لطيفيات

ڪشف الابيات

’ڪشف الابيات‘ شاھہ جي بيتن جي ڏسڻي ۽ اهڙي ڪنجي آهي، جنھن جي مدد سان شاھہ لطيف جي يارهن رسالن مان گهربل بيت آسانيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:  (1) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (2) قاضي محمد ابراهيم وارو رسالو (بمبئي ڇاپو: 1867ع)، (3) سرڪاري ڇاپي وارو رسالو (1900ع)، (4) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1913ع)، (5) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ وارو رسالو (ٽي جلد: 1923، 1924 ۽ 1931ع)،  (6) غلام محمد شاهواڻيءَ وارو رسالو (1950ع)، (7) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، (8) خانبهادر محمد صديق ميمڻ وارو رسالو (1951ع)، (9) علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، (10) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع) ۽ (11) علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع). ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، هن ڏسڻيءَ (Index) لاءِ هڪ چارٽ ٺاهي، اُن ۾ هر بيت جي پھرين سٽ رکي، سامھون ڏنل خانن ۾ انھن يارهن ئي رسالن جي مقرر جاين ۾ انھن رسالن جا صفحا نمبر ڏنا آهن، جتي اهو مخصوص بيت ڳوليندڙ کي آسانيءَ سان ملي سگهندو.

Title Cover of book ڪشف الابيات

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پاران سھيڙيل شاھہ جي يارنھن رسالن جي ڏسڻي تي آڌاريل ڪتاب ”ڪشف الابيات“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جي ترتيب ۽ تدوين ڊاڪٽر درشھوار سيد ڪئي آھي.
’ڪشف الابيات‘ شاھہ جي بيتن جي ڏسڻي ۽ اهڙي ڪنجي آهي، جنھن جي مدد سان شاھہ لطيف جي يارهن رسالن مان گهربل بيت آسانيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:  (1) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (2) قاضي محمد ابراهيم وارو رسالو (بمبئي ڇاپو: 1867ع)، (3) سرڪاري ڇاپي وارو رسالو (1900ع)، (4) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1913ع)، (5) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ وارو رسالو (ٽي جلد: 1923، 1924 ۽ 1931ع)، (6) غلام محمد شاهواڻيءَ وارو رسالو (1950ع)، (7) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، (8) خانبهادر محمد صديق ميمڻ وارو رسالو (1951ع)، (9) علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، (10) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع) ۽ (11) علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع).
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، هن ڏسڻيءَ (Index) لاءِ هڪ چارٽ ٺاهي، اُن ۾ هر بيت جي پھرين سٽ رکي، سامھون ڏنل خانن ۾ انھن يارهن ئي رسالن جي مقرر جاين ۾ انھن رسالن جا صفحا نمبر ڏنا آهن، جتي اهو مخصوص بيت ڳوليندڙ کي آسانيءَ سان ملي سگهندو.
ھي ڪتاب 1995ع  ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي