ڪھاڻيون

آخوند جا افسانا

ھن ڪتاب جو سرجڻھار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شھر هالن جو سھڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونہ ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. آخوند جي افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن.جنھن ڳالھہ کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالھہ کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهہ اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو.

Title Cover of book آخوند جا افسانا

منهنجو تعارف

منهنجو تعارف
]ليکڪ پاران[

الحمدلله، هالا پراڻا جي علم ۽ ادب جو گھِوارو، قديم آخوند خاندان جيڪو حضرت قبلا مرشدنا غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي وقت کان هالا پراڻا ۾ ديني و دنياوي علم جي خدمت ڪري رهيو آهي، ان خاندان ۾ 20 فيبروري 1992 ۾ اک پٽيم.
پنهنجي ڏاڏي محترم مرحوم حضرت قبلا سائين الحاج ولي محمد آخوند رح، پنهنجي والد محترم قبلا سائين عبدالواحد آخوند صاحب، پنهنجن چاچن محترم سائين آخوند يار محمد صاحب ۽ محترم سائين آخوند محمد صاحب ۽ پنهنجي نانا محترم ڊاڪٽر عبدالقيوم ’زخمي‘ جن جا درسَ، ڄاڻ ۽ تربيت ملڻ سان سوچ کي فڪر جو داڻو ملندو رهيو آهي.
تعليمي سلسلو ميٽرڪ تائين شهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاء اسڪول هالا پراڻا مان ۽ ماسٽرس ’اڪنامڪس‘ ۽ ’ايل ايل بي‘ تائين جي تعليم يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو مان حاصل ڪيم.
نعت خواني ۽ چترڪاريءَ جو شوق پڻ بچپن کان رهيو آهي، جنهن سلسلي ۾ به تخليقون دوستن سان اڪثر ونڊيندو رهندو آهيان.
2015ع ۾ باقائدگي سان لکڻ جو آغاز ڪيم ته سوشل نيٽ ورڪس جي ذريعي دوستن جي حوصلا افزائي ۽ سنڌ جي ڪجهه مشهور شخصيتن جي ادبي رهنمائي ۽ سرپرستي نصيب ٿي. جن ۾ محترم قبلا ڊاڪٽر محمود مغل صاحب، استاد محترم محمد حبيب سنائي صاحب، محترم مرحوم سوز هالائي صاحب، برادرم ثاقب ابڙو صاحب، حُسين سرور ۽ ٻيا مهربان شامل آهن.
2016 جي شروعات کان اخبار روزاني ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش گئلريءَ‘ ۾ ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ منهنجا مختصر افسانا ڇپجڻ ۽ هي ڪچو ڦڪو کارو کٽو مجموعو اوهان صاحبن جي هٿن ۾ اچڻ منهنجي لاءِ ۽ مهنجي رهبرن لاءِ سرهائيءَ جو باعث آهي.
آئون ائين ٿو سمجهان ته لکڻ به اصلاحي/ سڌي راھه جوڙڻ جي مثل آهي. جنهن راھه کي ليکڪ قلم جي ڪوڏر سان ٺاهي ٿو ۽ لفظن جا ڌڪ هڻي سندس خدوخال ڪڍي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
چوندا آهن، ’جتي باھه ٻري اها جاءِ سڙي.‘ منهنجي آڏو به حقيقي راهون سماجي سُورن، مذهبي انتها پسندين ۽ حق تلافيءَ جي زلزلن سان ڦاٽي رهيون آهن. سو مون به اڏولن جي دور جي هڪ مُڏي ڪوڏر کڻي هڪ سنهڙو پيچرو ٺاهڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. شل اگهامي پوي.
منهنجي مالڪ، خالق، الله عزوجل جا وڏا وڙ ٿيا، جو پنهنجن خزانن مان منهنجي ننڍڙي ذهن ڏانهن هنن خيالن جي آمد جو رستو جوڙيائين ۽ کين لفظن جي روپ ۾ توهان صاحبن تائين پهچائڻ ۾ پڻ وسيلو ڪري ڏنائين... الحمدلله رب العالمين.
آئون قارئين حضرات کي ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته براءِ ڪرم منهنجن مختصر افسانن جو وسيع سوچ ۽ ٿڌي دماغ سان مطالعو فرمائين ۽ اعتراض يا غلطين جي صورت ۾، مون ادب جي ننڍڙي شاگرد جي اصلاح ڪرڻ فرمائين ۽ پنهنجي راءِ ضرور ڏيڻ فرمائين ته شاڪر رهندس.

آخوند محمد عباس
پهرين جنوري 2020ع
هالا پراڻا