سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، مفڪر ۽ اديب رسول بخش پليجي جو لکيل ڪتاب ”وڳ ڪيئن وسرياءِ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب اصل ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جو سندس پٽ اياز لطيف پليجي کي جيل مان لکيل خط جو متن آھي. خط ۾ نہ رڳو نصيحت آھي پر ساڳي وقت ان وقت جي سياست جي عڪاسي، تاريخ تي نظر ۽ حال احوال شامل آھن. خط جي لکڻي، بھادري جا مثال، تاريخ مان ورتل ٽڪرا ۽ شاھہ لطيف جا بيت ۽ تشريح سڀ لاجواب آھن.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي