شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

ارپنا

ارپنا


آءٌ پنهنجو هيءُ پهريون قلمي پورهيو
ارپيان ٿو پنهنجي جيجل امڙ:
حميده بيگم
۽ والد عبدالرحمٰن سهتو جي نالي.

امداد سهتو

سنڌسلامت پاران :

سنڌسلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر امداد سھتي جي غزلن جو مجموعو ”وڃايل ريت ۾ پيرا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ شعور پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امداد سھتي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران:

اداري پاران:

امداد سھتو پنھنجي ھن شاعريءَ جي پھرين مجموعي ”وڃايل ريت ۾ پيرا“ جي ڇپجڻ سان نئين حوالي طور ادبي دنيا ۾ اڀري آيو آهي.
امداد سھتي جي هن مجموعي ۾ مڪمل غزل ئي آهن، جيڪي جديد غزل جو رنگ پَسائي رهيا آهن. سندس غزل موضوع جي حوالي سان وسيع آهي. سندس غزل فني حوالي سان پختا آھن.
امداد سھتو اهو ڀاڳوند شاعر آهي, جنھن کي هر طرف کان محبتون ئي محبتون مليون آهن، جنھن جو ثبوت سندس ھي شعري مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ مختلف ناليوارن شاعرن ۽ اديبن جا رايا امداد سھتي جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڏنل آهن، جيڪي پڻ سندس شعريت ۽ شخصيت جي حوالي سان سگهارا تعارف آهن.
امداد سھتي جي شاعريءَ جو پھريون ڳٽڪو ”وڃايا ريت ۾ پيرا“ شعور پبليڪيشن حيدرآباد جي طرفان ڇاپپندي ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچائيندي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي. اميد تہ پڙهندڙن وٽان مثبت موٽ ملندي.

اصغر شر
شعور پبليڪيشن حيدر آباد
03033831967
Asgharshar14@gmail.com

پنھنجي پاران:

پنھنجي پاران:

هڪ وفادار محبوبه

شاعري من جي موسمن جي ڪڻ ڪڻِ آهي جيڪي ماڻهوءَ جي اڌڙ ڌمي سان پوندي آهن. شاعري گونگي جا اشارا به آهي ته ٻوڙي جي گهٽ ٻڌڻ کانپوءِ دير سان سمجهه ۾ اچڻ وارو فهم پڻ آهي. شاعري صحرا جو ٿڪ به آهي ته شاعري سمونڊ جي اڃ به آهي. شاعري انڌي جو تصور به آهي ته شاعري خوبصورت نيڻ رکندڙ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي به آهي. شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا گهڻان ئي موضوع طلسمي انداز ۾ هوريان هوريان انڪشافات جي صورت ۾ سمنڊ جي ٻئي ڪناري جي ڳولا جهڙو جنون ارپيندا آهن. ها هڪ اهڙو جنون جنهن جي پڄاڻي جنمن جي حاصلات، زمان و مڪان کان آجي هوندي آهي. جيتوڻيڪ ان صورتحال ۾ جادوگر ختم ٿي ويندو آهي. جيئن تيلي وڏو مچ ٻاري گم ٿي ويندي آهي پر جادو / مچ حيات جاودان ٿي ويندو آهي. ان درد جي سلامتي ماڻهوءَ لاءِ ماڻهوءَ ۾ داخليت جو هڪ اونهو ۽ ڊگهو مسڪن پکيڙي ڇڏيندي آهي ۽ روح هميشه لاءِ وڇايل پٿر جهڙو ٿي ويندو آهي، جتي خوشي الهڙ ڇوڪرين جا ٽهڪ به ٿي ويندي آهي، ته ڪڏهن درد به پنهنجا سور اچي پٽيندا آهن. اهڙي عالم ۾ دنيا جي هر خوشي ۽ هر غم سان روح چڪار ٿي اٿلڻ چاهيندو آهي ته قلم جي معرفت پنن جا پيٽ ڀرجڻ معمول ٿي ويندو آهي.
هڪ شاعر ڇا هجي ٿو؟ هو داخليت کان خارجيت تائين هجرت ڪيئن ڪندو رهي ٿو؟ ڪير نه ٿو ٻڌائي سگهي ۽ اهو به ڪير نه ٿو ٻڌائي سگهي ته رواجي تخليق لکڻ وقت سمونڊ جيڏي تڙپ ڇو هوندي آهي؟ ۽ غير معمولي تخليق لکڻ وقت ڪيفيت بڊي ۾ چپ سمونڊ جهڙي ڇو هوندي آهي؟ بهرحال شاعري ڪهڙي به هجي پر ان جي تخليق ٿيڻ جو ڪو ڪارج ضرور آهي. جيئن دنيا جي وجود کي سج روشن ڪندو پيو اچي تيئن ئي ماڻهوءَ جي ذات جا سمورا درد هن کان ڪنهن نه ڪنهن ميدان ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪا ڪِرتِ ڪرائي ويندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي هليو وڃڻ کانپوءِ اهو درد ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ صدين تائين سلامت رهي ٿو ۽ هر حد تائين اهو درد ئي آهي، جيڪو زندگي جي فنا هوندي به بقا لڳندو آهي.
ٺارو شاهه ۾ بچپن ايل ايم سي ( لياقت ميڊيڪل ڪاليج هاڻوڪي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف سائنسز ) ڄامشورو ۾ ڀرپور جواني جي زندگي جي حسين سفر ۾ هوندي به روز نئين سري سان اکيون کلنديون هيون جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪرڻ جي سفر ۾ ڪا ڪمي ضرور رهجي ويندي هئي ۽ اها ڪمي اڄ به اوتري ئي آهي. ها اها ڪمي جا وجود کي فنا ڪري درد کي سلامت رکندي آهي ۽ درد ئي واحد همسفر آهي جيڪو وجود کي هڪ پاسي رکي سوچن جا ست آسمان گهمائيندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي هيڪلائپ اصل ۾ درد ئي آهي. دائميت رکندڙ هن درد پنهنجي جنم ڀومي کان دور پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڊيوٽي / هجرت ڪندي مون تي وڏو شفيق رهيو آهي. ان جي شفقت مون کان ڪافي ڪجهه لکرايو، جنهن مان گهڻو تڻو مواد هجرتن ۾ گم ٿيندو رهيو آهي. شروع ۾ هندي ڇند تي ڪچي پڪي طبع آزمائي ڪئي. ان مواد جي گم ٿيڻ جي ڏک کي مشق سمجهي نظرانداز به ڪري ڇڏيم پر گذريل سال اڌ ۾ انهن صنفن طرف وري موٽي آيس جيڪي يا ته مون کي نه وڻنديون هيون يا وري مون لاءِ لکڻ مشڪل هيو. انهي تذبذب ۾ مون آخر ڪار غزل ۽ نظم ۾ پنهنجي احساسن کي پناهه ڏني فيس بڪ ذريعي پارس جهڙي ماڻهو ۽ نوجوان شاعر مختيار سهتو سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ڏسندي ڏسندي ديرينه خواهش جي پوري ٿيڻ جهڙي رهنمائي ملي ويئي. انهي مختصر عرصي ۾ هي ڪتاب لکجي ويو آهي. توڙي ان عرصي دوران مختيار سهتو جو تخليقي مزاج ڪافي ڊسٽرب به رهيو پر پوءِ به مون همٿ ڪري عروض جي خوبصورت پوپٽ کي جهٽي ورتو. اها ٻِي ڳالهه آهي ته هي منهنجي شاعري ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟ پر هڪ اميد ڀريو سفر ضرور ڪيو اٿم جيڪو ٻئي منزل جو ڏس ڏئي پيو شاعريءَ جي صنف ڪهڙي به هُجي پر هن جو مون سان ساٿ سياري جي سرد رات هجي يا آرهڙ جو گرم ڏينهن، هڪ وفادار محبوبه وانگر رهيو آهي.


امداد سَهتو

امهاڳُ:

امهاڳُ:
مورَ ۾ پياسو ٿرُ

جڏھن انسان پھريون دفعو ڳالھايو ھوندو ته پھرين سٽ يا جملو شعر ئي ھوندو. آسماني ڪتابن کان وٺي ڌرتيءَ جي ڪتابن تائين رديف، قافيي جي وڏي اھميت آھي. سٽن جو ھم آواز ۽ ھم وزن، بيان کي سھل، مختصر ۽ پر اثر بنائي ٿو. انڪري روءِ زمين جي سمورن وڏن ماڻھن شاعريءَ کي ئي پنھنجي بيان جو ذريعو بڻايو آھي. ھومر جي ھيلن، گلگامش جا اپڪس، ڪنفيوشس جا لوڪ گيت ۽ سنڌوءَ ڪناري لکيل رگ ويد ائين سمجهو ته ڪلھه جي ڳالھه آھي. شاعريءَ جو پنڌ اڃا قديم، اوائلي ۽ آڳانجهو آھي ۽ اڄ تائين نه کٽو آھي. ڇو ته زندگي اڄ تائين نه کٽي آھي. جيئن زندگي ھڪ جيو مان ٻئي جيو ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي ائين ئي شاعري به ھڪ روح مان ٻئي روح ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي.
سنڌي شاعريءَ جو پنڌ به ماموئي بزرگن، قاضي قاضن، مئين شاھه عنايت ۽ شاهه ڪريم کان گهڻو آڳاٽو شروع ڪيل آھي، جيڪو امداد سھتي تائين پھچي به کٽو ناھي، ٿڪو ناھي، بيٺو ناھي ۽ ڪٿي ساھي به نه پٽي اٿائين.
حقيقي شاعري زمان ۽ مڪان جي قيد کان آجي ھوندي آھي. ڊاڪٽرامداد سھتي پنھنجي شاعريءَ ذريعي الائي ڪيترن جذبن جي نبض شناسائي ڪري مٿن شعري پٽيون ٻڌيون آهن.
دنيا جا سڀ کان اوائلي شاعر وري قصه گو شاعر آھن. ھنن پاڻ کان اڳ ٿيل واقعن کي قصن جو روپ ڏئي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو، موجوده شاعرن هِجر ۽ فِراق کان ڌرتيءَ جي دردن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي انهيءَ جي باوجود ڏسڻو اھو ھوندو آھي ته ڪنھن شاعر وٽ نئون ڪجھه ڪيترو آھي.
امداد سھتي وٽ گهڻو ڪجھه نئون آھي، نج آھي ۽ پنھنجو آھي.
شاعري جا به پنھنجا اصول آھن. شاعريءَ ۾ سڀ کان پھريان اھو ڏسبو آھي ته شعر جو موضوع ڇا آھي ۽ ٻئي نمبر تي اھو ڏسبو آھي ته شاعر ان موضوع سان ڪيئن نڀاءُ ڪيو آھي.
وقت ۽ حالتون پاڻ سان کڻي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نوان موضوع کڻي به اينديون آھن پر ڏٺو وڃي ته اڪثر موضوع به ايترا ئي قديم آھن جيترو انسان.
شاعريءَ جو غالب موضوع فراق ۽ وصال ئي رھيو آھي. اڪثر شاعري عاشق ۽ سندس معشوقه جي وچ تي پُل وانگر بيٺل رھي آھي. پر ڪجھه روايت شڪن شاعرن شاعريءَ کي ھن بيھڪ کان ٿورو ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
دل جي ڌرتيءَ تي عشق توڻي جو مينھن جو ڪم ڪري ٿو، پر مينھن به جيڪڏھن سڄو ڏينھن وسندو ته بيزار ئي ڪندو، انڪري اس به کپي، ته ڇانو به. ڏينھن به کپي ته رات به. چارئي مندون به کپن ته اٺ ئي پھر به. ست رنگ به کپن، ته ست سمونڊ به. مطلب ته جيتري گهڻي ويرائٽي اوترو گهڻو مزو. اچو ته مان اوھان کي امداد سھتي جي ڪتاب “وِڃايل ريت ۾ پيرا” منجهان ڌيان ڇِڪائيندڙ ۽ روح کي ڇُهندڙ شاعريءَ مان ڪُجهه بندَ پڙهايان:

مور ۾ ٿو رھي ٿر پياسو اڃا.
روح جنھن جي خوشيءَ ڪاڻ برسي پيو.
***
گفتگو باھه جھڙي ڇورن جي.
ماٺ پوڙھو مري اٿي آيو.
***
اڄ اھو ماھه رو روبرو ٿي وڃي.
شاعريءَ جي زبان گفتگو ٿي وڃي.
***
آءٌ جوان جذبا رکندو ھان.
تون الڪا پوڙھا ڏيندو آن.
***
ستمگر! ڙي ستم تنھنجو نھايت ئي الڳ آھي.
جا رسوائيءَ ۾ گذري سا قيامت ئي الڳ آھي.
***
خزائن ۾ ڇڻي خوشبو ڇڏي ناھي ڪڏھن گلڙن،
بھارن ۾ انھن جي يار قسمت ئي الڳ آھي.
***
اثر ڏاڍو رکي حاذق! تنھنجو دارون جگر تي پيو،
ڪيون ڇا پر اسان جي ھي طبيعت ئي الڳ آھي.
***
غزل تي غور ڏيئي تون ڪڏھن سمجهين پڙھين جي ھي.
رھيو انداز منھنجو تو بدولت ئي الڳ آھي.
***
-شاعري تنھنجي ڪري آھي فقط،
ٻي اڃا تعريف ھاڻي ڇا ڪجي؟
***
-ڪوئلي کاڻ ۾ ڦڦڙ زخمي،
پيٽ لاءِ ھٿ سياھه ٿو ڪريان.
***
-پائي گيڙو لٽا فقيريءَ جا،
فرش کي تخت گاھ ٿو ڪريان.

-رقص ۾ ھي زندگي گذري وئي،
پير ۾ زنجير پاتل ٿو ڏسان.
***
-گهڙي ريل دردن جي ترساءِ ڪجھه،
ٻري جيستائين ھو سائي بتي.
***
-ڪو به ناھي جو مسيحائي ڪري،
مورڳو بيمار ئي رھجي ويا.
***
-ٻار پرچي نه ٿو منھنجي اندر جو ھي،
کيس آڱر وٺي ٿو گهمايان ڏسو.
***
-تنھنجي اقرار جو آ وھائو پري،
آس جو ئي ڪٿي نور جاڳي پيو.
***
-عشق وارا ڇو صليبن کان ڊڄن،
موت جي گفتار تي آ ڀروسو.
***
غزل جو سفر عربستان ۽ ايران کان ٿيندو ننڍي کنڊ پھتو. ھند کان ٿيندو سنڌ پھتو.
جھڙيءَ ريت ھوائن ۽ دعائن جي ڪابه سرحد نه ٿيندي آھي، جھڙيءَ ريت پکين ۽ اکين جي اڏام کي ڪو روڪي نه سگهندو آھي، جھڙي ريت فن، ڪلا ۽ ڏات کي ڪنھن به ھڪ قوم يا علائقي جي ميراث نه ٿو سمجهيو وڃي، اھڙيءَ ئي ريت فڪر، فلسفو، ڏاھپ ۽ شاعريءَ کي ڪنھن علائقي، سرحد يا حدبنديءَ جي پڃري ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي.
فڪر، فلسفو، ڏاھپ، شاعري يا ايجادون ڪنھن ھڪ شخص سان صرف ان ڪري منصوب ٿيل ھونديون آھن ته جيئن خبر پوي ته ڪھڙي دؤر ۾ ۽ ڪھڙين حالتن ۾ انھن جو ظھور ٿيو. باقي سمورو ورثو گڏيل ۽ مشترڪ آھي. شيڪسپئر جي ناول جي سٽ به منھنجي اوتري ئي رھنمائي ڪري سگهي ٿي جيتري لطيف سائين جي شاعريءَ جي بيت جو ڪو پد.
امداد سهتي پنهنجي شاعريءَ کي رهنمائيءَ جو اظهار بڻايو آهي، انهيءَ ۾ ڪيترو ڪاميابُ وڃي ٿو ، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻُڌائي سگھي ٿو ، آنءُ سندس قلمي پورهئي لاءِ ايترو ضرور چوندس ته “وڃايل ريت ۾ پيرا” هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جيڪو پنهنجي محبوبه کي سُوکڙي ڏئي سگھجي ٿو!

ڊاڪٽر خادم منگي
سکر، سنڌُ
15.02.2022

مهاڳ:

مهاڳ:

کلڻو ملڻو سندر سهتو

ڊاڪٽر امداد سَهتي سان جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿِي ته سندس ماکيءَ جهڙي مِٺڙي لهجي مان سندس شخصي سندرتا ته ظاهر ٿي ئي پوندي آهي پر پنهنجي ويسر جي مرض سببان نه ئي سندس صورت سامهون ٿي سگهندي آهي، نه ئي اهو ڄاڻي سگهندو آهيان ته اهڙي شفيق دوست سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات جو شرف ماڻيو اٿم؟ پر سندس مٺڙي من جي مڌرتا من اندر مهڪ ڀري ڇڏيندي آهي، ۽ سچ ته ائين لڳندو آهي ته اسان سدائين ساڻ رهيا آهيون ۽ سچ پڇو ته سندم هينئين اندر موجود حساسيت باعث سندم سور ڏور ڪري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي هن موڙ تائين الائي ڪيترن محبوب ماڻهن جون محبتون ميڙيون اٿم، پر هن شخص جي محبت جو رنگ سڀني کان اُتم ۽ اعليٰ ڀائيندو آهيان. سندس شخصيت تي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر طوالت کان پري ٿيندي، مختصر طور سندن شخصي اپٽار بعد، اچو ته سندن تخليقي رنگن ۾ رنگجي بطور شاعر “وڃايا ريت ۾ پيرا” نالي سان پياري امداد جي پهرين مجموعي، جيڪو سمورو غزلن تي مشتمل آهي، سندن شعري رنگينين تي هڪ نظر وجهون:
”مِثال طور:

آ وڃايو وقت پنھنجو دل لڳيءَ ۾!
پيار پرتي آ رھيو ھن زندگيءَ ۾!

هن غزل ۾نه رڳو فني پختگي موجود آهي پر ٿورو فڪري لحاظ کان ويچاريو ته منجهس ڪيڏي نه شاعراڻي سونهن ۽ ڪشش موجود آهي.

ڪجھه گهڙيُن جي لاءِ ڇا آيس ھتي مان
خوب رڃ آھي ڊڪايو تشنگيءَ ۾.

هر حساس من رکندڙ شخص ان شعر / بند کي پڙهي اوس پنهنجي چئن ڏينهن جي حياتيءَ اندر موجود رڃ ۽ گڏوگڏ اُڃ کي ياد ڪندو ۽ اهائي شاعراڻي خوبي آهي، جو هڪ شاعر جي اهڙي خيال کي هر هڪ حساس ماڻهو پنهنجو خيال ۽ احساس ڄاڻي ٿو، ان حوالي سان هتي مان پنهنجا ڪجهه احساس ونڊڻ چاهيندس، جيڪي يقينن هر حساس شخص جي زندگيءَ بابت سوچيندي، پنهنجي وجود کي جهنجهوڙيندو:

“ڇو ۽ ڇاجي لاءِ، آيس آءٌ ڪٿان؟
ڪنهن کان هاءِ! پڇان؟ ڪير ڏسيندو؟ ڪو به نه!

سوال جنهن جو جواب ناهي
جواب ناهي، عذاب آهي”

۽ اهو عذاب هر حساس من رکندڙ ماڻهو پنهنجي هن حياتيءَ ۾ اوس ڀوڳي ٿو. پياري امداد سهتي جي شاعراڻي تخيل ۾ پڻ اهڙا جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ احساس نظر اچن ٿا.
پياري امداد سهتي جي سندر تخليقن مان هيٺ هڪ مثال طور ڏيڻ چاهيان ٿو، ان کي پڙهي ويچاريو ۽ سندن فني توڙي فڪري اڏام کي ڏسو:

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟
پاڻ پنھنجي علاوه ڏِسي ڪير پيو!؟

تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

شعري صنف غزل لفظ غزاله يعني هرڻيءَ مان ورتل آهي. جيئن ته هرڻي هر وک سان ڇالون هڻندي آهي، تيئن غزل جي به هر وک / مصرع به هر الڳ ڇال وانگر خيال تي مشتمل رهندي آهي، ۽ پياري “امداد” جي غزلن ۾ پڻ غزاله / هرڻيءَ واريون ڇالون نظر اچن ٿيون، جيڪي ئي سندس هر غزل کي جدا ئي حُسن بخشين ٿيون. مٿيون غزل پڻ ان جو مثال پيش ڪري ٿو.
سندس هيٺ ڄاڻايل غزل جي مطلع تي نظر ڦيرايو:

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟
پاڻ پنھنجي علاوه ڏِسي ڪير پيو!؟
يا
تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

حضرت “عشق” جي رمزن کي ڪيڏي نه تند ۽ تيز خيالن ۽ احساسن ذريعي ٻن سٽن اندر اظهاريو ويو آهي، اهوئي هڪ شاعر جي الڳ سڃاڻپ بڻجي کيس الڳ مرتبو ۽ مان عطا ڪري ٿو. شاعري جيتوڻيڪ شعور جي بخشش هجي ٿي، پر گڏوگڏ ڏاتار جي ڏنل ڏات وسيلي مشاهدي جو به ان ۾ وڏو حصو آهي. ڏات کانپوءِ ڏانوُ جيڪو ماحول عطا ڪري ٿو. اهڙو ماحول اسان وٽ مختلف صورتن ۾ موجود هوندو آهي. جنهن ۾ شاعرن جي صحبت، جا امڙ س ا س (سنڌي ادبي سنگت ) ذريعي حاصل ڪريون ٿا. ان کان علاوه ڪتابي ڄاڻ جو به ان ۾ وڏو حصو شامل رهيو آهي. عروضي ڄاڻ ڏيندڙ مختلف ڪتاب پڙهڻ سان پڻ ڏات کي ڏانوُ ملي ويندو آهي. مون کي اهو معلوم ناهي ته پياري امداد سهتي کي ڏانوَ جو ڏيئو ٻارڻ جو ذريعو ڪهڙي ريت مليو؟ پر جنهن به صورت ۾ مليو، بنا ڪنهن وڌاءَ جي سندس شاعري پڙهڻ سان اها ڏانوَ جي ڏِياٽي سندس هر شعر اندر ٻرندي محسوس ٿئي ٿي. پر امڙ سنڌي ادبي سنگت يا ڪتابي دنيا مان ڪنهن علمي ذريعي جي پروڙ سندس هيٺئين شعر مان اوس ظاهر ٿئي ٿي:

سوکڙي ۾ دلاريءَ کي مون ڪاڄ ۾،
شاھ جو هو هٿن سان رسالو ڏنو

مٿي ڏنل پياري امداد سهتي جو شعر، جنهن ۾ پنهنجي پياريءَ کي تحفي ۾ شاهه سائينءَ جو رسالو ڏيڻ، ان ڳالهه جو چٽو ۽ واضح ثبوت آهي ته پاڻ پيشي جي لحاظ کان مصروف زندگي گذارڻ جي باوجود پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جا ڳالهه هڪ شاعر کي قوت بخشي ٿي ۽ اڳتي وڌڻ ۾ اتساهه ڏئي ٿي ان لاءِ مثال طور سندن هيٺيون شعر پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ ڪافي ٿو ڀانئيان. جيڪو پڻ مٿي ڄاڻايو اٿم:

تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

مٿيون شعر هڪ حساس دل رکندڙ شاعر جي سندر ساڃاهه جو سهڻو مثال آهي. هن جي اپٽار مان مٿي پڻ ڪري چڪو آهيان پر هتي ان جي ورجاءَ جو مطلب هڪ شاعر جي من جي مام ڄاڻڻي آهي، اها هيءَ ته هڪ شاعراڻو من پنهنجي خيالي اڏام، حضرت “عشق” ذريعي ئي حاصل ڪري ٿو سگهي، ۽ بيشڪ اهو عشق ئي آهي جيڪو شاعريءَ کي بنياد بخشي اتم پد تي پهچائي ٿو. ڀل ڪيترو ئي وڏو عرصو وڇوڙي ۾ گذري وڃي، پر پوءِ به محبوب / معشوق هر ويل عاشق جي اندر موجود رهي کيس درشن ڪرائيندو رهي ٿو، پوءِ اهو عشق مجازي طور ڪنهن ڌرتي واسيءَ، ڪنهن معشوق سان هجي يا پنهنجي ڌرتي يا قوم سان هجي. يا اڳتي هلي انهيءَ “عشق حقيقيءَ” جي منزل ماڻي هجي ۽ پنهنجي ان “نامعلوم”/ “الک” ساڻ ڳنڍيل رهي، پر ان عشق جي اپٽار شاعريءَ وسيلي ئي ممڪن ۽ سونهيندڙ ٿي سگهي ٿي. ان جو مثال سمورا ڌرمي ڪتاب آهن.جيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ هئڻ سبب صديون گذرڻ بعد به انساني ذهن ۾ حفظ هجن ٿا. شاعريءَ جي اها نهايت ئي اتم ۽ اعليٰ خوبي آهي، جو اها هر وقت، هر ڪنهن کي ياد رهڻ جي قابل هوندي آهي. مثال طور نثر ۾ لکيل ڪنهن هڪ پيرا کي به سدا لئي ياد رکڻ اوکو هجي ٿو، پر نظميه انداز ۾ لکيل / اپٽاريل سوين صفحا به سوکا لڳڻ ڪري، اسان حفظ ڪري سگهون ٿا .
اهڙي طرح زيرِ نظر مجموعي اندر موجود ڪافي اهڙا شعر ملن ٿا، جن کي حوالي طور ڄاڻائي، پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪي سگهجي ٿو، پر ڊيگھه کان بچندي هيٺ هڪ اڌ شعر ڄاڻائڻ ضروري ٿو ڄاڻان:

درد دل ۾ دُکن هزارين پيا
تير سڪ جا چُڀن هزارين پيا
***
عشق واري نماز کي پڙهندي
نرڙ “هُو” سان جُهڪن هزارين پيا

بحر سان خوبصورت نڀاءَ سان گڏ سندن فڪري اڏام پڻ مثالي آهي، جيڪا پڙهندڙن لاءِ يقينن پُرڪشش هوندي، پر ان مان اهو اندازو لڳائي ڏسجي ته لکڻ مهل تخليقڪار مٿان ڇا گذريو هوندو!؟
“عشق واري نماز” جو اصطلاح پڻ هڪ منفرد درجو رکي ٿو، جيڪو هن کان اڳ ڪنهن به شاعر استعمال نه ڪيو هوندو، ۽ ان سان سندن تخليقاتي ماڻ ماپي جو اندازو ڪريو، ۽ ڏسو ته ڪيڏو نه اُتم پد تي بيٺل ٿو لڳي!
پياري امداد سهتو جي زير نظر شعري مجموعي ”وڃايا ريت ۾ پيرا” بنا ڪنهن وڌاءَ جي سموري جو سمورو شاندار آهي. ۽ يقينن پڙهندڙن وٽان پڻ کيس سٺي موٽ ملندي، مان اها پنهنجي خوش بختي ٿو ڄاڻان جو اهڙي قربائتي شخص جي تخليقي پورهيي تي ڪجهه لکڻ لاءِ پاڻ مون فقير منش کي ان لائق ڄاتائون. ان حوالي سان کين ڀيٽا طور چند سٽون پيش ڪندي خوشي ٿو ڀانئيان. اميد ته سندن تخليقي سفر سدا لاءِ جاري رهندو، سنڌي شعر و ادب جي دنيا کي وڌيڪ سندرتا بخشيندو رهندو:

وڃايا ريت ۾ پيرا،
مگر سي ڪين ٿيا ميرا،

سندر تخليق سهتي جي،
ڄمايا دل اندر ديرا
***
کلڻو ملڻو سندر سهتو
ڄاڻي من جي هُر کُر سهتو

ڪاٿي اهڙو ملندو “آسي”
جهڙو ڄاڻي هنر سهتو


آسي زميني
دانش گاهه منصوريه، ٽنڊو قيصر
18 ڊسمبر 2021ع

غزلَ

---

خوشيءَ جا ته پوپٽ اُڏائي ڇڏيا ھن!

خوشيءَ جا ته پوپٽ اُڏائي ڇڏيا ھن!
قصا پيار وارا ڀُلائي ڇڏيا ھن!

ملياسين جڏھن چاندني رات توسان،
سڀئي پنهنجا دشمن ڏُکائي ڇڏيا ھن!

ڪيو روشنيءَ جيئن پاڳل پئي مَنُ،
اسان ديپ ٻاري اُجھائي ڇڏيا ھن!

اڃا ماڪ صحرا ۾ بيٺي رُلي ٿي
ڪڪر ڪي پياسا رُلائي ڇڏيا ھن!

ڪئي جو بغاوت وڇوڙن سان آھي،
تڏھن وصل جا سڏ ٻُڌائي ڇڏيا هن!

بلند حوصلا هي وڏا ڏونگرن کان،
اڳيان ڏاڍ سارا جُهڪائي ڇڏيا هن!

مڃِي هار تنھنجي اڳيان اوٿرن هئي،
تڏھن ڀي تو آنچل اُڏائي ڇڏيا هن؟

بلاول* جيان پاڻ امداد! پيڙھي،
سڀئي ڏُک اندر جا ڪُھائي ڇڏيا ھن!

* مخدوم بلاول•

دوست جي ديدار تي آ ڀروسو!

دوست جي ديدار تي آ ڀروسو!
ھِن گُلابي پيار تي آ ڀروسو!

جو اکين مان ٿو پيو جهلڪي، انھيءَ،
ظاھري اظھار تي آ ڀروسو!

بادشاهت جنھن دلين تي آ ڪئي،
تنھن عجب اسرار تي آ ڀروسو!

عشق وارا ڇو صليبن کان ڊڄن؟
موت جي گفتار تي آ ڀروسو!

نيٺ ٿيندو تابُ سورج جو جَهڪو
وقت جي رفتار تي آ ڀروسو!

تو لڪائي ڳالھه پنھنجي ناھه ڪا!
نينهن هن نروار تي آ ڀروسو!

منھنجا ھي امداد! مشعل ٿيا غزل،
ھر لکيل اشعار تي آ ڀروسو!

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟
پاڻ پنھنجي علاوه ڏِسي ڪير پيو!؟

تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

سور سڏ ۾ سمايل هئا کوڙ پر،
ڪنھن جي آواز سان ٻيو مِلي ڪير پيو!؟

ريت تي رقص پاڇي ڪيو منھنجي هو،
مور جئن من ۾ ويھي ٽِلي ڪير پيو!؟

دردَ دل ۾ رکي مرڪ چھري مٿان،
تو نه محسوس ڪيو ھِت کِلي ڪير پيو!؟

منڊليءَ ۾ مچايم غزل، هائيڪا،
ايئن اُتي ماترائون هُجي ڪير پيو!؟

هنر امداد! روئڻ جو ڄاڻان نه ٿو،
پر ڀلا هنر اهڙو سِکي ڪير پيو!؟

ازل کان پنھنجي ئي دل ۾ اسان فرياد ٿا پاليون!

ازل کان پنھنجي ئي دل ۾ اسان فرياد ٿا پاليون!
لُڀائي پاڻ کي جيڪا اھا ئي ياد ٿا پاليون!

لڳي زندان پيارو ٿو غلاميءَ جي حياتيءَ کان،
گناهن جي اسيريءَ ۾ سوين صَيّاد ٿا پاليون!

محبت کي نڀائڻ لئه انائون لحد ۾ لاهي،
ملائي نيڻ پيارا! پيار جو بنياد ٿا پاليون!

ڏيون ڇو ڏوھ سانوڻ کي، ڏئي نيڻن منجهان پاڻي,
ڪئي جا تو اسان جي دل، اها برباد ٿا پاليون!

اوهان جي آسري گذري پيو پل پل قيامت جان،
ڏٽا ڏيئي پنھنجيءَ دل کي اسان امداد! ٿا پاليون!

ڪير ڪنھن لاءِ مئو حياتيءَ ۾؟

ڪير ڪنھن لاءِ مئو حياتيءَ ۾؟
شخص هڪڙو هئو حياتيءَ ۾!

زندگيءَ جو پتو نه هو ڪوئي
آ جِيئڻ جو رئو* حياتي ۾!

ڪو ڪندو آ مزار مان ڳالهيون!؟
جو ٿئي چوڻو چئو حياتي ۾!

دل دعاڳو رهي سدا تنهنجي،
سک ملن ڪي سئو حياتي ۾!

موت امداد! ته فاصلا ڏيندو،
آ اهوئي ڀئو حياتي ۾!

* مڪر فريب

وري اڄ رِڻُ تتو آهي!

وري اڄ رِڻُ تتو آهي!
وري مقتل مَتو آهي!

ننڍي گوليءَ وڏي گهاءَ سان،
پساهن کي رَتو آهي!

روئيندي ٿو پڇي سُرندو،
ڪو سورٺ کي پَتو آهي؟

بھارون ڪنھن نه ڪم جون هِن،
ڇڻيو جن ۾ پَتو آهي!

نامڪمل گرڀ هارايو،
ويو ته کَٽي گُتو آهي!

رڳو امداد! ڏوهي تون،
هتي قاتل سَتو آهي!

عشق وارو اسان کي ٿو ڳارو سڏي!

عشق وارو اسان کي ٿو ڳارو سڏي!
مان ڌمالون هڻان جي نغارو سڏي!

تنِ گيڙو لٽا، من صوفي بڻيو
مونکي سامي زمانو ٿو يارو سڏي!

ڇو رٺو آ، ڏني ڪونه سُڌِ آ انھي؟
پيار مان ڇو نٿو مون کي پيارو سڏي؟

ٿا اکين ۾ لھن رنگ هي سرمئي،
چنڊ کي ڍنڍ تان ٿو امارو سڏي!

درد پل کن وساري اچو ها هتي،
دل وڏي هو ڪري جيءَ جيارو سڏي!

پيٽ پاپي لڪائي ڪٿي گرگلي؟
بک بکيءَ جي ڏسي ٿو بکارو سڏي!

يار امداد! آهن جهُڪايون اکيون،
مرڪ ئي مرڪ ۾ ٿو اشارو سڏي!

ڪيڏي نه اچي پيئي ڪويل جي مٺي ٻولي،

ڪيڏي نه اچي پيئي ڪويل جي مٺي ٻولي،
اٿلي آ سمندر جي ڄڻ مون ۾ وري ڇولي.

ٿي شام لھي مون ۾ هي رنگ کڻي ڳاڙها،
کيڏي ٿي رڱي پاڇا مون ساڻ اها هولي.

خوابن ۾ ملاقاتيون هر رات ڪرين مون سان،
منھنجي آن اڙي جانم! ڪيڏي ڀالي ڀولي.

ڪنھن ڪُونج جي ڪُسجڻ سان، اڀ سرخ ٿيو سارو،
ڦاٽي ٿو هيانءُ ڌر جو، ڪا لال ڏِسي چولي.

ڍولڪ مان اچن پيارا آلاپ اوهان جا ئي،
تڪ ڌنڪ ڌنا ڌن ڌن جي جوڙي ته مٺي لولي.

مايوس بھارن کي ڪيڏو ته خزائون ڪن،
ڇڻيل ڀي پتن ڪارڻ ڌرتي ئي بڻي جهولي.

ڊيڄار نه تون هاڻي دردن جو وڌائي قد،
اڳ آهه ڏٺل پنھنجي دردن جي سڄي ٽولي.

مون دفن انا کي ڪيو، هر قتل ڪري هستي،
امداد! حياتيءَ ڀر تنھنجي ئي ٿيان گولي.

تو ڏِٺو آ بهار نيڻن ۾،

تو ڏِٺو آ بهار نيڻن ۾،
تنهنجو آ انتظار نيڻن ۾.

درد منهنجا ته ٻَالِجت آهن،
جن ڏنا هن غبار نيڻن ۾.

تازو پيرو ڇڏي ويو جيڪو،
سوئي صحرا سوار نيڻن ۾.

ڪو گهروندو نه ٺاهه ساحل تي،
ساڳي ڇولين قطار نيڻن ۾.

خواب ڪچڙا ڏسي پروڪا ڪي،
ننڊ آندا خمار نيڻن ۾.

يار امداد! تو ڏِٺَي آ،
بخت جي ڄڻ نهار نيڻن ۾.

رات جي سانت ۾ پُور جاڳي پيو،

رات جي سانت ۾ پُور جاڳي پيو،
مئڪدي ۾ ڪو مخمور جاڳي پيو

تنھنجي اقرار جو آ وهائو پري،
آس جو ئي ڪٿي نور جاڳي پيو.

ٻوٽِيا مون ٻيئي ننڊ لئه گڏ هُيا،
نيڻ ڪو ننڊ کان دور جاڳي پيو.

عشق جا وار گَھِرا لڳا من مٿان،
هر زخم منھنجو مسرور جاڳي پيو.

واجهه امداد! تو لئه وڌي جيئن مون،
نرڙ گهنجن ۾ ڄڻ جهور جاڳي پيو.

ڪا دعا ۽ سلام ڀي ناھي!

ڪا دعا ۽ سلام ڀي ناھي!
عيد جو ڏينھن عام ڀي ناهي!

دوستن سان ملڻ ته تون ايندين،
منھنجو ڪنھن جاءِ نام ڀي ناھي!

ھيڪلائين کان جا ڊڄندي ھئي،
سا ته نيڻن ۾ شام ڀي ناھي!

ڪوڪ آئي ڪٿان نه ڪويل جي،
فون تي ڪو ڪلام ڀي ناھي!

ميل ڪيئي سفر ڪيان ھان پر،
دل ۾ ساڳيو مقام ڀي ناھي!

عشق ۾ خاص ٿي ويو آهي،
يار! "امداد" عام ڀي ناهي!

وڇوڙي جا ڊگها رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

وڇوڙي جا ڊگها رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!
ڪٿي منزل ٻُڌا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

اسان جي ڀاڳ جي منزل نصيبن ۾ ڪٿي آهي؟
اڃان ناهن کٽا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

زماني پيار ۾ منزل تي منزل آ ڪئي حاصل،
اسان لئه بس ڦٽا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

پڄاڻا تو ته رولاڪي اسان جو بس جياپو آ،
اسان سان ئي ٽٽا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

جهلي هو آڱريون جن جون اسان ئي هلڻ سيکاريو،
انھن مون لئه مٽيا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

ڪا نشاني ڏني ڪو حوالو ڏنو،

ڪا نشاني ڏني ڪو حوالو ڏنو،
روح تسڪين لئه ڪو ته نالو ڏنو.

شوق تنھا رهڻ جو اسان کي نه هو،
هي هيو هيڪلائيءَ ازالو ڏنو.

ظاهري ماٺ منهنجي ندي جيئن، پر،
پاڻ کي پاڻ آهي جوالو ڏنو.

مئڪدي جي ته مھندار آتش ڏسي،
جام جو جام مون کي پيالو ڏنو.

چنڊ، آهي ڪڏهن ڪوٺيو موتيو،
رنگ چونڊي مون توکي نرالو ڏنو.

سوکڙي ۾ دلاريءَ کي مون ڪاڄ ۾،
شاھ جو هو هٿن سان رسالو ڏنو.

عشق جا ڦُول امداد! ٽڙندي ڏسي،
پوپٽن پر ملائي ته هالو ڏنو.

يار سان رابطو ويو ڪٽجي.

يار سان رابطو ويو ڪٽجي.
پاڻ سان واسطو ويو ڪٽجي!

زندگيءَ جو ڪٿي پتو ناهي،
روز هڪ حادثو ويو ڪٽجي!

پوپرين جي قطار گذري پئي،
پيٽ جو مسئلو ويو ڪٽجي!

زندگي چو دڳيءَ تي بيٺل آ،
قرب جو قافلو ويو ڪٽجي!

پاڻ امداد! ڪئي اٿم پنهنجي،
يار جو حوصلو ويو ڪٽجي!

اسان تي ڪيو ڪي ڪرم قرب وارا.

اسان تي ڪيو ڪي ڪرم قرب وارا.
اوهان تان فدا دل صنم! قرب وارا.

اچو يار پاڙيون اهي عھد سارا،
کڻي جي ڪياسين قسم قرب وارا.

وڇايون اکيون، آجيان آهي تنهنجي
سڄڻ تون کڻي اچ، قدم قرب وارا.

اڳوڻا قصا ياد ماضي ڇڏي ڏيو،
وڃو هي نه ڏيئي الم قرب وارا.

لڙي رات طوفان سان لاٽ پيئي،
ٻرن ديپ جئن ٿا عزم قرب وارا.

نه بھشتي، نه ئي دوزخي ذات جنھن جي،
انھي عشق جا ٿيا ڌرم قرب وارا.

جلون ٿا جسم ۾ محبت جي جانم!
ٿيا ساھ آهن گرم قرب وارا.

مري پاڻ امداد! ڪڏهن مرون پيا.
وٺون ٿا دلين ۾ جنم قرب وارا

ڳالهه هن جي مَڃي ڇڏيم آخر،

ڳالهه هن جي مَڃي ڇڏيم آخر،
دل چريءَ کي ڀَڃي ڇڏيم آخر!

حال بي حال هو سوا تنهنجي،
زندگي ڪٿ وَڃي ڇڏيم آخر!

سمنڊ صحرا طرف نه اچڻو هو،
پنهنجو سينو سَڃي1 ڇڏيم آخر!

ناهه هن جي خيال کان ڪو فرار،
پاڻ کي ئي نَڃي2 ڇڏيم آخر!

تانگهه ديدار لئه هئي امداد!
اُن گليءَ ۾ گَڃي3 ڇڏيم آخر!

1. بخشڻ، نذرانو ڏيڻ، سامهون ڪرڻ
2. ..رسيءَ ۾ ٻڌڻ
3. هلڻ، چرڻ

مِلي وڃو حياتِ ۾، وَرِي مِلون نه يا مِلون!

مِلي وڃو حياتِ ۾، وَرِي مِلون نه يا مِلون!
رهون جُڙي ثباتِ ۾، وَرِي مِلون نه يا مِلون!

گهڙيءَ لئه اکيون ٻئي ڪري هي چارَ ٺارجن،
رکون ڇو هي فراتِ ۾، وَرِي مِلون نه يا مِلون!

فلڪ جي هيٺ وقت ڪو گذاريون اسان ٻَئِي،
ھھڙي ته چنڊ راتِ ۾ وَرِي ملون نه يا مِلون!

نِکَٽَ ڪتيون، لڌا، وِڇون، ٿو آسمان سڄو سڏي،
اچو اچو پراتِ* ۾، وري مِلون نه يا مِلون!

پُڪار منھنجي ٿئه اها، اچي پَرَي کان جا پئي،
پکين سنديءَ لاتِ ۾، وري مِلون نه يا مِلون!

نه زندگي آ يار! پنھنجي ڪم جي ڀي هِتي ڪِٿي؟
وياسين جي مماتِ ۾، وري مِلون نه يا مِلون!.

* پرھ جو وقت

ڇو ڀلا ايترا يار ٿيا فاصلا؟

ڇو ڀلا ايترا يار ٿيا فاصلا؟
تنھنجا ساڳيا الڳ ئي اڃا مشغلا!

سوچ منصف ٿي هاڻي گهڙي کن لاءِ،
ڪئن ائين ٿو ڪرين پنهنجا تون فيصلا!؟

بردباري رکي ڌڙڪنن ۾ اسان،
دل جا تون آزمائين پيو حوصلا!

موج آهي نديءَ جي ته هن عشق ۾،
ڪين گھٽجن ڪڏھن پيار جا سلسلا!

ترشنا ڪا کڻي ٿو رُلان ريگ ۾،
ڳولھيم هن سڄي رُڃّ اندر ڀرجهلا!

پنڌ نڪري پھاڙن کي مون سر ڪيو،
پر ڪڏهن ڀي کٽا ڪين هي مرحلا!

آهي تنھنجي نظر تيز تلوار کان،
ڏس ته امداد! ٿي ڪنڌ ڪوري ڪلا!

ٿو رلين امداد! تون!

ٿو رلين امداد! تون!
ڪا کڻي فرياد تون!

چاندني وئي رات ٿِي،
چنڊ ڏس برباد تون.!

جو ويو، موٽيو ڪڏهن!!
ڀل وڄاءِ سؤ ناد تون!

سڃ اڏاڻي ريگ ۾،
آڻ پنھنجو زاد تون!

مان جڏهن پرتي وڃان،
ڳولجانءِ متضاد تون!

عشق هارائي ويو،
اچ عقل استاد تون!

ڀڃ صليبون چونڪ تي،
مار هي جلاّد تون!

نيڻ نم دل جا ڪيئي،
ناهين گھٽِ فرهاد تون!

مون دعا توکي ڪئي،
رھ هميشه شاد تون!

اسان جي لڳو دل تي دلدار! ڌاڙو!

اسان جي لڳو دل تي دلدار! ڌاڙو!
لڪي ٿو ڀلا هي ڪٿي يار! ڌاڙو!

چوين بيوفا ڇو پيو جسم هن کي؟
سدا ساھ تي آ هنيو دار ڌاڙو!

محبت ئي آهي ته ڪل منھنجي مايا،
هڻي پوءِ به چاهت تي سنسار ڌاڙو!

اکين ۾ بچائي رکيا ها مون ڳوڙها،
جنين تي لڳايو آ رخسار ڌاڙو!

اٿي آس جو خيال ۾ ٿو سمندر،
لھر جو لڳو آهي چمڪار ڌاڙو!

شھر ۾ وکر ڪوڙ جو ٿو کپائي،
هڻي ٿو نسورو هي پنسار ڌاڙو!

ڇو مونکي تو امداد! سمجهيو ئي ناهي؟
لڳي مونکي تنھنجو ٿو انڪار ڌاڙو!

اداسي ڏئي مونکي ويو ھمسفر آ،

اداسي ڏئي مونکي ويو ھمسفر آ،
رنو شخص جنھن لئه سڄوئي شھر آ.

وڃايو ھان خود، سمنڊ ۾ جيئن درياءَ!
انھيءَ کان ڀي ھو ڪيترو بي خبر آ.؟

تمنا گهٽي ڪين آھي ڪا منھنجي،
ٿيو جُهڙَ جيان منھنجو من دربدر آ.

انگهي جو ويا پل وڇوڙي جا ھي، پر!
حياتي سڄي ڪا گهڙي مختصر آ.

نڀائي وفا آھي ھر موڙ تائين،
انھيءَ پنڌ ۾ ھر جفا در گذر آ.

ائين ياد ايندي ته ڪنھن جي به ناھي،
يقينن ھو ماکي جھڙو مڌر آ.

ٿيو رقص ۾ يار! بسمل مان آھيان،
ڪيو عشق امداد! مون معتبر آ.

ڪجھه اکين ۾ اڃا روشني ٿي رهي!

ڪجھه اکين ۾ اڃا روشني ٿي رهي!
ڇو دلين ۾ وري بيوسي ٿي رھي!

ٿي ملين ساھ سان ساھ ٿي، جيئن ڪا،
زندگيءَ سان اچي زندگي ٿي ملي!

ھيڪلي رات آھي گذاري جڏهن،
پاڻ کان پاڻ ۾ بي رخي ٿي رھي!

آرسيءَ ۾ ڏٺم عڪس تنھنجو ھئو،
منھنجي اک ئي کڻي ڌنڌلي ٿي رهي!

واٽ ڳولي، کٽي واٽ ناھي اھا،
خيال ۾ پنھنجي ڪا چؤدڳي ٿي رھي!

جيت ئي جيت ۾ عمر گذري وئي،
ھار امداد! ھاڻي ملي ٿي رھي.

لڳي تصوير آئينو پيو خاموش ڪمري ۾!

لڳي تصوير آئينو پيو خاموش ڪمري ۾!
رکي ٿو راز تن جا ھو، ٿيا جي دوش ڪمري ۾!

ڪري ڪھڙو، ڇڏي ڪھڙو، ڪندي ھو ڪم صفائيءَ جو،
پئي نوڪر اھو سوچيو دنيا ــ آغوش ڪمري ۾!

وڪوڙيو ياد تنھنجي آ، کلي وئي ته ٿان جيئن دلڙي،
پيو ممتاز1 ٿو ڳائي ڪٿان مدھوش2 ڪمري ۾!

لڳس، ڄڻ سرڳ وانگي ھئي رھائش مالڪياڻي جي،
ٿريءَ جا پوءِ ويا اڏري، سمورا ھوش ڪمري ۾!

اوھان کان جو ويو وسري، سمورو ھو ويو وکري،
اھو امداد! هاڻي پيو ڪري سنتوش3 ڪمري ۾!

1. ممتاز لاشاري، فنڪار
2. احمد خان مدهوش، شاعر
3.صبر

دم گهٽي ماريون حسرتون ڪيتريون!

دم گهٽي ماريون حسرتون ڪيتريون!
ڄڻ هيون ڪاريون حسرتون ڪيتريون!

رونقون شهر جون سڀ گڏي ٿي اسان،
جهنگ جهر چاريون حسرتون ڪيتريون!

جام مينا ڏکن جي اياغن مان پي،
ايئن پيا ٽاريون حسرتون ڪيتريون!

سيما ڪا اوچتي ٺاهه ڙي دل! نه تون،
واعِدا پاريون! حسرتون ڪيتريون!

ٿو رهي هاڻ پهلوءَ ۾ پڻ ڪين ڪو،
ٿيون ڇنن ياريون حسرتون ڪيتريون!

رات پوئين پهر ناکئي من لهي،
ڍنڍ مان تاريون حسرتون ڪيتريون!

ساٿ “امداد” جو ڪو نه پنهنجن ڏنو،
ٿي ويون ڌاريون حسرتون ڪيتريون!

مليو تحفو، ھٿن جو ريشمي رومال ساڳيو آ،

مليو تحفو، ھٿن جو ريشمي رومال ساڳيو آ،
اسانجي جاڳيو دل ۾ وري ڀي خيال ساڳيو آ.

ڪٿي آ ڪنڌ سوريءَ تي، ڪٿي ٻيجل اھوئي آ،
ربابن جو ھوائن ۾ اڃا سرتال ساڳيو آ.

محبت جي خدائي ۾ مگن ٿي رقص ۾ پيا ھون،
وڃي پاتال پيا آهيون اڃان ڀي حال ساڳيو آ.

کلي کيڪار دلڙي سان ڪيون جيڪر اچو ھاڻي،
سجايو جو اسان تولاءِ، اھو پنڊال ساڳيو آ.

پراڻو خط ڏٺم کولي، لڪائي جو رکيو مون ھو،
لکيو جو تو، انھيءَ ۾ تنھنجو سو احوال ساڳيو آ.

ڇڏي امداد! آھين ويو جڏھن کان دوستي پنھنجي،
لڳو ڌرتيءَ تي آيو يار ھي ڀونچال ساڳيو آ.

خود تان ڌيانُ آھي وڃائجي ويو!

خود تان ڌيانُ آھي وڃائجي ويو!
دل جو امانُ آھي وڃائجي ويو!

بادل ۾ چنڊ ھي رات جو لڪو آ،
ڄڻ ڪو جھانُ آھي وڃائجي ويو!

اچڻي وري ڪٿي آن هتي ڀلا تون،
ٻيھر گمانُ آهي وڃائجي ويو!

رڙڪي جڏھن نظر - بد بکيءَ کي ويئي،
بک کان نانُ آهي وڃائجي ويو!

ملندو وکر جتان ھو حسين ھٿ سان،
جوڀن - دڪانُ آهي وڃائجي ويو!

امداد! ايئن الجهيو سوال ۾ ھان،
جو امتحانُ آھي وڃائجي ويو!

اڄ ته صحرا ۾ هوا جو ٿيو تماشو خوب هو

اڄ ته صحرا ۾ هوا جو ٿيو تماشو خوب هو
هن رُئڻ سان ڀي گهٽا جو ٿيو تماشو خوب هو

ڇو اڃا سڏڙا نه تو تائين پڳا منهنجا هئا؟
واٽ تي ئي هن صدا جو ٿيو تماشو خوب هو

تتر ٻولي ڪونه ٻاڙي ٿو ڪڏهن ڀولي اٿم
پر پهاڙن ۾ ندا جو ٿيو تماشو خوب هو

چنڊ زخمي آ پيو ڪڪرن سان ٽڪرائي مٿي
رات ۾ ڪيڏو ضيا جو ٿيو تماشو خوب هو

مون وڌي گلڙن جيان پنهنجي وفا آ جهول ۾
تو هٿان جانم! وفا جو ٿيو تماشو خوب هو

تون سخي ڪيڏو سخاوت ۾ هئين مشهور ٿيو
پوء ڇو تو در گدا جو ٿيو تماشو خوب هو

پاڻ کي امداد! آهي قيد تنهائي ڏنو
قيد خاني ۾ سزا جو ٿيو تماشو خوب هو.

مون ۾ صوفين جيئن رھين ٿو،

مون ۾ صوفين جيئن رھين ٿو،
عشق! سڄوئي سونُ لڳين ٿو.

جي ڪوري ڪاغذ جھڙا ھئا،
سپنا سيئي يار رنڱين ٿو.

جو نه چئي سگهيا هُو لبڙا،
پنھنجي اکڙين ساڻ چوين ٿو.

اي دريا! ڏي ائين نه دڙڪا،
ڇا سهڻي جهيڻي سمجهين ٿو؟

پل پل مون کان تون راحت جو،
ڪيئن لحظي ۾ موت! کسين ٿو؟

ميڙ متل ۾ ايندي امداد!
ڇالاءِ جيء منھنجو جهڻڪين ٿو؟

دل جي اڄ بات ٺري آ،

دل جي اڄ بات ٺري آ،
توسان گڏ رات ٺري آ.

ڳالھين ۾ بم ۽ گولا،
ڪا هتڙي ذات ٺري آ؟

جھوپو پيار سندو ڊاھي،
اک ۾ برسات ٺري آ.

سردي چيري آئي جا،
سا ڪويل لات ٺري آ.

ساروڻيء ۾ آئينء جئن،
منھنجي تئن تات ٺري آ

تون امداد! ملي پئين ڇا!
يار! ملاقات ٺري آ

نيڻ وڇاڻا منظر ۾

نيڻ وڇاڻا منظر ۾
تنھنجا ماڻا منظر ۾

ياقوتي شامون ھيء ڄڻ
موتيءَ داڻا منظر ۾

تنھنجي مرڪ ڏسي ڪيئي
بيٺا ٽاڻا منظر ۾

ڪاڪ محل تي چنڊ ڏسي
جرڪيا ڀاڻا منظر ۾

راھ ٿڪي آ واجھه وجھي
تارا ساڻا منظر ۾

مومل ھڪڙي لئه امداد!
گڏ ٿيا راڻا منظر ۾

پيار جو پيچ پاتو اٿم

پيار جو پيچ پاتو اٿم
ماءُ مٽي کي سڃاتو اٿم

سون سنڌو نديءَ جا ڏئي
نينھن تنھن ساڻ لاتو اٿم

مان نڀايان صدين کان پيو
عشق وارو جو ناتو اٿم

ھيء قلندر، ڀٽائي، سچل
سنڌ جو گيت ڳاتو اٿم

پينگھي ۾ جو امڙ ڏنو هو
ٻول سو ڄڻ ته ٻاتو اٿم

يار امداد! پرديس ۾
ڀونء لئي روح آتو اٿم

ڌرتي ھي منصور گھري ٿي!

ڌرتي ھي منصور گھري ٿي!
ڳاڙھو ڪو سندور گھري ٿي!

چنڊ! ھي اکڙيون ماڪ ڀنل ھن,
چانڊوڪي ڇو پور گھري ٿي؟

آس پٿر ٿي برسي مونتي,
دلڙي شيشو چور گھري ٿي!

وارن مان چاندي چونڊيندي,
مُنڌَ* سَما سي جھور گھري ٿي!

تند ڇڪي ٿم تنبوري جي
ڪيڏاري ۾ سور گھري ٿي

خاڪ ڪيا آتش پروانا،
رغبَتَ تن تندور گھري ٿي!

ڪريان ڪيئن امداد نمائش؟
غم دل سي محصور گھري ٿي!
* خوبصورت عورت

جڳ جي ھُٻڪارَ ڇڏي يار! ويون.

جڳ جي ھُٻڪارَ ڇڏي يار! ويون.
ڪُونجون ڪُونجار ڇڏي يار! ويون.

ٽڪ ٽڪ گھڙيال ڪري ٿڪجي پيو,
گھڙيون جھنڪار ڇڏي يار! ويون.

جَي پوپٽ موھي آڻينديون هيون,
سُرھاڻيون ڏار ڇڏي يار! ويون.

مَن جي جھوليءَ ۾ ڪيئي سھڻيون،
ھي پيار اَپارَ ڇڏي يار! ويون.

جن جو ٿيندو ھئو ڇوڙ اکين مان،
نديون رُخسار ڇڏي يار! ويون.

جيئن ويا لفظ رُسي ميران کان؟
تارون سُرتار ڇڏي يار! ويون.

امداد! گلابي آسون منھنجيون,
دل ۾ انڱار ڇڏي يار ويون!

درد دل ۾ دُکن ھزارين پيا!

درد دل ۾ دُکن ھزارين پيا!
تِير سِڪ جا چُڀن ھزارين پيا!

عشق واري نماز کي پڙھندي,
نِرڙ "ھُو" سان جھُڪن ھزارين پيا!

راز توڙي پيو لڪايان مان؟
تاڪِيَي جيئن کُلن ھزارين پيا!

ڪنھن نه ميرو ڏٺو ته باطن آ
رُوح ظاھر ڌُئن ھزارين پيا

چنڊ تنھنجي ڏنو ڳليءَ جو ڏس،
پيچرو پر ڀُلن ھزارين پيا

تنھنجو ته ھتي مِثال ئي ناھي,
ڇو نه سھڻا ھُجن ھزارين پيا!

موتَ امدادُ! ماريو نه رڳو
آدِمي ھِت کُٽن ھزارين پيا

راتِ رقصان شباب ڪنهن ڪم جا!؟

راتِ رقصان شباب ڪنهن ڪم جا!؟
جِن ڏني ننڊ، خوابَ ڪنهن ڪم جا!؟

ماڻهو ماڻهوءَ جو ٿيو ويري!
هي عبادت ، ثواب ڪنهن ڪم جا!؟

ڪو ته سمجهي سوال اکڙين جا!
جي مليا سي جواب ڪنهن ڪم جا!؟

تار آهي ڇڳي حياتي جي!
ياد جا هي رباب ڪنهن ڪم جا!؟

رک ڀلي تون گلاب سنڀالي!
بن کلئي پر ڪتاب ڪنهن ڪم جا!؟

ڪير امداد! ٿو کلي روئي؟
هيءُ هاڻي حساب ڪنهن ڪم جا؟

دُکَ جو ديپ مان ٿو جلايان ڏسو،

دُکَ جو ديپ مان ٿو جلايان ڏسو،
روشني سان شهر ٿو مِلايان ڏسو

ڪا گهٽا آهه ڇانئي اکين ۾ منهنجي،
پنهنجا بارش ۾ ڳل ٿو ڀڄايان ڏسو

ٻار پرچي نه ٿو منهنجي اندر جو هي،
کيس آڱر وٺي ٿو گهمايان ڏسو

شام سندور لاهي پئي سينڌ ۾،
رنگ جنهن سان اکيون ٿو ملايان ڏسو

تنهنجو پيغام اچڻو آهي فون تي،
ايئن مان پاڻ کي ٿو پلايان ڏسو

تو چيو هو متان تون چئين الوِداع،
تنهنجو امداد! مان ٿو پڇايان ڏسو.

درد تنهنجي گلا زماني ۾.

درد تنهنجي گلا زماني ۾.
تون به ڄڻ ڪا بلا زماني ۾.

شوق هو بانس جيئن جڏهن نڪتو،
سو زمانو ملا زماني ۾.

اجتمائي قبر اٿئي دنيا،
پاڻ کي تون کلا زماني ۾.

سير ۾ تون ڪٿي وڃين رهجي،
خيال سان خود هلا زماني ۾.

لڙڪ هڪڙو وهي نه هن جو ڪو،
مون کي ڇڏ، هو کلا زماني ۾.

منهنجو”امداد“ ٿي نه سگهيو هو،
ڇاهي بچيو ڀلا زماني ۾!؟

حقيقت هئي جي تماشو بڻي ڇو؟

حقيقت هئي جي تماشو بڻي ڇو؟
ڪُلهن تي پنهنجي پاڻ لاشو بڻي ڇو؟

نه سيما قبولي محبت ڪٿي ڀي.
وچان ڀِت کڻي هاڻ حاشو بڻي ڇو!؟

رکي کل مڻن جو وزن ٿي سکيءَ جي،
لڪائي پنهنجي مرڪ ماشو بڻي ڇو!؟

ڏٺو گهٽ نه آهي هلاهل1 کان ان کي،
قتل منهنجي ۾کنڊ ساشو بڻي ڇو!؟

ڪئي سال مونکي لڳا بت ٺاهيندي،
سگهو اينجلو2 جو تراشو بڻي ڇو!؟

1. زهر قاتل
2. مائيڪل اينجلو، مشهور بت تراش

مان رُنس پنهنجي نارسائي تي

مان رُنس پنهنجي نارسائي تي
زندگي ڀر جِي هِن جدائي تي

مون ۾ طاقت اڃان هئي ڏاڍي
جيت مون پاتي هار آئي تي

ڳالهه تنهنجي ڀلا ڇو ڪين ڪيان!؟
ڪيئن رهان چپ مان بيوفائي تي

ياد هي يادگار آ منهنجي
فخر آهي انهي ڪمائي تي

بيوفايون ڪري رهي بي ڏوهه
رشڪ آ هن جي پارسائي تي

نيٺ ”امداد“ ساڻ ملندينءَ تون
مان جيان ٿو اميد آئي تي

وڃايا ريت ۾ پيرا پنهنجا آهن مسافر ڪنهن،

وڃايا ريت ۾ پيرا پنهنجا آهن مسافر ڪنهن،
اڃا مس مرگهه جو پهريون ڪو کُر هاڻي ڏٺو آهي!

رهي ٿي ڄڻ ته ڪا مارئي رکي ساڻيهه سڪ مون ۾،
مون پنهنجي سوچ ۾ ڦٽندي للُر هاڻي ڏٺو آهي!

فقط هڪ سُرڪ سڪ پيتم ته سيني منجهه سگهه آئي،
سپي دل جي ائين بنجي ٿي دُر هاڻي ڏٺو آهي!

ڪلالن کي ڪيم آزي ته ڪجهه مهلت ڏيو مونکي،
گلاسن کي مون هن پل ۾ ئي پُر هاڻي ڏٺو آهي!

ڇڏي لشڪر يزيديءَ کي حسيني در هلي آيو،
سو غيرن منجهه غيرتمند حُر هاڻي ڏٺو آهي!

هميشه کان ڏٺاسين عشق ۾ امداد! توحيدي،
محبت منجهه ٿيندي مون ڪفُر هاڻي ڏٺو آهي!

نظر جِي يار! تون ھاڻي سخاوت ڪر،

نظر جِي يار! تون ھاڻي سخاوت ڪر،
محبت جي وري مونتي عنايت ڪر.

نه انڌو آن، نه ٻوڙو آن، اڃا تائين،
انھيءَ دستور سان جھيڙي بغاوت ڪر.

چمن اجڙي ويو آھي خزائن سين،
بھارن سان ملي گل جي عدالت ڪر.

ڪري آء ڇانورو ھن درد جي اس تي،
اچي آڪاش جيڏي ئي قدامت ڪر.

چڱي سمجھي ويو ھين مام قدرت جي،
اچي ھت عشق وارن جي امامت ڪر.

رکيو ھو پيار کي سانڍي امانت جئن،
وچن امداد! پاڙڻ لاءِ ديانت ڪر.

ڪاغذي گُل ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

ڪاغذي گُل ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!
دل جو ھو هُلُ ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

سونھن ۾ ڪونہ آ هتي ثاني.
تنھنجو تون تُلُ ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

منھنجي ھڪڙي بڻي ڪڏھن کان آن.
تون دنيا ڪُلُ ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

چاندني رات، سرنھن جي کيتي،
چيٽ جو گُل ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

آء ھلي، ڪاڻ تو نھارن جو،
آ وڇيو جُلُ ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

ياد امداد! سو جمالو آ،
ماضيء جو مُلُ ۽ ٻيا مٿان پوپٽ!

يار جَي آھي خطن جو رنگ ھي!

يار جَي آھي خطن جو رنگ ھي!
گل مٿان ڳاڙھن چپن جو رنگ ھي!

شام جي خاموش منظر جي گھليا،
آ حنائي ڀي ھٿن جو رنگ ھي!

درد سان وکري ويو پيرن ۾ آ،
باغ ۾ ڇڻندي پتن جو رنگ ھي!

وھ پيان ٿو مان لڪائي ڳالھه کي،
ٿو لڳي ڪوڙو سچن جو رنگ ھي!

ڪينواس حيات جو ڪورو ڏٺم،
ڪنھن مٽايو ٿي مچن جو رنگ ھي!

شاعري امداد! جيڪا ٿو لکين،
ڄڻ ھجي ڪو نو رتن جو رنگ ھي!

جو ھٿن سان ٻاريو ديپڪ،

جو ھٿن سان ٻاريو ديپڪ،
صبح مون سو ساريو ديپڪ.

نيڻ ياد ۾ تر ھئا جي،
تن کڻي ٿي تاريو ديپڪ.

باھ عشق واريءَ سان ھر،
ٿي پتنگ ماريو ديپڪ.

منھنجا برف جھڙا جذبا،
آھي جن کي ڳاريو ديپڪ.

زندگي جو ڪوسو ٽاڻو،
ساڻ ساڻ ٽاريو ديپڪ.

ڇو پري پري آ منزل،
راھ ڏي نهاريو ديپڪ.

چؤ ڏسا ھئي اونداھي،
مون پئي پڪاريو ديپڪ.

پتنگا ڇڪي رات آئي بتي،

پتنگا ڇڪي رات آئي بتي،
ھٿن سان جڏھن مون جلائي بتي.

گھڙي ريل دردن جي ترساءِ جھَٽَ،
ٻري جيستائين ھو سائي بتي.

متان در، دري ڪا تون کولي ڇڏين،
ھوائن کان آھي لڪائي بتي.

مسين مون ته ٻاري وڏي شوق سان،
الائي اچي ڪنھن اجھائي بتي!

صدين کان لڙائي ۾ مشغول آ،
وڻي يار اوندھ ۾ جائي* بتي.

نه امداد! ھي روشنائي اجھي
سدائين ٻري پرھ تائي بتي

* سچ پچ ۾

منهنجي دل ٿي اڄ ائين، جئن آمراڻو1 آهي ٿر ۾،

منهنجي دل ٿي اڄ ائين، جئن آمراڻو1 آهي ٿر ۾،
تون ۽ مان همراهه پنهنجي شام ٽاڻو آهي ٿر ۾.

ڪاڪ ڪوماڻي رقيبن جي الائي ڇو پئي آ!؟
ساوڪن جي هي به ڀاڪر ۾ ته ڀاڻو آهي ٿر ۾.

ڇانگ سان ڇوڪِر ترائي تي اچي پئي چيلھ لوڏي،
مور واري ٽور جو ڪيڏو نه ماڻو آهي ٿر ۾.

ٽِيجَ2 جي هت چاندني آهي وڇاڻي رات ڀر ۾،
سانوڻيء سان هر ڏهر جو ڏينهن هاڻو3 آهي ٿر ۾.

ياد جانم منهنجي آهي روح ۾ هاڻي ائين هيءَ،
ڄڻ مکڻ جو ڪو لسيء ۾ يار! چاڻو آهي ٿر ۾.

نيڻ ناسي خوب جنهن جا، ٿي کليا چپڙا عنابي،
يار سو امداد! منهنجو ٿيو اياڻو آهي ٿر ۾.

1. عمر ڪوٽ جي ويجهو ٿر جو هڪ ڳوٺ
2. چنڊ جي پهرين ۽ چوڏهين تاريخ کان پوءِ ٽِيون نمبر ڏينهُن (هر مهيني جي چوٿين ۽ سترهين تاريخ)
3. آلو، پسيل

عشق جا اِسرارَ ئي رھجي ويا،

عشق جا اِسرارَ ئي رھجي ويا،
فِڪرَ ڀي ڀَنڊار ئي رھجي ويا.

ھيڪلي آھي مسافت مون ڪئي،
پوئتي سڀ يار ئي رھجي ويا.

چنڊ ڪڪرن ۾ وڃي ويٺو لِڪي،
رات ڀر ديدار ئي رھجي ويا.

مون وڃائي ڊائري پنھنجي ڇڏي،
جنھن اندر اِظهارَ ئي رھجي ويا.

ڪو به ناھي جو مسيحائي ڪري،
مُورڳو بِيمارَ ئي رھجي ويا.

تند آ امداد! ٻيجل کان ڇڳي،
ماٺ ڇو فنڪار ئي رھجي ويا؟

ڇو ھيڪلو ويس رھجي يار جي ته ھوندي؟

ڇو ھيڪلو ويس رھجي يار جي ته ھوندي؟
دلدار ڪو نئون ڳوليان پيار جي ته ھوندي!

ھڪ ياد آ، جياپو جنھن کان ملي وڃي ٿو،
دل خوش رھي انھيءَ سان آزار جي ته ھوندي!

ھي ڦيٽ جوھريء آھي سون سان ملائي،
ماشو به ڪنھن نه ڪم جو انبار جي ته ھوندي!

منھنجي حيات گذري تيزيءَ سان روز پيئي!
ڪئن وقت لَمَحُ ترسي رفتار جي ته ھوندي؟

ھو ڀَروَسو ڪڏھن ڀي ھيء ڪونه بدلبي پر،
دل ٿي مٽا سٽا وئي اوتار جي ته ھوندي!

ھن عشق کي لڪايون امداد! ڪيستائين،
نينھن - اذان ايندي مينار جي ته ھوندي!

ھڪڙي ته مون پٿر جي مُورت سَٽي ڇڏي آ

ھڪڙي ته مون پٿر جي مُورت سَٽي ڇڏي آ
وڻندي ھئي ڪڏھن جا صُورت سَٽي ڇڏي آ.

بک پاھ چنڊ کي شايد رات ۾ ڪيو ٿي،
مون پيٽ پنھنجي جي ڀي پورت سَٽي ڇڏي آ.

واعدو ڪري نه آئين تون چنڊ رات مونڏي،
ھاڻي ملڻ جي توسان مورت۱ سَٽي ڇڏي آ.

جا پيار کان سدائين باغي رھي آھي،
سيني اندر مان يار! ڪدورت سَٽي ڇڏي آ.

ٿيو روحڙو بدن کان آ رنج ڇو الائي؟
ھاڻي حيات جي ته ضرورت سَٽي ڇڏي آ.

اڄ ننڊ کي ڏئي سپنا رات سون روپا،
جا جاڳ ڪئي ھئي، سا ڌورت۲ سَٽي ڇڏي آ.

مان پلصراط تان ٿو گذران ته عشق جي تان
امداد! واپسيءَ جي صورت۳ سَٽي ڇڏي آ.

۱. شڀ گهڙي ۲. لچو بدماش ۳. طرح، ريت

ادا هُن جِي دل کي وڻي ٿي وڃي،

ادا هُن جِي دل کي وڻي ٿي وڃي،
ڏئي ٽهڪ مونکي کڻي ٿي وڃي.

ڊگها وڻ سفيدي جا رستي ۾ هي،
جتان چاندني ڀي ڇڻي ٿي وڃي.

بدن جي هي خوشبوءِ لڪائي کڻي،
هوا سان چڪر جو ھڻي ٿي وڃي.

اکين جي هلي ڪاڪ ۾ جي اچي،
اڃا هيءَ محبت گهڻي ٿي وڃي.

دعائن کان ٻاهر نه نڪري سگهي،
اڪيلي ته منهنجي ڄڻي ٿي وڃي.

مٺين ۾ رکي قيد مون وقت کان جا،
هٿن مان سا کسڪي پڻي ٿي وڃي.

جي پائي لٽا يار گيڙو اچي،
وري عشق جو ئي ڌڻي ٿي وڃي.

ضروري نه امداد! آ سانوڻي،
وسي اک ۾ اک جي ڪڻي ٿي وڃي.

ڪنھن چيو ٿئي شديد محبت کي!

ڪنھن چيو ٿئي شديد محبت کي!
ڪنھن چيو ٿئي جديد محبت کي!

مون ڏٺي جا، سدا مَماتي آ،
ڪنھن چيو ٿئي شھيد محبت کي!

واڪ آھي ھنيو شھر ۾ ھن،
ڪنھن چيو ٿئي خريد محبت کي!

راس انگور جئن پچي ٿي جو،
ڪنھن چيو ھو ڪشيد محبت کي!

اک سوالي پڇي وئي رھجي،
ڪنھن چيو ٿئي فريد محبت کي!

درد امداد! ھڪ لڳي توکي،
ڪنھن چيو ٿئي مفيد محبت کي!

جئن عشق اسان امداد! ڀرپور ڪيو آهي

جئن عشق اسان امداد! ڀرپور ڪيو آهي
مڌ ڪاڻ ڇني، زخمي انگور ڪيو آهي

عادت نه هئي نيڻن کي تڪڻ جي اڳ راهون، مون کين حسينن سان معمور ڪيو آهي.

ڪافي آ تنهنجو جلوو هاڻي ڀي جلائڻ لئه
هر ڪوھه تڪي تو ئي جو طور ڪيو آهي.

دل لفظ ڏنا چونڊي تحرير ڪيان ڪوتا
ات خيال رهيو جيڪو ناسور ڪيو آهي.

سانجھيءَ کان رتو آھي مون رنگ گهري ورتو
سنسار سڄو ان سان سندور ڪيو آهي.

گهاڻا به وڪاڻا هن ۽ ڪوڙ بچائڻ اڄ
هي سچ چئي خود کي منصور ڪيو آهي.

ڪيسين هي حياتي ڀي گمنام رهان جانم! مونکي تو محبت ۾ مشهور ڪيو آهي.

ساههُ سيني ۾ يار باقي آ

ساههُ سيني ۾ يار باقي آ
موت کان پوءِ پيار باقي آ

نيڻ آھن نھار ۾ اٽڪيا،
ھائو چئہ، انتظار باقي آ.

بي سڪوني ۾ لوھ لڱ منھنجا،
ڪئن چوان مان قرار باقي آ؟

تنھنجا منھنجا پساھ ڀي ساڳيا،
جسم تي تنھنجو وار باقي آ.

ڦول معصوم ھئا, وئي ڇاڻي،
پر خزان ڪاڻ خار باقي آ.

موت ترسي پيو گھڙي کن لئه،
درد دل جو غبار باقي آ.

نيٺ پلبو ته آسرو دل جو،
ھن وچن کان فرار باقي آ.

زلف امداد اڳيان کنڊيڙين ٿي،
بس اسيري ۾ ڇار باقي آ.

ڳل شبنمي ويا ٿِي،

ڳل شبنمي ويا ٿِي،
پل زندگي ويا ٿِي.

ناھي ملي وفا ڪٿ
يار موسمي ويا ٿي.

جن جي خبر ئي ڪونھي
سي اڳڪٿي ويا ٿي.

سپنن ۾ چنڊ آيو
مک چاندني ويا ٿي.

زنجير عشق پاتي
سُڪَ ساھ ڀي ويا ٿي.

تنھنجي چمي بدن کي
چپ چاشني ويا ٿي.

امداد! خيال منھنجا
گل ڪاسني ويا ٿي.

درد ۾ ماڻهوءَ کي ڦاٿل ٿو ڏسان!

درد ۾ ماڻهوءَ کي ڦاٿل ٿو ڏسان!
سج کي ٿيندي ته پاڳل ٿو ڏسان!

رات ۾ وڻ ڳوٺ جا وڍجي ويا،
راتِ کان ئي ڊنا بادل ٿو ڏسان!

مئه رکي ناهي هٽيء تي تو ڪلال!
هر پيالي ۾ هلاهل ٿو ڏسان!

ڦول هئا، مون ڏانهن آيا پٿر ڀي،
هٿ اتي ڄاتل سڃاتل ٿو ڏسان!

رقص ۾ هي زندگي گذري وئي،
پير ۾ زنجير پاتل ٿو ڏسان!

آب نيڻن ۾ رکو روڪي سکيون!
سانوڻيء ۾ آلا سانول ٿو ڏسان!

رات آئي ويس ڪاري ۾ هئي،
گهور ۾ امداد! ڪاجل ٿو ڏسان!

تا عمر قيد ٿي وئي آهي

تا عمر قيد ٿي وئي آهي
زندگي ڀيد ٿي وئي آهي

ڪوڙڪي هن جي لئه وڇاڻي هئي!
بي سبب صيد1 ٿي وئي آهي

سون جئن سانڍيم محبت کي،
پوءِ به ناپيد ٿي وئي آهي!

ڳوليو جنهن کي شام صحرا ۾،
رڃ ۾ سا کيد2 ٿي وئي آهي.

هن جي جوڀن تان جان و جسم نثار،
جلد جاويد ٿي وئي آهي

دل ۾ تمثيل هُن جي آهي پڪي،
جام جمشيد ٿي وئي آهي.

تنهنجي لئه پيار جا سڪا ميڙيم،
هنجَ ڇو ڇيد ٿي وئي آهي!؟

درد آهي رتي اسانجي اک،
شام ڀي ريد3 ٿي وئي آهي.

ڪوڪ ڪويل جي آهه کاٽُ هنيو،
ياد نو پيد ٿي وئي آهي.

زندگي ڀر ڏنو زخم جنهن ٿي،
سا سکي ويد ٿي وئي آهي.

هاڻ امداد! شاعري تنهنجي،
ڄڻ وڌي بيد ٿي وئي آهي.

1. شڪار
2. ڌوڪو، دولاب
3. سرخي مائل

ٿي ڀڃي خواب منهنجي جو درپن

ٿي ڀڃي خواب منهنجي جو درپن
ڇير ڇوري! تنهنجي ڪري ڇن ڇن

چنڊ جو روپ آن سراپا تون
سانوري رات کي ٿي ڏين جوڀن.

تو سواءِ چين آ پري مون کان
پيار تنهنجو وجود جو ٻنڌن.

هي نگاهن ۾ سار جا تارا
ڄڻ ڏياري جا ٿا ڏِئا ٽمڪن

ٿو کلي ڪارونجهر جو ڪيئن ٿري!؟
ميگهه جو جيئن گگهو آ پاتو بن

جي غزل مون لکيا تنهنجي سونهن تي
سي ٿا امداد! سون جئن جرڪن.

ٽيڙُو نه ڪَتي آهي

ٽيڙُو نه ڪَتي آهي
هِيڻي ٿي بتي آهي.

تو ڪاڻ هجي تولو،
مون ڪاڻ رتي آهي.

ڪا عمر اجهاڻي آ،
قاتل ٿي بتي آهي.

مٺ منهنجي کنئي واري،
ڌرتي ڇو تتي آهي.

هو ڪڪر اتر آندو،
ڄڻ نِڀَ چتي آهي

پئي موت ڪهاڙا! تو،
ماري تو ستي آهي.

ٿي جاڳ رهي مون ۾،
اک جيئن رتي آهي.

سوغات ڏني دردن،
مانڌاڻ متي آهي.

ٿو عشق گهري ورثو،
جو ازل پتي آهي.

امداد! مُئين هڪ تون،
هر آلي پتي آهي.

رات امداد! تو ڀنو ٽاڻو،

رات امداد! تو ڀنو ٽاڻو،
زندگي ٿِي سکي سواءِ گهاڻو.

دل ڪيون درد کي پئي منٿون،
پر ڇڏي درد ڪيئن ٿو ماڻو؟

چنڊ آهي سُڪونَ جو ڪاٿي؟
ڪو ڏسي من_مٺي جو مون ڀاڻو.

ٿي اڃان دڳ کي ڊاڳ جاڳائي،
ٿو سڏي هُو ڌراڙ چئي ڀاڻو!

آس مومل رکي اڃا آهي،
نيٺ ايندو وري ملڻ راڻو.

ڌپ ککي مون ۾ ڀي رکي آهي،
مان گناهن جي هان مڇي هاڻو.

روح بي چين ٿو رهي منهنجو،
پنهنجو ئي جسم ٿي پيو ٿاڻو.

ويڙهيل ڪوئي ٿانُ روئي ٿو

ويڙهيل ڪوئي ٿانُ روئي ٿو
جسم تان ڦاٽي بانُ* روئي ٿو

تير هن جا کٽي ويا هن سڀ،
خالي سو اڄ ڪمانُ روئي ٿو

ڪو نه پوڙهو چٻاڙي سگهيو آ
سڪل هڪڙو پيو نانُ روئي ٿو

اڄ جو ماڻهو ٿو ٽهڪائي دل،
هائي! ماڻهوءَ جو شانُ روئي ٿو.

درد ڏيندڙ اچي جنازي ۾،
دوست ٿي مهربانُ روئي ٿو.

هڪڙو ڳوڙهو ڳڙيو اک مان،
ايئن لڳو هيءُ جهانُ روئي ٿو.

ڪيئن ٽجوڙي ۾ عشق کي رکندي!؟
تنهنجي اکڙين مان دانُ روئي ٿو.

* لباس

اسان کي عشقُ ڀي پل پل شمع وانگر پگهاري ٿو!

اسان کي عشقُ ڀي پل پل شمع وانگر پگهاري ٿو!
وٺي هٿ ساهه - پروانو پچڻ ڪارڻ پٿاري ٿو!

پئي هڏڪي رهي مون ۾ نچندي مور پرڙن جيئن،
بهاني سان ائين توکي منهنجو هي پيار ساري ٿو!

ڪيو آ چاندني کي رات ۾ چوري ڪڪر ڪاري،
ڏٺو تو ڪيئن ڳلي تنهنجي وري ڀي چنڊ ٻاري ٿو!

نئين ننگر ڏي آهي آس جي اڏري چڪوري ڪا،
اکين جو چنڊ جانم ڏي اميدن سان نهاري ٿو!

پڙهي ڇو نيڻ پنهنجا ٿو جلي سارو زمانو هي،
هتي ماڻهو ڏسو سگريٽ ڪنهن جئن پاڻ ٻاري ٿو!

رهي بارش جي موسم ٿي سدائين پنهنجي دل اندر،
اڪيلو ٿي جدا ”امداد“ ڳوڙها عام هاري ٿو!

ٿا پڻڇي تار تي ڳائن اڃا تائين

ٿا پڻڇي تار تي ڳائن اڃا تائين
هوا ۾ درد ورجائن اڃا تائين

مون سمجهي روز امرت ٿورڙو پيتو
ڀُتا* ڇا لاءِ ٿا گهٻرائن اڃا تائين!؟

فقيري حال منهنجي تي ڀلي کِل تون
فقر ڦيرا مون ۾ پائن اڃا تائين

وڙهي جهڪ سمنڊ جي آهي مهاڻن سان
بتيلا ڪئن ڪپر لائن اڃا تائين

ڪچي گهر جيئن مان سيلاب ۾ ڦاٿل
مون کي درياوَ ٿا پائن اڃا تائين

پهر هي رات جو امداد! ترسي پئه
اکين سان خواب ڳالهائن اڃا تائين.

* نشي پتي (شراب) ملڻ جو دڪان

نيٺِ محبت قريب ٿي يارو!

نيٺِ محبت قريب ٿي يارو!
ٿي ويو آ سڦل سفر سارو.

جا به دشوار هئي صفا منزل،
عشق ٺاهي ڏنو نئون چارو.

مون حياتي ڏني تنهنجي در تي،
تو سدائين ڏنو ڏکن ڳارو.

جوڳياڻيءَ اکيون ڇو چورايون؟
اک ڀڃي ٿو پڇي کلي ڍارو.

سانوڻي سان اچين هان گڏ تون ڀي،
روح رهجي ويو هي تاسارو.

هڪ قبر جي زمين ها ملندي،
پاڻ ڏي ناهي ڪو ٻني ٻارو.

رات آڪاس کان جو وڇڙيو هو،
جهول ورتو زمين سو تارو.

لڙڪ پيئندي عمر گذاري آ،
مرڪ “امداد” جي هئي گذارو

رات دل جي شمع ڪيئن ٻري؟

رات دل جي شمع ڪيئن ٻري؟
جاڳ آندي مٿان وسوسن جي ڀري!

جسم چندن تنهنجو ياد آهي اڃان،
زندگي جنهن جي خوشبو ۾منهنجي ٻري!

ڏينهن ڪوسو اسان تي هُئو جون جو،
سار ايندي تنهنجي من جي موسم ٺري!

او سکي! نيڻ بادل تنهنجا ڇو ٿِيا؟
مان انهن کي ڏسي ٿو پوان ايئن مري!

وقت جي وير آهي چڙهي ڇا ڪجي!؟
هيڪلو جيئِجي، يا ته پئجي مري!؟

هي وڇوڙو سهان مان اڪيلو نه ٿو،
ڏس ڪناري ملي آ لهر ڀي وري!

تنهنجي امداد! ٻيڙي پني جي هئي،
وقت جي وهڪِري ۾ ڀلا ڪيئن تري!

درد سان دوستي ٿي پراڻي وئي

درد سان دوستي ٿي پراڻي وئي
بند ورقن ۾ رهجي ڪهاڻي وئي

دل پکي جي مٿان پيار جي تار تي
رسِمن جي گليلي آ تاڻي وئي

هن ٻڌي ڇير هئي عشق واري اڃا
ڇو لهي قبر ۾ پوءِ نماڻي وئي؟

هٿ جي ريکا اسان جي ملي ڪين ٿي
زندگي پاڻ کان پاڻ واڻي وئي

ٿو وڙهي روز همزاد سر عام هي
سوچ مون ۾ مچائي مياڻي وئي

زور سان پيچ پاتل ڇنائي تکي
روح جي منهنجي لغڙي اڏاڻي وئي

شام لمبي ڪچو پنهنجي ڪوٺو گهر جو
آس ڪائي کڻي اوڏياڻي وئي

باک امداد! آهي ڦٽي ديس ۾
چاندني رات ويندي وهاڻي وئي.

حال آهر نباههُ ٿو ڪريان

حال آهر نباههُ ٿو ڪريان
پاڻ کي ڄڻ تباههُ ٿو ڪريان

پنج درياههَ درد جا مون ۾
سمنڊ ۾ پنهنجو لاههُ ٿو ڪريان

ڪوئلي کاڻ ۾ ڦڦڙ زخمي
پيٽ لاءِ هٿ سياههُ ٿو ڪريان

تنهنجي آهي ڌڪار سان سنگت
پيار سان آنءُ چاههُ ٿو ڪريان

پائي گيڙو لٽا فقيريءَ جا
فرش کي تخت گاههُ ٿو ڪريان

ڀاڳ سان ريس مون ڇڏي آهي
هٿ لڪيرن سان ٺاههُ ٿو ڪريان.

پيار جو معراج ماڻي ڇا ڪجي!؟

پيار جو معراج ماڻي ڇا ڪجي!؟
نيڻ نيڻن ڏانھن تاڻي ڇا ڪجي!؟

دور آھي بيوفائيءَ جو ھتي،
دل اندر ۾ عشق واڻي ڇا ڪجي!؟

ريت جنھن کي اڄ ورائي آ وئي،
تنھن وڃي ڀي ڀينگ ڀاڻي ڇا ڪجي!؟

سج ڇڏي پاڇا نديءَ ۾ ٿو لھي،
ھيڪلو ھن شام ٽاڻي ڇا ڪجي!؟

حرمتون ھن سونھن جون لٽجي ويون،
ھاڻ راڻا ڪاڪ ماڻي ڇا ڪجي!؟

ھي اٽو آھي اڳيئي ٿورڙو،
سو اجايو يار ڇاڻي ڇا ڪجي!؟

شاعري تنهنجي ڪري آهي فقط.
ٻي اڃا تعريف ھاڻي ڇا ڪجي!؟

جو دنيا ۾ ايئن مرڻو ناھ، پوءِ،
عشق کي پيڙھي به گھاڻي ڇا ڪجي!؟

ھي لڪو امداد! ئي آھي چڱو،
روبرو ڀي درد آڻي ڇا ڪجي!؟

اُٿن ٿا آڌيءَ رات دريا غمن جا

اُٿن ٿا آڌيءَ رات دريا غمن جا
ڏسان پنهنجي اندر ٿو صحرا غمن جا

ڪٿي چاندني هي لڪي آ سکن جي!
ٻري پيا حياتيءَ ۾ ڏِيئا غمن جا.

ولوڙي مهي جيئن سويري اٿي مون،
تري پيا دکيءَ ۾ مکڻ چاڻا غمن جا.

ڏنا ڦول سڀ مون محبت جا ميڙي رڳو
جهول ۾ خار کنيا غمن جا.

نچن مون ۾ امداد! مورن جيان ٿا،
وڪوڙي منهنجي دل واچوڙا غمن جا.

کڻي ٿي ڳاٽ ڳڀروءَ جئن ڏياٽي هي،

کڻي ٿي ڳاٽ ڳڀروءَ جئن ڏياٽي هي،
مَٿو مُنهن پئي پٽي اونداهه گهاٽي هي.

اڃا آهي کلي ۾ ڀي ڀريو پاڻي،
ڇو سمجهي پاڻ پيئي ٿي اساٽي هي!؟

ٻُري آزاد ڳيرن جي اڃان ڳٽ ڳٽ،
اڃان زندهه آهي ٻولي ڳيراٽي هي.

جڙون پاتال ۾ جنهن جي کتل منهنجون،
انهي ڀونءِ مان جڙي آ منهنجي ماٽي هي.

هلين امداد! جي تون واٽ هڪڙي تي،
چمندي پير هر جاءِ تنهنجا گهاٽي هي.

منُ ميرو نه کپي، نه کپي،

منُ ميرو نه کپي، نه کپي،
دک - ديرو نه کپي نه کپي.

دُنگِي لاٿي درياءَ ۾،
ڪُن ڦيرو نه کپي نه کپي.

پنڇي آڪاس اڏاڻو،
واهيرو نه کپي نه کپي.

مون وٽ غم مھمان ٿيو،
دل! گھيرو نه کپي نه کپي.

سونھون صحرا جو ھان مان،
ڪو پيرو نه کپي نه کپي.

عشق صليبن جو چاڙھي،
سو کيرو2 نه کپي نه کپي.

سونا امداد! امن سنگ،
هُل ڪيرو نه کپي نه کپي.

2. لولو لنگڙو

اکين سان اکين کي پڙھين ھا!

اکين سان اکين کي پڙھين ھا!
گھڙي کن لئي منُ مڙھين ھان!

ڏٺم يار! اَمبَرُ چتائي،
اتي چنڊ جيان ئي چڙھين ھان!

ڀنا ماڪ ۾ رات جيڪي،
گلابي گلن کي ڳڙھين ھان!

اندر ۾ ته ملتان ڄڻ آ،
نه پر ايترو دل ڪڙھين ھان!

ڪري ڪوڪ چرخو چوي ٿو،
ڪَتَي دوستيءَ ۾ لڙھين ھان!

تون پھلوء ۾ پنھنجي سمهاري،
ڏئي هونگ سک دک ڇڙھين ها!

ڏَهَرَ ۾ ترشنا سان امداد!
رلي مرگھ وانگي, ڦڙھين* ھان!

* ڇلانگون ڀري اچڻ

توکي پن ڇڻِ وڻندي ھئي،

توکي پن ڇڻِ وڻندي ھئي،
پيڙا تو ۾ ڪڙھندي ھئي.

مرڪي نيڻ جڏھن کنيا تو،
ھيء ته دنيا ڀي سڙندي ھئي.

سڏ ٻڌندي ڪنھن ڪويل جو،
"ھون" ۾ تنھنجي ورندي ھئي.

ڳوڙھن جو سرمو پائي،
آشا دل جي مرندي ھئي.

روز مَمات ڊيڄاريندي،
يار حياتي چرندي ھئي.

لوڪ لڳائي وچ ۾ جا،
آڳ اھائي ٻرندي ھئي.

هردي ۾ ياد اچڻ سان،
امداد جيان ٺرندي هئي.

روح جو رَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

روح جو رَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر
موج جو مَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

رات ڀي ٺري آ، مهل ڀي ڀري آ
مينهن جئن اَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

ٿو ڏسان اکين کي سمنڊ جئن چڙهيل پيو
لڙڪ سين جَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

عشق ۾ شمع تي ٿا اچن پتنگا
آڳ تي پَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

ميڻ من ٿيو صوفي سندو مدامي
ناچو ٿي نَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

وار اچ قلندر جي نگر ۾ کولي
رنگ ۾ رَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر

صاف پنهنجو هي امداد! رک تون اندر
گچ ۾ ڇا گَچَڻُ ٿِي رقص جي برابر!؟

جَي درد تنهنجي جو ڪو درمانُ ملي پوندو،

جَي درد تنهنجي جو ڪو درمانُ ملي پوندو،
منڌل ۽ مئل من کي جيئدانُ ملي پوندو.

ڪجهه رنگ اميدن جا ڀريان جي ملين مون سان،
ڪو تنهنجو اسانکي هي احسان ملي پوندو.

هر گام تي ڏسجن ٿا ماڻهن جا گهڻئي ميڙا،
آخر ڪو ڪڏهن مون کي انسان ملي پوندو.

نيڻن کي وڇايو ٿم گلڙن جي بجا گس تي،
من مهڻو مٺو ڪو اڄ مهمان ملي پوندو.

هر رات اچي مل تون سپنن ۾ سنئين سهنجي،
گهر ۾ به اچڻ جو ڪو امڪان ملي پوندو.

جئن دور ٿو ٿين مون کان ڪئين وهم وڪوڙن ٿا،
اچ يار! تون ڪجهه اوڏو ايمان ملي پوندو.

مان پاڻ چڙهي ويندس امداد! صليبن تي،
جي عشق جي طرفان ڪو فرمان ملي پوندو.

ياد ڪا چشم تر ڪري ويئي

ياد ڪا چشم تر ڪري ويئي
مون ۾ هوءَ پنهنجو گهر ڪري ورئي

اڄ ڏئي پنهنجي ڪا خبر مون کي
پاڻ کان بي خبر ڪري ويئي

آ وٽس ڄڻ بهارن جو ميلو،
جا خزان جي نظر ڪري ويئي.

هونئن ته ٻئي نيڻ ڄڻ هئا ساحل،
دل ۾ ويندي ڀنور ڪري ويئي.

ڪا قيامت ڇڏي هن آ مون ۾،
منهنجو مشڪل بسر ڪري ويئي.

هئي حياتي مٺاس امرت جو،
هو هٿن سان زهر ڪري ويئي.

مون کي ڏيکاري پنهنجو هڪڙو در،
عمر ڀر در بدر ڪري ويئي.

جنهن جي لاءِ پاڻ کي اڙايو مون،
سائي دل ڇا حشر ڪري ويئي.

پنهنجا امداد! درد ۽ يادون،
زندگي لئه ثمر ڪري ويئي.

بنا اوهان جي ڳچي ۾ لڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

بنا اوهان جي ڳچي ۾ لڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟
مٿان زمانو به تيل ڇڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

مرڻ جيئڻ جو پڇي ڪو مونکان ٻنهي جي وچ ۾ پيو ٿو ٿڏجان!
چري هي دلڙي اوهان لئه ڌڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

اوهان کان وڇڙي مرون پيا ٿا دعا گهرو ڪا ٺري پئي من،
ڪُني پئي ڪا اسان ۾ ٻڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

آ دور تائين طويل صحرا نه ڇانورو ڪو سجهي ٿو ڪوئي،
گهڙي گهڙي ۾ ڪو درد ڪڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

سَڏي پيو آسمان مون کي ۽ حال منهنجو بنا اوهان جي
ڪٽيل پرن سان پکي ڪو ڦڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

متل ڪي ميلا ڇڏي اچي ٿي منجهان هجومن ڀڄيو وڃي ٿي،
ڪا ماٺ مون تي اچي ٿي ڪڙڪي حيات اهڙي ڪجي ته ڪاڏي؟

اُتر آهي لڳو اڄ وري ڳوٺ ۾

اُتر آهي لڳو اڄ وري ڳوٺ ۾
تُون نه آئين اسان وٽ وري ڳوٺ ۾

ڪُونج آهي وئي هيڪلي هو مٿان
ڪُڻڪ آڪاس مان آ تري ڳوٺ ۾

ياد انبار تنهنجي مون سانڍي رکي
زندگي جي ٿڪايو ڀري ڳوٺ ۾

تو بنا مون ۾ صحرا ائين ٿو لهي
ڄڻ اڃارو هجي ڪو ٿري ڳوٺ ۾

چاندني رات ڳولهي پئي نو لکي*
ڪين ڪاٿي کلي هئي دري ڳوٺ ۾

يار امداد! آتو منهنجو ساهه ٿيو
پوءِ چوين تون متان ويو مري ڳوٺ ۾.

* نو لکي واهه جنهن تي منهنجو ڳوٺ ٺاروشاهه ٻڌل آهي ۽ اڄڪلهه اهو واهه پنهنجو وجود وڃائي ويٺو آهي

لوڪ جي ڏوهه جي سزا ڀوڳيم

لوڪ جي ڏوهه جي سزا ڀوڳيم
داخلي، خارجي فضا ڀوڳيم

ڀاڳ ۾ هو نه هئي حياتي ۾
روز رب جي اها رضا ڀوڳيم

ڪٿ مجازي، رهيو حقيقي ڪٿ
زندگي ٿي وئي قضا ڀوڳيم

ويلَ* ڪاٽڻ غريب ويٺل هئا
هت اميرن سندا مزا ڀوڳيم

لوڪ بکيو ماني ٽڪر جي لئه
هوٽلن جي ڏسي غذا ڀوڳيم

يار امداد! ڪئي وفا توسان
تنهن جي بدلي اها جزا ڀوڳيم.

* ويلو، بک، فاقو

تو سواءِ ڪٿ قرار آ دل ۾؟

تو سواءِ ڪٿ قرار آ دل ۾؟
ڪوئي ويران ديار آ دل ۾!

ٻاھران، جئن خزان جي ھان پن ڇڻ
پوء به اندر بھار آ دل ۾!

دردُ ڪئن ساھ ٿو کڻي جيئي؟
مون سجائي ته دار آ دل ۾!

جنگ جيتي انا جي مون آھي،
پر مان سمجھان ٿو ھار آ دل ۾!

آءُ تون ارداس ڪو کڻي ھاڻي،
مون اڏائي مزار آ دل ۾!

آن وچن جي ڪچي اڃا تائين،
مونکي پر اعتبار آ دل ۾!

قدم امداد! ٿا ڇڪن توڏي،
ڄڻ ھنئي تو مھار آ دل ۾!

منهنجي اوقات ڪنهن پُڇي ناهي

منهنجي اوقات ڪنهن پُڇي ناهي
عشق ۾ ذاتِ ڪنهن پُڇي ناهي

ياد آ پنهنجو ننڍپڻ مون کي
پر ڪٿي بات ڪنهن پڇي ناهي

منهنجو مُلهه مصر ۾ سڪو کوٽو،
زر جي افراط ڪنهن پڇي ناهي.

چنڊ ماپيو آ ٻاڪ هڪڙي ۾،
ڇو ڊگهي رات ڪنهن پڇي ناهي.

آڳ آهي ڌنوڻ دکائي جا،
مان ڪهڙي ڌات ڪنهن پڇي ناهي.

رات شبنم گڏي هي لڙڪن سان،
مند برسات ڪنهن پڇي ناهي.

درس امداد! ٿيو غزل تنهنجو،
ڪئن لٿي ڏات؟ ڪنهن پڇي ناهي.

عظمتن جي پڙهان داستان کي وري

عظمتن جي پڙهان داستان کي وري
دل چوي ٿي ڇُهان آسمان کي وري

خواب آهن ڏٺا جنهن سدائين پئي
ڇوٽڪارو ڏيان تنهن زبان کي وري

قافلو ڌڙڪنن جو ڇمي ڇير جئن
عشق واري چمان ڪاروان کي وري

تيز آ اس ديوار ديوار تي
پيو اتي ڳوليان سائبان کي وري

چور پرواز ۾ جو اڏاڻو پکي
ڇا لئي ماريان نيم جان کي وري؟

رنگ ميڙي نوان مان چتر ٺاهيان
تنهنجي مورت ڏسان ٿو ڌيان ۾ وري

نيڻ امداد! اڙجي غزل ۾ ويا
خيال ۾ جاچيان بادبان کي وري

خوفَ ۾ هان، امتحان ۾ هان اڃا!

خوفَ ۾ هان، امتحان ۾ هان اڃا!
موج درياءَ، بادبان ۾ هان اڃا!

جو سدا سيلاب ۾ آهي ٻڏو
مان ته ساڳي پڻ مڪان ۾ هان اڃا!

راھ تان ٽالهي وڍي ڪوئي ويو
پر ڪڪر جي سائبان ۾ هان اڃا!

مان پکي هان شام جو، اڏران پيو
گڏ وڳر سان آسمان ۾ هان اڃا!

جا ڪڏهن ڪاٽي سگهي ناهي ندي
سخت ڄڻ مان تنهن چٽان ۾ هان اڃا!

ٿا وصولي زور تي ڪن ڳوٺ ۾،
مان محبت جي لگان ۾ هان اڃا!

ورق گم سڀ ٿي ويا واقف ٿيس،
ڪنھن نه ڪنھن پر داستان ۾ ھان اڃا!

دوستن جي محفلن ۾ خوب مان،
دشمنن جي خود زبان ۾ ھان اڃا!

سڀ خزائون مون تي آھن خندھ زن،
پر جھان جي ڪھڪشان ۾ ھا اڃا!

لوڪ مونکي گر ڌڪيو آھي پري،
آسمان جي سائبان ۾ ھان اڃا!

عشق ٿو امداد! ٽنگي گهاٽ تي،
آيو قاضيءَ جي نشان ۾ هان اڃا!

ستمگر! ڙي سِتمُ تنهنجو نِهايت ئي الڳ آهي!

ستمگر! ڙي سِتمُ تنهنجو نِهايت ئي الڳ آهي!
جا رسوائي ۾ گذري سا قيامت ئي الڳ آهي!

لکي ڇڏجانءِ ڪتابن جي اسانکي انتسابن ۾
محبت جي غزل جي ڏس حڪايت ئي الڳ آهي!

خزائن ۾ ڇڻي خوشبو ڇڏي ناهي ڪڏهن گلڙن
بهارن ۾ انهن جي يار! قسمت ئي الڳ آهي!

اثر ڏاڍو رکي حاذق! تنهنجو دارون جگر تي پيو
ڪيون ڇا پر اسان جي هي طبيعت ئي الڳ آهي!

بظاهر ٿا اسان سمجهون گهڻو پي پاڻ کي بس خوش
شرابن سان ملي پر پنهنجي حالت ئي الڳ آهي!

غزل تي غور ڏيئي تون ڪڏهن سمجهين پڙهي جي هِي
رهيو انداز منهنجو تو بدولت ئي الڳ آهي!

رهان امداد چپ ٿو مان، متان ڪمزور سمجهين تون
اڄوڪي دور ۾ منهنجي شرافت ئي الڳ آهي!

منڌ ٻه ڍُڪَ يار پِيَان ٿو!

منڌ ٻه ڍُڪَ يار پِيَان ٿو!
آنءُ ٻَران ديپ جِيَان ٿو!

تو جي مون کي يار ڏنا.
سارا سي درد نِيَان ٿو!

کستوري پل پنھنجا ڪر،
چندن جي مھڪ ٿِيَان ٿو!

پيار منجھان تنھنجي ھٿ ۾،
ڳاڙھا گل مان ته ڏِيَان ٿو!

پرواز چڪور ڪري آءٌ،
چنڊ ملي رات مِيَان! ٿو!

هجر جي امداد! تپش سان،
اڄ ڪوسو واءُ ٿِيَان ٿو!

پيار ۾ لاجواب رستا ها،

پيار ۾ لاجواب رستا ها،
سچ پڇين انقلاب رستا ها.

زندگيءَ جي سفر وڃايا جي،
ڳولھيا رات خواب رستا ھا.

گھائجي پير چاندنيءَ ۾ ويا،
ٿوھرن سان عذاب رستا ھا.

سرخ قالين جئن وڇاڻا نيڻ،
چاهتن جا گلاب رستا ها.

تار دل زيب سان وڳي تنھنجي،
ڄڻ ته پنھنجا رباب رستا ھا.

مان ته پنھنجي سوال ۾ الجھيل،
جي ڏنا تو، جواب رستا ھا.

زير پنھنجي رھي جواني ھئي،
جن جلايو، عتاب رستا ھا.

اڃ امداد! ڪٿ کٽي ناھي،
سانوڻيءَ ۾ سراب رستا ھا.

روز هِجرَ ڳوڙھا ڏيندو آن،

روز هِجرَ ڳوڙھا ڏيندو آن،
گھيڙ و گھٽ سوڙھا ڏيندو آن.

ساڙيندي گذري جيون ويو،
ٻيهر ڇو لوڙها ڏيندو آن!

مون ڦاھي گھاٽ لتاڙيو، پر،
گردن کي ٽوڙھا ڏيندو آن.

آنءُ جَوانَ جذبا رکندو هان،
تون الڪا پوڙھا ڏيندو آن.

مونکي ٻُڏندي ڏسندي ئي تون،
ڇولين ۾ هوڙھا ڏيندو آن.

ڪنول جي پاڙن کي ساڙي،
ڍنڍ مٿان ڏوڙھا ڏيندو آن.

مجنون جئن امداد! اچان ٿو،
ڇو زمانا! ڦوڙھا ڏيندو آن؟

ٿو وري نگاھ ۾ ڏسان پياس!

ٿو وري نگاھ ۾ ڏسان پياس!
نينھن جي نباھ ۾ ڏسان پياس!

سانوڻي وسي وسي ٿڪي به نيٺ،
مان پيو ته راھ ۾ ڏسان پياس!

ڏي اڃان اياغ ۾ ڀري شراب،
پنھنجي يار! آھ ۾ ڏسان پياس!

ڀل ملاءِ گھڙيءَ جي لئي نھار،
اک اندر پناھ ۾ ڏسان پياس!

مان ڊڪان ڏھر ڏھر کڻي تلاش،
پنھنجي، پاڻ چاھ ۾ ڏسان پياس!

اڀ وڃان ڀري تکي ھتان اڏار،
جت ڪڪر سياھ ۾ ڏسان پياس!

ڍنڍ کان حياء چاندنيءَ ڪيو نه،
ھن منير ماھ* ۾ ڏسان پياس!
* چنڊ

هاءِ! ٿي الزام زندگي،

هاءِ! ٿي الزام زندگي،
آ رُني هر شام زندگي.

باهه ٿي نمرود جئن ٻري
ڏک سَٺا هن جام زندگي

آ ڪڪر جو ڄار چنڊ تي
هاڻ ٿي آ دام زندگي

خواب جي يلغار کان ڀڄي،
جاڳ وٽ ٿي سام زندگي.

ڪٿ تماشو عشق آ چري،
ٿي نه تون ابهام زندگي.

هاڻ بس امداد پئه اٿي،
ڳول تون گمنام زندگي.

زور تي گهر ڪري آ وئي سانوڻي

زور تي گهر ڪري آ وئي سانوڻي
ٿِي وَسي ٿِي وَسي بي چئي سانوڻي

تشنگي مون سمندر جيان آ رکي
سِپَ جي تاس ۾ ٿي مئي* سانوڻي

مُدَتون ٿي ويون هو نه آيو وري
اڄ اچي آ وئي هي ائي! سانوڻي

ياد ڏوهي ٿي سيکت جي لائق وئي،
تر اکيون ٿي ڪري ڇا لئه سانوڻي.

مون ڪچو ڳوٺ خوشين جو دل ۾ ٻڌو،
ڏک جي ڦڙ ڦڙ ڪيو سو رئي سانوڻي.

سانوري رنگ ۾ جا سکيءَ جي رچي،
مون سا امداد! پياري ڪئي سانوڻي.

* ماپ

زندگيءَ جي پويان هي زندگي هلي ويئي!

زندگيءَ جي پويان هي زندگي هلي ويئي!
ياد جا رهي مُون کي، ياد ڀي هلي ويئي!

سونُ تنهنجي صُورت جو مَس مِليو اکين کي آ
مُفلسيءَ مان نڪِري ڪُل مفلسي هلي ويئي!

چنڊ چيٽ جي چلڪائي پئي ندي نيري
پرهه جي چمي وٺندي چاندني هلي ويئي!

رات خواب ۾ خيالن جا ٿڪا ڊڪي گهوڙا
آس کي لتاڙي پوءِ ننڊ ئي هلي ويئي!

زاهدي رکي آهي مون کڻي نگاهن سان
مئه ڪشي الائي ڇو آ رسي هلي ويئي!

رمز ڪونه سمجهي امداد! تو خدائيءَ جي
هر نمود کان اڳ ۾ اڳڪٿي هلي ويئي!

ويران اداسيءَ جي واديءَ ۾ پريشان مان

ويران اداسيءَ جي واديءَ ۾ پريشان مان
موٽڻ جو الا رستو ڀلجي هان ويو جان مان

سادي هن طبيعت کي ڪيڏو مون هو سمجهايو،
تنها ٿي سهان ٿو هي اندر جو طوفان مان.

بخشين جي خطا، بخشش ڪر مون ته نماڻي جي،
انسان کي ماري ڀي سڏجان ٿو ته انسان مان.

ٿي شام سڏي مونکي هيءَ نانءُ کڻي منهنجو،
فرمان ٿيو جنهن کي سو درد جو درمان مان.

هي تند نئين ناهي سرتال نئون ناهي،
ٻيجل جي صدا مان ئي وو!ڀاڳو1 تنهنجو تان آهيان.

مان پيار ورهائڻ لئه پرديس مان آيو هان،
امداد! تنهنجي هان ٺاروشاهه2 جو مهمان مان.

1. ڀاڳو ڀان 2. منهنجي جنم ڀومي

ٻُڌي وڃ ڪهاڻِي اڙي! دل اسان جي،

ٻُڌي وڃ ڪهاڻِي اڙي! دل اسان جي،
ٿِي آن راڄ راڻِي اڙي! دل اسان جي.

چري پيار ۾ ٿي، چري ئي اڃا آن،
چئي ڪنهن سياڻِي اڙي! دل اسان جي.

ڇني ڦول مالها ۾ ٿو پوئجي جئن،
تو سين تيئن واڻِي اڙي! دل اسان جي.

منهنجي سوچ آهي ته ڄڻ ڪو تماچي،
ٿي نوري نماڻِي اڙي! دل اسان جي.

ملي عشق مايا ازل کان اسان کي،
سدا تون ڌياڻِي اڙي! دل اسان جي.

رهين ٿي ردا پيار جي مون ۾ پائي،
ٿيو امداد هاڻِي اڙي! دل اسان جي.

اڄ اهو ماهه رُو روبرُو ٿي وڃي

اڄ اهو ماهه رُو روبرُو ٿي وڃي
شاعريءَ جي زبان گفتگو ٿي وڃي

پيار جو پاند ليڙون هجر ۾ ٿيو،
سٽ نفرت جي سان ڪئن رفُو ٿي وڃي!؟

مات اهڙي ملي ماٺ ويئي لڳي،
نينڍ تي نينهن ڀي سرخُرو ٿي وڃي.

پير پيڙا وساري پنهنجي پيار ۾
ڇير سان رقص ۾ جو محو ٿي وڃي

چين تنهنجو ڪڏهن ڀي نه رهندو تو وٽ،
جي ڪمهلائي ڪويل جي “ڪو” ٿي وڃي.

آس آرس ڀڃي دل ۾ جاڳي پئي،
هو نظر جي اچي آبرُو ٿي وڃي.

ٿورڙو ئي سهي بس جي مرڪي ملي،
پوري ”امداد“ جي آرزو ٿي وڃي.

هاڻي ڀي اسان تي ڪي الزام لڳا همدم!

هاڻي ڀي اسان تي ڪي الزام لڳا همدم!
سنسار جا وڍَ، ياقوتي شام لڳا همدم!

ڪاراڻ مان جگنو ٿا نڪرن يا ستارا هي
جي سچ پُڇين جرڪندا جام لڳا همدم!

اُهڃاڻَ ڏٺا آهن مون چنڊ! ته چڙهندي جا
هالي ۾ لکيل پيارن جا نام لڳا همدم!

خوابن کي ڇڏي نيڻن جو جاڳ قبولي آ
پوءِ خيال پراڻا پنهنجا خام لڳا همدم!

جي کيل تماشو سمجهي عشق سان کيڏن ٿا
ظاهر ۾ اهي ماڻهو اَبهام لڳا همدم!

امداد! امر ناهن دُشمَنَ محبت جا،
هي رُوءِ زمين تي ئي گمنام لڳا همدم! 

موت مهلت ڏئِي مون ۾ ترسي پيو،

موت مهلت ڏئِي مون ۾ ترسي پيو،
زندگيءَ جو سفر ائن ڊگھو ٿي پيو.

گندگيءَ ۾ وڃائي جواني سڄي،
هاڻ ڳولي پنهنجي خاڪ چرسي پيو.

مَور ۾ ٿو رهي ٿر پياسو اڃا،
روح جنهن جي خوشيءَ ڪاڻ برسي پيو.

سار سنگت کي تنهنجي سدائين ائين،
ڳوٺ جئن ٻور انبن ۾ سرسي پيو.

تنهنجي خوشبو ٿي پڌري پري کان پرين،
يار! امداد انهيءَ آس تي جئي پيو.

دل وڏي هُو ڪري اٿي آيو

دل وڏي هُو ڪري اٿي آيو
ڏنڊ ۾ سُک ڀري اٿي آيو

موتين ۾ گلاب جيئن هئو
يار منهنجي ڪري اٿي آيو

گفتگو باهه جهڙي ڇورن جي،
ماٺ پوڙهو مري! اٿي آيو.

هن جدائي ڏٺي فلم ڏسندي،
نيڻ ڳوڙها ڀري اٿي آيو.

هو وفا جي سبيل ورهائي،
مڱ جفا جا ڏري اٿي آيو.

چاندني رات ۾ سمندر هي،
ڪپر تي ڪُن ڪري اٿي آيو.

تو سوا ڪاغذي ٻيڙي امداد!
هي ڪٿي ٿي تري اٿي آيو.

عشق ۾ لامڪان ٿيا آهيون،

عشق ۾ لامڪان ٿيا آهيون،
جيئّري داستان ٿيا آهيون.

وقت وٽ حل سوال جو ناهي،
ڪجهه ڪڙو امتحان ٿيا آهيون.

ڳولهيو آ حيات منزل کي،
پير جو گم نشان ٿيا آهيون.

ڳوڙها پيتا بخال نيڻن جي،
درد جا ترجمان ٿيا آهيون.

رنگ ريٽو رهي ٿو اکڙين جو،
شام جو آسمان ٿيا آهيون.

ڪنهن ٽاڻي ته تون وري ايندين،
شڪ انهيءَ جا گمان ٿيا آهيون.

تنهنجي اڳيان اڃا کُلي ناهي،
ڪيئن گونگي زبان ٿيا آهيون!

خواب واريءَ ذرات پنهنجا هن،
ڇالئه پٿرُ جيان ٿيا آهيون؟

دک جي امداد! هن سمندر ۾،
پاڻ ئي درميان ٿيا آهيون.

جيئن هن کي کوليم ڀانڊا نڪري آيا،

جيئن هن کي کوليم ڀانڊا نڪري آيا،
ڪي برف منجهان ڄڻ ٽانڊا نڪري آيا.

سچ ٻڌڻ جي ڪا طاقت ڪانه هيس،
خاموشي جا سڀ ڦڦڙ آنڊا نڪري آيا.

وقت اسانکي سوليءَ تي هو سڏايو،
يار پڪا ٿي ڪسا ڪانڊا نڪري آيا.

هن ته خدائي دولت سان پئي هلائي،
ان جي اڳيان هر هر ٻانڊا* نڪري آيا.

آئيني ۾ پاڻ ڏسڻ جي ڪوشش ۾،
هر هڪ دک جا مهانڊا نڪري آيا.

*نوڪر چاڪر، باڊي گارڊ، چوڪيدار

تصور ۾ رهِي تنهنجي تصوير جياري ٿي،

تصور ۾ رهِي تنهنجي تصوير جياري ٿي،
لکيا جي تو خط، تن جي تحرير جياري ٿي.

ٿو قيد لڳي مٺڙو جانم جو ڏنو آهي،
جهنڪار ڪري جنهن جي زنجير جياري ٿي.

ٿيون دل کي لڳن ڳالهيون تنهنجون ته بهارن جئن،
ٽهڪن ۾ رکي تو جا، تاثير جياري ٿي.

معلوم اڃان ناهي انجام ڇا هي آخر!
واضح ٿي لڪيرن ۾ تقدير جياري ٿي.

امداد! مون آواره بادل ٿي توکي ڳوليو،
خوابن جي ملي جيڪا، تعبير جياري ٿي.

اکين پئي اکين جو اشارو هو سمجهيو

اکين پئي اکين جو اشارو هو سمجهيو
وري عشق ٿيندي سَگهارو هو سمجهيو

ويا روح رلجي هي ملندي اشارو،
ازل جو مليو يار پيارو هو سمجهيو.

ڇڏيو هو اکين ۾ جو ماضيءَ ڳوڙهو،
افق ۾ سو ڦاٿل ستارو هو سمجهيو.

اڻيا خواب رنگين ٿي ننڊ شب ڀر،
سويري جو جاڳي اوٿارو هو سمجهيو.

ٽڙي ڏار تان ڦول ڪالر تي آيو،
سڀا ۾ ڀي ٿيندو نيارو هو سمجهيو.

سو اقرار امداد! وسري ڀلا ڪئن!؟
حياتيءَ جو جان وارو هو سمجهيو.

حالتون سازگار ٿينديون ڇا؟

حالتون سازگار ٿينديون ڇا؟
ڪي گهڙيون يادگار اينديون ڇا؟

پاڻ تي جَڳ جون ڪڙيون نظرون!
پاڻ کي ڪنهن پار نِينديون ڇا؟

جي سجايون گلن سان مون آهن
سي ڳليون خار خار ٿينديون ڇا؟

هر نظر ٿي نئون جياپو ڏي
پاڻ کي ڪا اڏار ڏينديون ڇا؟

ڇوڪريون باغ کي گهمڻ کان پوءِ
هو ڪري ڏار ڏار وينديون ڇا؟

آءٌ جو ئي آهيان سو ئي آهيان (تاثرات)

---

جهونجهار جذبن جو شاعر

جهونجهار جذبن جو شاعر

شاعري مام آهي يا الهام آهي، ان جو نبيرو هيل تائين ٿي نه سگهيو آهي، نه ئي وري ڪو هن صنف جي احساساتي ماڳ تائين رسڻ جو پيرو ڪو پيرائتي نموني پسي سگهيو آهي. حقيقت ۾ شاعري سوچ، فڪر، خيال ۽ اسلوب جواهڙو وشال سمونڊ آھي جنهن جي گهرائي جي انت ۽ وسعت جي پکيڙ کي ڪنهن پيماني تي ماپڻ ممڪن نه ٿو ٿئي. ساڳي ريت شاعري ۾ احساس ۽ خيال کي اونچائي جي عرش تائين اڏار کي اکين سان توري تڪي سگهجي ٿو، ائين کڻي مڃجي ته شاعري انسان جي درد ڀري داستان هوندي آهي يا زندگي جي اميد جي جنگ ٿئي ٿي، جيڪا هر ڏات ڌڻيءَ پنهنجي پنهنجي ڏات جي سگهه ۽ ڏانءَ آڌار جاري رکندو اچي ٿو۔ ان ڏس ۾ امداد سهتو پڻ ھڪ اهڙو تخليقڪار ليکجي ٿو جنهن جا شعر پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان آزاد اڏار جي نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا. سندن شاعري کي اڄوڪي خود غرضي ۽ بي حسي جي انتها تي رسيل سماج جو شعوري اولڙو پسائيندڙ ڪباهتن جي ڪهاڻي ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو۔ جتي هي حساس شاعر پنهنجي سڀاويڪ سگهاري سوچ ۽ محبت جي مسيحائي سوچ ذريعي پيار جي پوک پوکڻ ۽ اميد جي جاڳ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو ملي ٿو۔ هن جا شعر سماجي مروج حالتن جو وچور بنجي ذھنن کي متاثر ڪن ٿا ۽ اتم احساس وري پيارن ٻولن جو ٻھڳڻو روپ وٺي پڙهندڙن جي دلين جا ترجمان بنجي وڃن ٿا مطلب ته هن جا لفظ محبت جي اوساري ڪندي آفاقي قدرن جو حسن ۽ شعور جي سگهه جو اهڃاڻ بنجي اسرن ٿا۔
امداد سهتو هڪ انسان دوست ۽ انسانيت ۾ پختو يقين رکندڙ سرجڻھار آھي اهوئي سبب آهي جو سندن اندر جو انسان هن جي شاعري جي جوت ۾جرڪندو نظر اچي ٿو. وٽن خيال ۽ فڪر جي گهرائي سان گڏ ٻوليءَ جي لئي ۽ سلاست به سرس ملي ٿي. هن ڏات ڌڻيءَ وصل ۽ وڇوڙن جي ورلاپن کي پوري سچائي سان اوريو آهي. سندن شاعريءَ ۾ جماليات جو ڪيف به ملندو ته سپهه سالاري واري ادراڪ سان پاڻ ارپڻ واري ڪيفيت جي اورچائي به پسي سگهبي. ائين هن شاعر جي شعرن ۾ديس ۽ ديس واسين جي هر ڀاونا، امنگ ۽ اڌمي جو ويچار ۽ هر سور جي سڏڪي جو سنيهو سمايل آهي، هن جي شاعري منفرد لهجي، خوبصورت فني جوڙ جڪ، فڪر ۽ اسلوب جي سونهن سان سينگاريل نظر اچي ٿي۔ هن جا گيت، غزل، نظم ۽ وايون نهايت وڻندڙ آهن جن ۾ روح جون رُتون لعل رَتِيون لڳنديون. نياءَ سان نهاربو ته هن جا جهونجهار جذبا ئي سندن شاعري جو محرڪ ۽ محور آهن، جن سندن تخليقي سگهه کي وڌيڪ سگهارو بنائي جديد سنڌي شاعري ۾ ساکائتي مقام تي رسايو آهي. امداد سهتي لاءِ مون کي پڪ آھي ته سندن شاعري سنجيده مشاهدي جي مڃتا اوس ماڻيندي ۽ سندن تز تجربي جو نيارو اهڃاڻ بنجي پڙهندڙن جو من موهي وجهڻ جو مثال ثابت ٿيندي.

ساٿ سلامت! جيئي سنڌ!
مريم مجيدي
14 آڪٽوبر 2021

وفا ۽ سچائي جو سهيڙيندڙ شاعر، امداد سهتو

وفا ۽ سچائي جو سهيڙيندڙ شاعر، امداد سهتو

سنڌي شاعري ۾ جتي ڪافي شاعرن پنھنجي حال سارو پاڻ کي مڃايو آھي, اتي امداد سھتو پنھنجو ھڪ الڳ ٿلڳ اسلوب رکڻ وارو شاعر ٿي محسوس ٿيو آھي. سندس شاعري سڀني کان منفرد ۽ جدا حيثيت جو مقام به رکندڙ آھي. پاڻ ڪافي صنفن تي شاعري ڪري ٿو مگر غزل جو وڌيڪ پسند ڪندڙ آھي. غزل ۾ سندس ربط رواني فڪر رڌم پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سندس شاعري ۾ اگر ڪٿي مايوسيءَ جو ذڪر آھي ته وري ان کان ڇوٽڪاري جو علاج به نروار ھوندو آھي. ھو حسن جي تلاش ۾ ۽ محبوب سان ملڻ ۾ ڪو به عار محسوس نٿو ڪرائي. سندس ٻولي مٺي ۽ بلڪل صاف آھي. پاڻ سلجھيل لفظن کي ڪتب آڻيندڙ به آھي ته وري وڏو محتاط پڻ آھي. سندس شاعري ۾ مظلوم لاءِ ھمدردي جو آواز به آھي ته وفا ۽ سچائي جو سھيڙيندڙ پڻ آھي. شال اڃا وڌيڪ پنھنجا جوھر شاعري جا عيان ڪري ۽ ڪاميابي ماڻي.
مان سندس لاءِ دعاڳو آھيان.
شال سلامت ھجي.
(آمين)
پير بها سرهندي

دلبرين جو شاعر، امداد سهتو

دلبرين جو شاعر، امداد سهتو

جديد سنڌي شاعريءَ جي هن سفر ۾ هر شاعر جي پنهنجي شاعراڻي تخيلاتي پهچ چٽو ڪري ٿي ته هن جو دڳ ڪهڙو ۽ ڪيترو وسيع آهي ڇو جو شاعري تشريح جي محتاج ڪڏهن به نٿي رهي. اسان جو پيارو امداد سهتو انتهائي سيبتو شاعر آهي جنهن وٽ دل جي اظهار لاءِ غزل جي زمين آهي جنهن ۾ هو پنهنجو پيار ۽ ڪيفيتون پوکي ٿو. امداد جي شاعراڻي حساسيت ۽ نزاڪت توجهه ڇڪائيندڙ آهن. هن جي شاعري موضوعيت ۾ ڪافي زرخيز آهي. هن هميشه غزل ۾ نئون احساس اڀارڻ جي جستجو ڪئي آهي، اڳ به هن جو شعري پورهيو منظر عام تي اچي پاڻ ملهائي چڪو آهي. امداد دلبرين جو شاعر آهي. اهم ڳالھ هي به آهي ته هن لڳاتار شاعري کي وقت ڏئي ثابت ڪيو آهي ته شاعري هن جو عشق آهي. امداد جا غزل خوبصورت تصويرن جيان آهن. هن جي فن فڪر ۾ پختگي آهي. هن وٽ پنهنجو نج شاعراڻو رنگ آهي جيڪو کيس الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿو. امداد جي هي نئين ڪاوش آجيان لائق آهي.

ايوب کوسو
آڪٽوبر2021

ڏات جي ڏيهه ۾ سونهن ڀريا خيال ورهائيندڙ شاعر

ڏات جي ڏيهه ۾ سونهن ڀريا خيال ورهائيندڙ شاعر

شاعري جذبن جي زبان جي شارٽ هينڊ لکت آهي، جيڪا پڙهندڙ جي دماغ جي ٽائيپ رائيٽر تي آسانيءَ سان خطي شڪل ۾ چٽجي وڃي ٿي. اسان جو شاعر سائين امداد سهتو به ان تحرير جو ماهر آهي. سندس اندازِ بيان ۾ نرمي ۽ نزاڪت، سوچ جي گهرائي، خيالن جي پختگي ۽ ٻوليءَ جي لطافت سان ڀرپور محبت جا انيڪ پوپٽ خيالن جي پيچرن تي اڏرندي محسوس ٿيندا نظر اچن ٿا. هو ڪيڏي نه سادگيءَ سان حساس دلين جي ترجماني ڪندي چوي ٿو ته:

پنبڻين رحل منجهه جي ويڙهيا
مون پڙهيا سي ڪتاب نيڻن ۾

ان کان اڳ ۾ جو هو سوال پڇي
سڀ لکيا ٿم جواب نيڻن ۾

خيال جي اڏار جو اندازو هنن شعرن مان به ڪري سگهجي ٿو:

ڪوئلي کاڻ ۾ ڦڦڙ زخمي
پيٽ لاءِ هٿ سياهُه ٿو ڪريان

پائي گيڙو لٽا فقيريءَ جا
فرش کي تخت گاهُه ٿوڪريان

ملتان جي گرمي مشهور آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته شمس تبريز سج کي هيٺ لاهي پلو پچايو هو، تڏهن کان ملتان ۾ گرمي حد کان وڌيڪ ٿيندي آهي. هن ملتان جي ڪوساڻ جي تشبيهه پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ لاءِ ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ استعمال ڪئي آهي:

ڄڻ ٻري مون ۾ ڪوساڻ ملتان جي
سرد ڪنهن باهه ۾ پئي سڙي زندگي

ٻئي پاسي وري مريءَ جي ٿڌڪار ۽ پرينءَ جي اچڻ جي خبر سان پيدا ٿيندڙ احساسن کي ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته:

پهر پهر اداس، دل مريءَ جيان ٿڌي ٿڌي
اڱڻ پرين اچي پيو، حرارتون وڌي ويون

هو پنهنجي نالي کي تجيس تام طور ٻن جڳهين تي نهايت سهڻي نموني استعمال ڪندي لکي ٿو ته:

سدا آهي رهيو جو اڳڀرو هر مهل ۾ سڀ سان،
انهيءَ“امداد”جي امداد ناهي ٿي الائي ڇو؟

يا چوي ٿو ته:

ڪا نه “امداد” جي ڪنهن به امداد ڪئي،
التجائون ۽ ايلاز ها پاڻ سان.

بلڪه هن ته رديف ۾ به نهايت خوبصورتيءَ سان پنهنجو نالو استعمال ڪري ڏيکاريو آهي:

تو بن جِئي مري ٿو، امداد ٿي اڪيلو،
اندر۾ ئي ٻري ٿو، امداد ٿي اڪيلو.

هن جي شاعريءَ ۾ رومانوي تاثر ڏيندڙ پراڻا لفظ نئين تاثر سان نظر اچن ٿا۽ هو قافين ۾ به اهڙن لفظن جو استعمال ڪندي نظر اچي ٿو. سندس هڪ غزل ۾:

ڳالهه هن جي مَڃي ڇڏيم آخر
دل چريءَ کي ڀَڃي ڇڏيم آخر

حال بي حال هو سوا تنهنجي
زندگي ڪٿ وَڃي ڇڏيم آخر

سمنڊ صحرا طرف نه اچڻو هو
پنهنجو سينو سَڃي ڇڏيم آخر

ناهه هن جي خيال کان ڪو فرار
پاڻ کي ئي نَڃي ڇڏيم آخر

تانگهه ديدار لئه هئي امداد
اُن گليءَ ۾ گَڃي ڇڏيم آخر

هن غزل ۾ آخري ٽي قافيا اڳ ۾ ڪنهن استعمال ۾ نه آندا آهن، جڏهن ته سندس استعمال پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا سهڻا لفظ هن ريت جيئرا ڪيا اٿس:

درد پوڙهي سڏي مون کي سامڪ ڏني،
عشق سان ڍيرکي ڄڻ جواڻي هئي.
يا

پٽي هي گل سمورا مان سجايان تنهنجي زلفن کي،
الائي ڇو مٿان مالهڻ جي ڪانيءَ کان ڊڄون ٿا پيا.

منهنجو ساڻس تعلق فيس بڪ تي ئي ٿيو آهي ۽ اڃا تائين ملاقات ناهي ٿي سگهي، پر ڏهاڪو سالن جي ان تعلق دوران سندس شيئر ڪيل هر غزل نه رڳو راءِ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪه آئون مسرت سان ڀرپور وجداني ڪيفيت طاري ٿيڻ تي بي اختيار ان کي شيئر ڪري ڇڏيندو آهيان.
منهنجو اهو مڃڻ آهي ته شاعر پنهنجي لاءِ شاعري ڪندو آهي، پر سندس خيال جو ڪينواس جيترو وسيع هوندو آهي، اوترو ئي وڌيڪ سندس شاعري ٻين کي متاثر ڪرڻ جي سگهه رکندي آهي ۽ سائين امداد سهتي جي شاعريءَ جي ڪينواس تمام گهڻو وسيع آهي، جنهن کان متاثر ٿيڻ بنا رهي نه ٿو سگهجي.
اميد ته هن مجموعي کانپوءِ ته سندس گهڻا مجموعا ايندا ۽ انيڪ روحن جي تشنگي ختم ڪري انهن جي تسڪين جو ڪارڻ بڻبا.

قاضي مقصود احمد
مٽياري، 19 آڪٽوبر 2021

ڌرتيءَ جو سگهارو ۽ سنجيده شاعر امداد سهتو

ڌرتيءَ جو سگهارو ۽ سنجيده شاعر امداد سهتو

فرانسيسي شاعر ريمبود جي شاعري جي پهرين شرط خود آگاهي يا خود شناسائي جي عائد ڪئي آهي. يعني هڪ سٺو شاعر، اهو آهي جيڪو پنهنجي روح جي هر هڪ رمز کان واقفيت رکندڙ هجي ۽ هن کي هر هر هڪ آزمائش کي پار ڪرڻ جو حوصلو ۽ عزم هجي، پنهنجي پاڻ کي سڀني احساسن ۽ جذبن جو ادراڪ سميت ڄاڻيندو هجي. محترم امداد سهتو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ توهان کي حيات جا سڀئي رنگ پنهنجو پنهنجو جلوو، پنهنجو پنهنجو روپ ۽ انفراديت ڏيکاريندي نظر ايندا. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته هن حيات ۽ شعور ادراڪ سان محبت ڪئي آهي. تمام سادي انداز سان روان دوان لهجي ۾ گهري ڳالھ ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو اهو ئي سبب آهي جو ٿوري ئي وقت ۾ هن پنهنجي الڳ اسلوب لب و لهجي سان هڪ منفرد شناخت ٺاهي آهي هن جي شاعريءَ ۾ سماج ۽ ڌرتيءَ جا سمورا رنگ پسي سگهجن ٿا امداد سهتي جي هنن شعرن ۾ نفاست سان شعور جي بيساختا اظهار جو هي انداز ڪيڏو نه سڀاويڪ آهي:

روح کي ناهي پتو معلوم ٿيو،
جسم آخر ڇو سدا معدوم ٿيو؟

هرڪو هت آ رواج ۾ ڦاٿل،
ماڻهو ماڻهو مزاج ۾ ڦاٿل.

نيرڇو آسمان روئي ٿو؟
هاءِ! ماڻهو جو مان روئي ٿو.

هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا مٺا ۽ ڪسارا خوبصورت ۽ بدصورت سمورا عڪس جابجا نظر اچن ٿا. هو ڌرتيءَ کي امن آشتي واري ڌرتي ڏسڻ چاهي ٿو ته هتي ڪلفت نه پر الفت هجي نفرت نه محبت هجي. ڪوڙ نه پر سچ هجي امداد سهتي جي تخليقي صلاحيت جئين پوءِ تئين ايتري وسيع ٿيندي پئي وڃي، جيتري سندس شعوري سگھ وڌندي پئي وڃي مون کي يقين آهي ته سندس شعور ۽ شاعري هن سماج لاءِ هڪ لاٽ وانگر ٻرندا رهندا.

فرزانا شاهين
ڪراچي، 10 آڪٽوبر 2021

غير معمولي / غير روايتي شخص ۽ شاعر

غير معمولي / غير روايتي شخص ۽ شاعر

عام معمول وارو روايتي ماڻھو ته عام جام آھي، پرڪو ڪو ماڻھو، موتيءَ داڻو، تڏھن ٿئي ٿو، جڏھن اھو عام ۽ روايتي نه، غير معمولي ۽ غير روايتي ٿي پوندو آھي. امداد سھتو، ڪنھن ھڪ حوالي سان نه، انيڪ شاھدين سان، غير معمولي ۽ غير روايتي شخص ۽ شاعر آھي. عام ۽ روايتي ان ڪري نه آھي، ته امداد عام ۽ روايتي اٿ ويھه، ڪم ڪار، ھل ھلان، آرام ۽ وندر ڪندڙ نه آھي. ڇا به آھي، رشتا ناتا نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندڙ، ڇنڻ مُور نه سکيل، سدائين ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندڙ، سھڻي سڀاءُ وارو، ملنسار، سھپ ۽ صبر وارو، ٻئي جي ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندڙ شخص آھي. ان سان گڏوگڏ مطالعو به ڪري ٿو، ڪچھريون به ڪري ٿو، جيئن ڏسي ٿو، ٻُڌي ٿو، پڙھي ٿو، ته محسوس به ڪندو آھي ۽ پوءِ لکيل پڙھيل ۽ ٻڌ سڌ رکڻ جي ناتي، پنھنجي جذبن ۽احساسن نيتن ۽ ارادن کي لفظن جي زبان به ڏئي ٿو.
امداد جڏھن به لکي ٿو، اتفاق سان، ڪڏھن ڪڏھن، نثر به لکي وٺندو آھي، پر اڪثر لفظن کي اھڙي طرح چونڊي ۽ ترتيب ڏئي ٿو، جنھن کي شاعري چيو ويندو آھي. امداد توڙي جو شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي پئي ڪئي آھي، پراڻين توڙي نين متعارف ٿيل صنفن ۾ پئي لکيو آھي، پر شاعري جي مختلف صنفن ۾ نوان تجربا ڪرڻ سان گڏوگڏ شاعريءَ جون نيون صنفون متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙن ۾ به شامل رھيو آھي. ان ھوندي به، سندس شاعريءَ جو ھيءُ مجموعو، جيڪو سندس پھريون مجموعو آھي، ان ۾ نموني طور سڀني صنفن جا چونڊ اسم آڻي، ھڪ ڀرپور، جامع مجموعو آڻڻ بدران، صرف غزل ترتيب ڏئي، پڙھندڙن تائين پھچائڻ جي موثر ڪوشش ڪئي آھي.
امداد سھتي جي غزل ۾، اھو سڀڪجهه آھي، جيڪو غزل ۾ ھجڻ گهرجي. ان حد تائين به، ته جيئن ٻين عام غزل گُو شاعرن جي غزل ۾ نه آھي، يا تمام ٿورڙن شاعرن جي شاعري ۾ تمام گهٽ آھي، اھو امداد جي غزل ۾، “فوٽ نوٽ” (تڪڙي حوالي) جي صورت ۾ موجود آھي. جنھن سان پڙھندڙ کي خيال جي گھرائيءَ تائين لھڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. امداد سھتي ھڪ صفحي جيتري راءِ لکڻ لاءِ چئي، مون کي اختصار لکي، پڙھندڙ کي الجهائڻ جي ذميواري سونپي آھي! ڇا نه لکي، نه لکان؟ نه ٿو لکان!

مٺل جسڪاڻي
لياقت ٽائون، ٽنڊوڄام
خميس 06 آڪٽوبر 2021ع

امداد جي ڪويتا سورنهن سينگار ڪريو بيٺي آھي

امداد جي ڪويتا سورنهن سينگار ڪريو بيٺي آھي

شاعري زندگي جو گيت آھي انهي گيت ۾ ڪي رزميه، ڪي انقلابي ڪي مزاحمتي ڪي سماجي ڪي سياسي ۽ ڪي خارجي ته ڪي داخلي شعرن جي صورت ۾ هڪ تخليقڪار جي قلم مان نڪري ڪاغذ جو پيٽ ڀريندا آھن انهن سمورن شعرن کي ڳنڍي ملائي ڏسبو ته جيون جو اهڙو گيت نظر ايندو جنهن ۾ دکن، دردن. خوشين. ٽھڪن مرڪن کان ويندي لڙڪن ۽ مسافري جا عڪس سامهون ايندا. هي سڀ تصويرون هڪ ڪوي پنهنجي ذھن ۾ پچائي پوءِ شعر رچيندو آھي انهي رچنا ۾ شاعر پنهنجي من ڀاونا سان گڏ جڳ ڀاونا به شامل ڪندو آھي جي ها بلڪل ايئن ئي شاعري جي سفر جو هڪ مسافر جيڪو فوج جهڙي سخت ڊيوٽي ادا ڪندي مختلف محاذن تان موت کي ڏسندي تتن ڪاڙهن ۾ جئ جهوريندڙ لُک سان لڙندي جسماني طور رُڪ ٿي روحاني طور ملائم نرم رهندي شائستگي اپنائيندي ڪويتائن کي پنهنجن ٻکن ۾ پناھه ڏيندي داخلي توڙي خارجي ڏيکن جا منظر چٽي ٿو ۽ پنهنجي اندر جي اور شعرن جي روپ ۾ اسان اوهان سامهون آڻي ٿو زندگي ۽ موت جي جيڪا شڪل امداد سهتي ٺاهي آهي اها ڪجھ هن ريت آھي
موت هڪڙو وڏو سچ آ سنسار جو،
زندگي آهي ڪنهن باهه ٻرڻيءَ جيان.

حياتي ۽ مرتيئو ٻئي سچ آھن ٻنهي جو هجڻ هڪٻئي جي هجڻ جي ثابتي آھي.. جيون ڪنڊن جي راھه ته ٻڌو پڙھيو هيوسين پر امداد زندگي کي “باھ ٻرڻي” جهڙي نئين ترڪيب ڏئي اڇهيل خيال ڏئي ويو آھي محبت عبادت آھي اها ڳالھ سُئي هئي پر پيار بابت هي شعر نڪور لڳو:

پيار امداد! آ بهشتي لباس،
خوب جيون تي سو جَچيو آهي.

پيار جا انڪاري ڪافر ئي هوندا. پيار بهشتي لباس جو استعارو ايئن پيو موهي جيئن سورنھن ساله جواني پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آھي. امداد سهتي جي ڪويتا سورنهن سينگار ڪريو سامهون بيٺي آھي بس ضرورت آھي ان ڏي نهارڻ جي، ان نظر جي جيڪا حُسن جي پرک رکندي هجي. امداد جي شاعري فن کان ويندي فڪر تائين جيڪا وک کنئي آھي سا وک سجائي آھي ۽ سينگاريل سنواريل آهي سندس مجموعي ۾ اها سونهن پسي سگهجي ٿي.

خاڪي جاني
جوائنٽ سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت سنڌ

شاعري ادب جي فڪري آڪسيجن آهي

شاعري ادب جي فڪري آڪسيجن آهي

دنيا جهان جي قومن جي تاريخ شاعريءَ ۾ ملي ٿي. ان ڪري شاعريءَ کي ساھ ۾ سانڍي رکيو ويو آهي. ادب، سماج، سياست ۽ مذّهب جي پرچار به شاعري ۾ ڪئي وئي آهي. سماج کي فطرتي ڌارائن ۾ پرکبو ته هر تهذيب جي شاعري کي پڙهڻ سان قوم جي ارتقا پڙهندڙن جي سامهون اچي ويندي.
سنڌو تهذيب جي پاڙيسري تهذيب کي ڏسجي ٿو ته انهن تهذيبن تي ادب جو اثر سنڌي ادب ۾ به ملي ٿو ۽ خود سنڌو تهذّيب جا پاڙيسري ادب تي اثر ڀي ملن ٿا.
هند، بنگلاديش ۽ ايران جي ادب جا نه رڳو موضوع پر شاعراڻيون صنفون به هتي لکجن ٿيون. مجموعي طور سڀني ٻولين جي آڳاٽي ادب کي ڏسجي وائسجي ٿو ته آڳاٽي ادب کي صنفي طور گھٽ/ جزوي طور گھٽ،ڪُلي طور سڃاتو ويندو هئو. جيئن سنڌي تهذيب ۾ ڪيتريون ۾ ئي ٻوليون ملن ٿيون پر اهي مجموعي طور شاعريءَ کي “ڪلام” ڪوٺيندا هئا. اهڙي طرح هند ۾ شاعريءَ کي ٻاڻي، عرب ۽ ايران ۾ادبي اصطلاح ۾ سموري شاعريءَ کي قصيدو چوندا هئا.
شاعريءَ جي صنفن کي سڃاڻپ انهن شاعرن ڏني جيڪي تخليقي طور نقاد به هئا. انهن پنهنجين تخليقن کي صنفي بناوت’ ۽ فني سٽاءُ ڏنو آهي. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ عوامي شاعري ئي لکي ويندي هئي، جنهن کي ڪلام چيو ويندو هو. اسلام جي اچڻ کان پوءِ نظم آيو ۽ گھڻو دير کان پوءِ سنڌ ۾ غزل آيو. عربن ۽ ايرانين وٽ ڪلاسيڪل ادب ۾ قصيدو ۽ نظم هو پر ايراني ادب ۾ جڏهن رومانوي لهر جھڙيءَ طرح پختي تي گهلڻ لڳي ته غزل لکيو ويو ۽ غزل جو تاڃي پيٽو مڪمل طور پيش ڪيو ويو. ايراني ادب ۾ جديد صنف ۽ ساڳي وقت رومانوي موضوع جي صنف غزل آهي. نظم جو اثر ايترو حاوي هئو جو غزل جي شروعاتي شاعرن غزل ۾ موضوعاتي طور مسلسل پڻو اچي ٿي ويو. ان ڪري مسلسل غزل به نظم جي ڀرسان هجڻ ڪري پنهنجي جاءِ اڃا جوڙي نه ورتي هئي ته غزل لاءِ اهو لازم ڪيو ويو ته هر بند ۾ هڪ مڪمل خيال هجي. سڀني بندن کي هڪ موضوعاتي يڪسانيت کان آجو ڪرڻ لاءِ اهو لازم ڪيو ويو ته هر بند ۾ مختلف خيال هجي ۽ مڪمل به هجي. ايراني ۽ سنڌي غزل جا گھاڙيٽا ۽ فني بيهڪ جيڪي منهنجي مطالعي هيٺ آيا آهن انهن جو ذڪرڪرڻ ضروري سمجهان ٿو:
مسلسل غزل/ نظم نما غزل (اساسي غزل)، مردف غزل، مقفا غزل، با مطلع غزل، با مقطع غزل، بي مطلع غزل، بي مقطع غزل، مطلع ثاني/ حُسنِ مطلع غزل، مقطع ثاني غزل، طويل غزل، مختصر غزل، متفرقا غزل.
هڪ ڳالھ واضح ڪندو هلان ته فارسي، اردو توڙي سنڌي جي استاد شاعرن وٽ بي مطلع غزل کي غزل نه چيو ويو آهي پر ان کي قطعو چوندا هئا. ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي کان پوءِ اردو ۽ سنڌي شاعرن ان کي غزل قبول ڪيو آهي .هن وقت گرمکي، هندي، اردو، بنگالي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجين اساسي، ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن کان وڌيڪ نظم، نظم معرا، گيت ۽ غزل گھڻو تڻو لکيو وڃي ٿو. موضوعاتي ۽ فني سڀاءَ ۾ اهي چارئي صنفون سهل آهن. ان ڪري وڌيڪ رچيون وڃن ٿيون.
سنڌي شاعري ۾ تخليق ٿيندڙ ايڪويهين صديءَ ۾ مروج چئن صنفن ۾ به غزل ۽ معرا نظم وڌيڪ لکيو وڃي ٿو. باقي شاعراڻيون صنفون به ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابي صورتن ۾ اچن ٿيون. هي ڪتاب “وڃايا ريت ۾ پيرا” مڪمل غزلن جو مجموعو آهي.

عشق ۾ خاص ٿي ويو آهي،
يار “امداد” عام ڀي ناهي.

امداد سهتو سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جو پختو شاعر آهي. ۽ هن وٽ فني سٽاءُ، فني رچاءَ به آهي. شاعريءَ جي حوالي سان تخليقي جمود آهي ان جمود واري دﺆر ۾ جنهن شاعر کي پڙهيو وڃي ٿو ته خوشيءَ جھڙي ڳالھ آهي پر جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي تخليق تي مثبت يا متفي لکيو وڃي ٿو اهو ته ان شاعر جو ڀاڳ آهي ڇو ته هِن دﺆر وٽ ڪي سڄاڻ نقاد آهن ۽ وري ڪي سڄاڻ پاٺڪ آهن جيڪي به مختصر پاٺڪ يا نقاد آهن، انهن کي داد ڏيڻ به هن دﺆر جي مجبوري آهي.
ڪائي به ٻولي ۽ ڌرتي سَنڍِ نه ٿيندي آهي پر معياري ۽ فني توڙي فڪري تخليق سگھاري انداز سان جنم نه وٺي سگھندي آهي. اهڙا اڀرا سڀرا تخليقي دﺆر سڀني ٻولين ۽ خطن ۾ آيا هئا، آيا آهن، ايندا رهندا. جيئن شاهه لطيف جي سونهري دﺆر کان پوءِ ٻه يا اڃا به وڌيڪ صديون معياري تخليق واريون صديون نه لکيون وينديون. ويهين صديءَ ۾ شيخ اياز فڪري ولولي ۽ فني پختگي کڻي آيو آهي. شيخ اياز جي هم عصر دﺆر جا ڪيترائي نمايا شاعر ملن ٿا ۽ انهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.
مون ڪٿي چيو آهي ته امداد سهتو هن صديءَ جو وڏو شاعر آهي!؟ اوهان هن کي شاعر تسليم ڪيو اهو ئي امداد سهتي جو معراج آهي. هن شاعر جي شاعريءَ ۾ ردف ۽ مقفا پد کي سنڀالي لکڻ جي هڪ وڏي خوبي موجود آهي جيڪا خوبي ورلي ڪنهن شاعر وٽ آهي. ٻوليءَ جي سڀاءُ ۾ لفظن جي اهميت کي ڄاڻيندي هن قافين کي مڪمل عزت بخشيندي عروض جي ارڪانن ۾ لفظ ٽوڙيو ناهي، اها خوبي ۽ ٻيو انيڪ فني خوبيون امداد سهتي جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. مثال طور هيٺ غزل جو مطلع ڏيان ٿو:

وڇوڙي جا ڊگھا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!
ڪٿي منزل ٻڌا رستا عمر آ پيرسنيءَ جھڙي!

قافيي کي علم عروض جي ارڪانن ۾ ڇنيو ناهي لفظ جڏهن ارڪانن جي تقطيع ۾ ٻه اڌ ٿيندو آهي ته اهو معنوي توڙي اصطلاحي اعتبار سان ان جي نه رڳو اهميت ڌڪبي آهي پر لفظ ٻاتو ۽ چَسو ٿي ويندو آهي، سچيت شاعر ئي علم عروض جي پابندين ۾ پنهنجي ٻولي توڙي ٻي ٻوليءَ ۾ شاعراڻي ٻوليءَ کي قائم رکي سگهندو آهي نه ته علم عروض وارين صنفن ۾ سنڌي ٻولي کي اينءَ تقطيع وقت پڙهيو آهي جينءَ ڪنهن ڪپڙي کي گابو چٻاڙي ۽ پوءِ ڪپڙي کي ڪاٻار ئي نصيب ٿيندو آهي. امداد سهتو غزل ۾ ٻوليءَ جي پيشڪش جو انوکو ۽ ڀرپور معياري انداز رکي ٿو جيڪو ساراھه جوڳو آهي.
امداد سهتو غزل جي پختن شاعرن مان آهي ۽ هن جو مرغوب گھاڙيٽو مردف غزل آهي. توڙي جو غزليا ديوان مقفا ٿيندا آهن هڪ اڌ غزل ديوان ۾ مردف به هوندا آهن پر امداد مردف غزل جو ديوان آڻيندو ته اها روايت سون تي ٽِڪَ جي برابر هوندي. هن ڪتاب ۾ اڪثريت مردف غزلَ جي آهي ۽ پنهنجي شاعراڻي مزاج ۾ مردف غزل جو به رڳو پنهنجي ٽهيءَ جو نه رڳو پختو شاعر آهي پر وڏو شاعر آهي. مثال طور اهي مردف غزل مان مثال پيش ڪيان ٿو جن غزلن جو رديف مڪمل پيغام رسائيندڙ آهن.

ڪير ڪنهن لاءِ مئو حياتي ۾!
شخص هڪڙو هئو حياتي ۾!

رديف ڪيترو معنيٰ خيز آهي، حياتيءَ ۾؟ تون نه ملين ها ته آئون ڪجهه به نه هجان هان. حياتيءَ ۾ سٺا ڪم ڪري ورتا. حياتيءَ ۾ سڀ اميدون مڪملتا نه ماڻي وٺنديون آهن، وغيره.
دل ۾ ڌمال دم دم،
ٿيندو وصال دم دم.
***
تو ڏني آ بهار نيڻن ۾،
تنهنجو آ انتظار نيڻن ۾.
***
من جي مستي خواب ڏسي ٿي،
ساري بستي خواب ڏسي ٿي.
***
رات جي سانت ۾ پور جاڳي پيو،
مئڪدي ۾ ڪو مخمور جاڳي پيو.
***
وڇوڙي جا ڊگھا رستا عمر آ پيرسنيءَ جي!
ڪئي منزل ٻڌا رستا عمر آ پيرسنيءَ جي
***
جو نه وسريو، سو زمانو ياد آ،
ساغر و مينا ميخانو ياد آ.
***
يار جو آسرو رهيو هر دم،
درد جو دائرو رهيو هر دم.
***
درد جنهن جو نصيب مون کي آ،
شخص سو ئي حبيب مون کي آ.
***
ننڊ ڪن ڪيئن خيال سنياسي!؟
مون ۾ آهن ته ڀال سنياسي.

فارسي ادب ۾ غزل رومانوي شاعراڻي صنف آهي ۽ اڪيڊمڪ نڀاءُ هن صنف سان امداد سهتي ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي غزل کي جھڙي طرح فني ۽ فڪري معراج بخشيو آهي ۽ شيخ اياز جي همعصر شاعرن جي پورهئي کي به وساري نه ٿو سگھجي. مردف غزل ۾ انوکو ۽ دلربا انداز امداد سهتي وٽ ملي ٿو.

خادم العلم
سنڌي ادب جي پرائمري اسڪول جو شاگرد
عزيز قاسماڻي
قاسماڻي هائوس‐ لاڙڪاڻو، سنڌ
10 آڪٽوبر 2021

امداد سھتو، سونھن جو متلاشي شاعر

امداد سھتو، سونھن جو متلاشي شاعر

جيتوڻيڪ مان ڪو شاعر ناهيان پر شاعر دوستن جي ويجهو ضرور آهيان. اهوئي سبب آهي جو مان هميشه شاعريءَ ۾ نوان پيغام يا نوان پسمنظر ڳوليندو رھيو آهيان. وليم ورڊس ورٿ چيو آهي: ”شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالھائي ٿو، جنهن کي عام ماڻھن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انھن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي“. ساھتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ خوبصورت تخليقڪار امداد سھتي جي ڪتاب “وڃايا ريت ۾ پيرا” جو مسودو منھنجي ھٿن ۾ آھي. امداد درد ۽ رومانس ڀريي احساسن کي لفظن جا ويس پارائي شاعريءَ ذريعي اظھار ڪيو آھي. امداد سھتي سان لڳ ڀڳ تيرنھن سالن کان شناسائي رھي آھي ۽ پاڻ ۾ عزت، قدر، محبت ۽ پيار ڀريو رشتو رھيو آھي، جنھن جو سھرو سوشل ميڊيا ڏانھن ۽ امداد جي پيار ڀريي رويي ڏانھن وڃي ٿو. فيس بوڪ ۽ پوءِ سنڌي ادبي ورلڊ ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان گڏ ڪم ڪندي سِکيوسين ۽ ڀوڳيوسين به. مائيڪ آندري لکيو آھي ته “شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سھي ٿو سو شاعر آهي. هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي.” امداد سھتو پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ نوڪريءَ سبب رھيو آھي ۽ ساڳي وقت ھن فطرتي سونھن ۽ درد کي محسوس ڪندي ان کي شعرن جي اظھار جو ذريعو بڻايو آھي. ھو فڪري ۽ فني حوالي سان رچيل ۽ پڪل رچنائون اسان جي اڳيان آڻيندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ھاڻي ڇپجي رھيو آھي، پر ڊجيٽل ڊزائن جي صورت ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”انڊلٺ“ جي نالي سان 2012ع ۾ سنڌ سلامت پاران اپلوڊڪيو ويو ھو جنھن خوب مڃتا ماڻي ھئي.
امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو:

آ وڃايو وقت پنھنجو دل لڳي ۾!
پيار پرتي آ رھيو ھن زندگي ۾!
***
حُسن تي شاعري عام تنھنجي لکي،
ڪاغذي سادگي مون وڃائي ڇڏي.

ياد امداد! آهن غزالي اکيون،
جن مٿان ساحري مون وڃائي ڇڏي.

امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ غزل جي ھن بند مان پروڙي سگهجي ٿي:

منھنجا ھن امداد! مشعل ٿيا غزل،
ھر لکيل اشعار تي آ ڀروسو

امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سمجهي ٿو ته سنڌ ڪھڙي ڏکيي دور مان گذري رھي آھي ۽ ھو ڏَسي ٿو ته پير پختا ڪرڻ، مضبوط ٿيڻ، گڏجڻ ۽ متحد ٿيڻ کانسواءِ ھاڻي ڪو چارو ئي ناھي. اھا ڳالھ ھن پنھنجي شعرن ۾ سمائي پنھنجو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ظلم جي عڪاسي ڪئي آھي.

اهو مڃڻ آ مرڻ برابر ته دور نئين آ نواڻ آندي،
لتاڙي ماڻھو وڌي جو اڳتي اهو هتي آ جناب اوچو.

ڳليءَڳليءَ ۾ ظلم ٿئي ٿو اهو به کُلم کُلا ٿئي ٿو،
اندر اسان جي رڳو آ ماتم لڳي ٿو سارو حساب اوچو.

امداد سھتي جي اظھار جو ذريعو شاعري ئي آھي. شاعري ھن جي ڏکن ۽ دردن جو درمان ڀاسجي ٿي. شاعري ئي آھي جنھن ۾ ھو دل جي ڳالھ اوري ٿو. هن وٽ شاعري محبوب جو درجو رکي ٿي. ھو وڇوڙي، دوکن ۽ ورھن کي لفظن ۾ سمائي پيش ڪري ٿو:

وڇوڙو جنم ٽيپ وانگي ڪٽيان پيو،
اوهان کي جو چاهيم وڏي ڪا خطا ٿي.

امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار به آھي ته ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

جا چپن کي پوپٽ جا رنگ آ ڏئي ويئي،
مُرڪ ڄڻ هجي پھرين ٻار جي حياتي ۾.

امداد سھتي جي ڪتاب ڇپجڻ ۽ ان تي ٻه اکر لکندي سرھائي ٿي رھي آھي، اميد ته اوھان سڀ ڪتاب پڙھي امداد کي موٽ ضرور ڏيندا. اھا موٽ ھڪ ڪالم ۽ مضمون جي صورت ۾ ھجي، تنقيدي يا تعريفي ليک جي صورت ۾ ھجي يا ٻن سٽن جي راءِ جي صورت ۾ ڇو نه ھجي.

محمد سليمان وساڻ
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام



خوبصورت خواب جهڙو شاعر _ امداد سهتو

خوبصورت خواب جهڙو شاعر _ امداد سهتو

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جي نانءَ ٿوري عرصي ۾ اڀري آيا آهن، امداد سهتو جو نانءُ به وثوق سان انهن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. سندس فڪري سگهه پٿر دلين کي ميڻ ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. سندس ڌيمي مزاج واري طبيعت پڻ هن جي تخليقن ۾ نازڪيءَ سان نظر اچي ٿي.
پاڻ پنهنجي تخليقن ۾ تشبيهن جي هروڀرو ڀرمار يا لفاظي کان پاسو ڪندي گهٽ لفظن ۾ ان خيال کي پيش ڪيو آهي جو پنهنجي سادگي ۾ ڳوٺ جي فطري حسين ڇوڪريءَ جهڙو آهي. وٽس ادراڪ جي منزل شين کي حقيقت جي ويجهو پيش ڪري ٿي. نه ڪي تخيل جي اجائي اڏار ۾ شعر جو مقصد غائب هجي.
جيتوڻيڪ سندس شاعري ۾ عام ماڻهوءَ جي بک کان وٺي ماڻهوءَ جي ڦڪي چانهه پيئڻ تائين سمورا درد هن معاشري جي تنزلي جو سڀ سبب ٻڌن ٿا.
سندس ڪافي غزلن ۾ پرينءَ کي تعريف جو معراج به ڪرايل آهي ته کيس وينتين جو وڏو جهان به پيش ڪيل آهي جو لڳي ٿو ڄڻ رحم جي اپيلن جي رجيڪٽٿيلٽوڪري جيان آهي ۽ غزلن ۾ ڪافي شعر جديد شاعريءَ جا سمورا رنگ پسائين ٿا. سندس غزلن ۾ هڪ خاصيت اها آهي ته اهي پنهنجي بيهڪ، پنهنجي پيشڪش ۾ انتهائي نرالا، سبق آموز ۽ دلفريب آهن. پاڻ غزلن ۾ به پنهنجي خيالي چابڪ دستي سان اجائي ڊيگهه کان پاسو ڪندي، هروڀرو تشبيهن جي ڀرمار کان بچندي، پنهنجي خيالن کي خوب پوئي ويندا آهن. توهان سندس غزل پڙهي ڏسو، انهن جي لفظي ۽ خيالي رواني جو امتزاج انتهائي من موهيندڙ آهي
سندس لکيل غزلن جو رس چس الڳ، نرالو ۽ خوب آهي.
مجموعي طور امداد سهتو جي شاعريءَ ۾ ان زندگيءَ جا سمورا رنگ موجود آهن جي اندر جي اک سان ڏسندي ئي هارايل زندگي مرڪي پوي ٿي ۽ پوءِ اها زندگي نئين سري سان نئون ڪامياب اڻٿڪ سفر شروع ڪري ٿي.

مختيار سهتو

اُمنگن جو البيلو شاعر، امداد سهتو

اُمنگن جو البيلو شاعر، امداد سهتو

شاعري احساسن جو سفر آهي ۽ بلڪل سفر اھو سڦلو ٿيندو آهي، جنھن سفر ۾ منزل ماڻبي آهي. سنڌ شعوري قوم آهي جتي صدين کان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي پنوڙن مان جيڪي روح خلقيا ويا آھن ڀلي سائنسدان ھجن، فلاسافر هجن يا شاعر مگر انھن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو آهي. شاعريءَ تي گھڻن شاعرن پنھنجا ڇوھه ڇنڊيا آھن، ھاڻي انھن سان متفق ھجڻ ھر ڪنهن جي فڪر ۽ مزاج تي ڇڏجي ٿو ۽ ھر ڪنهن ماڻهو کي مطمئن ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناھي پر منهنجي خيال مطابق شاعري ھڪ احساسن جو روح آهي. جنهن کي شاعر پنهنجي ڏات ڏانءَ سان وجود ۾ آڻي ٿو، اھو روح جيڪو ارواحن مان مئه جا مَٽَ پي خماريل نيڻ کڻي اچي شاعر جي مٽيءَ آڏو پرڙا ڍاري اناالحق جا نعرا ھڻي ھوا جي رقص ۾ گم ٿي وڃي ٿو. علامه اقبال ڪنهن ڪتاب ۾ پنهنجي اندر جي اڌمـن جو اظھار اھڙي طريقي ظاھر ڪيو آهي ۽ يقيناً ڪڙو سچ آهي! "جڏھن شاعر جي اک کليل ھوندي آهي ته عوام جي اک بند ھوندي آهي جڏھن شاعر جي اک بند ٿي ويندي آهي ته عوام جي اک کلندي آهي.” اھا ئي وڏي بدنصيبي آهي جو اسان اھڙن شاعر جي احساسن جذبن جو احترام ۽ احساس ناھيون ڪندا. اھي قومون ڪڏھن به ترقي ناھن ڪري سگھنديون جتي شعور کي بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي گٽر ۾ اڇليو وڃي! سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌ جو سريلو شاعر جيڪو سج جي ڪرڻن جيان چٽا ڪرڻا کڻي اڀرندڙ شاعر امداد سھتو جنهن سان ڪڏھن ملاقات ته ناھي ٿي مگر ادبي اوطاق تي ھڪٻئي سان محبت جا اھڙا پڪا پيچ پاتا آھن جنهن جو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھجي.
امداد سھتو سھڻي شاعر سان گڏ اخلاق ڀريو مانجھي مرد آهي، سندس ادبي پورھيو ڪنهن کان به لڪل ناھي. امداد سھتي جي شاعريءَ ۾ ڪرب به آهي ته رابيل جا گل به مسڪرائن ٿا وصل جا واسا به آھن ته انتظارن جا الڪا به ڪر کڻي بيٺل نظر اچن ٿا. هن ٿوري وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ جيڪا مڃتا ماڻي عزت ڪمائي آهي ان تي کيس جس آهي.
اڄ سندس ايندڙ ڪتاب “وڃايا ريت ۾ پيرا” منهنجي اڳيان آهي جيڪو سڄو غزل جي صنف تي مشتمل آهي. امداد سھتي جو لکڻ جو رنگ ڍنگ سڀني شاعرن کان الڳ آهي مان ته کيس اُمنگن جو البيلو شاعر چوندو آهيان. ھو پنهنجي مٽي ڳوھي ۽ پنھنجي خيالن مان ڏانءَ ڏات ذريعي تخليقن جي روحن ۾ ساھ ڦوڪي منظر عام تي آڻي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ھيڏيون محبتون ملن ٿيو. شاعري پڙھڻ ته سولي آهي پر لکڻ سمجھڻ ھڪ وڏوڏکيوڪم آهي جيڪا ھر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعري ائيـن ئي لکبي آهي جيئن امداد جون سٽون آهن:

پکين جاڳ آندي وڻن ۾،
سويري رياضت ڏٺي مون!

ڇا ته قرطاس جي سيني تي خيال ٽڪ واري رليءَ جيان جرڪي مرڪي رھيا آھن! مون کي امداد سھتي جو مستقبل گھڻو روشن ٿو لڳي يقيناً اگر شاعر اھڙي ڪوشش سان ادب ۾ جاکوڙيندو رھيو ته ڪاميابي اچي سندس پير چمندي.

صوفي امتياز ٻلال
مورو، آڪٽوبر 2021

سموري حياتِي سَفرَ ۾

سموري حياتِي سَفرَ ۾

امداد سهتي کي قُدرت / فطرت قوس قزح وانگي خوبصورت رنگن روپن سان نوازيو آهي، سندس شعورَ ڀريو شاعراڻو شهر روشن ئي روشن آهي. جنهن ۾ سيبتو سِٽن جو سينگارُ، جُملن جو جَمالُ، قافين جو ڪَمالُ ۽ رَديفَن جو رونق اَفروز ٿيڻ به روحن کي روشنيءَ سان گڏ رهبري بخشيندڙ هوندو آهي. سائين خليق ٻُگھيو هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته “ورجاءُ شاعريءَ جو نيلام گهر آھي ۽ تقليد شاعريءَ جي تخليقي روشنيءَ کي جهيڻو ڪري ڇڏيندي آهي. انتقاد، شاعريءَ جو ماپو ۽ ڪَسوٽي آھي. عَدم انتقاد، شاعريءَ جي شھرَ جي اوندهه آھي. عقل شاعريءَ جو سُونھون ۽ سائنس شاعريءَ جي ميڊيڪل رپورٽ آھي. رازداري شاعريءَ جي حڪمت ۽ تخيلَ شاعريءَ جا پَرَ آھن. اسلوب شاعريءَ جي ضرورت، قدر، معنيٰ خيزي/ مطلب آھي. قافيا شاعريءَ جا ٿنڀَ آھن. رديفَ، شاعريءَ جا ٻانھن ٻيلي ۽ تجنيس شاعريءَ جي چانڊوڪي آھي چنڊ، شاعريءَ جو محبوب آھي. اِئين شاعريءَ جا رنگ، قدر، گسَ، پنڌ، سڏَ، راھُون، رستا منزلون ۽ مقامَ پنھنجي ھڪ الڳ ڪائنات جوڙين ٿا. اُھا ڪائنات گهڻن قِسمن جي Multifarious ٿئي ٿي، جنھن ۾ ھر قِسم جو انسان پنھنجي جمالياتي حِس توڙي انقلابي سُڌُ سان رھي سگهي ٿو. شاعري ڪرڻ لاءِ تخليقي ذھن جو ھُجڻ لازمي آھي. نه ته مصنوعيت، شاعريءَ جو نڀاڳُ بڻجي پوندي. شاعري ٻوليءَ تي دسترس گُهري ٿي. فَن جي ڄاڻ طَلبي ٿي. مُنفرد اسلوب گُهري ٿي ٽِيڪنڪِ جي تقاضا ڪري ٿي” اهڙي ئي قسم جي شاعري منهنجي اڳيان موجود آهي جنهن جو شاعر هڪ بااخلاق، باڪردار ۽ باضمير آهي، سندس سُڀاوِيڪ جي سرهاڻ تي ڪيترائي ڀونئرا ڀنڀولجي ڀِرن ٿا. اچو ته پاڻ به سندس خيالَ جي خوشبوءَ سان واسجي وڃون.
امداد سائينءَ جي اندرَ ۾ به هڪ اهڙو ئي اَڻ کُٽندڙ ۽ اَڻٿَڪ سَفر جو سلسلو هلندڙ آهي. جنهن کيس شاعر بڻائي ڇڏيو ۽ شاعرن ۾ سندس نانءُ ڳڻائي ڇڏيو. امداد سهتي جي شاعريءَ کي جيئن جيئن گهرائيءَ ۾ پڙهي ڏسبو تيئن تيئن پرک ۽ پروڙ جا نوان نوان راز معلوم ٿيندا.
امداد سائينءَ جي شاعري به ڪارائتي ۽ لاڀائتي ثابت ٿيندي. اميد ٿي ڪجي ته سندس هي پهريون شعري مجموعو نالي “وڃايا ريت ۾ پيرا” ادبي ميدان ۾ جهجهي جاءِ والاريندو.

معشوق مُحسن ابڙو
آڪٽوبر2021ع

تاثرات

تاثرات
ڊاڪٽر امداد سهتي جو ڪتاب “وڃايا ريت ۾ پيرا” سمورو غزلن تي مشتمل آهي، جنهن جي غزلن ۾ فصاحت بلاغت ۽ سلاست ائين نظر اچي ٿي جيئن چوڏينھن جو چنڊ چوڏهينءَ تاريخ تي پنھنجي ڦوھ جوڀن ۾ آسمان جي ھانوءَ تي نظر ايندو آھي.
امداد پياري جي خيالن ۾ ھرڻيءَ جون ڇالون، لفظن ۾ مورڻن جو ٽلڻ ۽ اِظهار ۾ ڪوئل جي ٻولي طوطن جون تنوارون تترن جون لاتيون آهن، سندس غزلن ۾ مھراڻ جي موجن جهڙي رواني آهي، هجر جي موضوع ۾ سسئي جا سڏڪا، وصل ۾ نوريءَ جي نوڙت، ۽ وطن جي محبت مارئي جي ائين نظر اچي رھي آھي جيئن نئين ڪنوار کي سجايو ويندو آھي.
گرامر مطابق امداد پياري جي شاعري ۾ ھي شيون به موجود آھن :
حرف استثناءَ، حرف استفھام، حرف اشارا، حرف اشتراڪُ، حرف اضافت، حرف افسوس، حرف بيان، حرف تاڪيد، حرف تحسين، حرف تشبيھ، حرف تمنا، حرف تميز، حرف جر، حرف جملو، حرف شرط، حرف شڪ، حرف صحيح، حرف عطف، حرف منفي، حرف ندا، جيڪي امداد سهتي پنهنجي شاعريءَ کي ڪونج جھڙي ڳچيءَ ۾ مالھا وانگر پارايون آھن. جنھن جي سرھاڻ اکر اکر مان گلاب جي تازن گلن جيان اچي رھي آھي. انشاءَالله ھيءُ شاعريءَ جو مجموعو گھڻن شاعرن جي رھنمائي جو وسيلو بڻجندو.

علامه الماسُ عباسي لاڙڪاڻو

Major (R) Imdad Ali Sahito

Major (R) Imdad Ali Sahito
The Poet of Serenity and Devotion

Imdad Ali Sahito is a retired army officer from the Army Medical Corps of Pakistan Army.
Known for his remarkable skills in poetry and his fondness towards the culture and poetry of Sindh. Being an army officer, he has travelled across multiple cultures and remote areas of Pakistan which enabled him to develop a keen eye of observation.
This ability of his combined with the skill of converting his observations into poetry, make it a fusion of realism and surrealism. This remarkable combination speaks to the heart and souls of the readers.
The ability to read between the lines, and contemplate upon the unobserved makes his poetry nothing less than a spiritual journey into a new realm. In his poetry, you experience the magic where expressing one’s self is put into a beautiful sequence of words and poetry.

Abdul Rahman Sahito
(Son)