سمجهاڻيون
ڳوٺ ۾ هڪ کُليل ميدان آهي، جتي بيٺل پراڻن وڻن تي ڪجهه رحم ڪيو ويو آهي.. اتي مٽيءَ جي دڙي تي، لٺ جي سهاري ويٺل جهونڙي ڌراڙ تي پريان نظر پئي، جيڪو سامهون ويٺلن کي ڄڻ سمجهاڻيون ڏئي رهيو هجي... ويجهو وڃي ڪن ڏئي سندس درس ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم.
”بابا اعجاز.. جذبات کي کڻي ڇڏ، ايئن گهر ڇڏي نه وڃ، ماڻهين جو ئي خيال ڪر... ٿڌائي رک طبعيت ۾.. چوندا ناهن، ٿڌو گهڙو پاڻهين پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکي...۽ جاويد.. پٽ، ساهرا اصل گهر نه اٿئي، غيرت انسان جو اصل زيور آهي.. پنهنجا فيصلا پاڻ ڪر... اسلم.. تون ته سلجهيل آهين پٽ... تون ڇو ٿو بابي امڙ کي اڪيلو ڪري وڃي شهر ويهين؟“
ڇا ته درد هو جهوني جي ڳالهين ۾...
ان کان به وڌيڪ ڌڪ مون کي ٻيو لڳو هو، جڏهن پڇيومانس؛ ”چاچا هي ته اوهان جا پٽ ناهن.. هنن بي زبانن کي اوهان جي ڳالهين جو ڪهڙو احساس؟؟“
اوڇنگارون ڏيندين وراڻيائين؛ ”هي به ته ننڍڙا ڪري نپايا اٿم، ڊپ ٿو ٿئيم.. هي به نه پٽن وانگر ڇڏي وڃن..“