آخوند محمد عباس

Author Name

آخوند محمد عباس هالا پراڻا جي علم ۽ ادب جي گھِواري، قديم آخوند خاندان جيڪو حضرت قبلا مرشدنا غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي وقت کان هالا پراڻا ۾ ديني و دنياوي علم جي خدمت ڪري رهيو آهي، ان خاندان ۾ 20 فيبروري 1992 تي پيدا ٿيو. آخوند محمد عباس سٺو ليکڪ، نعت خوان، شاعر، چترڪار ۽ راڳي آھي. پنھنجي ڏاڏي مرحوم سائين الحاج ولي محمد آخوند رح، پنھنجي والد عبدالواحد آخوند صاحب، پنھنجن چاچن آخوند يار محمد ۽ آخوند محمد ۽ پنھنجي ناني ڊاڪٽر عبدالقيوم ’زخمي‘ جن جي درسَ، ڄاڻ ۽ تربيت ملڻ سان سوچ کي فڪر جو داڻو ملندو رھيس.
تعليمي سلسلو ميٽرڪ تائين ھهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاء اسڪول هالا پراڻا مان ۽ ماسٽرس ’اڪنامڪس‘ ۽ ’ايل ايل بي‘ تائين جي تعليم يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو مان حاصل ڪيائين.
نعت خواني ۽ چترڪاريءَ جو شوق ننڍپڻ کان رهيو اٿس. 2015ع ۾ باقائدگي سان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سوشل نيٽ ورڪس جي ذريعي دوستن جي حوصلا افزائي ۽ سنڌ جي ڪجهہ مشھور شخصيتن جي ادبي رهنمائي ۽ سرپرستي نصيب ٿيس، جن ۾ ڊاڪٽر محمود مغل ، محمد حبيب سنائي، مرحوم سوز هالائي، ثاقب ابڙو، حُسين سرور ۽ ٻيا مھربان شامل آهن. 2016 ع جي شروعات کان اخبار روزاني ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش گئلريءَ‘ ۾ ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ منهنجا مختصر افسانا ڇپجڻ لڳس ۽ مختصر افسانن يعني فليش فڪشن جو مجموعو ”آخوند جا افسانا“ 2020ع ۾ امرتا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي آخوند محمد عباس جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


آخوند محمد عباس جا ڪتاب

اڌورا اڌما، سھيڙيندڙ : آخوند محمد عباس

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اڌورا اڌما
سھيڙيندڙ : آخوند محمد عباس
آخوند جا افسانا، مصنف : آخوند محمد عباس

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آخوند جا افسانا
مصنف : آخوند محمد عباس
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ