ماني وئي گهر
رمضان جي بهاني ماسي صفوران جي چلهه تي ٻنپهرن جو ته ماني نه پڪي... پر شام ٿيندي ئي پتڪڙن چپڙن تي بک جي صدا اڀري... صفوران ٻچن جو رخ مسجد ڏانهن ڪيو ته من ڪي اهو به ٻن مانين جو اٽو بچي پوي. سانجهي ٻانگ تائين مسجد مان ايندڙ مانين جي خوشبوءِ سندن اڌ بک لاهي ڇڏي.. مغرب جي آذان اچي بس ٿي، پر هنن کي ٻه گراهه ڪي ڇڪي تاڻي نصيب ٿا. جماعتين جي وڃڻ مهل ٿانوَ ميڙيندڙ همراهه کي ٻار بک بک ڪري ڦري آيا... ٻارن جو اصرار ڏسندي، پاسي ۾ ٽوپي لاهيندڙ هڪ جماعتيءَ ٻارن کي طنزيه چيو، ”بابا ماني وئي گهر... هلو هتان هاڻ شاباس...“
ٻار به ڊوڙندا گهر پهتا... ”امان امان... مسجد وارن ماني موڪلي آهي... ڏي اسان کي هاڻ.“ جيجل پهرين ته پريشان ٿي پر پوءِ لاچاريءَ مان وراڻيائين؛ ”ٻچا اوهان ويهو، آئون ماني پچائي ٿي ڏيانوَ... مسجد واري ماني پاڻ کان به وڌيڪ غريبن جي گهر وئي آهي.“