سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”ادبي جواھر : سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ اوائلي دور کان برصغير جي ورھاڱي تائين جي سنڌي عالمن ۽ اديبن جا پروفائيل، تعارف ۽ سندن علمي خدمتن کي مختصر طور نروار ڪيو ويو آھي. ترتيب سن عيسوي جي پيدائش جي سال سان رکي وئي آھي. ڪتاب ۾ ھر انھيءَ مذھبي عالم کي پڻ شامل ڪيو ويو آھي جيڪو ادب ۽ شاعريءَ سان شغف رکي پيو. ترتيب عمر ۽ پيدائش جي حساب سان رکي وئي آھي نہ ڪي علمي ادبي معيار جي. ھن ڪتاب ۾ ھند جي انھن ليکڪن کي پڻ شامل ڪيو ويو آھي جيڪي ڄاوا تہ سنڌ ۾ پر ورھاڱي بعد لڳي ھندستان ھليا ويا.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ شاھہ ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد پاران اڪيڊمي آف ليٽرس جي سھڪار سان ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي