ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعر، صحافي ۽ ڊرامانگار سڪندر سرواڻ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل ڪتاب ”گهنگهر گهاريم ڏينھڙا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سڪندر سرواڻ ناميارو اديب، صداڪار ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آھي. ھيءَ جيل ڊائري 1978-79 واري دور جي آھي، جڏھن  ضياءَ دور جي آمريت جي شروعات ھئي ۽ ھڪ ميجر پاران نوابشاھہ ڪاليج جي ھڪ سنڌي نياڻي شيرين سومرو سان ڏاڍائي ڪئي ۽ ان واقعي خلاف سنڌ جي ٻين شاگردن جيان جوھيءَ ۾ احتجاج ڪيو، جنھن کانپوءِ گرفتار ٿي مختلف جيلن ۾ قيد جون سختيون سَٺيون. ھن جيل ڊائريءَ ۾ سڀني واقعن کي جيئن جو تيئن ڏنو آھي، جنھن سان ان دور جي حالتن کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سنسار پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ