غلام محمد شاھواڻي

Author Name

سنڌ جو ناميارو عالم، شاھہ جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾، شاهواڻي گهٽيءَ ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد ابراهيم شاهواڻي هو.  حڪيم صاحب انگريزن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شھر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻھو هو. سندس وڏا اگهم ڪوٽ کان حيدرآباد لڏي اچي رهيا هئا. حيدرآباد جي جنھھن پاڙي ۾ هن جو خاندان آباد ٿيو، ان کي شاهواڻي گهٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. غلام محمد، حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۽ بمبئي يونيورسٽي مان پڙهي ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪري، تعليم واري شعبي سان وابستہ ٿيو. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جيڪو سندس ويجهو دوست پڻ هو، حڪومتي اعليٰ عھدن جي آڇ ڪيائين، پر غلام محمد شاهواڻي انڪار ڪيو. هو عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور رکندو هو. غلام محمد شاهواڻيءَ کي تعليم ۽ پڙهائڻ سان وڏو چاھہ هو. هو جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو تہ گهڻي کان گهڻو وقت پنھنجي اداري کي ڏيندو هو. نور محمد هاءِ اسڪول انھيءَ وقت تمام وڏو تعليمي ادارو هو، جنھن مان لاتعداد عالمن، فاضلن، سياسي مدبرن ۽ ٻين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي. غلام محمد شاهواڻي هيڊماستريءَ واري دور ۾ اسڪول جي معيار کي اعليٰ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو هو. تعليم سان سندس دلچسپيءَ جو اندازو انھيءَ ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن اباڻو گهر ڇڏي، اسڪول جي آڏو نئون گهر اچي آباد ڪيو. هن تعليمي ادارن جي ڀلائيءَ لاءِ ‘مسلم ايجوڪيشن فائونڊيشن’ نالي تنظيم پڻ قائم ڪئي. انھيءَ اداري جي ذريعي مسلم هاءِ اسڪول، مسلم لا ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيڪي سنڌ جي مسلمانن لاءِ مشعل بڻجي ڪم آيا. هن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پڻ قائم ڪئي، جيڪا ادبي واڌويجهہ لاءِ هڪ پليٽفارم بڻي جتان ڪيترائي علمي، ادبي ۽ اشاعتي سلسلا پنھنجي منزل تائين هلي پھتا. غلام محمد شاهواڻي بهترين نثر نويس ۽ نقاد هو. شاھہ لطيف جي ڪلام جو پارکو ۽ اسلامي تاريخ جو عالم هو. هن پھريون ڪتاب 1940ع ۾ ‘چاليھہ حديثون’ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پاران ڇپايو. ان کان پوءِ رسول پاڪ جن جي سيرت تي ڪتاب آيس ۽ بعد ۾ 25 ڪتابن جو شاندار سلسلو هليو، جيڪو ‘شاھہ جي رسالي’ تائين پورو ٿيو. هن جي ڪتابن ۾ ‘ترڪن جي بھادري’ (تاريخ 1942ع) ترڪ قوم جي تاريخ تي آهي. ‘گلشن بھار’ شيخ سعدي جي فارسي ڪتاب ‘گلستان سعدي’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ‘علمي خزانو’ مولانا رومي جي مثنويءَ جو ٽن جلدن ۾ ترجمو ڪيائين. ‘ادبي خزانو’ (1945ع) سنڌي مضمونن تي ‘ادبي اصول’ (1948ع ٻه ڀاڱا)، هي سنڌي ادب جو تنقيدنگاريءَ جي مغربي اصولن تي ۽ قانون موجب پھريون ڪتاب آهي، جيڪو ٻن جلدن تي ٻڌل آهي. لطيفيات تي ‘سر سارنگ’، ‘سر سامونڊي’ ۽ ‘سر سسئي آبري’ تي شرح شايع ٿي. هن ‘خلفاءِ راشدين’، ‘خليفو پھريون’، ‘خليفو ٻيو’، ‘خليفو ٽيون‘ ۽ ‘خليفو چوٿون‘ سوانح حيات تي مبني ڪتاب لکيا، جيڪي چئني خليفن بابت آهن. تعليم جي لحاظ کان ‘سنڌي گرامر’، ‘نظري ۽ علمي تعليم’ ڪتاب لکيائين، جيڪي استادن جي درسي سکيا لاءِ نھايت ڀلا ڪتاب آهن. سندس ٻين ڪتابن ۾ ‘انتخـاب نثـر’ (مضمون)، ‘چونڊ نثر ۽ نظم’ (ادبي ڪتاب)، ‘روحـاني راز’ (اسلامي مضمون: 1964)، ‘فتوح الغيب’ (ٻن ڀاڱن ۾ عربيءَ مان ترجمو)، ‘اسلامي افسانہ’، ‘فلسفہ روزہ’ (اسلامي موضوعن جو ڪتاب)، ‘سنڌي گرامر’، ‘گلدستہ اقوال’ (ناميارن فلسفين جي قولن تي ٻڌل ڪتاب: 1950) غلام محمد شاهواڻيءَ جو اهم ڪارنامو ’شاھہ جو رسالو‘ آهي، جيڪو هن کي امر ڪري ويو. هن جي مرتب ڪيل شاھہ جي رسالي جي خاص ڳالھہ هيءَ آهي تہ هي پھريون شاھہ جو رسالو آهي، جيڪو هڪڙي ئي جلد ۾ معنائن سان گڏ آيو. ٽيھن سرن تي ٻڌل هي رسالو، موجودہ سنڌيءَ واري رسم الخط ۾ آهي. شاهواڻي صاحب ڪوشش ڪري قديم ٻوليءَ کي موجوده صورتخطيءَ ۾ قائم رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ جي دؤر ۾ شاھہ جو رسالو پڙهندڙن کي غلام محمد شاهواڻيءَ وارو ترتيب ڏنل رسالو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو سمجهيو وڃي ٿو. غلام محمد شاهواڻي آخر ۾ شگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. هو تمام گهڻو ڪمزور ٿيندو ويو. سندس حالت تيزيءَ سان بگڙجڻ لڳي، علاج سانگي حيدرآباد کان ڪراچي ويو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کان لاهور تائين ويو، پر اتي آپريشن دوران 14 ڊسمبر 1950ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ حيدرآباد جي قديم قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي غلام محمد شاھواڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


غلام محمد شاھواڻي جا ڪتاب

مثنوي رومي، سنڌيڪار : غلام محمد شاھواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مثنوي رومي
سنڌيڪار : غلام محمد شاھواڻي
شاھہ جو رسالو (غلام محمد شاھواڻي)، مُرتب : غلام محمد شاھواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ جو رسالو (غلام محمد شاھواڻي)
مُرتب : غلام محمد شاھواڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ