ڪھاڻيون

سُک وَندِي

انجنيئر عبدالوھاب سھتي ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب مان او ھينري، ليو ٽالسٽاءِ، فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن، موپاسان، عزيز نيسن، چراغ حسن حسرت، غلام عباس، قدرت الله شھاب، گلزار ۽ سيد گلزار حسنين جون چونڊ 24 ڪھاڻيون، هن ڪتاب ”سُک ونديءَ“ ۾ آنديون آهن، ۽ انهن سڀني ڪھاڻين کي سلوڻِي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. انھن ڪھاڻين بابت ڇا چوئجي! ۽ ترجمي جي ٻوليءَ بابت ڇا لکجي! سھتو صاحب ڪھاڻين ۾ بہ ڀَڙُ، تہ ٻوليءَ جو بہ وينجهارُ. سندس مھارت ۽ ڪماليت ترجمي ۾ آشڪار آهي.

  • 4.5/5.0
  • 40
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سُک وَندِي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق انجنيئر عبدالوھاب سھتي پاران ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪھاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”سُک وَندي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
انجنيئر عبدالوھاب سھتي ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب مان او ھينري، ليو ٽالسٽاءِ، فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن، موپاسان، عزيز نيسن، چراغ حسن حسرت، غلام عباس، قدرت الله شھاب، گلزار ۽ سيد گلزار حسنين جون چونڊ 24 ڪھاڻيون، هن ڪتاب ”سُک ونديءَ“ ۾ آنديون آهن، ۽ انهن سڀني ڪھاڻين کي سلوڻِي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. انھن ڪھاڻين بابت ڇا چوئجي! ۽ ترجمي جي ٻوليءَ بابت ڇا لکجي! سھتو صاحب ڪھاڻين ۾ بہ ڀَڙُ، تہ ٻوليءَ جو بہ وينجهارُ. سندس مھارت ۽ ڪماليت ترجمي ۾ آشڪار آهي.
ھي ڪتاب ڏاھپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون رياضت ٻرڙي ۽ انجنيئر عبدالوھاب سھتي جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

انتساب

پڙھڻ جي شروعات ڪھاڻين ۽ سفرنامن سان ڪئي. تنھن دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ سفري ڪالم، فقط الطاف شيخ صاحب ئي لکندو ھيو، جيڪي ڇپبا به ھيا ۽ ڪتابي صورت ۾، نوَن پڙھندڙن تائين پڄندا به ھيا. انھن کان متاثر ٿي، ڪچو ڦڪو لکڻ به شروع ڪيم، جيڪا عادت، پڙھڻ سان گڏ، اڃا تائين برقرار آھي. الطاف شيخ صاحب سٺو لکندڙ آھي. وٽس نئين ۽ اڻ ڏٺل ڳالھ، لفظن ۾ سمجھائڻ جو وڏو ڏانءُ آھي. ڊائري؛ ’الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان‘ ۽ پھاڪن جا ڪتاب؛ Proverbs Of Far East، ’رٺي آھي گھوٽ سان‘ پڻ لکيا اٿائين. انھن صنفن کان علاوه پرڏيھي ڪھاڻيون ۽ ناول پڻ، اتان جي ٻولين منجھان سڌو سنئون ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا اٿائين. جيئن ’پيار جي گُهٽَ‘، ’ٻارن جون آکاڻيون‘، ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘، ’ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘، ’سوزيءَ سان پيار‘، ’اناميڪا‘، ’خدا ڏي خط‘، ’مس سدا بهار چنبيلي‘ ۽ ’ٽوڪيو جي گيشا گرل‘ (ناول) وغيره. ٻاھرين دنيا جي معاشرن ۽ سماجن کي سولي سنڌيءَ ۾ سمجھائڻ سبب، سندس سنڌي ادب ۾ بي انتھا ۽ لازوال خدمتون آھن. ٻوليءَ جي واڌ ويجھ جي تاريخ، سندس ڪيل ڪم کي ساراھڻ کان سواءِ اڻپوري رھندي. جيئن ته ھيِ پورھيو پڻ ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪھاڻين جي ترجمي تي مشتمل آھي، ان ڪري مناسب ٿيندو ته ان جو انتساب به سنڌي ٻوليءَ جي اھڙي خدمتگار جي نالي منسوب ڪجي.

مان پنھنجو ھيءُ پورھيو، الطاف شيخ صاحب کي ارپيان ٿو.


- انجنيئر عبدالوهاب سهتو

پيش لفظ

ڪھاڻي ته هر ماڻهوءَ جِي آهي، ڪا مختصر، ته ڪا طويل! ڪا ڏکن ۾ ڏڌل، ته ڪا سکن سان سرشار! ڪا وقفي دوران وندر، ته ڪا جنگ و جدل سان ڀرپور جُھد! ڪا پيار جِي پُڪار، ته ڪا نفرت جو ڀڀڪو! ڪا زندگيءَ جو ذرو، ته ڪا موت جِي جَجهائي!

ڪھاڻي ته ساهدارن جِي به آهي! ڪھاڻي گدڙ جِي به آهي، ته شينھن جِي به! ڳجهه جِي به آهي، ته ڳيري جِي به! ڀنئور جِي به آهي، ته ڀنڀوريءَ جِي به! مانگر جِي به آهي، ته پَلي جِي به! ۽ ڪھاڻي نِمُ جِي به آهي، ته ڪِرڙ ۽ ڪانڊيري جِي به!

ڪھاڻي فطرت جِي به آهي! ڌرتيءَ، چنڊ، سج، ستارن، ڪَتين، جُهرمٽن، ٽيڙُن، خلا ۽ آسمان جِي ڪھاڻي! هوا، باهه، پاڻيءَ، کنوِڻ، انڊلٺ ۽ جُهڙ جِي ڪھاڻي! جهنگ، برپٽ، صحرا، سمنڊ، درياءَ ۽ ڏونگر جِي ڪھاڻي!

ڪھاڻي ته مادي، شَڪتيءَ ۽ وقت جِي به آهي!

ڪھاڻي سَچ ۽ ڪَچ جِي به آهي، ٻولي ۽ گونگائپ جِي به آهي، اجرڪ ۽ اوگهڙ جِي به آهي، خوشبوءِ ۽ بدبوءِ جِي به آهي، ته بُوءِ جِي به آهي!

ڪھاڻي دينُ ۽ ڌرم جي به آهي، ته ڪُفر جِي ڪيفيت جي به!

ڪھاڻي تُنھنجِي، منھنجِي، هِن جِي، هُن جِي، اُن جِيِ، ڪنھن جِي، سڀ جِي آهي! جي، ڪا به ڪھاڻي ناهي، ته اُها به ڪھاڻي آهي!

ڪھاڻي چَؤڏسا آهي! اها هيٺ-مٿي، اندر-ٻاهر، هر هنڌ آهي! ان ڪري ڪھاڻي اڳُ به هئي، هاڻي به آهي ۽ آئنده به هوندي! اها ماضي، حال ۽ مستقبل آهي! ڪا ڪھاڻي لکِي وئي آهي، ڪا لکجي پئي ۽ ڪا اڃا لکجڻي آهي!

ڪھاڻيون سوين، هزارين، لکين لکيون ويون آهن. ڪا مون لکِي، ڪا تو لکِي، ته ڪا عبدالوهاب لکِي! ۽ ايئن... بنھه ايئن، ڪا ڪھاڻي او هينري، لِيو ٽالسٽاءِ ۽ فرينڪ آر. اسٽاڪٽن لکِي، ڪا ڪھاڻي موپاسان ۽ عزيز نيسن لکِي، ته ڪا ڪھاڻي چراغ حسن حسرت، غلام عباس، قدرت اللھ شھاب، گلزار ۽ سيد گلزار حسنين به لکِي آهي! انهن لکيل انيڪ ڪھاڻين مان، ڏينھن-رات جي ڪلاڪن جيتريون، فقط ۲۴ ڪھاڻيون، هن ڪتاب ”سُک ونديءَ“ ۾ آنديون ويون آهن، ۽ انهن سڀني ڪھاڻين کي سلوڻِي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي انجنيئر عبدالوهاب سَھتي.

سھتي صاحب جِي هاڻي ته ادبي طور تي پَڪي ۽ پُختِي سڃاڻ پھاڪن ۽ چوڻين تي گهڻي ۾ گهڻو ڪم ۽ تحقيق ڪندڙ محقق جي آهي، پر سندس پڙهندڙن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته هُن ادبي دنيا ۾ اول اول ڪھاڻيڪار طور ئي پاڻ کي مڃرايو هو ۽ ساندهه ٽي ڪتاب سندس ڪھاڻين جا ڇپيا هئا: ”هراس“، ”جڏهن بُت ئي چوي ڪافر“ ۽ ”هَٿ جِي وَڍِي“. ممڪن آهي ته اهي ٽئي ڪتاب سندس ”ڪھاڻي-ڪليات“ جي صورت ۾ ڇپجي اچن! بھرحال، ڀَلي ڳالهه آهي ته هُن تخليق کان پوءِ ترجمي ۾ به ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪئي آهي. انهن ڪھاڻين بابت مان ڇا چوان! ۽ ترجمي جي ٻوليءَ بابت ڇا لکان! سھتو صاحب ڪھاڻين ۾ به ڀَڙُ، ته ٻوليءَ جو به وينجهارُ. سندس مھارت ۽ ڪماليت ترجمي ۾ آشڪار آهي. اميد رکجي ته هُو سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪھاڻين ۾ واڌارو ڪندڙ اِن سٺي سلسلي کي هلائيندو ايندو.

ساٿ سلامت،

ڊاڪٽررياضت ٻرڙو 
۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع، لاڙڪاڻو

سادا اکر

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪھاڻي ڪتاب ”ٻوڏ ۽ برسات“ جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ، ماھوار مئگزين ”ھمسري آنلائين“ حيدرآباد جي طرفان غلام نبي سومري صاحب فون ڪري، ڪتاب منجھ لکيل مھاڳ بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽  ”ھمسريءَ“ ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب پڻ ڏنائين. اول ته ڪا ڳالھ ڪا نه پئي سُجھي ته ڇا ڪجي ۽ ڇا موڪلجي؟ جو سندس زور، ان ڳالھ تي ھيو ته مضمون نه ٿا موڪلي سگھو، ته ڪھاڻيون ئي لکي موڪليو! اھا ٻي ڳالھ آھي ته پنھنجي دل، ٽيھارو سال اڳ، تخليقي ڪھاڻيون لکڻ کان ھٽي، پھاڪن ۽ چوڻين جي دنيا ۾ وڃي ڦاٿي ھئي. اھو موضوع وري ”ھمسريءَ“ ۾ ڇپجڻ جھڙو نه ڀانئيندي، ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪيم. جڏھن ٻئي دفعي فون آئي ته پوءِ ترجمو ٿيل ڪھاڻيون موڪلڻ لاءِ حامي ڀريم. ان کان پوءِ ”ھمسريءَ“ ۾ ھر مھيني ڪھاڻي، پنھنجي چونڊ ۽ چس سان، ترجمو ڪري موڪلڻ لڳس، جيڪا جيئن جو تيئن ڇپجندي به رھي. ھن مجموعي ۾ شامل لڳ ڀڳ سموريون ڪھاڻيون ماھوار ”ھمسري“ ۾ ڇپيل آھن. جڏھن ته ھارڊ ڪاپيءَ يا ڪتابي صورت ۾ اڳي ڇپيل ناھن. اھي پڙھندڙ، جيڪي آن لائين پڙھڻ جا عادي ناھن، تن جي دلچسپيءَ خاطر اھي ڪھاڻيون ڪتابي صورت ۾ پيش ڪجن ٿيون. 

ڪھاڻين جي ماخذن ۽ ليکڪن بابت سرسري ڄاڻ، پڙھندڙن جي دلچسپيءَ خاطر، ھيٺ ڏجي ٿي.

راقم جي پھرين پھرين، چونڊ جي نظر پئي وڃي، چراغ حسن حسرت (۱۹۰۴ع-۱۹۵۵ع) جي ڪھاڻين تي، جيڪو پنھنجي سر صحافي، ايڊيٽر، مضمون نگار، شاعر ھئڻ سان گڏ افساني نگار پڻ ھيو. نوَ کن افسانا، سندس ڪتاب ”دھوپ چھاؤں“ (ڇپيندڙ: نيشنل بڪ فائونڊيشن) ۾، مضمونن سان گڏ ڇپيل آھن، جتان سندس سموريون ڪھاڻيون ترجمو ڪري، ”ھمسري“ ڏانھن موڪليون ويون ھيون، جيڪي ھتي شامل ڪيون ويون آھن. افسانن جا ريختہ وارا نالا، ساڳيءَ معنيٰ سان برقرار رکيا ويا آھن. جھڙوڪ: الف ليلا کا نائي، اس کے پڑھني سے بہتسوں کا فائده ہوگا، سراغ رساني کا افسانہ، شاهجہان کي تصوير، قصہ سوتے جاگتے کا، لکڑي کي ٹانگ، کلو قانوني، کيلے کا چھلکا، کسان کا خواب، ايک عورت ۽ ايک تھا راجا. ھتي فقط لفظي ترجمي سان شامل ڪيل آھن.

نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان ڇپايل ڪھاڻي ڪتاب ”عالمي افسانے“ منجھان روسي ليکڪ ليو نڪولووف ٽالسٽاءِ (۱۸۲۸ع-۱۹۱۰ع) جو ھڪ افسانو ”پيالہ“ (Alyosha the Pot)، فرانسيسي ليکڪ گاءِ ڊي موپاسان (۱۸۵۰ع-۱۸۹۳ع) جا ٻه افسانا ”پچھتاوا“ ۽ ”نقلي ہيرے“ (The Diamond Necklace)، آمريڪي ليکڪ وليم سڊني پورٽر عرف او ھينري (۱۸۶۲ع-۱۹۱۰ع) جو ھڪ افسانو ”قصہ کيکٹس سٹي سے آنے والے ايک گاہک کا“ (The Buyer from Cactus City)، امريڪي ليکڪ فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن (۱۸۳۴ع-۱۹۰۲ع) جو ھڪڙو افسانو ”عورت يا شير“ (Lady or Lion) ۽ ترڪيءَ جي ليکڪ عزيز نيسن (۱۹۱۵ع-۱۹۹۵ع) جو ھڪڙو افسانو ”حقيقت يا خواب“ ترجمو ڪيا ويا آھن.

سنگ ميل پبليڪيشنز لاھور طرفان ڇپايل، گلزار (۱۹۳۶ع) جي لکيل افسانن جو مجموعو ”دھواں“ تان ٽي افسانه ”سانجھ“، ”ادھا“ ۽ ”کس کي کہاني“ ترجمو ڪيا ويا آھن. ٽنھي جو مواد، نيٽ تي رکيل مواد سان پڻ ڀيٽيو ويو آھي. غلام عباس (۱۹۰۹ع-۱۹۸۲ع) جو ”انندي“ ۽ قدرت الله شھاب (۱۹۱۷ع-۱۹۸۶ع) جا ”ماں“ ۽ ”اور عائشہ آ گئي“ نيٽ تان ئي کنيا ويا آھن. جڏھن ته قدرت الله شھاب جو اول الذڪر افسانو، سندس آپ بيتي ”شہاب نامه“ ۽ مؤخر الذڪر افسانو سندس افسانن جي مجموعي ”سرخ فيتہ“ ۾ پڻ شامل آھن.

سيد گلزار حسنين جو تعلق تحصيل ديپالپور، ضلع اوڪاڙه سان آھي. سندس لکيل افسانو ”جاگنگ ٹريک“ نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان ڇپايل، سندس افسانن جي مجموعي ”پتھر چہرے“ تان ترجمو ڪري شامل ڪيو ويو آھي.

اميد ته پڙھندڙ، پڙھڻ پڄاڻان، پنھنجيءَ راءِ کان آگاھ ڪرڻ نه وساريندا.


انجنيئر عبدالوهاب سهتو 

۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲ 
قنبر روڊ- لاڙڪاڻو

قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراھڪ جو - او ھينري

قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراھڪ جو - او ھينري

قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراھڪ جو
(آمريڪي ڪھاڻي)

ھيءَ ڪھاڻي ارڙھين صديءَ جي آخر ڌاري جي آھي، جڏھن آمريڪا جو ڪيڪٽس سٽي، مسين ۷۰ ھزار کن ماڻھن تي مشتمل، ھڪڙو ننڍڙو شھر ھيو. ھن شھر اندر، صرف ھڪڙو وڏو اسٽور ھيو، جيڪو Navarro & Platt جي نالي سان مشھور ھيو ۽ گھڻ-ماڙ تي مشتمل ھيو، جتان شوقين عورتن ۽ مردن لاءِ اعليٰ ڪوالٽيءَ جو سامان مليو ٿي. ڪيڪٽس سٽيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ ويھارو ھزار سرنديءَ وارا ماڻھو، ھن اسٽور ۾ وڃي، دل تي پنھنجو ڌن خرچيندا ھيا.
مسٽر ناواڙو Mr. Navarro ھن اسٽور جو سينيئر ڀائيوار ھيو، جڏھن ته نوجوان ۽ ڇڙو ڇانڊ John Platt ھن جو جونيئر ڀائيوار ھيو.
ھر سال بھار جي مند جي منڍ ۾ مسٽر ناواڙو، ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ سفر ڪاٽي، سامان خريدڻ لاءِ نيويارڪ ويندو ھيو. مگر ھاڻي ٻه سال کن ٿيندا جو وڏي عمر ھئڻ سبب، ھو ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو ھيو. تنھنڪري ايندڙ سال جي بھار جي مند کان ٿورو آڳاٽو، ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي جونيئر پارٽنر جان پلئٽ کي چيو؛
”ڏس جان! ھاڻ مان ڪراڙو ٿي ويو آھيان، تنھنڪري ھن سال نيويارڪ، سامان وٺڻ لاءِ، تو کي وڃڻو پوندو.“
جان بيزاريءَ منجھان چيس؛ ”نيويارڪ! آھي ته گوناگون، ٿڪائي ڇڏيندڙ ۽ بي رونق شھر، پر اوھان زور ٿا ڀريو ته پوءِ مان ئي ھليو ويندس.“
ٿورن ڏھاڙن پڄاڻان جان، ھڪ بھترين ۽ خوبصورت ٽيڪساس جو روايتي سوٽ پايون، لوئر براڊ وي ۾ واقع Zibbaun & Son جي شاندار شو روم منجھ داخل ٿيو ھيو. شو روم جي مالڪ، جنھن جون نظرون عقابي ۽ يادادشت ھاٿيءَ جھڙي ھئي، جان کي پري کان ئي سڃاڻي ورتو ۽ وڏي گرمجوشيءَ سان اڳتي وڌي کيس ڀليڪار ڪرڻ بعد چيو؛
”تو کي ڏسڻ سان ئي سمجھي ويو ھيس ته ھن سال ٿڪائي ڇڏڻ وارو ڪم، منھنجي جھوني دوست، تنھنجي حوالي ڪيو آھي. چڱو! پھرين اھو ٻڌاءِ ته مون وارو يار ڪيئن آھي؟“
”ھان! اھو بلڪل ٺيڪ آ ۽ تو لاءِ خاص طور سلام ڏنا ھيائين.“
زبان زز ZibbaunZizz مرڪي، ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائينس؛ ”جان! ڪاروباري ڳالھيون ته پيون صبحاڻي ٿينديون. ٻيو ته شو روم به بند ٿيڻ وارو آھي. تنھن ھوندي به اڄ مان مٿئين فلور تي تو کي صرف نئين فيشن جا جوڙا ٿو ڏيکاريان، جيڪي اڄ ئي آيا آھن.“
مٿئين فلور تي ويندي، زز ھڪ ڪلارڪ کي چيو ته؛ ”مس آشر کي ته مٿي موڪلجانءِ!“
جيئن ئي جان، مس آشر کي ڏٺو ته ڏسندو ئي رھجي ويو. سندس دل جو دھڪو تيز ٿي ويو. ھو ائين بيھجي ويو جيئن پاھڻ جو بت بڻيو، پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺو ھجي ۽ سندس اکيون، ڇنڀجڻ بنا مس آشر کي ئي تڪي رھيون ھيون. جان کي ائين، پاڻ ڏانھن ڏسندي، گھڙي پلڪ لاءِ ته مس آشر شرم ۾ ٻڏي وئي. ھوءَ زز جي ٽاپ ماڊل سيلز گرل ھئي. سندس ڪم ھيو ته گراھڪ کي مال جا تفصيل ٻڌائي ۽ خاص خاص جوڙن جا ڪوٽ، ھينگرن تان لاھي، پاڻ پائي ڏيکاري. مس آشر پنھنجي سونھري وارن ۽ خوبصورت چھري ۽ پنھنجي ڊگھي ھاٺيءَ سان گڏ، ھڪ وڏي پر ڪشش ڇوڪري ھئي. کيس زز جي شو روم ۾ ڪم ڪندي ٻه سال ٿيا ھيا. ٻيو ته ھوءَ پنھنجو ڪم، چڱيءَ طرح سان ڄاڻندي ھئي. ڪڏھن به ائين نه ٿيو ھيو ته گراھڪ ھٿين خالي موٽي ويو ھجي.
اچانڪ زز چيو؛ ”جان، مردن جا ڪجھ جوڙا ته تو ڏٺا، ھاڻ مس آشر تو کي شھزادين جا ڪجھ گائون ڏيکاريندي، جيڪي ھلڪن ڦلڪن رنگن ۾ آھن ۽ توھان جي علائقي جي آبھوا جي لحاظ کان ڏاڍا آرامده رھندا.“ اھو چوندي زز، ھڪڙي گائون ڏانھن اشارو ڪندي چيو؛ ”مس آشر، ھن کان شروع ڪر!“
مس آشر، ڦڙتيءَ سان اھو گائون کڻي ڊريسنگ روم ڏانھن وئي ۽ جھٽ پلڪ ۾ اھو گائون پائي ٻه چار وکون، پنھنجي سھڻي جسم کي لوڏيندي، واپس ڊريسنگ روم ڏانھن ھلي وئي ۽ ڦٽاڦٽ ھڪڙو ٻيو گائون پائي آئي. اھو سلسلو لڳ ڀڳ ٽيھارو کن منٽ ھليو. جان تي سحر واري ڪيفيت طاري ھئي. ڪڏھن ھن گائون کي پئي ڏٺو ته ڪڏھن صرف مس آشر کي، جنھن ھن جي ذھن ۾ ھڪڙو عجيب مانڌاڻ مچائي ڇڏيو ھيو. جڏھن ڊسپلي ختم ٿيو ۽ جان خاموش ٿيو بيٺو رھيو ته زز کي ڳڻتيءَ ورايو ته ڪٿي سندس گراھڪ ڪنھن ٻئي شو روم ۾ اھڙيون ڊريسون ڏسڻ جي باري ۾ ته ڪو نه پيو سوچي. پوءِ اچانڪ زز جو آواز آيو؛
”جان! تو کي ڇا وٺڻو آھي. اھو فيصلو ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ناھي. چڱو آ ته تون رات جو سوچجانءِ ۽ صبحاڻي فيصلو ڪجانءِ. البته مان اھو ضرور چوندس ته اسان جي ڪوالٽيءَ جھڙو سامان، سو به اسان وانگر مناسب اگھ تي سڄي نيويارڪ ۾ ڪنھن ٻئي ھنڌ نه ملي سگھندو. ٻيو ته مان اھو به سوچيو پئي ته تو جھڙي وضعدار نوجوان کي نيويارڪ جھڙي خشڪ ماحول ۾ بيزاري پئي محسوس ٿيندي ھوندي. ڇا تون ان ڳالھ کي پسند ڪندين ته ڪا سٺي ۽ سھڻي ڇوڪري، رات جي مانيءَ تي تو سان گڏ ھجي. مان سجھان ٿو ته مس آشر جھڙي پياري ڇوڪري تو سان گڏ ھجي ته ڀلو رھندو.“
جنھن وقت زز اھي ڳالھيون ڪري رھيو ھيو ته ان وقت مس آشر ڊسپلي ڪري، ھيٺ وڃي چڪي ھئي.
”مگر، ھوءَ ته مون کي سڃاڻي به ڪا نه!“ جان چيو.
زز پنھنجي ٿلھن ڀِروونئن کي تاءُ ڏئي چيو؛ ”ھوءَ بلڪل سڃاڻندي، جڏھن مان کيس مناسب طريقي سان چوندس.“ اھو چئي ھن ٿورو وڏي واڪي مس آشر کي رڙ ڪري سڏيو.
جڏھن ھوءَ آئي ته زز معنيٰ خيز نگاھن سان مُرڪي کيس چيو؛ ”ٻڌ! مس آشر، جان جو ھتي ڪو به سنگتي ساٿي ڪونھي. جيڪڏھن تنھنجي ڪا خاص مصروفيت ناھي ته ھو چاھي ٿو ته اڄ شام ڊنر تي ان جو ساٿ ڏي.“ اھو چئي، زز ھيٺ ھليو ويو.
مس آشر، جھٽ پلڪ لاءِ ڇت ڏانھن ڏسي، مرڪي چيو؛ ”بلڪل! مان ھلندس، اھا ته مون لاءِ فخر جي ڳالھ آھي.“
شام جو ستين بجي، ٻئي براڊ وي ريسٽورنٽ جي ھڪ ميز تي ويٺا ھيا. مس آشر کي، ڪاري رنگ جو اسڪرٽ پاتل ھيو، جنھن ۾ ھوءَ اڃا وڌيڪ سھڻي پئي لڳي. جڏھن جان، مس آشر کان مشورو ڪري، ڊنر جو آرڊر پئي ڏنو ته مس آشر کي چيائين؛ ”ڇا توھان ڪجھ ڊرنڪ لاءِ گھرائڻ پسند ڪندئو؟“
جواب ۾ مس آشر، دلفريب مرڪ سان چيس؛ ”مان ڊراءِ مارٽيني وٺڻ پسند ڪندس.“
جڏھن ويٽر، ڊراءِ مارٽينيءَ جو گلاس رکي ھليو ويو ته جان، ڪچھريءَ جي شرعات ڪرڻ لاءِ چيس؛ ”مس آشر! اوھان جو پورو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجا ويجھا دوست، مون کي ھيلن چوندا آھن.“
”ھيلن ڏس! مان ھاڻي پنھنجي باري ۾ ٿوريون عجيب پر دلچسپ ڳالھيون ٿو ٻڌايان. ڪجھ سالن کان، جڏھن به ڪيڪٽس سٽي ۽ ان جي اوس پاس بھار جي مند ايندي آھي ته ھر ڏِسا رنگارنگي گل ڦل نکري پوندا آھن. ان وقت مان پنھنجي دل ۾ عجيب قسم جي خمار چاڙھيندڙ ڪيفيت محسوس ڪندو آھيان ۽ ڪنھن اھڙي ساٿيءَ بابت پيو سوچيندو آھيان جنھن سان ڪڏھن مليو نه ھجان، ڪڏھن کيس ڏٺو نه ھجي، نه ڪڏھن سندس باري ۾ ڪنھن کان ٻڌو ھجي. نه وري اھو ته ھوءَ ڪير آھي، ڪاٿي آ جنھن کي منھنجي دل پئي ڳولي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن منھنجي دل چوندي آھي؛ ھوءَ مون کي اوچتو ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندي. پوءِ وري ائين ئي ٿيو ته اڄ جڏھن مون تو کي ڏٺو ته منھنجيءَ دل چيو ته اھا تون ئي آھين، جنھن جي مون کي ڳولا ھئي.
وري تو جڏھن پھريون دفعو مون ڏانھن ڏٺو ھيو ته مون کي تنھنجي اکين ۾ ٿوري عجيب چمڪ نظر آئي ھئي، جنھن مان مون محسوس ڪيو ته تو کي مون سان ملڻ، ڀلو لڳو ھو. ھاڻ منھنجي ڳالھ ڌيان سان ٻڌ! مان صبحاڻي موٽيو ٿو وڃان ۽ تون مون سان گڏ ھوندينءَ. پنھنجي انھن جذبن جي تو کي پڪ ڏيارڻ خاطر، اڄ جڏھن مان تو کي وٺڻ، تنھنجي اپارٽمينٽ ڏانھن پئي آيس ته رستي مان، مون تنھنجي لاءِ ھڪڙو تحفو پڻ ورتو آ.“
اھو چئي، جان پنھنجي کيسي مان ھڪڙي ٻن قيراطن جي ھيري واري منڊي ڪڍي، ھيلن ڏانھن وڌائي. ھيلن، اتي جو اتي، پنھنجي فورڪ سان جان ڏانھن موٽائي ڇڏي ۽ ٿورو سخت لھجي ۾ چيائينس؛ ”تون پاڻ فيصلو ڪرڻ وارو ڪير آھين؟“
”ھيلن ڏس! مان ھڪ لک ڊالرن کان وڌيڪ جي حيثيت وارو ماڻھو آھيان. مان تو کي ڪيڪٽس سٽيءَ ۾ ھڪڙو خوبصورت گھر ٺھرائي ڏيندس.“
”منھنجا عزتدار ’گراھڪ‘، تون مون کي خريد ڪري نه ٿو سگھين، ڀلي کڻي تنھنجي حيثيت ڏھ لک ڊالرن کان به وڌيڪ ڇو نه ھجي. جڏھن مون تو کي پھريون دفعو ڏٺو ھيو ته مون محسوس ڪيو ھيو ته تون ٻين گھڻن اچڻ وارن گراھڪن کان مختلف ھوندين، مگر ھاڻي سمجھيم ته تون به ٻين مرد گراھڪن وانگر آھين، جيڪي اھو سمجھندا آھن ته جيڪي ڇوڪريون انھن سان ڪمپنيءَ جي طرفان ڊنر تي اينديون آھن، سي ويڪائو مال وانگر آھن.“
جان، سڌو ٿي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. ھڪ ڊگھو ساھ کنيائين. پوءِ چيائينس؛ ”ڇا تنھنجو مطلب آھي ته تون ائين جڏھن ڪمپنيءَ طرفان خاص گراھڪن سان ٻاھر ويندي آھين ته اھي سڀ تو سان ان قسم جون ڳالھيون ڪندا آھن، جيئن مون تو سان ڪيون آھن؟“
”ھا! اھي سڀ وڏا وڏا ڊاڙ ڊش ھڻندا آھن. قيمتي ھيرن جواھرن جون ڳالھيون ڪندا آھن. تو ۾ ۽ انھن ۾ صرف ھڪڙو فرق آھي ته ھو فقط ڳالھيون ڪندا آھن، مگر تون ھيري جي منڊي ھٿ ۾ کنيون آيو آھين.“
جان مرڪندي چيس؛ ”تنھنجي ڳالھ ٻڌي، مون کي ٿورو قرار ٿيو ته مان ٻين گراھڪن کان ٿورو گھڻو بھتر ماڻھو ثابت ٿيو آھيان. چڱو ھاڻي ائين آھي ته صبحاڻي مان اوھان جي اسٽور تي پھچي، ھڪڙي گاڏي خريد ڪندس ۽ تو کي ساڻ ڪري ڪيڪٽس سٽي روانو ٿيندس.“
اتي اچانڪ ھيلن ڳالھ کي ڪٽيندي چيس؛ ”بس بس! پليز! ختم ڪر! مان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آھيان.“
ماني کائڻ پڄاڻان، جڏھن ٻئي اپارٽمينٽ جي دروازي تي پھتا ته شب بخير چوندي، جان ھيلن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھيلن پنھنجي پوري وِتَ سان، پنھنجي کليل ھٿ جي تريءَ سان، جان کي ڳٽي تي زمائتي ٿڦڙ وھائيندي چيو؛ ”آخر، آھين نه تون به انھن منجھان ھڪ.“
پنھنجي ڳٽي کي مھٽڻ لاءِ، جيئن ئي جان پنھنجو رومال ڪڍيو ته ان سان گڏ ڪا شيءِ نڪري دروازي جي فرش تي ڪري پئي. جان، نِوڙي کڻي ورتي ته ھيلن چيس؛ ”معزز گراھڪ! پنھنجي ڪِنَ جھڙي منڊي ته کنيئي، ھاڻي پيرن ڊاھڻ جي به ڪر!“
”نه! ھيءَ ساڳي منڊي نه ھئي.“ جان، پنھنجي تري کوليندي چيس؛ ”ھيءَ ته وھانءَ جي لاءِ، مون سون جي منڊي ورتي ھئي.“
ھيلن، حيرت وارين اکين سان وھانءَ واري منڊيءَ کي ڏسندي چيس؛ ”ڇا! واقعي! تنھنجو اھو ئي ارادو ھيو؟“
انھيءَ اپرانڌ، ڪنھن اپارٽمينٽ جو دروازو کولي ڇڏيو.
”شب بخير! ھاڻ صبحاڻي اسٽور تي ملاقات ٿيندي.“ اھو چوندي، جان ڦڙتيءَ سان تڪڙيون وکون کڻندي، واپس موٽي آيو.
مس آشر، ڊوڙي ڏاڪڻيون چڙھندي، زور سان پنھنجي ڪمري جو دروازو اچي کوليو ۽ پنھنجي ساٿياڻي ايما، جيڪا ستي پئي ھئي، تنھن کي ڌونڌاڙي جاڳايو. ايما گھٻرائجي پڇيس؛ ”ھيلن! ڇا ٿيو آھي؟ ڪاٿي باھ لڳي آ ڇا؟“
مس آشر چيس؛ ”نه! ڪنھن ٻئي ھنڌ نه لڳي آھي، صرف منھنجي دل ۾ لڳل آھي.“
ايما چيس؛ ”ڪيڪٽس سٽي، وينيزولا ۾ ھڪڙو ننڍڙو زرعي شھر آھي، جتي زلزلا ايندا رھندا آھن. گھڻو تڻو، اتي حبشي ۽ باندر رھندا آھن. اتي مليريا جو تپ عام آھي ۽ ٻيو ته اتي آتش ٻرندڙ جبل به جام آھن. مگر ھيلن! اھو سڀڪجھ تون ڇو ٿي پڇين، سو به اڌ رات جو ھن بيگاھ وقت.“
”مون کي انھن ڳالھين جي ڪا به پرواھ ناھي.“ مس آشر، وڏي جوش سان جواب ڏيندي چيس؛ ”سڀاڻي مان پنھنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ، سدائينءَ لاءِ اتي پئي وڃان.“

***

(سنڌي روپ: سيد ارشاد وارث جي ڪيل اردو ترجمي تان)

پيالو - ٽالسٽاءِ

پيالو - ٽالسٽاءِ

پيالو
(روسي ڪھاڻي)

”اليوشيا“، ننڍي ڀاءُ جو نالو ھيو. سڀئي کيس ”اليوشيا“ ئي ڪوٺيندا ھيا. ليڪن ھڪ ڏينھن جي ڪرڻي ھيءَ ٿي جو امڙ کيس ڪنھن پاڙيواريءَ جي گھر، کير پھچائڻ لاءِ موڪليو ته واٽ تي ٿاٻو کائيندي، پاڻُ سنڀالي نه سگھيو ۽ ڀڳل پيالي سان گھر موٽي آيو. ان ڏينھن اليوشيا تي گھر ۾ موچڙا پيا ۽ جڏھن ھو ٻاھر نڪتو ته گھٽيءَ جي ٻارن به مٿس ھيڙھو ھيڙھو شروع ڪري ڏنو؛ ”پيالو! پيالو! اليوشيا پيالو!“ ان ڏينھن کان اليوشيا تي نالو، پيالو پئجي ويو.
اليوشيا جا ڪَنَ، سندس چھري جي ڀيٽ ۾ وڏا ھيا. اھڙا وڏا ڪَنَ، جن کي ڏسي لڳندو ھيو ڄڻ ڪو وڏو پکي پَر ٽيڙي، اچي سندس ڪنن تي ويٺو ھجي. ڳوٺ ۾ ھڪڙو اسڪول ھيو، ليڪن پڙھڻ اليوشيا لاءِ مشڪل ڪم ثابت ٿيو. ٻيو ته وٽس وقت به نه ھيو. سندس وڏو ڀاءُ شھر ۾ ھڪڙي واپاريءَ جي گھر ۾ نوڪر ھيو. اھو ئي سبب ھيو جو جنھن ڏينھن کان اليوشيا پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ھيو، ان ڏينھن کان گھر جو ڪم ڪار به شروع ڪري ڇڏيو ھيائين. ڇھن سالن جي عمر ۾، پيءُ جي سمورين ٻڪرين جو رکوالو بڻجي ويو ۽ ٿورڙن ڏھاڙن ۾ کيس ڏينھن رات گھوڙن جي نظرداريءَ تي لڳايو ويو. ٻارھن سالن جي عمر جو ٿيندي ئي ٻنين ۾ ھر ڪاھڻ ۽ گھوڙي گاڏيءَ تي شھر کان سامان آڻڻ جا فرضَ سر انجام ڏيڻ لڳو. سندس چھري تي ھر وقت تازائي ۽ سرھائي رھي پئي. پاڙي جا ٻارڙا مٿس کلون ڪندا ھيا ته ھو ماٺ ڪيو کين پيو ڏسندو ھيو يا وري پاڻ به پيو ٽھڪ ڏيندو ھيو. اگر پيءُ ناراض ٿيس ته ڪنڌ جھڪايون ويٺو سندس ڇڙٻون ٻڌندو ۽ جڏھن ابي جي دل جو اوٻر نڪري ويندو ته سنھي مشڪ چپن تي آڻي، پنھنجي ڪم کي وڃي چنبڙندو.
جڏھن اليوشيا اوڻويھن سالن جو ٿيو ته سندس وڏي ڀاءُ کي، جبري ڀرتيءَ وارا وٺي ويا. اليوشيا کي ٻڌايو ويو ته ھاڻ کيس شھر وڃي، پنھنجي ڀاءُ جي جاءِ تي نوڪري ڪرڻي آھي. ٻئي ڏينھن کيس، وڏي ڀاءُ جا وڏا جوتا پارايا ويا ۽ شھر وٺي وڃي تاجر آڏو پيش ڪيو ويو. تاجر کي اليوشيا جا نرم نقشَ ۽ نازڪ ھٿ پير، ڪم لاءِ ناموزون لڳا.
”مان پئي سمجھيو ته سائمن جي جڳھ تي مون کي سٺو نوڪر ملي ويندو.“ تاجر کيس نھن کان چوٽيءَ تائين ڏسندي چيو؛ ”ھيءُ منھنجي ڪھڙي ڪم جو آ؟“
”ھيءُ ھر ڪم ڪري سگھي ٿو.“ اليوشيا جي پيءُ، ٽَڏندي چيس؛ ”ڏھن ڇوڪرن جي جاءِ تي ھيءُ اڪيلو ڪافي آھي. ڪمزور لڳي ٿو پر اوھان کيس ٿڪائي نه سگھندئو.“
”خير! اھا ته خبر پئجي ويندي.“ تاجر، ھڪ دفعو ٻيھر اليوشيا کي غور سان ڏٺو.
”ٻيو ته موٽائي ورندي ڏيڻ، ھن سکي ئي ناھي. وس پڄيس ته سڄي ڄمار بنا کاڌي کائڻ جي ڪم ڪندو رھي.“
”ڏسي وٺنداسين!... ڇڏي وڃينس..!!“ تاجر، بي رُخايءَ سان چيس.
اھو اليوشيا جي نئين زندگيءَ جو آغاز ھيو.
تاجر جي آڪھ وڏي نه ھئي. ٻڍڙي امڙ ۽ زال کان علاوه ٻه پٽ ھيس، جن مان ھڪڙو تعليمي سرگرمين ۾ اڳتي ته ٻيو وري دنياوي معاملن ۾ ڀڙ ھيو. مڙني کان ننڍي ڌيءَ ھيس، جيڪا ھاءِ اسڪول جي آخري درجي ۾ ھئي.
منڍ ۾ اليوشيا، ڪنھن کي ڪو نه وڻيو. ھو ھاريءَ جو ٻار ھيو ۽ ھنن کي اڃا تائين سندس وجود، مٽيءَ سان ڀڀوت لڳي رھيو ھيو. ھن جو لباس ڏسي، ائين لڳندو ھيو ڄڻ ھن پورو جسم ھڪ چادر سان ڍڪي ڇڏيو ھجي. کيس مذھبي ماڻھن سان ڳالھائڻ جو ڍنگ ئي نه ايندو ھيو ۽ ھو معزز ماڻھن جي ڪچھريءَ وارن گفتن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کان اڻڄاڻ ھيو. بھرحال، ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، تاجر جا گھر-ڀاتي، اليوشيا جا ھيراڪ ٿي ويا. آخرڪار، ھن جي ڪسرتي طبيعت، سندن ھيانءُ ٺاري ڇڏيو. کين ڄاڻ ٿي وئي ته ھو ڪنھن ڪم يا ڪنھن ڳالھ تان چڙي نه ٿو. موٽائي ورندي نه ٿو ڏئي. ھڪ ڪم پورو ٿيندي ئي، بنا ساھيءَ جي ٻيو ڪم شروع ڪيو ڇڏي. آھستي آھستي، تاجر جي سڄي گھر جو ڪم، اليوشيا جي حوالي ٿي ويو. جيتري تيزيءَ سان ھو پنھنجون ذميواريون نڀائيندو ويو، ايتري تيزيءَ سان سندس ذميوارين ۾ واڌارو ايندو ويو. ھو الل فجر، سجاڳ ٿيندو ھيو ۽ ھڪ مَنو ٿي ھر ڪم نبيريندو ويندو ھيو. تاجر جي زال، ان جي ماءُ، ڌيءُ، پٽ، نوڪرياڻي ۽ بورچي، سنھن ٿلھن ڪمن جي سلسلي ۾ ھن کي ئي ھيڏي ھوڏي پيا ڀڄائيندا ھيا. ۽ ھيءُ، صبح کان شام تائين، چوگام ڦيراٽا کائيندي پيو نظر ايندو ھيو.
کيس سڄو ڏھاڙو، ھن قسم جا گفتا ٻڌڻا پوندا ھيا:
”اليوشيا! ڊڪ ۽ وڃي ھن کي ھتي وٺي آءُ!“
”ٿورو ھن جو خيال ڪجانءِ اليوشيا!“
”موٽ تي ھن ڏانھون به ٿيندو اچجانءِ، ٻيو...“
”اھو نه ٻڌان ته تو کان وسري ويو.“
”ھا! ھا! اھو به ضروري آ!“
اليوشيا، مڙني جي ٻڌندو، ياد رکندو، مشڪندو ۽ ھڪ پٺيان ٻيو ڪم ڪندو ويندو. ڪجھ ڏھاڙن پڄاڻان، اليوشيا جا ڊگھا جوتا ڇڄڻ لڳا ۽ ھنڌئون ھنڌئون سندس کڙين ۽ پٻن جي کل نظر اچڻ لڳي. تاجر، کيس جوتن جو نئون جوڙو گھرائي ڏنو. نوان جوتا ڏسي، اليوشيا جو چھرو ٻھڪڻ لڳو. ليڪن نون جوتن، سندس پراڻن پيرن کي ٿڏي تي پنھنجو نه ڪيو. شام تائين جوتن جي لڦن بيحال ڪري ڇڏيس. کيس اھو به ڊڄ ھيو ته نئين جوتي جا پئسا سندس پگھار مان ڪاٽيا ويندا ۽ جڏھن سندس پيءُ سندس پگھار وٺڻ ايندو ته مٿس ڏاڍو خفي ٿيندو. ڪجھ ڏھاڙن کان، سندس پيءُ کيس ساندھ تنبيھ جي تاھوت لايو بيٺو ھيو ته؛ پنھنجا جوتا، ڏاڍو تڪڙا پيو گسائين، ٿورو احتياط ڪر!
اليوشيا، منھن-آنڌاري اٿي، چلھ لاءِ ڪاٺيون گھڙيندو، اڱڻ ۽ ٻاھرئين پڌر جي صفائي ڪندو، گھوڙن جو راتب ۽ ڳئن لاءِ گاھ پٺي جي ڪندو، چلھ ۾ باھ مچائيندو، سڄي گھر جا جوتا چمڪائيندو، ڌڻيءَ جا ڪپڙا ڇنڊي اس تي وجھندو، ڀتيون ۽ فرنيچر اگھندو، وري بورچيءَ جي چوڻ تي سودو سلوھ وٺڻ لاءِ بازار جو رخ ڪندو يا نوڪرياڻيءَ جي ھدايت تي ٿانءَ ڌوئڻ لڳندو. انھن کان واندو ٿيو ته کيس ڪنھن جي نالي جي چٺي چپاٺي ڏئي، شھر جي ٻئي حصي ۾ موڪليو ويندو ۽ اتان موٽندي ننڍي ڌيءُ کي اسڪول مان آڻڻ جي ذميواري پڻ سونپي ويندس. تنھن جي باوجود ڪير نه ڪير چئي ڏيندس؛ ”اليوشيا! خدا جا ٻانھا! ... ڪاٿي آھين!.. اڇا! ... ھاڻي اجھو وڃ! .. ٻيو.. ...“ ۽ اليوشيا، تڙي کڙي ويندو ۽ سچتائيءَ سان نئين ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو.
واندڪائيءَ جي گھڙي مليس ته ان دوران مانيءَ تي ٻوڙ ٿڦي کائيندو. اگر ان دوارن به ڪو ڪم مٿس اچي پيو ته مانيءَ جو رول ٺاھي، ھٿ ۾ کنيو پنھنجي ھدف ڏانھن وٺي ڊوڙندو. نوڪرياڻي کيس مانيءَ جي وقت تي نه پھچڻ جي ڪري دڙڪا ڏيندي، ليڪن سندس مجبوريءَ تي ترس کائي اھا به سندس لاءِ ٿورو ڪجھ بچائي به رکي ڇڏيندي ھئي.
اليوشيا، گھڻو تڻو چپ ۾ ھوندو ھيو. جڏھن کيس ڳالھ ڪرڻي ئي پئجي ويندي ھئي ته ھو جملن بجاءِ لفظن ۾ پنھنجي مراد ٻڌائيندو ھيو. اگر ڪير کانئس پڇندو ته؛ ”تون فلاڻو ڪم ڪري سگھندين؟“ ”ڇو نه!“ ھيءُ جواب ڏيندو ۽ اڳلي جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳي ڪم ۾ جنبي ويندو. کيس ڪا دعا ياد نه ھئي. ننڍپڻ ۾ ماڻس کيس ٿوريون ٿڪيون دعائون رٽايون ھيون، جيڪي وقت جي وٿيءَ سان دل جي فرھيءَ تان ميسارجي ويس.
اھڙيءَ طرح اليوشيا، ٻه سال گذاري ڇڏيا. پوءِ اھڙي ڳالھ ٿي جو جيڪا سندس زندگيءَ ۾ اڳي ڪڏھن نه ٿي ھئي.
اليوشيا کي ڄاڻ ھئي ته ھر ماڻھوءَ کي ٻين ماڻھن جي ضرورت ھوندي آھي. ڪنھن نه ڪنھن سطح تي ھڪ ٻئي جي ڪم ايندا آھن. ان ڪري دنيا اندر، انسانن جا انسانن سان تعلقات قائم آھن. اھا ڳالھ اليوشيا جي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھئي ته صورتحال اھڙي به ٿي سگھي ٿي، جو ماڻھو چاھي ته ڪو ٻيو ساڻس گڏ رھي، جڏھن ته کيس ٻئي کان ڪو ئي ڪم به وٺڻو نه ھوندو آھي.
انسانن جي وچ ۾، اھڙو به تعلق ٿي سگھي ٿو! اھو اليوشيا جي لاءِ انڪشاف ھيو ۽ ان ڳالھ جو ڪشف، کيس تانيا جي ذريعي ئي ٿيو. تانيا، ان نوجوان ۽ يتيم ڇوڪريءَ جو نالو ھيو، جيڪا تاجر جي گھر ۾ نوڪرياڻيءَ طور ڪم ڪندي ھئي. اھا به اليوشيا وانگر محنتي طبيعت جي ھئي ۽ کيس اليوشيا جي يڪسوئيءَ تي جھٻو ايندو ھيو. کيس ڏسي، اليوشيا کي پھريون دفعو محسوس ٿيو ته دنيا ۾ ڪو اھڙو به آھي جنھن کي ھن جي ڪم جي نه بلڪ سندس جند جي ضرورت آھي. ٻاروتڻ ۾ جڏھن اليوشيا جي امڙ ساڻس ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي ھئي ته ھو حيران نه ٿيندو ھيو. ھو ڄاڻندو ھيو ته سموريون مائرون، پنھنجن ٻچڙن سان پيار ڪنديون آھن. ليڪن تانيا ته کيس حيران ڪري ڇڏيو ھيو. سندس اليوشيا سان ڪو به سڱ بند نه ھيو مگر پوءِ به ھوءَ سندس لاءِ مکڻ سان مکيل ماني، سانڍي رکندي ھئي. اليوشيا، سڻڀي ماني کائيندو ھيو ته ھوءَ سندس سامھون ويھي چپڙي ڪري کيس ڏسندي رھندي ھئي. انھيءَ دوارن اليوشيا جون نظرون ساڻس ملنديون ھيون ته ھوءَ اڻ-لکو کلڻ لڳندي ھئي. جھٽ پلڪ لاءِ اليوشيا ڇرڪي ويندو ھيو ۽ وري پاڻ به کلڻ لڳندو ھيو.
اھا صورتحال وري ايتري ته انوکي ۽ پر ڪيف ھئي جو منڍ ۾ ته اليوشيا ڊنل ڊنل ھيو. کيس وھم ٿي پيو ته ھو ھاڻي اڳي واري ڦڙتيءَ سان ڪم نه ڪري سگھندو. تانيا سندس حياتيءَ منجھ اھا دري کولي ھئي، جتئون ھن پھريون ڀيرو گل ۽ پوپٽ اڏامندي ڏٺا ھيا. ان کان اڳي به کيس اھي شيون ڪٿي نه ڪٿي نظر اينديون رھيون ھيون، مگر واندڪائي نه ھئڻ جي ڪري ھو کين چڱيءَ طرح چتائي ڏسي نه سگھيو ھيو. ڪم دوران، جڏھن سندس نظر پينٽ جي ان حصي تي پوندي ھئي، جيڪو تانيا وڏي مھارت سان رفو ڪيو ھيو، ته کانئس بي اختيار نڪري ويندو ھيو؛ ”مھرباني! تنھنجي تانيا!“
جڏھن به ممڪن ٿي سگھيو، ٻنھي ھڪٻئي جي مدد ڪئي، کليا ۽ ننڍپڻ جا واقعا ورجايا. تانيا کي ڳالھين ڪرڻ جو شوق ھيو. اليوشيا کي ٻڌايائين ته ڪھڙيءَ طرح ٻالڪپڻ ۾ ھن پنھنجي والدين کي، ھڪٻئي پويان، مرندي ڏٺو ۽ پوءِ ھوءَ ڪيئن پنھنجي ماسيءَ وٽ پھتي. اليوشيا ٻڌو ھيو ته ڳوٺان ڪم جي تاڙ ۾ شھر آيل ڇوڪرا، گھڻو ڪري گھرو نوڪرياڻين سان پرڻجي ويندا آھن. ھڪ دفعي تانيا، اليوشيا کان پڇيو ته؛ ”تنھنجي پيءُ جو تنھنجي شاديءَ جي باري ۾ ڪھڙو ارادو آھي؟“
”خبر ناھي!“ اليوشيا ڪلھا لوڏي جواب ڏنو ھيس؛ ”بھرحال، ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ته مشڪل آ.“
”ته تو کي ڪا پسند آھي؟“ تانيا، مشڪندي پڇيس.
”مان، تو سان پرڻبس!“ اليوشيا، ھارين واري سُتيءَ ۾ پيل چٽي ڳالھائڻ کان ڪم وٺندي چيس؛ ”تون ڪندينءَ!؟“
”اڙي! ٻڌو! پيالو مون سان پرڻبو!“ اھو چئي، تانيا سندس سادگيءَ ۽ دليريءَ تي کلڻ لڳي. وري ھڪدم سنجيده ٿي چيائينس؛ ”ڇو نه! اليوشيا! ڇو نه!“
ھفتي کان پوءِ اليوشيا جو پيءُ، ھن جي پگھار اڳاڙڻ، شھر آيو. تاجر جي زال تائين خبر پڄي چڪي ھئي ته اليوشيا جي مغز ۾ تانيا سان پرڻجڻ جي اڻتڻ گھر ڪري وئي آھي. ھن مڙس کي اڳواٽ ئي ھوشيار ڪري ڇڏيو ھيو؛ ”پرڻي کان پوءِ ڪا به ڇوڪري ايتري محنت نه ٿي ڪري سگھي. ٻارن سان گڏ تانيا، اسان لاءِ بيڪار ٿي ويندي.“
تاجر، اليوشيا جي پگھار سندس پيءُ ڏانھن وڌائي ته ھو سدا وانگر چھڪي پيو؛ ”مون وارو نينگرڙو ڪيئن ٿو ڪم ڪار ڪري؟ نھڪر ته ھو ڄاڻي ئي نه!“
”جيستائين ڪم جو تعلق آھي،“ تاجر سنجيده لھجي ۾ چيس؛ ”مون کي ڪا شڪايت ڪانھي. مگر ھو اسان جي نوڪرياڻيءَ سان پرڻجڻ جا خواب پيو ڏسي، سو اسان لاءِ فائدي وارو نه ٿيندو.“
”اڙي! ھن جي اھا ھمت!“ اليوشيا جي پيءُ حيرت مان چيو. وري گھڙي سوا جي چپ کان پوءِ پوري اعتماد واري لھجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”اوھان ڪا به ڳڻتي نه ڪيو! مان اھو معاملو ختم ڪري پوءِ ويندس.“
جڏھن اليوشيا، ڪو ڪم پورو ڪري، اُڀَ-ساھو گھر پھتو ته پڻس سندس ئي انتظار ۾ ويٺو ھيو.
”مان تو کي سمجھ وارو ۽ ڀاڳ وارو سمجھندو ھيس! ليڪن... ھي سڀ ڇا آھي؟“
”ڪجھ به ناھي..... ھيءُ ته.... ڪجھ به ناھي.“
”ڇا ڪجھ ناھي؟ پرڻي جو خيال دل مان لاھي ڇڏ! جڏھن اھو وقت آيو ته مان پاڻ تو کي پرڻائيندس.... ڪم وارين ماين کان.... شھر جي مڪار ماين کان پري رھ! سمجھيئه؟!“
پڻس چڱي دير تائين کيس ترش لھجي ۾ مھميز ڏيندو رھيو ۽ ھيءُ ڪنڌ جھڪايون ٻڌندو رھيو. جڏھن ھو ماٺ ٿيو ته اليوشيا جي چھري تي ساڳي مشڪ پکڙجي وئي.
”ته پوءِ؟“ پڻس جو لھجو سواليه ھيو؛ ”مان اھو معاملو ختم سمجھان؟“
”جي ھا!“ اليوشيا ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
جڏھن پڻس موٽي ويو ته تانيا ڪمري ۾ گھڙي. ھن پردي پٺيئون سڄو لقاءُ ٻڌو پئي. سندس نيڻ ڀنل ھيا.
”اسان کي اھو معاملو ختم سمجھڻ گھرجي.“ اليوشيا، نرميءَ سان چيس.
تانيا، ڇپر ڇلڪايا ته ٻه ڳوڙھا ڳلن تان ڳڙندا، نيسارا ٺاھيون ھليا ويا.
اليوشيا نيڻ کڻي ڏٺس، گھرو ساھ کنيائين ۽ مئل آواز ۾ چيائينس؛ ”ڇا ڪجي.... سڀ ناراض ٿا ٿين... وسارڻو ئي پوندو.“
رات جو سمھڻ کان اڳي، گھر جو دريون بند ڪرڻ دوران، جڏھن ھو وڏي سمھڻ واري ڪمري ۾ گھڙيو ته تاجر جي زل کيس ڏسندي ئي چيو؛ ”پيءُ سان مليين؟ ھاڻ سڀ ڪجھ وساري، ڪم ۾ دل لاءِ.“
”لڳي ٿو ته وسارڻو ئي پوندو.“ اليوشيا، مشڪي چيس ۽ يڪدم ڀِتِ ڏي مھڙ ڪري روئڻ لڳو. اھو ڏينھن، اھو ڏيھاڙو، اليوشيا وري نه تانيا جو نالو ڳڌو. ھو اڳي کان به وڌيڪ ڪم ۾ مصروف رھڻ لڳو.
سياري جي ھڪ صبح، کيس ڇت تان برف لاھڻ لاءِ چاڙھيائون. ھو برف جا ڍير ڪندو، ريڙھي ھيٺ اڇليندو ويو ۽ ٿوري دير ۾ سڄي ڇت اگھي ڇڏيائين. ان کان پوءِ ھو روشندانن جي ڇاڄن تي ڄميل برف ريڙھڻ لاھڻ جيئن ئي جھڪيو ته پير کسڪي ويس ۽ ھيٺ اچي ڪريو. سندس ھيٺيون ڌڙ، برف جي ڍير ۾ گچندو ويو، ليڪن سندس ڪياڙي لوھي جھنگلي سان ٺا ٿي وئي. ڪرڻ پڄاڻان ھو اٿي بيٺو، پر اتي جو اتي ڪنڌ ڍاري برف تي سمھي پيو. تاجر جي ڌيءَ ۽ تانيا ڊوڙي پھتس.
”اليوشيا! تون ٺيڪ آن! تو کي ڌڪ لڳو آ!“ ٻنھي جي آواز ۾ گھٻراھٽ ھئي.
”ھا! ٿورو ڌڪ لڳو آ!“ ھن ھيڻائيءَ سان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“
ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر، بيھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻيھر ناڪام ٿيڻ تي مٿو موٽائي برف تي رکي، مشڪڻ لڳو.
کيس ماڻھن جي مدد سان کڻي، ھنڌ تي اچي ليٽايائون. ڊاڪٽر معائني کان پوءِ کانئس پڇيو؛ ”ڪھڙي ھنڌ ٿو سور محسوس ڪرين؟“
”ھر ھنڌ!“ ھن ھيڻائيءَ سان چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“
ٿوري دير کان پوءِ ھن اکيون پٽيون ۽ چيائين؛ ”روشندانن جي برف رھجي وئي.... ابي کي گھرائي وٺو.“
اليوشيا ٻن ڏينھن تائين ھنڌ ڀيڙو رھيو ۽ ٽئين ڏينھن ھنن پادريءَ کي گھرائي ورتو.
”تون مري رھيو آھين اليوشيا؟“ تانيا جو لھجو سواليه ھيو.
”اسان سدا رھڻ لاءِ ته ڪو نه ٿا اچون!“ اليوشيا فطري صاف گوئي سان جواب ڏنو؛ ”ھڪ ڏينھن مرڻو به ھوندو آھي.“ وري چند لمحن جي ماٺ پڄاڻان چوڻ لڳو...؛ ”ٻيو ڏٺئي! اھو به ڀلو ٿيو. ھنن اسان کي پرڻجڻ نه ڏنو. ھاڻ ڪيڏو نه افسوس ٿئي ھا.“
ھو جھيڻائيءَ سان پادريءَ جا چيل لفظ دھرائيندو رھيو. کيس خيال پئي آيو ته جيڪڏھن ماڻھو سڀني جي ڳالھ مڃيندو رھي ۽ ڪنھن کي ناراض نه ڪري ته نھايت اطمينان سان حياتي گذاري ٿو.
”اگر ھتي ائين ٿئي ٿو.“ ھن سوچيو؛ ”ته ھُن جھان ۾ به ائين ئي ٿيندو ھوندو.“
ھن گھڻيون ڳالھيون نه ڪيون. بس رکي رکي پاڻي پئي گھريائين. پوءِ اوچتو ھو ڪنھن خيال ۾ ڇرڪي ويو. ائين لڳو ڄڻ ڪا ڳالھ کيس حيران پئي ڪري. اکين ۾ ڦھلجندڙ حيرت سان گڏ ھن گھرو ساھ کنيو، ڄنگھون ٻانھون سڌيون ڪيون ۽ پيالا ڪري ويو.
***
(سنڌي روپ: صغير ملال جي ڪيل اردو ترجمي تان)

شينھن ڪن ڇوڪري - فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن

شينھن ڪن ڇوڪري - فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن

شينھن ڪن ڇوڪري
(آمريڪي ڪھاڻي)

پراڻي زماني جي ڳالھ آھي ته ھڪ نيم وحشي دراوڙ راجا، ونڌيا جبل تان، ھِن پارَ جي ڏيھ تي حڪمراني ڪندو ھيو. سندس رڳن ۾ ھندستان جي آڳاٽن دراوڙن جو رت ڊوڙندو ھيو، جنھن مان اڃا تائين وحشت جي ڌَپَ نه مُئي ھئي. جڏھن ته ھو بنگال، اوڌ ۽ وچ ھندستان جي کشتري راجائن جي پڄڻ لائق ۽ آريه ورت جو پاڙيسري ھيو. انھيءَ پاڪ پاڙي، سندس خيالن کي به متاثر ڪري ڇڏيو ھيو. جنھنڪري ھو سخي به ھيو ته چيڙاڪ به ھيو، آزاد خيال به ھيو ته پراڻين وحشي رسمن جو پابند پڻ ھيو. سندس طبيعت، گھڙيءَ تولو، گھڙيءَ ماسو ھئي. مگر سندس حڪم، اٽل ھوندو ھيو.
ھو راجا ھيو. ڇڙواڳ ھيو. تنھنڪري پنھنجي خيالن کي، جڏھن ۽ جھڙي طريقي سان چاھيندو ھيو، عملي جامو پارائڻ ۾ دير نه ڪندو ھيو. کيس پنھنجي راءِ تي پورو ڀروسو ھيو. جنھنڪري ھو ھر ڪم، پنھنجي رضامندي سان سر انجام ڏيندو ھيو. جيتوڻيڪ ايوڌيا ۽ ڪپل وستوءَ جي عظيم الشان درٻارن وانگر، سندس ھڪ درٻار ھئي، جنھن ۾ ھن نيم وحشي رعيت منجھئون چڱا چڱا رتن ڪٺا ڪيا ھيا ۽ کانئن مشورو به وٺندو ھيو، مگر پنھنجي راءِ جي مخالفت کيس پسند نه ھئي. ڳالھ جي تائيد تي ڏاڍو گد گد ٿيندو ھيو، ليڪن اختلاف راءِ کي برداشت نه ڪندو ھيو. مخالفت جو خيال به، کيس پنھنجي درٻارين جي تمنائن کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ، ڪافي ھيو.
پاڙيسري قوم جي صحبت جي اثر، سندس جھالت کي ڪنھن حد تائين ڀڄائي ڇڏيو ھيو. پنھنجي ھمعصر سورمن جي بھادريءَ جي ڪارنامن جي مقابلي ۾ ھن به پنھنجي راڄڌانيءَ ۾ ھڪڙو تماش گاھ قائم ڪيو ھيو. انھيءَ تماش گاھ ۾ ھو انساني ۽ حيواني زندگيءَ جا نظارا ڏيکاري، نيم وحشي رعيت کي پنھنجي وقت جي تھذيب سان سينگارڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺندو ھيو. ليڪن انھيءَ تماش گاھ ۾ به سندس دلير وحشت ۽ کل مذاق جي پردي ۾ قِيس ڪرڻ، گڏجي ھڪ نئين جدت پيدا ڪئي ھئي. يعني اھو تماش گاھ ان لاءِ نه جوڙايو ويو ھيو ته ماڻھو اتي اچن ۽ گڏ ٿي ٻن تلواربازن کي وڙھندي ۽ آخر ۾ ھڪ کي ساڻو ٿي ساھ ڇڏيندي ڏسن يا ان جو جابولڻ ٻڌن. نه ئي وري ان لاءِ ته ھڪ خوني ھيبتناڪ درندي جي مقابلي ۾، ڪنھن بي دين راڪاس جو حشر ڏسي، عبرت حاصل ڪن. بلڪ ان تماش گاھ جي بنياد جو مقصد، انھن ڳالھين کان اڃا مٿي ھيو. جيڪو ھيءُ ھيو ته ماڻھن جي ذھني سگھ کي، اڃا وڌيڪ وڌايو ۽ مضبوط ڪيو وڃي.
تماش گاھ جو منڊپ، پنھنجي وڪڙدار ورانڊن، پر اسرار لڪل تھ خانن، منجھيل رستن کان به وڌيڪ اوکن لنگھن جي ڪري، شاعراڻي عدل ۽ انصاف جو ھڪڙو دلچسپ ذريعو بڻايو ويو ھيو.
جڏھن رعيت جو ڪو به فرد، اھڙو ڏوھي قرار ڏبو ھيو، جنھن سان خود راجا کي پڻ دلچسپي ھجي ته پڙھو ڏياريو ويندو ھيو؛ ’فلاڻي ڏھاڙي، فلاڻي ڏوھيءَ جي قسمت جو آخري فيصلو، شاھي ملاکڙي ۾ ٿيندو‘.
ملاکڙو، تماش گاھ جي وسيع منڊپ جو مناسب نالو ھيو. جيتوڻيڪ ان جي جوڙ جڪ، ڪنھن ڏورانھين تھذيب جو چورايل خاڪو ھيو. مگر راجا ان جي استعمال ۾ به نواڻ آندي ھئي. ڇو جو راجا آڳاٽي زماني جي ڪارنامن کي دقيانوسي خيالن کان وڌيڪ مان نه ڏيندو ھيو. ھيءُ پنھنجي ايجاد کي، مناسب ۽ ھر شخص جي لاءِ عمل جي قابل سمجھندو ھيو.
تٿ ٻڌل ڏھاڙي تي، جڏھن ماڻھو آکاڙي جي ويڪرن ورانڊن ۾ ڪٺا ٿيندا ھيا ته راجا به پنھنجي ٿلھن متارن ۽ اڌ-اگھاڙن درٻارين جي ڊنب سميت، نروار ٿيندو ھيو ۽ مڙني کان وڏي عدالت جي گديءَ تي وڃي ويھندو ھيو. چؤطرف سانت جو راڪاس گھمي ويندو ھيو. وحشياڻن نعرن جي وڏي گونج، چپڙا چپ ۾ مٽجي ويندي ھئي. ان وقت راجا اشارو ڪندو ھيو. سندس اشاري تي، گديءَ جي ھيٺين ڀت جو ھڪ دروازو کوليو ويندو ھيو ۽ ڏوھي، آکاڙي منجھ داخل ٿيندو ھيو.
راجا جي نڪ سامھون واري ڀت ۾ ھڪجھڙا ٻه بند دروازا ھوندا ھيا. ڏوھاريءَ مٿان فرض ھيو ته عدالت عاليه آڏو، اون آن ڪئي بغير، ڏانھُنِ وڌي ۽ منجھانئن ڪو ھڪ دروازو کولي.
دروازي جي چونڊ، ڏوھاريءَ جي پنھنجي خوشيءَ ۽ پسند تي ٻڌل ھوندي. ان ۾ نه مٿس ڪو زور بار رکبو ۽ نه وري ڪو ڏس پتو ڏبس. بلڪ ان معاملي ۾ فيصلو انتھائي عدل واري طريقي سان سندس قسمت تي ڇڏيو ويندو. ھڪڙو دروازو کلڻ تي خوفناڪ، ظالم ۽ بکيو شينھن نڪرندو. اھو شينھن، ان مقصد لاءِ اڳواٽ ڳولي اتي بيھاربو، جيڪو دروازي مان گجگوڙيون ڏيندو نڪرندو ۽ نِه-ھٿي بدنصيب ڏوھاريءَ تي ٽپو ڏئي، کيس چيري، ڦاڙي ۽ ماري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندو. اھا ئي انھيءَ ڏوھاريءَ جي سزا سمجھي ويندي.
جڏھن ڏوھاريءَ جي قسمت، اھڙو فيصلو ڪندي ته لوھي گھڙيال، ماتمي انداز سان وڄڻ شروع ٿي ويندا. آکاڙي جي ٻاھران چؤطرف، ڏھاڙيءَ تي گھرايل ماتمي، پنھنجي دردناڪ چيخن، سنکن ۽ بگلن جي راڙين سان، افسوس جو اظھار ڪندا. عام تماشائي ڪنڌ جھڪايون، غمگين صورت ٺاھي، آھستي آھستي گھرن ڏانھن موٽي ويندا. سندن دلين ۾ مقتول جي سونھن ۽ جوڀن يا بزرگيءَ ۽ عزت جا احساس، ويرون ٿي اٿندي نظر ايندا. ليڪن ڏوھاري، جڏھن ٻيو دروازو کوليندو ته منجھانئس ھڪ اڻ سامايل عورت، نڪري اچي سندس سامھون بيھندي. ان عورت جو انتھائي سھڻو ھجڻ لازمي ھوندو ۽ راجا ان کي پنھنجي سلطنت منجھان پاڻ چونڊيندو. ان عورت جو پرڻو، انھيءَ ڏوھاريءَ سان ڪيو ويندو. وري انھيءَ امر کي، ڏوھاريءَ جي بي گناھيءَ جو انعام سمجھيو ويندو.
انھيءَ حالت ۾ اھا پرواھ نه ڪبي ته ڏوھاريءَ کي اڳي به ڪا زال آھي يا نه. ڀلي ھو ڪنھن ٻي عورت کي تن من سان چاھيندو به ڇو نه ھجي. سگھرو ھجي يا ڇڙو، راجا پنھنجي ڏنل انعام جي مقابلي ۾، ڪنھن ٻي ڳالھ جو خيال ئي نه ڪندو.
پرڻي جا سنئوڻ ساٺ، ٿڏي تي، آکاڙي منجھ، راجا جي سامھون ادا ڪيا ويندا. راجا جي اشاري سان ترت ٻيو دروازو کلندو. ڊگھن وارن وارا پوڄاري، ڳائڻن ۽ نچڻ وارين ڪنوارين ڇوڪرين کي وٺيو، باجن واڄن سان ساڻ، انھيءَ جوڙي آڏو پھچندا. پرڻي جو ڪاڄ، وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو ويندو.
رسمن جي پڄاڻيءَ تي گھڙيال وڄندا. سمورا ماڻھو پنھنجي وحشي ناچ ٽپن سان خوشيءَ جو اظھار ڪندا ۽ بي گناھ ڏوھاري، پنھنجي نئين ڪنوار سان گڏ، گھر ڏانھن روانو ٿيندو. راھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، مٿن گل نڇاور ڪندا ويندا.
راجا جي عدالت جو، اھو ئي نيم مھذب فيصلو ھيو. انھيءَ طريقي تي عمل جي خوبي پڌري آھي. ڏوھي، ڪنھن به نموني اھو نه سمجھي سگھندو ھيو ته عورت ڪھڙي دروازي مان نڪرندي. ھو پنھنجي خاش خوشيءَ سان ھڪڙو دروازو کوليندو ھيو. کيس ان ڳالھ جي بلڪل ئي سڌ نه ھوندي ھئي ته مان ھاڻي پرڻبس يا مرندس.
ان کان اڳي جيڪي واقعا گذري چڪا ھيا تن ۾ شينھن ڪڏھن ھِن دروازي مان نڪرندو ھيو ته ڪڏھن ھُن دروازي مان. ٻيو ته اھي فيصلا ڀلا ته نه به ھيا پر اٽل پڻ ھيا. يعني اگر ڏوھي، پنھنجي پاڻ کي واقعي ڏوھي ثابت ڪندو ھيو ته اک ڇنڀ ۾ کيس سزا ملي ويندي ھئي ۽ اگر ھو معصوم ظاھر ٿيندو ھيو ته پوءِ ھو ان ڳالھ جو پابند ھيو ته، ھو ان کي پسند ڪري يا ناپسند، پر کيس راجا جي فيصلي مڃڻ کان آجائي ملي ئي نه سگھندي ھئي.
آکاڙو، ھڪڙو مشھور ھنڌ ھيو. جڏھن ڪُتِ خلق، ھڪ اھم فيصلي واري ڏينھن اتي ڪٺي ٿيندي ھئي ته کين ان امر جي بلڪل سُڌِ نه ھوندي ھئي ته ھو ھڪڙي ڏوھيءَ جو مرڻو ڏسندا يا پرڻو. اھا اڻ ڄاڻائي، سندن شوق جي جذبي کي اڃا اڀاريندي ھئي. تماشائي، جوش ۾ ۽ اٻھرا نظر ايندا ھيا. گھڻا ته پنھنجي دماغ کان ڪم وٺندي، ابتيون سبتيون قياس آرايون پڻ ڪندا ھيا. ليڪن انھيءَ فيصلي تي آڱر نه کڻندا ھيا. ڇو جو سندن خيال ۾ فيصلو، ڏوھيءَ جي پنھنجي ھٿن ۾ آھي.
ڌُن جي انھيءَ پڪي راجا جي ھڪڙي ڌيءَ پڻ ھئي، جيڪا سندس خيالن وانگر رنگين ۽ آراسته ھئي. ٻيو ھو قدرتي طور، پنھنجي ڌيءُ کي جڳ جھان کان بلڪ پنھنجي جان کان وڌيڪ پيارو ڀانئيندو ھيو.
سندس درٻارين ۾ ھڪڙو نوجوان پڻ ھيو، جيڪو راڄ جي ھڪڙي عزتدار قبيلي مان ھيو. ٻيو ته اھو ازل کان ٿيندو آيو آھي ته اڪثر درٻاري نوجوان، شھزادين جي محبت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي، ڏاڍا صدما سھندا آھن. ائين ئي انھيءَ نوجوان تي، راجا جي ڌيءَ پڻ اڪن شڪن ھئي. راجا جي ڌيءَ کي پنھنجي محبوب جي جان نثاريءَ تي پورو پورو ڀروسو ھيو، ڇو جو ھو سڄي راڄڌانيءَ منجھ بھادريءَ، سونھن سوڀيا ۽ مڙس ماڻھائپ ۾ مثالي ھيو. ھيءَ کيس شوق جي شدت سان چاھيندي ھئي. ان حد تائين جو سندس چاھت منجھ، تشدد جو جذبو پڻ موجود ھيو. ھن کيس وڌ کان وڌ دل سوز ۽ پر جوش بڻائڻ گھريو پئي. خوشقسمتيءَ سان ان اُلا-ڇڏيندڙ-عشق جو سلسلو ڪنھن مدت تائين ھلندو رھيو، ليڪن ھڪڙو وقت اھڙو به آيو جو اھو راز راجا آڏو کلي پيو.
راجا، پنھنجا فرض نڀائڻ ۾ ويساند ئي نه وڌي. ڪنھن به مونجھاري يا سوچ ويچار ۾ پئي بغير، نوجوان کي حراست ۾ ورتائين ۽ مقدمي جو آخري ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيائين. اھو ڏينھن، واقعي يادگار ڏينھن ھيو. پرجا ۽ خود راجا، ھن مقدمي جي تحقيق ۾ گھڻي دلچسپي وٺي رھيا ھيا. ھن کان اڳي، ڪڏھن اھڙو واقعو رونما نه ٿيو ھيو جو ھڪڙي خاصخيليءَ، راجا جي ڌيءَ سان محبت ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھجي. شايد دنيا جي منڍ ۾ ھيءَ ڳالھ معمولي تصور ڪئي ويندي ھجي، مگر ھنن قومن لاءِ معاملو نھايت اھم ھيو.
خونخوار جلادن، سموري راڄڌانيءَ جا پڃرا جانچيا جونچيا ته جيئن مڙني کان وڌيڪ سگھو متارو، مڙني کان وڏو ظالم ۽ مڙني کان سرس ھيبتناڪ شينھن چونڊي سگھجي.
فن جي وڏن وڏن مبصرن، سڄي ملڪ جي عورتن منجھان ھڪ وڏي سُھڻي نوجوانڙيءَ جي ڳولا ڪئي ته جيئن اگر ھن نوجوان جي قسمت جو ستارو کيس معصوم ثابت ڪري ته انھيءَ الزام جي نسبت سان ايڏو وڏو انعام پڻ ڏنو وڃي. ٻيو ته اھا ڳالھ مڙني تي پڌري ھئي. ھر شخص ڄاتو پئي ته الزام بلڪل ئي صحيح ۽ سچو آھي. ڏوھيءَ، شھزاديءَ سان محبت ڪئي آ. انھيءَ کان نه اھو جوان انڪاري ھيو ۽ نه وري شھزادي. ليڪن راجا انھيءَ ظاھر پاھر ثبوت جي روءِ سان فيصلو ڪري، عدالت جو پنھنجو ايجاد ڪيل دستور، ٽوڙڻ نه پئي گھريو.
تٿ ٻڌل وار به اچي مٿان سھڙيو. اوس پاس جا ماڻھو به اچي مڙيا. تماش گاھ، تماشائين سان ڀرجي ويو ۽ ھڪ وڏو ڊنب، جنھن کي اندر جاءِ نه ملي سگھي، سو آکاڙي جي ٻاھران ميڙ ٿيو بيٺو رھيو.
راجا ۽ سندس درٻاري، ھمشڪل دروازن جي سامھون اچي ويٺا. سڀ ڪجھ تيار ھيو. ماڻھن جا سرٻاٽ، گھري سانت اندر لڪي ويا ھيا. راجا اشارو ڪيو. شاھي نشستن جي ھيٺان وارو دروازو کليو ۽ شھزاديءَ جو جان نثار، آکاڙي جي اندر داخل ٿيو.
قداور، منھن مھانڊي سان، سھڻي ۽ ٺھندڙ جسم، وڻندڙ عضون واري جانٺي جوان لاءِ تماشائين جي دلين ۾ خوشيءَ ۽ رنج جا گڏيل جذبا اڀري رھيا ھيا.
اڌ کان مٿي خلق کي، اھا به ڄاڻ نه ھئي ته ڪي اھڙا شاندار شخص به اسان منجھ رھن ٿا. ماڻھو سوچي رھيا ھيا ته اھڙي نوجوان سان ڪنھن شھزاديءَ جي محبت ڪرڻ ڪا حيرت جھڙي ڳالھ نه ٿي ٿي سگھي. ليڪن ھن امتحان جي جاءِ تي سندس ھجڻ، ڏاڍو خطرناڪ آھي.
جڏھن نوجوان، آکاڙي ۾ پير ڌريو ته دستور مطابق راجا جي تعظيم لاءِ جھڪيو، ليڪن کيس ان وقت راجا جي موجودگيءَ جو ڪو به احساس نه ھيو. سندس اکيون خوبصورت شھزاديءَ ۾ ئي کتل ھيون، جيڪا راجا جي ساڄي ھٿ تي ويٺي ھئي.
اف! ان عورت جي فطرت ڪيتري نه دليريءَ واري ھئي، ور نه ته ھوءَ ھھڙي وقت، ان جاءِ تي نه ھجي ھا! مگر سندس روح ۾ ھڪ تڙپ ھئي ۽ محبت جي باھ، جنھن کيس اھو نظارو پسڻ لاءِ مجبور ڪيو ھيو.
جنھن وقت اھو پڙھو گھمايو ويو ھيو ته سندس محبوب، امتحان جي آکاڙي ۾ پنھنجي قسمت جو فيصلو، پنھنجي ھٿن سان پاڻ ڪندو، تنھن وقت ڏينھن رات ھن لاءِ ھڪ ٿي ويا ھيا. ھن انھيءَ امر کان سواءِ، ڪنھن ٻي ڳالھ سان واسطو ئي نه رکيو ھيو. وٽس طاقت ھئي، حڪومت ھئي. ان کان اڳي انھيءَ انوکي عدالت منجھ حصو به وٺي چڪي ھئي. کيس دروازن جا راز به معلوم ھيا. اھا به ڄاڻ وٺي ڇڏي ھيائين ته ٻنھي دروازن جي پويان، ڪھڙي ڪمري ۾ بکيو شينھن، ڀيانڪ نيشون ڪڍيو بيٺو آھي ۽ ڪھڙي ڪمري ۾ حسين عورت ويٺي، انتظار ڪري رھي آھي. راجا جي پر اسرار محل جا دروازا، جن تي چمڙي جا پردا لڙڪي رھيا ھيا، ڪنھن به قسم جو شور يا آواز ٻڌڻُ ڏيڻ جي ڪنھن به طرح قابل نه ھيا. ليڪن زور، زر ۽ زن جي محبت جي جذبي، سڄي حقيقت ڄاڻي ڇڏي ھئي. ان کي نه صرف ايترو معلوم ھيو ته عورت ڪھڙي دروازي جي پويان، ھن جي عاشق جي انتظار ۾ آھي بلڪ کيس اھا به خبر ھئي ته اھا عورت آھي ڪير؟
اھا ڪنواري عورت، جيڪا نوجوان ڏوھيءَ جي بي گناھيءَ جي صلي ۾ چونڊجي آئي ھئي، سا درٻار جي مڙني ڇوڪرين کان ڪيترا دفعا وڌيڪ سھڻي ۽ وڻندڙ ھئي. خود شھزادي، کيس خوبصورت سمجھندي ھئي، ليڪن ساڻس نفرت ڪندي ھئي. ھن ڪيترا ئي دفعا ڏٺو ۽ تاڙيو ھيو ته اھا نازڪ حسينا، محبت ڀرين نشيلن نيڻن سان سندس محبوب کي ڏسندي رھندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته شھزاديءَ کي محسوس ٿيندو ھيو ته ھن جون نگاھون ڪاميابي ماڻي موٽن ٿيون ۽ سندس محبوب پڻ محبت جي پيغام جو جواب ڏئي رھيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن، کين پاڻ ۾ ڳالھائيندي پڻ ڏٺو ھيو. اھا گفتگو، جيڪا راھ ويندي ۽ جھٽ پلڪ لاءِ ئي ھوندي ھئي، گمان آھي ته ناموافق پھلوئن تي ٿيندي ھجي. ليڪن شھزاديءَ کي ڪيئن سُڌِ مِلَي؟
شھزاديءَ جي محبوب تي اکيون اڙائڻ واري ڇوڪري، محبت جي ديوي ھئي. ليڪن شھزادي، پنھنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل انتھائي وحشت سان، ساڻس نفرت ڪندي ھئي ۽ اھا ئي ڇوڪري ھن وقت سامھون وارن دروازن مان ھڪ جي پويان لڪايل ھئي.
جڏھن سندس محبوب، مڙي کيس ڏٺو، ٻنھي جون نگاھون چار ٿيون. ان وقت شھزادي، سڀ کان وڌيڪ اڇي ۽ پيلي منھانڊي نظر اچي رھي ھئي ۽ سندس چؤڌاري، بي نقاب چھرن ۾ ڪو به کانئس وڌيڪ بي حس ۽ وڌيڪ بي حرڪت نه ھيو.
ٻنھي ھڪٻئي کي اھڙن تيز جذبن سان ڏٺو، جيڪو صرف انھن شخصن کي عطا ٿيندو آھي، جن جا روح ھڪٻئي سان رَليل ھوندا آھن. شھزاديءَ کي ڄاڻ ھئي ته ڪھڙي دروازي جي پويان شينھن آ ۽ نوجوان کي پڻ يقين ھيو ته ھوءَ ضرور ڄاڻي ٿي. نوجوان عاشق، پنھنجي محبوبه جي محبت سان ٽمٽار فطرت کي سجھندو ھيو ۽ کيس پڪو يقين ھيو ته منھنجون نگاھون دروازن جو سربستو راز ڄاتي بغير، شھزاديءَ جي چھري تان نه ھٽنديون. اھو راز، جيڪو مڙني تماشائين جي نظرن کان ڳجھو ھيو. نوجوان کي پوري اميد ھئي ته شھزادي ان معمي جو حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي ھوندي.
نوجوان جي متلاشي، آرزومند ۽ شوق سان ٽمٽار اکين پڇيو؛ ”ڪِڏَي؟“
اھو پڇڻ، شھزاديءَ تي اھڙيءَ طرح چٽو ٿي ويو ڄڻ ته ھن پوري زور سان پڪاريو ھجي.
پلڪ به ضايع نه ٿيڻ گھربي ھئي. اھو سوال، بغير اک ڇنڀئي، صرف نگاھ جي لطيف جنبش ذريعي پڇيو ويو ھيو ۽ نگاھ جي جنبش ئي ان جو جواب ٿي پئي سگھي.
شھزاديءَ پنھنجو ساڄو ھٿ کنيو ۽ سندس روشن اکين منجھان نگاھ، ساڄي پاسي جنبش ڪئي. انھن لطيف اشارن کي شھزاديءَ جي محبوب کان سواءِ ڪير نه ڏسي سگھيو. نوجوان جي اکين کان سواءِ ھر فرد جون اکيون سامھون وارن دروازن تي اٽڪيل ھيون.
ھو مُڙيو ۽ مضبوط قدمن سان ٻرانگھون ڀريندو، دروازن جي وچ وارو مفاصلو طئي ڪرڻ لڳو. دلين جي حرڪت، بند ٿي وئي. ساھ رڪجي ويا. اکيون آئيني وانگر، مٿس ڄميل ھيون. ھو ڪنھن رنڊ روڪ جي بغير، ساڄي پاسي واري دروازي ڏانھن ھلڻ لڳو ۽ بنا ڪنھن ججھڪ جي، اھو کولي ڇڏيائين.
ھاڻ، ھن ڪھاڻيءَ جو اصل معمو ھيءُ آھي ته انھيءَ دروازي مان شينھن نڪتو ڪن عورت؟ اسان ان سوال تي جيتري قدر غور ڪيون ٿا، اوتري قدر ان جو حل مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. ان سوال جو حل، انساني دل جي مطالعي ۾ آھي ۽ انھيءَ اسان کي جذبات جي پر اسرار گورک ڌنڌي ۾ ڦاسائي وڌو آھي.
ڪھاڻيءَ جا پڙھندڙئو! انھيءَ سوال جي جواب تي غور نه ڪيو بلڪ ان جوشيلي ۽ نيم وحشي شھزاديءَ جي دل جو مطالعو ڪيو، جنھن جو روح مايوسيءَ جي سفيد باھ ۾ رک ٿي رھيو ھيو.
”مون ان کي ھٿان وڃايو، ليڪن ان کي ڪير ماڻيندي؟“
اڄ جي ڏينھن کان اڳي، پنھنجي سرگرم پڇا ڳاڇا جي منڍ ۾ ھوءَ ڪئي دفعا وحشتناڪ خوابن مان ڇرڪ ڏئي اٿي ھوندي. ھن، ڪيترا ئي دفعا انھيءَ خيال جي ايندي ئي ٻنھي ھٿن سان منھن ڍڪيو ھوندو ته سندس محبوب اھڙي دروازي کي کولي رھيو آھي، جنھن جي ٻئي پاسي ٻڦريل شينھن، سندس انتظار ڪري رھيو آھي.
ڪيترا ئي دفعا سندس تصور، پنھنجي محبوب کي ٻئي دروازي تي ڏٺو ھوندو ۽ درد ۽ ڪرڀ منجھان ڏند ڪرٽيا ھوندا. پنھنجي وارن کي پٽيو ھوندائين. انھيءَ خيال سان ته سندس مطلوب، پنھنجي خوشيءَ سان اھڙي دروازي کي کولي رھيو آھي، جنھن جي پويان، ھڪ بي انتھا سھڻي عورت آھي.
تصور ئي تصور ۾، پنھنجي عاشق کي، ان عورت سان ملڻ لاءِ وڌندي، لال ڳٽن ۽ اشتياق وڌائيندڙ نگاھن سان سندس ھٿ پڪڙيندي، ڏسي ڪري سندس دل رقابت جي باھ سان ڀڙڪي پئي ھوندي. ھن تصور جي اکين سان، پنھنجي وڃايل معشوق جي غمگين جسم کي نئين روح سان چمڪاٽ ڪندي ڏٺو ھوندو ۽ ڪت خلق کي خوشيءَ جا نعرا ھڻندي ٻڌو ھوندو. ڪڏھن ھن خيال ڪيو ھوندو ته شينھن سندس جسم کي چيري ڦاڙي پيو. سندس چيخون ٻڌيون ھوندائين. ڪڏھن ويچاريءَ پنھنجي روبرو ھن کي ھڪڙي ٻي عورت جو گهوٽ ٿيندي ڏٺو ھوندو. ڪڏھن ھن جون ھڏيون ڪڙڪاٽ ڪندي ۽ ٽٽندي ڏٺيون ھوندائين ۽ وري ڪڏھن مٿس گلن جي ورکا ٿيندي نظر آئي ھوندس.
انھن تصورن جي ھنگامن منجھ، سندس روح، ھڪ مايوسيءَ واري آھَ منجھ ٻڏي ويو ھوندو. ھن سوچيو ھوندو ته مان ان وقت مري وڃان ۽ ان دنيا ۾ وڃي پنھنجي محبوب جو انتظار ڪيان، جتي ھو منھنجي ڀاڪر مان ڇِني نه سگھجي.
ھن، نگاھ جي ھڪ ئي جنبش سان پنھنجو فيصلو ٻڌايو ھيو، مگر ان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ، ڪيترا ئي غمناڪ ڏينھن راتيون گذاريا ھوندائين.
ھوءَ ڄاڻي پئي ته مون کان سوال ڪيو ويندو ۽ ھن سوچي ڇڏيو ھيو ته مون کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي.
ھن ڪنھن سوچ ويچار بنا، پنھنجو نازڪ ھٿڙو، ساڄي پاسي گھمائي ڇڏيو، مگر ان فيصلي جو نتيجو ڄاڻڻ آسان ناھي. دروازي منجھان ڇا نڪتو؛ شينھن ڪن ڇوڪري؟ توھان پاڻ ان سوال تي غور ڪيو. مان ان معمي کي حل ڪرڻ، پنھنجو فرض نه ٿو سمجھان.

***

(سنڌي روپ: مفتي محمد اقبال جي ڪيل اردو ترجمي تان)

پوءِ جو پڇتاءُ - موپاسان

پوءِ جو پڇتاءُ - موپاسان

پوءِ جو پڇتاءُ
(فرانسيسي ڪھاڻي)

شھر ڪانز جي مشھور ھوٽل جي لائونج ۾، ھو ھڪڙي آرام ڪرسيءَ تي آھليو، پنھنجي خيالن ۾ گم ھيو. لائونج ۾، ان وقت ھو اڪيلو ويٺو ھيو. خيالن جو سلسلو روان ھيس ۽ سندس ذھن عجيب قسم جي مونجھاري ۽ ڪشمڪش جو شڪار ھيو. سوچيائين پئي ته ھاڻ ڪانز جي ھوٽل ۾ نويڪلو ٿيو ويٺو آھيان پر ھڪڙي ٽوھيي ماڻھوءَ وانگر، آھيان آزاد. حالانڪ پيرس ۾ به ساڳي ڪيفيت ھئي، ليڪن اتي اڪيلائپ جو احساس ائين زور جو به نه پئي ٿيو.
سوچيندي سوچيندي کيس پنھنجي ڏھاڳ ڏنل زال جو خيال، ذھن تي تري آيو. ٻڌو آھي ته ٻيو پرڻيو ڪري ڇڏيو اٿائين. ھيءُ سوچي رھيو ھيو ته منھنجو جائنشين، منھنجي موسيءَ سان، مون کان وڌيڪ پر مسرت زندگي گذاريندو ھوندو؟ يقين سان ٿو چوان ته اھو ڪو احمق ئي ھوندو، جنھن منھنجي تجربي مان ٽڪي جو سبق نه ورتو ۽ اھڙي عورت سان پرڻيو آھي. ليڪن مون کيس چونڊڻ ۾ ڪھڙو ڏاھپ جو ثبوت ڏنو ھيو. مان به احمق ھيس. ان جو سبب، غالبًا، اھو ھيو جو ھوءَ سونھن ۾ سڀني کان سرس ھئي. کيس ڏسي ڀورن وارن جو خيال پئي آيو. ھوءَ ايڏي سھڻي ۽ سندر ھئي جو مڙس کيس اڪيلو ڇڏي ئي نه سگھي. ڏھاڳ کان پوءِ کيس، مون جھڙو ڪو ٻيو مرد ملي ويو ھوندو ته اھا به ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالھ ناھي. سندس وصَفَ مرد کي پاڻ ڏانھن موھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھوءَ ھڪ مڪمل عورت آھي. منجھس فقط ھي ئي نقص آھن ته ھوءَ غير ذميوار ھئي ۽ سندس طبيعت سندس قابوءَ ۾ نه ھئي. ھوءَ اخلاقيات جي به قائل ڪا نه ھئي. انھن مڙني خاصيتن کان بغير ئي ڪنھن جو گھر آباد ٿي سگھي ٿو. وري جي آباد به ٿيو ته اھو ڪيستائين ٽِڪي سگھندو؟
ڪوڙ ڳالھائڻ، سندس عادت ۽ مردن سان کيڏڻ سندس وندر ھيو. ھر مرد کي پنھنجي سونھن سان موھي ڇڏيندي ھئي؟ ڇا ھن منھنجي ڀروسي کي ڀڃي ڀورا ڪيو ھيو؟ منھنجي عزت جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ھيون؟ ڪاش اھا ڳالھ مان ڪڏھن ڄاڻي به وٺان ھا! شايد ان جي ڄاڻ مون کي ڪڏھن به نه ٿيندي. مون سندس ھر طرح سان سنڀال ڪئي ھئي. اھو ڪم مون پاڻ به ڪيو ۽ پنھنجي زرخريد نوڪرن کئون به ڪرايو پر وريو ڪجھ به نه. خير! ھاڻ ته سڄو ٺاٺو ئي ڦِٽي ويو. اھي دفتر ئي اڏامي ويا. ھن ويچاريءَ منھنجي مشڪل سنھنجي ڪري ڇڏي، منھنجو ڌن به ضايع ٿيڻ نه ڏنائين. فقط ٿورڙو وقت سو ضرور ضايع ٿيو ۽ مون کي ھڪ ھٿ به ٿڪائڻو پيو. ان ڏھاڙي ھن جيڪا منھنجي ھٿئون مار کاڌي ھئي، سا ياعمر ڪا نه وسرندس. ھوءَ ان سزا جي لائق به ھئي.
پنھنجي زال کي مار ڪٽ ڪڍڻ وارو منظر ياد ڪري، موسو گاريل جي مُکَ تي سرھائي اچي وئي. کيس ياد آيو ته سندس زال، مار ڪٽ کائڻ کان پوءِ رڙندي، رنڀندي ۽ وڏي بغاغي سان عدالت ۾ پھتي ھئي. عدالت کيس ڏھاڳ ڏياريو. منھنجو ذرو به ضايع نه ٿيو. ھن سوچيو؛ ”مان ھاڻ آزاد آھيان ۽ سياري جي پوري موسم، ڪنھن ڇڙي وانگر اطمينان ۽ سڪون سان ڪانز ۾ ئي گذاريندس. اھڙي آزاديءَ جو تصور به منھنجي ذھن تان الوپ ٿي ويو ھيو. آه! سياري جي موسم ۾ جوانڙين ۽ نازڪڙين جي جسم جي گرمائش، آب حيات وانگر ھوندي آھي. اھا گرمائش جيڪا ڪراڙن کي جوان ڪري ڇڏيندي آھي. ڏسئون! اڳتي قسمت ڪھڙا رنگ ٿي ڏيکاري! ڪير ٿو ويجھو اچي، ڪنھن سان ٿي ڄاڻ سڃاڻ ٿئي. مون کي ڪا حسينا ماڻڻ لاءِ، انوکن تجربن منجھان گذرڻو پوندو. نه ڄاڻ اھا گلبدن ڪير ھوندي، ساڻس ملاقات جو سبب ڇا ھوندو، اھا سونھن-راڻي مون کي ڪاٿي ٿي نظر اچي. اوسي پاسي ھوٽل ۾، ھن شھر جي ڪنھن گھٽيءَ ۾، ڪنھن پارڪ ۾، ڪنھن سينيما ۾، ڪنھن دڪان منجھ. نه ڄاڻ ھن وقت اھا ڇا پئي ڪري. ممڪن آھي ته لٽا مٽائيندي ھجي. اھو به ممڪن آھي ته آئيني آڏو پنھنجي سونھن جو نظارو پسندي ھجي. نه ڄاڻ ھوءَ ڪھڙي ھوندي، جيڪا دل جي سمورين گھراين سان مون سان پيار ڪندي، جنھن کي مان پنھنجي ٻانھن ۾ ڀڪوڙي، پاڻ به سندس وجود ۾ گم ٿي ويندم. مان سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ وارو، پھريون مرد ھوندم، جيڪو سندس خوشبوءِ سان پنھنجي دل جي محل کي معطر ڪندو.
ممڪن آھي ته ھوءَ ھن ئي ھوٽل ۾ موجود ھجي، بند دروازن پويان. ٿي سگھي ٿو اڄ ئي اھا اڪيلائپ دور ٿي وڃي. ھوءَ مون کي اڄ ملي يا سڀاڻي يا اڃا به پرينھن، ليڪن مان کيس ڳوليندس. کيس مون وٽ اچڻو ئي آھي. ھوءَ ايندي ته مان کيس ٻڌائيندس...“ ھن اڃا ايترو ئي سوچيو ھيو جو ھڪ تمام سھڻي ۽ من موھڻي سرير واري ڇوڪري، لائونج ۾ گھڙي. گاريل، فقط کيس پٺيرو ئي ڏسي سگھيو.
’ڪير آ اھا پياري لباس واري عورت!‘... ھن جي ذھن ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي؛ ’اھا، سا ته ناھي جنھن جو مون کي انتظار ھيو؟ ھن جي ھلڻي غضب جي آھي. ھن جي سرير ۾ ڪيڏي نه لوڇ آ. بلاشڪ پاڻ به قھر جي سھڻي ھوندي. سندس پٺ، سندس سندر مُکڙَي جي آئينه دار آھي، ور نه ته اھڙو گھمنڊ ڪٿان ٿو اچي؟ ور نه چال ۾ اھو غرور ڪيڏانھن ڄمي ھا؟..... اوھ! منھنجا خدا! مان جيڪو ڏسان ٿو؟! سو سچ آھي؟. ھيءَ ته اھا ئي آھي، اھا ئي آھي مون واري ڏھاڳيل رن. ڪيڏو نه عجيب اتفاق آھي؟! ھيءَ ظالم ته اڳي کان به وڌيڪ سھڻي ٿي پئي آھي. يا اھو به منھنجي نظرن جو دوکو آھي؟! نه! نه! ڏسو ته سندس مُکَ تي ڇا نکار آ! سندس سرير اھڙو تراشيل ۽ گھڙيل اڳي ته نه ھيو؟ ھوءَ ڪيڏي نه بي نياز آھي؟! ڄڻ ھن ھڪ دنيا فتح ڪري، وري ان کي لت ھڻي ڇڏي ھجي؟!.... ڏاڍو ڀلو! ھن جي اک مون تي، جنھن سان اڻ ڳڻيون راتيون گذاريون ھيائين، نه پئي. مان سندس عاشق، مان سندس خريدار، مان سندس مڙس، مان سندس ڇا ڇا نه ھيس؟ ھوءَ ڪيڏي مَڳَ سان ڪرسيءَ تي ويھي ڪتاب پڙھڻ جي تياري پئي ڪري. ھاڻ ھن ڪتاب کولي ڇڏيو آھي. ھاڻ ھوءَ مطالعي ۾ ٻڏي وئي آھي. ھن جو سراسر روپي سرير، سنھي پوشاڪ مان ليئا پائي رھيو آھي. ھوءَ ڪيڏي نه دلڪش نظر پئي اچي.
منھنجي زال!... ھاڻ اھي لفظ ڪيڏا نه ٺٺول ڪندڙ ٿا لڳن. ليڪن ان حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگھي ته ھيءَ سھڻي سندري، ڪڏھن منھنجي زال ھئي ۽ منھنجي سمھڻ واري ڪوٺيءَ ۾، منھنجي بستري جي سجاوٽ ھئي، جنھن جو ڪو ذرو پرزو منھنجي نظرن کان اوجھل نه ھيو. بلاشڪ! ھوءَ سونھن ۾ اڳي کان به اڳري ٿي پئي آھي، ڪنھن شراب وانگر. شراب به پراڻو ٿيڻ سان نشو آڻيندڙ ٿي پوندو آھي. فرض ڪيو، مان جي ساڻس ملاقات ڪيان ته ڇا چوندوسانس؟ ھاڻ مان ساڻس ڪھڙي موضوع تي ڪچھري ڪندس.... ڇا منھنجي ان ڪوشش تي کيس چڙ ايندي؟ ۽ ھوءَ مدد لاءِ پنھنجي مڙس کي سڏيندي.... ڇا کيس مون سان گھاريل ڏينھن ياد ھوندا؟ ڇا کيس اھا آخري مار به ياد ھوندي! اف! مون کيس ڪيڏو نه بڇڙي انداز ۾ موچڙا ھنيا ھيا. مون کي، کيس ائين مارڻ ڪٽڻ نه کپندو ھيو. ھوءَ ڪيڏي نه نازڪ بدن واري آھي. مون ساڻس ڏاڍائي ڪئي. آخر ھڪڙي ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪھڙي اربعا خطا ٿي پوندي! ليڪن اھو مون لاءِ ڪيڏو نه نئون ۽ حيران ڪن تجربو ھوندو؟!... مان ساڻس پڪ ڳالھائيندس ۽ ڪير ٿو چئي سگھي... ممڪن آھي....
گاريل، فيصله ڪن انداز ۾ پنھنجي ڏھاڳيل ڏانھن وڌيو. ھوءَ ھاڻي پنھنجي نئين مڙس جي ڪري ’مادام ڊي چانٽيور‘ سڏرائيندي آھي. ھوءَ ھاڻ ڪرسيءَ تي آھليو، مطالعي ۾ محو ھئي.
”مادام! ڇا مان اوھان جو ٿورڙو وقت وٺي سگھان ٿو؟“ گاريل، نرم لھجي ۾ چيس.
مادام چانٽيور، تڪڙ ۾ منھن مٿي ڪري ڏٺو ۽ ستت پنھنجي مخاطب کي سڃاڻي ورتائين. سندس واتئون ھلڪڙي چيخ پڻ نڪري وئي ۽ ڪرسيءَ تان اٿي، ڀڄڻ جي ڪيائين. گاريل، انتھائي سنجيده انداز ۾، ھٿ جي اشاري سان، ويٺو رھڻ جي تلقين ڪيس؛ ”اوھان کي، مون کان ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ جي ضرورت ناھي، مادام!“ گاريل سنجيدگيءَ سان چيس؛ ”ھاڻ مان اوھان جو مڙس ناھيان.....“
”ٻيو ته موسيو گاريل اھو تو کي سونھي نه ٿو. تو کي مون سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه کپي. ڇا ايترو جلد، تون سڀ ڪجھ وساري ويٺو آن؟“ مادام چانٽيور چيس.
”ان ڳالھ جو دَھو ئي نه ٿو پوي ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گھرجي. ليڪن ھاڻ به جڏھن مون تو کي ڏٺو، پاڻ کي آپي ۾ رکي نه سگھيس.“
”ليڪن مون کي تو سان ڳالھائڻ وڻي ئي نه ٿو. مڄاڻ ھن وقت جون ۱۹۷۳ع تي مون سان ملڻ ۾ تنھنجو مقصد ڪھڙو آھي. مگر اھڙو مرد، جيڪو عورت تي ھٿ کڻي سگھي ٿو، سو ڇا نه ٿو ڪري سگھي؟“
”مون کي پنھنجي ڪِئي تي شرمساري آ مادام! ليڪن تو کي به اھو نه ٿو روائي ته تون مون کي وري وري ساڳيو واقعو ياد ڏياري، شرمندو پئي ڪر. ليڪن منھنجو خيال آھي ته تو کي ھڪ طرح سان منھنجو شڪر گذار ٿيڻ گھرجي.“
”شڪر گذار؟ سو ڇو؟“ مادام چانٽيور، حيرت مان پڇيس.
”ان لاءِ ته منھنجي ان حرڪت جي صدقي، تو کي باقي حياتي پنھنجي پسند جي مڙس سان گھارڻ جو موقعو مليو. مون کي پڪ آ ته تون پنھنجي وَرَ سان خوش ھوندينءَ ۽ ساڻس گھڻي محبت ڪندي ھوندينءَ.“
”مھرباني ڪري، مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي! مان تو سان پنھنجي ذاتي معاملن تي ڳالھائڻ نه ٿي چاھيان.“
”اگر مان ان ڏھاڙي، ڪاوڙ جي انڌ ۾ تو تي ھٿ نه کڻان ھا ته تون اڄ توڻي، مون سان ڏکن ڀري زندگي پئي گذارين ھا.“
”بيشڪ! مون کي ان لحظي جو پورو پورو احساس آھي.“ مادام چانٽيور چيس.
”پوءِ مان چڱي سلوڪ جو حقدار آھيان ۽ تنھنجو ھاڻي وارو سلوڪ انصاف جي تقاضائن جي نفي ٿو ڪري. ھر شخص کي پنھنجي محسن سان ڀلو سلوڪ ۽ ورتاءُ ڪرڻ گھرجي.“
”اھو درست آ! ليڪن اسان کي ھن دنيا ۾ اھي سڀ شيون ملن ئي نه ٿيون جن جا اسان مستحق آھيون. مون کي تنھنجي شڪل کان ئي نفرت آ.“
”افسوس! ھوند مان به ائين چئي سگھان يا محسوس ڪري سگھان.“
”مان نه ڇڙو تنھنجي بي ترس فطرت کان نفرت ٿي ڪيان بلڪ تنھنجي چاپلوسيءَ سان پڻ نفرت ٿي ڪيان.“
”ان جو مون کي ڏاڍو افسوس آ. ڇو جو ھاڻي مون کي ٻه چار ٿڦڙون ٺوڪي، تنھنجا خيال مٽائڻ جو حق حاصل ناھي. ان ڪري منھنجي آڏو صرف ھڪ ئي رستو بچيو آھي ته ڪوشش ڪري، مان پاڻ کي تنھنجي لاءِ قابل قبول بڻايان. يعني ڪا اھڙي صورت ٺاھيان، جنھن سان تو کي مون سان نفرت نه رھي.“
”اگر تون دل سان ان ڳالھ جي خواھش رکين ٿو ته پوءِ مھرباني ڪري ھتان ٽري وڃ!“
”مان تو کي خوش ڪرڻ پئي گھريو.“ گاريل جي لھجي ۾ تلخي اچي وئي؛ ”ليڪن ان جي به ھڪ حد ھوندي آھي. تو کي خوش ڪرڻ جي خواھش مون کي ان لاءِ ھئي جو مان پنھنجي ڪِئي تي سچ پچ شرمسار آھيان ۽ ان جو ڪفارو ڀرڻ ٿو چاھيان.“
”ڪفارو!“ مادام چانٽيور ٺٺول ڪندي چيس؛ ”ڇو تو ۾ ذرو به عقل ڪونھي؟ ٿوري به انسانيت ڪانھي؟ ھڪ عورت کي بي رحميءَ سان ماري ڪٽي، مٿس لتن مڪن جي وسڪاري کان پوءِ........“
”اھو به ٿي سگھي ٿو، اھا عورت واقعي ان سلوڪ جي لائق ھجي. تون ئي ٻڌاءِ! تو مون سان بي وفائي ڪا نه ڪئي ھئي؟ تو منھنجي اعتماد کي ڀڳو نه ھيو؟! منھنجي عزت جون ڌڄيون اڏائي نه ڇڏيون ھيئي؟ اڄ ان سوال جو جواب ئي اھو فيصلو نبيري ڇڏيندو ته تون ظالمانا سلوڪ جي لائق ھئينءَ يا نه ھئينءَ ۽ مان غلطيءَ تي ھيس يا نه......“
”موسيو! تون منھنجو ٽڪو مانُ پيو ڪري!“ مادام چانٽيور، پنھنجي جاءِ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مان تو کي درخواست ٿو ڪيان مادام ته جھٽ سوا لاءِ منھنجي ڳالھ ٻڌ!“ گاريل جلدائيءَ ۾ چيس؛ ”مان مڃان ٿو ته مون شديد قسم جي ساڙ جو مظاھرو ڪيو ھيو. ليڪن ڇا ان مان اھو ثابت نه ٿو ٿئي ته مون کي تو سان ڪيتري قدر محبت ھئي. بيشڪ مون پٿر دليءَ جو ثبوت ڏنو ھيو. ان جي باوجود سچي ڳالھ اھا آھي ته مون تو تي ترس کاڌو ھيو. تو کي ان کان به وڏي سزا ملڻ گھرجي ھا!“
”مون کي نه اڳي تنھنجي ترس جي ضرورت ھئي، نه اڄ آ.“ مادام، حقارت منجھان چيس.
”ڇا ان لاءِ جو تون بي گناھ ھئينءَ؟ يا ان لاءِ تون ان قدر خوش ھئينءَ جو منھنجي ترس کائڻ تي تون فقط مشڪي پئي سگھينءَ!“
”تو کي جيڪو وڻي سو ويٺو چئه!“
”ٺيڪ آ مان ھاڻ سمجھي ويو آھيان. مون کي اڳي ئي ان ڳالھ جي پڪ ھئي ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي، تون ڪڏھن به منھنجي وفادار نه ھئينءَ!“
”اھو مون ڪڏھن چيو؟“
”تنھنجو اھو ئي مطلب آ، تو ھاڻ مڃيو آ ته تو مون سان.....“
”مان اھو گندو لفظ ٻڌڻ ئي پسند نه ٿي ڪيان.“
”لفظَ ڪڏھن به گندا نه ھوندا آھن. انھن پويان لڪل عمل گندا ھوندا آھن.“
”ھرگز نه! اھو ڪوڙ آھي.“
”اگر تون اھو ثابت ڪرين ته اھو ڪوڙ آھي پوءِ جيڪا تجويز مان تو آڏو پيش ڪرڻ گھري پئي، تنھن جي افاديت پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.“
”ڪھڙي تجويز؟“
”ھاڻ ٻڌائڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ھاڻ ته اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي.“
”ھل! جھٽ سوا لاءِ اھو کڻي فرض ٿا ڪيون ته مون تو سان واقعي بي وفائي ڪئي ھئي. پوءِ؟!“
”اھو چئي ڇڏڻ ڪافي ناھي. مان تنھنجي ڄِڀَئون باقاعدي اعتراف ٻڌڻ ٿو چاھيان.“
”مان اعتراف ڪيان ٿي.“
”اھو چئي ڇڏڻ به ڪافي ناھي. مون کي ثبوت کپي.“
مون کي تو تي حيرت پئي ٿئي گاريل!... ان کان وڏو ثبوت ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ته مان پئي چوان ته مون تو سان بي وفائي ڪئي ھئي.“ مادام چانٽيور مشڪندي چيو.
”مون کي ان جو ثبوت کپي.“ موسيو گاريل اصرار ڪيس.
”تو کي مون کان ڪھڙي قسم جو ثبوت کپي؟ ھن وقت، مون وٽ اھڙو ڪو ثبوت ناھي.“
”مان وري پنھنجي ڳالھ ورجائيندس ته مون کي فقط ثبوت کپي.“
”منھنجي نظر ۾، منھنجي زبان ئي منھنجو ثبوت آھي. منھنجي اعتراف کان پوءِ، ڪنھن ٻئي ثبوت جي ضرورت باقي نه ٿي رھي.“
”ڇا تون ساک سان ٿي؟“
”مان ساک ٿي کڻان.“ مادام چانٽيور، ھڪ ھٿ مٿي ھوا ۾ اڀو ڪري، چيو.
”ھاڻ مون کي پڪ ٿي.“ گاريل سنجيدگيءَ سان چيو؛ ”ليڪن ڪنھن سان گڏجي....؟“
”منھنجو خيال آ ته اھو سوال، حدون اورانگھي ٿو وڃي.“
”ليڪن اھو ضروري آھي.“
”مان ان جو جواب ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪيان.“
”ڇو؟“
”ان لاءِ ته مان ھڪ پرڻيل عورت آھيان.“
”ليڪن ٻڌائڻو پوندئي، ھاڻي ۽ ھن وقت.“
”افوھ!...“ مادام کِٿِ ٿي وئي؛ ”ڪھڙو حرج آ...... اھو ٻيو ڪو به نه ھيو، منھنجو موجوده مڙس ئي ھيو. جنھن سان ملي، مون تو سان بي وفائي ڪئي ھئي.“ مادام چانٽيور مشڪندي چيو.
”اھو نه ٿو ٿي سگھي. اھو ممڪن ئي ناھي.“
”ڇو؟“
”ان لاءِ ته،“ گاريل جواب ڏنس ته؛ ”اگر اھو تنھنجي محبوب جي حيثيت سان خوش ھجي ھا ته تو سان ڪڏھن به پرڻجي نه ھا. ڇو جو... خير ڇڏ.. منھنجي ھڪڙي تجويز ٻڌ. ھاڻ اعتراف ڪيو اٿئي ته تون ڪڏھن منھنجي وفادار نه رھي ھئينءَ. ٻين لفظن ۾، مان انتھائي احمق، گڏھ ۽ نااھل ماڻھو ھيس. مون تو کي ٻه چار ٺونشا ھنيا ھيا ۽ لتون ٺوڪيون ھيون، مگر اھا مار منھنجي ان ذاتي تذليل جي مَٽُ ٿي نه ٿي سگھي، جيڪا تو مان سان بي وفائي ڪري، ڪئي ھئي. ۽ نه وري اھا منھنجي خوشين ۽ مسرتن جي انھن لمحن جو معاوضو ٿي سگھي ٿي، جيڪي تو منھنجي بدران ڪنھن ٻئي کي ڏنا. ان لاءِ ھاڻ مون کي ان جو پورو معاوضو ملڻ کپي. ڇو جو ھاڻ مان تنھنجو مڙس به نه آھيان.“
”تنھنجي ڪل ٿڙي وئي آھي. آخر تنھنجو مطلب ڇا آھي؟“
”منھنجو مطلب بلڪل سڌو، صاف ۽ چِٽو آھي. جنھن وقت ۾ مان تنھنجو مڙس ھيس، ان وقت مون کان منھنجي خوشين جا بي بھا پَلَ ڇني، ڪنھن ٻئي جي جھوليءَ ۾ وڌا ھيئي..... نه ڄاڻ ته ڪنھن جي ھنج ۾.“
”تون پاڳل ٿي ويو آھين.“
”ھرگز نه!.. ان وقت تنھنجي سرير، تنھنجي محبت، تنھنجي چمين جي چسڪارن ۽ تنھنجي سيسڙاٽين جي گرميءَ جو حقدار مان ھيس..... تو منھنجو حق تلف ڪيو ھيو. تو منھنجي مسرتن جا اھي پَلَ، ڪنھن ٻئي کي ڏئي ڇڏيا ھيا. مان اڄ تو کان انھن لمحن موٽائڻ جي گھُرَ ٿو ڪيان. پنھنجو وڃايل حق ٿو گھران. ٻيو ته مان تو کي پڪ ٿو ڏياريان ته اھو سڀ ڪجھ رازداريءَ ۾ ھوندو.“
”تنھنجو مطالبو، ناقابلِ قبول آھي.“
”ھرگز نه! ھڪ جائز قرض جي واپسيءَ جو مطالبو، ڪڏھن به ناقابل قبول ٿي نه ٿو سگھي.“
”اگر مان تنھنجو مطالبو مڃيان به کڻي ته پوءِ ڏھاڳ جو فائدو؟“
”محبت جا دٻيل ٽانڊا، دکائي منجھانئن باھ ڀڙڪائڻ.“
”تو کي مون سان ڪڏھن محبت رھي ئي ناھي.“
”تو ڪڏھن ان کي محسوس ڪرڻ لاءِ تڪليف ئي نه ڪئي.“
”اھو ڪيئن؟“
”اھو ڪيئن؟“ گاريل، حيرت منجھان چيو؛ ”جيڪڏھن..... جيڪڏھن ڪو به مرد شدت منجھان اھو چاھيندو ھجي ته سندس وني، نه صرف سندس وني ھجي پر سندس محبوبا پڻ ھجي ته پوءِ ان کان وڌي ڪري سندس......“
”تون مون کي ائين منجھائڻ جي ڪوشش نه ڪر!“ مادام چانٽيور چيو؛ ”ڪنھن عورت سان پرڻجڻ جو مطلب ئي اھو ھوندو آھي ته يا ھو ساڻس محبت ٿو ڪري، يا کيس پنھنجي سمھڻ واري بستري جي سجاوٽ طور آڻڻ جي خواھش اٿس. جيڪڏھن ڪنھن مرد جي دل، انھن ٻنھي جذبن کان خالي ھجي ته پوءِ ھو صرف جانور ھوندو آھي، انسان نه ھوندو آھي. پھرين صورت ۾ اھو مرد، ھڪ محبوب جون سموريون ذميواريون ۽ فرضَ نباھيندو آھي. ٻي صورت ۾ ھو صرف عورت جي نسوانيت منجھان مزو ماڻڻ جو حقدار ھوندو آھي. ھو پنھنجي ڪلھن تي ھڪ محبوب وارو ٻوجھ نه ٿو کڻي، تنھن ڪري ھو ھڪڙي محبوب جو درجو حاصل ڪرڻ جو مطالبو پڻ نه ٿو ڪري.“
”تنھنجو ڏنل دليل بلڪل ڪمزور آ مادام! جڏھن ڪو به مرد ڪنھن عورت سان محبت ڪندو آھي ته پوءِ کيس ساڻس ڪڏھن به وھانءُ ڪرڻ نه گھرجي. ڇو جو ان صورت ۾ اھا عورت ساڻس ڪنھن به حالت ۾ بي وفائي ڪري ٿي، جيئن تو مون سان ڪئي. جڏھن ته ھڪ عورت پنھنجي محبوب ۽ سينڌَي کي اھو سڀ ڪجھ ڏئي ٿي، جيڪو ھوءَ پنھنجي مڙس کي به نه ٿي ڏئي...... تنھن ڪري مان دل سان ان ڳالھ تي يقين رکان ٿو ته اگر ڪنھن عورت سان سدا لاءِ تعلقات رکڻا آھن ته ساڻس ڪڏھن به پرڻو ڪرڻ نه گھرجي..... پرڻو ته ھڪ ڌاڳي وانگر ھوندو آھي، جنھن کي ڪنھن به وقت ڇني سگھجي ٿو. ليڪن آزاد محبت، فولادي زنجير وانگر ھوندي آھي، جنھن کي ٽوڙي نه ٿو سگھجي. اسان ڌاڳو ته ڇني ڇڏيو، مگر مان ھاڻ تو کي زنجير جي پيشڪش پيو ڪيان.“
”تنھنجون ڳالھيون ڏاڍيون دلچسپ آھن، موسيو! ليڪن مان تنھنجي پيشڪش قبول ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيان.“
”ان صورت ۾ تنھنجي مڙس کي، تنھنجي بي وفائيءَ کان آگاھ ڪرڻ، مان پنھنجو فرض سمجھندس.“
”ضرور..... اھو ڏاڍو کلندو.“
”مان کيس ٻڌائيندس ته جڏھن تون منھنجي زال ھئينءَ ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي ۽ ھاڻ کيس ھوشيار رھڻ گھرجي، ڇو جو تون ساڻس به ائين ڪري سگھين ٿي.......“
”ان مان فائدو؟“
”ڪجھ به نه! تنھنجي زندگي زھر ٿي ويندي. ھن جي ذھن ۾ شڪ جو ٻج پئجي ويندو ۽ ھو تنھنجي سمورين حرڪتن ۽ چالن جو گھري نظر سان جائزو وٺندو رھندو. تنھنجا لفظَ، لب لھجو، چال چلت، پوشاڪ، ٺاھ ٺوھ، ھيڏي ھوڏي واجھائڻ، پوءِ ڀلي تنھنجون حرڪتون غير اختياري ۽ پويتر ئي ھجن، ليڪن ھو خبر ناھي ته پنھنجي ذھن ۾ انھن جون ڪھڙيون ڪھڙيون معنائون وٺي.....“
”ائين نه ڪجانءِ! گاريل!“ مادام چانٽيور، خوشامدي لھجي ۾، کلندي چيو.
ان وقت ڏاڪڻين تان ڪنھن، مادام چانٽيور کي مَيٿلڊا جي نالي سان سڏيو. ”اوھ! منھنجو مڙس پيو اچي. چڱو خدا حافظ!“ مادام چانٽيور، ھيڻي لھجي ۾ چيو.
”مان چاھيان ٿو ته تون پاڻ ئي ساڻس منھنجو تعارف ڪراءِ ھاڻي. ائين مون کي گھڻي آساني ٿي پوندي.“ گاريل، پنھنجي جاءِ تان اٿندي چيو.
”گاريل! تون ڇو پيو منھنجي زندگي زھر ڪرين؟...... ائين متان ڪرين!“
”ضرور ڪندس، تون ڏسندي رھجانءِ!“
”خدا جي واسطي، ائين نه ڪجانءِ! مان تو کي منٿ ٿي ڪيان!“
”ته پوءِ مون واري زنجير قبول ڪر!.....“
ڏاڪڻين تان وري سڏ ٿيو؛ ”مَيٿلڊا!“
”مون کي وڃڻ ڏي!“ مادام چانٽيور چيو.
”تون ڪاٿي ملندينءَ؟“
”نه!..... اڄ رات...... مانيءَ کان پوءِ!“
”ياد رکجانءِ! مان تو سان محبت ڪيان ٿو.“ گاريل، مَيٿلڊا جي ھٿ تان چمي وٺندي چيو.
مَيٿلڊا، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي، ڏاڪڻين ڏانھن ھلي وئي.

***

(سنڌي روپ: عظمت الله خان جي ڪيل اردو ترجمي تان)

نقلي ھيرا - موپاسان

نقلي ھيرا - موپاسان

نقلي ھيرا
(فرانسيسي ڪھاڻي)

محڪمي جي نائب سربراھ جي گھر اندر، ھڪ ڪاڄ دوران، موسيو لينٽن جي ملاقات ھڪڙيءَ نوجوان حسينا سان ٿي، جنھن تي دل جي اٿاھ گھراين سان موھت ٿي پيو. اھا ھڪڙي صوبائي ٽيڪس ڪليڪٽر جي ڌيءَ ھئي، جنھن کي مُئي ڳچ عرصو گذري چڪو ھيو. جنھن جي وفات پڄاڻان، سندس بيوھ پئرس ۾ رھائش اختيار ڪئي. جتي ھن پنھنجي ڌيءَ لاءِ، سٺي ور جي ڳولا جي خيال سان، پاڙي اوڙي جي سٺن خاندانن سان ڏيٺ ويٺ پيدا ڪئي ھئي. پنھنجي محدود وسيلن جي باوجود، وقار، عزت ۽ سڪون جي حياتي پڻ گھاري رھي ھئي.
دِھ جوان ڇوڪريءَ تي، سرخي پائوڊر کان بي نياز حسن ھئڻ سبب، ھڪ پري ھئڻ جو گمان ٿيو پئي. مٿئون سندس چپڙن تي کيڏندڙ لڳاتار مُرڪ جو سلسلو، سندس معصوميت جي عڪاسي پڻ ڪري رھيو ھيو. ھنڌين ماڳين، سندس تعريف ۽ ھاڪ ھُلي وئي ھئي. ماڻھو اھو چوندي ٿڪا ئي نه پئي ته؛ ”کيس ماڻڻ وارو، ڪو وڏو خوشنصيب ئي ھوندو. ھن کان وڌيڪ جيون ساٿي ڪنھن کي ڪٿان ملندو؟“
موسيو لنٽن، جيڪو وزارت داخله منجھ، ساڍا ٽي ھزار فرانڪ تي، چيف ڪلرڪ جي عھدي تي فائز ھيو، تنھن ھن حسين ڪنواريءَ سان پرڻي جو اظھار ڪيو، جنھن کي ھن جي ماءُ قبول ڪيو ۽ کيس ڌيءُ پرڻائي ڏئي ڇڏيائين.
موسيو لينٽن لاءِ، زال جو ساٿ، بيان کان ٻاھر خوشيون کڻي آڻيندڙ ھيو. سندس جيون ساٿياڻيءَ، گھر جي خرچن ۽ ڏھاڙيءَ جي معاملن کي خوش اسلوبيءَ سان ترتيب ڏنو، جو سندن زندگي وڏي عيش واري نظر اچڻ لڳي. مڙس جي مٿس نظر، خاص طور، محبت واري ھئي. ھوءَ به اھڙي قدر ساڻس لاڏ پيار ڪندي ھئي جو پرڻي جي ڇھين سال کان پوءِ به موسيو لينٽن، کيس ھني مون واري پھرئين ڏينھن کان به وڌيڪ ڀانئيندو ھيو.
ٿئيٽر ۽ نقلي ھيرا، ڄڻ ته سندس ھڪڙي ڪمزوري ھيا. وڏن عھدن تي ويٺل آفيسرن جون زالون، سندس سھيليون ھيون، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ٿئيٽر ۾ ھن لاءِ باڪس جي رزرويشن ڪرائينديون ھيون. خاص طور تي ڪنھن ڊرامي جي پھرين پيشڪش تي سندس مڙس، سڄو ڏينھن آفيس جي ڪمن ڪرڻ پڄاڻان ٿڪو ٽٽو، چاھيندي يا اڻ چاھيندي، سندس ساٿ ڏيڻ تي مجبور ٿيندو ھيو. ٿوري عرصي کان پوءِ، ھن پنھنجي ونيءَ کي ان ڳالھ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي ته ھوءَ ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ واري عورت کي ساڻ وٺيو وڃي، جيڪا موٽ تي کيس گھر ڇڏيندي وڃي. مُھڙ ۾ ته ھن، ان ڳالھ جي ڏاڍي مخالفت ڪئي، پر آخرڪار پنھنجي ور جي مرضيءَ آڏو آڻَ مڃي ڇڏيائين.
ٿئيٽر جو شوق ۽ زيورن جي خواھش، ساڻ ساڻ ھلندا رھيا. ليڪن پوشاڪ ۾ پھرئين ڏينھن واري سادگي، مگر فيشن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھي. جلد ئي ھن پنھنجي ڪنن جي سونھن، انھن وڻندڙ ۽ پر ڪشش نقلي ھيرن سان ڪرڻ شروع ڪئي، جن جي چمڪ ڌمڪ تي، سندن اصلي ھئڻ جو گمان ٿيندو ھيو. ڳچيءَ ۾ ڪوڙن موتين جو ھار، ڪاراين ۾ رول گول جا ڪنگڻ ۽ مٿي تي اميٽيشن جو نقلي تاج ھوندو ھيس. اڪثر سندس ور، بحث جي انداز ۾، کيس چوندو ھيو؛ ”منھنجي جان! جڏھن زيور تنھنجي خريد جي سگھ کان مٿي آھن ته تو کي حسن ۽ سادگيءَ جي سونھن سان دلين تي ڌاڪ ويھارڻ گھرجي، جيڪا عورت جو حقيقي زيور پڻ آھي.“
”مان ڪري به ڇا ٿي سگھان. زيورن سان مون کي وڏي محبت آھي. بلڪ زيور، منھنجي فطرت ثانيه آھن. ٻيو ته فطرت مَٽِڻ، انسان جي وس کان ٻاھر آ.“ وڏي مُرڪ سان جواب ڏيندي ۽ ھار کي آڱرين تي ويڙھيندي، ھٿ گھمائي ھيرن جي چمڪ سان سندس اکين کي انڌو ڪرڻ واري ڪوشش ڪندي، وڏي مسخريءَ واري انداز ۾ مُرڪندي چوندس؛ ”ڏس ته ڪيڏا نه دلڪش آھن. قسم سان چئي سگھجي ٿو ته اصلي آھن.“
ھو کلندي جواب ڏيندس؛ ”تنھنجو ذوق به عجيب آ!“
ڪڏھن ڪڏھن شام ڌاري، جڏھن باھ جي مچ آڏو ويھي، راز نياز جون ڳالھيون ڳرھندا ھيا ته ھوءَ مراڪش جو ٺھيل چمڙي جو ٿيلھو، چانھ واري ميز تي رکي ڇڏيندي ۽ اشتياقي نظرن سان نقلي ھيرن جو نظارو پئي پسندي. ھار، ضد زور سان مڙس جي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيندي. وري ويھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي چوندي؛ ”ڏاڍو سھڻو ٿو لڳين!“
سياري جي ھڪڙي شام ڌاري، ھوءَ ھڪڙي موسيقيءَ جي محفل ۾ شرڪت پڄاڻان، ڏڪندي پھتي. صبح ڌاري گھڻي کنگھ ٿي ويس. ھفتي جي اندر ئي اندر، سندس ڦڦڙ ناڪاره ٿي ويا. اھو ئي سندس موت جو سبب بڻيو.
موسيو لينٽن، ايڏو ته غم ۾ وڪوڙجي ويو، جو مھيني جي اندر ئي سندس وار اڇا ٿي ويا. سندس دل ئي ڀڄي پئي. جيون ساٿيءَ جي مُرڪَ، آواز، ۽ پيار جو تصور ڪري ھو روئي ڏيندو ھيو.... آفيس جي وقت کان پوءِ سندس سنگتي ساٿي مختلف موضوعن تي بحث ۾ محو ھوندا ته ھن جي اکين جي تُنرن ۾ ڳوڙھا پيا ترندا ۽ سڏڪا ڀري پيو روئندو. سندس زال جي ڪمري جي ھر شيءِ، ائين جو ائين پئي ھئي، جيئن سندس زندگيءَ جي ڏينھن ۾ پئي ھوندي ھئي.... سڄو فرنيچر، حتيٰ ڪ ان جي ڪپڙن تائين، ساڳئي انداز ۾ پيا ھيا. ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو روئندو.... ھن جي خيالن ۾ گم شم ھوندو. جلد ئي سندس آمدني، جنھن مان سندس زال بھترين نموني سمورا شوق پورا ڪندي ھئي، پنھنجي ضرورتن جي لاءِ ناڪافي محسوس ٿيڻ لڳي، جنھن تي ھو حيرت سان سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته ھوءَ ڪيئن انھن محدود وسيلن مان عمدو شراب ۽ ٻيا لوازمات پورا ڪندي ھئي. وري اھڙو وقت به آيو جو نوبت وڃي قرض وٺڻ تي پھتي. ھو ڦِٽل ڪوڏيءَ جو محتاج ٿي ويو.
ھڪڙي صبح جو، سندس کيسو صفا خالي ھيو. ھن ڪا شيءِ وٺڻ جو ارادو ڪيو ته کيس زال جي نقلي ھيرن جي زيورن جو خيال آيو.
آخري ڏھاڙن ۾ ھوءَ ھر شام ڌاري، ڪو نه ڪو زيور پاڻ سان ضرور آڻيندي ھئي. ھو ڪجھ دير ته سوچيندو رھيو. نيٺ آخر ھن وڏو ڳؤرو ھار وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندس نظرن ۾ ھٿ جو ڪم ھئڻ سبب، نقلي ھئڻ جي باوجود، ڇھن ستن فرانڪن ۾ وڪامجي سگھيو ٿي.
ھن اھو کڻي گيدي ۾ وڌو ۽ ڪنھن مناسب جوھريءَ جي دڪان جي ڳولا ۾ نڪري پيو. وڏي ڪوشش پڄاڻان کيس ھڪڙو مطلب جو دڪان ملي ويو. ھيءُ منجھس ھليو ويو. تنگدستيءَ سبب، پنھنجي ھڪڙي نيچ وکر تي شرمندگي محسوس ڪندي، ھن جوھريءَ کي ھار ڏيڪارڻ لاءِ ڪڍيو؛ ”جناب! ھيءُ ڪيتري جو ٿيندو؟“
جوھريءَ کڻي، وڏي غور سان ان جو معائنو ڪيو. پنھنجي ڪارندي کي سڏي ساڻس ڳجھي انداز ۾ سس پس ڪرڻ بعد، زيور ڪائونٽر تي رکي، پري کان پرکيائينس.
موسيو لينٽن چوڻ تي ھيو ته مون کي ڄاڻ آھي ته ھيءُ ڪو قيمتي وکرن منجھان ناھي ته جوھريءَ اڳي چئو ڏنو؛
”جناب! ھيءُ ھار ٻارنھن يا چوڏھن ھزار فرانڪن جو آھي. ليڪن مان اھو تيستائين نه خريد ڪندم جيستائين اوھان اھو نه ٻڌائيندئو ته ھيءُ اوھان وٽ ڪيئن آيو آھي؟“
ھن جون اکيون کليون جو کليون رھجي ويون. ھو جوھريءَ جي نقطه نظر کان ھٽي ڪري، حيرانگيءَ مان وڦلڻ لڳو؛
”اوھان ڇا چيو..... ڇا اوھان...... پڪ سان پيا چئو؟“
”اوھان ڪنھن ٻئي ھنڌان به چُڪارايو.“ جوھريءَ رکائيءَ سان جواب ڏنس. ”شايد ڪٿئون اوھان کي ٿورا اڃا وڌيڪ فرانڪ ملي وڃن. مان ته وڌ ۾ وڌ پندرنھن ھزار فرانڪ ڏئي سگھان ٿو. ٻيو ته اگر ان جي اھا ئي ٻولي لڳي ته مون کي خدمت جو موقعو ضرور ڏجو.“
ھن حيران ٿي ڪري، ھار کنيو ۽ دڪان منجھان ٻاھر نڪري آيو. دڪان کان ٻاھر نڪري سندس دل چيو ته؛ ”جوھريءَ جي بيوقوفيءَ تي بيھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيان. پاڳل ڪنھن جاءِ جو. جيڪڏھن مان کيس پابند ڪري وجھان ھا..... اصلي ۽ نقليءَ منجھ، فرق جي به خبر ڪانھيس ۽ جوھري ٿي ويٺو آھي.“
انھيءَ ٻڏتر ۾ ھيءُ ٻئي جوھريءَ جي دڪان ۾ وڃي گھڙيو. دڪان جي مالڪ جيئن ئي ھار ڏٺو ته ھڪدم رڙ نڪري ويس؛ ”ھن ھار کي ته مان چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. ھيءُ ته اسان جي ئي دڪان تان خريد ڪيو ويو ھيو.“
”ڪيتري قيمت جو آھي؟“
”مون اھو ويھن ھزار فرانڪ ۾ وِڪيو ھيو. ھاڻ مان ارڙھن ھزار فرانڪ ۾ واپس وٺڻ لاءِ تيار آھيان. اوھان کي، ھن جو ملڪيتي ثبوت ڏيڻو پوندو.“
”ليڪن.... ليڪن اوھان ھن کي چڱيءَ طرح پرکيو ته سھي. منھنجي ڄاڻ مطابق ته ھيءُ نقلي آھي.“
”اوھان جو نالو مبارڪ؟“ جوھريءَ پڇيو.
”لينٽن.... مان وزارت خارجه ۾ ملازم آھيان ۽ ۱۶ ريووش مارٽرش ۾ رھندو آھيان.“
واپاريءَ ڪتاب ۾ داخلا ڏسندي چيو؛ ”ھا! ته ھيءُ ھار مادام لينٽن کي ۱۶ ريووش مارٽرش جي ايڊريس تي پوئين سال ۲۰ جولاءِ ڌاري موڪليو ويو ھيو.“
ھن حيرانگيءَ مان جوھريءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ڏسندو ئي رھجي ويو.
”اوھان سڀاڻي تائين ھار، اسان وٽ ڇڏي وڃو.“ جوھريءَ ماٺ کي ٽوڙيندي چيس؛ ”مان اوھان کي رسيد ڏئي ٿو ڇڏيان.“
موسيو لينٽن ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ رسيد کيسي ۾ وجھي، اتان ھليو آيو.
سندس دل ۽ دماغ ۾ مانڌاڻ متل ھيو. بي مقصدو ھيڏي ھوڏي جا چڪر ڏئي، ھو دليلن سان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو. رکي رکي ھڪڙي ئي سوال، سندس وايون ولليون ڪري ٿي ڇڏيون؛
”ڇا ھوءَ ايترا مھانگا زيور خريد ڪري سگھي پئي؟ ھرگز نه! ته پوءِ ھيءُ تحفو ئي ٿي سگھي ٿو. تحفو به ڪنھن جي طرفان ۽ ڇا جي مد ۾؟“
رستي جي وچ تي پھچي، ھو ھڪدم بيھي رھيو. بيان کان ٻاھر شڪَ سندس دل ۾ واسو ڪري ويھي رھيا ھيا؛ ”تحفو... پوءِ اھو ان کي ئي ڇو ڏنو ويو؟ پوءِ ته ٻيا سمورا زيور به تحفو ئي ھوندا.“
ھو سوچڻ لڳو ۽ ڌرتي سندس پيرن ھيٺان کسڪڻ لڳي. ھن ٻانھون کنڊيڙيون ۽ بيھوش ٿي، زمين تي اچي ڌوڙيو ڪيائين.
جڏھن کيس ھوش آيو ته ھو اسپتال ۾ پيو ھيو. ماڻھن کيس کڻي، اتي پھچايو ھيو. بيمار نه ھئڻ جي سبب، اتان کيس ڊسچارج ڪيو ويو. گھر پھچي، ھن پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ سمھڻ تائين ڏاڍو رنو. حتيٰ ڪ ٿڪجي ٽٽي ننڊ پئجي ويو.
ٻئي ڏينھن سج چڙھئي، سندس اک کلي. ھو آفيس وڃڻ لاءِ اٿيو. ليڪن ٻئي لمحي ۾ پنھنجو اردو مٽائي ڇڏيائين. ڇو جو اھڙو جھٽڪو اچڻ کان پوءِ ڪم ڪرڻ، سندس لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھيو. تنھن ڪري درخواست ڏياري موڪليائين. تھان پوءِ کيس خيال آيو ته کيس جوھريءَ جي دڪان تي به وڃڻو آھي. دل ته ڪو نه پئي گھريس، ليڪن اھو ھار، جوھريءَ کي ڇڏي به نه پئي سگھيو.
آسمان چٽو ھيو ۽ وڻندڙ ڏينھن جي ڄڻ ابتدا ھئي. نيرو آسمان، انتھائي ھيٺانھين ۾ مشغول شھر مٿان، ڄڻ مُرڪي رھيو ھيو. سھوليتن سان جنجھيل ماڻھو، کيسن ۾ ھٿ وجھيو، اچي وڃي رھيا ھيا. سندن غور سان مطالعو ڪندو، موسيو لينٽن سوچي رھيو ھيو؛ ”اميريءَ ۽ خوشيءَ جو، پاڻ ۾ چولي ۽ دامن وارو ساٿ آھي. ڌن، انسان جي ڏکن ڏولائن جو ترياق آھي. دولت جي ھئڻ سان، ڏکن کي وسارڻ لاءِ انسان ڪاٿي به وڃي سگھي ٿو. ڪاش! مان به دولتمند ھجان ھا. وري کيس خيال آيو ته؛ ھو ڪالھ کان وٺي بک تي آھي. ليڪن سندس کيسو خالي ھيو. جنھن کان پوءِ کيس، يڪدم ھار ياد اچي ويو ۽ ارڙھن ھزار فرانڪ....... ارڙھن ھزار فرانڪ!
ايڏي وڏي رقم. ترت ھيءُ جوھريءَ جي دڪان جي آڏو ھيو. ڪيئي دفعا ارادو ڪرڻ جي باوجود، شرم ۽ حياءَ کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. ليڪن ھو بک تي ھيو ۽ کيسو خالي ھيس. نيٺ ھو دل جھلي دڪان ۾ گھڙي ويو. دڪان جي مالڪ، کيس ڏسي ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪندي، پڇيس؛
”موسيو لينٽن! جيڪڏھن اوھان ھار وڪڻڻ جو ارادو رکو ٿا ته مان چيل رقم ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“
”بيشڪ! مان ان لاءِ ئي آيو آھيان.“
جوھريءَ دراز جو خانو کولي، رقم ڪڍي ۽ ڳڻي ھن ڏانھن وڌائي. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان پئسا کيسي ۾ رکيا ۽ رسيد تي صحي ڪري، واپسيءَ لاءِ مُڙندي جوھريءَ ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو؛ ”ان کان علاوھ، انھن ئي ذريعن سان حاصل ڪيل، مون وٽ ڪيئي ٻيا به زيور آھن. اگر چئو ته اھي به آڻيان؟“
”ضرور.... ضرور صاحب!“ جوھريءَ جواب ڏنس ۽ ان کان ڪلاڪ کن پوءِ، ھو سمورن زيورن سميت جوھريءَ جي دڪان تي ويٺو ھيو.
”ھيري جون واليون..... ويھ ھزار فرانڪ. بازوبند.... پنجٽيھ ھزار فرانڪ، چوڙيون... سورنھن ھزار فرانڪ، ياقوت ۽ زمرد جو سيٽ.... چوڏھن ھزار فرانڪ. جھمڪيون ۽ سوني زنجيري.... چاليھ ھزار فرانڪ.“
ملائي سلائي ھڪ لک ٻائيتاليھ ھزار فرانڪ ٿيا، جنھن تي جوھريءَ چرچي واري انداز ۾ چيس؛
”واھ سائين واھ! اوھان ته پنھنجا سمورا اثاثا، قيمتي زيورن تي لڳائي رکيا آھن.“

***

(سنڌي روپ: ڊاڪٽر مرتضيٰ عادل جي ڪيل اردو ترجمي تان)

حقيقت ڪن خواب - عزيز نيسن

حقيقت ڪن خواب - عزيز نيسن

حقيقت ڪن خواب
(ترڪي ڪھاڻي)

ھو پنڌ ڪري ڪري، ساڻُو ٿي پيو ھيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، پير گيسڙائي گيسڙائي، اڳتي رڙھي رھيو ھيو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھيس ته؛ انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي، موت کان اڳي، ان ٻوجھ کان آجائي نه ٿي ملي سگھي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي. رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگھي پئي ويون، مگر ھيءُ پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو.
”ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھ آ. جسم جيترو جھيڻو ٿيندو ٿو وڃي، ان ڪمبخت جو ٻوجھ کڻڻ، وري اوترو ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. .... ٿورڙو ھنن گاڏين کي ته ڏس! ڇا ڇا ته رنگ اٿن، ڇا ڇا ته شڪليون اٿن... منھنجو وزن ڪو پنجاھي کن ڪلو ته بيھندو؟ اڙي يار نه! پنجاھ ڪلو ڪاٿي؟ اھو ڪو چاليھ پنجيتاليھ جي لڳ ڀڳ ٿيندو.“
ائين رستي ھلندي، ھو پنھنجي پاڻَ سان ڳالھائيندو پئي ويو. پاڻ کان پاڻ سوال ڪري ۽ وري پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏئي رھيو ھيو. ٿورو کنگھڻ بعد وري سوچڻ شروع ڪيائين؛
”ڪير سوچي به نه پئي سگھيو ته ڪڏھن منھنجا ھھڙا حال به ٿيندا... ڪاش منھنجي کيسي ۾ ايترڙا پئسا ھجن ھا جو ھڪ ويلي جو نانڙو ئي وٺان ھا. اگر ان نان سان گڏ، گرم گرم چانھ جي پيالي به ٿي وڃي ھا ته ڪيا بات ھجي ھا...“
گاڏيون اچي، تيزيءَ سان سندس ويجھي کان لنگھيو ٿي ويون. ايتري ۾ ھڪ بلڪل نئين، گھري نيري رنگ جي ڪار، سندس پاسي کان لنگھي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪار کيس ڏسي، ڍري ٿي ھجي. چتائي ڏٺائين ته اسٽيئرنگ تي ھڪ عورت نظر آيس. ھڪڙي خوبصورت شعر وانگر حسين عورت. جنھن جا ڪارا وار، ھوا سبب وکريل ھيا. پھرين سٽ ته کيس ائين لڳو ڄڻ اھا سھڻي حسينا، پنھنجي گاڏي ڍري ڪري کيس چتائي پئي ڏسي. ھيءُ مشڪيو. مشڪڻ سان ھن جي سڪل ڳٽن جي گھنجن جي ڳاڻيٽي ۽ گھرائيءَ ۾ واڌارو اچي ويو. سوچڻ لڳو؛ ”پوريءَ حياتيءَ ۾ حسن جي نظر اسان تي پئي ته عمر جي ڪھڙي اڻ سونھندڙ مرحلي ۾ اچي پئي!“
اکيون کيريون ڪندڙ ڀنڀاٽ ڪار، تيز ٿي ۽ اڳڀرو نڪري وئي. ڪو چاليھارو گز کن اڳتي وئي ھوندي جو وري بيھي رھي. مڙھ ڪراڙو، ٿڪاوٽ کان ساڻُو، پير گيسڙائي، رڙھي رھيو ھيو. جڏھن نيري ڪار جي ويجهو پُڳو ته حسينا، دريءَ منجهئون منڍي ڪڍي، غور سان جائزو ورتس. ھاڻي ته شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه بچي ھئي. حسن جي نگاھِ ڪرم، پڪ ئي پڪ ھن ڀاڳ ڀريي تي ئي پئجي رھي ھئي. تنھن ھوندي به ھن مڙھي جي دل، ان حسين حقيقت کي، مڃڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿي. ھن سوچيو؛ ”بک، منھنجي مغز تي سوار ٿي، ان کي ڌوڏي رکيو آھي. جنھن ڪري مان ڏينھن ڏٺي جو، ھلندي گھمندي، خواب ڏسڻ لڳو آھيان.“
نيري گاڏي وري چُري ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي وري بيھي رھي. عورت اڃا به کيس ئي تڪي رھي ھئي. مڙھي سوچيو؛
”لاشڪ! ڀُلي آ. ڪنھن ٻئي جو ڀولو ٿيو اٿس. يا شايد منھنجي حالت تي ترس پيو اچيس.“
وري پنھنجي پاڻ سان مذاق ڪندي، دل ئي دل ۾، چيائين؛ ”استاد! ھيءَ پڪ ڄاڻ، تو تي اڪن ڇڪن ٿي آھي.“
نيري گاڏي، ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳتي وڌي وئي. ٿورو اڳتي وڃي، وري بيھي رھي. حسينا، ھاڻي ھن ڏانھن جُوھ وجھي، چتائي تڪڻ لڳي. سندس ائين ھلي ھلي بيھڻ ۽ بيھي بيھي وري ھلڻ، مڙھي کي ڏاڍو پريشان پڻ ڪري رھيو ھيو. ھو، ان جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ به، ڏاڍو بي چين پئي ٿيو.
”ڇا؟ اھا وڄ تو تي ئي ڪرڻ لاءِ آتي بيٺي آ. اگر نه، ته پوءِ ٻيو ڪھڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟“
اھو سوچيندي، ھيءُ رستي جي پرينءَ ڀر واري فٽ پيريءَ تي ھليو ويو. مائيءَ، ڪار جي ٻي دريءَ منجھان، نظرون مٿس کُپائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪراڙي جو شڪ، پڪ ۾ مٽجڻ لڳو.
”ڏٺو وڃي ته مان جوانيءَ ۾ ڪو ايترو ڪوجھو به نه ھيس، بلڪ سھڻو به سڏائي سگھيس پئي.“
ھاڻ ھو، وڏو شاھي رستو ڇڏي، کاٻي ھٿ تي ننڍڙي رستي تي ھلڻ لڳو. نيري گاڏي به اوڏانھن مڙي وئي. ھن دفعي جو ڪار، ڪراڙي جي آڏو پھتي ته حسينا کيس سڏي چيو؛
”دروازو کول!“
ھن دروازو کوليو.
”اندر ويھ!“
مڙھ ڪراڙو، گھٻراھٽ ۽ خوشيءَ جي رل مل جذبن تحت، پھرين ته ٿورو ٽھيو مگر مائيءَ جي مرڪڻ، کيس دل ٻڌرائي ۽ ھو ڪار جو دروازو کولي اندر اچي ويٺو. گاڏي، ھوا سان ڳالھيون ڪندي ھلڻ لڳي. واٽ تي نه مائيءَ ڪجھ ڪڇيو ۽ نه ئي مَڙَھ چپ چوريا. گاڏي، ھڪ شاندار عمارت آڏو اچي بيٺي. حسينا اڳيان اڳيان ۽ مَڙُھ پويان پويان. ٻئي، گھر ۾ گھڙيا. ھڪڙي نوڪرياڻيءَ آدرڀاءُ ڪين. ان، مڙھي کي حيرت منجھئون ڏٺو. حسينا ۽ مڙھو، ھڪڙي ھال نما ڪمري منجھ گھڙيا. عورت، مڙھي کي ويھڻ جي ساھي ڏني بغير، حڪم ڏنو؛
”ڪپڙا لاھ!“
”جي؟ جي ٿوري اجازت ملي ته مان ٿورو....“
ٻڍڙي، ڊڄندي ڊڄندي پنھنجي ڦاٽل، پراڻي ۽ ميري نِڪُ قميص لاٿي.
”پتلون به لاھ!“
مڙھي جا سمورا شڪ، ھاڻي لھي ويا. کانئس سڄي بک ۽ ٿڪاوٽ وسري وئي. سوچڻ لڳو؛
”آخر ماڻھو ئي ته آھي. انسان جي دل جي پورَ بابت، ڇا ٿو چئي سگھجي؟ سو به وري عورت جي دل جي باري ۾. ھن حسينا کي به ضرور منھنجي ڪا نه ڪا ادا پسند اچي وئي آھي، جنھنڪري سندس دل ميڻ ٿي وئي آھي.“
ھن پتلون به لاٿي. حسينا، ھڪڙيءَ گھنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. جھٽ پلڪ ۾ ھڪ عورت اندر گھڙي. اھا نوڪرياڻي ھئي، پر مالڪياڻيءَ کان جيڪڏھن وڌيڪ نه ھئي ته گھٽ ۾ گھٽ ان جيتري سھڻي ضرور ھئي. مڙھي سوچيو؛ ”اھا ته وڏي بي حيائي آھي. ھن عمر ۾ ٻن حسين پَرِيُن اڳيان، ائين ھڪڙي گنجيءَ ۽ ھڪڙي ڪڇي ۾ بيھڻ، ڪٿان جي شرافت آ.“
حسين مائيءَ، نوڪرياڻيءَ کي چيو؛
”آئيءَ کي چئه ته ٻارڙن کي وٺي اچي.“
نوڪرياڻي، ٻاھر نڪري وئي. مڙھو، ڪڇي منجھ ڦَرڪِي رھيو ھيو. خبر ناھي ته سيءَ کان پئي ڦَرڪيو يا ھيجاني ڪيفيت سببان. گھڻو اڳي ھن ٻڌو ھيو ته؛ ڪنھن عورت، محض پنھنجي مڙس جي بيوفائيءَ سببان، ڪنھن واٽھڙو ڌاريي سان معاشقو ڪيو ھيو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو؛ ”ڪٿي ھيءَ عورت به مون کي ان ئي مقصد جي لاءِ ھٿيار بنائڻ جو ارادو ته نه ٿي رکي.“
نوڪرياڻي موٽي آئي. ساڻس ھڪڙي گھر-دائي ۽ ٽي ٻارڙا ھيا. مڙني کان وڏو ٻارڙو، ڏھن سالن جو ھوندو. مڙني کان ننڍڙي ٻارڙي ڇھن سالن جي. ٻه ڇوڪريون، ھڪ ڇوڪرو. ٽئي ٻارڙا، فرشتن وانگر معصوم ۽ خوبصورت. مڙھ ڪراڙي، دل ئي دل ۾ چيو؛
”نوڪرياڻي ۽ گھر-دائيءَ جي ڪا ڳالھ ناھي، پر ٻارڙن کي ھڪڙي نپٽ نانگي ماڻھوءَ آڏو ائين اچي بيھاري ڇڏڻ، بي حيائي ناھي ته ٻيو ڇا ھي؟“
مڙھي جون ڄنگھون، بانس جي لڪڙن وانگر ٺوٺ سڪل ھيون. ڳچي، ڪاني وانگر سنھي. پاسراٽين جون ھڏيون، پري کان بيٺي ڳڻي سگھجن. ائين لڳي رھيو ھيو ڄڻ، ھڪڙو ھڏائون پڃرو، مٽيءَ مَرُ واري چمڙيءَ ۾ مڙھائي بيھاريو ويو ھجي.
خوبصورت عورت، گھر-دائيءَ کان پڇيو؛
”اڄ نرگس، ماني کاڌي ھئي يا نه؟“
”ٿورڙو گرھ کاڌو ھيائين، بيگم صاحبا!“
”۽ شميمِ؟“
”بيگم صاحبا! ان کي ته مُور بک ئي نه ٿي لڳي. اڄ به ڪجھ نه چکيائين.“
”۽ منظورَ؟!“
”ھا! ان ٿورو چاڪليٽ چکيو ھيو. بس ٻيو ڪجھ به نه کاڌائين.“
خوبصورت عورت، ٻارڙن ڏانھن ائين نھاريو ڄڻ کين ڊيڄارڻ پئي چاھيائين. وري نپٽ نانگي، ڦَرڪندڙ ڪراڙي ڏانھن اشارو ڪري، ڪاوڙ مان چيائينِ؛
”ڏسو! ھن شخص کي ڏسو پيا نه؟! ان جون ھڙٻاٽيون ڪيئن ٻاھر نڪتل آھن. ياد رکو! جيڪڏھن ڍءُ ڪري ماني نه کائيندئو ته توھان جي حالت به ساڳي ٿي ويندي.“
ٽي فرشتي صفت ٻارڙا، ھيسجي پنھنجي ماءُ جي ماسيرين سٿرن سان چنبڙي پيا. حسين عورت، مڙھ ڪراڙي ڏانھن ڏٺو ۽ چيائينس؛
”چڱو بابا! جلدي ڪپڙا پاءِ! ۽ ھلڻ جي ڪر!“
***
(سنڌي روپ: ڪرنل مسعود اختر شيخ جي ڪيل اردو ترجمي تان)

الف ليلا وارو حجم - چراغ حسن حسرت

الف ليلا وارو حجم - چراغ حسن حسرت

الف ليلا وارو حجم
(ريخته ڪھاڻي)

حجم يا نائي، شاهجھان پور جاهجن يانگينه جا، لاهور جا هجن يا امرتسرجا؛ هڙ جوهڙ ڳالهير ضرور هوندا آهن. صرف فرق ايترو آهي ته ڪنهن جي زبان قئنچيءَ وانگر هلندي آهي ۽ ڪنهن جي پاڪيءَ وانگر. ڪنهن جي ڳالهين ۾ برش واري نرمي ھوندي آ ته ڪنهن جي گفتي ۾ نشتر واري تيزي. ڪو صرف لفظن ۾ حجامت ڪندو آ ته ڪو وار تان به کل لاهي وٺندو آ.
منهنجو دوست چوڌري محمد علي، انهن ڳالهير حجمن کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. ان معاملي ۾، هو حق بجانب پڻ آهي. ڇو جو سندس حجم، جنهن جي خاندان ۾ سؤپيڙهين کان ”حجامت“ يا ائين کڻي چئو ”خلافت“ هلندي پئي اچي، اهڙيءَ طرح هن جو مزاج سڃاڻندڙ آهي، جهڙيءَ طرح سندس ابا ڏاڏا چوڌري صاحب جي ابي ڏاڏي جي مزاج کي سڃاڻندا هيا. جڏھن خط ٺاهيندي ٺاهيندي پاڪي، شهه رڳ جي ويجھو پهتي ته خليفي چيو؛ ”چوڌري! مينهن لاءِ گاهه کپي!“ چوڌري ويچارو، ان حالت ۾ انڪار ڪرڻ کان ته ويو. چهري تي مشڪڻ جا آثار پيدا ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪندي، جواب ڏنائين؛ ”کڻي وڃجانءِ!“ خليفي نقصان ڀانئيندي اڃا پير ڊيگھاڙيا ۽ چوڻ لڳس؛ ”چوڌري! هيل سارين مان، اسان کي ونڊ نه مليو!“ غرض ته خليفي، خط ٺاهيندي ٺاهيندي، ويچاري چوڌريءَ کي ئي ڪوڙي ڇڏيو.
مان حجمن کان ڪڏهن نه ڊڳو هيس. ليڪن پر سال هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن سندن اهميت، منهنجي دل ۾ ويهاري ڇڏي. شام جو وقت هيو ۽ مان هڪڙي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هيس. رپن اسٽريٽ کان ٿورو اڳتي وڌيس ته سامهون هڪڙي حجم جو دڪان نظر آيو. جنهن تي بغداد هيئر ڪٽنگ سليون، لکيل هيو. مون ٻن ڏينهن کان سنوارت نه ٺاهي هئي. حجم جو دڪان ڏسي، منهنجو کاٻو هٿ، اڻ لکو کاڏيءَ تي پهچي ويو ۽ مون دل ئي دل ۾ چيو؛ ”هيءُ حجم به طبيعت وارو ٿو لڳي. جنهن پنهنجي خلافت جي روايت کان دڪان جو نالو؛ بغداد هيئر ڪٽنگ سيلون چونڊيو آهي. ٻن منٽن ۾، کانئس سنوارت ڇو نه ٺهرائجي.“
مون کان اڳي، دڪان ۾ صرف هڪڙو ڊگھي قد ۽ ويڪري هڏڪاٺ وارو همراهه، خط ٺهرائي رهيو هيو. سندس وڏا وڏا شهپر ائين لڳي رهيا هيا ڄڻ کوهه جي پڳ تي آرپار ٻه ڪانءَ ويٺا هجن. خليفي، مون ڏانهن ڏٺي بغير، چيو؛ ”ويهو! مان اجھو واندو ٿيس!“
اهو حجم، هلڪي قد ۽ ڳتيل بت جو ماڻهو هيو. مون ڏانهن ته سندس پٺي هئي، ليڪن آئيني منجھان سندس چهرو چٽو نظر پئي آيو. سندس ڳٽا سڪڙيل هيا، اکيون اندر دٻيل هيس. خط ٺاهڻ کان واندو ٿي، مون ڏانهن ڌيان ڪيائين ۽ چوڻ لڳو؛ ”ٻڌايو! اوهان وار ٺهرائيندؤ يا صرف ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو ارادو اٿو؟“
مون جواب ڏنو؛ ”وار ته پوءِ به ڪترائي سگھبا، هن وقت مون کي ڏاڙهي ئي ڪوڙائڻي آهي.“
”اوهان جي ڏاڙهيءَ جا وار، ٿورا سخت ٿا نظر اچن. مان حجامت ۾ هميشه ڪسبت جي اصول کي مد نظر رکندو آهيان. انهيءَ ڪري ڏاڙهي ڪوڙائيندي، اوهان کي ٿوري دير ٿيندي. ليڪن حجامت اهڙي ٿيندي، جو ڪلاڪ سوا وارن جي پاڙن تي هٿ ڦيريو ته به پتو نه پوي. اصل ۾ هيءُ هنر، آسان ناهي جو ڪنهن کي پاڪي جھلڻ آئي، حجم ٿي ويو. ميان! حجم ڪو ڪو هوندو آ. ور نه ته جيڪي ماڻهو ڀاني بغل ۾ وجھيون پيا ڦرن ۽ حجم، خليفو ۽ خدا ڄاڻي ته ڇا ڇا پيا ڪوٺرائين سي گاهي آهن گاهي. دراصل گاهيءَ ۽ حجم، کرپيءَ ۽ پاڪيءَ ۾ وڏو فرق آ. مگر ان فرق کي، اُهي ماڻهو سمجھن ٿا، جن کي الله سوچ سمجھه ڏني آ.“ اهو چئي، هن پنهنجي نائب کي اشارو ڪيو ۽ برش کڻي مون ڏانهن وڌيو.
حجم پاڪيءَ کي ڇيرو ڏيندي ڏيندي چيو؛ ”اوهان کي خبر آهي، اسان جي پٺيان جيڪا هوٽل آهي، اُتي ڪالهه رات خون ٿي ويو هيو. ٻڌو آ ته لکنئو جي هڪڙو نوجوان سيٺ کي ڪنهن ظالم، ڇُرو گُپائي ماري وڌو. مقتول جي نوجوان زال، ساڻس گڏ هئي. اها چوي ٿي ته؛ اڌرات ڌاري، ڪنهن اسان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو. منهنجو مڙس ٻاهر نڪتو. ٻاهر ڪو ماڻهو ڪمبل ويڙهيو بيٺو هيو. ٿوري دير ٻئي آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا رهيا. پوءِ مون کي پنهنجي مڙس جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ ان سان گڏ ائين لڳو، ڄڻ ڪجهه ماڻهو، تڪڙا تڪڙاڀڄن پيا.“
”مون خود لاش ڏٺو آهي. لڳي ٿو ته پهرئين ڌڪ تي ئي آنڊا ٻاهر نڪتااٿس ۽ مقتول تڙڦي تڙڦي ٿڌو ٿي ويو آ. عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن ڪري ڪرسيءَ تي اوهان ويٺا آهيو، هاڻ ٻه ڏينهن ٿيندا، ويچارو سيٺ، اتي ويٺي کلي کلي مون سان ڳالهيون ڪري رهيو هيو.“
اهو ٻڌي، منهنجي سڄي بت ۾ ڦرڪڻي پئجي وئي. حجم، پاڪي منهنجي لوندڙيءَ تي رکي ۽ چوڻ لڳو؛ ”مون اهو به ٻڌو آهي ته جنهن عمارت ۾ اها هوٽل آهي، ان ۾ ڀوتن جو واسو آهي. گھڻن ماڻهن، رات جي وقت ۾، هڪڙي سياهه-پوش کي گھمندي ڏٺو آ. سندس هڪڙو هٿ ڪپيل آهي ۽ منجھانئس تازو رت ٽمندي ڏٺو اٿائون. ٻئي هٿ ۾ تلوار اٿس، جنهن کي گھمائيندو، هوٽل منجھئون لنگهي هليو ٿو وڃي.“
اهو چوندي چوندي، خليفي پاڪيءَ کي اهڙيءَ طرح ڦيرڻ شروع ڪيو، جو مان ڊڄي ويس.گهڙي پلڪ، هو چپ چاپ، حجامت ڪندو رهيو. وري چوڻ لڳو؛ ”ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته اگر ڪو حجم، حجامت ڪندي ڪندي پاڳل ٿئي ته ڇا ٿئي؟ ڏسو نه، هن وقت پاڪي اوهان جي نڙگهٽ تي آهي. اگر مان چاهيان ته.....“ اهو چئي، هن اهڙيءَ طرح مون ڏانهن ڏٺو، جو منهنجي واتان هلڪي چيخ نڪري وئي.
هو ڏاڙهي ڪوڙي چڪو ۽ چوڻ لڳو؛ ”هاڻ ٿورو آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي وٺو ۽ منهنجي هنرمنديءَ جو داد ڏيو.“ مان ته اڳي ئي ڀريو بيٺو هئس، سو ڪڙڪو ڪري چيومانس، ”ڌوڙ ۾ پئو! تون ۽ تنهنجي هنر مندي!
هن چيو؛ ”ڇا ٿيو؟“
مون چيو؛ ”ڇا خوش، اڃا ڪجهه ٿيو ئي ناهي! توکي جنن ڀوتن جي ڪهاڻين ۽ قتل ۽ خون جي قصن ٻڌائڻ جو ڪنهن چيو هيو!“
هو چوڻ لڳو؛ ”اڇا! ته پوءِ اوهان منهنجيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي وئيو! حالانڪ منهنجي هنرمندي پاڪيءَ جي ڌار ۾ ناهي، بلڪ انهن ڳالهين ۾ آهي. اوهان ايترو ته ٻڌو هوندو ته ڊپ ۽ دهشت جي عالم ۾ ماڻهوءَ جا وار ڪانڊارجي ويندا آهن. اهو ڪو اجايو خيال ناهي. منجھس ڪنهن حد تائين حقيقت آهي. بلڪ منهنجو ته تجربو آهي؛ جڏهن انسان تي هيبت ۽ دهشت جي ڪيفيت چڙهندي آهي ته سندس بت جي سمورن وارن منجهه هڪ ڇڪ پيدا ٿيندي آهي. هڪ حجم جي نڪتہنگاھکان اها ڇڪ، وڏي مفيد آ. ڇو جو ان حالت ۾، آسانيءَ سان حجامت ٺاهي سگهي ٿو. اگر مان اوهان کي اهي قصا نه ٻڌايان ها ته اوهان جي ڏاڙهي، ڪيئن ڪوڙي سگھو ها! اگر ڪوڙي به وٺان ها ته چمڙي هنڌئون هنڌئون ڇلجي وڃي ها! ٿورو آئيني ۾ ته ڏسو! ڪٿي ڪا ھلڪڙينُهنڊ به نه آئي آهي. حقيقت ۾، اوهان کي به اڄ تائين،ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال حجم سان واسطو نه پيو آهي. بهرحال اگر اوهان کي منهنجي ڳالهين مان ٿوري ٿڪي تڪليف پهتي آهي ته مان معافي ٿو گھران.“
سندس اهو دليل ٻڌي، منهنجي ڪاوڙ ڪنهن حد تائين گھٽجي وئي ۽ مون چيو؛ ”تو پنهنجي دڪان جو نالو ’بغداد هيئر ڪٽنگ سيلون‘ ڇو رکيو آهي؟“
چوڻ لڳو؛ ”منهنجا ابا ڏاڏا، بغداد کان آيا هيا. اسان جي خاندان ۾ هيءُ فن، لڳ ڀڳ هزار سالن کان هلندو ٿو اچي. اوهان الف ليلا ۾، بغداد جي هڪ حجم جو حال پڙهيو هوندو. منهنجو شجرو، انهيءَ شخص سان وڃي ملي ٿو.“

***

ان جي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو - چراغ حسن حسرت

ان جي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو - چراغ حسن حسرت

ان جي پڙھڻ سان گھڻن جو ڀلو ٿيندو
(ريخته ڪھاڻي)

ھُن، جھاز تان لھندي ئي منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو. سندس انداز منجھان ائين پئي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جي گولي جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ھجي ۽ بمبئيءَ، ورھين پڄاڻان آيو ھجي. ھن جھڙو بدشڪل ۽ بي ڊولو شخص، اڄ تائين منھنجي نظر مان نه گذريو آ. ليڪن سندس بدصورتيءَ ۾ به ھڪ خاص قسم جي ڇڪ ۽ ڪشش ھئي. سندس بي ڊولن مھانڊن، ڪاري رنگ ۽ اڍنگي بت تي نظر پوندي ئي ماڻھوءَ کي بيزاريءَ جي احساس سان گڏوگڏ حيرت پڻ ٿيڻ لڳي.
سندس نالو شھريار ھيو. مون سان جلد گھرگھلو ٿي ويو. ھن جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ته لڳو پئي ته ڄڻ سندس آواز ۾ ھڪ قسم جو مٺاس ۽ نرمي ھجي. سندس ڳالھيون ٻڌي، ماڻھوءَ جي دل خواھ مخواھ ڏانھنس ڇڪجي پئي وئي. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ پڄاڻان، مون کي چوڻ لڳو؛ ”عورتن جو اندر، ڪو به نه ٿو ڄاڻي سگھي.“ اھو ٻڌي، مون کي کانئس، ھڪ قسم جي مايوسي ٿي پئي. ڇو جو مان ان شخص کان، جيڪو بظاھر سياح پئي لڳو، ڪو عجيب غريب داستان ٻڌڻ پئي گھريو. مگر ھن ھڪ اھڙي ڳالھ ڪري وڌي، جيڪا ھزارين سالن کان ماڻھو چوندا آيا آھن. چڱي وٿي وجھي، ھو پڇڻ لڳو؛ ”تو ’اوراتما‘ جو نالو ٻڌو آھي؟“
مون جواب ڏنس؛ ”مون کي ٿورو ياد پوي ٿو. شايد ڪنھن ناچڻيءَ يا خوشبوءِ جو نالو آھي.“
ھو چوڻ لڳو؛ ”نه صاحب! ’اوراتما‘ ھڪ شھر جو نالو آھي. ھيءُ شھر اھڙي ھڪ ملڪ ۾ واقع آھي جنھن بابت اوھان ماڻھو ڪجھ به نه ٿا ڄاڻو. وري جي مان اتان جون حالتون ٻڌايان ته اوھان ڪجھ سمجھندئو به نه. بس ايترو ٻڌي ڇڏ ته ان ملڪ جي حڪومت ھڪ آمر جي قبضي ۾ ھئي ۽ اتي چوچلا نالي ھڪڙي جڙي ٻوٽي ججھي پيدا ٿيندي آھي. ان ملڪ ۾ اوھان جي ھن خادم کي ھڪڙو واقعو پيش آيو، جنھن کي وسارڻ ناممڪن آ.
مان ان ملڪ ۾ پورا پندرھن سال رھيو آھيان. اتان جي حاڪم جو مشير ھيس ۽ ھو منھنجي مشوري کان بغير ڪو به ڪم نه ڪندو ھيو. منھنجي چوڻ تي ڪڏھن ھو پاڙيسري سلطنتن سان جنگ جوٽيندو ھيو ۽ ڪڏھن ناڪي ۽ آمد ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندو ھيو. مون کي اثر و رسوخ فقط پنھنجي زباني طاقت جي ڪري حاصل ٿيو ھيو. اھو صحيح آھي ته بد صورتيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ ھيس. مگر قدرت مون کي بيان جو حسن ۽ زبان جو مٺاس عطا ڪري، ان ڪميءَ جي تلافي ڪري ڇڏي ھئي. مان به ان ئي قوت جي ٻَرَ تي سلطنتن کي قرض وٺڻ يا ڏيڻ تي آماده ڪري سگھان ٿو. سپاھي منھنجي تقرير ٻڌي، جنگ جي ميدان جي پٿريلي زمين تي راتيون گذاري ڇڏيندا آھن ۽ اُف به نه ڪُڇندا آھن. مون کي زبان جي تلوار جي زور تي شورش کي ختم ڪرڻ جو ڍنگ به اچي ٿو. جنگ جا ڪتا، منھنجي سيٽيءَ جو آواز ٻڌي ڇيڇاڙ باڇاڙ ڪندا آھن ۽ امن جا پاريھر منھنجي ھڪڙي اشاري تي پنھنجا پَرَ ٽيڙي ڇڏيندا آھن. جڏھن ماڻھو مون کي پھريون دفعو ڏسندا آھن ته ڏڪي ويندا آھن، ليڪن جڏھن مان زبان کوليندو آھيان ته ڏھن منٽن جي اندر اندر پوريءَ طرح مٺ ۾ ڪري وٺندو آھيانِ. ڇا تنھنجي خيال ۾ اچي ٿو ته ڪا عورت مون جھڙي شخص کي پسند ڪندي؟“
مون چيس؛ ”تاريخ ۾ اھڙا مثال ته موجود آھن ته.........“
ھو ڳالھ ڪٽيندي چوڻ لڳو؛ ”معاف ڪجو! اوھان منھنجو مطلب نه سمجھيو. ٿورو منھنجو داستان ٻڌي وٺو ته اوھان تي منھنجو مطلب واضح ٿي پوندو. يوسف، منھنجو ھڪڙو دوست ھيو. ان جا وار ڀورا ھيا ۽ اکيون نيريون، جيڪي کلڻيون لڳنديون ھيون. جڏھن ته ھو مردانگيءَ واري حسن جو پورو نمونو ھيو، ليڪن سندس ڳالھائڻ ۾ ڪا ڪشش نه ھئي. منھنجي ۽ ھن جي دوستيءَ جو سبب به اھو ھيو ته اسان ٻئي ھڪٻئي جو ضد ھياسين. ھو جڏھن منھنجي چھري تي نظر وجھي ته سندس دل ظاھري وجاھت ۽ مردانگيءَ واري حسن جي غرور ۾ ڀرجي وڃي. وري جڏھن سندس نڙيءَ مان چند اڻ چٽا آواز نڪرن، جنھن کي ھو ڳالھائڻ سان نسبت ڏيندو ھيو، ته مون کي اطمينان ٿي ويندو ھيو ته خدا مون کي سھڻي صورت ناھي ڏني ته ڇا ٿيو، زبان ۾ ته اثر رکيو اٿائين.
ھڪ دفعي مون کي شھر ’اوراتما‘ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿي پيو. ان موقعي تي وري يوسف به ساڻ ھجيم، ڇو جو کيس ان ملڪ ۾ تمام گھڻا واپاري حق حاصل ھيا. ھو ڪيترن ئي ڪارخانن جو مالڪ ھيو. سڄي ملڪ ۾ مھنجي نالي جي ھاڪ ھئي. اخبارن ۾ منھنجون تعريفون ڇپبيون ھيون. ان ڪري مان جڏھن ’اوراتما‘ پھتس ته ماڻھو مون کي ڏسڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي ڳاھٽ ٿيا. يوسف کان ڪنھن پڇيو به ڪو نه. انھن مڙني جا سِيسَ، منھنجي آڏو جھڪي ويا. منھنجي زبان مان نڪتل ھڪ ھڪ لفظ، وٽن پوري لائبرريءَ کان وڌيڪ قيمتي ھيو.
دنيا ۾ اھڙا ماڻھو به کوڙ آھن، جيڪي اھڙن موقعن تي پاڻ کي چڱيءَ طرح سينگاريندا آھن. چھري تي پائوڊر ھڻندا آھن. ڳٽي تي نقلي تِرَ ڪڍندا آھن ۽ ڀانت ڀانت جي پائوڊرن جي استعمال سان سھڻو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ليڪن ڪوششن سان ڇا ٿو ملي!؟ ماڻھو، سڻڀن ڳٽن کي ڪو نه ٿا ڏسن، بلڪ سڻڀين ڳالھين جو ٿا قدر ڪن. قد ڪاٺ کي ڪير ڪو نه ٿو پڇي. خيال جي لطافت ۽ بيان جو رنگين انداز، مڙني کي مريد ڪيو ڇڏي.
ھا! ته مان اوھان کي ٻڌايو پئي ته ھڪ ڏينھن مان ۽ يوسف ’اوراتما‘ جي مشھور ڪلب ’ھزار پايا‘ ۾ مٿين بالڪونيءَ ۾ ويٺا ھياسن. اچانڪ يوسف چيو؛ ڀائو يار! ’اوراتما‘ ۾ مون ھڪ حسين عورت ڏٺي آھي، جنھن جي سونھن ۽ سوڀيا جو مثال، دنيا جي تختي تي ڪٿي به نه ٿو ملي سگھي. مون پڇيس؛ ”ڪير؟“
ھن چيو؛ ”شھر جي رئيس جي ڌيءُ ليليٰ. ان مون کي ھڪ ئي نگاھ ۾ ونگي ڇڏيو، ليڪن تون ته شڪل صورت ۾ گنيڊي کان گھٽ ڪونھين، تو کي انھن ڳالھين سان ڪھڙي دلچسپي ٿي سگھندي. مون چيس؛ ”اھو صحيح آ، خدا مون کي حسين نه جوڙيو آ. ليڪن ھن مون کي فصاحت بخشي، ان ڪميءَ جي تلافي ڪري ڇڏي آھي.“ يوسف چوڻ لڳو؛ ”انھيءَ ڪري مان، ان معاملي ۾، تو کان مدد ٿو گھران.“
”مان تنھنجي مدد، ڪيئن ٿو ڪري سگھان.“
”ھن ملڪ ۾ تون وڏو ماڻھو سمجھيو ٿو وڃين. ٻيو....“
”ان ۾ ڪو شڪ ئي ناھي. مان وڏو ماڻھو آھيان.“
”۽ مون جھڙو حسين شخص، ملڪن ۾ ڪو نه ملندو.“
اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ھاڻي ٻڌ! اھا منڊم صرف شام ڌاري گاڏيءَ ۾ چڙھي اچي ٿي ۽ ميدان جو چڪر ھڻي واپس موٽي ٿي وڃي. يا ته ڪي خوشنصيب ان وقت سندس جھلڪ پسن ٿا يا ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ پنھنجي گھر جي دريءَ وٽ ويٺي نظر اچي ٿي. مان چوان ٿو ته اسان ٻئي ملي، ان پريءَ کي شيشي ۾ لاھي وٺون.“
”ليڪن اسان ٻنھي مان ٿيندي ڪنھن جي؟“
يوسف چيو؛ ”منھنجي، ٻيو ڪنھن جي؟“
اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ليليٰ، جڏھن سير ڪرڻ لاءِ ميدان تي ايندي آ ته مون کي اتي ويٺل ڏسندي آھي. مگر منھنجي اصلي نالي کان واقف ناھي. بلڪ ھوءَ مون کي شھريار ٿي سمجھي. دراصل مون خود، سندس انا جي ذريعي کيس غلط فھميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. منھنجو خيال آھي ته تنھنجي شھرت، سياسي ڄاڻ ۽ ڏاھپ ۽ منھنجي وجاھت ۽ حسن، جيڪڏھن ھڪ شخص ۾ ڪٺا ٿي وڃن ته دنيا ۾ ڪھڙي عورت اھڙي آھي، جيڪا اھڙي شخص جي زال ٿيڻ نه چاھي. ھن تنھنجا سمورا ڪارناما، ھڪ ھڪ ڪري ٻڌا آھن ۽ مون کي وري، وري وري ڏٺو اٿائين.“
”ليڪن اھا وَلِ، ڀت تي چڙھندي ڪيئن؟“
”ٻڌ! ليليٰ جي گھر سان گڏ ھڪڙو ھيٺانھينءَ تي باغ آھي. ليليٰ جنھن ڪمري ۾ راتين جو اڪثر اچي ويھندي آھي، سو انھيءَ باغ ۾ کلندو آھي. ڪمري سان گڏ، نارنگيءَ جو وڻ آھي، جنھن تي عشق جون وليون چڙھيل آھن. اگر اتان بيھي، ڪو ليليٰ سان ڳالھائي ته ان جو چھرو دريءَ مان بلڪل نظر نه ايندو. مگر ھڪٻئي سان ڳالھيون سولائيءَ سان ڪري سگھندا. مان چوان ٿو ته رات جو تون اتي وڃ ۽ منھنجي بدران، ساڻس محبت جو اظھار ڪر. ھوءَ تنھنجو چھرو ته ڏسي نه سگھندي، ان ڪري اھو ئي سمجھندي ته ھيءُ اھو ئي حسين شخص آھي، جنھن کي مان ڏھاڙي ميدان تي ڏسندي آھيان.“
مون ٿوري دير ماٺ ڪرڻ بعد، کيس چيو ته؛ ”چڱو يار! مان ان معاملي ۾ تنھنجي مدد ضرور ڪندس ۽ مون کي يقين آھي ته منھنجون ڳالھيون ٻڌي ھن جي دل تي تنھنجي محبت جو چِٽُ اھڙو ته گھرو ٿي ويندو جو دنيا جو ڪو به حادثو، ان کي ميساري نه سگھندو.“
رات ڌاري، يوسف مون کي ڪاري چادر آڻي ڏني. منجھس سڄو جسم ويڙھي سيڙھي، ليليٰ جي ڪمري وٽ وڃي بيٺس. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ٿڌا ساھ پيو ڀري. گڏوگڏ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ھڪ اڇاڻ مائل شڪل نظر آئي. ڪوٽ جي ڪالر ۾ ٻوٿ لڪايم ۽ تقرير شروع ڪري ڏنم. ائين لڳو ڄڻ، منھنجو آواز ٻڌندي ئي بت بڻجي بيھي رھي. ڪيڏي ڪيڏي مھل ’ھا‘ يا ’نھ‘ چيائين پئي يا پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا جي ساراھ ٻڌي، ڪنھن حد تائين وڏي آواز ۾، چيائين پئي؛ ”صاحب! اوھان مون کي ٺاھيو پيا نه!.“
مان ڪلاڪ کن، تقرير ڪندو رھيس. تقرير ته ڇا ھئي، ھڪ مسلسل غزل ھيو، جنھن ۾ مون دل سان سندس سونھن ۽ سندرتا جي ساراھ ڪئي ھئي. جڏھن مان موڪلائڻ لڳس ته ھن مون کي ڳاڙھو گل ڏنو، جيڪو مون يوسف جي حوالي ڪيو.
ٽن ھفتن تائين اھو کيل، ائين ئي ھلندو رھيو. آخر ھڪ رات ھن، منھنجي زال ٿيڻ جي حامي ڀري. مون ايندي ئي يوسف کي اھا خوشخبري ٻڌائي ۽ ان سان گڏ کيس اھو به چيم؛ ”ڏس! في الحال ساڻس ڳالھائجانءِ نه! ڪٿي ائين نه ٿئي ته سڄو ڪيو ڪرتيو ڌوڙ ٿي وڃي.“
ٻئي ڏينھن يوسف چيو؛ ”اچ! ٿورو ميدان تان ٿي اچون.“ مان تيستائين اتي نه ويو ھيس جو مون کي کيل تماشي سان ڪا دلچسپي نه ھئي. اسان وڃي اتي بيٺاسين مس، جو پري کان ھڪڙي گاڏي ظاھر ٿي. جنھن تي يوسف چيو؛ ”منھنجي ليليٰ اچي پئي.“ مون ليليٰ جي باغ ۾ ڪيتريون ئي راتيون گذاريون ھيون، ليڪن اڃا تائين کيس ڏٺو نه ھيو. ھاڻ جو مون چھري تي نظر وڌس ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ منھنجي پيرن ھيٺان ڌرتي نڪتي پئي وڃي. ڇو جو مون سڄي زندگيءَ ۾ اھڙي سھڻي عورت ڏٺي ئي نه ھئي. مون ان وقت وچن ڪيو؛ ”ڇا به ڪرڻو پوي، ھن عورت کي پنھنجو بڻائيندس.“ وري جڏھن پنھنجي شڪل ۽ صورت ڏانھن ڌيان ويو ته دل صفا ٻڏي وئي.
ليليٰ جي گاڏي، آھستي آھستي اسان جي ڀر مان گذري وئي. پلڪ سوا لاءِ ھن پنھنجا ڪارا نيڻ کنيا ۽ يوسف جي چھري تي کُپائي ڇڏيائين. يوسف چوڻ لڳو؛ ”شھريار! ھن عورت بابت اوھان جو ڇا خيال آ؟“
مون ورندي ڏنس؛ ”مون کيس پنھنجي وني بڻائڻ جو وچن ڪيو آھي.“
اھو ٻڌي، يوسف ايڏو کليو جو پيٽ ۾ وَٽَ پئجي ويس. پوءِ چوڻ لڳو؛ ”ٿورو شيشي ۾ شڪل ته ڏس! انھيءَ ڊيل ڊول تي تو کي اميد آھي ته ليليٰ تنھنجي زال ٿيڻ قبوليندي.“ مون چيس؛ ”مان بحث ۾ وڃڻ نه ٿو چاھيان. مگر ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته ليليٰ ڄاڻ منھنجي زال ٿيڻ واري آھي.“
انھيءَ شام جو مان ليليٰ جي پيءُ سان مليم. ان ته مون کي اکين تي کڻي ويھاريو ۽ وڏي خدمت چاڪري ڪيائين. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ پڄاڻان مون چيس؛ ”سائين منھنجا! مون اوھان جي ڌيءَ جي سونھن، سوڀيا ۽ قابليت جي وڏي واکاڻ ٻڌي آھي. جيڪڏھن اوھان ساڻس منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي ڇڏيو ته وڏو ٿورائتو رھندس.“
ليليٰ ڀت جي ڀر ۾، ڪرسيءَ تي ويٺي ھئي. سندس پوشاڪ سفيد ھئي ۽ ڪاڪل ۾ موتي ٽمڪي رھيا ھيس. ’اوراتما‘ جي حاڪم، مون کي وٽس وٺي وڃي، انتھائي موزون لفظن ۾ منھنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. جڏھن ھن پھريون دفعو منھنجي چھري تي نگاھ وڌي ته سندس ھٿن مان وڃڻو ڇڏائجي، ڪري پيو. ڀروون تاڻجي ويس ۽ سرير ۾ ڏڪڻيءَ جي لھر ڊوڙي ويس. مگر منھنجو آواز ٻڌي، ھوءَ ڇرڪي پئي ۽ تارا ڦوٽاري ڦوٽاري مون کي ڏسڻ لڳي. کيس منھنجي آواز ۽ چھري ۾ ڪا به نسبت نظر نه پئي آئي. تنھنڪري مان پلڪ سوا رڪيس ۽ پوءِ لڳاتار ڳالھائيندو رھيس. ھوءَ چُپڙا-چُپ ڪرسيءَ تي ويٺي رھي ۽ مان شاعري، موسيقي، رومانس، گلن ۽ چانڊوڪين بابت ڳالھائيندو رھيس. ڳالھائڻ دوران مون بلڪل ساڳيا شعر دھرايا، جيڪي راتين جو سندس دريءَ ھيٺان بيھي کيس ٻڌائيندو ھيس. سندس نيڻن ۾ تجلي پيدا ٿي پئي، جنھن مان مون کي ڄاڻ ملي وئي ته ھن منھنجو آواز سڃاڻي ورتو آھي.
وٺ ڳالھ جو ڳاٽو ته ٻن ھفتن اندر، منھنجي ساڻس پڌري ٿي وئي. يوسف کي رنجُ ته گھڻو ئي ٿيو پر ھن مردانگيءَ سان انھيءَ صدمي کي سَٺو ۽ چوڻ لڳو؛ ”شھريار! مان اڃا مايوس نه ٿيو آھيان.“
ھڪ ڏيھن مان گھڻي دير تائين اُسَّ ۾ رلندو رھيس. پوءِ سڌو سمنڊ تي پھتس ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان وھنتس. شام جو مان ليليٰ سان ملڻ لاءِ ويس ته مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو جو ڳالھايان ته اکر نه اُڪلي. نِڇون پئي آيون ۽ نڙيءَ مان اڻ چٽا آواز پئي نڪتا، جيڪي منھنجي ڪنن کي پڻ اوپرا پئي لڳا. اھي عشق محبت واريون ڳالھيون، اھي شاعريءَ وارا استعارا ۽ تشبيھون، ھڙ جو ھڙ چٽ ٿي چڪا ھيا. دراصل مون کي زڪام ٿي پيو ھيو، پنج ڏينھن ائين گذري ويا. ڇھين ڏينھن ليليٰ ۽ يوسف ٻئي گم ٿي ويا. ڳولا ڪئي ته پتو پيو؛ اھي ھڪڙي آگبوٽ ۾ چڙھي ڀڄي ويا آھن. مون ھڪڙي ڪشتيءَ ۾ سندن پيرو کنيو. نڪرڻ کان پھرين، مون کي خيال آيو ته زڪام جي ڪا سُتي ڦڪي وٺجي. تنھنڪري مان ’اوراتما‘ جي ھڪڙي جھوني پنساريءَ جي ھٽ ۾ گھڙي ويس. ڳالھائي ته ڪو نه پئي سگھيس. پنھنجي ڳلي ڏانھن اشارو ڪندو رھيس. ھن ھڪڙي وڏي اوٻاسي ڏني ۽ ڪنھن سوچ ۾ ٻڏي ويو. مون کي تڪڙ ھئي، ڳلي مان پڪڙي، پوءِ پنھنجي ڳلي ڏانھن اشارو ڪيومانس. ھن گھٻرائجي، ھڪڙي شيشي، جنھن ۾ ڪاري پٽڙي دوا ھئي، منھنجي حوالي ڪئي ۽ چيائين؛ ”ٻن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ چمچو دوا جو پيئجانءِ!“ مون ھڪڙو رپيو، سندس تريءَ تي رکيو ۽ بندرگاھ ڏانھن ڀڳس.
ٻئي ٻيڙيون، اڳيان پويان، ڪناري تي پھتيون. ليليٰ ۽ يوسف، ٻئي ساحل تي بيٺا ھيا. ليليٰ، مون تي ھڪ نگاھ وڌي ۽ پوءِ سندس نيڻ، يوسف جي حسين چھري تي کُپي ويا. مون کي ڄاڻ ھئي ته مان ڳالھائي ڪو نه ٿو سگھان، ليڪن منھنجي ڪاميابيءَ جو انحصار ھيو ئي ڳالھائڻ تي. ڪنھن نه ڪنھن طرح ڦڦڙن تي زور ڏئي آواز ڪڍڻ چاھيم، ليڪن جيئن ئي مون ڳالھائڻ چاھيو ته ڳالھائڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي. منھنجو آواز اڳي کان اڳرو ۽ مٺو ھيو. ھڪ ھڪ لفظ چٽو ۽ ٻڌڻ ۾ آيو پئي. منجھن دٻيل ۽ رڪيل جذبا، اڇلون ڏئي رھيا ھيا.
مون چيو؛ ”ليليٰ! مان تو سان ڪجھ ڳالھائڻ چاھيان ٿو.“ مان کيس ناريل جي وڻ ھيٺان وٺي ويس ۽ شيرين بيانيءَ سان چند منٽن ۾ سندس دل موھي وڌم. ھوءَ منھنجيون ڳالھيون ٻڌي چوڻ لڳي؛ ”شھريار! جڏھن تون مون سان ڳالھائيندو آھين ته مان نه ڪجھ ٻڌي سگھندي آھيان ۽ نه ڏسي سگھندي آھيان. سڄي ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ تو کان سواءِ مون کي حقيقي نه لڳندي آھي.“
قصو ڪوتاھ، ليليٰ مون سان ’اوراتما‘ ھلي آئي ۽ ٿورن ڏينھن اندر، اسان جو پرڻو ٿي ويو. خبر ناھي، يوسف جو حشر ڇا ٿيو. ان واقعي پڄاڻان مون کيس ڏٺو ئي ناھي.
ھيءُ داستان ٻڌي، اوھان بيزار ته نه ٿي ويا آھيو.؟“
مون چيس؛ ”نه! مون کي نفسياتي مسئلن سان دلچسپي آھي. دراصل عورت جي دل عجيب شيءِ آھي.“
شھريار چوڻ لڳو؛ ”نڙيءَ واري نَلي ۽ ڦڦر به عجيب غريب شيون آھن. تو ڪڏھن نِڙگھُٽ جي ساخت تي غور ڪيو آھي؟“
”نه صاحب! ليڪن اوھان جو داستان، مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو. اھو ٻڌايو؛ اوھان جي بيگم صاحبه جو ڇا حال آ؟“
”اسان ’اوراتما‘ مان لڏي آياسين ۽ جاوا جي ويجھو ھڪڙي ننڍڙي جزيري ۾ رھون ٿا. منھنجي زال کي ’اوراتما‘ جي آبھوا ڀانءِ نه پوندي ھئي. خير! اھو ته جو ٿيو سو ٿيو! اوھان نڙگھٽ جي رڳن کي ڌار ڌار ڪري ڏٺو آھي؟“
مون چيس؛ ”مون کي جراحيءَ جي فن سان ڪا دلچسپي ناھي.“
ھو چوڻ لڳو؛ ”ھر شخص کي ’لڱن جي تشريحي علم‘ جي ٿوري گھڻي واقفيت ھئڻ گھرجي. زڪام، وڏو خطرناڪ مرض آ. جھونن مشرقي طبيبن ان کي ’ام الامراض‘ يعني ’مرضن جي جڙ‘ سڏيو آھي. ان سان ڦڦڙن کي وڏو ھاڃو رسي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن نمونيا ٿيو وڃي. سلھ ۽ تپ دق جھڙا مرض به ان مان پيدا ٿا ٿين.“
مون ڪنھن حد تائين چڙي چيس؛ ”ليڪن انھيءَ واقعي جو طب سان ڪھڙو تعلق؟ مان ته عورت جي جذبن جي ڳالھ ڪري رھيو ھيس.“
ھو چوڻ لڳو؛ ”ته پوءِ تو سڄو واقعو ٻڌو ئي نه! جڏھن مان واپس ’اوراتما‘ ويس، مون ان ٻڍڙي پنساريءَ کان پڇيو ته تو مون کي ڪھڙي سُتي ڏني ھئي. ان ٻڌايو ته مون اھا سُتي ’چوچلا‘ جڙي ٻوٽيءَ جي عرق مان ٺاھي ھئي.“ اھو چئي شھريار، پنھنجي کيسي مان ھڪڙي دٻلي ڪڍي ۽ چوڻ لڳو؛ ”’چوچلا‘ صرف ’اوراتما‘ ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن پھاڙن تي ڦٽندي آھي.“
ھيءَ ڦَڪي، جيڪا انھيءَ جڙي ٻوٽيءَ جي رس ۽ ٻين دوائن جو مرڪب آھي، کنگھ، زڪام، نزلو، نڙيءَ ۽ ڦڦڙن جي گھڻن مرضن لاءِ ھڪ ٽِپُ آھي. مان بمبئيءَ آيو ئي ان لاءِ آھيان ته اخبارن ۾ ان جو اشتھار ڏيان ۽ ھندستان منجھ ان جي وڪري جو انتظام ڪيان. في الحال مان ان کي ٽڪيءَ جي صورت ۾ وڪڻان ٿو. ھن دٻليءَ ۾ چار ڊزن ٽڪيون آھن، جن جي قيمت فقط ٽي رپيا آھي. اگر اوھان جي نڙيءَ ۾ خارس رھندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن زڪام ٿئي ٿو، نزلي جي ڪري وقت کان اڳ وار اڇا ٿي ويا آھن، مٿي کي ڦيري ٿي اچي، کاڌو چڱيءَ طرح ھضم نه ٿو ٿئي، مضمون لکندي لکندي اکين تي رَوَ چڙھي ٿا وڃن ته اوھان ھيءَ دوا واپرايو. خدا گھريو ته ٿورن ڏھاڙن ۾ سمورن مرضن کي پاڙئون پٽي ڇڏيندي. جيڪڏھن اوھان کي ڳائڻ يا تقرير ڪرڻ......... “
مان اٿي کڙو ٿيس ۽ بنا ڪجھ چوڻ ڪرڻ جي، گھر ڏانھن ھليو آيس.

***

سراغ رسانيءَ جو افسانو - چراغ حسن حسرت

سراغ رسانيءَ جو افسانو - چراغ حسن حسرت

سراغ رسانيءَ جو افسانو
(ريخته ڪھاڻي)

پوليس، جاچ مان ٻه ڳالھيون معلوم ڪيون. ھڪ ھيءَ ته؛ مرڻ واري جو موت ڪنھن اتفاقي حادثي تحت نه ٿيو آھي، بلڪ کيس قتل ڪيو ويو آھي. ٻي ھيءَ ته؛ قاتل بابت ڪا راءِ قائم نه پئي ڪري سگھجي.
قتل جو سراغ ڄاڻڻ لاءِ، مڙني کان وڏي سراغ رسان کي گھرايو ويو. ان، لاش تي ھڪ نظر وڌي ۽ کيسي مان خوردبين ڪڍيائين. ھن، ھڪڙو وار، جيڪو مقتول جي ڪوٽ تي پيو ھيو، کنيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”وٺو! معمو حل ٿي ويو.“
ھو، اھو وار مڙني ماڻھن کي ڏيکاري چوڻ لڳو؛ ”بس! اسان کي ھاڻي ھڪ اھڙي شخص جي تلاش آھي، جنھن جي مٿي تان ھڪ وار ڪاٿي گم ٿي ويو ھجي. اھو وار ھٿ اچي ويو ته سمجھو قاتل پڪڙجي ويو.“
سراغ رسان، قاتل جي تلاش، شروع ڪري ڇڏي. ھو ساندھ چار ڏينھن ۽ چار راتيون نيويارڪ جي گھٽين ۽ رستن تي ڦيراٽا ڏيندو رھيو. ھن ھر شخص جي چھري کي غور سان ڏٺو پئي. کيس ھڪ اھڙي شخص جي تلاش ھئي، جنھن جو ھڪڙو وار گم ٿي ويو ھجي.
پنجين ڏينھن ھو، اھڙي شخص جو ڪڍ لڳو، جيڪو سياح جو ويس-ڌاري ھيو. ھن کي جھازي ٽوپي پاتل ھئي ۽ ھن جا ڪن، ٽوپيءَ ۾ لڪيل ھيا.ھو، ’گلوريٽانيا‘ جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ وڃي رھيو ھيو. سراغ رسان به سندس ڪڍڪڍ لڳو آيو ۽ وڃي جھاز تي پڳس. گجگوڙڪندي چيائين؛ ”ان کي گرفتار ڪيو!“
پوءِ ھو سينو ٺوڪي ۽ کيسي مان اھو وار ڪڍي، چوڻ لڳو؛ ”ھيءُ، انھيءَ شخص جو وار آھي ۽ ان مان ئي ان جو جرم ثابت ٿيٿو وڃي.“
جھاز جي ڪپتان حڪم ڏنو؛ ”ان جي ٽوپي لاھيو!“
ملاحن، ان جي حڪم جي تعميل ڪئي، ليڪن ملزم ته گنجو ھيو. سندس مٿي تي ھڪ وار به نه ھيو. سراغ رسان سندس مٿي کي ڏسي چوڻ لڳو؛ ”ھن، صرف ھڪ ماڻھوءَ کي قتل نه ڪيو آھي بلڪ، گھٽ ۾ گھٽ ڏھ لک کن ماڻھن جو خون ھن جي ڳچيءَ ۾ آھي.“
***
(لي ڪاڪ تان ماخوذ)

شاھجھان جي تصوير - چراغ حسن حسرت

شاھجھان جي تصوير - چراغ حسن حسرت

شاھجھان جي تصوير
(ريخته ڪھاڻي)

مون هيءُ داستان، ”همايون جھاز“ تي، هڪڙي ڪراڙي سوداگر جي واتئون ٻڌو هيو. اهو شخص موتين جو واپار ڪندو هيو ۽ چڱو عرصو هندستان ۾ پڻ رهي چڪو هيو. پاڻ ٻڌايائين ته دهليءَ ۾ حاجي احمد، هڪڙو مشهور واپاري هيو، جنهن جو واپار، ڏيساور تائين ڦهليل هيو. هندستان کان علاوه عراق ۽ حجاز ۾ پڻ، سندس گماشتا مقرر ٿيل هيا، جيڪي هر قسم جو تجارتي سامان کيس موڪليندا رهندا هيا. حاجي احمد جي عمر پنجونجاھ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اڃا تائين سندس ڏاڙهيءَ جو هڪڙو وار به اڇو نه ٿيو هيو. سندس هٿ پير مضبوط هيا ۽ پنهنجي سموري ڪاروبار جي نگراني پاڻ ڪندو هيو. حاجي، وڏو نيڪ ۽ خدا ترس انسان هيو. نماز روزي جو گھڻو پابند هيو. نوڪرن سان به سندس سلوڪ سهڻو هيو. پاڙي پتيءَ ۾ ڪو شخص بيمار ٿيندو هيو ته هيءُ ساري رات، سندس سيرانديءَ کان ويٺو هوندو هيو. ليڪن منجھس وڏي خامي هيءَ هئي ته سندس ڪفايت شعاري، مرچوٺ هئڻ جي حد تائين پهتل هئي ۽ هو پنهنجي جان تي هڪڙي ٽيڊي پائي خرچ ڪرڻ، گناهه سمجھندو هيو. وٽس فقط هڪ عبا هئي، جنھن کي به هنڌئون هنڌئون چتيون لڳل ھيون. پٽڪي ۾ به ٽُنگ ئي ٽُنگ هيس. ليڪن حاجي احمد اهو اهڙي چالاڪيءَ سان ٻڌندو هيو، جو ڪو به ٽُنگ نظر نه ايندو هيو. البته سال ۾ هڪ ڀيرو، نئون جوتو ضرور خريد ڪندو هيو. جڏهن ڪو ماڻهو کيس اهو چوندو هيو ته؛ ”حاجي صاحب! الله توکي ايترو جھجھو ڏنو آهي، پوءِ به تنهنجي لباس جو اهو حال آهي!“ ته حاجي صاحب تيش ۾ اچي چوندو هيس: ”ڇا؟ تنهنجي مرضي آهي، ته ڏيوالو ڪڍي ويهان!“
هڪ دفعي حاجي احمد کي، مال خريد ڪرڻ لاءِ، ڪلڪتي وڃڻو پيو. جيئن ته پاڻ وڏو محتاط ماڻهو هيو، تنهن ڪري گاڏي ڇٽڻ کان ڪلاڪ کن اڳي، ٽيشڻ تي پهچي ويو. ٽڪيٽ گھر جي آڏو، دير تائين بيھي انتظار ڪرڻ لڳو. نيٺ ٽڪيٽ گھر کليو ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ خريد ڪري، وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو. وٽس سامان، صفاٿورڙو هيو. هڪڙي سفري بيگ، هڪڙو ننڍڙو بسترو، هڪڙو لوٽو ۽ هڪڙوگلاس. سفر ڊگھو هيو. جنهن ڪري بسترو کولي، پنهنجي سيٽ تي وڇايائين ۽ گاڏي ڇٽڻ جو انتظام ڪرڻ لڳو.
ٿوريءَ دير ۾ گاڏي ڀرجي وئي. مسافرن منجهه، هر قسم جا ماڻهو هيا؛ ڪراڙا، نوجوان، عورتون، مرد. گاڏي هلڻ لڳي ته هڪڙو بنگالي نوجوان، ٽپ ڏئي چڙهي آيو. جيئن ته دٻي ۾ جاءِ نه بچي هئي، تنهنڪري کيس بيهڻو ئي پيو. ليڪن ٿوريءَ دير ۾، سندس ڄنگهون ٿڪجي پيون ۽ بي قراريءَ منجهان، هيڏي هوڏي تڪڻ لڳو. هو شڪل شبيهه مان پڙهيل ڳڙهيل ۽ مهذب انسان پئي لڳو. هڪڙي سوٽ ڪيس ۽ بستري کان سواءِ وٽس ٻيو سامان نه هيو. ان هڪ ٻه دفعو، حاجي احمد ڏانهن تڪيو، ليڪن وري ٻوٿ ڦيري ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ هن حاجي احمد کي ڪجهه چوڻ پئي چاهيائين، پر همت نه پئي ساري سگهيو. حاجي، سندس حليي مان، سندس ذهني ڪيفيت تاڙي ويو ۽ چوڻ لڳس؛ ”ميان نوجوان! اوهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
هن جواب ڏنس؛”مان ڪلڪتي پيو وڃان!“
حاجيءَ چيس؛ ”پوءِ ڪيتري دير تائين بيٺو هوندين! اچ منهنجي ڀر ۾ ويهي رهه!“
نوجوان، حاجيءَ جو ٿورو مڃيندي، سندس ڀر ۾ چُپڙي ڪري ويهي رهيو.
حاجي ۽ نوجوان، ستت پاڻ ۾ راهل ماهل ٿي ويا. هن پنهنجو نالو، ونودڪمار ٻڌايو ۽ چيائين ته؛ ”ڪلڪتي جو هڪڙو معمولي مصور آهيان، منهنجي ڀيڻ، دهليءَ ۾ هڪڙي آفيسر سان پرڻيل آهي. ساڻس ملڻ آيو هيس. هاڻ موٽيو پيو وڃان.“
هو هيو ته بنگالي، ليڪن هندستان جي عام زبان، جنهن کي هندستاني ٿا چون، ڏاڍي سولائيءَ سان ڳالهائي سگھيو پئي. جنهن ڪري حاجي احمد کي، ساڻس ڪچهري ڪرڻ ۾، تڪليف نه ٿي.
ونود، تمام سٺو نوجوان هيو، جنهن جي ڪري حاجيءَ کي رستي ۾ ڏاڍو سڪون مليو. هڪ دفعي، حاجيءَ جي طبيعت خراب ٿي پئي ته هُن پنهنجي سوٽ ڪيس مان هڪڙي دوا ڪڍي کارايس. جنهن سان حاجي چڱو ڀلو ٿي پيو. صبح جو وضوءَ لاءِ پاڻي گرم ڪري ڏنائينس. حاجيءَ کي بک لڳي ته ڀڙڪو ڏئي، اسٽيشن تان مسلمان مانيءَ واري کي ساڻ وٺي آيو. وري حاجي کاڌي جي قيمت ڏيڻ چاهي ته کيس روڪي، وڏي اصرار سان، پاڻ وٽئون پئسا ڀريائين.
حاجي، سندس طور طريقا ڏسي، دل ئي دل ۾ چوندو رهيو؛ ”آخر هن سودي ۾ به مون کي ئي نفعو ٿيو.“
دراصل سهڻي سلوڪ سان، نه فقط خدا خوش ٿو ٿئي، بلڪ خالص ڪاروباري زاوئي سان ڏٺو وڃي، تڏهن به منجهس نفعا ئي نفعا آهن. ليڪن هن نوجوان، ڪنهن ڪنهن مھل، حاجيءَ جي چهري تي اهڙي ته جُوهه وجھي پئي تڪيو جو حاجي گھٻرائجي پئي ويو. ڪيترا دفعا هن دل ۾ سوچيو؛”مون کي اهڙيءَ طرح تڪي ڇو ٿو؟ ڪٿي ڪو پوليس جو ماڻهو ته ناهي؟“ ڪيترا ڀيرا ته پڇڻ به چاهيائين ته؛”تون مون کي ائين چتائي چتائي ڇو ٿو ڏسين. ليڪن ستُ نه ساري سگھيو.
جڏهن گاڏي پٽنا جي ٽيشڻ تي بيٺي ته ونود، پاڻ ئي اها ڳجھارت ڀڳي. يعني حاجيءَ جي چهريکي تڪيندي چوڻ لڳو؛ ”هڪ ڳالهه پڇان ته دل ۾ ته نه ڪندؤ؟“
حاجيءَ جواب ڏنس؛ ”ميان! توکي جيڪو چوڻو آهي سو چئو! مان دل ۾ ڇو ڪندم!“
هو چوڻ لڳس؛ ”اوهان دهليءَ جي مغل بادشاهن جي اولاد مان آهيو؟“
حاجيءَ چيس؛ ”نه! مان عرب آهيان. منهنجو ابو، موصل جو رهاڪو هيو ۽ نوجوانيءَ ۾ هندستان هليو آيو هيو. ائين ته مان به موصل ۾ ئي ڄايو ھئس، ليڪن پال پوس هندستان منجهه ٿيم.پر، توکي اهو شڪ ڪيئن جاڳيو؟“
هو چوڻ لڳس؛”خاڪن جي جھونين پوٿين منجهه، شاهجهان جي تصوير جيڪا مون ڏٺي آ، تنهن سان اوهان جي صورت گھڻي ملي ٿي. بلڪ منهنجو خيال آ ته اگر اوهان کي شاهي لباس پهرائجي ته اوهان هوبهو شاهجھان لڳندؤ. انهيءَ مشابهت، مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آ. اهو ئي سبب آ جو مان ورائي ورائي پيو اوهان جي چهري کي چتائي تڪيان.“
اهو ٻڌي حاجي احمد کي يقين ٿي ويو ته ونود، سچ پيو چوي. هن ٻالڪپڻ ۾. پنهنجي امڙ کي چوندي ٻڌو هيو ته؛”منهنجي پٽ منجهه بادشاهن وارو رعب آهي. آخرڪار منھنجي شڪل صورت، هلڻي گھمڻيءَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه اهڙي ضرور هئي، جنهن جي بناءَ تي امڙ، اها راءِ قائم ڪئي هئي.“
جهٽ سوا، ٻئي چپ ٿي ويا. پوءِ ونود ئي چيو؛ ”مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان ڏاڍي مشڪل سان پنهنجو پيٽ پاليان ٿو. ليڪن جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پوءِ منهنجي حالت سڌري سگهي ٿي.“
اھو ٻڌي، حاجي صاحب سمجهيو ته؛ ’شايد ھيءُ نوجوان، پنھنجي مفلسيءَ جي ڳالهه ڪري، مون کان قرض گھرندو.‘ اهو سوچي ته هن ڏنڊي ٽنڊي کي، هڪڙي ڪوڏي به نه ڏيندس، وڏي واڪي چوڻ لڳس؛”افسوس! مان خود غريب ماڻهو آهيان ۽ اوهان جي مدد نه ٿو ڪري سگھان.“
ونود چوڻ لڳو؛ ”منهنجي اها منسا ڪڏهن به نه هئي ته اوهان ڏوڪڙ پئسي سان منهنجي مدد ڪريو. بلڪ مان صرف ايترو چاهيان ٿو ته اوهان مون وٽ هلي، شاهي لباس ۾ پنهنجي تصوير اتارڻ ڏيو. مان اوهان جي شبيهيءَ کي شاهجھان جي تصوير جي نالي سان کپائيندس ۽ خدا گھريو ته ٿورڙن ئي ڏيهاڙن ۾، هزارين رپيا ڪمائي وٺندس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوهان کي تڪليف ٿيندي، ليڪن مان ان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ به راضي آهيان.“
حاجي احمد پهرين سوچيو ته تصوير اتارائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. ڇو جو هڪ ته هو وڏو پرهيزگار ماڻهو آھي ۽ تصوير ٺاهڻ کي ناجائز سمجھندو آھي. ٻيو ته سندس خيال هيو ته تصوير ڇڪرائڻ ۾ وقت گھڻو ضايع ٿيندو. مگر جڏهن نوجوان مصور، معاوضو ادا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس ياد آيو ته هن زماني ۾ عالمن جي اڪثريت، تصوير ڪڍرائڻ کي جائز قرار ڏنو آهي. بلڪ ڪن عالمن ته پاڻ به پنھنجيون تصويرون ڇڪرايون آهن. اگر ائين ڪندي ٿورا پئسا هٿ اچي وڃن ته ان ۾ حرج ڪهڙو آ؟
اهو سوچي چوڻ لڳو؛ ”تصوير ڇڪڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟“
مصور جواب ڏنس؛ ”ڪلاڪ ڏيڍ مس لڳندو ۽ ان جي عيوض پنجاهه روپيا اوهان جي خدمت ۾ نذرانو به رکندس.“
حاجي احمد، ٿڏي تي منظور ڪيو.
پنجاهه رپيا وڏي رقم هئي. منجھانئس اچ وڃ جو ڪرايو ڀاڙو ۽ ڪلڪتي ۾ رهائش جو سڄو خرچ نڪري پوندو.
مصور وڏي درياهه دلي ڏيکاري. تڙي کڙي، پنجاهه رپيا ڳڻي، حاجيءَ جي تريءَ تي رکيائين.
حاجي ۽ سندس سفر جو ساٿي، ٻئي هڪڙي موٽر بس ۾ سوار ٿي، ڏکڻ ڪلڪتي منجهه وڃي لٿا. مصور، هڪڙي قليءَ جي ڪلهن تي سامان سٿيو. ٻئي، کيس ساڻ وتيو، نانگ-وڪڙ گهٽين منجھان ٿيندا، هڪڙي ننڍڙي گھر سامهون اچي بيٺا. ونود ڪمار، کيسي مان ڪنجي ڪڍي،قلف کوليو. ٻئي، گھر ۾ گھڙي آيا. گھر ۾ صرف ٻه ننڍڙا ڪمرڙا هيا. هڪڙي ڪمري جي ديوارن تي تصويرن جا خاڪا لڙڪيا پئي. ٻئي ڪمري ۾ هڪڙي کٽ پيل ھئي. ڪيتريون صندوقون ۽ گھر جي ضرورت جون سنهيون ٿلهيون شيون، هيٺ مٿي بي ترتيبيءَ سان، ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. مصور، هڪ صندوق کولي، هڪڙو وڏي گھير سان پهراڻ، بنا ٻانهن جي قبا ۽ هڪڙو تاج ڪڍيو. تاج منجهه، نقلي موتين ۽ ٻڙن جون، لڙهيون لڙڪيون پئي. پهراڻ ۽ قبا جي ٻانهن ۽ ڪنارين تي، پڻ موتي ٽاڪيل هيا. مصور چيس؛ ”اوهان هيءُ لباس پائي وٺو. مان ڀرواري ڪمري ۾، اوهان جو انتظار ٿو ڪريان.“
حاجي احمد، پنهنجا ڪپڙا لاهي، ڪليءَ ۾ ٽنگيا ۽ هيءُ لباس پاتائين. مٿي تي تاج رکندي، کيس ائين لڳو ته هو سچ پچ جي هڪڙي وڏي مملڪت جو فرمانبردار آهي ۽ بدخشان جا لال، عمان جا موتي ۽ ڏکڻ آفريڪا جا هيرا، سندس قدمن ۾ ڍير ڪيا ويا آهن. هن آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو، ته پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کان، خود ئي ڏڪي ويو.
جڏهن هيءُ، ان لباس ۾، مصور جي سامهون پهتو ته اهو حيرت ۽ تعجب ۾ رڙ ڪري اُٿيو ۽ ڪنڌ جھُڪائي چوڻ لڳو؛ ”حضور! مان ڪورنش ٿو بجا آڻيان!“
ان وقت، حاجي احمد کي پنهنجي گھر واري ياد اچي رهي هئي. هن دل ئي دل ۾ چيو پئي ته؛”اها نڀاڳي هن وقت موجود هجي ها ته منهنجي پيرن ۾،نرڙاچي رکي ها!“
مصور، حاجيءَ کي سامهون ويهاريو ۽ چيائينس؛ ”سڌا ويٺا هججو! لڇجو پڇجو نه!“ پوءِ هو، سندس تصوير اتارڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
هن ڪجهه ابتا ٽيڏا ليڪا پاتا ۽ پوءِ هڪدم چيائين؛ ”خدا ڄاڻي، مان رنگن جو دٻو، ڪٿي رکي وساري ويٺو آهيان. اوهان ائين ئي ويٺا هججو، مان اجهوآيس.“
اهو چئي، هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.
حاجي احمد گهڙي سوا، چپ چاپ ويٺو رهيو. ليڪن جڏهن ونود نه آيو ته هن رڙ ڪري چيو؛ ” مصور ميان! جلدي ڪر! مون کي اڃا گھڻا ڪم ڪرڻا آهن.“
ليڪن جواب ڪو نه آيو.
هاڻ ته هيءُ به گھٻرايو ۽ ڀڄندو، ٻئي ڪمري ۾ پهتو. ليڪن اُتي ڪير به نه هيو. ڪليءَ تي سندس عبا به موجود نه هئي. اهو ڏسي، حاجي احمد جا هوش ئي اُڏامي ويا. ڇو جو هن پنهنجي عبا جي استر منجهه، ٻه وڏا وڏا هيرا ۽ سٺ هزار روپين جا نوٽ سبي ڇڏيا هيا. ڇو جو هن ڪلڪتي ۾ هڪڙو پورو جھاز، ولايتي مال سان ڀريل، خريدڻ گھريو پئي. جنهن لاءِ هن، ايترو سارو ناڻو، ساڻ آندو هيو.
حاجي احمد غور سان ڏٺو ته کيس، ان ڪمري جي پٺ ۾ هڪڙو دروازو مليو. مصور، انهيءَ دروازي مان ڀڄي چڪو هيو. هاڻ تو هو ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ لڳو؛”اڙي ماڻهو! ڀڄو! مان غريب مارجي ويس.“
جھٽ گهڙيءَ ۾، گھڻا ماڻهو ڪٺا مٿي ويا ۽ حاجي صاحب کي مٿي تي تاج رکيل ۽ شاهي لباس پاتل ڏسي، ڏاڍو حيران ٿيا.
گوڙ ٻڌي، گھر ڌڻي پڻ پهتو. کانئس خبر پئي ته ڪو ست اٺ ڏيهاڙا ٿيا آهن، جو ٻن نوجوانن، هيءُ گھر ڪرايي تي ورتو هيو ۽ مهيني جو ڪرايو اڳواٽ ادا ڪيو هيائون.

***

قصو سُتل جاڳيل جو - چراغ حسن حسرت

قصو سُتل جاڳيل جو - چراغ حسن حسرت

قصو سُتل جاڳيل جو
(ريخته ڪھاڻي)

هيءُ داستان، مون پنهنجي نئين سفر دوران، بغداد جي هڪ ڪٻڙي مصور کان ٻڌو. هُن اها ڪهاڻي نقل ڪئي هڪ ارمني طبيب جي، جيڪو هڪڙي اک کان ڪاڻو ۽ هڪ ٽنگ کان منڊو هيو. جڏهن ته انهيءَ ارمني طبيب، خود مرزا حسن تبريزيءَ کان هيءُ واقعو ٻڌو هيو.
چيو مرزا حسن ته؛ ”جڏهن مان بغداد آيس ته مون وٽ هڪ حبہ (پئسو) به نه هيو. هڪڙي شيرازي سوداگر، جيڪو جواهرن جي تجارت ڪندو هيو، منهنجي نوجوانيءَ ۽ پرديسي هئڻ تي ترس کائي، مون کي پاڻ وٽ نوڪر بيھاريو. مون ايڏي سچائيءَ ۽ سُچتائيءَ سان ڪم ڪيو جو منهنجي مالڪ جي تجارت، جيڪا نوڪرن جي بدديانتيءَ جي سبب پوئتي پيل هئي، سا ٻهير ڀڙڪو ڏئي اُٿي ۽ اڪثر فرنگي واپاري، اسان وٽان مال گھرائڻ لڳا. پوڙهو سوداگر، منهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ ديانتداريءَ مان اهڙو خوش ٿيو جو ٿوري عرصي پڄاڻان، هن پنهنجي اڪيلي ڌيءَ مون سان پرڻائي ۽ ڪاروبار منجهه، منهنجو حصو مقرر ڪري ڇڏيائين. جيئن ته سندس ڪو ويجھو مٽ مائٽ نه هيو، منهنجي سس کي به مُئي ڳچ عرصو ٿي چڪو هيو، تنهنڪري هاڻ منهنجي زال ئي سندس ساري جائداد جي وارث هئي. ليڪن اسان جي شاديءَ کي سال به نه گذريو هيو جو اها پاڪدامن پڻ گذاري وئي. منهنجو سهرو، ڌيءَ جي وڇوڙي جي صدمي کان چڙهي نه سگھيو ۽ ٿورڙن ڏھاڙن ۾، ھُن به فاني دنيا کان جاوداني جھان ڏانهن موٽ ڪئي.
منهنجي سهري جو ڪاروبار، گھڻو ڦهليل هيو ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن ڀائيوار جي، ان جو مالڪ هيس. ليڪن گهرواريءَ جي موت، دل تي اهڙو اثر ڪيو جو ڪنهن ڪم ۾ دل ئي نه پئي لڳي. ٿورا ڏينهن اها ڪيفيت رهي. آخر هڪڙي دوست، جيڪو مون کان عمر ۾ وڏو هيو ۽ زماني جا لاها چاڙها ڏسيو ويٺو هيو، سمجھائيم؛”پيارا! زماني جي اها ئي واٽ آهي. موت تي ڪنهن جو زور نه ٿو هلي. قضا ربانيءَ سان جيڪو ٿيڻو هيو، سو ٿيو. هاڻ، صبر ڪر.اگر ڪنهن به طرح سان دل نه ٿو سنڀالي سگھين ته شراب کي سنگتي ۽ رازدان بڻاءِ، جو روح کي راحت ۽ دل کي طاقت بخشي ٿو ۽ دل جي درسنيءَ تان مٽي ۽ مير هٽائي ٿو.“ اهو چئي هن ساڳئي يعقوب ارمنيءَ وٽان، شيرازي خمر ۽ پورچوگال جي انگور جون يخ ٿڌيون بوتلون گھرايون، ۽ پنهنجي هٿن سان جام ڀري، پيش ڪيائين.
واقعي! هڪ ٻه جام پيئڻ سان اهڙو سُرور نصيب ٿيو جو جھٽ گهڙيءَ لاءِ، پنهنجون سموريون تڪليفون وساري ويٺس ۽ خوشيءَ جي عالم ۾ جھونگارڻ. حافظ جا شعر، جيڪي شراب جي تعريف ۾ لکيا اٿائين، سي پڙهڻ لڳس. انهيءَ شخص، جيڪو ظاهر ۾ منهنجو دلي دوست پراندر ۾ منهنجي تباهيءَ پويان هيو،چيو؛ ”جيستائين چنگ، رباب ۽ عودي باجو هڪيو حاضر نه هجي، شعر پڙهڻ جو مزو نه ٿو اچي. اگر تنهنجي اجازت هجي ته مان هڪڙي ڳائڻيءَ کي، جيڪا عرب ۽ عجم جي موسيقيءَ تي مهارت رکي ٿي ۽ ظاهري سونهن سان به سينگاريل آهي، سڏائي وٺان؟“
مون وٽ ان وقت، بري ڀلي جي تميز نه رهي هئي، چيومانس؛ ”ڪهڙو ھرج آ!“
هن ته اهو ئي گھريو پئي. ڀڄندو ڀڄندو ويو ۽ پاڻ سان هڪڙي حسينا کي، جيڪا يهودي نسل مان پئي لڳي، سازندن سميت وٺي آيو.
ساري رات، نچڻ ڳائڻ جي محفل، سجيل رهي. صبح جو مون کين ڇڏيو ۽ پاڻ سمهڻ لاءِ ڊهي پيس. شام ڌاري اک کُلي. ان وقت مٿي ۾ سنهون سنهون سور ۽ لڱن ۾ عجيب قسم جي پَٽَ هئي. مان وهنتس ۽ چيم ته دڪان جو کنڌو واچيان. ايتري ۾ ساڳيو همراه آيو ۽ منهنجي ڪيفيت ٻڌي چوڻ لڳو؛ ”شراب کان سواءِ، ان مرض جو ڪو علاج ناهي. بوعليسينا’قانون‘ ۾ ئي لکيو آهي.“
مطلب ته سندس ريهڻ ريبڻ تي، وري به پورچوگالي شراب جو دور هليو. اها رات به ساڳئي مشغلي ۾ گذري وئي. پوءِ ته مون کي به اهڙي چوس اچي پئي جو رات ڏينهن، ڳائڻ پيئڻ جي محفل گرم رهڻ لڳي. اڪثر ظريف ۽ گفتي جا غازي ماڻهو، جن کي درٻاريت جي آدابن ۽ رئيسن کي خوش ڪرڻ جو ڍنگ، چڱيءَ طرح ياد هيو، مصاحبين طور محفل ۾ شريڪ ٿيا. پوءِ ته اڳتي ھلي، خلوت ۽ جلوت جي صحبتن ۾،پڻ ساڻ رهڻ لڳا.
ساڳي اسرائيلي ڳائڻي پڻ، اڪثر محفلن ۾ شريڪ ٿي هئي. اهڙيءَ طرح مون ٿورڙن ڏهاڙن ۾ چڱو خاصو پئسو ضايع ڪري ڇڏيو. وري آهستي آهستي اها ڪيفيت ٿي جو جيڪا نقدي منهنجو سهرو ڇڏي ويو هيو، سڄي کپي وئي. صرف دڪان ئي بچيو هيو. ان جي حالت به ڏاڍي خراب هئي. مون کي عيش عشرت ۾ گم ڏسي، ڪارندا هٿڙيون هڻڻ لڳا. ڳچ مال، ڇپر ڇپر ۾ وڪڻي، سارو ناڻو تڳائي ويا. جڏهن بزم جي يارن ڏٺو ته هاڻ هن ۾ اسان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ جي طاقت باقي نه بچي آ ته اهي به آهستي آهستي ٿي کسڪڻ لڳا. ٿورن ڏهاڙن ۾ حال اھو وڃي ٿيو جو منجھانئن ڪو واٽ ويندي، اڳيئون پئي آيو ته منهن مٽيون پئي ويو.
دوستن جي بي وفائيءَ، منهنجي دل تي وڏو اثر ڪيو. هڪ ڏينهن گھر جو جائزو ورتم ته خبر پئي ته اڃا ٿورا زيور بچيل آهن. اهي وڪڻي، مون دڪان کي سڌارڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. خيانتي ڪارندن کي ڪڍيم ۽ دڪان جو سڄو ڪم ڪار، پاڻ ڪرڻ لڳس. جيتوڻيڪ، منهنجي پهرين واري حالت نه رهي هئي. ليڪن دڪان جي اڃا حالت اهڙي هئي جو مان اطمينان سان زندگي بسر ڪري پئي سگھيس. منهنجي پراڻن يارن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته انهن وري مون سان رستا رکڻ گھريا. پر مون، منجھانئن ڪنهن کي به، چخي نه ڪيو. تاريخ ۽ سوانح جي ڪتابن جي مطالعيسان پنهنجي دل وندرائڻ لڳس. انهن ڪتابن ۾ ”الف ليله وليلي“ ته حڪمت ڏاهپ جو خزانو آهي. ان ڪتاب ۾ مون کي بغداد جي هڪڙي سوداگرزادي ابوالحسن جي ماجرا عجيب نظر آئي، جنهن پنهنجي دولت دوستن تي لٽائي ڇڏي ھئي. پوءِ هارون رشيد ۽ زبيده خاتون جي مهربانيءَ سان، تنگيءَ جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، بارگاه خلافت ۾ مقربين منجهه شامل ٿيو ۽ نيٺ پنهنجي مراد کي پهتو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ابوالحسن جي زندگيءَ جا واقعا، منهنجي حياتيءَ جي داستان سان گھڻا ملن جلن ٿا. جيڪي جيڪي ونھوير مٿس آيا هيا، سي سمورا مون تان وهي ويا هيا. مان اهو قصو، ورائي ورائي پڙهندو هيس. ليڪن دل نه پئي ڀري. آخر منهنجي دل تي ان جو اهڙو اثر ٿيو جو مان پاڻ کي، سچ پچ ابوالحسن سمجھڻ لڳس.
هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي خيال آيو ته؛ ”بغداد جي ماڻهن جيڪو ورتاءُ، ابوالحسن سان ڪيو هيو، سو انهن مون سان ڪيو آ. ڇو نه مان به ان وانگر، ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي پنهنجو مهمان بڻائي، اسرڌاري کيس ڇڏيندو رهان ۽ بغداد وارن سان ڪو به واسطو نه رکان.“انهيءَ ڪري مون ان ڏينهن ئي انهيءَ تجويز تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شام ڌاري پنهنجي خادم کي سڏي چيم؛ ”اڄ رات کاڌي تي، مون سان هڪڙو مهمان پڻ هوندو ۽ رات به هت ئي گذاريندو.“
مان، دجله جي پل تي پهتس ته گاڏي ٽيشڻ تي پڄي چُڪي هئي ۽ مسافر، پل ٽپيو، شهر ڏانهن اچي رهيا هيا. منجھن مختلف قسم جا ماڻهو هيا! ڪجهه فرنگي، ارمني ۽ يهودي هيا. ڪجهه هندستاني زائرين. هڪڙو ٽولو، مصري شاگردن جو هيو، جيڪي عراق جي آثار قديمه جي تحقيق لاءِ آيل هيا ۽ بغداد جي اخبارن ۾، ڪيترن ڏينهن کان سندن متعلق خبرون ڇپجي رهيون ھيون. ليڪن مون کي منجھانئن ڪنهن سان به ڳالهائڻ جي همت نه ٿي. اهي وڃي چُڪا ته عمان، بحرين ۽ ساحلي عربستان جي تاجرن جو جٿو آيو. منهنجي دل گھريو ته منجهانئن ڪنهن ھڪ کي پنهنجو مهمان ڪيان. مگر آدرڀاءُ چوڻ لاءِ، موزون لفظ نه مليا. ورائي ورائي سوچي، رڪجي پئي ويس ته خدا ڄاڻي اهي ماڻهو، منهنجي عجيب غريب درخواستٻڌي ڇا چوندا. اصل ۾ ڪنهن اڻ واقف کي، پاڻ وٽ ترسائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آ. بغداد جو اهو سوداگرزادو ابوالحسن وڏو دلير ۽ باهمت ماڻهو هوندو، جيڪو هر رات، هڪڙي نئين شخص کي، پاڻ وٽ مهمان ڪندو هيو.
جھٽ کن ۾، پل بلڪل خالي ٿي وئي. هاڻ صرف ٻه مسافراتي رهجي ويا هيا. منجھانئن هڪڙو ڪَرڙِوَڍِ عمر جو ڊگھو شخص هيو. جڏهن ته هن پنهنجو حليو، سوداگرن وارو بڻائي رکيو هيو. ليڪن پنهنجي ڪارين ۽ چمڪيلين اکين، ويڪري پيشانيءَ، وقار،حشمت ۽ وِک مان ڪنهن وڏي خاندان جو شخص لڳي رهيو هيو. ٻيو هڪڙو شخص حبشي خادم هيو، جيڪو هڪڙو بڪسو ۽ ٻه ڪمبل کنيو، پويان آيس پئي. اهو ڏسي، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته هيءُ شخص پڪ خليفو هارون الرشيد آهي ۽ هيءُ حبشي، سندس خادم مسرور. مگر مون کي پنهنجي انهيءَ خيال تي پاڻ ئي کل آئي. ڇو جو خليفي هارون الرشيد کي گزاري وئي پورا يارهن سؤ سال ٿي چُڪا هيا. مونکي حوصلو ته نه پئي ٿيو ته ان شخص آڏو پنهنجي دلي مدعا، زبان تي آڻيان. ليڪن وري هن خيال مان دل کي قوت ملي ته اڃا ڍَرَ ڪئي ته اڄوڪي رات به اڪيلي ۾ گذارڻي پوندي. تنهنڪري اڳتي وڌي، وڏي ادب سان چيومانس؛”منهنجا سائين! اگر اوهان اڄوڪي رات، هن خادم وٽ گذاريو ته گهڻو ٿورائتو رهندس.“ اھو ٻڌي هو مون کي چتائي ڏسڻ لڳو. ائين پئي لڳو ڄڻ هو مون کي ڪو چور يا ٺڳ سمجھندو هجي. ليڪن جهٽ پلڪ ۾ سندس شڪ لھي ويا ۽ هو مون سان گڏجي هلڻ لڳو. رستي ۾ مون کيس پنهنجي يارن جي بيوفائيءَ جو داستان، مختصر طورتي، چئي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح، منهنجي ان عجيب درخواست جو سبب، کيس سمجهه ۾ اچي ويو.
رات جو کاڌي کان واندو ٿيڻ بعد، هن مون کي پنهنجا حال ٻڌايا. هو پاڻ عمان ۾ ڄائو هيو ۽ موتين جي تجارت ڪندو هيو. ليڪن هاڻ، ڪيترن سالن کان هو ۽ سندس ڀاءُ، موصل ۾ رهن ٿا. زماني جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا هيائين. زنجبار، شمالي لينڊ، الجزائز،طرابلس ۽ سوڊان وغيره ملڪن جا سير به ڪري چڪو هيو. سامونڊي قزاقن ۽ غلام وڪڻندڙن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، کيس ياد هيون. جن کي ٻڌي رڳن ۾رت ٽچڪڻ لڳندو آهي. منجهن طرابلس جي درزيءَ ۽ اسپين جي شهزاديءَ جو قصو، ٻن دوريشن ۽ ڊينڊي عطرفروش جي حڪايت مون کي ڏاڍي وڻي. مگر هو پنهنجي انداز ۽ اطوارن منجھان، ايتري قدر شائسته ۽ مهذب پئي لڳو، جو مون کي سندس ڳالهين تي، جيڪي هڪڙي لاپرواھ ۽ سپاهي-خيال ماڻهوءَ کي زيب ڏين ٿيون، يقين نه پئي آيو. بلڪ وري وري خيال پئي آيو ته هيءُ شخص هارون الرشيد ته نه ٿو ٿي سگھي. مگر ڇا عجب آهي، جو شاهه فيصل سان سندس صورت گھڻي ملي جُلي پئي.
جڏهن رات، اڌ کان مٿي گذري چُڪي ته مون چيو؛ ”اوهان آرام ڪيو! منهنجو مٿو ڦري ٿو پيو. مان سگار پيئڻ جو عادي ناهيان. ليڪن اوهان جي اصرار تي مجبور ٿيس.“ اهو چئي، مان ته پنهنجي کٽ تي وڃي سُتس. هو به اُٿيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ هليو ويو. مون ڏٺو ته خلافت جي ايوان ۾، هاٿي-ڏند جي تخت تي ويٺو آهيان. منجهس الماس ۽ زبرجد جا ٻُڙا جڙيل هيا. منهنجو لباس، زريءَ تي۽ سونو آهي. منهنجي پٽڪي ۾ اوندهه ۾ چمڪڻ وارو لعل، ٽمڪي رهيو آهي. اوچتو ڪنيزن جو هڪڙو طائفو ظاهر ٿيو. انھن سمورين کي زريءَ جي تارن وارا لباس پاتل هيا. سندن مٿن تي، زمرد جا تاج هيا.سموريون منهنجي سامهون اچي، بيهي رهيون ۽ بربط وڄائي وڄائي هڪڙو خوشي وڌائڻ وارو گيت ڳائڻ لڳيون. پوءِ سؤ حبشي غلام، جيڪي سفيد ريشم لباس پاتل ۽ سونهري پٽيون لڳايل هئا، هٿن تي سونهري ٿالهه رکيل هين، آيا ۽ انهن کي منهنجي سامهون رکي، ساڄي کاٻي ٿي بيٺا. هاڻ ٿورو شور ٿيو ۽ هڪڙو ڊينڊو، جنهن جو رنگ آبنوس کان وڌيڪ ڪارو هيو، قلابازيون کائيندو، منهنجي سامهون آيو. هڪڙي ڪنيز، جيڪا مڙني کان خوبصورت ۽ نازڪڙي هئي، تنھن وڌي ان ڊيندي جو هٿ پڪڙيو. ٻئي ملي، عربي شعر چوڻ لڳا. جن ۾ بغداد جي خليفي جي عظمت ۽ شوڪت جو ذڪر ڪيل هيو. مان کين روڪي پڇڻ تي هيس ته توهان ڪير آهيو؟ ۽ مون کي هتي ڪنهن آندو آهي ته هڪڙي وڏي ٽهڪ جو آواز آيو. مون چڱيءَ طرح اکيون مهٽي ڏٺو ته اها ڪنيز ۽ ملازم سڀ غائب هيا ۽ مان پنهنجي گھر جي بستري تي پيو هيس. پهرين ته مون کي خيال آيو ته اهو موصلي سوداگر دروازو کولي هليو ويو آهي ۽ شيطان منهنجي ڪمري ۾ گھڙي منهنجا حواس ٽيڙي پکيڙي ڇڏيا آهن. وري مون سوچيو ته ابوالحسن جو اهو خيال هيو، مگر نيٺ سندس خيال غلط ثابت ٿيو. لڳي ٿو ته خليفي هارون الرشيد يا شاهه فيصل، پنهنجي ايوان سلطنت جي جھلڪ پسائي، مون کي پنهنجي گھر پهچائي ڇڏيو آ.
مان اٿي، ٻئي ڪمري ۾ گھڙيس ته ڇا ٿو ڏسان ته منهنجو خادم علي، مدهوش پيو آ ۽ موصلي سوداگر ۽ سندس خادم جو ڪو پتو پرو ناهي. هاڻ مون پنهنجي گھر جي جهڙتي ورتي. صبح ٿيو ته گھر اندر جيتريون به قيمتي شيون هيون، منجھانئن ڪا به نظر نه آئي. منهنجي سيرانديءَکان، ڪنجين جو جيڪو ڇنگو پيو هوندو هيو، سو پڻ غائب ھيو. انهيءَ رات جو، منهنجو دڪان کولي، سڄو مال اسباب، ڪو ٻهاري ويو هيو.
جڏهن مون پوليس ۾ رپورٽ ڪئي ۽ ٻڌايم ته؛’رات، شاهه فيصل، موصلي سوداگر جي ويس ۾، مون وٽ مهمان هيو، ليڪن منهنجو خيال آهي ته اهو شاهه فيصل نه هيو.‘ ان تي هو سڀ لکڻ لڳا. منهنجي ڳالهه ٻڌي بغير، مون کي پاڳل سمجھي، ڪڍي ڇڏيائون.
هيءُ آهي اهو داستان، جيڪو مون پنهنجي ستين سفر ۾، ڪٻڙي مصور جي زباني ٻڌو ۽ کانئس نقل ڪيو ارمني طبيب، جيڪو هڪ ڄنگهه کان منڊو ۽ هڪ اک کان ڪاڻو هيو ۽ ان ارمني طبيب کي، مرزا حسن تبريزيءَ، هيءُ قصو ٻڌايو ھيو.

***

ڪاٺيءَ جي ٽَنگ - چراغ حسن حسرت

ڪاٺيءَ جي ٽَنگ - چراغ حسن حسرت

ڪاٺيءَ جي ٽَنگ
(ريخته ڪھاڻي)

”لالا! بنواري لال! چؤ تو کي ڪاٺيءَ جي ڀلي سھڻي ٽنگ وٺڻي آھي؟ ٻه سال ٿيندا جو ورتي ھيم. ھاڻي چوان ٿو ته وڪڻانس. غربت وڌي وئي آھي. گيدي ۾ ڪوڏي به ڪانھي. ان کي، پاڻ کان پري ڪرڻ تي دل به نه ٿي چوي. ليڪن پيٽ ۾ متل رڻ جي ڪري، اھو چاھت وارو رشتو ٽوڙڻو پوندو. ٽنگ، تمام نرالي شيءِ آھي. ان جي مدد سان ماڻھو، سولائيءَ سان اندر ٻاھر اچي وڃي سگھي ٿو. مگر ڀاءُ! پيٽ ته کائڻ لاءِ گھري ٿو. ھاڻ ٺھڻ جي ڳالھ ڪر! ھيءَ ٽنگ اٿئي ولائتي. اسٽيل جون ڪمانيون، رٻڙ جا جوڙ، لِچڪدار چنبا ۽ کُڙيون. جيئن وٺڻ وقت ھئي، تيئن جو تيئن آھي. بلڪ ان کان به سٺي بيٺي آھي. سچ پڇين ته ان دور جي ٽنگ، مون ڪڏھن نه ڏٺي آھي. اگر زندگيءَ جو ڪو مزو آھي ته اھو ھيءُ آ ته ھھڙي جڙيل ٽنگ ھٿ اچي وڃي. بس، اھو احساس ئي، ماڻھوءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ته اھا ٽنگ سندس ملڪيت آھي. لالا احسان! مان ته تو سان چڱائي پيو ڪيان! جيستائين جيئرو ھوندين، دعائون پيو ڏيندين. وري جو اگھ ٻڌندين ته واڇون ئي ٽڙي ٿي ويندءِ! ھيڏانھن مون اگھ ٻڌايو، ھوڏانھن تون چوندين؛ منظور! تو کي ھيءَ ٽنگ، چئن سؤ رپين ۾ ڏئي ڇڏيندس. اڙي! توبانھ! مان ڇھن سوَن بدران چار سؤ چئي ويس! ليڪن خير! ڇڏ ان کي! جيڪو واتان نڪري ويو سو نڪري ويو. مڙس جي زبان آ، ڀاءُ مڙساڻي زبان آ! مان ۽ ڳالھ تان ڦران! ليڪن ان اگھ تي ته مفت آ.“
لالا بنواري لال چيس؛ ”مون کي ھٿرادو ٽنگ نه کپي.“
منڊڙي مڙس، سلوار مٿي ڪري، ٽنگ ڏيکاريس ۽ چيائينس؛ ”ھن ۾ سڀ کان وڏي خوبي ھيءَ آھي ته ھن تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو. ڪي ٽنگون ته ٿورن ڏينھن ۾ ڌڪ پٽيو وڃن. ڪنھن جي ڪماني ٽٽي پئي، ڪنھن جا جوڙ ڍلا ٿي ويا، يا چنبا ڏوڙا ٿي ويس. ليڪن ھيءَ ٽنگ، دلي دوست وانگر نينھن نباھڻ واري آ. نه ڳِڍڙيون پونس، نه گوڏن جو سور. نه خارس ٿئي، نه پَٽَ روڙ پويس. نه سور پويس، نه ساڻي ٿئي. اھا ھڻي، ماڻھو ماڻھو لڳندو آھي. اڙي يار ٿورو غور ته ڪر! ڪنھن راجا يا مھاراجا کي به اھڙي ٽنگ نصيب ۾ آھي؟ جڏھن دل چوئي لڳاءِ! جڏھن دل چوئي کولي رکينس ۽ ھڪ ٽنگ سان وڃي بستري ڀيڙو ٿيءُ! راجا مھاراجا کي ڇڏ، ڪنھن شھنشاھ کي اگر سڻس پئجي وڃي ته ھو ان مزي کان محروم آھي ته اوڇنگارون ڏئي روئي! ليڪن، بادشاھن جا اھڙا ڀاڳ ڪاٿي!؟ ھيءَ ٽنگ تو کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي ھٿ به نه ايندي! اصل ۾، مان خود به ائين ٿو چاھيان ته اھا تو کي ئي ملي! ھان پنجاھ جو نوٽ نقد سوٿيءَ ۾ ڏي ته ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي. مون کي ڏک ته ٿيندو ته اسان جي خاندان ۾ نه رھي. ليڪن ڇا ٿو ڪري سگھجي! ھاڻ مان وڌيڪ ڪجھ به نه ٻڌندس. انھيءَ اگھ تي ته ڄڻ مفت ۾ آ.“
بنواريءَ ٻڌي، چيس؛ ”منھنجي ڪھڙي ڪم جي؟“
”اڙي بابا! تون سمجھين ئي نه ٿو! تون پاڻ استعمال نه ڪئي ته ٻچڙا ان کي گھوڙي ڪري سواري ڪندس. باھ ٻارڻ وقت، ٽانڊي سورڻ لاءِ، چمٽي جو ڪم ڪندي. اصلي ڄنگھ، ٿورو چلھ ۾ وجھي ته ڏس، ڇا ٿو ٿئي! فراسيون ڇنڊڻ، تماڪ ڪٽڻ جي ڪم اچي سگھي ٿي. گھرن ۾ ڪتا ٻلا، اڻيھي ڪاھي ٿا پون. ھڪ دفعي ڪنھن ڪتي ٻلي تي لَوَڙَ ڪري اڇلي ته ڏس. مجال آ ڪنھن ڪتي ٻلي جي، جو وري تنھنجي گھر جو رخ به ڪري. تون ڪتن کان ضرور ڀؤ ته ڪندو ھوندين. جيئن ڪتي کي ايندو ڏٺئي، پنھنجي جاءِ تان ھٽي بيٺين. ان ۾ تعجب جي ڪھڙي ڳالھ آ، جيستائين منھنجي اصلي ڄنگھ صحيح سالم ھئي، منھنجو به اھو ئي حال ھيو... ھيءَ ھٿرادو ٽنگ لڳاءِ، ڪتن جو ڪو ڀؤ ئي نه رھندئي. ڀلي ٻه لک ڪتا به اچن، تنھنجو ڇا بگاڙيندا! ڪتن کي ايندي ڏسين ته اطمينان سان بيٺو مشڪندو رھ ۽ ھيءَ ٽنگ اڳيان ڪري ڏين! ھاڻي ڀلي جيترو به ان کي ڇنن، مٿئون بيھي نوس نوس ڪنس، چڪ پائينس، چٻاڙينس، ڀونڪي ڀونڪي کڻي آسمان مٿي تي کڻن. تو کي ڇا ٿيندو!؟ ان لاءِ ئي ته مان چوان ٿو ته؛ ھيءَ ٽنگ ھڻي، وڏو رعبدار مڙس ليکبين. وري جڏھن مون کي اھو خيال ٿو اچي، دل ٿي چوي ته تو سان خاص رعايت پڻ ڪجي. يعني ڏيڍ رپئي ۾ ئي ڏئي ڇڏيانءِ! مون واري ڳالھ دل کي ڪيئن لڳئي!؟ استاد ھٿ اڳتي ڪر! بس ڏيڍ رپيو تون ڪڍ، مان به ھيءَ لاھي تنھنجي حوالي ٿو ڪيان!“
”اڙي يار! تون به ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھين؟ منھنجي ڳالھ به سمجھ ۾ نه ٿي اچئي؟ گوشت پوست جي اصلي ڄنگھ جو ڇا ھي!؟ لکين ڪروڙين پيون ٿيون ڌڪا جھلين، ٽڪي ڌڙي به ڪو وٺڻ لاءِ تيار ناھي. منجھانئن ته ماڻھو ڪڪ ٿي پيا آھن. جڏھن ڏس، اھي ئي ساڳيون ٻئي ٽنگون. تون عام ماڻھن جھڙو ٿورو ئي آھين. جيڪڏھن مون ۾ نه تو جيتريون خوبيون ھجن ھا، مان ھڪڙي ڄنگھ ڪپرائي، ڪاٺيءَ جي ٽنگ لڳرايان ھا. اگر تون ڄنگھ ڪپرائڻ تي رپيو پئسو خرچڻ نه ٿو چاھين ته پاجامي کي ٿورو اڊيڙائي، ھيءَ سھڻي ٽنگ ائين لڳائي ڇڏ!“
سؤپيري ڇا ھي، ڌرتيءَ تي سرڻ وارو ھڪڙو حقير جيت! خبر اٿئي ڪيتريون ڄنگھون ھونديون اٿس. سؤ کان ته گھٽ نه ھوندس؟ اگر انسان جون، جنھن کي ساري خدائي، اشرف المخلوقات ٿي سڏي، ٽي ٽنگون ھجن ته ڪھڙي آفت اچي ويندي؟ تون ٽن ٽنگن تي ھلڻ شروع ڪر ته تنھنجا ڀاڳ کلي پون. ٽن ٽنگن واري واڻيي کي ڏسڻ لاءِ خلقون نه اچي ٽُٽَن ته چئجان! سڄي قوم تو تي فخر ڪري، يورپ کان ماڻھو تو کي ڏسڻ اچن. دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين تنھنجو نالو مشھور ٿي وڃي. تنھنجو ڪاروبار اھڙو چمڪي پوي جو بس ڇا چئجي؟! جيڪو ڏسڻ اچي، سو اٽو، چانور، لوڻ ۽ تيل تو کان خريد ڪري. ٽنگ جي ٽنگ، اشتھار جو اشتھار. شھرت، عزت ۽ نيڪنامي مفت ۾. تون ھلندين پراڻين ڄنگھن سان پر ھيءَ نئين ٽنگ به کٽ کٽ ڪندي ساڻ ھوندئي. اھو کڙڪو، جيڪو به ٻڌندو، ڀڳو ڀڳو پيو ايندو. جيڪڏھن مون واري ڳالھ سمجھ ۾ آئي اٿئي ته پوءِ اچ پاءُ نمڪ-پارا ۽ کير جو پيالو ڏيار، بس ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي.“
بنواريءَ پاءُ نمڪ-پارا توريا، کير جو ھڪڙو گلاس ڀريو ۽ سندس حوالي ڪيائين. جڏھن ھو نمڪ-پارا کيسي ۾ وجھي ۽ کير جو گلاس پي چڪو ته بنواريءَ چيس؛ ”جيڪڏھن تون اھي ٻئي شيون، نذراني طور قبول ڪرين ۽ ھتان ھليو وڃين ته وڏا وڙ ٿيندا.“
پرديسي ھمراھ، دروازي جي ويجھو پھچي چيس؛ ”چڱو يار! موڪلاڻي! ليڪن ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي چڪي آھي. ائين سمجھ ته مان تو وٽ گروي رکي چڪس، جڏھن چاھين کڻي وڃجانءِ. مان پنھنجي وصيت نامي ۾ ان ڳالھ جو ذڪر ضرور ڪري ويندس. منھنجي مئي کان پوءِ به شايد تو کي ان جي ضرورت نه پوي، ان لاءِ مان اھا بئنڪ ۾ رکائيندس. ان جو سود پيو تو کي ملندو. جڏھن کپئي، چيڪ موڪلي بئنڪ مان ڪڍائي وٺ! چڱو خدا حافظ.“
***
(ھڪڙي آمريڪي افساني تان ماخوذ)

ڪلو قانوني - چراغ حسن حسرت

ڪلو قانوني - چراغ حسن حسرت

ڪلو قانوني
(ريخته ڪھاڻي)

ڪلو، جيتوڻيڪ موچي ھيو، ليڪن کيس پنھنجي ڪم مان جيترو وقت واندڪائيءَ جو ملندو ھيو، قانون پڙھڻ ۾ لڳائيندو ھيو. قانون جا چند جھونا ڪتاب ڪٿئون ھٿ لڳا ھيس. بس اھي ئي اٿلائيندو پٿلائيندو رھندو ھيو. پنھنجي انھيءَ خصوصيت جي ڪري، سڄي ڳوٺ ۾ ڪلو قانونيءَ جي نالي سان مشھور ھيو. بلڪ سڄي تر ۾ سندس قانون دانيءَ جي ھاڪ ھئي.
ھڪ ڏينھن، سج لٿي کان جھٽ گھڙي پھرين، ھو جوتو جوڙي رھيو ھيو. ڳوٺ ۾ چؤطرف سانت ڇانيل ھئي. اوسي پاسي ڪو ماڻھو نظر نه پئي آيو جو کيس چند ماڻھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. ٿوري دير ۾ چوڌري فتو ۽ لالا بنواري لال، ٻن ٻين ماڻھن سميت، نظر آيا. سڄي ڳوٺ ۾ ھڪڙو فتو ميان ئي ڪلوءَ جي ڪمالن جو منڪر ھيو ۽ اڪثر ساڻس کؤنسندو به رھندو ھيو. اھي ھمراھ، ڳالھائيندا ڳالھائيندا، ڪلوءَ جي دڪان اڳيان پھچي بيھي رھيا ۽ چوڌري فتو، لالا بنواري لال کي چوڻ لڳو؛ ”تو کي يقين نه ٿو اچي ته ڪلو قانونيءَ کان پڇ ۽ ھو جيڪو چوي، سو مون کي منظور آ.“
ڪلوءَ ڪم ڇڏي، ناس جي دٻلي کولي ۽ چپٽي ڀري سندن ڳالھيون ٻڌڻ لڳو. چوڌري فتوءَ، سندس ڌيان ڏسي، چيو؛ ”رمضان لوھر، پنھنجي پٽ رحمت جو سڱ، منھنجي ڇوڪريءَ زبيده سان ڪرڻ ٿو چاھي پر مون کي اھا ڳالھ منظور ناھي. جيستائين رحمت ۽ زبيده سامايا نه ھيا، ٻنھي جي ملڻ جلڻ ۾ ڪو حرج نه ھيو. ليڪن زبيده جوان آھي، رحمت جي عمر به ارڙھن اوڻويھن سالن جي لڳ ڀڳ آھي. ان ڪري مون کيس چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آھي ته؛ تنھنجو ھاڻي ھيڏي اچڻ وڃڻ مناسب ناھي.“
”اڄ جو طنبيلي مان گھوڙو ڇوڙڻ ويس، ڇا ٿو ڏسان ته ھڪڙو ڳڀرو جوان، طنبيلي ۾ ويٺو آھي. مون گھوڙو ڪڍي، دروازو بند ڪيو ۽ تالو ھڻي ڇڏيومانس. لالا بنواريءَ سان ان معاملي ۾ مشورو ڪيم ته ھن چيو؛ تون جيترو وقت چاھين، ان کي ائين قيد رکي سگھين ٿو. ليڪن منھنجو خيال آ ته منھنجي اھا حرڪت، قانون جي ابتڙ آھي. سندس مائٽن کي حق پھچي ٿو ته طنبيلو ٽوڙي به کيس ڪڍي وڃن. مگر بنواري لال چوي ٿو ته اگر طنبيلو ٽوڙيندا ته سرڪار کين گرفتار ڪري ويندي.“
لالا بنواري چوڻ لڳو؛ ”مان ڪوڙ ٿو چوان ڇا؟ قانون اھو آھي.“
اھو ٻڌي ڪلوءَ جي نرڙ ۾ سر پئجي ويا. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنھن اونھي سوچ ۾ گم آھي. پوءِ ھن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”طنبيلو تنھنجو آھي. تون جڏھن چاھين، مٿس تالو ھڻي سگھين ٿو.“
لالا بنواري لال چيو؛ ”چوڌري! مون نه پئي چيو ته اھا حرڪت بلڪل قانون جي مطابق آھي.“
چوڌريءَ چيو؛ ”ليڪن ادا ڪلو.....“
ڀائي ڪلو ڪنھن جي ٿو ٻڌي. ٿورو تکو ٿيندي چيائين؛ ”جي ھائو! قانون اھو آ. ھائو! اگر تون مون کان وڌيڪ قانون ڄاڻڻ جي دعويٰ ٿو ڪرين ته اھا ٻي ڳالھ آھي. ھڪڙو نُڪتو ٻيو ٻڌائي ڇڏيانءِ، مان تنھنجي جاءِ تي ھجان ھان ته طنبيلي جي ڪنجي ھن مھل تائين گم ھجي ھان.“
چوڌري چوڻ لڳو؛ ”طنبيلي جي ڪنجي گم ھجي ھا، سو ڪيئن؟“
ميان ڪلوءَ چيو؛ ”ھا! ٻيو ڇا ۽ جيستائين اھو ڇورو ان ڳالھ جو واعدو نه ڪري ھا ته جيسين جيئرو آھيان، ھيڏانھن جو رخ نه ڪندس، ڪنجي ملي ئي نه ھا.“
چوڌري ڳالھ سمجھي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”چڱو ٿيو جو مان سڌو تو وٽ آيس.“
ڪلوءَ چيس؛ ”مان سدائين ڳوٺ وارن کي ڀلو مشورو ڏيڻ لاءِ تيار ھوندو آھيان. جڏھن دل گھرئي، ھليو اچجانءِ.“
لالا بنواري، مشڪي چيس؛ ”تنھنجو مشورو بلڪل قيمتي آھي.“ وري ھو مڙي رحمو تيليءَ کي چوڻ لڳو؛ ”تون کلين ڇو ٿو؟“
رحموءَ جي حالت، سچي پچي ڏاڍي خراب ھئي. کل جي ڪري، سندس پيٽ ۾ وٽ ھيا. کيس کلندو ڏسي، جلال درزي به کلڻ لڳو. لالا بنواري اڃا ڪجھ ٻيو چوڻ وارو ھيو، ليڪن لڳو پئي ته مٿس به کل جو غلبو ٿئي پيو. جنھنڪري ھو ڪجھ چئي آکئي بغير ھلي پيو. چوڌريءَ به سندس ڪار ڪئي. ھاڻ سج لھڻ ۾ ھيو ۽ ڏينھن جي روشني ڌنڌلي ٿيڻ لڳي ھئي. انھن چئني جا ٽھڪ اڃا تائين ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھيا. ڪلو اٿيو ۽ ڪر ڀڃي ھٽ بند ڪيائين. سندس گھر به ھٽ جي پٺ ۾ ھيو. رات جو جڏھن ماني کائڻ ويٺو ته زال کي رحمت جي پڪڙجڻ وارو ٻڌائي چوڻ لڳو؛ ”ھاڻ آسرو آھي ته چوڌري پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ جمن سان ڪري ڇڏيندو.“
سندس زال چيو؛ ”تو کي خبر آ؛ زبيده به جمن کي دل سان ٿي چاھي.“ ڪلو، خوشيءَ مان ماني کائڻ لڳو. اچانڪ خيال آيس؛ ’ڪٿي رحمت جي بدران مون وارو ڇورو جمن ته نه پڪڙيو آ.‘ انھيءَ خيال جي ايندي ئي سندس ھنيانءُ ٻڏڻ لڳو. مانيءَ مان ھٿ ڪڍيائين ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو؛ ’چوڌريءَ اڄ مون کي واھ جو بيوقوف بڻايو آ. اڄ تائين ڳوٺ جا ماڻھو مون کي ڏاھو سمجھندا ھيا، ليڪن اڄ اھي ڇا سمجھندا ھوندا؟‘
ھو حقو ڇڪيندي ڇڪيندي، اوچتو ڇرڪي بيھي رھيو. پوءِ اٿي قانون جا چند جھونا ۽ ڳريل ڪتاب ڪڍي، ڪڇ ۾ ڪيون، چوڌريءَ جي گھر جو رخ ڪيائين.
چوڌريءَ جي گھر تائين پھچندي پھچندي کيس خبر پئجي وئي ته سندس گمان صحيح ھيو. سڻڪ تي ماڻھن جو ھُنڀ ھيو. چوڌري ۽ لالا بنواري، گھر آڏو کٽن تي ويٺا ھيا. ڪلوءَ تي نظر پوندي ئي چوڻ لڳا؛ ”اچ ڪلو! تون به ان ڇوڪري کي ڏسڻ آيو آھين؟“ ھن جواب ڏنو؛ ”نه! مان ته توھان سان ھڪڙي ڳالھ ڪرڻ آيو آھيان. دراصل جڏھن اوھان مون کان مشورو وٺڻ آيا ھيا ته مان ڪم ۾ کِٿِ ويٺو ھيس، سو جيڪو ان گھڙيءَ ذھن ۾ آيو، سو ٻڌايم. ھاڻ جو ڪتاب پٽي ڏٺم ته خبر پئي ته اوھان جو خيال درست ھيو. واقعي اوھان کي، ان ڇوڪري کي قيد ڪرڻ جو ڪو حق ڪونھي. ان کي حبس بي جا چئبو آھي. ۽ حبس بي جا وڏو جرم آ.“
چوڌريءَ چيو؛ ”مون ته تو واري مشوري تي عمل ڪيو آھي. لالا بنواري لال ۽ رحمو گواھ آھن.“
ڪلو چوڻ لڳو؛ ”اوھان جي دل ۾ جيڪو اچي سو ڪيو. مان روڪڻ وارو ڪير آھيان؟ مون ته اوھان کي قانون جي ڳالھ ٻڌائي ڇڏي. البته اوھان جي جاءِ تي مان ھجان ھا ته ان ڇوڪري کي ڇڏي ڏيان ھا.“
چوڌريءَ کنگھندي چيو؛ ”اڙي يار! ائين ئي سھي. ان کي ھاڻي ٿا ڇڏي ڏيون.“ ائين چئي ھو طنبيلي جي دروازي جي ويجھو وڃي پھتو ۽ کيسي ۾ ھٿوراڙيون ڏئي چوڻ لڳو؛ ”ليڪن رب ڄاڻي، ڪنجي الائي ڪاٿي گم ٿي وئي. لالا بنواري لال! تو کي خبر آ؛ ڪنجي ڪاٿي رکي، وساري اٿم.“
ڪلوءَ چيس؛ ”پوءِ قلف کڻي ڀڃ!“
چوڌري چوڻ لڳو؛ ”قلف ته مان نه ٿو ڀڃان. ھاڻ جيڪڏھن ڪو ڀلومانس، منھنجي گھر ۾ گھڙي ويھي رھي ته مان تالو ڀڃي، کيس ٻاھر ڪڍڻ جي ذميواري سر تي ته نه کڻندس.“
ڪلوءَ کي چڙ ته ڏاڍي آئي پر ڪري ڇا پئي سگھيو. ڇپ ھيٺان ھٿ ڦاٿل ھيس. ڪتاب کنيائين ۽ وڏي اطمينان سان گھر ڏانھن ھلي پيو.
بظاھر، جمن ڏاڍو مزي ۾ ھيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناھي. چوڌري فتوءَ گھڻا حيلا ھلايا ته نڀاڳو پچر ڇڏي وڃي ته منجھانئس ھٿ کڻي ڪڍي. مگر ھن جو ساڳيو ڪھاڙيءَ ڳن. کلي کجڪار ڪري، ڳالھيون ڪري ۽ چوي؛ ”چوڌري! مون کي تنھنجي طنبيلي ۾، گھر وارو پورو آرام ٿو ملي. ڇو نه ملي، آخرڪار منھنجو ساھراڻ جو ٿيو.“
چوڌريءَ جي گھڻا دفعا دل ۾ آيو ته ان نڀاڳي کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيان. وري سوچيائين ته؛ اڳي ئي وڏي بدنامي ٿي چڪي آھي، ائين ته اڃا خلق خواري ٿيندي.
ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن چوڌريءَ وڃي کانئس پڇيو ته ٻڌاءِ ڇا حال آھي ته چوڻ لڳس؛ ”مان، ھاڻ ته طنبيلي کي پنھنجو گھر ۽ تو کي پنھنجو ابو سمجھڻ لڳو ھان.“
چوڌريءَ، جمن جون ڳالھيون ٻڌي، دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته زبيده کي سندس مامي جي گھر موڪلي ڇڏجي. زال کان پڇيائين تنھن به ھا ڪيس.
ھوڏانھن ميان ڪلوءَ جي حالت خراب ھجي. چوڌريءَ سندس سڄي قانون-داني ڌوڙ ڪري ڇڏي ھئي. ڳوٺ جا ننڍا وڏا، جيڪي سچيءَ دل سندس عزت ڪندا ھيس ۽ کيس افلاطون جو ننڍو ڀاءُ سمجھندا ھيس، سي به سندس دڪان آڏو لنگھندي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. الل صبح جو ھڪڙي مائي سندس دڪان تي جتي ڳنڍائڻ آئي ۽ چوڻ لڳس؛ ”اڙي ابا! قانون ۾ وقت وڃائڻ کان ڀلو اٿئي ته پنھنجو ڪم محنت سان ڪندو ڪر! اھا نڀاڳي جتي، تو کئون جوڙائي ھئي. پورا ڇھ مھينا به نه ھلي. پنجين مھيني ئي ٽاڪا اڊڙي ويا اٿس.“
ٻپھريءَ جو وقت ھيو جو ڪلوءَ کي پنھنجي گھر جي سامھون، زبيده نظر آئي. ڪلوءَ جي گھر جي ڀرسان ئي ھڪڙو ڪوٺڙو ھيو، جنھن ۾ سندس اوزار، گھر جي ضرورت جون شيون ۽ ان پيو ھوندو ھيو. ڪوٺڙي جو دروازو کليل ھيو. زبيده ان ۾ گھڙي وئي. ڪلو جھٽ سوا ته پنھنجو ڪم ڪندو رھيو. وري خيال آيس ته زبيده، ھن ڪوٺڙي ۾ ڇا ٿي پئي ڪري. جنھن تي دروازو کولي، اندر جھاتي پاتائين. ڇا ٿو ڏسي ته فرش تي ھڪڙو تختو پيو آھي ۽ مٿس زبيده ننڊ پئي آ. ڪلوءَ ھڪ ٻه دفعو کنگھڪار ڪئي. جڏھن ھوءَ نه جاڳي ته ڪلوءَ موٽڻ جو ارادو ڪيو. ايتري ۾ ڇوڪريءَ پاسو ورايو ۽ وڦلڻ لڳي؛ ”الله ميان جي گانءِ!“
ڪلو سوچڻ لڳو ته رب ڄاڻي الائي ڪنھن کي ”الله ميان جي گانءِ!“ سڏي رھي آ. ڪو خواب ڏسندي ھوندي. ڇوڪريءَ وري چيو؛ ”انڌو آن، ڇا ڪجھ نظر نه ٿو اچئي؟“ ڪلوءَ سڏ ڏنس؛ ”زبيده! زبيده!“ ڇوڪريءَ تي ٿورو به اثر نه ٿيو. ويتر وڦلڻ لڳي؛ ”ڪاش! ھن ۾ ايترو به عقل ھجي ھا ته دروازي ۾ تالو وجھي ڇڏي ھا!“ اھو ٻڌي، ڪلو سڪتي ۾ اچي ويو. پوءِ جو ھوش ۾ آيو ته ڊڪي وڃي دڪان تان تالو کڻي آيو. ڇوڪريءَ تي ھڪ نگاھ وڌائين ۽ دروازو بند ڪري، مٿئون تالو ھڻي ڇڏيائينس. ھوڏي زبيده کي ناناڻي موڪلڻ جو سعيو ھجي. مگر زبيده گم ٿي وئي. اوڙي پاڙي جا ماڻھو پڇايا ويا. مڙني وٽان ساڳي موٽ؛ ”ھتي ته نه آئي آ.“ ھاڻ چوڌريءَ کي ڦڦڙيءَ اچي ورايو. پاڻ پنھنجي سر نڪري پيو، کيس ڳولڻ. سڄو ڳوٺ ووڙيائين، ليڪن زبيده جو نه پتو نه کرو. مايوس ٿي، گھر ڏي پئي موٽيو ۽ اندر ۾ ھورا کورا ھجنس؛ ”زبيده جھڙي دھ جوان نياڻيءَ جو ڏينھن ڏٺي جو گم ٿي وڃڻ، حيرت جي ڳالھ آھي.“ انھيءَ اپرانڌ سندس لنگھڻ، ڪلوءَ جي گھر وٽان ٿيو. ڪراڙو موچي، پنھنجي ڪم ۾ کِٿِ لڳو پيو ھيو. ليڪن کيس ڏسي، ھڪدم چوڌريءَ جي ذھن ۾ ھڪڙي ڳالھ سُجھي آئي، جنھن تي ھن جو ھنيانءُ ٻڏڻ لڳو. ھن ھڪ دفعو، دريءَ مان ليئو پائي ڏٺس ۽ پوءِ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو لالا بنواريءَ وٽ وڃي پڳو ۽ کيس سڄو حوال سڻايائين. سندس ڳالھيون ٻڌي لالا چيس؛ ”چوڌري! تنھنجو خيال ٺيڪ آ. ڪلوءَ کي احمق نه سمجھجي. وڏو ڪانءُ آ! مگر سوچي سمجھي ڳالھ ڪجانس. تو ٿوري به اون آن ظاھر ڪئي، معاملو بگڙي ويندو.“ اھو چئي، ھن چوڌريءَ کي ساڻ کنيو ۽ ٻئي ڳالھائيندا، ڪلوءَ جي دڪان ڏانھن آيا. ھو ساڳيءَ طرح ڪم ۾ کِٿِ لڳو پيو ھيو. ھنن ٻنھي کي ڏسي، ھٿ جھليائين. لالا بنواريءَ چيس؛ ”ڪلو! مون کي ٿوري دير لاءِ ڪوڏر کپي.“ ڪلوءَ چيس؛ ”لالا! سڄو گھر تنھنجو آ. ڪوڏر ڪھڙي حاج آ.“ اھو چئي اٿيو ۽ ڪوٺڙي ڏانھن ويو. ليڪن ان جي دروازي ۾ تالو ڏسي، کيسي ۾ ھٿوراڙيون ڏيندو واپس موٽيو ۽ چيائينس؛ ”لالا! تو کي ڪوڏر ضرور کپي!“ لالا چيس؛ ”ھا ڀاءُ! نه ته تو کان ڇو گھران ھا!“
ڪلوءَ چيس؛ ”ڪوٺڙي جو دروازو بند آ ۽ ڪنجي خبر ناھي ڪاٿي آ.“ اھو ٻڌي چوڌري، ڪاوڙ روڪي نه سگھيو ۽ اٻڙڪو ڏئي چيائينس؛ ”اڙي! موچيءَ جا پٽ! دروازو کولين ٿو يا نه! منھنجي ڌيءَ انھيءَ ڪوٺڙي ۾ لڪائي ويھاري اٿئي!“
ڪلوءَ چيو؛ ”چوڌري! تو گاھ کاڌو آ ڇا؟ تنھنجي ڌيءُ ھتي ڪيئن آئي؟“
چوڌريءَ چيس؛ ”ڪجھ نه ٿو ڄاڻان. دروازو کول، ور نه مان در ئي ٿو ڀڃانءِ.“
ڪلوءَ چيس؛ ”مان سچ ٿو چوان ته ڪنجي مون وٽ ناھي. جمن ڪلھ کان گم آ. ور نه ته ھو منٽن ۾ ڪنجي ڳولي وٺي ھا.“
چوڌري ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳو. ليڪن ڪلوءَ جي ڳالھ جو جواب نه سُجھيس. بنواريءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ڏسي، چيس؛ ”چوڌري ڏس! مون تو کي چيو نه پئي ته ڪلو قانونيءَ سان منھن ڏيڻ سولو ناھي.“ ڪلو چوڻ لڳو؛ ”جمن اجھو اچڻ وارو ھوندو.“ چوڌري اھو ٻڌي تڪڙيون ٻرانگھون ھڻندو، پنھنجي گھر ڏانھن ڀڳو ۽ جھٽ ۾ جمن کي وٺيون آيو. ڪلو، پٽ کي ٻانھن مان پڪڙي پاسي تي وٺي ويو. پلڪ سوا کان پوءِ پيءُ پٽ ٻاھر نڪتا. جمن جي ھٿ ۾ ڪنجي ھئي. ان اچي ڪوٺڙي جي دروازي جو تالو کوليو ته زبيده به ڪر ڀڃي اٿي. مگر پيءُ کي ڏسي ڇرڪي پئي. چوڌريءَ پڇيس؛ ”تون ھتي ڇو آئي آھين؟“
زبيده روئڻھارڪو ٻوٿ ٺاھي چيس؛ ”مان..... مان وڃڻ نه ٿي چاھيان.“
چوڌريءَ ترسي چيس؛ ”پوءِ نڀاڳي اتي ويٺي ھج! تو خاندان جو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو آ!“
اھو چئي، ھو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو. لالا بنواري لال ۽ ڪلو به پويان پويان ھجنس. بنواريءَ ھٿ جھلي چيس؛ ”چوڌري! ھاڻ ته ماڻھو ڪلوءَ بجاءِ تو تي کلون ڪندا.“ چوڌري فتوءَ ھٿ اڇلي ڇڏيس. ڪلو قانونيءَ چيس؛ ”ٻڌ ته تو کي پنھنجي ڌيءُ تي فخر ڪرڻ گھرجي. عقلمنديءَ ۾ اسان ٽئي کيس نه ٿا پڄون. اگر جمن سان سندس وھانءُ ڪيو وڃي.... .. تون ڪاڏي پيو وڃين! لسي ته پيءُ!“
بنواريءَ ۽ ڪلوءَ، ٻنھي چوڌري فتوءَ کي کڻي ٻک وڌو ۽ گھر اندر کنيون ويس. چوڌري پھرين ته ڪاوڙ ۾ ھيو، ليڪن آھستي آھستي ڪاوڙ ڍري ٿيس ۽ کٽ تي ويھي رھيو.
***
(ڊبليو ڊبليو جيڪر تان)

ڪيلي جي کل - چراغ حسن حسرت

ڪيلي جي کل - چراغ حسن حسرت

ڪيلي جي کل
(ريخته ڪھاڻي)

۱۷ فيبروري ۱۹۲۸ع جي رات جو، نواب ڇٽن واھ جو ڪنارو وٺيو پئي ويو ته ھڪ ڪيلي جي کل تان، جيڪا مڄاڻ ڪنھن نڀاڳي اتي اڇلي ھئي، پير ترڪيس ۽ نواب عالي قدر جن واھ منجھ وڃي ڌوڙيو ڪيو. ٿورو ۱۷ فيبروري ۱۹۲۸ع جي رات کي ڌيان ۾ رکجو. جيڪڏھن بلرام ۽ شيخ شبراتي، ٿڏي تي موجود نه ھجن ھا ته دنيا نواب ڇٽن کي نيري محل واري مرحوم نواب ڇٽن جي نالي سان ياد ڪري ھا. ھاڻ ٻڌو ته شيخ شبراتيءَ نواب ڇٽن جي جان ڪيئن بچائي.
چون ٿا ته جڏھن شيخَ، جيڪو واھ ڀرسان گذري رھيو ھيو، پاڻيءَ منجھان بوڙيا نڪرندي ڏٺا ته رڙ نڪري ويس؛ ”اڙي! ھي ڇا؟“
ھوڏانھون نواب ڇٽن پڻ رڙ واڪو ڪيو؛ ”اڙي! بابا! بچايو! مان ٻڏس.“
شيخ شبراتيءَ، چوغو لاھيندي چيس؛ ”يار! اڃا نه ٻڏجانءِ! مان پھتس!“
شيخ، واھ ۾ ٽپو ڏيندي ئي، نواب کي ڄنڊن مان ورتو. چوڻ لڳس؛ ”تون به ٿاڦوڙا ھڻ! تو کي ترڻ اچي ڪو نه ٿو. مون کي ڌڪ نه ھڻ، ھٿ پير ھڻ!“
مطلب ته شيخ شبراتيءَ، نواب ڇٽن کي ڇڪي تاڻي ڪناري تائين پھچايو. ليڪن ڪناري تائين پھچڻ کان اڳي، نواب صاحب کي ان ڳالھ جو احساس ٿي چڪو ھيو ته اگر ھيءُ ھمراھ اڄ ھتي نه ھجي ھا ته پاڻ مرحوم پيءُ رفيع الشان وٽ پھچي چڪو ھجي ھا. تنھنڪري ڪپر تي پھچندي ئي چيائينس؛ ”يار! جيڪڏھن تون ائين واھ ۾ ٽپو نه ڏين ھا ته مان ته پورو ٿي چڪو ھيس.“
شيخ شبراتيءَ چيس؛ ”اڄ وڌيڪ کائي وئي ھئين ڇا؟“
نواب، ان ڳالھ جو ڪو به جواب نه ڏنس. ھيڏي ھوڏي لؤڻا ھڻندي پڇيائينس؛ ”اڙي ڀاءُ! تو منھنجي عينڪ ته ڪا نه ڏٺي آ؟“
”اڙي يار! ھن حالت ۾ به تو کي عينڪ جي ڳڻتي ورائي وئي آ. پاڻ ڏي ته ٿورو ڏس! سڄي پوشاڪ اُڊڙندي پئي وڃئي.“
”ڳالھ ته ٺيڪ آ، پر مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته مان واھ ۾ ڪريس ڪيئن؟“
”لڳي ٿو ته ڪنھن شيءِ تان تنھنجو پير ترڪيو آھي.“
”نيٺ، ڪنھن تان؟“
شيخ شبراتيءَ ھيڏي ھوڏي واجھائيندي چيس؛ ”ملي وئي!“
”منھنجي عينڪ!“
”جھنم ۾ وڃي تو واري عينڪ، مون کي ته اھا ڪيلي جي کل ملي آ، جنھن تان تنھنجو پير ترڪيو ھيو. ھاڻ منھنجي صلاح آ ته سڌو گھر ھليو وڃ. ڪپڙا لاھي سمھي پئو. اگر ٿوري برانڊي ملي وڃئي ته اڃا سبحان الله.“
”نڀاڳي برانڊيءَ جي ته سڄي خرابي آ. جيڪڏهن اڄ ٿوري سرس نه پيتل ھجي ھا ته ڇا مون کي اھا ڪيلي جي کل نظر نه اچي ھا؟“
”تون رھين ڪاٿي ٿو؟“
”مان ڀر ۾ ئي رھان ٿو. اچ ته ھلون!“
”اڙي يار! مان تنھنجو نالو به نه ٿو ڄاڻان.“
”منھنجو نالو شبراتي آھي، شيخ شبراتي.“
”عجيب ڳالھ آ، مون تنھنجو نالو ڪڏھن به نه ٻڌو آھي. جڏھن ته تو ھاڻ ھاڻ منھنجي جان بچائي آ.“
”اچ ھلون. مون کي ته سيءَ جي ڪري ڏڪڻي پئي وٺي.“
”ھا! ڀاءُ اچ ته ھلون. پر تو کي خبر آ، جيڪڏھن اڄ تون نه ھجين ھا ته مان ٻڏي چڪو ھجان ھا.“
”ھاڻ! ان کي کڻي وسار!“
”ڪيئن وساريان! مرڻ گھڙيءَ تائين ڪو نه وساري سگھندس.“
ايتري ۾ نيري محل جو مين گيٽ اچي ويو ۽ نواب اتي پھچي بيھي رھيو. شيخ شبراتيءَ پڇيس؛ ”ھتي ڇو بيٺين؟“
”چڱو ھاڻ موڪلاڻي! مان ھتي رھندو آھيان. ليڪن ميان تو منھنجي جان بچائي آھي ۽ مون کي تنھنجي ڪا نه ڪا خدمت ضرور ڪرڻ گھرجي. اڇا! تو پنھنجو نالو ڇا ٻڌايو ھيو؟“
”لاحول ولا قوة! ھاڻ کان ئي نالو وساري ڇڏيئي. منھنجو نالو شيخ شبراتي آھي.“
”ليڪن ميان شبراتي! تو کي ته ڄاڻ آھي ته مان تو کي سڃاڻان به ڪو نه ٿو. حياتيءَ ۾ پھريون دفعو تنھنجو نالو ٻڌو آھي. ھا ته مون چيو پئي ته سڀاڻي ھتي نيري محل ۾ ضرور اچجانءِ ۽ مون سان ملجانءِ!“
”پر! تنھنجو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجو نالو! منھنجو نالو ڇٽن آ ڇٽن.“
”ھا ڇٽن ته پوءِ خدا حافظ! مان تنھنجو نالو ته نه ٿو ڄاڻان، ليڪن تو مون تي احسان وڏو ڪيو آھي. جان بچايئي منھنجي. چڱو! خدا حافظ! سڀاڻي ضرور ملجانءِ! منھنجو نالو ڇٽن آ! خدا حافظ! خدا حافظ!“
اھو چئي ته نواب ڇٽن، نيري محل ۾ گھڙي ويو ۽ اسان جو شبراتي پنھنجي گھر ڏانھن ھلي پيو. اتئون سندس ڳوٺ، لڳ ڀڳ ٽن ميلن تي ھيو. ھڪ ته اماس رات، ٻيو ڪپڙا پسيل. ويچارو، وڏيءَ مشڪل سان مري جھري گھر پھتو. سڄي رات اھو سوچيندو پئي آيو؛ اھو ڇٽن به، عجيب شرڪت ھيو. کسڪيل دماغ يا باورچي پئي لڳو، يا ٿي سگھي ٿو ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جو ڪمدار ھجي.
نواب ڇٽن وڏي مرتبي واري خاندان جو رئيس ھيو. ليڪن ٿورو پڻس جي ھٿ-ڦاڙ ھئڻ ۽ ڪجھ ھن جي عياشين سبب، اھا پراڻي ڳالھ نه رھي ھئي. نيري محل جي چؤگرد ھزارين ايڪڙ ٻني ھئي. جنھن منجھان ڪيتري ته وڪامي وئي ھئي ۽ باقي جيڪا بچي ھئي سا به نواب جي ھٿئون نڪرندي پئي وئي. ليڪن نيري محل جو ٺٺ ٺانگر اڃا ساڳيو ھيو. انھيءَ ڪري شيخ شبراتيءَ جڏھن ٻاھرئين مک دروازي کان اندر پير ڌريو ته چڪرائجي ويو؛ يا الاھي! مان ڪاٿي پڄي ويو آھيان؟ ھڪڙي نوڪر، وڌي اچي روڪيس؛ تنھنجو ھتي ڪھڙو ڪم آ؟ نوڪر کي به ڀڀڪيدار ڪپڙا پاتل ھيا جو شيخ ويچارو ھڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳس؛ ”حضور! مون کي ميان ڇٽن سان ملڻو آ.“
نوڪر چيس؛ ”ميان ڇٽن ته نه رھندو آ. ھيءُ ته نواب ڇٽن جو محل آھي.“
”ائين ئي سھي.“
”ڪھڙو ڪم اٿس تنھنجو؟“
”ائين ئي ساڻس ملڻ لاءِ آيو ھيس.“
”تون ته ملڻ آيو ھئينس، ليڪن.......“
”مان پاڻمرادو ٿورو ئي آيو آھيان، پاڻ سڏايو ھيائين.“
خدا ڄاڻي نوڪر ڇا چوي ھا ۽ شيخ شبراتيءَ تي ڪھڙا ونھوير وھن ھا جو اتفاق سان خود نواب ڇٽن ڪنھن ڪم سانگي ورانڊي ۾ اچي ويو. شبراتيءَ کيس ڏسندي ئي رڙيون ڪيون؛ ”ڇٽن!“ جنھن تي نواب ڇٽن ڇرڪي پيو ۽ اکيون ڦاڙي ڦاڙي شبراتيءَ کي گھورڻ لڳو ته شبراتيءَ چيس؛ ”ٻڌاءِ! ٺيڪائي ته آھي نه! مان ائين ٿورو ملڻ لاءِ ھليو آيس.“
نواب ڇٽن ھٻڪندڙ لھجي ۾ پڇيس؛ ”تو سان ڪا منھنجي ڄاڻ سڃاڻ آھي ڇا؟“
”بس! وساري به ڇڏيئي!“
”نه نه! مون کي تو واري شڪل، ٿوري اکين کي ڏٺل ٿي لڳي. ياد نه ٿو پوي ته مون تو کي ڏٺو ڪاٿي آ!“
”اھا واھ واري ڳالھ ياد اٿئي!“
”ھا! ھاڻ ياد آيو! ھلي آ، اندر اچ!“
واھ جو نالو ٻڌندي ئي نوڪر، ڏاڍو گھٻرائجي ويو؛ خدا ڄاڻي ڇا قصو آ. جھٽ پلڪ ۾ اھا خبر سمورن نوڪرن جي ڪنين وڃي پڳي ۽ ڀانت ڀانت جا انومان ٿيڻ لڳا.
نواب ڇٽن، شيخ شبراتيءَ کي اوطاق واري حصي ۾ ويھاري چوڻ لڳس؛ ”ھاڻ مون کي ياد آيو، رات ڌاري مون واھ منجھ گھوتا پئي کاڌا ته تو اچي منھنجي جان بچائي.“
”اڙي بابا! ھاڻ ان کي وساري به ڇڏ!“
”ڪيئن وساري ڇڏيان ڀاءُ! مون تي تنھنجو وڏو احسان آھي. ھاڻ ٻڌاءِ تنھنجي خدمت ڪھڙي ڪجي؟“
”ڪجھ به نه! مون کي الله جو ڏنو، سڀ ڪجھ آھي. اونھاري ۾ شربت پيئندو آھيان ۽ سياري ۾ نان ڪباب. ھڪڙو ڪڪڙين جو فارم اٿم. ڪڪڙين ۽ بيدن مان پيدائش چڱي خاصي ٿئي ٿي، باقي ڇا کپي! تون اسان دوست ٿياسين. ھاڻ دوست کان ڪير ڇا گھري؟“
”تون اسان دوست ته آھيون، ليڪن پوءِ به مون کي تو لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ته ضرور ڪرڻ کپي!“
”تو کي ايڏو ضد آ ته پوءِ پنھنجي سنگتڙن جو ٽوڪرو ڀرائي موڪلي ڇڏ! موڪلڻو ڇا آھي، بس مان پاڻ ئي کنيو ٿو وڃان.“
مطلب ته شيخ شبراتيءَ، باغ اندر پھچي، چڱا چڱا سنگتڙا چونڊيا ۽ اھي کڻي گھر جو رخ ڪيائين. ليڪن اتفاق اھو ٿيو جو نواب سان سندس ٿيل ڳالھيون، بورچيءَ جي پٽ به ٻڌي ورتيون. ان وڃي سڄو قصو ڪري پيءُ کي ٻڌايون. ان وري بوالطيفن کي ٻڌايون. بوالطيفن وري نواب جي ماسيءَ خورشيد لقا بيگم کي تير پتير ٻڌايون. اھا بيگم وڏي سليقي واري ۽ ڏاھي عورت ھئي. نواب جي جاگير جو سڄو انتظام، سندس ھٿن ۾ ھيو. ان جڏھن ٻڌو ته نواب کي سڏايائين ۽ چيائينس؛ ”ڇٽن! مان ھيءُ ڇا ٿي ٻڌان ته تو ڪنھن مئي رولوءَ کي مٿي تي چاڙھي ڇڏيو آھي.“
نواب ڇٽن، ڪا گھڙي ته ڪنڌ لاڙيون بيٺو رھيو. پوءِ چوڻ لڳس؛ ”مان ڇا ڪيان، ان نڀاڳي جو مون تي وڏو احسان آھي جو منھنجي جان بچائي آ انھي.“
خورشيد لقا بيگم، جھيڻي لھجي ۾ چيس؛ ”جان بچائي اٿائين ته ٿورو ڏئي وٺي، ڇٽي ڪرائينس. اھڙن لچن سان ائين واسطا وڙا وڌائڻ ٺيڪ ناھن.“
نوب ڇٽن جواب ڪو نه ڏنس ۽ اوطاق واري حصي ۾ ھليو آيو.
ٻئي ڏينھن، نواب ڇٽن وٽ ھڪ پر لطف دعوت جو پروگرام ھيو. سڄي شھر جا رئيس ۽ وڏا عھديدار سڏايل ھيا. ڪي مھمان اچي چڪا ھيا، ڪي آيا پئي ته نواب ڇٽن پنھنجي دوست نواب سر افتخار عليءَ سان ڳالھيون ڪندو باغ طرف نڪتو. ايتري ۾ ڪنھن سڏ ڪيس؛ ”ڇٽن!“ نواب صاحب، گھٻرائجي ويو. اک وتائي ڏٺائين ته اڳيان ٻه ننڍا ننڍا ڇوڪرا نظر آيس. منجھانئن ھڪ کي ته چاپوٽڙيءَ جي گوڏ ٻڌل ھئي، ٻيو ته ھيو ئي چولڙي ۾. منجھانئن ھڪ کي ٽوڪري ھٿ ۾ ھئي. کين ڏسي، ھيءُ اڳيان وڌيو. انھن مان ھڪ پڇيو؛ ”توھان مان نواب ڇٽن ڪير آ.“
نواب اڳتي وڌي چيس؛ ”مان آھيان.“
ڇوڪري چيس؛ ”اڇا ته تون آھين اھو نواب، جنھن کي منھنجي پيءُ واھ مان ڪڍيو ھيو. اسان ٻئي ڀائر، تو کي ڏسڻ آيا آھيون. بابي سنگتڙن جو گھڻو گھڻو ٿورو مڃيو آ ۽ ھيءَ ٽوڪري واپس موڪلي اٿائين.“
سر افتخار علي چوڻ لڳو؛ ”ھيءُ عجيب واقعو آ.“
نواب ڇٽن چوڻ لڳو؛ ”ھا ڀاءُ! ڳالھ ھيءَ آھي ته مان ٽيون-ڏينھن-رات جو واھ ۾ ڪري پيو ھيس.“
ڇوڪري وچ ۾ چيو؛ ”۽ تو کي پيتل ھئي.“
انھن ڏھاڙن ۾ خورشيد لقا بيگم کي نواب ڇٽن جي وھانءَ جي وڏي ڳڻتي ھئي. گھڻيئي نياپا نڙا آيا، ليڪن نواب ڇٽن ڪو به رشتو پسند نه ڪيو.
دراصل ھو بيريسٽر جي ڌيءَ زھرھ لطيف سان لانئن لھڻ جي چڪر ۾ ھيو. ڇوڪري ھڪ ته وڏي حسين ھئي ۽ ٻيو ته پڙھڻ لکڻ ۾ مردن کي پوئتي ڪري ڇڏيو ھيائين. نواب جي ماسيءَ کي اگر ان رشتي تي ڪو اعتراض ھيو ته صرف اھو ته زھرھ لطيف، پردو نه ڪندي ھئي. ليڪن منٿون ايلاز ڪري نواب، ماسيءَ کي مڃائي ورتو ھيو. ھڪ شام جو ذڪر آھي ته نواب ڇٽن، زھرھ کي سئنيما ڏيکارڻ لاءِ وٺي پئي ويو. پڪيءَ پل ويجھو، سندن موٽر گھڙي سوا لاءِ بيٺي ته آواز آيو؛ ”ٿورو ترسو، مان پھتس.“ نواب ڇٽن ڏٺو ته شيخ شبراتي مٿي تي بيدن جي ٽوڪري رکيو، ٻه ٽي ڪڪڙيون ڪڇ ۾ ھنيون، اچي رھيو آھي. نڀاڳي، اچڻ سان موٽر جو دروازو کوليو ۽ اندر ڊوھي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”يار! تو کي تڪليف ته ٿيندي، ليڪن جمن نانوائيءَ کي ھيءُ ڪڪڙيون ۽ بيدا پڄائڻا آھن. مون کي اڳئين موڙ تي لاھي ڇڏجانءِ! ھا دوست! ھيءَ نيڪ بخت ڪير آ؟ آداب عرض ھجي! اوھان جي طبيعت وغيرھ ٺيڪ آ.“
نواب تي مٽ پاڻيءَ جا پُرٽجي ويا. ليڪن ويچارو ڪڇي ته ڇا ڪڇي. ايتري ۾ اڳيون موڙ به اچي ويو ۽ شبراتي آداب عرض رکي موڪلائي ويو. ھيڏي سڄي رستي ۾ زھرھ لطيف، نواب سان لفظ به ڪو نه ڳالھايو. نواب گھڻيئي دفعا چيو؛ ”ڳالھ ھيءَ آھي، ڳالھ ھوءَ آھي.“ ليڪن، بي فائدي. سئنيما ۾ به وقت صفا بي مزي گذريو.
ٻئي ڏينھن زھرھ لکي موڪليس؛ مان اوھان سان واسطو وڙو وڌائڻ نه ٿي چاھيان. بيگم خورشيد لقا کي سڻس پئي ته ڏاڍي ڪاوڙي ۽ نواب ڇٽن کي چوڻ لڳي؛ ”تو ھن خاندان جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي. مان ھاڻ ان نڀاڳي مان پچر ڇڏائڻ جي، پاڻ ڪا ٽل ڪيان ٿي.“
اھو چئي ڪمدار کي سڏايائين ۽ کانئس شيخ شبراتيءَ جي نالي، ھن مضمون جو خط لکرايائين؛ ”تو نواب ڇٽن جي جان بچائي آ. ان لاءِ ڏيڍ ھزار جي رقم، تو کي پيش ڪجي ٿي، ليڪن شرط اھو آھي ته اڳتي لاءِ نيري محل ۾ پير نه پائيندين، ڇو جو نواب ڇٽن تو سان ڪو واسطو وڙو رکڻ نه ٿو گھري.“ خط سان گڏ، ڏيڍ ھزار روپين جو چيڪ ھيو.
ٻئي ڏينھن نواب ڇٽن، ڇتي مل بجاج جي دڪان تان ڪجھ ڪپڙا خريد ڪري رھيو ته شيخ شبراتي اچي اتي پھتو ۽ چوڻ لڳس؛ ”مان تو سان ٿورو ڳالھائڻ ٿو گھران. سامھون چانھ جو دڪان آھي، اتي پنجن منٽن لاءِ ھلي ويھ.“
نواب چيس؛ ”ليڪن ڳالھ ھيءَ آھي ته...“
شيخ شبراتيءَ ڳالھ ڪٽيندي چيس؛ ”ھل ڀلا، ھتي ئي ٿو ڳالھائي وٺان! اڄ مون کي خط مليو آھي. تو واري ان ڪراڙيءَ ماسيءَ لکرايو ھوندو.“
نواب جي زبان مان فقط ايترو نڪتو؛ ”ڏس! ڏس!“
شبراتيءَ ورندي ڏنس؛ ”ڏسان ڇا! ھن مون کي ڏيڍ ھزار روپين جو چيڪ ڏياري موڪليو آھي. مان روپين جو بکيو ته ناھيان، مگر ان خيال کان قبول ڪيم ته جيئن تنھنجي دل آزاري نه ٿئي. ھا! ته خط ۾ لکيل آھي ته نواب، تو سان ڪو به تعلق رکڻ نه ٿو گھري. مان ٿو پڇان ته اھا ڪھڙي حرڪت آ. مون تو سان ڪھڙو برو ھليو آھيان؟“
نواب چيس؛ ”قسم آ، قسم آ جناب امير جو....“
شيخ شبراتيءَ ڪڙڪو ڪندي چيس؛ ”ڇا اھو آھي منھنجي چڱائيءَ جو بدلو. اگر مان ان رات سر تريءَ تي رکي تو کي واھ مان نه ڪڍان ھا ته اڄ تون ڪاٿي ھجين ھا! اڙي مون جھڙي دوست سان تنھنجو اھو ورتاءُ! مون جھڙي دوست سان، جنھن تنھنجي جان بچائي. مان ته تو کي دوست سمجھندو ھيس، دلي دوست.“
ايتري ۾ ماڻھو ڪٺا ٿي ويا. نواب ڦشريءَ جي ڀو تتان چيس؛ ”ڀاءُ! مون کي ته خبر به ناھي، ماسي امان مون کان پڇئي بغير، تو کي خط لکرايو آ.“
اھو ٻڌي، شيخ شبراتيءَ جي ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ چيائينس؛ ”اھو ته مون کي گمان ھيو! خير! ان قصي تي پاڻي ھار! اچ! ھلي چانھ ٿا پيئون.“
جمن نانوائي، اڄ تائين ھر گراھڪ کي چوندو آھي ته؛ مون وٽ نواب ڇٽن اڻيھي چانھ پيئڻ ايندو آھي.
نواب اٺ ڏھاڙا ته گھران ئي نه نڪتو. خورشيد لقا بيگم پڻ اونڌي منجي ڪيون پيئي رھي. نائين ڏينھن، نواب ٽلندو ٽلڪندو مُک دروازي تائين آيو ته اڳيئون آواز آيس؛ ”نواب صاحب!“
سَڻڪ جي پرينءَ ڀر، ننڍڙي جاءِ ھئي، جنھن جي آڏو شبراتيءَ جا ٻئي پٽ بيٺا ھيا. ايتري ۾ شيخ شبراتيءَ جو چھرو به ڏسڻ ۾ آيو. ان، ٻنھي ڇورن کي ٿڦ ٿڦ ھنئي ۽ نواب جي ويجھو پھچي، چوڻ لڳس؛ ”ھيءُ گھر وڏي عرصي کان ويڪائو ھيو. تو جيڪي ڏيڍ ھزار روپيا ڏياري موڪليا ھيا ته مون سوچيو ته گھر ڇو نه خريد ڪيان. ھاڻ تنھنجا پاڙيسري آھيون اسان. اچ! تو کي گھر ڏيکاريان!“
نواب ڪنڌ جھڪائي چيس؛ ”پوءِ ڪنھن ٻئي دفعي.“
رات جو نواب ڇٽن، خورشيد لقا بيگم کي چوڻ لڳو؛ ”ماسي امان! تو شيخ شبراتيءَ مان چڱي پچر ڇڏائي! انھيءَ ڏيڍ ھزار روپين مان شيخ صاحب اسان جي پاڙي ۾ ھڪڙو گھر خريد ڪيو آھي. ھاڻ ھو، رات ڏينھن منھنجي سر تي چڙھيو ويٺو ھوندو.“
۲۳ جون ۱۹۲۸ع جي رات جو، واھ وٽ ھڪ ٽوپي ڪريل ملي. ٿوري دير ۾، پوليس وارا نيري محل واري، نواب ڇٽن کي واھ منجھان ڇڪي ڪناري تي کڻي آيا. نواب ۾ فقط ساھ جي ڪا ذري بچي ھئي.
ھاڻ واھ جي ڪپ تي ڪيلي جي ڪا کل به باقي نه ھئي.
***
(ول اسڪاٽ تان چونڊ)

ھاريءَ جو خواب - چراغ حسن حسرت

ھاريءَ جو خواب - چراغ حسن حسرت

ھاريءَ جو خواب
(ريخته ڪھاڻي)

گذريل سياري جي موسم جي ھڪ رات، مون ھڪ خواب ڏٺو، جيڪو پنھنجي علائقي جي پادري اباشيو کي وڃي ٻڌايم. ھن ٻڌي چيو؛ ”ھيءُ خواب ڪنھن کي نه ٻڌائجانءِ!“ اوھان کي ياد ھوندو، جڏھن حڪومت سان پوپ جو ٺاھ ٿيو ھيو ته ڊان اباشيو قربان گاھ جي ڏاڪي تي بيھي ھڪڙي تقرير ڪئي ھئي، جنھن جو مضمون ھيو؛
”ھارين جا چڱا ڏينھن اچڻ وارا آھن. پوپ، مسيح کان اجازت ورتي آھي ته ھارين جون سموريون ضرورتون، ھڪ ھڪ ڪري پوريون ڪيون وڃن.“ ان ئي رات، مون خواب ۾ پوپ کي يسوع سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو.
يسوع چيو؛ ”اھو مناسب ٿو لڳي ته ھن صلح جي يادگار ۾ فوسينو جي علائقي جي سموري زمين، ويچارن ھارين ۾، جيڪي اھا کيڙين ٿا، ورھائي وڃي.“
پوپ جواب ڏنو؛ ”منھنجا! آقا! ھن علائقي جو جاگيردار شھزادو تورليونيا اھا ڳالھ ٻڌي، مڃيندو؟ اھا ڳالھ به ياد ھجيو ته شھزادو تورليونيا، پطرس حواريءَ جي مقدس فنڊ ۾، ھر سال چڱي خاصي رقم، چندي جي طور تي، جمع ڪرائيندو آھي.“
يسوع چيو؛ ”اڇا! ته پوءِ ھن صلح جي يادگار ۾ ھارين تان ڍل معاف ڪري ڇڏجي.“
پوپ چوڻ لڳو؛ ”آقا! اھا ڳالھ حڪومت ڪا نه مڃيندي ۽ اوھان کي خبر آ ته حڪومت ھر سال، جيڪي ٻه ارب ليرا، جناب پطرس جي فنڊ ۾ ڏيندي آھي، سي ھارين جي ڍل مان ئي اُڳاڙيندي آھي.“
يسوع چيو؛ ”ته ھارين جي دل جون مرادون پوريون ڪيون وڃن ته اڄ جي ننڍن ننڍن ھارين ۽ زميندارن جي ايراضين ۾ ڀلو فصل ٿئي، ته جيئن کين ڪنھن ڳالھ جي محتاجي نه ٿئي.“
پوپ چوڻ لڳو؛ ”خداوندا! اگر ننڍن ننڍن زميندارن جي ايراضين ۾ فصل ڀلا لڳا ته زرعي پيداوار جا اگھ، ڏاڍا ڪري پوندا، ۽ اوھان کي ڄاڻ آھي ته اسان جا سمورا بشپ ۽ ڪارڊينل، وڏا وڏا زميندار آھن.“
يسوع کي ان ڳالھ تي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ھو ھارين جي معاملي ۾ بلڪل بي وس آھي ۽ ڪنھن ٻئي جو نقصان ڪئي بغير، کين نفعو نه ٿو پھچائي سگھي.
اھو ڏسي پوپ، جنھن کي ھارين سان سچي محبت ھئي، چيو؛
”خداوندا! اچو ته اسان پاڻ ھلي ھارين جي حالت ڏسون. ٿي سگھي ٿو ته اسان، حڪومت، شھزادو تورليونيا ۽ بشپن کي ناراض ڪئي بغير، ھارين کي ڪو فائدو پھچائڻ جو، ڪو نه ڪو طريقو ڪڍي وجھون.“
نيٺ پوپ ۽ يسوع، ٻئي اڏامي اچي فوسينو پھتا ۽ مارسيڪا جي علائقي جي سمورين ٻھراڙين جو معائنو ڪيائون. يسوع، اڳيان اڳيان ھيو ۽ سندس ڪلھي تي وڏو ٿيلھو ھيو. پوپ، سندس پويان پويان ھيو. ان کي ان ڳالھ جي اجازت ھئي ته کيس جيڪا شيءِ ھارين لاءِ مناسب لڳي سا ٿيلھي منجھئون ڪڍي وٺي. ٻنھي، ھر ھنڌ ساڳي ڪيفيت ڏٺي. ھنڌ ھنڌ تي، ھاري ھڪ ٻئي کي گاريون ڏيندي، پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪندي ۽ جڳ جھان جي شڪايت ڪندي نظر آين. ھو ڏينھون ڏينھن ويا پئي نادار ٿيندا ۽ اھا ڳالھ سندن مت ۾ ويٺي ئي نه پئي ته کاڌي پيتي جي شين ۽ پائڻ چوڙڻ جو سامان مھيا ڪرڻ لاءِ، ڪيڏانھن واجھائين. اھا ڪيفيت ڏسي، پوپ کي ڏاڍو رنج پھتو ۽ ھن ٿيلھي منجھان جونئون ڪڍيون ۽ اھي ھيءُ چئي مارسيڪا تي ڦٽي ڪيون؛
”منھنجا! ٻچڙئو! ھيءُ جونئون وٺو ۽ پنھنجي بتن کي کنھندا رھو ته جيئن فرصت جي گھڙيءَ ۾ اوھان جو ڌيان گناھ ڏانھن نه وڃي.“

***

(اٽليءَ جي ناول نگار اگنئزيو سلون جي ۱۹۳۳ع ڌاري لکيل
جڳ مشھور ناول فونتامارا تان ماخوذ)

ھڪ عورت - چراغ حسن حسرت

ھڪ عورت - چراغ حسن حسرت

ھڪ عورت
(ريخته ڪھاڻي)

لهندڙ سج جي ڪرڻن، افق کي رتائين چادر ڍڪائي ڇڏي هئي. اولهه طرف ڳاڙهين ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهه-سرين ڪڪرين جو هجوم هيو. مان سمنڊ ڪناري، هڪڙي بينچ تي ويٺو هيس. سامهون ٻيڙيون ۽ جھاز، گن بوٽ ۽ موٽر بوٽ، سامونڊي نيرينوِيرُن تي، ڪنول جي گلن وانگر، جھومي رهيا هيا. هوا، نرم ۽ تيز هئي. سمنڊ ماٺو ۽ بنا شور جي هيو. رکي رکي، ڪنهن سامونڊي پکيءَ جي چِيهه، انهيءَ ماٺار کي ٽوڙي پئي وڌو. ڪو شخص منهنجي ويجھو اچي ويهي رهيو. هڪڙي نظر کڻي کيس ڏٺم. اڌڙوٽ عمر جو لڳي رهيو هيو. چنبڙيل ڳل، زرد چهرو، اکيون اندر تي، جن کي چشمي ڍڪي ڇڏيو هيو، چڳ ڏاڙهي،طوطي جهڙونڪ، ڪوٽ ۾ چتيون لڳل هيس، پتلون به گهڻي پراڻي پئي لڳي.
ڪن ماڻهن سان اسان ٻيهر ٻيهر ملندا آهيون، پر سندن منھن مھانڊا، اسان جي ذهن ۾ ياد به نه رھندا آهن. وري ڪن ماڻهن جي صورت ڪجهه اهڙي هوندي آهي، جو اسان سندن هڪ جھلڪ ڏسي وٺندا آهيون، ۽ سالن تائين نه وسرندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڊنب ۾ ڪو چهرو لمحي لاءِ نظر ايندو آهي، ۽ اسان جي ذهن تي اڻ-مِٽ نقش چِٽي ويندو آهي. مون کي ايتري ڊگھي سياحت دوران، اڪثر اهڙا عجيب غريب چهرا نظر آيا آهن، جيڪي سڄي عمر ياد رهندا. مثال طور؛ سڪندريه جو اهو ڪٻڙو عطر فروش جنهن کي مون”سوق الشيخ“ جي مُهڙ تي ڏٺو هيو، ڪيترا سال گذرڻ بعد به مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي.
وينس جو اهو ٻيڙياتو، جنهن جي ٻيڙيءَ تي مون سير ڪيو هيو، پنهنجي بي چين ۽ بي قرار نظرن جي ڪري، مون کان ڪڏهن به نه وسرندو.
ميامو منجهه، مون هڪ ڪمزور عورت کي ڏٺو هيو، جنهن کي ڏٺي ائين پئي لڳو، ته ڪنهن جوڙيندڙ چندن جي ٽاريءَ منجھان بت تراشيو آهي. اهو به سچ آهي ته منهنجي خيال جي دنيا، اڄ به سندس تصور سان رنگين آهي. وري ”مارسيلز“ ۾... خير! ان قصي کي ڇڏيو.
ها! ته مون چيو پئي ته ان شخص جي چهري ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي جو ڪو به ماڻهو کيس هڪ دفعو ڏسڻ کان پوءِ وساري نه ٿي سگھيو. هو سمنڊ جي لهرن تي جُوھَ وجھيو، ٿورو ڀڻڪي رهيو هيو. ليڪن سندس ڀُڻ ڀُڻ ۾ روئڻ ۽ ٻاڏائڻ وارو انداز هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ، سندس دل ڏُکاري آهي.۽ پوري سنسار اندر، ڪنهن ساڻس ڪا نيڪي ناهي ڪئي. مون سندس چهري تي هڪ نظر وجھندي دل ۾ چيو؛ ”هيءُ شخص، ڪو ناڪام ڊاڪٽر پيو لڳي. شايد ويچاري جي پريڪٽس نه ھلي سگھي.“ هو سِرڪي، منهنجي ويجھو آيو ۽ وڦلڻ لڳو. هاڻ سندس آواز وڌيڪ چٽو هيو. ليڪن سندس لفظ، بلڪل چچريل ۽ سمجھڻ لائق نه هيا. ائين پئي لڳو ڄڻ نڙيءَ منجھان نه بلڪ آنڊن مان پئي نڪتس. ڇو جو اهي ڦڦڪندڙ معدي سان، گھڻو مشابهه هيا. اُپڪائي وڏي واتِ چيائين؛ ”هيءُ سفيد ۽ ڳاڙهيون ٻيڙيون، هيءُ جھاز ۽ اسٽيمر، ڪيئن پيا سمنڊ جي شفاف سيني تي ڊوڙن. اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جو ساڳيو حال آهي. اڄ اها ماٺي سمنڊ جي سطح تي تري پئي، ليڪن سڀاڻي طوفاني ويرون، کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي وٺنديون.“ اهو چئي هن مون ڏانهن داد طلب نظرن سان ڏٺو.
هاڻ مون کان به رهيو نه ٿيو. پڇيومانس؛ ”ڇا مان اهو پڇي سگھان ٿو ته اوهان ڪير آهيو؟“
سندس وات مان هڪ ’آن‘ نڪتي.پوءِ روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”هڪ ناڪام انسان!“
”اهو ته مان پهرينءَ سٽ سمجھي ويو هيس. ليڪن ڇا اوهان مون کي ٻڌائي سگھو ٿا ته اوهان جي ناڪاميءَ جو سبب ڇا ھيو؟“
”ھڪ عورت!“
”هڪ عورت!“ مون تعجب منجھان ڏانهس ڏٺو؛”ته پوءِ هن ناڪام ڊاڪٽر، پنهنجي جواني، حسن ۽ عشق ۾ گذاري هوندي. الله! ان شخص جو داستان ڪيڏو عجيب هوندو.“
هن پنهنجي کيسي مان ٻِيڙي ڪڍي ۽ ان کي دکائي، چيائين؛ ”لڳي ٿو ته اوهان، منهنجو قصو ٻڌڻ ٿا گھرو!؟“
”جي!هائو!“
”ته پوءِ ٻڌايو!“
ٻيڙيءَ جو دونهون، هوا ۾ وٽڙي پئي ويو. مون کي ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ ان جي ڇلن منجھان هڪڙو دلڪش رومانس اُڀري رهيو هجي.
”رات جا اٺ ٿيا هيا، ھاربني روڊ تي، هڪ ڊگھي چوٽيءَ واري گھر اندر گهڙيس. سردين جي موسم هئي. هوا تيز لڳي رهي هئي. منهنجو ڪمزو جسم، ڏڪي رهيو هيو. مون کي ڏسندي ئي دربان چيو؛ ’جلدي هلو! اوهان جو ئي انتظار ٿي رهيو آهي.‘ مان وروڪڙ ڪمرن ۽ سوڙهين ڳلين مان ٿيندو، هڪڙي ڪمري ۾ پهتس. جنهن جي دروازي تي نرم ۽ ٿلهو بخملي پردوٽنگيل هيو. هڪ حسين عورت، جنهن جون خماريل اکيون، عجيب اشتياق سان دروازي ۾ کُتل هيون.سا آتشدان آڏو، هڪڙي صوفي تي ستي پئي هئي. مون کي ڏسڻ شرط، اها اُٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي؛’شڪر آهي جو اوهان آئيو. مان ته نورل کي اوهان ڏانهن موڪلي رهي هيس. اي الله! مون کي ڇا ٿي ويو! گوڏن ۾ سور! مٿي کي چڪر! اکيون سڙن ٿيون! خدا جي واسطي، مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ڪيان؟‘
مون جواب ڏنس؛’ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪيو!‘
هوءَ صوفي تان لهي، منهنجي ويجھو آئي ۽ مُٺيون ڀڪوڙي، ڏُکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي؛’اوهان نه ٿا ڄاڻو، مان اڄ رقص ڪندي رهي آهيان. فلم جي شوٽنگ پئي هلي. سڀاڻي مون کي وري رقص ڪرڻو آهي. بس اتيرو ٿي چاهيان ته گوڏن جي سور جو علاج ٿي وڃي. مون کان ته هليو به نه ٿو ٿئي!‘
’اوهان کي احتياط ڪرڻ گھرجي! موسم خراب آ.‘
هن پنهنجون ڀوريون ٻانهون، منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ چوڻ لڳي؛’خدا جي واسطي، ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان؟‘
سندس خوشبودار وار، وکريل هيا. منهنجي اداس دل، سندس اميداڀاريندڙ جسم جي گرميءَ ۽ سندس ڇهاءَ جي ڦٿڪي کي پسي رهي هئي. انهيءَ حسينا کي مصيبت ۾ ڏسي، منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ مون انتهائي ملول لهجي ۾ چيس؛’ٽنڪچر آيوڊين لڳايو!‘
’ٽنڪچر آيوڊين!؟ڇا اوهان ٻي ڪا دوا نه ٿا ٻڌائي سگھو؟‘
’منهنجي سمجهه ۾ ٻيو ڪو علاج نه ٿو اچي! خدا اوهان تي رحم ڪري!‘
’ڊاڪٽر......... ڊاڪٽر! تون ڇا پيو چوين!؟ مان صبح جو ڇا ڪندس؟‘
مون حيران ٿي چيس؛ ’ڊاڪٽر.....؟ مان ته اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو مستري آهيان! اوهان سڏايو، حاضر ٿي ويس.‘
هن ڪاوڙ منجھان مون کي ڌڪو ڏنو ۽ چوڻ لڳي؛’گستاخ، بدتميز، بيهودا!‘
ايتري ۾ خدمتگار ڊوڙندو آيو؛’حضور! ڊاڪٽر صاحب جن آيا آهن!‘“
ٻيڙي وسامي چُڪي هئي. هُن اها دکائي ۽ ڪش هڻندي، آهستي آهستي چيائين؛ ”پوءِ هن، اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ وٽ منهنجي شڪايت ڪئي. مون کي اتان ڪڍيو ويو. هاڻ مان وري بيڪار پيو رُلان. مطلب ته مان هڪ ناڪام انسان آهيان. منهنجي ناڪاميءَ جو باعث، ھڪ عورت آ.“
ٻيڙيءَ جو دونهون، هوا ۾ پکڙيل هيو ۽ ان سان گڏ، منهنجي متوقع رومانس جا چيٿڙا، فضا ۾ وٽڙي رهيا هيا.

***

ھڪڙو ھيو راجا - چراغ حسن حسرت

ھڪڙو ھيو راجا - چراغ حسن حسرت

ھڪڙو ھيو راجا
(ريخته ڪھاڻي)

هڪڙو هيو راجا ۽ هڪڙي هئي سندس ڌيءَ، جنهن کي ماڻهو ارملا چئي سڏيندا هيا. ان راجڪماريءَ کان اهڙي ڀل چڪ ٿي جو راجا کيس پرڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ شڀ گهڙي ڏسي، سوئيمبر جو بندوبست ڪيائين.
سوئيمبر جي ڏھاڙي، راجا سجايل هٿيارن تي مورڇل رکي، اچي تخت تي ويٺو. تخت جي ساڄي کاٻي، کشتري هٿيار کنيو ۽ برهمڻ پوٿيون پڪڙيون بيٺا هيا. راجڪماري ارملا، هٿن تي مهندي لايو، اکين ۾ ڪجل پايو، راجا سان گڏ ويٺي هئي. سندس وار ڀنئورين ڀرا، اکيون نشيليون، چپ اهڙا جهڙا ڳاڙهن گلن جون ٻه پنڙيون سرديءَ جي موسم ۾ ٿڙڪنديون هجن. جيڪي وڏا وڏا سورما ۽ گھوٽ، راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا هيا، سي کيس ڏسندي ئي ششدر ٿي ويا ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳا؛ ”اها هٿ اچي ته جياپي جو سهارو ٿي پوي. سدائين راجا سان گڏ رهون ۽ صبح شام پيا مال پڙا ۽ پوريون ڪچوريون کائون.“
انهن ماڻهن منجهه، هڪڙو ڇوڪرو به هيو، جيڪو گو سائين گرڌر سوامي جي مهاراج وٽ پڙهندڙ هيو. هيو ته ڪنهن ڀنگيءَ جو پٽ، پر سندس جوڀن ۾ اهڙي جوت هئي جو راجڪماريءَ جي دل، اَٺ ئي پهر منجھس اٽڪيل هئي. کيس ڏسندي ئي راجڪماريءَ جي اُڻ تُڻ، پنهنجو پاڻ ئي ويندي رهي. ايتري ۾ راجڪماريءَ کي بُک لڳي، سا دهي پيڙا کائڻ لڳي. پيڙا کائيندي کائيندي، خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه سندس من ۾ آئي جو مشڪي ڏنائين. سندس موتين جهڙن ڏندن جي چمڪاٽ سان، اوسي پاسي تجلو ٿي ويو. اهو ڏسندي ئي سمورا سورما، راجا جي موديءَ وٽ پهتا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي گھوڙن جو خرچ وٺي، گھر هليا ويا. ها! ٻه سورما، اڃا تائين ڪونتل ڪڏائي ڪڏائي، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهيا هيا. انهن ٻنهي منجھان هڪ ته ساڳيو ئي ڇوڪرو هيو، جنهن منجهه راجڪماريءَ جو ڌيان لڳل هيو. ٻيو هڪڙو گھوٽيو هيو، جيڪو ٻئي ڏيھ مان آيل هيو.
اهي ٻئي ڄڻا، پورا ٻه ڪلاڪ وڙهندا رهيا. جيترا داوَ پيچ، کين آيا پئي، سي سمورا پورا ڪري چڪا. هاڻ سج لِڪڻ تي هيو ۽ ان جي ڳاڙهن ڳاڙهن ڪرڻن منجهه، سونهري روپ وارا ڪنڊا، جن کي پٿرن منجهه ٽاڪيو ويو هيو ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهيون پيليون وائنٽيون جيڪي ڪانسن مٿان ڦڙڪي رهيون هيون، پنهنجي چمڪ ڌمڪ ڏيکارڻ لڳيون. ٻنهي سورمن جو ساهه اُڦريل هيو ۽ ائين ڏِکَ ڏئي رهيا ته ڄاڻ چوُر ٿي ڦهڪو ڪيائون. اُپڪائي ان ڇوڪري، گھوڙي کي ڊيڙائي، ٻئي سورمي جي ڇاتيءَ تي ائين ڀالي جي ڇڙهي ٺوڪي جو هو وڃي پٽ تي پيو. مڙني جي واتان واه واه نڪري وئي. اهو ڏسندي ئي راجڪماريءَ جا ڳٽا، ڳاڙها ٿي ويا ۽ تارا ٽمڪڻ لڳس.
راجا چيس: ”منهنجي راڄ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اڄ سو سمورو مان توکي ڏئي سگھان ٿو، جيڪو گھرڻو اٿئي سو گھُر!“
ڇوڪري چيو؛ ”مهاراج! مون کي اهڙو ڪو لکي ڏيو ته اوهان جي ڏيهه ۾ جيترو به زميني تيل آهي، مون کان سواءِ ٻيو ڪو ڪڍي نه سگھي!“
راجا چوڻ لڳو؛ ”ٻه سال ٿيا آهن، سمنڊان پار جي ڪنهن ڏيهه جا ماڻهو هتي آيا هيا. چيائون پئي ته؛’هن ديس ۾ هنڌ هنڌ تي زميني تيل آهي.‘ تن به اهائي گھُر ڪئي پئي جا تون ٿو ڪرين. پر انهن جي ڳالهه ته ڪوڙي نڪتي ۽ اهي پنهنجي ڏيهه موٽي ويا هليا. سچ اهو آهي ته منهنجي راڄ ۾، ڪٿي به زميني تيل ناهي.“
اهو ٻڌي، اهو ڇوڪرو پهرين راجا جو ٻوٿ تڪيندو رهيو ۽ پوءِ؛ ”وڏو دوکو ٿيو!“ چئي، گهوڙي کي اڙيون هڻندو، اک ڇنڀ ۾، مڙني جي اکين کان اوجھل ٿي ويو. راجا چوڻ تي هيو؛ ”خبر ناهي هن کي ڇا ٿيو!“ ته، اوسان خطا ٿي ويس ۽ ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪيائين ۽ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو؛”اڙي! هو ته ارملا کي هتي ڇڏيون هليو ويو!“

***

(اوهينريءَ جي تتبع تي لکيل ٺيٺ اردو ڪهاڻي)

سُک وَندِي - غلام عباس

سُک وَندِي - غلام عباس

سُک وَندِي
(ريخته ڪھاڻي - سال ۱۹۴۰ع)

ميونسپل وارن جو اجلاس وڏي اوج تي ھيو. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه ھئي. وري معمول جي خلاف، ھڪ ميمبر به غير حاضر نه ھيو. ميونسپل جو بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ ھيو ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍجي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.
ميونسپل جو ھڪڙو وزنائتو ميمبر، جيڪو ملڪ ۽ قوم جو سچو خيرخواھ ۽ دردمند سمجھيو ويندو ھيو، ڏاڍي فصيح تقرير ڪري رھيو ھيو.
”ٻيو وري منھنجا سائين اوھان ايڏانھن به ڌيان ڏيو ته انھن جي رھائش، شھر جي اھڙي حصي ۾ آھي، جيڪو نه صرف شھر جي وچئون وچ عام وڏي واٽ آھي بلڪ شھر جو سڀ کان وڏو تجارتي مرڪز پڻ آھي. جنھنڪري ھر شريف ماڻھوءَ کي، نه چاھيندي به، اتئون ئي لنگھڻو ٿو پوي. ان کان علاوھ اشراف خاندانن جي پاڪدامن نياڻين سياڻين کي، ان بازار جي تجارتي اھميت سببئون، اتي اچڻ ۽ اتئون سودو سلف وٺڻ کان سواءِ ٻي واھ ئي ناھي. منھنجا سائين اھي عزتدار ۽ ست سيل واريون، اڌ اگھاڙين وئيشائن جي ٺاھ ٺوھ کي پڻ ڏسن ٿيون ته قدرتي طور تي سندن دل ۾ به ھار سينگار ۽ دلڪشيءَ جا اڻ ڄاتل جذبا ۽ اميدون ڪَرُ کڻن ٿيون. پوءِ اھي پنھنجي مسڪين مڙسن کان ڀانت ڀانت جي پائوڊرن، سرخين، زريءَ تي چمڪندڙ ساڙھين ۽ قيمتي زيورن جون فرمائشون ڪرڻ ٿيون لڳن. نتيجو اھو ٿو نڪري جو سندن خوشين ڀريو آکيرو، سندن سڪون وارو آکاڙو سدا لاءِ جھنم جو نمونو ٿيو وڃي.“
”ٻيو ته منھنجا سائين پوءِ اوھان اھو به ڌيان ڌريو ته اسان جي قوم جا ننڍڙا ٻچڙا جيڪي درسگاھن ۾ علم پيا پرائين ۽ سندن اڳتي جي ترقين ۾ قوم جون اميدون واڳيل آھن ۽ گمان آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن قوم جي ٻيڙي کي ڪُنَ مان ڪڍڻ جو سھرو سندن سر تي سَجندو، انھن کي به صبح شام، انھيءَ بازار منجھئون اچڻو وڃڻو ٿو پوي. اھي ڪسبياڻيون ھر وقت سورھن سينگار ڪيو، سندن رستي تي پنھنجن اڻ ڍڪيل نيڻن ۽ پنبڻين جا تير، ترارون ۽ نيزا، مٿن وسائينديون ۽ کين حسن جي دعوت ڏينديون ٿيون رھن. ڇا کين ڏسي، اسان جا ٻالا ڀولا، اڻ آزمادگار، جوانيءَ جي نشي ۾ ڌُت، نفعي نقصان کان بي پرواھ، قوم جا ٻچڙا پنھنجي جذبن، خيالن ۽ اعليٰ سيرت کي گناھ جي قاتل اثرن کان محفوظ رکي سگھندا؟ دوستو! ڇا انھن جو حسن، جيڪو زاھدن کي به راھئون رلائي ڇڏي، اسان جي قوم جي ٻچڙن کي سڌي راھ تان ھٽائي، سندن دلين ۾ گناھن جي پر اسرار لذتن جي اڃ پيدا ڪري ھڪ بيچيني، ھڪ بيقراري، ھڪڙو ھيجان پيدا نه ڪري ڇڏيندو ھوندو.“
انھيءَ موقعي تي ھڪڙي بلدياتي ميمبر، جيڪو ڪنھن زماني ۾ استاد رھي چڪو ھيو ۽ انگن اکرن سان وڏي دلچسپي رکندو ھيو، تنھن چئي ڏنو؛
”دوستو! اھا به خبر ھجيوَ ته امتحانن ۾ ناپاس ٿيڻ وارن شاگردن جو پوين پنجن سالن ڀيٽ ۾ ڏيڍوڻو ٿي ويو آھي.“
ھڪڙو ميمبر، جنھن کي چشمو چڙھيل ھيو ۽ ھفتي وار اخبار جو اعزازي ايڊيٽر ھيو، تقرير ڪندي چيو؛ ”سائين منھنجا! اسان جي شھر مان ڏينھون ڏينھن غيرت، شرافت، مردانگي، نيڪوڪاري ۽ پرھيزگاري وڃي ٿي کڄندي ۽ ان جي جاءِ تي بي غيرتي، نامردي، بزدلي، بدمعاشي، چوري ۽ ٺڳي ٺوڙي وڃي ٿي وڌندي. منشيات جو واھپو وڌي ويو آھي. خونريزي ۽ ڌاڙا ڦريون، خودڪشي ۽ ڏيوالي نڪرڻ جون وارداتون وڌنديون ٿيون وڃن. ان جو سبب، فقط انھن بازاري عورتن جو پليد وجود آھي. ڇو جو اسان جا ٻالا ڀولا شھري، انھن جي ونگيندڙ زلفن جا اسير ٿي، ھوش ۽ سمجھ وڃائي ٿا ويھن ۽ انھن جي محل سرا تائين پھچڻ جي گھڻي کان گھڻي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ ھر جائز ۽ ناجائز طريقي سان زر حاصل ڪن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ته اھي انھيءَ ڪوشش ۾، ماڻھپي کان ئي ٻاھر نڪري ٿا وڃن ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪري بيھي ٿا رھن. پوءِ نتيجو اھو ٿو نڪري ته اھي پنھنجي پياري جان تان ھٿ ڌوئي ٿا ويھن يا چاوڙين ۾ پيا سڙندا ٿا رھن.“
ھڪڙو پينشن تي لٿل وڏي عمر وارو ميمبر، جيڪو عيالدار ھئڻ سان گڏ دنيا جون گرميون سرديون ڏسيو ويٺو ھيو ۽ ھاڻ حياتيءَ جي ڪشمڪش کان ٿڪجي باقي عمر، آرام ڪرڻ ۽ پنھنجي اھل عيال کي پنھنجي ڇپر ڇانءَ ھيٺ پلجندو ڏسڻ جو تمنائي ھيو، سو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو.. سندس آواز ۾ ڏڪڻي ھئي ۽ لھجي جو انداز فريادين وارو ھيس. چيائين؛ ”دوستو! سڄي سڄي رات انھن ماڻھن جي طبلن جي وڄت، انھن جا ھوڪريا، سندن عاشقن جي ويڙھاند، گاريون گند، شور شرابو، ھا ھا ھا، ھو ھو ھو، ٻڌي ٻڌي اوسي پاسي ۾ رھڻ وارن شريفن جا ڪن ئي پچي پيا آھن. رات جي ننڊ حرام ته ڏينھن جو سڪون برباد آ. ان کان علاوھ سندن ويجھڙائپ سبب، اسان جي نياڻين سياڻين جي اخلاق تي جيڪو اثر پوي ٿو، تنھن جو اندازو ھر ٻچڙيوال پاڻ ڪري سگھي ٿو.“ آخري جملو چوندي، سندس آواز گھوگھرجي ويو ۽ ان کان اڳتي ڪجھ ڳالھائي ئي نه سگھيو. بلديا جي مڙني ميمبرن کي ساڻس ھمدردي ھئي، ڇو جو بدقسمتيءَ سان سندس گھر ان بازارِ حسن جي بلڪل وچ تي ٺھيل ھيو. کانئس پوءِ ٻيو بلدياتي ميمبر، جيڪو جھوني تھذيب جو علمبردار ھيو ۽ قديم آثارن کي ٻچڙن کان وڌيڪ پيارو سمجھندو ھيو، تنھن تقرير ڪندي چيو؛
”سائين منھنجا! ٻاھرئون جيڪي سياح ۽ اسان جا دوست دڙا ھن مشھور تاريخي شھر کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. جڏھن اھي ھن بازار منجھئون گذرندا آھن ۽ ان متعلق پڇا ڪندا آھن ته يقين ڪيو ته اسان جي مٿئون مَٽَ پاڻين جا پُريٽجي ويندا آھن.“
ھاڻ بلديا جو صدر، تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڀلي قد ھلڪو ھيس ۽ ھٿ پير ننڍڙا ھيس، مگر مٿو وڏو ھيس. جنھن جي ڪري بردبار ماڻھو پئي لڳو. لھجي ۾ حد کان وڌيڪ ٿڌائپ ھيس. چيائين؛ ”منھنجا سائين! مان ان ڳالھ ۾ اوھان سان بلڪل متفق آھيان ته ان طبقي جو وجود اسان جي شھر ۽ اسان جي تھذيب ۽ رھڻي ڪھڻيءَ جي لاءِ سؤ ڀيرا شرمساريءَ جو سبب آھي. ليڪن ڏکيائي اھا آھي ته ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي. اگر انھن ماڻھن کي مجبور ڪجي ته اھي پنھنجو نيچ پيشو ڇڏين ته سوال ٿو پئدا ٿئي ته اھي ماڻھو کائيندا ڪٿان؟“
ھڪڙي ھمراھ چئي ڏنو؛ ”اھي عورتون، پرڻا ڇو نه ٿيون ڪن؟“
ان تي ھڪڙو وڏو گندو ٽھڪار ٿي ويو ۽ ھال جي ماتمي فضا ۾ ھڪدم کل مذاق جا آثار پيدا ٿي ويا. جڏھن ويٺلن ۾ ٺاپر ٿي ته صدر صاحب ڳالھايو؛ ”منھنجا سائين! اھا تجويز ڪيترا ئي ڀيرا، انھن جي آڏو رکي چڪا آھيون. ان لاءِ انھن جي طرفان ھيءُ جواب ڏنو ٿو وڃي ته آسودا ۽ عزت وارا خانداني ماڻھو، عزت ۽ ناموس جي خيال کان، کين گھر ۾ پير پائڻ نه ڏيندا. جڏھن ته ڀينگين ۽ ڪريل طبقي وارن ماڻھن کي، جيڪي محض انھن جي دولت لاءِ ساڻن شادي ڪرڻ تي مائل ٿين، ھي عورتون به ويجھو اچڻ ڪو نه ڏينديون.“

ان تي ھڪڙي ھمراھ چيو؛ ”بلديا کي، انھن جي ذاتي معاملن ۾ پوڻ جي ضرورت ناھي. بلديا جي آڏو ته ھيءُ مسئلو آھي ته اھي ماڻھو ڀلي کڻي جھنم ۾ وڃن، پر ھن شھر کي خالي ڪري وڃن.“
صدر چيو؛ ”دوستو! اھو به ڪو سولو ڪم ناھي. انھن جو ڳاڻيٽو ڏھ ويھ ناھي بلڪ سون تائين پھتل آھي. ٻيو ته منجھانئن ڪيترين ئي عورتن جا ته پنھنجا ذاتي گھر ورتل آھن.“
اھو مسئلو، مھينو کن ته بلديا جي بحث ھيٺ رھيو ۽ نيٺ مڙني ميمبرن جي اتفاق راءِ سان اھا ڳالھ بيٺي ته بازارِ حسن جا مملوڪہ/ والاريل گھر خريد ڪيا وڃن ۽ کين رھڻ لاءِ شھر کان گھڻو پري، ڪو الڳ ٿلڳ علائقو ڏنو وڃي. انھن عورتن، بلديا جي انھيءَ فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڪيو. ڪن ته نافرماني ڪري، وڏا ڏنڊ به ڀريا ۽ قيد به ڪاٽيا، مگر بلديا جي مرضيءَ آڏو سندن ھڪ به نه ھلي ۽ لاچار ٿي، صبر ڪري ئي ويھي رھيون.
ان کان پوءِ ڳچ عرصي تائين ته انھن بازاري عورتن جي مملوڪہ گھرن جون فھرستون ۽ نقشا تيار ٿيندا رھيا ۽ گھرن جي لاءِ گراھڪ پيدا ڪيا ويندا رھيا. ڪيترن گھرن کي نيلاميءَ ذريعي وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھن عورتن کي ڇھ مھينا پنھنجي پراڻن گھرن ۾ ترسڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ان عرصي ۾ اھي نئين علائقي ۾ گھر وغيرھ ٺھرائي سگھن.
انھن عورتن لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ڇھ ڪوھ پري ھيو. پنجن ڪوھن تائين ته پڪو رستو ھيو ۽ ان کان اڳتي ڪوھ کن ڪچو رستو ھيو. ڪنھن زماني ۾ اتي ڪا وسندي ھوندي، مگر ھاڻ ته کنڊرن کان سواءِ ڪجھ نه بچيو ھيو. جن ۾ نانگن ۽ چمڙن جو واسو ھيو ۽ ڏينھن ڏٺي جو ته چٻرا پيا ٻوليندا ھيا. ان علائقي جي پسگردائيءَ ۾ ڪجھ ڪچن گھرن وارا ننڍا ننڍا ڳوٺ ھيا. مگر ڪنھن جو مفاصلو به اتئون ٻن اڍائي ميلن کان گھٽ نه ھيو. انھن ڳوٺن ۾ رھڻ وارا ھاري، ڏينھن جي وقت پوکي راھي ڪندا ھيا، يا ائين ئي گھمندي ڦرندي ھتي به اچي پھچندا ھيا. ور نه ته عام طور تي ھن ويران شھر ۾ آدم ذات جي ڪا صورت به نظر نه ايندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گدڙ به ان علائقي ۾ رلندي ڏٺا ويا ھيا.
پنج سؤ کان مٿي وئيشائن منجھان فقط چوڏھن اھڙيون ھيون، جيڪي پنھنجي عاشقن جي واسطيداريءَ يا خود پنھنجي دليئون يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري، شھر جي ويجھو آزاد رھڻ تي مجبور ھيون ۽ پنھنجي دولتمند چاھيندڙن جي مستقل مالي مدد جي ڀروسي تي نه چاھيندي به انھيءَ علائقي ۾ رھڻ تي مائل ٿي ويون. ور نه ته باقي عورتن، اھو سوچي ڇڏيو ھيو ته يا ھن ئي شھر جي ھوٽلن تي پنھنجي رھائش رکنديون يا ظاھري طور نيڪن جو لباس پائي، شھر جي شريف محلن جي ڪُنڊن پاسن ۾ وڃي لڪنديون. يا ته ھن شھر کي ئي موراڳو ڇڏي، ڪنھن ٻئي پاسي ھلي وينديون.
اھي چوڏھن ئي وئيشائون، گھڻيون مالدار ھيون. انھيءَ تي شھر ۾ جيڪي والاريل گھر ھين، تن جو اگھ کين وڏو ملي ويو ھيو ۽ ان علائقي ۾ زمين جي قيمت نالي ماتر ھئي. ٻيو ته مڙني کان موچاري اھا ڳالھ ٿي ته وٽن اچڻ وارا، دل ۽ جان سان سندن مالي مدد ڪرڻ لاءِ آتا ھيا. تنھنڪري ھنن، انھيءَ علائقي ۾ دل کولي وڏا وڏا عاليشان گھر ٺھرائڻ لاءِ رِٿائون سِٽيون. ھڪڙو مٿانھون ۽ ھموار ھنڌ، جيڪو ٽٽل ڦٽل قبرن کان پرڀرو ھيو، سو چونڊيو ويو. زمين جا ٽڪرا صاف ڪرايا ويا ۽ ھوشيار آرڪيٽيڪٽس کان نقشا جوڙايا ويا ۽ ٿورن ڏھاڙن ۾ اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. سڄو ڏھاڙو سرون، مٽي، چونو، شھتير، گارڊر ۽ ٻيو عمارتي سامان گاڏين، ڇڪڙن، خچرن، گڏھن ۽ ماڻھن تي کڄي ھن وسنديءَ ۾ پيو اچي ۽ منشي مڙا حساب ڪتاب جون ڪاپيون بغلن ۾ وجھيو، اھو ڳڻائي ۽ ڪاپين ۾ داخل پيا ڪن.... انجيئر، رازن کي ڪم متعلق ھدايتون پيا ڏين. رازا، مزدورن کي دڙڪا داٻ پيا ڏين، مزدور وري پيا ھيڏانھن جو ھيڏي پيا ڀڄن ڊڪن. مزدورڻين جا رڙيون ڪري ڪري نالا پيا وٺن ۽ پاڻ سان ڪم ڪرڻ لاءِ پيا سڏين. مطلب ته سڄو ڏھاڙو ھڪڙو ھل ھنگامو ھيو. وري سڄو ڏھاڙو اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ڳوٺاڻا، پنھنجي ٻني ٻاري ۾ ۽ ڳوٺاڻيون پنھنجن گھرن ۾، ھوا جي جھونڪن سان گڏ، پري کان ايندڙ کٽ کٽ جا ھلڪا ھلڪا آواز پيا ٻڌن.
انھيءَ وسنديءَ ۾ ھڪ جاءِ تي مسجد جا آثار ھيا ۽ ان جي ويجھو ھڪڙو کوھ ھيو، جيڪو ڦٽل ھيو. اڏيندڙن ھڪ ته پاڻي کڻڻ لاءِ ۽ ٻيو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ۽ ٽيون ٿورو ثواب ڪمائڻ ۽ پنھنجي نمازي ڀائرن جي عبادت ڪرڻ جي خيال کئون، سڀ کان پھرين ته ان جي مرمت ڪئي. جيئن ته اھو فائدو ڏيندڙ ۽ ثواب جو ڪم ھيو، جنھن ڪري ڪنھن به اعتراض نه واريو. قصو ڪوتاھ، ٻن ٽن ڏينھن ۾ مسجد تيار ٿي وئي.
ڏينھن جو ٻارھين وڳي، جيئن ئي مانيءَ جي موڪل ملي، ٻه اڍائو سؤ رازا، مزدور، انجنيئر، منشي ۽ انھن وئيشائن جا مائٽ يا ڪمدار ڪاراوا، جيڪي اڏاوت جي سنڀال تي بيٺل ھيا، سي ان مسجد جي اوس پاس ۾ اچي ڪٺا ٿين ته ڄڻ ميلي وارو رنگ ٿي وڃي.
ھڪ ڏھاڙي، ھڪڙي ڳوٺاڻي ڪراڙي، جيڪا ڪنھن ويجھي واري ڳوٺ جي رھاڪو ھئي، سا ھن وسنديءَ جي سُڌِ پوڻ تي اچي ھتي پھتي. ساڻس ھڪڙو ننڍو ڇوڪرو به ھيو. ٻنھي مسجد جي ويجھو ھڪ وڻ جي ھيٺئون، سگريٽن، ٻيڙين، ڀڳڙن ۽ ڳڙ مان ٺھيل مٺائين جو ٿالھ اچي رکيو. ڪراڙيءَ کي آئي اڃا ٻه ڏينھن به نه گذريا ھيا جو ھڪڙو ڪراڙو ھاري، ڪٿئون ھڪڙو مٽ کڻي آيو ۽ کوھ جي پاسي ۾ سرن جو ھڪڙو ننڍڙو ٺيھو اڏي، پئسي ۾ ٻه ٻه شربت جا گلاس وڪڻڻ لڳو. ھڪڙي باگڙيءَ جو خبر ٻڌي، سو ھڪڙو کارو گدرن جو ڀري آيو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ڀر ۾ ويھي؛ ”وٺو وٺو گدرا! ماکيءَ کان به زور مٺا گدرا“ جا ھوڪا ڏيڻ لڳو. ھڪڙي ھمراھ ڇا ڪيو جو گھرئون منڍي پاوا رڌائي، ديڳڙيءَ ۾ وجھي، ٿالھ جي مٿان رکي، ٿوريون مانيون، ٺڪر جا ٻه ٽي پيالا ۽ ھڪڙو جستي گلاس کڻي اچي پڳو ۽ انھيءَ وسنديءَ جي ڪَمين کي جھنگ ۾ گھر جي ڪُنيءَ جھڙي وَٽَ وٺائڻ لڳو.
ٻپھريءَ ۽ ٽپھريءَ جي وقت، انجنيئر، منشي، رازا ۽ ٻيا ماڻھو، مزدورن کان کوھ منجھئون پاڻي ڪڍائي ڪڍائي وضو ڪندي نظر ايندا. ھڪڙو ھمراھ، مسجد ۾ وڃي ٻانگ ڏيندو، وري ھڪڙي کي امام کڻي ٺاھبو ۽ ٻيا ماڻھو ان جي پويان بيھي نماز پڙھندا. ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪڙي ملي کي جو سڻس پئي ته فلاڻي مسجد ۾ امام جي ضرورت آھي، سو ٻئي ڏينھن ئي صبح مرادن جو ھڪڙي سائي ٿيلھيءَ ۾ قرآن شريف، رحل ۽ مسئلن مسائلن سکڻ جون چوپڙيون کڻي اچي ڪڙڪيو ۽ ھن مسجد جي امامت باقاعدي طور تي سندس حوالي ڪئي وئي.
ڏھاڙي ٽيپھريءَ ڌاري، ھڪڙو ڪبابي مٿي تي پنھنجي وکر جو کارو کنيو ايندو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ويجھو پٽ تي چلھو ٺاھي، ڪباب، جيرا، دل ۽ بڪيون سيخن تي پچائي، وسنديءَ وارن کي ويچيندو. ھڪڙي باٺارڻ جو اھو حال ڏٺو ته پنھنجي مڙس کي ساڻ وٺيو مسجد جي سامھون، اس کان بچڻ لاءِ گاھ پلال جو ھڪڙو ڇپرو ٺاھي، اچي تنور تپائڻ لڳي. ڪڏھن ڪڏھن ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو نائي، ڦاٽل ساٽل پراڻي ڪسبت ڳچيءَ ۾ لڙڪايون، بوٽ جي ٿُڏن سان رستي جا پٿر ٿُڏيندو، ھتي ڦيراٽا ڏيندو نظر ايندو.
انھن وئيشائن جي گھرن جي اڏاوتن جي نگراني سندن مائٽ يا ڪارندا ته ڪندا ئي ھيا، پر ڪنھن ڪنھن ڏينھن تي اھي به ٻيپھريءَ جي مانيءَ کان وانديون ٿي، پنھنجي عاشقن سان گڏجي، پنھنجي سر پاڻ پنھنجن پنھنجن گھرن کي جڙندو ڏسڻ اينديون ۽ سج لڙئي کان اڳي اتان نه موٽنديون. انھيءَ موقعي تي فقيرن ۽ فقيرياڻين جا ٽولن جا ٽولا، الائي ته ڪاٿان اچي سھڙن ۽ جيستائين خير نه وٺن تيستائين ڪھاتن سان وٺي شور ڪن ۽ کين ڳالھائڻ ئي نه ڏين. ڪڏھن ڪڏھن شھر جا رول ۽ واندا ڇورا، واندي ويھڻ کان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي نيت سان، شھرئون پيرين پنڌ نڪري وئيشائن جي ھن نئينءَ وسنديءَ جو واءُ سواءُ لھڻ اچن ۽ جي ان ڏينھن تي وئيشائون به آيل ھجن ته سندن عيد ٿيو وڃي. اھي کانئن ٿورو پرڀرو ٿي سندن چوڌاري ويٺا چڪر ڏين. گفتا ڪڍن، اڻ ٺھندڙ ٽھڪار ڏين. عجيب عجيب شڪليون ٺاھين ۽ چرين واريون حرڪتون ڪن. ان ڏھاڙي ته ڪبابيءَ جي کپت به ٺاھوڪي ٿئي.
ان علائقي ۾، جتي ڪجھ ڏينھن اڳ پکيءَ پير نه ھوندو ھيو، ھاڻي چوڌاري ھڪڙي وٺ وٺان ۽ چھل پھل نظر اچڻ لڳي. شروع شروع ۾، ھن علائقي جي ويرانيءَ ۾ انھن وئيشائن کي، ھتي اچي رھڻ جي حساب سان، جيڪا وحشت ٿيندي ھئي، سا وڏي حد تائين ھلي وئي. ھاڻ اھي ھر دفعي خوش خوش، پنھنجي گھرن جي سينگار ۽ پنھنجي پسند جي رنگن متعلق رازن کي زور ڀري وينديون ھيون.
وسنديءَ ۾ ھڪ ھنڌ ھڪڙي ٽٽل ڦٽل مزار پڻ ھئي، جيڪا آڳاٽي ڪنھن بزرگ جي لڳندي ھئي. جڏھن اھي گھر، اڌ کان مٿي جڙي ويا ته ھڪ ڏھاڙي، وسنديءَ جي رازن مزورن ڇا ڏٺو ته مزار جي ويجھو، دونھون پيو اٿي ۽ ھڪڙو لال لال اکين وارو ڊگھو ڏُوت مست فقير، گوڏ ٻڌيو ڀروون به ڪوڙايو ھن مزار جي چوڌاري پيو ڦري ۽ پٿريون کڻي کڻي پيو پري اڇلي. ٻيپھريءَ ڌاري اھو فقير ھڪڙو دلو کڻي کوھ تي آيو ۽ پاڻي ڀري ڀري مزار تي کڻي وڃڻ ۽ ان کي ڌوئڻ لڳو. ھڪ دفعي جو آيو ته کوھ تي ٻه ٽي رازا مزدور بيٺا ھيا. ھو اڌ پاڳل ۽ اڌ ھوش جي عالم ۾ کين چوڻ لڳو: ”خبر اٿو! اھا ڪنھن جي مزار آھي؟ پير ڪڙڪ شاھ بادشاھ جي! منھنجا ابا ڏاڏا سندس مجاور ھيا.“ ان کان پوءِ کلي کلي ۽ اکين مان ڳوڙھا ٽمائيندي، پير ڪڙڪ شاھ جون ڪجھ جلالي ڪرامتون پڻ انھن رازن مزدورن کي ٻڌايائين.
شام ڌاري اھو فقير ڪٿئون پٽي سٽي، ٺڪر جا ٻه ڏيئا ۽ سرنھ جو تيل وٺي آيو. پير ڪڙڪ شاھ جي قبر جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان ڏيئا ٻاري ڇڏيائين. رات جي پوئين پھر، ڪڏھن ڪڏھن ان مزار مان، الله ھوءَ جا مست نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا.
ڇھ مھينا نه گذريا ھوندا جو اھي چوڏھن ئي گھر جڙي راس ٿي ويا. اھي سموري جا سمورا، ٻه منزلا ھيا ۽ لڳ ڀڳ ساڳي طرز تي ھيا. ست ھڪ پاسي کان ۽ ست ٻئي پاسي کان. وچ ۾ ويڪرو شاھي رستو ھيو. ھر گھر جي ھيٺئون چار چار دڪان ھيا. گھر جي مٿين منزل ۾، رستي واري طرف کان ڪشادو ورانڊو ھيو. ان جي اڳيان ويھڻ لاءِ ٻيڙي نما بيٺڪ ٺھرايل ھئي. جنھن جي ٻنھي پڇڙن تي يا ته سنگ مرمر جا نچندڙ مور ٺاھيا ويا ھيا يا وري جل پرين جا مجسما تراشي ٺاھيا ويا ھيا، جن جو اڌ ڌڙ مڇيءَ جو ۽ اڌ انسان جو ھيو. ورانڊي جي پويان جيڪو وڏو ڪمرو ويھڻ لاءِ ھيو، ان ۾ سنگ مرمر جا نازڪ نفيس ٿنڀا ٺھيل ھيا. ڀتين تي وڻندڙ چٽسالي ڪيل ھئي. فرش چلڪڻي پٿر جا ٺاھيا ويا ھيا. جڏھن سنگ مرمر جي ٿنڀن جا عڪس انھيءَ بلوري فرش تي پوندا ھيا ته ائين لڳندو ھيو ڄڻ سفيد براق جي پرن وارن ھنس پکين، پنھنجيون ڊگھيون ڊگھيون ڳچيون ڍنڍ ۾ ٻُڏائي ڇڏيون آھن.
اربع جو ڀلارو ڏِڻُ، ان وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان ڏھاڙي ان وسنديءَ مڙني وئيشائن پاڻ ۾ گڏجي ھڪڙو وڏو نياز ڪرايو. وسنديءَ جي کلئي پٽ تي، زمين جي صفائي ڪرائي شاميانا لڳرايا ويا. ديڳين کڙڪڻ جا آواز ۽ گوشت ۽ گيھ جي خوشبوءِ، ويھن ويھن ڪوھن فقيرن ۽ ڪتن کي، ڇڪي کڻي آئي. ٻيپھري ٿيندي ٿيندي پير ڪڙڪ شاھ جي مزار وٽ، جتي لنگر ورھايو ويندو ھيو، ايترا ته فقير فقراءَ ڪٺا ٿيا جيترا عيد جي ڏھاڙي تي ڪنھن وڏي شھر جي جامع مسجد وٽ به نه ٿيا ھوندا. پير ڪڙڪ شاھ جي مزار جي باقاعدي صفائي ڪرائي، وري ڌورايو ويو ۽ ان تي گلن جون چادرون چاڙھيون ويون ۽ ان مست فقير کي نئون جوڙو سبرائي پارايو ويو، جيڪو ھن پائيندي شرط ڦاڙي ڇڏيو.
شام ڌاري شاميانن جي ھيٺان، کير جھڙو چلڪندڙ فرش ڪيو ويو. ٽيڪ وھاڻا، پان دان، ٿوڪ دان، ڊگھين نڙين وارا حقا ۽ گلاب ساڻ رکيا ويا ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي وئي. پري پري کان ڪيترين ئي وئيشائن کي سڏايو ويو، جيڪي سندن سنگتياڻيون يا برادريءَ جون ھيون. انھن سان گڏ انھن جا ڪيترا ئي ملڻ وارا پڻ آيا، جن جي لاءِ ھڪڙي جداري شامياني ۾ ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو ۽ انھن جي سامھون واري پاسي کان چِکون لڙڪايون ويون. بيشمار گولن جي روشنيءَ سان ھيءَ جاءِ شمشان وانگر بڻجي وئي ھئي. انھن وئيشائن جا ڍِڍَ-نڪتل شيدي سازيندا، زري لڳل ۽ ريشمي ڪپڙن جون شيروانيون پائي، عطر ۾ ٻڏل ڪپھ جا ٻڙا ڪنن ۾ رکي، ھيڏي ھيڏي مُڇن کي تاءُ ڏيندا پئي ڦريا ۽ چلڪندڙ لباسن ۽ پوپٽن جي پرن کان به سنھين ساڙھين ۾ اوڙھيل، پائوڊرن ۽ خوشبوئن ۾ وھنتل نازنينيون آڪڙيون پئي ڦِريون. سڄي رات ناچ ۽ سرود جو ھنگامو برپا رھيو ۽ جنگل ۾ منگل ٿي ويو.
ٻن ٽن ڏھاڙن پڄاڻان، جڏھن انھيءَ جشن جا ٿڪ لٿا ته اھي وئيشائون ساز ۽ سامان پھچائڻ ۽ گھرن جي سجاوٽ کي لڳي ويون. شمعدان، فانوس، شيشي جا ٿانءَ، ماڻھوءَ جيڏا آئينا، نھوري کٽون، تصويرون ۽ سونھري قطعا فريمن ۾ بند، آندا ويا ۽ وڏي ٺاھ ٺوھ سان ڪمرن منجھ لڳايا ويا. اٺن ڏھارن کن ۾ وڃي اھي گھر، ڪلي ڪوڪي سان سجائجي پورا ٿيا. اھي عورتون ڏينھن جو ڳچ حصو ته استادن کان رقص ۽ سرود جي تعليم پرائڻ، غزل ياد ڪرڻ، ڌُنِ ويھارڻ، سبق پڙھڻ، پٽي لکڻ، سُبڻ پوئڻ، ڀرت ڀرڻ، گراموفون ٻڌڻ، استادن سان پتي راند ڪرڻ ۽ ڪيرم کيڏڻ، چرچو چٿر، ٽوڪ طنز سان دل وندرائڻ يا سمھڻ ۾ گذارينديون ھيون. پوءِ ڏينھن جي ٽئين پھر ۾ وھنجڻ خانن ۾ وھنجڻ وينديون، جتي سندن نوڪرن نلڪن مان پاڻي ڪڍي ڪڍي ٽپ ڀري رکيا ھوندا. ان کان پوءِ اھي ھار سينگار ۾ لڳي وينديون.
جيئن رات جي اوندھ پر پکيڙيندي، تيئن ئي ھي گھرَ، گولن جي روشنين ۾ چمڪاٽ ڪندا، جيڪي ھنڌ ھنڌ تي سنگ مرمر جي اڌ-ٽڙيل ڪنولن ۾ انتھائي صفائيءَ سان لڪائي رکيل ھوندا. ٻيو ته انھن گھرن جي درين ۽ دروازن جي طاقن جا شيشا، جيڪي گلن ۽ پنن جي نموني تي ڪٽي جوڙيل ھيا، تن جي انڊلٺي رنگن جون روشنيون پري کان جھرمر جھرمر ڪندي، انتھائي سھڻيون پيون لڳنديون. اھي وئيشائون، ھار سينگار ڪري ورانڊن ۾ ٽھلنديون، اوسي پاسي وارن سان ڳالھيون ڪنديون، کلنديون، کجڪار ڪنديون. جڏھن بيٺي بيٺي ٿڪجي پونديون ته اندر ڪمري ۾ وڃي چانڊوڪن فرشن تي ٽيڪ وھاڻن سان ٽيڪجي ويھنديون. سندن سازيندا، ساز ملائيندا رھندا ۽ ھيءُ سوپاريون ڪترينديون رھنديون. جڏھن رات ٿوري ٿڌيري ٿيندي ته سندن ملڻ وارا ٽوڪرن ۾ شراب جون بوتلون ۽ ڀانت جا ڦل فروٽ کنيو، پنھنجي دوستن سان موٽر گاڏين يا ٽانگن ۾ ويھي پھچندا. ان وسنديءَ ۾، جن جي پير پائيندي سان ھڪڙي خاص قسم جي گھما گھمي ۽ چھل پھل ٿيڻ لڳندي. نغما ۽ سرود، ساز جا سُرَ، رقص ڪندڙ نازنينن جي گھنگھرن جو آواز، صراحيءَ جي ڳُٽ ڳُٽ ڪندڙ آواز سان ملي ھڪ عجيب سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندا. عيش ۽ مستيءَ جي انھن ھُلَ ھنگامن ۾، خبر به نه پوندي ته رات گذري وئي.
انھن وئيشائن کي ان وسنديءَ ۾ آئي ڪجھ ئي ڏينھن ٿيا ھيا جو دڪانن جا ڪرايي دار پيدا ٿي پيا. جن جو ڪرايو، ھن وسنديءَ کي وسائڻ جي خيال کئون ڏاڍو گھٽ رکيو ويو ھيو. سڀني کان پھرين جيڪو دڪاندار آيو، سا اھا ئي ڪراڙي ھئي، جنھن سڀني کان پھرين مسجد جي سامھون وڻ ھيٺان ٿالھ رکيو ھيو. دڪان کي ڀرڻ لاءِ، ڪراڙي ۽ سندس ڇوڪرو، سگريٽن جا گھڻا دٻا کڻي آيا ۽ انھن کي ڏاڪڻ-ڪرسيءَ جي خانن ۾ سجائي رکي ڇڏيائون. بوتلن ۾ رنگ ڏنل پاڻي ڀري ڇڏيائون ته جيئن خبر پوي ته شربت جون بوتلون آھن.
ڪراڙيءَ پنھنجي وت آھر، ڪاغذ جي گلن ۽ سگريٽ جي پاڪيٽن منجھان جوڙيل زنجيرن سان دڪان جي سجاوٽ به ڪئي، ڪن اداڪارن ۽ اداڪارائن جون تصويرون به پراڻن رسالن مان ڪڍي ڀتين تي لئيءَ سان چنبڙائي ڇڏيون. دڪان جو اصل مال ٻن ٽن قسم جي سگريٽ جي ٽن ٽن پاڪيٽن، ٻيڙين جي اٺ ڏھ جُوڙين يا اگر بتين جي اڌ ڊزن پاڪيٽن، مُٺِ پان جي پنن، پيئڻ جي تماڪ جي ٽن چئن ڳوٽين ۽ ميڻ بتين جي اڌ پاڪيٽ کان به وڌيڪ نه ھيس.
ٻئي دڪان ۾ ھڪڙو واڻيو، ٽئين ۾ حلوائي ۽ کير وارو، چوٿين ۾ ڪاسائي، پنجين ۾ ڪبابي ۽ ڇھين ۾ باگڙي اچي ويٺا. باگڙي اوس پاس جي ڳوٺن مان سستي اگھ تي چئن پنجن قسمن جون سبزيون وٺي اچي، ھتي چڱي نفعي تي کپائيندو ھيو. ھڪ اڌ ٽوڪرو ڦل فروٽ جو به رکندو ھيو، جو دڪان چڱو ڪشادو ھيس. ھڪڙو گلن وارو به سندس ڀائيوار اچي ٿيو. اھو سڄو ڏينھن گلن جا ھار، گجرا ۽ ڀانت ڀانت جا زيور جوڙيندو رھندو ھيو ۽ شام ڌاري اھي پنڊي ۾ وجھي ھڪ ھڪ گھر تي کڻي ويندو ۽ نه صرف گل ئي کپائي ايندو پر ھر ھنڌ ھڪ ٻه گھڙي ويھي، سازيندن سان ڊاڙو ٺڪاءُ به ھڻي ايندو ۽ حقي ڦوڪ به ڀري ايندو. جنھن ڏھاڙي تي تماشائين جي ڪو ٽولو سندس موجودگيءَ ۾ ڪوٺي تي چڙھي ايندو ۽ گانو بجانو شروع ٿيو ته ھيءُ به، سازيندن جي منھن خراب ڪرڻ جي باوجود، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندو. مزي مزي سان گانن جي سر تي ويٺو ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ بيوقوفن وانگر ھر ھڪ جو چھرو تڪيندو. جنھن ڏھاڙي رات گھڻي گذري وئي ۽ ڪو ھار بچي پيس ته اھو پنھنجي ڳچيءَ ۾ پائيندو ۽ وسنديءَ جي ٻاھرئون نڙي ڦاڙي پيو ڳائيندو وتندو.
ھڪ ڏينھن ھڪڙي وئيشا جو پيءُ ۽ ڀاءُ، جيڪي درزڪو ڪم ڄاڻندا ھيا، ھڪڙي سلائي مشين رکي اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ھڪڙو حجم به اچي ويو ۽ پاڻ سان گڏ ھڪڙي کٽيءَ کي به ورتيون آيو. سندس دڪان جي ٻاھران تار تي ٽنگيل، طرح طرح جا رنگين روا، ھوا ۾ جھومندي اکين کي ڏاڍا وڻندا ھيا.
ٿورا ڏينھن ئي گذريا ھيا جو ھڪڙو گھٽ موڙيءَ وارو دڪاندار، جنھن جو دڪان شھر ۾ نه ھلندو ھيو، بلڪ دڪان جو ڪرايو به ڳچيءَ ۾ ھوندو ھيس، تنھن به شھر ڇڏي، ھن وسنديءَ جو رخ رکيو. ھتي ته سندس وڏو مان ٿي ويو. نموني نموني جا عطر، ڀانت ڀانت جا پائوڊر، صابڻ، ڪنگا ڦڻيون، بٽڻ، سئي ڌاڳا، ڪھيون، فتيلون، سرھا تيل، رومال، مساڳ وغيرھ وغيرھ جام وڪامڻ لڳس.
ھن وسنديءَ جي رھاڪن جي سرپرستيءَ ۽ انھن جي پياري سلوڪ جي ڪري ائين ئي ٻئي ٽئين ڏھاڙي تي ڪو نه ڪو ٿورڙي سيڙپ ڪرڻ وارو دڪاندار، ڪو ڪپڙي جو واپاري، ڪو پنساري، ڪو حقن ٺاھڻ وارو، ڪو نانوائي، ٻاڙائيءَ سبب يا شھر جي وڌندڙ ڪراين کان گھٻرائجي، ھن وسنديءَ ۾ اچي پناھ وٺندو ھيو.
ھڪڙو بزرگ، جنھن کي حڪمت جي چڱي سڦري ڄاڻ ھئي ۽ سندس دل شھر جي ڳتيل آبادين ۽ دواخانن جي گھڻ کئون بيزار ھئي، سو پنھنجي شاگردن کي ساڻ وٺي شھر مان لڏي آيو ۽ ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو دڪان ڪرايي تي اچي ورتائين. سڄو ڏھاڙو بزرگ ۽ سندس شاگرد دوائن جي دٻن، شربت جي بوتلن ۽ مربي، چٽڻي، آچار جي برنين کي المارين جي خانن تي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکندا رھيا. ھڪڙي خاني ۾ طب اڪبر، قرابادين قادري ۽ ٻئي ۾ طبي ڪتاب ڀِچائي رکي ڇڏيائون. طاقن جي اندرئين طرف ۽ ڀتين سان جيڪي جڳھيون خالي بچيون تن تي ھنن پنھنجي خاص الخاص مجرباتن جا اشتھار ڪاري مس سان چٽن ۽ وڏن اکرن ۾ لکي گتن تي چنبڙائي ٽنگي ڇڏيا. ھر ڏھاڙي صبح جو وئيشائن جا ملازم، گلاس کنيو اچي بيھندا ھيا ۽ شربت بزوري، شربت بنفشہ، شربت انار ۽ اھڙا ئي ٻيا مزيدار، فرحت بخش شربت ۽ عرق، خميره گائوزبان ۽ طاقت ڏيڻ وارا مربا، نقره جي ورقن سميت، وٺي ويندا ھيا.
جيڪي دڪان رھجي ويا، تن ۾ وئيشائن جي مٽن مائٽن ۽ سازيندن پنھنجيون کٽون رکي ڇڏيون. سڄو ڏھاڙو اھي ماڻھو، انھن دڪانن ۾ چؤباز پتي راند ۽ شطرنج کيڏندا، بت تي تيل مالش ڪرائيندا، سائڙي گھوٽيندا، ٻٽير ويڙھائيندا، تترن کان ”سبحان تنھنجي قدرت“ جو ورد ڪرائيندا ۽ گھڙا/ دلا وڄائي پيا ڳائيندا.
ھڪڙي وئيشا جي سازيندي، ھڪڙو دڪان خالي ڏسي، پنھنجي ڀاءُ کي جيڪو سازن جي مرمت ڄاڻندو ھيو، وٺي اچي ويھاريو. دڪان جي ڀتين تي ھڪ سِڌَ ۾ ڪليون ٺوڪي، ٽٽل ڦٽل مرمت طلب سارنگيون، سِتارَ، طنبورا، سُرندا وغيرھ ٽنگي ڇڏيائين. ھي ھمراھ سِتار وڄائڻ جو به ڪاريگر ھيو. شام ڌاري ھو پنھنجي دڪان اندر سِتار وڄائيندو ھيو ته ان جي مٺڙي آواز تي اوسي پاسي جا دڪاندار به پنھنجن دڪانن تان اٿي ايندا ھيا ۽ چڱي جھٽ گھڙي بيھي سِتار ٻڌندا ھيا. ان سِتار نواز جو ھڪڙو شاگرد ھيو، جيڪو ريلوي جي آفيس ۾ ڪلارڪ ھيو. ان کي سِتار سکڻ جو وڏو شوق ھيو. جيئن ئي آفيس کان موڪل ٿيندي ھيس، تيئن سائيڪل تي واچ-مينھن ڪندو، سڌو ھن وسنديءَ جو رخ رکندو ھيو ۽ ڪلاڪ ڏيڍ دڪان ۾ ويھي مشق ڪندو رھندو ھيو. مطلب ته سِتار نواز جي اچڻ سان ھن وسنديءَ ۾ چڱي خاصي رونق پڻ رھڻ لڳي.
مسجد جو ملان، جيستائين ھيءَ وسندي اڏاوت ھيٺ رھي، رات ڌاري ڳوٺ پنھنجي گھر ھليو ويندو ھيو. مگر ھاڻ جڏھن کيس ٻنھي وقتن تي سڻڀيون ٽڪيون ججھائيءَ سان ملڻ لڳيون ته اھو به رات جو اتي ئي رھڻ لڳو. ھلندي ھلندي ڪن وئيشائن جي گھرن جا ٻار به مسجد ۾ پڙھڻ لاءِ اچڻ لڳا، جنھن سان ملان کي ڏوڪڙ پئسي جي به آوند ٿيڻ لڳي.
ھڪڙي شھر شھر گھمندڙ، ڪريل درجي جي ٿيٽريڪل ڪمپنيءَ کي جڏھن زمين جي چوٽ چڙھندڙ ڪراين ۽ پنھنجي سڃائيءَ سبب، شھر اندر ڪاٿي به جڳھ نه ملي ته ان به ھن وسنديءَ جو رخ رکيو ۽ انھن وئيشائن جي گھرن کان سڏ پنڌ تي ميدان ۾ تنبو طولان کوڙي، اچي پَڙاءُ ڪيو. ان جا اداڪار، اداڪاريءَ جي فن کئون ڪورا ھيا. سندن ڊريسون پراڻيون ھيون جن جون گھڻيون تڻيون سَتارون به ڇڻي چڪي ھيون ۽ ٻيو اھي ھمراھ تماشو به پراڻي دؤر جو ڏيکاريندا ھيا. مگر ان جي باوجود به ھيءَ ڪمپني ھلي پئي. ان جو سبب اھو ھيو ته ٽڪيٽ سستڙي ھئي. شھر جا مزدور مڙا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ غريب غربا، جيڪي ڏينھن جي ھڻ وٺ واري محنت ۽ مشقت جي ڪسر، شور شغل، خرمستيءَ ۽ ڪريل عياشين مان ڪڍڻ چاھيندا ھيا، پنجن پنجن ڇھن ڇھن جا ٽولا ٺاھي، ڳچيءَ ۾ گلن جا ھار وجھيون، کلندا ڳالھائيندا، بانسريون ۽ بينون وڄائيندا، راھ ويندن تي چرچا چٿرون، گاريون گند ڪندا، شھر مان پيرين پنڌ ھلي ٿيٽر ڏسڻ ايندا ھيا ۽ رونگ ۾ بازارِ حسن جو به چڪر ڏنيون ويندا ھيا. جيستائين کيل شروع نه ٿيندو، تيستائين ٿيٽر جو ھڪڙو مسخرو، تنبوءَ جي ٻاھران ھڪڙي اسٽول تي بيھي، ٻنڊڻ پيو لوڏيندو، ڪڏھن واڇون پيو ڇڪيندو، ڪڏھن اکيون پيو ڦِرڙائيندو، عجيب عجيب حياءَ کان نڪتل حرڪتون ڪندو، جن کي ڏسي، ھي ماڻھو زور زور سان ٽھڪ ڏيندا ۽ گارين جي صورت ۾ داد ڏيندا.
آھستي آھستي ٻيا ماڻھو به ھن وسنديءَ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. اھڙيءَ طرح شھر جي وڏن وڏن چؤنڪن منجھ ٽانگن وارا به ٻاڪارڻ لڳا؛ ”اچو! ڪي نئين وسنديءَ ڏي!“ شھر کان پنجن ڪوھن تائين جيڪو پڪو روڊ ويندو ھيو، ان تائين پھچڻ ۾ ٽانگن وارا سوارين کان انعام حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ يا انھن جي فرمائش تي، ٽانگن جي گوءِ ڪرائيندا. وات سان ھارون وڄائيندا ۽ جڏھن ڪو ٽانگو اڳ ڪڍي ويندو ته سواريون ھوڪرين سان آسمان مٿي تي کڻي ڏينديون. ان گوءِ ۾، گگدام گھوڙن جو حال برو ٿي ويندو ھيو ۽ سندن ڳچين منجھ پيل گلن جي ڳانن منجھان، بجاءِ سرھاڻ جي، پگھر جي ڌپ پئي ايندي ھئي. رڪشن وارا، ٽانگن وارن کان پوئتي ڪيئن رھن. سي کانئن گھٽ ڪرايي تي سواريون کڻي، ڊيھاڙ ڪندا ۽ گھنگھرو وڄائيندا، ھن وسنديءَ ڏانھن ھلڻ شروع ٿيا. ان کان علاوھ ھر ڇنڇر جي شام جو، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد، ھڪ ھڪ سائيڪل تي ٻه ٻه ڄڻا چڙھيا، ٽولن جا ٽولا ٿيو، ھن پر اسرار بازار جو درشن ڪرڻ ايندا ھيا، جنھن کان، سندن خيال جي مطابق ته سندن وڏڙن، خواھ مخواھ کين محروم ڪري ڇڏيو ھيو.
آھستي آھستي ھن وسنديءَ جي شھرت چؤطرف ڦھلي ۽ گھرن ۽ دڪانن جي ضرورت ٿيڻ لڳي. اھي وئيشائون، جيڪي اڳي ھن وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون، ھاڻ ھن جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ترقي ڏسي، سي به پنھنجي بيوقوفيءَ تي ھٿ ھڻڻ لڳيون. ڪيترين عورتن ته جھٽ پٽ ۾ کڻي پٽ پلاٽ وٺي، انھن وئيشائن جي طرز تي مٿن گھر اڏائڻ شروع ڪيا. ان کان علاوھ شھر جي ڪن سودخور سيٺين ھن وسنديءَ جي اوس پاس ۾ سستي اگھ زمينون وٺي وٺي، ڪرايي تي چاڙھڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي جايون جوڙائي ڇڏيون. نتيجو اھو نڪتو جو جيڪي رنڊيون ھوٽلن ۽ شريف محلن ۾ وڃي لڪيون ھيون، سي به تڏين ماڪوڙن وانگر پنھنجين ٻِرن منجھان ٻاھر نڪري آيون ۽ انھن گھرن ۾ اچي آباد ٿيون. ڪن ننڍن گھرن ۾ ھن وسنديءَ جا اھي دڪاندار اچي ويٺا، جيڪي عيالدار ھيا ۽ رات جو دڪانن منجھ سمھي نه ٿي سگھيا.
ھن وسنديءَ ۾ آبادي ته خاشي ٿي وئي ھئي مگر اڃا تائين بجليءَ جي روشنيءَ جو انتظام نه ٿيو ھيو. جنھنڪري انھن وئيشائن ۽ وسنديءَ جي مڙني رھاڪن طرفان، سرڪار ڏي بجليءَ لاءِ درخواست موڪلي وئي، جيڪا ٿورن ڏھاڙن ۾ منظور ٿي وئي. ان سان گڏوگڏ ھڪڙي پوسٽ آفيس پڻ کولي وئي. ھڪڙو جھونو مڙس، پوسٽ آفيس جي ٻاھرئون ھڪڙي پيتڙيءَ ۾ لفافا، ڪارڊ، قلم ۽ مس-ڪُپڙي رکي، اچي وسنديءَ جي ماڻھن جا خط پَٽ لکڻ لڳو.
ھڪ دفعي وسنديءَ ۾ شرابين جي ٻن ٽولن ۾ ڦشاد ٿيو، جنھن ۾ سوڍا واٽر جي بوتلن، چاقن ۽ سِرن جو دل تي استعمال ٿيو، جنھنڪري ڪيترا ئي ماڻھو زخمي ٿيا. انھيءَ تي سرڪار کي خيال آيو ته ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو ٿاڻو به کولي ڇڏڻ گھرجي.
ٿيٽريڪل ڪمپني ٻن مھينن تائين رھي ۽ پنھنجي وس آھر، خاشي ڪمائي ڪري وئي. ان شھر جي ھڪڙي سئنيما مالڪ سوچيو؛ ڇو نه ھن وسنديءَ ۾ به ھڪ سئنيما ھال کولجي. اھو خيال اچڻ جي دير ھئي، جو ھن جھٽ ۾ ھڪڙو موقعي جو پَٽُ تاڙي خريد ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو مٿس اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيائين. چند مھينن ۾ سئنيما ھال جڙي ويو. ان جي اندر ھڪڙو ننڍو باغيچو پڻ لڳرايائين ته جيئن تماشبين اگر فلم شروع ٿيڻ کان اڳ پھچن ته آرام سان باغ ۾ ويھي سگھن. ان کان علاوھ ماڻھو ائين ئي دل وندرائڻ يا ديدار درشن ڪرڻ جي ارادي سان به اچي ويھڻ لڳا. اھو باغيچو به خاشو تفريح جو ھنڌ بڻجي ويو. آھستي آھستي بھشتي به ڪٽورو کڙڪائيندو ھن باغ ۾ اچڻ ۽ اڃين جي اڃ اجھائڻ لڳو. مٿي جي تيل مالش وارا، انتھائي سادي قسم جو تيز خوشبو واري تيل جون شيشيون واسڪوٽيءَ جي کيسن ۾ ٽُنبيون، ڪلھن تي ميرا سيرا ٽوال رکيون، دلپسند ۽ دلبھار مالش جا ھوڪا ڏيندا، مٿي جي سور جي مريضن کي پنھنجون خدمتون پيش ڪرڻ لڳا.
سئنيما جي مالڪ، سئنيما ھال جي ٻاھرئين طرف کان ھڪ ٻه گھر ۽ ڪيترا ئي دڪان پڻ ٺھرائي ڇڏيا. گھر ۾ ته ھوٽل کلي وئي، جنھن ۾ رات جو ترسڻ جي لاءِ ڪمرا پڻ ملي سگھيا ٿي ۽ دڪانن ۾ ھڪڙو سوڍا واٽر جي فيڪٽريءَ وارو، ھڪڙو فوٽوگرافر، ھڪڙو سائيڪلن جي مرمت وارو، ھڪڙو ڌوٻي، ٻه پان وڪڻڻ وار، ھڪڙو بوٽن جو دڪاندار ۽ ھڪڙو ڊاڪٽر پنھنجي دواخاني سميت اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ويجھي ئي ھڪڙي دڪان ۾ گُھتي کولڻ جي پرمٽ ملي وئي. فوٽوگرافر جي دڪان جي ٻاھران ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪڙي گھڙين جي مرمت واري مستريءَ اچي ٺيھو ٺاھيو ۽ ھر وقت آرتي شيشو اکين تي چاڙھيون گھڙين جي ڪل پرزن جي کولڻ بند ڪرڻ ۾ غرق رھڻ لڳو.
ان کان ٿورن ڏينھن پڄاڻان وسنديءَ ۾ نلڪن، روشنيءَ ۽ صفائيءَ جي باقاعده انتظام ڏانھن ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو. سرڪاري عملدار ڳاڙھيون جھنڊيون، دستانا ۽ ھيٺ-مٿانھين ڏسڻ وارا اوزار کڻي اچي پھتا، ماپون ڪري رستن ۽ گھٽين کي سڌو ڪيائون ۽ وسنديءَ جي ڪچن رستن تي پٿرن کي پريس ڪرڻ وارا رولر ھلڻ لڳا.
ان واقعي کي ويھارو سال گذري چڪا آھن. ھيءَ وسندي، ھاڻ ھڪ ڀريل تريل شھر ٿي پئي آھي، جنھن کي پنھنجي ريلوي ٽيشڻ به آھي ۽ ٽائون ھال به، ڪورٽ به ۽ جيل به. آبادي اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. شھر ۾ ھڪڙو ڪاليج، ٻه ھاءِ اسڪول، ھڪڙو ڇوڪرن جي لاءِ ته ھڪڙو ڇوڪرين جي لاءِ ۽ اٺ پرائمري اسڪول آھن جن ۾ ميونسپل جي طرفان مفت تعليم ڏني ويندي آھي. ڇھ سئنيمائون آھن ۽ چار بئنڪون جن مان ٻه ته دنيا جي وڏين وڏين بئنڪن جون شاخون آھن.
شھر مان ٻه ڏھاڙي، ٽي ھفتي وار ۽ ڏھ ماھانه رسالا ۽ ڊائجسٽ شايع ٿيندا آھن. انھن ۾ چار ادبي، ٻه اخلاقي ۽ معاشرتي و مذھبي، ھڪ صنعتي، ھڪ طبي، ھڪ عورتن لاءِ ۽ ھڪ ٻارن جو رسالو آھن. شھر جي مختلف حصن ۾ ويھ مسجدون، پندرھن مندر ۽ ڌرم شالائون، ڇھ يتيم خانا، پنج گمشده ٻارن جا ادارا ۽ ٽي وڏيون سرڪاري اسپتالون آھن، جن مان ھڪ ته صرف عوتن لاءِ خاص آھي.
منڍ منڍ ۾ ڪيترن سالن تائين ھيءُ شھر پنھنجي رھڻ وارن جي نالي جي نسبت جي ڪري ”حُسن آباد“ جي نالي سان سڏيو ويندو ھيو. مگر بعد ۾ ان کي نامناسب سمجھي، منجھس ٿورڙي ترميم ڪئي وئي. يعني بجاءِ ”حُسن آباد“ جي ”حَسن آباد“ سڏرائڻ لڳو. مگر اھو نالو جٽاءُ ڪري نه سگھيو، ڇو جو عام ماڻھو حُسن ۽ حَسن ۾ فرق نه ڪري سگھندا ھيا. آخر وڏن وڏن جھونن ڪتابن جا پنا اٿلايا ويا ۽ پراڻين لکيتن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ان جو اصلي نالو ڳولي لڌو ويو، جنھن سان ھيءَ وسندي، اڄ کان سوين سال اڳ ڦٽڻ کان پھرين سڏبي ھئي ۽ اھو نالو ھيس ”سُکَ وندي.“
ھونئن ته سڄو شھر ڀريل تريل، صاف سٿرو ۽ وڻندڙ آھي مگر مڙني کان خوبصورت، مڙني کان رونق وارو ۽ تجارتي مرڪز، اھا ئي بازار آھي، جنھن ۾ بازاري عورتون رھن ٿيون.
سُکَ ونديءَ ميونسپل جو اجلاس وڏي اوج تي آھي. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به نه آھي. وري معمول جي خلاف، ھڪ ميمبر به غير حاضر نه آھي. ميونسپل جي بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ آھي ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍيو وڃي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.
ھڪڙو فصيح البيان مقرر، تقرير ڪري رھيو آھي؛ ”خبر ناھي اھا ڪھڙي مصلحت ھئي، جنھن جي اثر ھيٺ، ھن ناپاڪ طبقي کي، اسان جي آڳاٽي ۽ تاريخي شھر جي بلڪل وچ ۾ رھڻ جي اجازت ڏني وئي.“
ھن دفعي انھن عورتن جي لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ٻارھن ڪوھ پري ھيو.

*** 

امڙ - قدرت اللہ شہاب

امڙ - قدرت اللہ شہاب

امڙ
(ريخته ڪھاڻي)

امڙ جي ڄم جو صحيح سال، معلوم ٿي نه سگھيو.
جنھن زماني ۾ لائل پور جو ضلعو، نئون نئون آباد پئي ٿيو ته پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ مان، مسڪين ماڻھو ٻنيون حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئين ڪالونيءَ ۾ جٿن جا جٿا ڇڪجي پئي پھتا. عام طور تي لائل پور، جھنگ، سرگوڌا وغيرھ کي ”بار“ (ساندل بار) وارو علائقو سڏيو ويندو ھيو.
ان دور ۾، اما جي عمر ڏھ ٻارھن سال کن ھوندي. انھيءَ حساب سان سندس ڄم، پوئين (اوڻويھين) صديءَ جي آخري ڏھن پندرھن سالن ۾ ٿيو ھوندو.
امڙ جو اباڻو ڏيھ، تعلقي روپڙ، ضلع انبالہ (ھن وقت ھندستان) ۾، ’منيلہ‘ نالي ھڪڙو ڳوٺ ھيو. والدين وٽ چند ايڪڙ ٻنيءَ جا ايراضي ھئي. تن ڏينھين، روپڙ ۾، ستلج نديءَ مان سرھند نھر جي کوٽائي پئي ٿي. ناني جي ٻني، نھر جي کوٽائيءَ ۾ ھلي وئي. روپڙ ۾ انگريز حاڪم جي آفيس ۾ اھڙين زمينن جو معاوضو ڏنو ويندو ھيو. نانو، ٻه ٽي ڀيرا، معاوضي جي جاچ ۾ شھر ويو، ليڪن ماڻھو سڌو سادو ھيو. ڪڏھن اھو به ڪنھن کان پڇي نه سگھيو ته انگريز جي آفيس ڪاٿي آھي ۽ معاوضو وٺڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو. آخر صبر ۽ شڪر ڪري ويھي رھيو ۽ نھر جي کوٽائيءَ جي مزوري ڪرڻ لڳو.
انھن ڏينھين، اشتھار ڇپيو ته ’بار‘ ۾ ڪالوني کلي آھي ۽ نون ھارين کي ٻنيون مفت ۾ پيون ملن. نانو پنھنجي زال، ٻن ننڍڙن پٽڙن ۽ ھڪڙي ڌيئڙيءَ تي مشتمل آڪھ ساڻ ڪري، لائل پور لاءِ روانو ٿي پيو. سواريءَ جي توفيق ڪا نه ھيس. تنھنڪري پيرين پنڌ، نڪري پيو.
واٽن تي محنت مزدوريون ڪندا، پيٽ پاليندا پئي ويا. نانو ھنڌ ھنڌ تي قليءَ وارو ڪم ڪري يا ڪنھن ٽال تي ڪاٺيون ڏاريندو ھيو. ناني ۽ امڙ، ڪنھن جو سٽ ڪتينديون ھيون يا گھرن جي ڀتين ۽ آڳرن تي راڳو ڏينديون ھيون. لائل پور جي صحيح دڳ جي ڪنھن کي به خبر ڪا نه ھئي. ھنڌئون ھنڌئون رلندا ڀٽڪندا ۽ پڇائيندا پڇائيندا، ڏينھن جو سفر ھفتن ۾ طئي ڪندا ھيا.
ڏيڍ مھيني جي پنڌ کان پوءِ جڙانواله پھتا. پيرين پنڌ ھلڻ ۽ محنت مزورين جي مشقت جي ڪري بت چڪناچور ۽ پير سڄي پيا ھين. ھتي، ٿورا مھينا ترسيا. نانو سڄو ڏينھن، اناج منڊيءَ ۾ ٻوريون کڻڻ واري حمالگيري ڪندو ھيو. ناني سٽ ڪتي وڪڻندي ھئي ۽ امڙ گھر جي سنڀال ڪندي ھئي، جيڪو ھڪڙي ننڍڙي جھوپڙيءَ تي مشتمل ھيو.
انھن ڏينھن ۾، ٻاڪري عيد جو ڏڻ پڻ آيو. ناني وٽ ٿورا روپيا ڪٺا ٿيا ھيا. جنھن امڙ کي ٽي آنا، عيد جي خرچيءَ طور ڏنا. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو، امڙ جي ھٿ تي، ايترا پئسا آيا ھيا. گھڻو ئي سوچيائين پر کيس انھن پئسن جو ڪارج سمجھ ۾ نه آيو. وفات وقت سندس عمر، اسيءَ جي لڳ ڀڳ ھئي، ليڪن سندس لاءِ سؤ روپئي، ڏھين روپئي، پنجين روپئي جي نوٽن ۾ فرق ڪرڻ آسان ڪم نه ھيو. عيد جي خرچيءَ وارا ٽي آنا، ڪيترا ڏھاڙا ته امڙ جي پوتيءَ جي پلاند ۾ ٻڌا پيا ھيا. جنھن ڏينھن جڙانواله کان روانا پئي ٿيا، تنھن ڏينھن امڙ يارھن پئسن جو تيل خريد ڪري، مسجد جي ڏيئي ۾ وڌو. باقي ھڪڙو پئسو پاڻ وٽ رکيائين. ان کان پوءِ، جڏھن به يارھن پئسا پورا ٿيندا ھيس ته ٿڏي تي مسجد ڏانھن تيل موڪليندي ھئي.
سڄي حياتي، خميس جي شام ڌاري، انھيءَ عمل تي باقاعدگيءَ سان ڪاربند رھي. آھستي آھستي مڙني مسجدن ۾ بجليون اچي ويون. ليڪن لاھور ۽ ڪراچيءَ جھڙن شھرن ۾ به کيس اھڙيون مسجدون سُجھنديون ھيون، جن جا ڏيئا اڃا به تيل تي ٻرندا ھيا. وفات واري رات به، امڙ جي سيرانديءَ کان ململ جي رومال ۾ چند آنا ٻڌا رکيا ھيا. گھڻو ڪري اھي پئسا به مسجد جي تيل لاءِ ڪٺا ڪري رکيل ھيس، ڇو جو اھا جمعي جي رات ھئي.
انھن چند آنڙن کان سواءِ امڙ وٽ نه ڪا ٻي روڪڙ ھئي ۽ نه ئي ڪو زيور ذرڙو. گذاري جي سامان ۾ وٽس آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون شيون ھيون. ٽي وڳا سوٽي ڪپڙن جا، ھڪڙو جوڙو ديسي جوتي جو، ھڪڙو جوڙو رٻڙ جي چمپل، ھڪڙي عينڪ، ھڪڙي منڊي جنھن ۾ ٽي ننڍڙا فيروزي جا ٻڙا پيل ھيا. ھڪڙو مصلو، ھڪڙي تسبي ۽ باقي الله جو نالو. پائڻ وارا ٽي جوڙي، وڏي اھتمام سان رکندي ھئي. ھڪڙو وڳو تن تي، ٻيو پنھنجي ھٿن سان ڌوئي وھاڻي ھيٺان رکندي ھئي ته جيئن استري پيو ٿئي. ٽيون ڌوپجڻ لاءِ پيو ھوندو ھيو. ان کان علاوه اگر چوٿون ڪپڙو وٽس ايندو ھيو ته ڇپر ڇپر ۾ ھڪڙو جوڙو ڪنھن کي ڏئي ڇڏيندي ھئي. انھيءَ ڪري سڄي حياتيءَ ۾ کيس پيتي ڌارڻ جي لوڙ ئي نه پئي. ڊگھي ۾ ڊگھي سفر تي وڃڻ جي تياريءَ ۾ کيس چند منٽن کان وڌيڪ ڪو نه لڳندا ھيا. ڪپڙا ڳنڍڙي ڪري، مصلي ۾ ويڙھڻ. سياري ۾ اوني لوئي ۽ اونھاري ۾ سنھڙي پوتيءَ جي ٻُڪر ھنئي ۽ جتي وڃڻو آھي، اتي لاءِ تيار. آخرت جو سفر به اھڙي سادگيءَ سان ڪيائين. ميرا ڪپڙا پنھنجي ھٿڙن سان ڌوئي، وھاڻي ھيٺان رکيائين. وھنجي سھنجي، وار سڪايائين ۽ چند منٽن ۾ زندگيءَ جي ڊگھي سفر تي رواني ٿي وئي. جھڙي خاموشيءَ سان ھِن دنيا اندر گذاريو ھيائين، تھڙي خاموشيءَ سان ھُن دنيا ڏانھن ھلي وئي. اھڙي موقعي لاءِ گھڻو ڪري ھيءَ دعا گھرندي ھئي ته؛ ”الله سائين! ھلنديءَ ھلائجانءِ! الله سائين ڪڏھن به ڪنھن جو موٿاڄ نه ڪجانءِ!“
کائڻ پيئڻ ۾ ھوءَ، ڪپٽڙي لٽي کان به وڌيڪ سادڙي ۽ غريب مزاج ھئي. سندس دلپسند خوراڪ، مڪئيءَ جي اٽي جي ماني، ڌاڻن ۽ ڦودني جي چٽڻيءَ سان. باقي شيون خوشيءَ سان کائيندي ھئي، ليڪن شوق ڪري نه. لڳ ڀڳ ھر گرھ تي الله جو شڪرانو بجا آڻيندي ھئي. ميون ۾، اگر ڪڏھن گھڻو زور ڀربو ھيس ته، ڪڏھن ڪڏھن فرمائش ڪندي ھئي. ليڪن نيرن تي چانھ جا ٻه پيالا ۽ ٽپھريءَ ڌاري سادي چانھ جو پيالو ضرور پيئندي ھئي. کاڌو فقط ھڪڙو ويلو کائيندي ھئي. گھڻو ڪري ٻپھريءَ جو. ڪنھن قضا نئي رات جو به. گرمين جي ڏينھن ۾، ولوڙي مکڻ ڪڍيل، ڇڊڙي لوڻي لسيءَ سان ھڪ اڌ سادڙي ماني سندس پسنديده خوراڪ ھئي.
ٻين کي ڪا شيءِ شوق سان کائيندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي ۽ ھميشه دعائون ڏيندي ھئي؛ ”سڀ جو خير ھجي.“ خاص ڪري پنھنجي سر لاءِ يا پنھنجي ٻچڙن جي لاءِ سڌو سنئون ھن ڪڏھن ڪجھ نه گھريو. اول ٻين لاءِ گھرندي ھئي ۽ تھان پوءِ خدا جي مخلوق جي حاجت روائيءَ جي طفيل پنھنجي ٻچڙن يا عزيزن جو خير گھرندي ھئي. پنھنجي پٽن يا ڌيئرن کي ھن پنھنجي زبان سان ”منھنجا پٽ“ يا ”منھنجي ڌيءُ“ چوڻ جي دعويٰ نه ڪئي. سدائين کين ”او! الله جا ڏنل“ ڪري، سڏيندي ھئي.
ڪنھن کان ڪم وٺڻ، امڙ جي طبيعت کي اُگرو لڳندو ھيو. پنھنجا سمورا ڪم، ھوءَ پنھنجي ھٿن سان ڪندي ھئي. اگر ڪو ملازم، زور مِس ڪري سندس ڪم ڪندو ھيو ته کيس عجيب شرمساريءَ جو احساس ٿيڻ لڳندو ھيو ۽ احسان منديءَ سان کيس سڄو ڏينھن پئي دعائون ڏيندي ھئي.
سادگي ۽ درويشيءَ جو اھو رک رکاءُ ڪجھ قدرت واري امڙ جي سرشتي وڌو ھيو ڪجھ يقينًا زندگيءَ جي اٿل پٿل کيس سيکاريو ھيو.
جڙانواله ۾ ٿورو عرصو ترسڻ پڄاڻان، ھوءَ پنھنجي والدين ۽ ننڍڙن ڀائرن سميت، ٻنيءَ جي ڳولا ۾ لائل پور جي ڪالونيءَ ڏانھن روانا ٿيا ته کين ڄاڻ ئي نه ھئي ته کين ڪھڙي ھنڌ وڃڻو آھي ۽ ٻني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙا قدم کڻڻا آھن. امڙ ٻڌائيندي ھئي ته ان زماني ۾ ڪالونيءَ جو تصور ھڪڙي فرشتي صفت بزرگ جو ھيو، جيڪو ڪنھن واٽ تي ويھي ٻنين جا پروانا پيو ورھائيندو ھوندو. ڪيترا ئي ھفتا، ھيءُ ننڍڙو قافلو، لائل پور جي علائقي ۾ پيرين پنڌ رلندو رھيو، ليڪن ڪنھن به واٽڙيءَ تي کين ڪالونيءَ جو خضر صورت راھنما نه ملي سگھيو. آخر تنگ ٿي، ھنن چڪ نمبر ۳۹۲، جيڪو تن ڏينھين نئون نئون پئي آباد ٿيو، وڃي لڏو لاٿو. ماڻھو جٿن جا جٿا ڪيو، اتي اچي وسيا پئي. ناني، پنھنجي سادگيءَ ۾ اھو ئي سمجھيو ته ڪالونيءَ ۾ آباد ٿيڻ جو شايد اھو ئي واحد طريقو آھي. تنھنڪري ھن به ھڪڙو ننڍڙو پٽ والاري، ڪکن ڪاڄرن جي کڻي ڀونگڙي اڏي ۽ غير آباد زمين جو ھڪڙو ٽُڪرَ ڳولي مٿس پوک جي تياري ڪرڻ لڳو. انھن ئي ڏينھن ۾ مال کاتي جو عملو پڙتال تي آيو. ناني وٽ ته الاٽمينٽ جا ڪاغذ پٽ ڪو نه ھيا. جنھن ڪري کيس چڪ مان ئي تڙي ڪڍيائون ۽ سرڪاري زمين تي ناجائز ڀونگڙي اڏڻ جي ڏنڊ ۾ سندس ٿانءَ ٿپا ۽ ھنڌ بسترا به ڳاري ڇڏيائون. عملي جي ھڪڙي ھمراھ ته چانديءَ جون ٻه والڙيون به امڙ جي ڪنن مان لاھي ورتيون. ھڪري والي لاھڻ ۾ ٿوري دير ٿيس ته سٽ ڏئي کڻي ڇڪيائينس، جنھن سان امڙ جي ڪن جي پاپڙي به چيرجي پئي.
چڪ نمبر ۳۹۲ کان نڪري، جيڪو رستو اڳيان آين، تنھن تي ھلي پيا. گرمين جا ڏينھن ھجن. سڄو ڏينھن لُڪَ پئي لڳي. پاڻيءَ رکڻ واسطي، ٺڪر جو پيالو به نه ھين. جتي به ڪو کوھ نظر آين، امڙ پنھنجو رئو پُسائي وٺندي ھئي ته جيئن اڃ لڳڻ سان پنھنجي ننڍڙن ڀائرن کي چوسرائيندي وڃي. اھڙيءَ طرح، ھو ھلندا ھلندا، چڪ نمبر ۵۰۷ ۾ وڃي پھتا، جتي ھڪڙي ڄاڻ سڃاڻ واري رھاڪوءَ، ناني کي پنھنجو ھاري ڪري رکيو. نانو ھر ھلائيندو ھيو. ناني، مال چاريندي ھئي. امڙ، ٻنين مان گاھ لڻي زميندار جي مينھن ۽ ڍڳين لاءِ آڻيندي ھئي. تن ڏينھين کين ايتري به وسعت نه ھئي جو ھڪڙي ويلي جي ماني به ڍَوَ تي کائي سگھن. ڪنھن وقت جھنگلي ٻيرن تي ويلو ٽاريندا ھيا. ڪڏھن گدرن جون کلون اوٻاري کائيندا ھيا. ڪڏھن ڪنھن ٻنيءَ ۾ ڪچڙيون انبڙيون ڪريل ملي ويون ته ان جي چٽڻي ٺاھي وٺندا ھيا. ھڪ ڏينھن ڄانڀي ۽ سرنھن جو ساڳ ڪٿان کين ھٿ اچي ويو. ناني، محنت مزوريءَ ۾ کِٿِ لڳي پئي ھئي. امڙ ئي ساڳ، چلھ تي چاڙھيو. جڏھن رجھي تيار ٿيو ۽ ساڳ کي دال مھٽڻي سان مھٽڻ جو وارو آيو ته امڙ گھوٽڻو اھڙو زور سان ڦيريس جو ٺڪر جي ڪُنيءَ جو ترو ئي ٽٽي پيو ۽ سارو ساڳ چلھ ۾ وھي ويو. امڙ کي نانيءَ جا دڙڪا ته مليا پر ٿڦا ٿوڦي پڻ ٿيس. رات جو سڄي آڪھ، ڪاٺين تي ڪريل ساڳ، آڱرين سان چٽي چٽي مڙئي ٻالنگھ ڪيو.
چڪ نمبر ۵۰۷، ناني کي ڏاڍو راس آيو. چند مھينن جي محنت مزدوريءَ پڄاڻان، نئين آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾، آسان قسطن تي، کيس ھڪڙو مربع (چوويھ ايڪڙ) ٻنيءَ جو ملي ويو. آھستي آھستي، ڏينھن ڦرڻ لڳن ۽ ٽن سالن اندر ڳوٺ ۾، سندن شمار اڇي ماني اڇي لٽي وارن ۾ ٿيڻ لڳو. جيئن جيئن پئسڙو پاڇي ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن اباڻي وطن جي ياد ستائڻ لڳن. جنھنڪري خوشحاليءَ جا چار پنج سال گذارڻ کان پوءِ سڄي آڪھ، ريل تي چڙھي، منيلہ ڏي رواني ٿي وئي. ريل جو سفر، امڙ کي ڏاڍو وڻيو. سڄو وقت دريءَ کان منھن ڪڍيو، تماشو ڏسندي رھي. ائين ڪرڻ سان ڪوئلن جون سنھيون ڇيتيون، سندس اکين ۾ پڻ پئجي ويون. جنھن جي ڪري ڪيترا ڏھاڙا، اکين اٿڻ جي بيماريءَ ۾ گذاريائين. انھيءَ تجربي کان پوءِ، ھن پنھنجي ڪنھن به ٻچڙي کي، ھلندي ريل جي دريءَ مان، ڪڏھن به ٻوٿ ٻاھر ڪڍڻ نه ڏنو.
امڙ، ريل جي ٿرڊ ڪلاس واري گاڏي ۾ ڏاڍو خوش رھندي ھئي. گڏ سفر ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن سان ھڪدم گھائل مائل ٿي ويندي ھئي. سفري ٿڪ ۽ رستي جي ڌوڙ جو، مٿس ڪو به اثر نه پوندو ھيو. ان جي برعڪس، مٿئين درجي جي گاڏي ۾ ڏاڍو ڪڪ ٿيندي ھئي. ھڪ ٻه ڀيرو، جڏھن مجبورًا ايئرڪنڊيشن دٻي ۾ سفر ڪرڻو پيو ته، ھوءَ ٿڪجي چور ٿي پئي ۽ سڄو وقت مٿس، قيد ڪاٽڻ وانگر ڳؤرو گذريو.
منيلہ پھچي، ناني پنھنجو اباڻو گھر ٺيڪ ٺاڪ ڪرايو. مٽن مائٽن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏياري موڪليائين. دعوتون ٿيون. پوءِ امڙ لاءِ، ور ڳولڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
ان زماني ۾ لائل پوري زميندارن جي ھاڪ ھئي. سندن ڳاڻيٽو خوش قسمت ۽ باعزت ماڻھن ۾ ٿيندو ھيو. جنھن ڪري امڙ جي لاءِ جيڏانھن تيڏانھن مٽيءَ جا نياپا نڙا اچڻ لڳا. ھونئن به تن ڏينھين امڙ جا ٺٺ ٺانگر ھيا. ڀائپي برادريءَ وارن تي رعب وجھڻ لاءِ، ناني کيس ڏھاڙي نوان نوان جوڙا پارائيندي ھئي ۽ ھر وقت ڪنوار وانگر سينگاري سجائي ويھاريندي ھيس.
ڪڏھن ڪڏھن پراڻين يادن کي تازو ڪرڻ لاءِ امڙ ڀورڙائپ سان پاڻُ پڏائيندي چوندي ھئي؛ ”تن ڏينھين ته ڳوٺ ۾ نڪرڻ ئي منھنجي لاءِ جنجال ٿي ويو. جيڏانھن کان لنگھان ماڻھو ٺِڳي بيھي رھن ۽ چون؛ ھيءَ خيال بخش زميندار جي ڌيءَ آھي. ڏسئون ڪھڙو خوش نصيب ٿو پرڻائي وٺي وڃيس.“
”امان! تنھنجي نظر ۾ ڪو اھڙو خوش نصيب ڪو نه ھيو؟“ اسان وري کيس ڇيرو ڏيڻ خاطر چوندا ھياسين.
”توبه توبه پٽ!“ امڙ ڪنن جي پاپڙين تي ھٿ رکندي ھئي؛ ”منھنجي نظر ۾ ڀلا ڪير ڪيئن پئي ٿي سگھيو. ھا، منھنجي دل ۾ ايتري خواھش ضرور ھئي ته اگر مون کي اھڙو ماڻھو ملي جيڪو ٻه اکر پڙھيل لکيل ھجي ته خدا جي وڏي مھرباني ٿيندي.“
سڄيءَ حياتيءَ ۾ لاشڪ اھا ئي ھڪ خواھش ھئي جيڪا امڙ جي دل ۾ پنھنجي ذات لاءِ پيدا ٿي. ان کي وري خدا ھيئن پورو ڪيس جو انھيءَ ئي سال، امڙ جو وھانءُ عبدالله صاحب سان ٿي ويو. تن ڏينھين سڄي علائقي ۾ رڳو عبدالله جي ڳالھ ھئي. ھو ھڪ امير ڪبير خاندان جي اک جو تارو ھيو. ليڪن پنجن ڇھن سالن جي عمر ۾ يتيم به ٿي ويو ۽ ڏاڍو مسڪين حال پڻ. جڏھن ابي جو سايو سر تان ھٽي ويس ته اھو انڪشاف ٿيس ته اباڻي سڄي ملڪيت گروي پيل آھي. نتيجتًا عبدالله صاحب، پنھنجي امڙ سميت ھڪڙي جھوپڙيءَ ۾ لڏي اچي ويٺو. زر ۽ زمين جو اھو انجام ڏسي، ھن اھڙي ملڪيت ٺاھڻ جو عزم ڪيائين جيڪا سودخورن وٽ گروي نه رکي سگھجي. نتيجتًا عبدالله صاحب، دل جان سان تعليم پرائڻ ۾ جنبي ويو. اسڪالرشپ مٿان اسڪالرشپ حاصل ڪندو ۽ ٻن ٻن سالن جو امتحان ھڪڙي ھڪڙي سال ۾ پاس ڪندو، پنجاب يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ واري امتحان ۾ پھريون نمبر آيو. ان زماني ۾ غالبًا اھو پھريون واقعو ھيو جو ڪنھن مسلمان شاگرد، يونيورسٽيءَ جي امتحان ۾ رڪارڊ بيھاريو ھجي.
واتين سري، واڳين سري. تان جو اھا خبر وڃي سر سيد جي ڪنين پھتي. جيڪو ان وقت علي ڳڙھ مسلم ڪاليج جو بڻياد رکي چڪو ھيو. تنھن پنھنجو خاص منشي، ڳوٺ موڪليو ۽ عبدالله صاحب کي وظيفو ڏئي، علي ڳڙھ گھرائي ورتائين. اتي عبدالله صاحب ڏاڍي محنت سان پنھنجو رنگ ڪڍيو ۽ بي اي ڪرڻ پڄاڻان اوڻويھن سالن جي عمر ۾ اتي ئي انگريزي، عربي، فلسفي ۽ حسابن جو ليڪچرار ٿي ويو.
سر سيد کي ان ڳالھ جو جنون ھيو ته مسلمان نوجوان، گھڻي کان گھڻي تعداد ۾، وڏين ملازمتن ۾ اچن. تنھنڪري ھن،. عبدالله صاحب کي سرڪاري وظيفو ڏيارايو ته جيئن ھو انگلستان وڃي، آءِ سي ايس جي امتحان ۾ ويھي.
پوئين صديءَ جا وڏڙا جھونڙا، ست سمنڊ پار واري سفر کي، وڏي آفت سمجھندا ھيا. عبدالله صاحب جي ماءُ، پٽڙي کي ولايت وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو. عبدالله صاحب جي سعادتمندي، آڏو اچي وئي ۽ ھن وظيفو واپس ڪري ڇڏيو.
ان حرڪت تي سر سيد کي وڏي چڙ آئي ۽ ڏک پڻ ٿيس. لک ڀيرا سمجھايائينس، آتاريائينس، ڊيڄاريائينس، ڌمڪيون ڏنائينس، ليڪن عبدالله صاحب جونءَ جيترو به پوئتي نه چُريو.
”ڇا تون پنھنجي ڪراڙيءَ ماءُ کي، قوم جي مفاد تي ترجيح ٿو ڏين؟“ سر سيد ڪڙڪي سان پڇيس.
”جي ھائو!“ عبدالله صاحب ورندي ڏنس.
اھو ٽڪو جواب ٻڌي، سر سيد آپي مان ئي ٻاھر نڪري ويو. ڪمرو بند ڪري، پھرين عبدالله صاحب کي لتن، مڪن ۽ جوتن سان ڦيھ ڏنائين پوءِ ڪاليج جي نوڪريءَ تان ڪڍندي چيائينس؛ ”علي ڳڙھ مان نڪري وڃ! ھاڻ اھڙي ھنڌ وڃي مر، جتي مان تنھنجو نالو به ڪنين نه ٻڌان.“
عبدالله صاحب، جيترو سعادتند پٽ ھيو، اوترو ئي سعادتمند شاگرد پڻ ھيو. نقشي تي کيس مڙني کان ڏورانھون ۽ اڻانگو ھنڌ، گلگت نظر آيو. تنھنڪري ھو نڪ جي سِڌَ ۾ گلگت وڃي پھتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گورنريءَ جي عھدي تي وڃي پڳو.
جن ڏينھين امڙ جي مڱڻي جي ڳڻ ڳوت پئي ٿي، تن ڏينھين عبدالله صاحب، موڪل تي ڳوٺ آيل ھيو. قسمت ۾ ٻنھي جو ڳانڍاپو لکيل ھيو. سندن مڱڻو ٿيو ۽ مھيني کان پوءِ پرڻو به ٿيو ته جيئن عبدالله صاحب ڪنوار کي ساڻ ڪري، گلگت وٺي وڃي.
مڱڻي کان پوءِ ھڪ ڏينھن، امڙ پنھنجي ساھيڙين سان، ڀر واري ڳوٺ ۾ ميلو گھمڻ وئي ھئي. اتفاق سان يا ڄاڻي واڻي، عبدالله صاحب به اتي پھچي ويو.
امڙ جون ساھيڙيون کيس وڪوڙي ويون ۽ کينچلون ڪري کانئس ڄڻيءَ ڄڻيءَ پنج پنج رپيا ڪڍيا. عبدالله صاحب، امڙ کي به گھڻي ئي پئسا پيش ڪيا، جيڪي ھن نه ورتس. ڏاڍو زور پئجي وڃڻ تي، لاچار امڙ يارھن پئسن جي فرمائش ڪيس.
”ايڏي ميلي ۾ يارھن پئسا وٺي ڇا ڪندينءَ!؟“ عبدالله صاحب پڇيس.
”ايندڙ جمعي رات، تنھنجي نالي تي، مسيت جي ڏيئي ۾ تيل وجھندس.“ امڙ ورندي ڏنس.
زندگيءَ جي ميلي ۾ پڻ، عبدالله صاحب سان امڙ جو ليکو چوکو، فقط جمعي جي رات يارھن پئسن تائين ئي محدود رھيو. ان کان وڌيڪ رقم نه ڪڏھن ھن گھري، نه پاڻ وٽ رکي.
گلگت ۾ عبدالله صاحب جو وڏو شان شوڪت ھيو. سھڻو بنگلو، وڏو باغ، نوڪر چاڪر، دروازي تي سپاھين جو پھرو. جڏھن عبدالله صاحب دوري تي ٻاھر ويندو ھيو يا موٽندو ھيو ته ستن توبن جي سلامي ڏني ويندي ھيس. ھونئن به گلگت جو گورنر، خاص سياسي، انتظامي ۽ سماجي اقتدار جو حامل ھيو، ليڪن امڙ تي ان سڄي دٻدٻي جو ذري جو به اثر نه ٿيو. ڪنھن به قسم جو ننڍو وڏو ماحول، مٿس اثر انداز نه ٿيندو ھيو. بلڪ امڙ جي سادگي ۽ خود اعتمادي ھر ماحول تي، چپ چپات ۾، ڇانئجي ويندي ھئي.
تن ڏينھين سر مالڪم ھيلي، برطانيا سرڪار جي طرفئون، گلگت جي روسي ۽ چيني سرحدن تي پوليٽيڪل ايجنٽ طور رکيل ھيو. ھڪ ڏينھن ليڊي ھيلي ۽ سندس ڌيءَ، امڙ سان ملڻ آيون. کين فراڪ پاتل ھيا ۽ پنيون اگھاڙيون ھين. اھا بي پردگي، امڙ کي ڪا نه وڻي. تنھن تي ليڊي ھيليءَ کي چئي ڏنائين؛ ”تو واري زندگي ته جيئن گذرڻي ھئي سا گذري وئي. ھاڻ تون ته پنھنجي ڌيءُ جي پڇاڙي خراب نه ڪر.“ اھو چئي، ھن مس ھيليءَ کي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو ۽ ٿورڙن ئي مھينن ۾ کيس کاڌو رڌڻ، سبڻ ٽاڪڻ، سانجڻ، ڪپڙا ڌوئڻ سيکاري، ابي امڙ ڏانھن موٽائي موڪليائين.
جڏھن روس ۾ انقلاب آيو، ته لارڊ ڪچز سرحدن جو معائنو ڪرڻ گلگت آيو. سندس اعزاز ۾ گورنر جي طرفئون مھماني جھلي وئي. امڙ پنھنجي ھٿن سان ڏھ ٻارھن طعام پچايا. کاڌو ڏاڍو لذت ڀريو ھيو. لارڊ ڪچز پنھنجي تقرير ۾ چيو؛ ”مسٽر گورنر! جنھن بورچيءَ اھي طعام پچايا آھن، مھرباني ڪري منھنجي طرفان سندس ھٿَ چُمجو.“
دعوت پڄاڻان، عبدالله صاحب ٽڙندو ٽلندو گھر موٽيو ته امڙ بورچي خاني جي ھڪڙي ڪنڊڙيءَ ۾ تڏي تي ويھي، لوڻ ۽ مرچن جي چٽڻيءَ سان، مڪئيءَ جي ماني پئي کاڌي.
ھڪڙي سٺي گورنر وانگر عبدالله صاحب، امڙ جا ھٿ چميا ۽ چيائينس؛ ”جيڪڏھن لارڊ ڪچز اھا فرمائش ڪري ھا ته ھو پاڻ بورچيءَ جا ھٿ چمڻ ٿو چاھي ته پوءِ تون ڇا ڪرين ھا؟“
”مان!“ امڙ نرو ڏئي چيس؛ ”مان ان جي مڇن مان پڪڙي، پاڙئون پٽي ڪڍان ھا! پوءِ تون ڇا ڪرين ھا؟!“
”مان!“ عبدالله صاحب ڊرامو ڪيس؛ ”مان سندس مڇن کي ڪپھ ۾ ويڙھي، وائسراءِ ڏي ڏياري موڪليان ھا ۽ تو کي وٺي ڪاڏي ڀڄي وڃان ھا، جيئن سر سيد وٽان ڀڳو ھيس.“
امڙ تي اھڙن گفتن جو ڪو به اثر نه پوندو ھيو. ليڪن ھڪ دفعو امڙ سڙ پچ جي باھ ۾ سڙي ڪوڪلا ٿي وئي جيڪو ھر عورت جو ازلي ورثو آھي.
گلگت ۾ ھر قسم جا احڪام ”گورنري“ جي نالي تي جاري ٿيندا ھيا. جڏھن اھو ھوانو امڙ تائين پھتو ته پاڻ عبدالله صاحب سان شڪايت ڪيائين؛ ”ڀلا حڪومت ته تون ٿو ڪرين، ليڪن گورنري گورنري چئي مون غريب جو نالو وچ ۾ ڇو آندو ويندو آ، اجايو سجايو؟!“
عبدالله صاحب، علي ڳڙھ جو پڙھيل ھيو. مزاح واري رڳ ڦڙڪي پيس ۽ رُکائيءَ سان چيائينس؛ ”اڙي ڀاڳڀري! اھو تنھنجو نالو ٿورئي آھي. گورنري ته دراصل تنھنجي پھاڄ آھي جيڪا ڏينھن رات منھنجي ڪڍ ڪڍ ھوندي آھي.“
مذاق جي حد ھئي. عبدالله صاحب سمجھيو ته ڳالھ آئي وئي ٿي وئي، ليڪن امڙ جي دل ۾ ڏک ويھجي ويو. انھيءَ درد ۾، اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندي رھي.
ٿوري عرصي پڄاڻان، ڪشمير جو مھاراجا پرتاب سنگھ، پنھنجي مھاراڻيءَ سان گلگت جي دوري تي آيو. امڙ، مھاراڻيءَ سان پنھنجي اندر جو ڏک سور اوريو. مھاراڻي پڻ سادڙي عورت ھئي. جلال ۾ اچي وئي؛ ”ھاءِ ھاءِ اسان جي راڄ ۾ اھڙو قِيس! مان اڄ ئي مھاراجا کي ٿي چوان ته اھو عبدالله صاحب جي خبر وٺي.“
جڏھن اھو مقدمو، مھاراجا پرتاب سنگھ وٽ پڳو ته ان عبدالله صاحب کي گھرائي پڇا ڳاڇا ڪئي. عبدالله صاحب پڻ حيران ھيو ته ويٺي ويٺي ھيءَ ڪھڙي آفت اچي نازل ٿي. ليڪن جڏھن معاملي جي تھ تائين پھتو ته ٻئي ڏاڍو کليا. ماڻھو، ٻئي وضع قطع وارا ھيا. بھرحال مھاراجا حڪم جاري ڪيو ته اڳتي لاءِ گلگت جي گورنريءَ کي وزارت ۽ گورنر کي ”وزارت جو وزير“ جي نالي سان سڏيو وڃي. ۱۹۴۷ع واري آزاديءَ جي جنگ تائين، گلگت ۾ اھي سرڪاري اصطلاح رائج ھيا.
اھو حڪمنامو ٻڌي، مھاراڻيءَ امڙ کي گھرائي خوشخبري ٻڌائي ته؛ ”مھاراجا، گورنريءَ کي ڏيھ مان تڙائي ڇڏيو آھي. ھاڻي تون ويٺي کير ۾ وھنج ۽ پٽن سان کيڏ.“ تنھن کان پوءِ مھارانيءَ چيس؛ ”ڪڏھن اسان لاءِ به دعا ڪجانءِ!“
مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ کي ڪو به اولاد ڪو نه ھيو. ان ڪري اڪثر، امڙ کي دعا جي فرمائش ڪندا ھيا. اولاد جي معاملي ۾ امڙ، ڇا واقعي خوشنصيب ھئي؟ اھو ھڪڙو اھڙو سواليه نشان آھي، جنھن جو جواب سولائيءَ سان نه ٿو سُجھي.
امڙ پنھنجو پاڻ ئي ته چوندي ھئي ته سندس جھڙي خوشنصيب ماءُ دنيا ۾ ورلي ھوندي. ليڪن اگر صبر، شڪر ۽ رضا ۾ راضي رھڻ واري عينڪ کي لاھي ڏٺو وڃي ته انھيءَ خوشنصيبيءَ جي پردي ۾ ڪيترا ڏک، ڪيترا غم، ڪيترا صدما نظر اچن ٿا.
الله سائينءَ امڙ کي ٽي ڌيئر ۽ ٽي پٽ عطا ڪيا ھيا. ٻه نياڻيون، شاديءَ جي ٿوري عرصي بعد، ھڪٻئي پٺيان مري ويون. مڙني کان وڏو پٽ، ڦوھ جوانيءَ ۾ انگلستان پھچي گذاري ويو.
چوڻ ڪاڻ ته امڙ چئي ڇڏيو ته؛ ’الله جي شيءِ ھئي، الله وٺي ڇڏي.‘ ليڪن ھن پنھنجي منھن، لڪي لڪي رت جا ڳوڙھا ڪو نه رنا ھوندا؟!
جڏھن عبدالله صاحب گذاري ويو، ان وقت سندس عمر ٻاھٺ سال ۽ امڙ جي عمر پنجونجاھ سال ھئي. ٽيپھريءَ جو وقت ھيو. عبدالله صاحب کھري واڻ جي کٽ تي، پنھنجي نيم سارو، وھاڻي تي ٽيڪ ڏيو، آھليو پيو ھيو. امڙ منجيءَ تي ويٺي، چاقوءَ سان ڪمند جا ڳنا، ڇليندي ڏيندي پئي ويس. ھو مزي مزي سان ڳنا چٻاڙيندو ۽ چوپيندو به پئي ويو ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ به ڪري رھيو ھيس. پوءِ اوچتو گنڀير ٿي چوڻ لڳس؛ ”ڀاڳڀري! پرڻي کان اڳ، ميلي ۾ مون تو کي يارھن پئسا ڏنا ھيا، انھن جي موٽائي ڏيڻ جو وقت اڃا نه آيو آھي ڇا؟“
امڙ نئين نويلي ڪنوار وانگر، جھنڊ ھنئي ۽ ڳنو ڇلڻ ۾ کُپي وئي. سندس سيني ۾ ھڪ ئي وقت گھڻا خيال اٻڙڪو ڏئي اڀريا؛ ”اڃا وقت ڪاٿي آيو آھي! سرتاج! پرڻي کان اڳي وارا يارھن پئسا ته وڏي ڳالھ آھن. ليڪن پرڻي کان پوءِ جھڙيءَ طرح تو مون سان نباھ ڪيو آ، تنھن تي ته مون کي تنھنجا پير ڌوئي پيئڻا آھن. پنھنجي چمڙيءَ مان چاکڙيون ٺھرائي، تو کي پاکڙيون ڪري پارائڻيون آھن. اڃا وقت ڪاٿي آيو آ سرتاج!“
ليڪن قضا ۽ قدر جي وھي کاتي ۾ وقت ٿي چڪو ھيو. جڏھن امڙ ڪنڌ مٿي کنيو ته عبدالله صاحب ڪمند جي ڇيت وات ۾ جھليو، وھاڻي تي ستو پيو ھيو. امڙ ڏاڍو ئي سڏ ڪيس، لوڏيس، ڌونڌاڙيس، ٻُچڪاريس. ليڪن عبدالله صاحب اھڙي ننڊ ستو ھيو، جنھن مان جاڳ، قيامت کان اڳي ٿيڻ ممڪن ئي ناھي.
امڙ، پنھنجي بچيل ٻن پٽن ۽ ھڪ ڌيءَ کي ڇاتيءَ لائي لائي تلقين ڪئي؛ ”ٻچا! روئو متان! اوھان جو ابو جنھن آرام سان ستل ھيو، تنھن آرام سان ھليو ويو. ھاڻي روئو متان! سندس روح کي تڪليف پھچندي.“
چوڻ ڪاڻ ته امڙ چئي ڇڏيو ته؛ ’پنھنجي پيءُ جي ياد ۾ نه روئجو، ور نه ته ان کي تڪليف پھچندي.‘ ليڪن ڇا ھوءَ لڪ ڇپ ۾ ان مڙس جي ياد ۾ نه رُني ھوندي، جنھن ٻاھٺ سال جي عمر تائين، کيس الھڙ ڪنوار سمجھيو ۽ جنھن گورنريءَ کان علاوھ سندس سر تي ڪا پھاڄ اچي نه ويھاري.
جڏھن ھوءَ پاڻ ھلي وئي ته پنھنجي ٻچڙن لاءِ ھڪڙو سواليه نشان ڇڏي وئي، جيڪو قيامت تائين کين عقيدت جي رڻ ۾ روليندو رھندو.
اگر امڙ جي نالي تي خيرات ڪجي ته يارھن پئسن کان وڌيڪ ھمت نه ٿي ٿئي. ليڪن مسيت جو ملو پريشان آھي ته بجليءَ جو اگھ وڌي ويو آھي ۽ تيل جي قيمت چوٽ چڙھي وئي آھي.
امڙ جي نالي تي خيرات جي ماني ڏجي ته مڪئيءَ جو لولو ۽ لوڻ مرچ واري چٽڻي اکين اڳيان ٿا اچن. ليڪن کائڻ وارو درويش ٿو چوي؛ ’فاتحه ۾ پلاءَ ۽ چاشنيءَ جو اھتمام ضروري آھي.‘
امڙ جو نالو ٿو اچي ته اُڇلون ڏئي روئڻ لاءِ دل ٿي گھري، پر روئجي ته ڀؤ ٿو ٿئي ته متان سندس روح کي تڪليف نه پھچي ۽ اگر سُن ٿو ڦڪجي ته خدا جو قسم سُن ڦڪڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

***

۽ عائشہ اچي وئي - قدرت اللہ شہاب

۽ عائشہ اچي وئي - قدرت اللہ شہاب

۽ عائشه اچي وئي
(ريخته ڪھاڻي)

(ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي: ھيءَ ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جيڪو ورھاڱي ويل، بمبئيءَ کان ڪراچيءَ لڏپلاڻ ڪري ٿو. جتي ھو روزگار طور، ڪيترا ئي ڪم ڪري ٿو، پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي ٿئي. پوءِ ڪي ماڻھو کيس دلالي ڪرڻ لاءِ چون ٿا، پر پنھنجي ديندار ڌيءَ جي لاءِ، ھو ان ڌنڌي کان منھن موڙي ٿو ڇڏي. ڌيءَ کي پرڻائڻ لاءِ، ھو ساڳين ڪمن ۾ پوري جو پورو کُپي ٿو وڃي ۽ وڏو امير ٿي ٿو وڃي. پرڻي جي وڏي عرصي پڄاڻان، سندس ڌيءَ ساڻس ملڻ لاءِ اچڻ واري ھوندي آھي ته ھو انھن مڙني ڌنڌن کان توبہ ڪري ڇڏيندو آھي.)
***
کوکراپار جي ھنڌ تي، سرحد ٽپندي ھندستاني ڪسٽم جي پھريدارن، عبدالڪريم ۽ سندس ونيءَ کي ته وڃڻ ڏنو، ليڪن سندن ٽي شيون، وڌيڪ تحقيق لاءِ پاڻ وٽ جھلي ڇڏيون. اھي ٽي شيون؛ سنگر سلائي مشين، ھرڪيولس جي سائيڪل ۽ عبدالڪريم جي نوجوان ڌيءَ عائشہ تي مشتمل ھيون.
ٻن ڏينھن ۽ ھڪ رات جي منٿن ميڙين کان پوءِ به ھزارين ھِچن بعد، جڏھن اھي شيون مليون ته سلائي مشين جا ڪيترا پرزا گم ھيا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب اڻ لڀ ھيا ۽ عائشہ....
خير، اھو به غنيمت ھيو، جو الله گھريو ته سلائي مشين جا ڪَل پُرزا نوان وجھائي وٺبا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب به ٻيا ملي ويندا ۽ عائشہ...
عائشہ جو به الله مالڪ آ. عبدالڪريم جو ايمان، غيب جي پر اسرار شين تي سرس ھيو. اڄ معمول کان سرس ڪشف جي ڪيفيت ڇُلڪي رھي ھئي.
جڏھن ھو ريلوي ٽيشڻ تي پھتو، ته اتان جي مقامي والنٽيئرن کين گوشت جي ٻوڙ جو پيالو ۽ چار تازا تازا نان، کائڻ ڪاڻ ڏنا. اڇا ڦول، نرم نرم ۽ ھٻڪار ڀريا نان ڏسي، عبدالڪريم پنھنجي ونيءَ جي سَٿَر تي، چوريءَ چھنڊڙي ھنئي ۽ سرٻاٽ ۾ چيائينس؛ ”عائشہ جي ماءُ! ڇا ٿي ڏسين! ڪھڙا نه نجا ۽ جھٻيل نان آھن. ھيل بمبئيءَ ڇا پيو ھيو؟ چئن سالن کان ڪنھن چڱي اٽي جي شڪل ڏسڻ لاءِ سڪي مئا ھياسين. واھ! ڪھڙا نه مکڻ جا چاڻا جوڙيا آھن منھنجي مولا!“
جڏھن ريل گاڏيءَ جي گاڏَي ۾ چڙھيا ته ڪي مسافر پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻھن سان عليڪ سليڪ ۾ لڳا پيا ھيا. ”اسلام عليڪم“، ”وعليڪم السلام“، ”السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہٗ“. عبدالڪريم، وري پنھنجي ونيءَ کي ٺونٺ ھنئي؛ ”عائشہ جي ماءُ ٻڌين پئي؟ ڇا ته ڌوم ڌام سان سلام پيا ٿين. واھ! اسلام جو ته شان ئي اور آ! ڀيڻسان بمبئيءَ ۾ ته ’بندي ماترم‘، ’بندي ماترم‘ ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا ھيا. خدا جو قسم، اڄ ته منھنجي ڇاتي به کُلي پئي آھي. واھ! ڇا ته ڳالھ آ منھنجي مولا جي.“ عبدالڪريم، پنھنجي اوس پاس ۾ ويٺل مسافرن سان وڏي جوش خروش منجھئون ھٿ ملائڻ ۽ ھيانءُ ڦاڙي ڦاڙي اسلام عليڪم چوڻ شروع ڪيو. جي سندس وني کيس پڪڙي، واپس وٺي نه ويھاري ھا ته مڄاڻ ھو ان ڪرت ۾ الائي ڪيستائين رُڌل ھجي ھا.
جڏھن ريل گاڏي چُري ته عبدالڪريم، وڏي ڌيان سان ان جي ڦيٿن جي چرڙاٽن کي ٻڌو. ٻاھر، تار جي ٿنڀن جي حساب سان گاڏيءَ جي رفتار جو اندازو ھڻڻ لڳو. ”واھ!“ ھن پنھنجي ونيءَ کي وري ٺونٺ ھنئي؛ ”ھن جي آڏو طوفان ميل ڪھڙي شيءِ آھي؟ اندر ئي ٺري پيو، گاڏيءَ ۾ ويھڻ سان. عائشہ جي ماءُ! تون به پنھنجي تسبيح ڪڍ! ۽ ظاھر پاھر دل کولي، ويھي الله جو نالو وٺ! ڇا مجال آ جو پويان ڪو اچي تنھنجو ڳلو ڪپي.“
ھڪ ٽيشڻ پڄاڻان ٻي ٽيشڻ ايندي وئي. گاڏي بيھندي ۽ ھلندي رھي، مسافر لھندا ۽ چڙھندا رھيا. عبدالڪريم دريءَ مان منھن ٻاھر ڪڍي، پنھنجي ماحول کي پنھنجي دل، سيني ۽ اکين ۾ ڳِھندو رھيو. صاف سُٿرين وردين وارا گارڊ، جن جي مٿي تي جناح ڪئپ، ھٿ ۾ سائي ۽ ڳاڙھي جھنڊيون ۽ وات ۾ سيٽي ھئي. پليٽ فارم تي سرڻين وانگر لامارا ڏيندڙ قلي. ڀون ڀون ڪندڙ مکين سان سٿيل مٺائين ۽ کاڌن جا ٿالھ، ٻاھر اک جي نظر تائين ڦھليل وڏا وڏا ميدان، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪن ڪچن پڪن گھرن منجھئون نڪرندڙ دونھون، تراين ۽ ٽوڀن منجھئون پاڻي ڀريندڙ ۽ ڪپڙا ڌوئندڙ مايون. مٽيءَ ۾ ڀڀوت انگن اگھاڙا ٻارڙا. اُڀ ڏانھن اکيون اڀيون ڪري تڪي ڪيڪاٽ ڪندڙ ڪتا، ٻليون ۽ ڳِجھون. ڪٿي ڪٿي ڪنھن ڍڳيءَ يا ڏاند يا مينھن جو سڙيل ڳريل ڌپيارو لاش...
جڏھن حيدرآباد جي ٽيشڻ آئي ته سڀ کان اڳ عبدالڪريم جي نظر ھڪ رنگين بورڊ تي وڃي پئي، جنھن تي ھڪ دل ڏڪائيندڙ مار ڌاڙ واري فلم جو اشتھار ھيو. اھو ڏسي سندس واڇون ئي وِلليون ٿي ويون. ساڳئي پليٽ فارم تي ڪجھ سپاھي ڏھن ٻارھن ملزمن کي وڪوڙيو بيٺا ھيا ۽ ھڪڙو ماجسٽريٽ ڪرسيءَ تي آڪڙيو، کليل ڪورٽ لڳايو ويٺو ھيو ۽ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ وارن کي ڌڙا ڌڙ ڏنڊ جون سزائون ڏئي رھيو ھيو. سرڪار جو اھو رعب ۽ داٻو ڏسي، عبدالڪريم ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ وري معمول مطابق پنھنجي ونيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ خاطر سندس سٿر تي چھنڊي ھنيائين؛
”عائشہ جي ماءُ! انتظام ھجي ته اھڙو. ڀيڻسان بمبئيءَ ۾ ڪنھن ٽڪيٽ چيڪر جي مجال آ جو بنا ٽڪيٽ وارن کي روڪي ٽوڪي سگھي. واھ! حڪومت جو ڍنگ به مسلماني خون ۾ ئي آھي. مان ته اڳي ئي چوندو ھيس ته اھو ھنن لالا لوڪن جي وس جو ناھي.“
عائشہ جي ماءُ، ڏاڍي سڪون سان سيٽ تي اوڪڙو ويٺي ھئي. ان پنھنجي ڳنڍ مان ھزار مڻين واري تسبيح ڪڍي ۽ ھاڻي وڏي ڌيان سان ان تي الله تعاليٰ جي نوانوي نالن جو ورد ڪرڻ ۾ مشغول ھئي.
”عائشہ! ڌيءَ!“ عبدالڪريم پنھنجي ڌيءَ کي سڏيو؛ ”ڏسين ٿي نه پنھنجي ماءُ جا ٺٺَ! واھ! ڇا ته ڳالھ آ پنھنجي وطن جي ڌيءَ! ھن ڪاري صندوق مان منھنجي ٽوپي به ته ڪڍ ڀلا! ھاڻ ھتي ڪھڙي ڪميڻي جو ڀؤ آھي؟!“
عائشہ، مشيني انداز سان صندوق کولي ۽ ٽوپي ڪڍي پنھنجي پيءُ کي ڏنائين. اھا ھڪڙي پراڻي سرمائي رنگ جي جناح ڪيپ ھئي، جيڪا پائي عبدالڪريم ڪنھن وقت ڀنڊي بازار جي جوشيلن جلسن ۾ شامل ٿيندو ھيو. ليڪن ھاڻ چئن سالن کان اھا ٽوپي، انھيءَ صندوق ۾ بند پئي ھئي. ۽ مٿس لڳل، نِڪل جو چنڊ تارو پڻ زنگجي ٽوپيءَ جي رنگ جھڙو ٿي ويو ھيو.
ٽوپي پائي، عبدالڪريم سينو تاڻي، ويھي رھيو ۽ دريءَ کان ٻاھر اڏامندڙ ڌُڌڙ کي تڪيندو رھيو. عائشہ پڻ ٻاھر تڪي رھي ھئي. ھڪ کِٿ ۽ بيزار ڪندڙ نگاھ سان، جنھن جي آڏو ڪنھن منزل جو نشان ئي نه ھجي. ھوءَ وري وري ڪوشش ڪري رھي ھئي ته دل ئي دل ۾ دعآءَ گنج العرش جو ورد ڪڍي. انھيءَ دعا سندس ڪيتريون ئي مشڪلاتون حل ڪيون ھيون. ليڪن اڄ ان دعا جا لفظ، سندس چپن تي اچي چچرجي پئي ويا ۽ زبان تائين پھتا ئي نه پئي. سندس دل به اندر ئي اندر ۾ پڪاري رھي ھئي ته ھاڻي اھا وڏو اثر رکڻ واري دعا به سندس مشڪلات آسان نه ڪري سگھندي. ھاڻ ھوءَ اھڙي ھڪ منزل تي پڄي چڪي ھئي جتان خدا جي خدائي به راھ نه ڪڍي ڏيندي آ. توبہ! اھو ته وڏو ڪفر آ. خدا جي ذات ته قادر مطلق آ. اگر اھو چاھي ته زماني جي ڦيرن جو رخ ئي پوئتي موڙي ڇڏي ۽ زماني کي وري نئين سر ساڳئي لمحي کان شروع ڪري ڇڏي؛ جڏھن عائشہ اڃا کوکرا پار ويجھو ھندستاني ڪسٽم چونڪيءَ تي نه پھتي ھئي...
ڪراچيءَ پھچي، سڀني کان پھريون مسئلو، سر لڪائڻ لاءِ جاءِ جي ڳولا ڪرڻ جو ھيو. ٻين ماڻھن کي ڪندو ڏسي، عبدالڪريم پنھنجو سامان، ٽيشڻ جي ٻاھران ھڪڙي فٽ پاٿ تي اچي سٿيو ۽ عائشہ ۽ سندس ماءُ کي اتي ويھاري، جاءِ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ڳچ رات گذرئي جڏھن ھو موٽيو، ته سڄي ڏينھن جي ھڻ ھڻان سبب ڏاڍو ٿڪل ھيو. ليڪن سندس چھري تي خوشيءَ ۽ اطمينان جا آثار ٻھڪي رھيا ھيا.
”عائشہ جي ماءُ!“ عبدالڪريم، فٽ پيريءَ ٽي پير ڊيگھاريندي چيو؛ ”پنھنجي ڪراچيءَ جي آڏو، ڀيڻسان بمبئيءَ جي ڪا به حقيقت ئي ڪانھي. تنھنجي سر جو قسم! اھڙا اھڙا عاليشان محل اڏيا پيا آھن، جيڪي نه ڪڏھن ڏٺاسين، نه ٻڌاسين. ھڪ کان اور ٻيو سيٺ به موجود ويٺو آھي. تنھنجو قسم! ھڪڙو ھڪڙو سيٺ، بمبئيءَ جي چئن مارواڙين کي ته کيسي ۾ وجھيون ھلي. ٻيو ته موٽر ڪارون؟! ڀيڻسان انھيءَ بمبئيءَ ڪاٿي اھڙيون ڀانت ڀانت جون موٽرون ڏٺيون ھونديون! ڀر منجھان لنگھي وڃن، سمجھ ته ڄڻ ڪنھن ريشم جو ٿانُّ کولي رستي تي وڇائي ڇڏيو ھجي. ھاڻي رڳو ٿورو ٿانيڪو ٿي ويھون ته تو کي به گھمائي ڦيرائي ايندس. دل خوش ٿي ويندءِ، ڪراچيءَ جي بھاري ڏسي.“
”گھر جو ڪجھ ٿيو؟“ عائشہ جي ماءُ، حقيقت ڏانھن موٽي آئي.
”اڃا ڪھڙي تڪڙ پئي آ. الله گھريو ته سمورا انتظام ٿي ويندا. اڄ مون گھمي ڦري، پڳڙيءَ جا اگھ پار پڇيا آھن. خدا جو قسم. عائشہ جي ماءُ، ڪراچيءَ جي آڏو اھا ڀيڻسان بمبئي ته ڪجھ به ڪونھي. پڳڙيءَ جي اگھن کي جيترو ھتي چاڙھ آ، ايڏو ته بمبئي وارن خواب ۾ ڪو نه ڏٺو ھوندو.“
عبدالڪريم جو ھاڻي اھو معمول ٿي ويو ھيو ته اسر ويل، اونداھڙي وقت ۾ نڪري پوندو ھيو. ڪڏھن بس ۾ چڙھيو، ڪڏھن ٽرام ۾، ڪڏھن رڪشي تي ته ڪڏھن پيرين پنڌ. ڪياماڙي، ڪلفٽن، بندر روڊ، صدر، فريئر پارڪ، اسيمبلي ھال، چيف ڪورٽ، جيل، پير الاھي بخش ڪالوني، خداداد ڪالوني، ناظم آباد، منگھو پير، قائد اعظم جي مزار... ڪو اھڙو ھنڌ نه ڇڏيو ھيائين، جنھن جو پنھنجي غور فڪر واري نظر سان جائزو نه ورتو ھجائين. ۽ ڪو جائزو اھڙو نه ھيو جنھن، سندس خون جي گردش تيز ۽ دل کي شاد نه ڪيو ھجي. ٻيو ته عبدالڪريم کي ڪراچيءَ جا فقير به خاندانُ نظر پئي آيا، جيڪي ماچيس يا باڪس ۽ اخبارون کپائي کپائي، وڏي خوش اسلوبيءَ سان دان گھرندا ھيا. بمبئيءَ وانگر نه، ھڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿلھا متارا، لٺ کنيون گھمندا ۽ پن منگ ائين ڪندا ڄڻ ڌمڪي ڏئي، ابي ڏاڏي جو ڏنل قرض اڳاڙيندا ھجن.
ھڪ ڏينھن، جمع جي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ويو. نمازين جو وڏو ھجوم ھيو. مصر، شام، عراق، حجاز ۽ ايران کان وڏا وڏا ماڻھو، ھڪڙي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيل ھيا. نماز کان پوءِ، پاڪستان متعلق ڏاڍيون شاندار تقريرون ڪيائون. الله اڪبر جا نعرا گونجيا. ماڻھو، اٿي اٿي سندن ھٿ چمڻ لڳا. ڀاڪر پائڻ لڳا ۽ چؤطرف جوش خروش جو عجيب عالم ڇانيل ھيو. اھو نظارو ڏسي، عبدالڪريم جي اکين مان بي اختيار ڳوڙھا ڳڙڻ لڳا. وري جڏھن سمورا ماڻھو ھليا ويا ته ھن الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪراني جون ٻه رڪعاتون نفل پڻ پڙھيون.
بمبئيءَ ۾ عبدالڪريم وٽ، ڀنڊي بازار جي پويان، ھڪڙي ننڍڙي کولي ھوندي ھئي. ھڪڙو اونداھو ۽ ڀوائتو ڪمرڙو، نه منجھس ورانڊو ۽ نه اڱڻ، نه تازي ھوا ۽ نه اس. ٻيو ته مھينو پورو ٿيو، ساڍا ڏھ روپيا ڪرائي جا ٺيڪ پھرينءَ تي نه ڀريائين ته سيٺ جي گماشتي جي ھنيانءَ-پَٽَ ۽ ڌمڪيون الڳ. ليڪن ان جي ڀيٽ ۾، ڪراچيءَ ۾ زندگي، وڏي مزي سان پئي گذرندي ھيس. جنھن فوٽ پيريءَ تي، ھن پھرئين ڏھاڙي تي کُپ کوڙيا ھيا، ھاڻ تِتي ڪي ٻارھن فوٽ ڊگھي ۽ ڏھ فوٽ ويڪري جاءِ والاري، ٻين ماڻھن کي ائين ڪندو ڏسي، ھن به ڪاٺيءَ جا تختا ڳنڍي ۽ پراڻين ڳوڻين جو پردو ٽنگي، ھڪڙي ننڍڙي جھوپڙي کڻي اڏي وڌي ھئي. کليل ۽ ھوادار، اس ۽ روشني بنا جھل جھڪ جي منجھس پئي اچي. ويجھو ئي بجليءَ جو ٿنڀو ھيو. جنھن جي بلب جي روشني، بلڪل جھڳيءَ تي پِئي پَئي. پاڻيءَ جو نلڪو به ڪو پري نه ھيو. ٻيو ته نه ڪرائي جي جھِڳ جھِڳ، نه ھر مھيني سيٺ جي گماشتي جون رڙيون ڪوڪون. اتفاق سان اوسي پاسي وارا پاڙيسري پڻ شريف ماڻھو ھيا ۽ مڙني جو پاڻ ۾ چڱو وقت پيو گذرندو ھيو.
بمبئيءَ ۾ عبدالڪريم کوڙ ڌنڌا بدلايا ھيا. آخر ۾، جڏھن ڪانگريسي حڪومت، شراب جي ممانعت جو حڪم جاري ڪيو ھيو ته عبدالڪريم جي لاءِ معاش جي ذريعي جي ھڪڙي مستقل صورت پيدا ٿي پئي ھئي. ايڪسائيز جي عملي، ديسي شراب ٺاھڻ وارن ۽ بنا پرمٽ جي شراب پيئڻ وارن سان سندس سٺا تعلقات ھيا ۽ ھيءُ انھن ٽنھي جي مناسب خدمتن عيوض پنھنجي لاءِ ٻه اڍائي سؤ روپيا ماھوار ڪمائي وٺندو ھيو. ڪراچيءَ پھچڻ کان پوءِ، ھن وڏي ڳولھا ڦولھا ڪئي ته خبر پيس ته مملڪت خداداد جي گاديءَ واري ھنڌ ۾ ته حال في الحال شراب جي حرمت جو حڪم نازل نه ٿيو آھي.
اھو ڏسي، سندس دل ۾ گھڻن ئي وسوسن ڪَرُ کنيو. جڏھن ته ھو چور بازار ۾، شراب جو ڪاروبار ڪري وٺندو ھيو پر ھو ان کي حرام شيءِ ضرور سمجھندو ھيو. ٻيو ته ھن پاڻ ڪڏھن ان کي چپن تي به نه آندو ھيو. جڏھن ڪانگريسين، شراب تي پابنديءَ جو قانون مڙھيو ته ھيءُ پنھنجي سنگتين آڏو وڏيون وڏيون ڊاڙون ھڻندو ھيو ته؛ ”ھندن اھا ڪم جي ڳالھ مسلمانن جي مذھب مان سکي آھي.“ ليڪن جڏھن ڪراچيءَ ۾ اھا بگڙيل حالت ڏٺائين ته کيس وڏو ذھني صدمو رسيو. ھن ماڻھن کان ان متعلق کوٽھڙا ڏئي پڇيو به، ليڪن ڪو به کيس دلي طرح مطمئن نه ڪري سگھيو. نيٺ ھڪ ڏينھن، جڏھن ھو حڪيم نجيب الله خان جي شفاخاني تي ڊاڙون ڊش ھڻي رھيو ته ڳالھين ڳالھين ۾ شراب جو مسئلو ڇڙي پيو. حڪيم صاحب، پنھنجي محلي ۾ وڏو جيد عالم تصور ڪيو ويندو ھيو ۽ دوا درمل کان علاوھ مسئلن مسائلن سان به خلق خدا جي خدمت ڪندو ھيو. عورتن ۾ ھسٽريا جي مرض جو بنا دوا جي، محض روحاني وسيلن سان ڇڏرائڻ وارو سندن اھو خيال، پڻ ڪمال ھيو. عبدالڪريم جا شڪ شڪايتون ٻڌي، حڪيم صاحب مرڪيو ۽ عقلي، برھاني ۽ قرآني زاوين سان شراب تي وڏي فصاحت ۽ بلاغت سان روشني وڌائين. ھر امر ۾ نيڪي ۽ بديءَ جون راھون ھونديون آھن. انسان جو ڪمال اھو آھي ته ھو بديءَ کان منھن موڙي ۽ نيڪيءَ کي اختيار ڪري. اھڙيءَ طرح شراب جا به فائدا ۽ گناھ، سندس سامھون آھن. اتي به انسان جي اختيار جي قوتِ جو امتحان آھي. شراب تي قانوني بندش مڙھي، انسان کي انھيءَ امتحان کان محروم ڪرڻ، سراسر مشيت ايزديءَ جي خلاف آھي.
عبدالڪريم تي انھن تفسيرن جو وڏو اثر ٿيو ۽ اسلام، ايمان ۽ قرآن جا نوان نوان راز مٿس کلڻ لڳا. ”عائشہ جي ماءُ!“ ھن چيو؛ ”غلاميءَ جي زندگي به ڪا زندگي آ ڀلا؟ پنجاھ ورھيہ ٿي ويا ڀيڻسان انھيءَ بمبئيءَ ۾ رھندي. نمازون به پڙھيم، قرآن شريف به سکيم. پر ڇا مجال آ جو ڪڏھن سيني ۾ ڪا ايماني چڻنگ به دکي ھجي. ھاڻ ھتي اچي نوان نوان راز کلڻ لڳا آھن. سچ چوندا آھن ته؛ ايمان جو مزو به آزديءَ سان آھي.“
”انھيءَ لاءِ ته حديث شريف ۾ آيو آھي ته؛ غلام ملڪ ۾ جمعي جي نماز تائين به جائز ناھي.“
شراب واري طرف کان مطمئن ٿي، عبدالڪريم ٻين گھڻن ڪاروبارن ڏانھن ڌيان ڌريو. ليڪن کيس چور بازاريءَ وارا تجربا ڪم ۾ آڻڻ جي ڪٿي به ڪا صورت نظر نه آئي. شراب آ ته کليو کلايو پيو وڪامي. اٽو آ ته سر عام چئين آني سير جي حساب سان ڍيرن جا ڍير پيو ملي. ڪپڙي جي به ڪا کوٽي ڪا نه. کنڊ پڻ عام آ. ھاڻ چور بازاري ٿئي ته ڪنھن جي سھاري ٿئي؟ پھرين ھن پان ٻيڙي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ آئس ڪريم ۽ فروٽ جي ٺيلھن تي قسمت آزمايائين. ان کان پوءِ ڪپڙي جو ھڪڙو ننڍڙو ھٽڙو کوليائين. گذر سفر جيترا پئسا ته ھر ھنڌئون نڪري پيا ايندا ھيا. ليڪن زندگيءَ جو پيارو مٺاس ختم ٿي ويو ھيو ۽ سڌو سنئون دڪان تي ويٺي ويٺي عبدالڪريم جي دل بيزار ٿي ويندي ھئي. ھو ڪنھن خطرن سان ڀرپور، ڳجھ ڳوھ ۾ ھلندڙ ڌنڌي جو ڳولائو ھيو، جنھن جو تجربو، ھن زندگيءَ جا بھترين سال وڃائي، حاصل ڪيو ھيو. ليڪن في الحال ان جي ڪا صورت نظر نه پئي آيس. ان ڪري سندس دل ۽ دماغ تي سدائين ھڪ مستقل بيزاريت ڇانيل رھندي ھئي.
بمبئيءَ ۾ جيڪڏھن ڪنھن ڪارڻ مٿس بيزاري ۽ مايوسيءَ جو حملو ٿيندو ھيو ته دل وندرائڻ جي لاءِ .... جي ڪوٺي تي راڳ ٻڌڻ لاءِ ھليو ويندو ھيو.
ڪراچيءَ ۾ آئي کيس ڪيترا ئي مھينا گذري ويا ھيا ۽ ھن ھتان جو چپو چپو ڪري گھميو ھيو. ليڪن ھيستائين کيس ڪٿي به ان بازار جو ڪو نانءُ نشان ئي نظر نه آيو ھيو، جتي ھو گھڙي سوا لاءِ وڃي ڪو دل جو بار ھلڪو ڪري اچي. ھن کوٽ کوٽان ڪئي ته ڄاڻ مليس ته چڪلن تي قانوني بندش لڳل آھي. جيئن بمبئيءَ ۾ شراب بند آھي، تيئن ڪراچيءَ ۾ رنڊين جو پيشو منع آھي. عبدالڪريم، وڏي دل جي صفائيءَ سان اھا خبر عائشہ جي ماءُ کي ٻڌائي ۽ ٻئي گھڻي دير تائين فٽ پيريءَ تي، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو، کٽ تي ويٺي قرآن ۽ ايمان جون روح پرور ڳالھيون ڪندا رھيا.
چڪلن جي سلسلي ۾ جيڪا تحقيقات عبدالڪريم ڪئي ھئي، ان دوران مٿس ھيءَ حقيقت به چٽي ٿي وئي ھئي ته ان ميدان ۾ بليڪ مارڪيٽ جا وڏا امڪان آھن. سندس ڪن اھڙن ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿي وئي ھئي جيڪي انھيءَ واپار ۾ وڏي پھچ رکندڙ ھيا. ٻيو ته عبدالڪريم جي جھونن تجربن جي بنياد تي، کيس ٺيڪ ٺاڪ ڪميشن جي عيوض، پنھنجي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ آتا ھيا. ھڪڙي ڪاڻي دلال ته شايد عائشہ کي به ڪاٿي ڏسي ورتو ھيو، جنھن تي ان راءِ ڏني ته اگر عبدالڪريم ساڻس ڀائيچارو ڪري ته ھو جلد ھزارن جا نه، بلڪ لکن جا مالڪ ٿي ويندا. جڏھن عبدالڪريم کي سندس نيت جو پتو پيو ته ھن پادر لاھي انھيءَ ڪاڻي کي سر عام ڦيھ ڏني. ان رات مسجد ۾ وڃي، سڄي رات سجدي ۾ ڪري پيو ۽ روئندو رھيو ته سندس دل ۾ اھڙي نيچ ڪم جو خيال به آيو! يا غفور الرحيم! اھا انھيءَ ڪڌي خيال جي سزا آھي جو ھاڻ ماڻھو سندس عائشہ ڏانھن به اک کڻي ڏسڻ لڳا آھن. يا الله توبہ، يا الله توبہ.....
ساري رات، خشوع ۽ خضوع سان استغفار ڪرڻ پڄاڻان عبدالڪريم جي دل گلن وانگر ھلڪي ڦلڪي ٿي وئي. اسر ويل اڃا اوندھڙي ھئي جو ھيءُ واپس گھر موٽيو ته جوڻس انتظار ڪري ڪري تڏي تي ئي سمھي پئي ھئي. عائشہ، فجر جي نماز کان واندي ٿي، قرآن جي تلاوت ڪري رھي ھئي. سندس آواز ۾ وڏو درديلو سوز ھيو. ٻيو ته جڏھن آھستي آھستي قرآت سان خدا جو ڪلام پڙھندي ھئي ته فضا ۾ ھڪ قسم جو عجيب عرفان ڇانئجي ويندو ھيو. عبدالڪريم ماٺ ڪيو ھڪڙيءَ ڪُنڊڙيءَ ۾ ويٺو ٻڌندو رھيو ۽ سوچيندو رھيو ته ڇا اھو معصوميت جو فرشتو آھي، جنھن جي متعلق ھڪڙي بدمعاش دلال، بدڪاريءَ جي ھوس ڪئي ھئي.
عبدالڪريم جي توبہ ۽ استغفار، وڏو اثر ڏيکاريو. ڪپڙي جو دڪان، چڱو ھلي پيو ھيس. ڏسندي ئي ڏسندي پير الاھي بخش ڪالونيءَ ۾ ساڍن چئن ھزار روپين ۾ ٻن ڪمرن وارو پڪو گھر خريد ڪري ورتائين. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھيو جو عائشہ جي ماءُ کي پنھنجي ملڪيت جو گھر نصيب ٿيو ھيو. ھوءَ ان کي شيشي وانگر چمڪائي رکندي ھئي. ڏينھن ۾ ڪيترا ئي گھمرا ته سيمنٽ جو فرش ڌوپندو ھيو. ڀتيون ڇنڊبيون ھيون ۽ صبح شام اندر ٻاھر فينائيل جو ڇڻڪار ٿيندو ھيو ته جيئن مکيون اندر نه اچي سگھن. اسر ڌاري، اونداھي منھن، عبدالڪريم جي زال ته گھر جي صفائيءَ ۾ کُپي ويندي ھئي ته عائشہ وري ورانڊي ۾ ويھي قرآن پڙھندي ھئي. عبدالڪريم دير تائين پنھنجي بستري جي ماحول جي عرفان ۾ ڳڱ لڳو پيو ھوندو ھيو. آنن، اوڦراٽن ۽ چانھين جي نيرن ڪري، جڏھن ھو دڪان کوليندو ھيو ته سندس ظاھر ۽ باطن، گھڻا مطمئن ۽ سَرھا ھوندا ھيا.
ھلندي ھلندي عائشہ لاءِ نياپا به اچڻ لڳا. جنھن ڏينھن سندس مڱڻو ٿيو، ھوءَ بي اختيار سڄي رات مصلي تي ويٺي روئندي رھي. رخصتيءَ واري ڏھاڙي تي ڪيترا ئي دفعا روئندي روئندي بيھوش ٿي وئي. عبدالڪريم ۽ عائشہ جي ماءُ جو به ساڳيو حال ھيو. عائشہ جو مڙس بجنور جو مھاجر ھيو ۽ ٽنڊو آدم ۾ ڀلاوڻيءَ جو دڪان ھيس. جنھن ڏينھن ھوءَ ساھرين وئي ته ڄڻ عبدالڪريم جو گھر ئي سنسان ٿي ويو. ٻئي ڏينھن، معمول مطابق، سندس اک، منھن آنڌاريءَ جو کلي. ليڪن ويرانڊي ۾ عائشه جو آواز نه ٻڌي، پاسو ورائي سمھي پيو. جڏھن ھو سج چڙھئي اٿيو ته سندس بت ۾ وڏو آرس چڙھيل ھيو. جيئن آفيميءَ جي آفيم جو يا شرابيءَ جي شراب جو ويلو گسي ويو ھجي. بي دليو ھٿ منھن ڌوتائين، نيرن ڪيائين ۽ ڪپڙا لٽا مٽائي، ھٽ تي ھليو ويو. ھٽ تي به سندس دل ڀڳل ڀڳل ھئي. جنھن ڪري ھٽ کي معمول کان اڳ بند ڪري، ھو دل وندرائڻ خاطر، گھمڻ لاءِ نڪري ويو. رات جو ڏاڍو دير سان موٽيو ۽ مانيءَ کان بغير سمھي پيو.
ھاڻ سندس عادت ٿي وئي ھئي؛ صبح جو دير سان اٿڻ، گھڻو دير سان نيرن پاڻي ڪرڻ، ڏينھن پورو ڪري ھٽ تي وڃڻ، وري اڌ اڌ رات ڪري گھر موٽڻ. ھلي ھلي ھن ھٽ ھلائڻ لاءِ نوڪر رکيا ۽ پاڻ سڄو سڄو ڏينھن سمھڻ ۽ سڄي سڄي رات ٻاھر رھڻ لڳو. شام ٿيندي ئي سندس اڱڻ تي گھڻن ئي قسمن جي دلالن جو ميڙو مچي ويندو ھيو. منجھن اھو ڪاڻو دلال به ھيو، جنھن کي عبدالڪريم ھڪ ڏينھن سر عام پادرن سان ڪٽيو ھيو.
ھڪ اڌ دفعو عبدالڪريم جي زال انھن ماڻھن متعلق پڇا ڳاڇا ڪيس ته ڏاڍي صفائيءَ سان ٽاري ويس.
”عائشہ جي ماءُ! ھاڻ مون ھڪ اڌ ٻيو به واپار کوليو آھي. الله گھريو ته وڏي ڪاميابي ٿيندي. تون ٿورو تڪڙ ۾ ھنن مھمانن لاءِ چانھ پاڻي ته موڪل.“
عبدالڪريم جا نوان واپار به چمڪي پيا ھيا. ڇھن ستن مھينن ۾ پير الاھي بخش ڪالونيءَ وارو گھر ڇڏي بندر روڊ تي ھڪڙو ٻه-ماڙ بنگلو وڃي خريد ڪيائين. مُک دروازي تي ”سيٺ عبدالڪريم بمبئي والا“ جو بورڊ به لڳي ويو. سواريءَ لاءِ موٽر ڪار به اچي وئي ۽ گھر ۾ ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر به رکجي ويا. ھاڻ عائشہ جي ماءُ کي به وڃي واندڪائي نصيب ٿي ۽ ھوءَ اڌ اڌ رات جو اٿي تھجد پڙھندي ھئي.... ۽ پنھنجي ھڪ ھزار ھڪ مڻين واري تسبيح تي الله جي ھڪ سؤ نوانوي نالن جو ورد ڪري، پنھنجي مڙس جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گھرندي ھئي.
ھڪڙيءَ رات، جيڏي مھل عبدالڪريم گھر آيو، ته عائشہ جي ماءُ پيرن کي زور ڏيندي چيس؛ ”اڙي ٻڌئي! مون چيو ته ڪجھ ٻڌين ٿو؟!“
”ڇا ڳالھ آ عائشہ جي ماءُ؟!“ عبدالڪريم، بي ڌيانو پڇيس. سڄي ڏينھن جي ھڻ وٺ کئون ھو گھڻو ٿڪل ٽٽل ۽ ھِچِ ھيو.
”خير سان ٽنڊو آدم کان ماڻھو آيو ھيو. الله خير ڪري! تنھنجي ڌيءُ تي خدا جي وڏي رحمت ٿي آھي. ايندڙ مھيني تون به نانو سڏرائيندين.“
”الله تعاليٰ جو شڪر آ. عائشہ جي ماءُ، ايندڙ جمعي رات، يتيم خاني جا ٻار گھرائي، کين کاڌو کارائي ڇڏجانءِ. مون کي ڪم جي ھڻ وٺ ۾ الائي ياد رھي الائي نه رھي. تون ضرور ياد رکجانءِ ۽ ٻيو ته... عائشہ جي ماءُ، ٿورا گھڻا زيور ذرڙا ۽ ڪپڙا لٽا به ٺھرائي رک! جڏھن تون گيھ ۽ کچڙي کڻي ويندينءَ ته خالي ھٿين ته نه ويندينءَ نه! الله جو احسان، ھاڻ ٻه پئسڙا آيا آھن ته تون به پنھنجي ڌيئڙيءَ تي پنھنجون حسرتون ۽ شوق پورا ڪر!“
”اڙي ھان!“ عائشہ جي ماءُ آڪڙجي چيس؛ ”اھي تون ڳالھيون ڪھڙيون ٿو ڪرين. مان ڀلا گيھ ۽ کچڙي کڻي ڪاڏي رلندس. منھنجي ڌيئڙي، الله بچائيس وڌائيس، وڏي الھڙ ۽ اڻڄاڻ آ.... مون کيس ڏينھن پورا ڪرڻ لاءِ، ھتي گھرايو آيو. الله گھريو ته پرينھن ٻپھريءَ واري گاڏيءَ مان اچي لھندي. تون به ڪار ڪاھي ھلجانءِ. اسان عائشہ کي ٽيشڻ تان وٺڻ ھلنداسين.“
اھا خبر ٻڌي، عبدالڪريم پنھنجي بستري تي اٿي ويھي رھيو. سندس اکين تي ڪوريئڙي جون تانيون وڪوڙجي ويون ۽ کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ گھر جا در، دريون ۽ ڀتيون سندس چيٻارا ڪڍي چوندا ھجن؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي. عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي.....“
ھو سڄي رات، ھنڌ تي پاسا ورائيندو رھيو. صبح جو معمول کان اڳي اٿي ويٺو. وھنجي سھنجي، ڪپڙا مٽائي، نيرن ڪيائين ۽ سڌو پنھنجي دڪان تي وڃي ويٺو. سندس نوڪر، جيڪو پوين اٺن مھينن کان، اڪيلي سر ھٽ کي پنھنجي دل گھريي طريقي سان پيو ھلائيندو ھيو، سو ڌڻيءَ کي ايندو ڏسي گھٻرائجي ويو. ليڪن عبدالڪريم، ليکي چوکي جي ڪا ڳالھ ڪيس ئي ڪا نه. ھو سڄو ڏينھن گم سم ويٺو رھيو. سندس گھڻا تڻا دوست، کيس ڳوليندا اچي اتي به پھتا. ليڪن ھو ڪم جو بھانو ڪري، مڙني کي موٽائيندو رھيو. ٽيپھريءَ ڌاري، اھو ڪاڻو دلال به عادت سارو، کيس ڳوليندو، اچي اتي پڳو. سندس شڪل ڏسندي ئي عبدالڪريم آپي کان ٻاھر ٿي ويو. لوھي گز کڻي، چرين وانگر مٿس اُلريو.
”خبردار! اگر منھن جي ھٽ تي چڙھئين ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندوسانءِ! ڀيڻسان حراميءَ سڄي ڪراچيءَ ۾ گند ڦلھوري ڇڏيو آ.... وڃ! ٽر ھتان! ور نه ته پوليس کي ٿو خبر ڪيان. ڀيڻسان دلَّو!.....“
شام ٿيندي ئي ھٽ بند ڪري، عبدالڪريم، سڌو مسجد ۾ ھليو ويو ۽ گھڻي دير تائين سجدي ۾ ڍاڍيون ڏئي روئندو رھيو. دعا جا ڪلما، رڪجي رڪجي سندس زبان تي آيا پئي، ليڪن چپن تي دھلجي بيھي پئي ويا. جيئن ڪو ڪبوتر، پنھنجي آکيري تي وري وري اچي ۽ ان کي ويران ڏسي، ڦڙڪيون ڏئي واپس ھليو وڃي.
شايد عبدالڪريم، سجدي ۾ پِئي پِئي ئي سمھي پيو ھيو. ڇو جو جڏھن ڪنھن کيس سڏ ڪري جاڳايو ته فجر جو وقت ٿيو ھيو. ٻانگو ٻانگ ڏئي رھيو ھيو. ننڊ جي کيپن ۾ عبدالڪريم کي ائين محسوس ٿي رھيو ھيو ڄڻ اھو ٻانگ جو آواز نه ھجي، بلڪ ڏور ڪٿان گھڻو پري کان ڪو سڏي چوندو ھجي؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي.....“

*** 

اڌڙ - گلزار

اڌڙ - گلزار

اڌڙ
(ريختہ ڪھاڻي)

سڀئي کيس ”اڌڙ“ ڪري سڏيندا ھيا. پورو ڇا، منو ڇا، بس اڌڙ. قد جو بندرو جو ھيو. خبر ناھي ڪنھن نالو رکيو ھيس. ماءُ پيءُ ھجنس ھا ته انھن کان پڇون ھا. جڏھن کان سانڀر سان ٿيو آھي، اھو ئي نالو ٻڌو ھيائين ۽ اھو به نه ته ڪو ڪڏھن کيس ڏک به ٿيو ھجي. ھر وقت پنھنجي موج ۾ رھندو ھيو.
گدري واري چيس؛ ”اڌڙ! ٿورو دڪان کي ڏسجانءِ مان ماني کائي ٿو اچان.“ ۽ اڌڙ ڏاڍي مزي سان ڏنڊي ھٿ ۾ ڪيون ويھي رھندو ۽ ھوڪا پيو ڏيندو؛ ”اچو! اچو! مصريءَ جون تڙون آھن!“
ڏس ته ڪڏھن گدرا پيو کپائيندو، ڪڏھن ڪتل ته ڪڏھن نانيءَ کي حڪيم کان ھاضمي جي سُتي ڦَڪي پيو آڻي ڏيندو. ٽين منزل واري ڪيشواڻيءَ جي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏي ايندو ۽ ماڌو مستريءَ کي ڪڏھن مزور نه مليو ته اھو سِرُن ڍوئڻ وارو ڪم به ڪري وٺندو.
--
مگر مڙني کان مزو، کيس ايندو ھيو ڄڃ اڳيان نچڻ ۾. ڄڃ ڪنھن جي به ھجي، اُڙي ٿُڙي به اتان اچي لنگھي ته ھيءُ پنھنجي ھڪڙي ميل جي جُوءِ ۾، اڳيئون اڳيئون پتڪڙا پتڪڙا ھٿ لوڏائيندو، پِستڙين پِستڙين ڄنگھڙن تي ٺينگڙا ٽَپڙا ڏيندو نچندو ويندو. ان ڏھاڙي اتئون ورقن ڪٽڻ واري الياس جي ڄڃ اچي نڪتي ته ھيءُ به عادت سارو اڳيئون اڳيئون نچندو ھلڻ لڳو ته پنڊت ٽوڪيس؛
”اڙي او اڌڙ! مسلمانن جي ڄڃ ۾ پيو ٿو نچين؟“
ھوا ۾ ھٿ ڪُڏائيندي اڌڙ چيس؛ ”دھل ته ٻنھي جو ٿو وڄي ۽ ساڳيان ئي وڄندو آ.“
اڌڙ، ٻارھن سالن جي ٻارن سان کيڏندو ته انھن جو سَنُ پيو ڀاسندو. جڏھن ٻار، اسڪول ھليا ويندا ته ھو سوسائٽيءَ جي وچ واري باغ ۾ مالھيءَ سان گڏجي، نم جا سڪل پن ڪٺا ڪندو ۽ رات جو پروفيسر صاحب جي اوطاق مان ماچيس کڻي اچي انھن کي باھ ڏيندو.
ھڪ دفعي پروفيسر صاحب، کيس ھڪڙو پراڻو ڪوٽ ڏنو. اڌڙ، ٻاھر اچي ڏٺو ۽ مالھي چاچا کي ڏئي ڇڏيائين؛ ”ٻوري جو ٻورو ڏئي ڇڏيائين پائڻ لاءِ، ھن ۾ ته مون جھڙا ٽي ماپن.“
ڇترپور سوسائٽيءَ جي پنجن بلڊنگن ۾ رھڻ وارن اسي آڪھين جا لڳ ڀڳ سوا ٽي سؤ ماڻھو ھيا. ۽ اڌڙ، ج ۽ خ جي ٽٻڪن وانگر، منجھن پيو گھمندو ھيو. ڪنھن جو ڪم، ھن کان بغير، رُڪندو نه ھيو مگر ھن کان سواءِ چُرندو به نه ھيو. اڌڙ نه ھيو ته ڄڻ ھو پورا نه ھيا. جيئن ڀريل تريل گھر کي، ڌاريل ٻلي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيندي آھي. ائين ئي ھن، ڇترپور سوسائٽيءَ کي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيو ھيو.
--
ليڪن ڪالھ ھو مڙني کي سُڃو ڪري ويو. ڇورو ڪري ويو. ڪمپائونڊ جي اندر ڪٺي ٿيل انبوھ کي پروفيسر، رڙيون ڪري چئي رھيو ھيو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ ٿا سڏيو، ڏسو، ڏسو، اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل آھي.“
اھا ڳالھ ڀل ته ڪالھ جي ھجي. مگر اصل ڳالھ سُري ٻه سال اڳي.
اصل ڳالھ کان به اڳي ھڪڙي ڳالھ ٿي ھئي ۽ اھا به ڪا گھٽ اصلي نه ھئي. مگر ان جي باري ۾ گھٽ ماڻھو ڄاڻندا ھيا.
ڇترپور سوسائٽيءَ جي مڙني کان موچاري ڇوڪري راڌا ڪملاڻي، ان ڏھاڙي ھيرگنج جي علائقي کان آئي پئي ته ٽن غنڊن اچي سندس اڳ ورتو. ھڪڙي اک ھنيس، ٻئي سينڍ ھنيس، ٽيون ڪلھو گَسائي اڳتي نڪري ويس. ڇوڪري ويچاري ھيسجي وئي. پري گھٽيءَ جي مُھڙ وٽ کيس ھڪڙو ھيولا نظر آيو ته ھن وڏي واڪ رڙ ڪئي؛ ”اڌڙ!“
ھن آواز ٻڌو ته ڀڄندو آيو.
راڌا، سندس ھٿ پڪڙيو؛ ”اڌڙ! ٿورو مون کي گھر تائين ته ڇڏي آ.“
اڌڙ کي ڳالھ جو سُرُ سمجھڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. شينھن ٿي ويو. راڌا کي ٻانھن کان پڪڙي چوڻ لڳو؛ ”ھل! مان آھيان نه!“
پوءِ ھو انھن ٽنھي غنڊن جي وچئون وچ، راڌا کي ائين ڪڍي آيو جيئن ھوا جو جھوٽو لڳي نڪري وڃي.
مگر اھا رات، اڌڙ کي ننڊ نه آئي. پھريون ڀيرو کيس لڳو ته سندس عمر اٺاويھ سال آھي. ورندي ڏينھن تي ھن، اسڪول جي ٻارڙن سان کيڏڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪپڙا استري ڪرائي پائڻ لڳو. تبديلي، ماڻھن به ڏٺي ۽ راڌا پڻ. ھن صرف کلي ڏنو؛ ”ھائو ڪيوٽ!“
اڌڙ کي ڄڻ زندگيءَ ۾ نئين ڪرت ملي وئي؛ باڊي گارڊ جي، رکوال جي؛ راڌا کي وڻي. ھو صبح ڌاري، کيس ڪاليج تائين ڇڏي ايندو ھيس. ڪڏھن ڪڏھن ٿورا ڪتاب به کڻندو ھيس. ڪڏھن ڪڏھن شام جو پھچي ويس ۽ موٽ تي ساڻُ وٺيو آيس، ليڪن ھڪ ڏينھن راڌا سندس دل ڀڃي ڇڏي.
ھوءَ جڳديش سان ملڻ ويندي ھئي، جتي اڌڙ ئي کيس ڇڏي ايندو ھيو. مگر جڳديش کي اھا ڳالھ نه آئُڙي. ھن اعتراض ڪيو ته راڌا کيس ڇڙٻ ڏني؛ ”ڇي ڇي!... ھن تي ٿو شڪ ڪرين؟ ھن اڌيڪي مرد تي!!“
بس ان کان اڳتي اڌڙ وڌيڪ نه ٻڌو. تِن ئي پيرن تي موٽ کاڌائين. ايندي ئي گھٽيءَ ۾ ستل ھڪڙي ڪتي کي ڪٽڻ شروع ڪيائين. گھڻو ماريائينس ۽ ڄڻ پاڻ ئي زخمجي پنھنجي کوليءَ ۾ وڃي ڦان ٿي سمھي پيو.
ورندي ڏينھن کان پوءِ، سندس رويو مٽيل ھيو. ماڻھن کي ڏاڍي تپرس لڳي. جنھن به کيس ڪو ڪم چيو، اڌڙ پڇيس؛ ”پئسا ڏيندين؟“
”پئسا؟ تو کي وري پئسا ڪاڏي ڪرڻا آھن؟“
”ڪاڏي به ڪيان ...! ڇا به ڪيان...!“
ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ، اڌڙ جي صندوقڙيءَ ۾، ڀانت ڀانت جا نوٽ ۽ سڪا ڪٺا ٿي ويا.
--
اھا، اصل ڳالھ کان، اڳي جي ڳالھ آ. ۽ اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته ڇھن مھينن کان پوءِ راڌا پرڻجي وئي.... ڏاڍيان ڏاڍيان رِڪاٽَ پئي وڳا ۽ موڙ کئون بينڊ جي وڄڻ جو آواز اچي رھيو ھيو. اڌڙ لاءِ برداشت ڪرڻ، ڏاڍو مشڪل ٿي ويو. ھن جا ڦيراٽا کائيندڙ ھٿ پير، ڦَرڪڻ لڳا. ھو زھل مئون اٿيو، صندوقڙيءَ مان سمورا پئسا ڪڍيائين ۽ ڇترپور سوسائٽيءَ جي بلڊنگ-سيءَ جي تيرھين نمبر فلئٽ جو دروازو وڃي کڙڪايائين. تيرھين نمبر فلئٽ ۾ ستيہ رھندي ھئي. اڪيلي ۽ بدنام. ڇترپور جا سمورا ماڻھو چاھيندا ھيا ته اُھا اتئون ھلي وڃي، ڇو جو گھڻا ماڻھو راتين جو گاھ بيگاھ، سندس فلئٽ منجھئون نڪرندي يا اندر ويندي ڏٺا ويا ھيا. اڌڙ، اھو سڀ ڪجھ ڏٺو ھيو، سمجھيو به ھيائين مگر چپ ھيو.
۽ اڄ، خبر ناھي فلئٽ جي اندر ڇا ٿيو، مگر اڌڙ، پورن ستن ڪلاڪن پڄاڻان، ستيہ جي گھرئون نڪتو، تڏھن جڏھن راڌا جي ڏولي رواني ٿي چڪي ھئي.
ان کان پوءِ اڌڙ، اڪثر اتي وڃڻ لڳو. ماڻھن کي ڏاڍو اگرو لڳو ته ستيہ، اڌڙ سان واسطا رکڻ مان به نه مُڙي. ۽ اھا ڳالھ کانئن ھضم نه پئي ٿي ته جنھن عورت سان سندن واسطا ھجن، تنھن سان ھن بندرڙوءَ جا به واسطا ھجن، پوءِ ڀل اھا رنڊي ئي ڇو نه ھجي. بس! ستيہ جي خلاف ڄڻ پوري سوسائٽي ٽامڻي ٿي وئي...
ھڪ ٻن نوجوانن، اڌڙ کي ته ڪٽڪو به چاڙھيو....
اڌڙ، باھوڙجي اٿيو.... مار کائي، وري وڃي ستيہ وٽ پھتو.
ھوءَ بستري تي ليٽي پئي ھئي. شايد ٿورو بيمار ھئي. اڌڙ، سڌو سنئون، بنا رک رکاءَ جي چئي ڏنس؛ ”ستيہ! مان تو سان پرڻجڻ ٿو چاھيان!“
ستيہ ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ”ھون“ چئي، ٻئي طرف، پاسو بدلائي ڇڏيائين.
اڌڙ، زور سان کيس ٻانھن مان پڪڙي، پاڻ ڏانھن ويجھو ڪيو؛ ”ڇو؟ مون سان پرڻجي نه ٿي سگھين؟ مان ماڻھو ناھيان؟ ڇا تون به مون کي اڌڙ ٿي سمجھين؟“
ستيہ، اک وتائي ڏٺس ۽ چيائينس؛ ”مون کي سمھڻ ڏي! منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي!“
اڌڙ جي ھٿ مان ستيہ جي ٻانھن ڄڻ ڇڏائجي وئي؛ ”ٺيڪ آ! پوءِ مر! جھنم ۾ وڃ!“
اھو چئي ھو مُڙيو، ٺڙاڪ سان پنھنجي پويان دروازو بند ڪيائين ۽ ڏاڪڻيون لھي ويو.
--
اصل ڳالھ اھا به ناھي. ڇو جو ان کان پوءِ به پوري سال تائين اڌڙ ڇترپور سوسائٽيءَ ۾ ترسيل ھيو... اُڙيون ٿُڙيون خبرون، ستيہ جي باري ۾ ملنديون رھنديون ھيس. بلڊنگ-سيءَ وٽان لنگھڻ، ھن ڄاڻي واڻي گھٽ ڪري ڇڏيو ھيو....
ڪنھن کيس ٻڌايو؛ ”ستيہ کي پٽ ڄائو آھي ۽ اھا ڳالھ ڇترپور سوسائٽيءَ جا ماڻھو برداشت نه ٿا ڪري سگھن. ستيہ جي سِرَ جي ڪڍ پئجي ويا آھن؛ ھن کي ڪڍو، فلئٽ ڇڏايوس!“
وري به ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ستيہ ڇھ مھينا کن ڪڍي وئي.
۽ اھا ھاڻي ڪالھ جي ڳالھ آھي ته اڌڙ، پنھنجي راشن جو ٻورو، پٺيءَ تي کنيو، ڪمپائونڊ ۾ گھڙيو ھيو. ھن ڏٺو ته بلڊنگ-سيءَ جي ھيٺان وڏو ھنڀ لڳو پيو آھي. ھن پڇيو به ڪو نه، تنھن ھوندي به ڪنھن ٻڌايس؛ ”ستيہ زھر کاڌو آ.“
اڌڙ، ڇوھائيءَ سان مٿي ڀڳو. کانئس اھو به وسري ويو ته پٺيءَ تي راشن جو ٻورو به سٿيل آ، جيتوڻيڪ ان کي ھي ڇڏي به سگھيو ٿي....
خبر ناھي ڇو، ماڻھو کيس رستو به ڏيندا ويا...
۽ نيٺ ھو تيرھين نمبر فلئٽ جي دروازي تي پڄي ويو. ھن ڏٺو، ستيہ جو لاش، اڃا پلنگ تي ئي پيو ھيو ۽ ڇھن مھينن جو ٻارڙو، لاش سان کيڏي رھيو ھيو.
سڄي ڪمپائونڊ ۾ پروفيسر جو آواز وڄي رھيو ھيو؛ ”ھيءُ ٻار، اوھان منجھان ڪير پنھنجو ڪندو؟ توھان ۾ ايتري ته انسانيت آھي ته چندو ڪري لاش کي ساڙي ڇڏيندئو... مگر ھن ٻار کي.... مان پڇان ٿو، ڪير پنھنجو ڪندو؟“
سموري جا سمورا، بت بڻيا بيٺا رھيا.
اچانڪ، اڌڙ جي ھٿئون راشن جو ٻورو، ترڪي ھيٺ ڪري پيو. سمورا کيس تڪيندا ئي رھجي ويا...
ھُن پيرُ پيرَ ۾ ڏئي وڃي ٻارڙي کي کنيو ۽ بغير ڪنھن ڏانھن ڏسڻ وائسڻ جي، ان کي ڪلھي سان لائي، ميڙ مان لنگھي، سوسائٽيءَ جي ڪمپائونڊ مان ئي ٻاھر ٽپي ويو.
پروفيسر جو آواز اڃا وڄي رھيو ھيو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ سڏيندا ھيئو، ڏسو، ڏسو اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل...“

*** 

سنٻنڌ - گلزار

سنٻنڌ - گلزار

سنٻنڌ
(ريختہ ڪھاڻي)

لالا جي کي ان ڳالھ جي کڻڪ پئجي وئي ته؛ لالائڻ، مٿي جا وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن ۽ کانئس پڇيائين به نه.
پوئين مھيني سندن نونھ، پيڪي وئي ھئي ته سس کي به ساڻ وتيون وئي ھئي، دھليءَ. جيئن ٽرين ۾ ھنج واري ٻار کي سنڀالڻ ۾ سھنجائي رھي.
لالا جيءَ کان پاڻ مايا ديويءَ پڇيو ھيو؛ ”نونھ چوي پئي، دھليءَ ھلڻ لاءِ، وڃان؟“
”ھا! ھا! ضرور وڃ! ٽرين جي گڙديءَ ۾ ويچاري نونھ ڪيئن سنڀاليندي ٻارڙي کي؟“
سندن نونھ ”مُنيءَ“ جو پيءُ، رٽائرڊ ڪرنل آھي. منيءَ جا ٻه ڀائر پڻ فوج ۾ وڏن عھدن تي آھن. ڪرنل صاحب جو پارٽين ۾ اچڻ وڃڻ، اڄ به ساڳئي نموني ھلندو پيو اچي. ظاھر آ، سندس زال به، سندس اسٽائل ۾ رھندي آھي. ماڊرن آ، اسٽائلش آ. ان وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن. ھن واري ته، مايا ديويءَ جا به ڪٽرائي ڇڏيائين.
ٻن ھفتن پڄاڻان، بمبئيءَ موٽي ته لالا جي ڏسي دنگ رھجي ويو؛ ”ھي وارن جو ڇا ڪيو تو؟“
”سيڻن ڪٽرائي ڇڏيا. پاڻ وانگر ٺھرايائين.“ اھو چئي مايا کلي ضرور، ليڪن ھڪڙو پاڇو جيڪو سندس مڙس جي اک آڏو گذريو، تنھن کان ڊڄي وئي. پنھنجي مڙس جون اکيون سڃاڻندي ھئي. اٺيتاليھن سالن جو رياض ھيو. ڦِڪائيءَ سان چوڻ لڳي؛ ”وري رکندس. وڌي ويندا.“
لالا جي ماٺ ميٺ ۾ اندر ھليو ويو ۽ اوطاق ۾ وڃي ويھي رھيو.
رات جي مانيءَ تي به سندس موڊ مونجھو مونجھو رھيو. منوج پڇيو. منيءَ به بس ڪنڌ ڌوڻيو؛ ”ڪجھ ناھي.“
مايا ديويءَ جڏھن پڇيس... ”طبيعت ته ٺيڪ آ نه؟“ ته جواب ڪجھ ٻيو ڏنائينس؛ ”تنھنجا وار ته ڏاڍا سٺا ھيا. سھڻا ھيا. ڪٽرائي ڇو ڇڏيئي؟“ ڪو به جواب نه مليس ته چيائين؛ ”۽ تو.... مون کان پڇيو نه.“
منوج ٽھڪ ڏيندو ڪمري ۾ گھڙيو؛ ”ابي کي اڃا تائين امڙ جي وارن جي ڳڻتي لڳي پئي آ. ستر ٻاھتر جو ٿي ويو ليڪن مزاج مان عشق نه ويو اٿس.“
مني، وڏي ڇوڪريءَ کي ڦڻي ڏئي رھي ھئي. ٽھڪ ڏئي پڇيائينس؛ ”ابوءَ جي ڇا لو ميريئيج ٿي ھئي؟“
”نه! امڙ جو پرڻو ته منھنجي آڏو ٿيو. سندس ماءُ پيءُ ڪرايو ھيو.“
”مطلب؟...“
”ٻنھي گھرئون ڀڄي، ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ھئي. چئن پنجن سالن کان پوءِ مان ڄائس. منھنجي ڄمڻ کان پوءِ ٻنھي جي ماءُ پيءُ معاف ڪيو ۽ ٺاھ ٿي ويو.... امان مون کي وٺي پيرينٽس (پيڪن) سان ملڻ ھلي ته انھن ابي کي گھرئون ڪڍي ڇڏيو، اھو چئي ته ٻچا! وڃ! ھاڻ ڄڃ وٺي آ، تڏھن ڇوڪري ڏينداسين. تڏھن ٻيھر شادي ٿي ھئي، انھن جي. مون کي ياد ته ناھي ليڪن... خبر آھي. تصوير به آ.
لالا ھيم راج کي، ماني کائڻ کان پوءِ، پنڌ جي پراڻي ھير پيل ھئي. جھٽ سوا ٽُلڪڻ لاءِ، ٻاھر ھليو ويندو ھيو. موڙ تئون ھڪڙو پان ٺھرائيندو، پنھنجي طرح جو. عمر سان گڏ سوپاري ضرور گھٽجي وئي ھئي، ليڪن ان ڏھاڙي ھو پان واري جي ھٽ تان اڳڀرو ئي موٽي آيو. ايترڙي ڳالھ خبر ناھي ڇو، ڀنئور وانگر سندس سوچ ۾ اٽڪي پئي ھئي. ... سنٻنڌ ته آھي. ان کي حق کڻي چئو. وارثي چئو.. ڪو مناسب لفظ مليس ڪو نه. ائين لڳي رھيو ھيو، سندس ڪا وڏي قيمتي شيءِ چوري ٿي وئي ھجي.
جڏھن منوج ڄائو ھيو ته پھريون دفعو سندس وارثيءَ کي چھڪ آيو. دل پشوري ڪندي زال کي چيو ھيائين؛ ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، پاڻ ئي ڪپڙا ڪڍي پائيندس. تون پنھنجي پٽ کي ويٺي ڏس. ايندي ئي ھنڌ ڌار ڪرائي ڇڏيو آ، ان چپٽڙيءَ جيتري ڇوري!“
”چپٽڙيءَ جيترو نه چوينس! اٺن پائونڊن جو پٽ ڏنو ٿيمانءِ!“
”ليڪن اھو ته ٻڌاءِ ته پايان ڇا؟ ھلٽن صاحب وٽ وڃڻو اٿم!“
”نيڪ ٽائي ته ھرگز نه پائجانءِ! تنھنجي ڳچيءَ ۾ ڄٽڪي ٿي لڳي. اسڪارف پائي وڃجانءِ!“
وري پنڪي ڄائي ته ٿورو چھڪُ اڃا سجيھ آيو، سندس وارثيءَ کي. ماني، نوڪرياڻيءَ جي ھٿ جي ملڻ لڳي. ليڪن دال کي تڙڪو مايا پاڻ ڏيندي ھئي. ڪير ٻيو ڏئي ته کيس ٿڏي تي خبر پئجي ويندي ھئي. مايا ديويءَ کي ان ڳالھ تي ڏاڍو فخر ھيو. ھڪ دفعي دال مان، ڊگھو وار نڪتو. لالا جيءَ نوڪرياڻيءَ کي ئي ڪڍي ڇڏيو. مايا کي چيائين؛ ”تنھنجو وار ھجي ھا ته مان ٻٽونءَ ۾ سانڍي رکان ھا. ليڪن مان ان نوڪرياڻيءَ جو وار سھي نه ٿو سگھان. کيس چئو؛ ڪم ڪرڻو اٿس ته مٿو ڪوڙائي اچي.“
”اڙي! ھي ڇا! سھاڳڻ آ ويچاري! اھا مٿو ڇو ڪوڙائي؟ رنڙ آ ڇا؟“
”ته پوءِ ڪو نوڪر رک!“
تڏھن کان نوڪر ئي گھر ۾ رھيو... ھاڻي سانجڻ ۽ رڌپچاءُ نونھ اچي سنڀاليو ته ھڪ ڏينھن کيس به چئي ڏنائين؛ ’ماني ٻوڙ ڪرڻ وقت، وار کليل نه رکجانءِ ڌيءَ! اکئين ٿا پون!‘“
منيءَ ڇڪي ڳُتَ ڪئي. ليڪن، ڳالھ مايا جي نظر کان بچي نه سگھي. ھوءَ سمجھي وئي ھئي ته اڄ تائين کانئس نوڪرياڻيءَ واري ڳالھ ھن وساري ناھي. ٻه چار ڏيھاڙا ته ڳالھ کل مذاق ۾ ٽرندي رھي. امڙ دل ئي دل ۾ پَڏي پئي ته لالا جي ھن ڪراڙپ ۾ به پنھنجو عشق پيو ڏيکاري. رٺو ٿو رھي، ليڪن ٿورا ڏينھن اڃا گذريا ته سڀني ڏٺو ته ابو ته امڙ سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ويو آھي. مايا پڻ اٻاڻڪي رھڻ لڳي. ڪراڙپ جو روسامو، کين جوانيءَ کان وڌيڪ سر کڻندڙ لڳو. کاڌي جي ميز تي سڀئي ملن، پر لالا جي چپ چاپ ۾ ماني کائي اٿي ۽ پنڌ لاءِ نڪري وڃي. پنڌ به ٿورو ٿيڻ لڳو. مايا پڇيس ته ورندي ڏنائينس؛ ”ھاڻي جلدي ٿڪجي ٿو پوان!“
ھڪڙي ٻُسائپ رھڻ لڳي گھر ۾. ساڻ ھڪ دٻيل دٻيل ڇڪتاڻ پڻ شروع ٿي وئي. کاڌي جي ميز تي ويٺي منوج چيس؛ ”بابا! اوھان عينڪ جو فريم مٽايو. اڄڪلھ نوان نوان ڊزائين پيا ملن...“
”ھيءَ ڊزائين تنھنجي ماءُ جي پاس ڪيل آ، يار!“
”امان جي؟“ منيءَ حيرت مان پڇيو.
”ھا! ان کي گول فريم سٺو نه لڳندو ھيو. مان چورسو ورتو. وري ڪاري فريم تي اعتراض ٿيو کيس، ته مون برائون وٺي ڇڏيو.“
ھڪ ڏينھن مانيءَ تي ويٺي ويٺي ڇرڪي مايا ڏانھن ڏٺائين؛ ”اڄ تڙڪو تو ڏنو آ؟“
مايا جو چھرو، ڳاڙھو ٿي ويو. نونھ پڇيو.. ”اوھان کي ڪيئن خبر پئي؟“
”اڙي ڌيءَ! تو واري سس جي ڏنل تڙڪي ۾ مون کي سدائين سندس ھٿ جي سرھاڻ اچي ويندي آ.“
ليڪن سندس خاموشي، چڪ ھنيو بيٺي رھي. جڏھن دٻيل دٻيل پڇا ڳاڇا جو اثر نه ٿيو ته منيءَ ھڪ ڏينھن چٽائيءَ سان معافي ورتس؛ ”مون کان غلطي ٿي وئي بابا! مان، پنھنجي ماءُ کي روڪي نه سگھيس، ۽ امان به مڃي ته وئي.“ ھوءَ ٻنھي کي امان سڏيندي ھئي. پنھنجي ماءُ کي به، سس کي به.
منوج پرچائيندي چيس؛ ”ڪا ڳالھ ناھي، بابا! وار آھن، وري وڌي ويندا.“
ھڪ دٻيل مرڪ سان بابو جيءَ چيس؛ ”ڳالھيون ڏاڍيون معمولي آھن. نه ٿيڻ سان، ڪا دنيا ھيڏانھن جي ھوڏانھن نه ٿي ٿئي. ليڪن زندھ رھڻ وارو رَسُ، بڻيل رھندو آ. بس. اسان ڪراڙا ٿي ويا آھيون، ھڪٻئي کان ڌاريا ته نه ٿي ويا آھيون....“
سڀان تي بابو جيءَ چيو؛ ”مان ٿورڙن ڏھاڙن لاءِ، پنڪيءَ وٽ رھي ٿو اچان... ٿوري طبيعت-مٽ ٿي ويندي.“
پنڪي، جبل پور ۾ پرڻيل ھئي. ٿورڙي بحث پڄاڻان، سڀئي مڃي به ويا. منوج ته مذاق به ڪيس؛ ”ٺيڪ آ. تيستائين امان جا وار ٿورا اڃا ڊگھا ٿي ويندا.“
امڙ سمجھايس......”ڌيءَ وٽ گھڻا ڏينھن نه ترسجانءِ... جلدي موٽجانءِ!“
ٻئي ڏينھن لالا جي، ٽرين ۾ روانو ٿي ويو.
ٻه ڏينھن، چار ڏينھن، ڇھ ڏينھن، ھفتو گذري ويو. ليڪن لالا جي جبل پور نه پھتو. مڙني کي ڳڻتي وٺي وئي. دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن وٽ ڳولا شروع ٿي وئي. خدا نه ڪري ڪو حادثو نه ٿيو ھجي، واٽ تي. ڪجھ ٿئي به ھا ته لالا جي خبر ته ڪري ھا. ڪو مناسب سبب، سندس گم ٿي وڃڻ جو سمجھ ۾ نه آيو. ڏاڍو مايوس ٿيڻ پڄاڻان، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ اخبارن ۾ تصوير ڇپائي وئي... مگر ڪو پتو کُرو نه مليو. پريشاني، ان حد تي وڃي پڳي ته ممڪن يا ناممڪن، ھر طرح جا خيالَ ذھن مان گذرڻ لڳا.
اڍائي مھينا گذري ويا ۽ ھڪ ڏينھن اوچتو ھڪڙو خط مليو. بدري ناٿ جي ڪنھن آشرم مان. لالا ھيم راج سخت بيمار آ. سندس حالت ڏاڍي نازڪ ھئي ۽ آشرم جي ڪنھن پنڊت، سندس ڊائريءَ تان پتو ھٿ ڪري خط لکي ڇڏيو ھيو.
سمورا ماڻھو ستت بدري ناٿ وڃي پھتا.... بس، ٿورڙي دير ٿي چڪي ھئي. ساڳيءَ صبح جو، ان جا پساھ پورا ٿيا ھيا.
ڏاڙھي وڌيل ھئس. وار وڌي، جٽائون ٿي ويا ھيس. تڏيءَ تي پيو ھيو، بلڪل سنياسي لڳي رھيو ھيو.
مايا ديويءَ چوڙيون ڀڃي ڦٽي ڪيون ۽ سندس ڪن جي ويجھو وڃي پڇيائين؛ ”ھاڻ ٻڌاءِ... وار ڪٽرايان؟ ھاڻ ته ٺوڙھ ڪرائڻي پوندي. رنڙ آھيان نه!“
۽ ھن گھمري لالا جيءَ کان پڇي، ڪراڙيءَ مٿو ڪوڙائي ڇڏيو.

***


ڪنھن جي ڪھاڻي - گلزار

ڪنھن جي ڪھاڻي - گلزار

ڪنھن جي ڪھاڻي
(ريختہ ڪھاڻي)

ايڏو وڏو نالو آ انوءَ جو!
تڏھن خبر پئي جڏھن اسڪول جي مئگزين ۾، سندس ڪھاڻي ڇپي. انل ڪمار چٽوپاڌيا، ڇھون درجو!
تڏھن کان ڪھاڻيڪار ٿيڻ جو شوق ھيو کيس. ڪھاڻيون سٺيون سرجنديون ھيس. ۽ مون کي ته ھميشہ کان يقين آھي ته شاعر يا اديب ھجڻ، ڪنھن خدائي دَينِ جي ڳالھ آھي، ور نه ته ھر ڪو شاعر نه ٿي وڃي. انوءَ ۾ اھا ڳالھ ھئي جيڪا وڏن وڏن فنڪارن کي ڄائي ڄم کان ملندي آ.
اسان جڏھن اٽي ڏڪر کيڏندا ھياسين، تڏھن به انو مڙني کان الڳ ٿلڳ ويٺو ڪاپيءَ تي ڪجھ لکندو ھيو يا سوچيندو رھندو ھيو. مون کي وري اھو ڄاڻڻ جي لوري لڳل ھوندي ھئي ته انوءَ جي دماغ ۾ ڇا ھلندو ھوندو؟...... ڪيئن ھو خلا ۾ ھڪڙو ڪردار جوڙي ٿو ۽ ان کي آڏو پيل پني تي اتاري ٿو وٺي؟ پوءِ اھو ھلڻ گھمڻ ٿو لڳي. انو، جتي دل چويس ٿي، اتي کيس موڪلي ٿو ڇڏي. جيڪو چاھي، سو کانئس ڪرائي ٿو وجھي ۽ جٿئون جٿئون اھو لنگھي ٿو، ڪھاڻيءَ جو پلاٽ جڙندو ٿو وڃي. واھ! اھي ڪھاڻيڪار به ڪمال جا ھوندا آھن. جنھن کي چاھين، ماري ڇڏين، جنھن کي چاھين زندگي ڏئي ڇڏين. آھي نه خدائيءَ جھڙي ڳالھ!
---
انو کِليو!
اھا ڪاليج جي زماني جي ڳالھ آ. ”ائين ناھي. منھنجا ڪردار من گھڙت ناھن ۽ اھي منھنجي وس ۾ به ناھن بلڪ مان انھن جي وس ۾ رھندو آھيان.“
انو ھاڻي ڳالھ به ليکڪن جي طرز تي ڪندو ھيو. سندس ڪھاڻي جڏھن ”پرتاب“، ”ملاپ“ يا ”جنگ“ جي سنڊي ايڊيشن ۾ ڇپجندي ھئي ته مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو ھيو. مون اخبار، امان کي ڏيکاري.
”ھي ڏس!... انوءَ جي ڪھاڻي. انل ڪمار چٽوپاڌيا، سندس نالو آ.“
”اڇا! ٻڌاءِ ته سھي.“
مون ڪھاڻي پڙھي ٻڌائي امان کي. ھڪڙي غريب موچيءَ جي ڪھاڻي ھئي. امان جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا؛
”اڙي اھا ته پنھنجي پاڙي جي بيکو موچيءَ جي ڪھاڻي ھئي. ان جي ماءُ سان ائين ٿيو ھيو.“
اھا مون کي به خبر نه ھئي. ليڪن مون ھڪدم انوءَ جا لفظ ورجائي ڇڏيا.
”سندس ڪھاڻيون من گھڙت نه ھونديون آھن، امان! ھو ڪردار پيدا نه ڪندو آھي بلڪ پنھنجي ماحول مان ڪردار چونڊيندو آھي. جنھن جي لاءِ رڳو اک ۽ ڪن نه، سوچ ۽ سمجھ جون ڳڙکيون پڻ کولي رکڻيون پونديون آھن.“
امان ڏاڍو متاثر ٿي. شايد منھنجن جملن تي، جيڪي انوءَ جا ھيا.
گھٽيءَ ۾ ھڪڙو وڏو ڄمونءَ جو وڻ ھيو. ان جي ھيٺان ويھندو ھيو، بيکو موچي! سڄي پاڙي جون جتيون وٽس اينديون ھيون. ۽ انوءَ جو ته اھو اڏو ھيو. ڪپڙا ڀلي ڪيترا به ميرا نِڪُ ھجنس، سينڊل باقي واھ جو چمڪيل رکندو ھو انو.
بيکو، پنھنجي گھسيٽي کي چپل جي آڱوٺي ۾ ٽاڪو ھڻڻ سيکاري رھيو ھيو. مون جڏھن بيکي جي ڪھاڻي، کيس ٻڌائي ته سندس نڙي گھوگھرجي وئي.
”اسان جا ڏک ڏولاوا، ھاڻ اوھان ماڻھو ئي ته سمجھندئو پٽ! ھاڻ اوھان نه ڄاڻندئو اسان جي ڪھاڻي، ته ٻيو ڪير ڄاڻندو؟“
انوءَ جو رتبو، ان ڏينھن کان مون لاءِ اڃا اوچو ٿي ويو. ھو سچ پچ ته ڄائي ڄم جو اديب ھيو.
---
ڪاليج پورو ٿيو ۽ مان دھلي ڇڏي بمبئيءَ ھليو آيس. مون کي نوڪري ملي وئي ھئي. ۽ انو، پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ”اوطاق“ تي، سندس ھٿ ونڊائڻ لڳو، جتان ھو آيورويدڪ ۽ ھوميوپئٿيءَ جون دوائون ڏيندو ھيو. ڪنھن سرڪاري کاتي ۾ ملازم ھيو. ليڪن صبح ۽ شام، ٻه ٻه ڪلاڪ پنھنجي اوطاق ۾ اھو دواخانو به ھلائيندو ھيو. انوءَ لاءِ گھڻين ئي نوڪرين لاءِ سفارش ڪرايائين، ليڪن ھڙ حاصل نه ٿيس.
مان ھڪ ڀيرو ڀيڻ جي پرڻي تي دھليءَ ويس ته ساڻس ملاقات ٿي. ڏاڍو بيمار ھيو. مون کي چوڻ لڳو؛ ”تون ئي ڪجھ سمجھاءِ انوءَ کي. ڪو ڪم ڪاڄ ڪري. ھي جڳ جھان جون ڪھاڻيون لکڻ سان ڇا ٿيندو؟“
مان ماٺ ۾ رھيس. ھو دير تائين، سيني مان کانگھارو ڪڍندو رھيو. پوءِ پاڻ ئي ڳالھايائين؛
”اھا حرامزادي ان جي پٺ ڇڏي ته ھن جي مت ٺڪاڻي اچي!“
مون انوءَ کان پڇيو؛ ”اھا حرامزادي ڪير آ؟“
چيائين؛ ”ڪھاڻيڪاري، بس ان کي ئي پيو گاريون ڏيندو آ ادو، ھو سمجھي نه ٿو. ھو جسماني روڳ جو علاج ڪندو آھي. مان سماجي ۽ روحاني روڳين جو علاج ڪندو آھيان. مان سماج جي ڏوس وھائيندڙ ناسورن تي پنھنجي ڪھاڻين جا پھا رکندو آھيان. اونداھيءَ ۾ ڀٽڪندڙ مظلوم انسانن جي لاءِ ڏيئا ٻاريان ٿو. کين پنھنجي ذھني غلاميءَ جون زنجيرون ڪپڻ جا ھٿيار مھيا ڪندو آھيان.“
---
منھنجي دل چيو؛ تاڙيون وڄايان. ھو گھڻي دير تائين ڳالھائيندو رھيو. ھن ٻڌايو، سندس پھريون ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ تيار آھي. ملڪ جي وڏن وڏن ادبي رسالن ۾ سندس ڪھاڻيون ڇپجي رھيون ھيون. گھڻي گھُرَ ھئي رسالن طرفان، ليڪن ھو مڙني لاءِ لکي نه ٿو سگھي. ھو ھڪڙو ناول به لکي رھيو ھيو. ليڪن ”اوطاق“ مان ايتري ويساند نه پئي سگھيس جو ان کي جلدي پورو ڪري سگھي. وڏو ڀاءُ ڏاڍو بيمار پيو رھي. ۽ سندس ٻه ٻارڙا آھن. ويچارن! انھن ٻنھي ٻچڙن کي وٺي به ھڪڙي ڪھاڻي سوچي رھيو ھيو.
سندس ڪچھريءَ ۾ ھاڻ وڏن وڏن ليکڪن جو مذڪور ٿيندو ھيو. ڪجھ نالا، منھنجا به ٻڌل ھيا. ڪجھ ھو ٻڌائي ڇڏيندو ھيو. سعادت حسن منٽو، احمد نديم قاسمي، ڪرشن چندر، راجندر سنگھ بيديءَ کان پوءِ ڪافڪا ۽ سارتر جو ذڪر، مون لاءِ بلڪل نئون ھيو. ڪجھ ڳالھيون ته منھنجي مٿي کان مٿان گذري ويون. ھو ڪھاڻين جا پلاٽ جوڙيندو ھيو. ھاڻ ھو ڪافڪا جي علامت نگاري ۽ سارتر جي وجوديت جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو ھيو. مون کي لڳو ته ڪھاڻي ڪاٿي پوئتي ڇڏائجي ويس. ليڪم انل ڪمات چٽوپاڌيا مون کي سمجھايو؛
”ڪھاڻي، صرف پلاٽ ڪي واقعن جي تفصيل ۽ ان مان پيدا ٿيل ڪردارن جي تعلقاتن جو ئي نالو ناھي، بلڪ ذھني حادثن جا تاثرات پڻ پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ڪھاڻيءَ ڄڻيندا آھن ۽ ان جي جمالياتي تصوراتن کي...“
ڳالھ منھنجي مٿئون گذري پئي وئي، ليڪن مان سندس تخيلات کان متاثر ٿئي بغير رھي نه سگھيس.
---
انل، ھڪڙي ڀيري بمبئيءَ آيو. ڪنھن رائيٽرز ڪانفرنس ۾ حصو وٺڻ لاءِ. سندس چار ئي صحي ٿيل ڪتاب، مون ڪٻٽ مان ڪڍي ڏيکاريس... مان دوستن کي اھي ڪتاب ڏيکارڻ ۾ ڏاڍو فخر محسوس ڪندو ھيس. ايڏي وڏي اديب جا ڪتاب! ۽ ھو ھاڻ مون وٽ ترسيل ھيو. مون ڀاڻس جي ٻنھي ٻارڙن واري ڪھاڻيءَ جي باري ۾ پڇيس؛ ”اھا لکيئي؟“
ھن ھڪ افسوسناڪ خبر ڏني. ”ڀاءُ گذاري ويو ۽ مٽن مائٽن مِڙي مُچي ٿي سندس بيوھ تي چادر وڌي. مون کي پرڻجڻو پئجي ويو. مان ھاڻ انھن ٻنھي ٻارڙن جو پيءُ آھيان....“
ڪجھ ڏينھن ترسي، انل واپس ھليو ويو.
ھاڻ مان سندس باري ۾ اڪثر اخبارن منجھ پڙھي وٺندو ھيس. جڏھن به ڪو نئون ڪتاب ڇپبو ھيس ته ھو مون کي ضرور موڪليندو ھيو.
---
سالن پڄاڻان، ھڪ ڀيرو وري دھليءَ وڃڻ ٿيو. مان پنھنجي ونيءَ کي به ساڻ وٺي ويو ھيس. کيس چيو ھيم ته پنھنجي ليکڪ دوست سان ضرور ملائيندوسانءِ!
ان ئي شام جو، ڄمونءَ جي وڻ ھيٺان، انو پنھنجو سينڊل پالش ڪرائي رھيو ھيو.... گھسيٽي کان... سندس اڏو اڃا به اتي ئي ھيو. ڳالھ وري نڪتي ڪھاڻيءَ جي.
”نئين ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو حقيقت جو بدلجندڙ تصور آھي. حقيقت صرف اھا ناھي، جيڪا ڏيکاري ڏئي ٿي. بلڪ اصل حقيقت اھا آھي جيڪا اک سان نظر نه ٿي اچي. ڪھاڻي صرف ھڪڙي منطقي رشتي جو نالو ناھي بلڪ ان ڪيفيت نالو آھي جيڪا ڪردار جي تحت الشعور ۾ پيدا ٿي رھي آھي....“
مان وات پٽيو، چپ چاپ ٻڌي رھيو ھيس.
انل چئي رھيو ھيو؛
”پوين پنجاھ ورھين ۾ وڏي تبديلي آئي آھي، اردو افساني ۾. اسان جي ڪھاڻيءَ، انھن پنجاھ ورھين ۾ ايڏي ترقي ڪئي آھي جا اسان ان کي دنيا جي ڪنھن به....“
گھسيٽي، چمڪندڙ سينڊل اڳيان ڪندي چيس؛
”ڪنھن جي ڪھاڻيءَ جي ڳالھ پيو ڪرين ڀاءُ! جن جي ڪھاڻي لکندو آھين، سي ته اتي جو اتي پيا آھن. مان پنھنجي ابي جي جاءِ تي ويٺو آھيان ۽ اوھان پنھنجي ڀاءُ جي اوطاق پيا ھلايو. ترقي، ڪھڙي ڪھاڻيءَ ڪئي....؟“
سينڊل ڏئي، گھسيٽو ھڪڙي چپل جي آڱوٺي جو ٽاڪو لڳائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.....!!!

***

جاگنگ ٽريڪ - سيد گلزار حسنين

جاگنگ ٽريڪ - سيد گلزار حسنين

جاگنگ ٽريڪ
(اردو، پاڪستان)

لڳاتار مھينو کن پارڪ ۾ اچڻ جي ڪري مان ماحول سان ھيراڪ ٿي ويو ھيس، جيڪو منڍ ۾ مون لاءِ، اوپرو اوپرو ھئڻ سبب، ڪوفت ۽ بيزاري پيدا ڪندو ھيو. ھاڻي گسائڻ تي دل نه گھرندي ھئي. پارڪ ۾ ڪو ھڪ اڌ ھم-ڪلاسي، ايڪڙ ٻيڪڙ به مليو ته مليو، تنھن جي به ملڻ جي پڪ نه. نه وري ان ۾ ڪا باقاعدگي ھئي ۽ نه ئي وري ڪا ساڻس ڊگھي ڪچھري ٿيندي ھئي. بس بيٺي پير، سليڪ عليڪ ٿي وئي ته ٿي وئي. منھنجي پنڌ ڪرڻ جو وقت اھڙو ھيو، جڏھن سج ٽُٻيءَ ۾ ھوندو ھيو ۽ ڏھاڙيءَ جي مسافريءَ سبب سندس چھرو ٿڪاوٽ کان ڳاڙھو ٿي چڪو ھوندو ھيو. گھڻا تڻا پکي، جيڪي ان ئي پارڪ جي گھاٽن وڻن جا باشي ھيا، سي روزي روٽيءَ جي ڳولا ۾ شھر جي گھٽين ۾ گھمڻ گھتڻ پڄاڻان، وڻن تي واھيرو ۽ شور ڪندا ھيا ته ڪڏھن ڪڏھن ڪن تي پوندڙ آواز، ٻڌڻ ۾ به نه ايندو ھيو. گھڻو شور جھرڪين ۽ ڪانون جو ھوندو ھيو. مون گھڻي ئي دفعا اتان لنگھندي، سوچيو ھيو ته ايڏو شور ڪھڙي ڳالھ تي پيا ڪن، ڪو ته ان جو سبب ھوندو. لاشڪ ته اھي سبب ۽ مقصد، مون کي سمجھ ۾ نه آيا. ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن تڙڪو اڃا ھوندو ھيو، ته ڍنڍ سان ننڍڙي ٽِٻي جي مٿئون ڪانءَ ۽ سرڻيون، لھندڙ سج ڏانھن منھن ڪري آرام سان ويٺا ھوندا ھيا. جيئن ئي اس گم ٿي، ھنن به اڏامَ ڀري.
گرمين جي موسم ۾، پارڪ منجھ، سير ڪرڻ وارن جو انگ اڃا وڌي ويندو ھيو. مختلف عمر جون مايون، مرد ۽ ٻار تڪڙو تڪڙو ھلندي، ھڪٻئي جي پرواھ نه ڪندي، پيچرن تي ڀڄ ڀڄان ۾ ھوندا ھيا. نوجوان ته پنڌ ھلڻ بجاءِ، گھڻو تڻو ڀڄندا گذري ويندا ھيا. ٿڪاوٽ جو نانءُ نشان به سندن مُکَ تي چٽو نه ھوندو ھيو. بلڪ پگھر سببئون سندن چھرن تي چمڪاھٽ پيدا ٿي پوندي ھئي، جيڪا سندن جوانيءَ جي چغلي ھڻندي ھئي. منھنجي پنھنجي چھري تي پڻ پگھر سببئون، اھڙي قسم جي چمڪاھٽ پيدا ٿيندي ھئي، ليڪن پاڻ کان ننڍي عمر وارن نوجوانن کان گھٽ.
ڪي مايون مرد، ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاھيو پيا ھلندا ھيا. مڙني کان نرالو ۽ وڏو ٽولو ستن مردن تي مشتمل ھيو. مڙئي عمر کائي چڙھيا ھيا، ليڪن ڏسڻ ۾ سڪما. ڍاري ڍاري ھلندا به ھيا ۽ لڳاتار ڪچھري به ڪندا ويندا ھيا. لڳندو ائين ھيو؛ ڄڻ کين ڄنگھن ساھڻ کان وڌيڪ، ڪچھريءَ سان دلچسپي ھجي. ٻه قطارون ٺاھي، اڳيان پويان ھلندا ۽ ڳالھائيندا ويندا ھيا. اگر پيچري تي اڳيئون ڪو ايندو ھين ته ان لاءِ وٿي ڇڏي ھڪ قطار ٺاھيندا ھيا ۽ ھلندڙ ڳالھ جو سلسلو ٽٽڻ نه ڏيندا ھيا. جھٽ گھڙي پيچري تي ھلڻ پڄاڻان، ويجھي ڪنھن بينچ تي ويھي رھندا ھيا. جھٽ سوا ساھي پٽڻ ۽ ھڪ ٻئي سان کل مذاق کان پوءِ وري پيچري تي پنڌ پوندا ھيا. منجھن ھڪڙو ڪراڙو، عجيب حليي جو ھيو. اڪثر اڇي قميص، ساڳئي رنگ جي پتلون ۽ جوتا به اڇا پاتل. قد، وچٿرو ھيس. ڄنگھون سنھڙيون ۽ پيٽ وڌيل. اڇي قميص، پيٽ وٽ سوڙھي. عمر، ستر ٻاھتر سال.
پھريون دفعو جڏھن منھنجي نظر، مٿس پئي ته ائين لڳو ڄڻ ھو پوئين جنم ۾ مڇي رھيو ھوندو. مھنجي واتان اڻ-لکو نڪري ويو؛ ”مڇي نما ماڻھو“. مون کي ان عجيب خيال جو ڪو خاص سبب به سمجھ ۾ به نه آيو. شايد سنھيون ڄنگھون ۽ وڌيل پيٽ ڏسي، منھنجي ذھن ۾ اھو اڍنگو تصور اڀريو. پنڌ دوران، ساڻن ٻه دفعا آمھون سامھون اچڻو پوندو ھيو. ھر چڪر ۾، منھنجي پھرين نظر، ان مڇي نما ماڻھوءَ تي پوندي ھئي. سندن ھڪڙو ٻيو جوڙيوال به ٿورو عجيب ھيو. اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھا وار، سي به ڪلھن تي وڇايل. اھو وري ڀوري رنگ جي گھيريدار ڪانئچ پائيندو ھيو. سياري ۽ اونھاري، ساڳئي رنگ جي اوني چادر سان پاڻ کي ويڙھيو وتندو ھيو. کيس منھنجي ذھن، ڪنھن ڏورانھين جھنگ جي ڪناري تي واقع اجڙيل مندر جو پروھت بڻائي ڇڏيو. اھڙي مندر جو، جنھن جا پوڄاري زماني جي ڏاکڙن سبب، اھو ڳوٺ يا علائقو ئي تياڳي ويا ھجن ۽ ان جو ھاڻي اڪيلو نگھبان ۽ پوڄاري اھو اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھن وکريل وارن وارو پروھت ئي رھجي ويو ھجي، جنھن جي ايمان ۽ وابستگيءَ، کيس مندر سان بيوفائي ڪرڻ نه ڏني ھجي. گھڻا دفعا ائين به ٿيو ته مان ان پروھت متعلق سوچيندو ھيس ته منھنجو ذھن ان پارڪ مان نڪري ويران مندر ۽ ان جي اوس پاس موجود وڏي ۽ گھاٽي جھنگل جي سير تي نڪري ويندو ھيو. جتي مندر کان ٿوري فاصلي تي موجود ھڪ اوچي پھاڙ مان وھندڙ چشمي جو پاڻي، جھٽ سوا انھيءَ پٿريلي ڪاراڻ مائل پھاڙ تي وھڻ پڄاڻان ھيٺ، ان جي پٿريلي دامن ۾ ڪري رھيو ھجي. انھن پٿرن تي، مٿئون کان ان آبشار جي ڪرڻ جو لاڳيتو شور ۽ چاندي نما ريٻڙي جون ڦڻگون. وري اھو پاڻي وھندو، مندر جي پاسي ۾ ٺھيل ھڪ ڍنڍ ۾ ڪٺو ٿيندو ھيو. اھا ڍنڍ ڪا وڏي به نه ھئي. لڳ ڀڳ پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦھليل ھوندي، جيڪا وري ھڪڙي نئن جي شڪل اختيار ڪري، جھنگ ۾ ئي غائب ٿي وڃي. ڍنڍ کان ٿوري فاصلي تي، ان ڳوٺ جي گھرن جا اھڃاڻ ھيا، جنھن جي رھاڪن اھو مندر اڏيو ھوندو. ايامن تائين اتي ديوي ديوتائن جا ڀڄن ڳاتا ۽ پرشاد ورھايا ويا ھوندا. دنيا جي محرومين مان آجائيءَ لاءِ، ياتري پرارٿنائون ڪندا رھيا ھوندا. مرادون پوريون ٿيڻ تي دھل ۽ نغارن جا آواز، جھنگل ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا ھوندا، سي به تڏھن، جڏھن ڪو پنھنجي باسيل سُکَ ماڻڻ پڄاڻان مٺائي ۽ ڪُٽي شڪراني طور ديويءَ جي چرنن ۾ رکڻ ايندو ھوندو. پوڄاري ۽ آيل ياتري، انھيءَ ڍنڍ جي صاف شفاف پاڻيءَ سان شنان ڪندا ھوندا. مندر جي درن ۽ درين تي ساوڪ ڦٽي آئي ھوندي. ڍنڍ سان گڏ ٺھيل پٿر جي ڏاڪڻين کي به جھنگلي ٻوٽا ۽ وليون چڱو خاصو ورائي ويون ھونديون. ٻيو ته انھن ڏاڪڻين، گھڻي وقت کان ڪنھن پوڄاريءَ يا ياتريءَ جي پيرن جو ڇھاءُ ئي محسوس نه ڪيو ھوندو، جيڪي ھتي اشنان ڪرڻ يا تن صفائيءَ پڄاڻان، مندر اندر ديوتائن جي چرنن ۾ نِمَڻ لاءِ پنھنجي پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ، انھن ڏاڪڻين تي ھلندا ھوندا.
ھاڻي فقط زمين تي سُرندڙ جيت جڙا ھيا يا ڪنھن قضا-نِئي ڪي جھنگلي جانور پاڻي پيئڻ واسطي، ھيڏانھن اچن ته ڪن ڏاڪڻين تي به اچي ويھن. ھن ڳوٺ ۾ ھاڻي، ڪجھ به باقي نه بچيو ھيو. ھا گھٽين جا اھڃاڻ موجود ھيا، ور وڪڙ گھٽيون ھاڻ به موجود ھيون. گھرن جون ڇتيون ۽ ڪوٺن جا دروازا ڪو نه ھيا، مگر بيٺل ۽ ڊٺل ڀتيون، گھٽين جي موجودگيءَ جو سبب ھيون. ھڪ ھنڌ ڳوٺ جي مرڪزي تنور جا اھڃاڻ ھيا. منھنجو ذھن، انھن سمورين جاين تي گھومتاريون ڪندو رھندو ھو. ڪيترا دفعا ته ھرڻن جي ٽوليءَ ۾ ھليو ويندو ھيو، جتي ٿوري فاصلي تي اس ۾ ليٽيل شينھن، کين تاڙيندي نظر ايندا ھيا. وڻن تي باندرن ۽ لنگورن جا ٽپا ۽ مستيون. جڏھن ذھن ان کنڊر مندر، جھنگ جھر، آبشارن ۽ ڍنڍ جي سير پڄاڻان موٽي پارڪ ۾ ايندو ھو ته ڪيترا دفعا اھو سوال ساڻُ کنيو ايندو ته اھو پروھت ڪڏھن کان ھتي سير ڪرڻ ايندو آھي؟ ڇا ھن انھيءَ مندر کي خيرباد چئي ڇڏيو آھي يا رات جو موٽي مندر ويندو آھي؟ اڪثر انھيءَ تخيلاتي سوال جواب تي مان مشڪي ڏيندو ھيس.
سندن گروپ ليڊر، ھڪڙو ڊگھو ھمراھ ھيو. ٺھندڙ جسم تي سھڻو لباس پاتل ۽ ھٿ ۾ لڪڻ ھوندو ھيس. اھو ڪو زميندار ھيو، جو اڪثر پنھنجي فصلن، گھوڙن ۽ ڍڳين مينھن جا قصا يارن کي ٻڌائيندو ھلندو ھيو. سندس پوکي راھي شايد سندس پٽن سنڀالي ھجي، جو جيڪي به واقعا ٻڌائيندو ھيو، سي اڳئين وقت جا ھوندا ھيا.
مان ڪيترا ئي دفعا ان ٽولي جي پويان پويان ھلندي، لاشعوري طور تي سندن پيرن تي ھلندو ھيس. ڪڏھن سندن رفتار کان ٿورو پوئتي ھٽي ھلندو ھيس، وري ڪڏھن اڳتي نڪري، ننڍيون ننڍيون وکون کڻي ھلندو ھيس ۽ سندن ڪچھري ٻڌندو ھلندو ھيس. اھي پنھنجي جواني، نوڪري، ڪاروبار، ٻارن ٻچن ۽ پوٽن ڏوھٽن بابت ڳالھيون ڪندا ھيا. منھنجي ان دوران ساڻن، ڪا به عليڪ سليڪ ڪا نه ٿي. ائين ٻه سال گذري ويا. البته پارڪ ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي. جنھن مان مون کي اھا سُڌ پئي ته پارڪ ۾ پنڌ ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪير ڪيترو پابند آھي. ھڪ ڏينھن، اھي سمورا گم ھيا. سندن مقرر وقت تي ڪو به نه آيو ھيو. مون سوچيو شايد پاڻ ۾ صلاح ڪري وقت مٽائي ڇڏيو ھجين. ٻئي ڏينھن جڏھن انھن جھونڙن جو ٽولو اڳيئون ايندو نظر آيو ته منجھن ”مڇي نما ماڻھو“ نظر نه آيو. سوچيم؛ شايد کيس ڪو ڪم ٿي پيو ھوندو يا طبيعت خراب ٿي پئي ھوندس. الائي ڇو منھنجي ذھن، پاڻمرادو ان معاملي ۾ اھو ئي ڪارڻ گھڙي ورتو. ٻئي ڏينھن به ھو نظر نه آيو. بلڪ ھو مون کي وري ڪڏھن به نظر نه آيو. لڳ ڀڳ ھفتو ته منھنجون نظرون کيس ڳولھينديون رھيون. پوءِ مون گمان ڪيو ته شايد گذاري ويو آھي. ٿوري عرصي پڄاڻان ان اجڙيل مندر وارو پروھت به گم ٿي ويو. کيس نه ڏسي مان ٿورو ڏکارو ضرور ٿيس.
انھن ماڻھن سان منھنجي ھڪ قسم جي اڻ-لکي وابستگي ٿي وئي ھئي. جڏھن پروھت کي ھڪ ھفتي تائين نه ڏٺم ته مون ھڪ ڏينھن ويجھو کان گذرندي کين سلام ڪيو، جنھن جي جواب ۾ سمورن وعليڪم السلام چيو. مون پروھت جي نه اچڻ جو ڪارڻ پڇين ته ان زميندار افسوس منجھئون جواب ڏنو ته؛ ’اھو انتقال ڪري ويو.‘
”اوھ! مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو!“ جنھن جواب جي توقع ھئي، سو ٻڌي، مون پڻ ڏکاري شڪل ٺاھي چيس؛ ”کيس ڇا ٿيو؟“
”ڪو خاص سبب نه ھيو!“ ڊگھي ھمراھ مشڪندي چيو؛ ”جنھن عمر جي حصي ۾ اسان آھيون، اتان ٻئي جھان ۾ وڃڻ لاءِ ڪنھن خاص وجہ جي ضرورت نه پوندي آھي. ھڪڙو معمولي بھانو ئي ڪافي آھي. جيئن ڪنھن وڻ جو زمين تي ڪريل سڪل پن، ھوا جي ھلڪي جھونڪي تي اڏامي، ڪٿان جو ڪٿي ھليو ويندو آھي. رب مٿس ٻاجھ ڪري.“
مان وک وڌائي، اڳتي نڪري ويس.
ان واقعي کان ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، مون کي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، ملڪ کان ٽي سال ٻاھر رھڻو پيو. جڏھن موٽيس ته ھڪڙي ھفتي تائين ته ڪي مصروفيتون رھيون ۽ مان پارڪ وڃي نه سگھيس. ان کان پوءِ وري باقاعدگيءَ سان وڃڻ لڳس. پارڪ ۾ گھڙندي ئي، سڀ کان پھريون خيال مون کي انھن ڪراڙن جو آيو. مون کين ڏسڻ ۽ سندن خير خيريت ڄاڻڻ پئي چاھي. ٿوري دير کان پوءِ پري کان ايندي، نظر آيا. معمول مطابق سندن ڊگھو ليڊر، مڙني کان اڳيان ھيو. ويجھو اچڻ تي مون پھريون دفعو بيھي، ساڻن ملڻ چاھيو. ليڊر، پھرين منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. پوءِ سِڪَ مان ڳراٽڙي پاتائين؛ ”اوھان گھڻي وقت کان پوءِ نظر آيا آھيو. مون کي ڳڻتي ٿي پئي ھئي. حالانڪ اڃا تائين مون کي اوھان جي نالي جي به خبر ناھي!“
مون ورندي ڏنس؛ ”مان ملڪئون ئي ٻاھر ھليو ويو ھيس.“ وري کلندي چيومانس؛ ”ھونئن به ھڪ دفعي پنھنجي ساٿيءَ جي وفات تي اوھان چيو ھيو ته ان عمر ۾ مرڻ لاءِ ڪنھن خاص سبب جي ضرورت نه ھوندي آھي ۽ مان اڃا ان عمر ۾ پھتو ناھيان.“ مون واري ان گفتي تي اسان ٻئي مشڪياسين. ان کان پوءِ مون سندس ٻين ساٿين سان ھٿ ملايو. ليڪن منجھن سندن پراڻن ساٿين مان ھڪ به نه ھيو. ھيءُ سمورا ھمراھ، زميندار سان انھن گذريل ٽن سالن ۾ اچي شامل ٿيا ھيا.
گھڻو زمانو ٿي ويو آھي، ان زميندار کي به دنيا ڇڏئي، ليڪن جھونڙن جو ھڪڙو ٽولو اڄ به قائم آھي. ھاڻ سندن اڳواڻ، ھڪڙو بت ۾ ڀريل، وچولي قد ڪاٺ ۽ لڳ ڀڳ ۶۵ سال عمر جو ھمراھ آھي. مان پوين ٿورڙن ڏھاڙن کان محسوس ڪري رھيو ھئس ته اھي مون کي ڪا ڳالھ چوڻ چاھين ٿا ۽ مون کي اندازو ھيو ته ھو مون سان ڇا ٿا ڳالھائڻ چاھين. مڄاڻ مان اھا ڳالھ کانئن ٻڌڻ نه پئي چاھي. ٿورڙا ڏھاڙا ته مان کانئن لنوائيندو رھيس.
ھڪ ڏينھن انھن مون کي روڪي ورتو ۽ چيائون؛ ”سائين منھنجا! ھاڻ اوھان عمر جي جنھن حصي ۾ آھيو، ان ۾ اڪيلو واڪ ڪرڻ، بيزاريءَ جو باعث به آھي ۽ ان ۾ حفاظت به ناھي. ساھ تي ڪو اعتبار ناھي. اگر اوھان اسان سان شامل ٿيڻ مناسب سمجھو ته اسان کي خوشي ٿيندي.“
مون سندن ڳالھ مڃي ورتي.
پگھر ۾ ڇَلِ، مشڪندڙ ۽ چمڪندڙ چھرن وارا نوجوان ڀڄندي، اسان ڏانھن ڏسندي گذري ويندا آھن. جيئن وھندڙ وقت گذري ويو. مان ڪيترا ئي دفعا سوچيندو آھيان: ”انھن جوان ماڻھن جي ذھنن ۾ مون لاءِ تصور ڪھڙو اڀرندو ھوندو؛ مڇي نما ماڻھو يا پروھت!“

***

(”پٿر چھري“ تان ترجمي سان کنيل)






انجنيئر عبدالوھاب سھتي جا ڇپيل ڪتاب

انجنيئر عبدالوھاب سھتي جا ڇپيل ڪتاب

• تخليق / تحقيق
۱. ھِراس (ڪھاڻيون) آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
۲. جڏھن بُت ئي چوي ڪافر (ڪھاڻيون) نومبر ۱۹۹۲ع
۳. ھٿَ جِي وڍِي (ڪھاڻيون) ۱۹۹۹ع
۴. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲ع
۵. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
۶. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
۷. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
۸. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
۹. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون جُون ۲۰۱۶ع
۱۰. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ڊسمبر ۲۰۱۶ع
۱۱. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون اپريل ۲۰۱۷ع
۱۲. گهاگهر منجهه ساگر (ھندڪو پھاڪا ۽ چوڻيون) جنوري ۲۰۱۸ع
۱۳. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۱۹ع
۱۴. پهاڙي آخاڻ (پهاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون) آڪٽوبر ۲۰۲۰ع
• تاليف/ ترتيب/ تدوين/ترجمو
۱. عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر جنوري ۲۰۰۶ع
۲. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
۳. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
۴. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع
۵. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون جولاءِ ۲۰۱۵ع
۶. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع
۷. چونڊ سنڌي چوڻيون فيبروري ۲۰۱۷ع
۸. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون آگسٽ ۲۰۱۷ع
۹. پهاڪن جي پاٻوھ اپريل ۲۰۱۸ع
۱۰. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
۱۱. شاھ جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر فيبروري ۲۰۲۱ع
۱۲. سوکڙي ڳالھين جي مارچ ۲۰۲۱ع
۱۳. سک وندي (ترجمو ڪھاڻيون) ڊسمبر ۲۰۲۲ع



ڏاھپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپرايل ڪتاب

1. لفظن جي خوشبو .......................................... احسان دانش (120 رپيا)
2. خط خوشبو خواب ......................................... فياض لطيف (ختم)
3. ڏات ڏيئا ٻاريا .................................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
4. Prayer Of Poetry ......................Shaikh Ayaz/ShafqatWadho (ختم)
5. ڀڳت ڪبير جا دوها ... مترجم: پروفيسر عطاء اللھ ابڙو (ختم)
6. ساهت ڏيهه جا سرجڻهار .................................. رضوان گل (ختم)
7. پيار جي پهرين بارش ...................................... رضوان گل (ختم)
8. رباعياتِ عمر خيام .... مترجم: پروفيسر عطاء اللھ ابڙو (ختم)
9. مون ڏات انوکي آندي آ .................. مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
10. ناهيون ............................................. غلام مصطفى ناهيون (ختم)
11. ڏوري ڏٺم ڏيهه ................................................. عاشق منگي (ختم)
12. واءُ وکيريا خيال ............................................. رياضت ٻرڙو (150 رپيا)
13. تنقيدون ۽ تجزيا ................... پروفيسر نذير احمد سومرو (160 رپيا)
14. نديءَ جو گيت ...... خليل جبران/پروفيسر عطاء اللھ ابڙو (200 رپيا)
15. سپنن جو انت .................................................... رضوان گل (150 رپيا)
16. گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار ........... مختيار سمون (80 رپيا)
17. موهيو مون کي جن .............. پروفيسر نذير احمد سومرو (140 رپيا)
18. آبشار .................... جبران خليل جبران/شفقت حسين وڌو (120 رپيا)
19. جيون جو سفر ............................... پروفيسر منظور ڇڄڙو (240 رپيا)
20. سُک وندي ............. سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سہتو (300 رپيا)
[ رابطي لاءِ: 03337533011 ]
***