سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور سياستدان محمد امين کوسي پاران نامياري عالم ۽ جديد قومپرستيءَ جي باني جي ايم سيد ڏانھن لکيل خطن جو مجموعو ”واڄٽ ويراڳين جا (جلد پھريون)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن ڪتاب جا ترتيب ڏيندڙ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو آھن.
ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ھڪ صاحب دل انسان ۽ حق گو سياستدان ميان محمد امين کوسي جا سائين جي ايم سيد ڏانھن 1938ع کان 1966ع تائين لکيل خط شامل آھن. جي. ايم. سيد ۽ امين کوسو هڪٻئي جا گهاٽا رفيق هئا ۽ سندن وچ ۾ هڪٻئي ڏانھن مختلف دؤرن ۾ خط و ڪتاب جاري رهندي هئي. جي. ايم. سيد ۽ محمد امين خان کوسي جي مثالي دوستي مشھور رهي آهي. هو جي. ايم. سيد کي سنڌ جي ڇوٽڪاري جو بنيادي سھارو تصور ڪندو هو.
ھي ڪتاب 1987ع ۾ سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي