون:
مچ ڪچهري، سنجها جو وقت، معمول مطابق سڀ گڏ ٿيل، رسولو الاءِ ڪهڙي ڳڻتيءَ ۾ ڳري رهيو هو. پنهنجي منهن وِڦلندي نيٺ ڪجهه لفظ ڏاڍيان ڳالهايائين ۽ ويٺلن سان مخاطب ٿيو، ”ڏاج جي ڏچَي هڻي نياڻين جون زندگيون تباھه ڪري ڇڏيون آهن. سمجهن ٿا ته رسولي وٽ آهن لک، سو سڀئي پنهنجي اڪيلي ڌيءَ کي ڇوڙي ڏيندو. ويٺي هجي ڇوري پوءِ جيڪو هوندس نصيب..! اڃا پٽ جي شاديءَ ۾ ٿيل خرچ جو ئي خال ڪونه ڀريو آهي.“
رسولي ۾ اکيون کپائي ويٺل ابن، سندس ڳالهين کي ڪجهه گهڻو ئي غور سان ٻڌي رهيو هو. نيٺ چئي وڌائين، ”سائين رسولا، سيٺ گودو ويچارو اڃا تائين قرض کان آجو نه ٿيو آهي... چوي ٿو ته پهرين به دڪان گروي رکي نياڻيءَ جو بار لاٿو اٿم... هاڻ آئون پنهنجي ٻي به نياڻي اوهان جي ٻئي پٽ کي ڪونه ڏئي سگهندس.“
ابن جا لفظ رسولي کي مُڏي تلوار جا ڌڪ ٿي لڳا. رسولو پنهنجي منهن کي لوئي ۾ لڪائڻ ۾ لڳي ويو ۽ ڪچهريءَ تي سڪتو تاري ٿي ويو.
ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)
ڪرڙ (ماستر)
وسو (پورهيت)
منظر چوٿون:
اڄ مچ ڪچهري نه پر ماحول ۾ مچ ٻريل هو. ڪنڌ جهڪائي اچي ويٺل ابن، وهندڙ لڙڪن سان پنهنجي انگوڇي کي پُسائي رهيو هو... ابن لاءِ روئڻ جو نه پر جذباتي ٿي آسمان مٿي تي کڻڻ جو مقام هو، پر ڪتاب کوڙ چٽيا هئائين، خوب خبر هئس ته قرض مرض آهي، ماري پوءِ ڇڏيندو آهي.
بهرحال سامهون ويٺل رسولي کي سبب جي خبر هئي، ان لاءِ دلاسو ڏيڻ گوارا نه پئي سمجهيائين... هُونءَ به پڇتاءَ جي ڳوڙهن کي وهڻ ڏجي ته ڀلو..
ايتري ۾ ابن جي موبائل تي ماستر ڪرڙ جي فون ڪال آئي، موبائل ڪن تي رکي ڌيمي آواز ۾ ڳالهڻ لڳو، ”ڏسو، سمجهايوس ته جنهن عزت سان نڪتي آهي. ان ئي عزت سان موٽي اچي. مون بخش ڪيومانس..چئوس ته خدارا ماڻس واري ساڳي غلطي پاڻ نه ورجائي.“