مختلف موضوع

ماڻڪ جي بريف ڪيس مان

ھن ڪتاب ۾ منير احمد ماڻڪ جي وفات کانپوءِ سندس بريف ڪيس مان نڪتل اڻ ڇپيل ناوليٽ ”پڇتاءُ“، ماڻڪ جو لکيل ھڪ سنڌي ۽ ھڪ اردو خط، نصير مرزا ۽ نثار حسيني سميت مختلف پبلشرز توڙي رسالن جي ايڊيٽرن ڏانھن لکيل خط، ڪجهہ اڻ ڇپيل ڪھاڻيون، لوڪ داستان مورڙي ۽ مانگر مڇ بابت لکيل ھڪ ريڊيائي ڊرامو ۽ محمد ابراھيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتاب تي لکيل تنقيدي مضمون شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماڻڪ جي بريف ڪيس مان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ اڻ ڇپيل ناول تي مشتمل ڪتاب ”ماڻڪ جي بريف ڪيس مان“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ منور سراج آھي.
ھن ڪتاب ۾ منير احمد ماڻڪ جي وفات کانپوءِ سندس بريف ڪيس مان نڪتل اڻ ڇپيل ناوليٽ ”پڇتاءُ“، ماڻڪ جو لکيل ھڪ سنڌي ۽ ھڪ اردو خط، نصير مرزا ۽ نثار حسيني سميت مختلف پبلشرز توڙي رسالن جي ايڊيٽرن ڏانھن لکيل خط، ڪجهہ اڻ ڇپيل ڪھاڻيون، لوڪ داستان مورڙي ۽ مانگر مڇ بابت لکيل ھڪ ريڊيائي ڊرامو ۽ محمد ابراھيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتاب تي لکيل تنقيدي مضمون شامل آھي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.