سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران چارلس ڊارون جي لکيل جڳ مشھور ڪتاب The Origin of Species جو سنڌي ترجمو ”نسلن جو بڻ بڻياد“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي ھئي. ھن جو پيءُ ھڪ مڃيل ڊاڪٽر ھو. سندس ڏاڏي پڻ ارتقا جي تشريح ۾ مقالو لکيو ھو، جنھن جو مٿس ڳوڙھو اثر ھو. ھي ڪتاب The Origin of Species چارلس ڊارون جو جڳ مشھور حياتياتي ۽ ارتقائي سائنس بابت انقلابي ڪتاب آھي. چارلس ڊارون 1858ع ۾ ھڪ نظريو/خيال پيش ڪيو ۽ ان خيال تي پھريون ڪتاب 1859ع ۾ The Origin of Species پيش ڪيائين، جنھن تي عام ماڻھن سان گڏ ڪي سائنسدان بہ چڙي پيا تہ ڊارون انسان کي باندر ۽ بن مانس جو اولاد سڏي ٿو. اصل ۾ ڊارون ايئن چيو ئي ڪونہ هو. سندس خيال هو تہ انسان ۽ بن مانس جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڪا هڪ اوائلي انسان- بن مانس نما مخلوق هئي، جنھن مان هڪ کان وڌيڪ نسل ڦٽي نڪتا، جيڪي پوءِ هوريان هوريان لکين سالن جي وقفي ۾ هڪٻئي کان بالڪل جدا ٿي ويا.
ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي