سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي
اصولن، ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته ڀلي کٽل ۽ سوڙهي ڪيل سنڌ ئي سهي پر ان جي سرحدن جي سنڀال ڪئي وڃي ها، پر اٽلو ان کان لس ٻيلو ۽ ڳڙهي خيرو به کسيا ويا ۽ ماڇڪي کي ڦٻايو پيو وڃي. ٿر ۽ ڪوهستان، ڪاڇي جي علائقن کي رڳو ڦر لائق نڌڻڪن علائقن جھڙو ڪيو ويو آهي ۽ باقي سنڌ ۾ به سڄو ترقياتي زور اتي آهي جتي غير سنڌي آبادي وڌيڪ رهي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ نمايان علائقو آهي ڪراچي، جتي پرڏيهين مان چونڊ بدمعاش تاڙي، دهشت گردن جي سنڌ- ۽ سنڌي- دشمن فوج تيار ڪئي وئي آهي جيڪا عملي طرح پياري پاڪستان جي نام نهاد قانونن کان بالاتر قرار ڏنل آهي.
1940ع جي ٺهراءَ موجب ڪنهن به هڪ علائقي مان ڪنهن به ٻي علائقي ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذري جيترو به ذڪر ڪيل ناهي ۽ سنڌ سميت گھڻيون رياستون ان تي متفق ٿيون هيون، پر 1947ع ۾ اپکنڊ جي هڪڙي رياستن کان ٻين رياستن ڏانهن هڪ زبردست سازشي لڏپلاڻ ڪئي وئي. سنڌ جي ڳالهه ڪجي، ته 13-لک ماڻهو سنڌ مان لڏايا ويا ۽ 25-لک سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ سنڌ جي انڪار ۽ احتجاج باوجود اها لڏپلاڻ اڄ سوڌو مختلف بهانن ۽ طريقن سان اڃا تائين جاري آهي. ڪراچي مرڪزي علائقو سڏيو ويو ته خاص ڪري پنجاب ۽ پختونخواهه مان به سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ وڌي وئي ۽ ون يونٽ کان پوءِ سنڌ عملاً کليل شڪار گاهه بنائي وئي --- سنڌ جا ڪارخانا، ٻنيون، معدني ذخيرا، ٻيلا، بندر، سمنڊ، سڀ ڪجھ ٽڪي مُلهه غير سنڌي آباديءَ جي حوالي ڪيو ويو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ نئين پاڪستان دوران وري بهاري گھرائي سنڌ تي مڙهيا ويا ۽ خاص ڪري پياري پاڪستان وارن ڏينهن ۾ ته ڌوڙيا ٿي ويا آهن سنڌ اندر ڌاريءَ آباديءَ جا، تنهن مٿان وري ايران، افغانستان، برما، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ايتري قدر جو ويٽنام کان به ڪيترائي غير قانوني آيل ماڻهو سنڌ ۾ ٽِڪي پيا آهن.
لائسنس (”ليسن“ --- جيڪو رياست ۽ فرد جي وچ ۾ ڪنهن خاص موضوع يا شيءِ بابت هڪ قسم جو ٺاهه آهي) جڏهن، مثال طور، پستول جو ڏنو وڃي ٿو تڏهن ان جي واهپي جون حدون مقرر ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جي خلاف ورزي نه رڳو قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي پر ”ٺاهه“ کي به رد ڪريو ڇڏي. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ جيئن ته ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذڪر ڪو نه هو، ان ڪري ان جي روشني ۾ ٺهيل ملڪ ڏانهن يا ان کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ خود بخود قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه ٿي پوي ٿي ۽ معاهدي کي جھوريو رکي ٿي. ان ڪري 1947ع ۾ ۽ ان کان پوءِ ٿيل سموري لڏپلاڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ وري قبضي بازيون (بظاهر ڪيڏيون به جائز سڏجن) عملن ۽ اصولن ناجائز ۽ غير قانوني آهن.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي ۽ ڪنهن به حالت ۾ نه وساريندي اسان کي هتي خصوصاً ان پرڏيهي ناجائز ۽ غير قانوني آباديءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي جيڪا پياري پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب ناجائز آهي. مثال طور، پياري پاڪستان کان ٻاهر واري غير سفارتي آبادڪاريءَ کي غير قانوني ۽ ناجائزي کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو سڏي سگھجي؟
ويجھڙ ۾ لڪايل انگن اکرن موجب رڳو ڪراچي وارن ضلعن جي حدن اندر 15-لک بنگالي ۽ 5-لکن کان وڌيڪ افغاني، ايراني، برمي، انڊونيشي، ويٽنامي وغيره ناجائز طرح غير قانوني رهاڪو آهن. غير قانوني ۽ غير سرڪاري طرح جيڪي بهاري اچي آباد ٿيا آهن، انهن جي ڳڻپ به هڪ لک کان گھٽ ناهي (وڏي ناجائز ۽ ملڪ سان اهم غداري اها ته انهن ناجائز ۽ غيرقانوني آيل بهارين مان ڪيترائي نه رڳو اهم سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ به چونڊجي آيا آهن). اهڙيءَ طرح رڳو ڪراچيءَ جي ضلعن جي حدن ۾ 21-لکن کان وڌيڪ غير قانوني ۽ ناجائز ماڻهو رهيل آهن. ڪراچي وارن ضلعن جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ آهي، جنهن مان پنجين پتي سنڌ جي نه، پر پياري پاڪستان جي قانون موجب، بهرحال ناجائز ۽ غيرقانوني آهي ۽ جيڪڏهن ان جو گڏيل نموني ذڪر ڪجي، ته عملي طرح ڪراچي جي چئن ضلعن مان هڪ، ذري گھٽ سڄي جو سڄو، غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد ٿيل ماڻهن جي حوالي آهي.
21-لک ماڻهو سنڌ جي ڪيترن ئي اڪيلن ضلعن (مثال طور لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد جي آباديءَ کان گھڻو وڌيڪ آهن.) ڪراچي ضلعن کان سواءِ باقي سنڌ ۾ رهيل غير قانوني ۽ ناجائز آباديءَ جو ذڪر نه به ڪجي، ته به 21-لک ماڻهو هڪ وڏو انگ آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کان بهتر سهولتن واري علائقي ۾، ڪراچي ضلعن جو پنجون ۽ سڄي سنڌ جو ويهون حصو غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد آهي، ڇا اها ڳالهه ڌيان تي آڻڻ جوڳي ناهي؟
سنڌ جي زمين جو هڪ وسيع ٽڪرو، سهولتن سان سينگاريل هڪ علائقي ۾ سنڌي ماڻهن کان پالهو، انهن ماڻهن جي حوالي آهي جيڪي ڪنهن به طرح اتي رهڻ جو حق نه ٿا رکن. اهي ماڻهو ڪو ڌنڌو روزگار ڪندا هوندا، ڪن گھرن ۾ رهندا هوندا. تعليمي، طبي ۽ ڳانڍاپو (ڪميونيڪيشن) سهولتن مان فائدو وٺندا هوندا، سنڌ جو ڪيتروئي مال متاع پنهنجن مائٽن ڏانهن موڪلي چڪا هوندا (جيڪو نه رڳو سنڌ تي پر پياري پاڪستان جي معيشيت تي به هڪ وڏو بار آهي. سمجھو ڪري ته هڪ ماڻهو هر مهيني رڳو هڪ هزار رپيا ڪمائي ٿو ته هر مهيني ڪل ڪمائي 2-ڪروڙ 10-لک ۽ هر سال 25-ڪروڙ 20-لک ٿيندي!) انهن ڪجھ کاڌو پيتو هوندو، لٽو ڪپڙو چوڙيو هوندو ۽ اهم ڳالهه اها ته پنهنجيءَ ڳڻپ جيترن حقدار، قانوني ۽ جائز ماڻهن کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪيو هوندو. وڌيل آباديءَ جا مسئلا اڃا ڌار.
جيڪڏهن اهي نه هجن ته سنڌين جو ايڏو وڏو ڳاڻاٽو خودبخود انهن جي جاءِ تي اچي ويندو. سنڌ جي حوالي سان پنج سيڪڙو ۽ ڪراچي ضلعن جي حوالي سان ويهه سيڪڙو سنڌي آبادي وڌندي. سنڌي پنهنجي سرزمين، ڪارخانن، نوڪرين، ڌنڌن ۾ اوترو وڌيڪ ٿيندا ۽ ان ڪري سنڌين جي بيروزگاريءَ جو مسئلو حل ٿيندو (۽ ان ڪري ڌاڙا گھٽبا)، صحت، تعليم ۽ ڳنڍپ جي سهولتن سان گڏ ٻيون شهري سهولتون ماڻيندا، گھٽ ۾ گھٽ 10-صوبائي ۽ 5-قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي چونڊبا، سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي سرڪاري، انتظامي وغيره ڪم ۾ شريڪ ٿيندا وغيره وغيره.
دنيا جي ڪنهن به ڏيهه جي ۽ خود پياري پاڪستان جي قانون موجب انهن سڀني غير قانوني پرڏيهين جو رهڻ سَو سيڪڙو ناجائز، هڪ ڏيهه تي واڌو بار، هڪ قوم لاءِ هاڃيڪار ۽ حقي رهاڪن خلاف ارهه زورائي آهي. انهن کي تڙي ڪڍڻ، حڪومت جي پهرين فرضن ۾ شامل آهي، پر پوءِ به انهن کي ڪڍيو نه ٿو وڃي، اٽلو کين ڊوميسائيل، پي آر سي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ ۽ مالڪيءَ جا حق ڏنا وڃن ٿا، ڇو؟
ايترا پرڏيهي ڪيئن آيا؟ سرحدن جا محافظ ڇا ٿا ڪن؟ اندروني معاملن جي وزارتن جا فرض ڪاڏي ويا؟ بااختيار کوجي ادارا ڪهڙي ڪم سان آهن ۽ سنڌ سرڪار چُپ ڇو آهي؟
ان سڄي ڏوهه ۾ ملڪ سان غداريءَ جو ذميوار ڪير آهي؟
انهن سمورن غيرقانوني ۽ ناجائز پرڏيهين کي ڪڍيو ڇو نه ٿو وڃي؟
”سنڌ ماءُ سان غداري نه ڪرڻ“ جا دعويدار ڇا ٿا چون؟
سنڌ جا گھڻگھرا ان مسئلي تي به هلچل ڇو نه ٿا هلائن؟
سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي حڪومت کان اهو مطالبو ڇو نه ڪيو وڃي ته انهن غيرقانوني پرڏيهين کي تڙي ڪڍيو وڃي ۽ نون ايندڙن جون راهون روڪيون وڃن؟
(روزاني ـجاڳو“ ڪراچي، 24-جنوري 1992ع)