لطيفيات

اسان جو شاھہ لطيف (پنج ئي جلد)

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي سنڌي ٻوليءَ جي معمار ۽ محسن شاھہ لطيف جي ساڃاھہ پيدا ڪرڻ جي مقصد سان ”درسِ لطيف“ ڏيڻ لاءِ ٻارڙن جي سمجهڻ لاءِ ننڍڙا ڪتابڙا ڇپرائي، پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي.  ان ڏس ۾ پنج ڪتابڙا تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ ٻارن جي عمرين کي ذهن ۾ رکي تمام سؤلا ۽ سبق آموز بيت درجيوار ڏنا ويا آهن. هر هڪ بيت ۾ موجود ڏکين لفظن جون معنائون ۽ بيت جي سمجهاڻي ڏئي، ٻارن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن اخلاقي گڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. 

Title Cover of book اسان جو شاھہ لطيف (پنج ئي جلد)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  ڊاڪٽر فھميدہ حسين پاران ٻارن لاءِ ترتيب ڏنل شاھہ جي بيتن تي مشتمل پنجن ڪتابڙن جي سيريز  تي مشتمل ڪتاب ”اسان جو شاھہ لطيف (پنج ئي جلد)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي سنڌي ٻوليءَ جي معمار ۽ محسن شاھہ لطيف جي ساڃاھہ پيدا ڪرڻ جي مقصد سان ”درسِ لطيف“ ڏيڻ لاءِ ٻارڙن جي سمجهڻ لاءِ ننڍڙا ڪتابڙا ڇپرائي، پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي.  ان ڏس ۾ پنج ڪتابڙا تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ ٻارن جي عمرين کي ذهن ۾ رکي تمام سؤلا ۽ سبق آموز بيت درجيوار ڏنا ويا آهن. هر هڪ بيت ۾ موجود ڏکين لفظن جون معنائون ۽ بيت جي سمجهاڻي ڏئي، ٻارن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن اخلاقي گڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2012ع ۾، ٻيو ڇاپو 2014ع ۽ ٽيون ڇاپو 2016ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com