ناول

الزليخا

”الزليخا“، سيد حسام الدين راشديءَ جي تخليقي ادب جي حوالي سان ”قصا نويسيءَ“ جي صنف ۾ پھرين تاليف آھي. ھن ڪتاب ۾ ھڪ مذھبي قصي جيڪو قرآن شريف ۾ پڻ احسن القصص جي نالي سان آيل آھي، يعني ”يوسف زليخا“ جي داستان کي روايتي قصن جي انداز کان ھٽي، جديد رنگ ۾ ھڪ ”ناوليٽ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. الزليخا جو علمي ۽ ادبي جائزو پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي زبان ۾ يوسف زليخا جي قصي کي نظم خواھہ نثر ۾ جن شاعرن، عالمن ۽ اديبن تاليف ڪيو آھي، تن جو پڻ ھتي ذڪر ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book الزليخا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سيد حسام الدين راشدي جو لکيل طويل افسانو/ ناوليٽ ”الزليخا“  اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو. ھن قصي ۽ ڪتاب جي نئين سر تحقيق ۽ ترتيب ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ ڪئي آھي.
”الزليخا“، سيد حسام الدين راشديءَ جي تخليقي ادب جي حوالي سان ”قصا نويسيءَ“ جي صنف ۾ پھرين تاليف آھي. ھن ڪتاب ۾ ھڪ مذھبي قصي جيڪو قرآن شريف ۾ پڻ احسن القصص جي نالي سان آيل آھي، يعني ”يوسف زليخا“ جي داستان کي روايتي قصن جي انداز کان ھٽي، جديد رنگ ۾ ھڪ ”ناوليٽ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. الزليخا جو علمي ۽ ادبي جائزو پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي زبان ۾ يوسف زليخا جي قصي کي نظم خواھہ نثر ۾ جن شاعرن، عالمن ۽ اديبن تاليف ڪيو آھي، تن جو پڻ ھتي ذڪر ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب مارئي اڪيڊمي پاران 2003ع ۾ ڇپايو ويو،  جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي