لطيفيات

شاھہ جو رسالو (غلام محمد شاھواڻي)

غلام محمد شاھواڻي جي رسالي کي سڀني رسالن کان گهڻي مقبوليت حاصل آھي. ھن رسالي ۾ ڪُل 30 سُر آھن. ھر صفحي تي آيل بيتن جي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ھيٺان حاشيي ۾ ڏنل آھي. رسالي جو مقبوليت جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ ان وقت تائين ڇپايل رسالن مان ھي واحد رسالو ھيو جيڪو مڪمل ھڪ ئي جلد ۾، معنائن سان شايع ٿيو ھيو. سُرن کي سمجهڻ لاءِ ھر سُر جي شروع ۾ سُر بابت احوال، سُر جو مضمون. سُر ۾ آيل ڪھاڻي ۽ روحاني راز مختصر طور ڏنل آھن. ھي رسالو پھريون دفعو  1950ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. 

  • 0/5.0
  • 3
  • 1
  • هڪ سال اڳ
  • 0
Title Cover of book شاھہ جو رسالو (غلام محمد شاھواڻي)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري محقق ۽ اديب غلام محمد شاھواڻيءَ جو سھيڙيل ۽ ترتيب ڏنل  ”شاھہ جو رسالو“ اوھان اڳيان پيش آھي. رسالي جا سنواريندڙ ممتاز مرزا ۽ عبدالرحمان نقاش آھن.
غلام محمد شاھواڻي جي رسالي کي سڀني رسالن کان گهڻي مقبوليت حاصل آھي. ھن رسالي ۾ ڪُل 30 سُر آھن. ھر صفحي تي آيل بيتن جي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ھيٺان حاشيي ۾ ڏنل آھي. رسالي جو مقبوليت جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ ان وقت تائين ڇپايل رسالن مان ھي واحد رسالو ھيو جيڪو مڪمل ھڪ ئي جلد ۾، معنائن سان شايع ٿيو ھيو. سُرن کي سمجهڻ لاءِ ھر سُر جي شروع ۾ سُر بابت احوال، سُر جو مضمون. سُر ۾ آيل ڪھاڻي ۽ روحاني راز مختصر طور ڏنل آھن.
ھي رسالو پھريون دفعو  1950ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. اوھان سان 1993ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايل ايڊيشن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪري رھيا آھيون. ھي رسالو نئين ڪمپوزيشن ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگيوئيج انجنيرنگ پاران ڀٽائي پيڊيا ويب سائيٽ جي ھن لنڪ تي اپلوڊ ڪيو ويو آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌسلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مُرتب غلام محمد شاھواڻي
  • ڇپيو ويو 1993
  • ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر 0
  • آن لائين ٿيو 30/Aug/2023
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 1 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون