شاعري

مورن اُچا ڳاٽ

طارق عالم ابڙو ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. طارق جي شاعري نھايت پُر اثر ۽ منفرد آھي. ھو منظرن ۽ ڪيفيتن کي تخيل ۽ فن جي گڏيل غرق سان ڳوھي ٿو ۽ حرفن جا ميڙ شعرن جي صورت ۾ وٺي پوپٽن وانگر اڏامڻ ٿا لڳن. 

  • 4.5/5.0
  • 40
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق عالم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مورن اُچا ڳاٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار طارق عالم جي حائيڪن ۽ ٽہ سٽن تي مشتمل مجموعو ”مورن اُچا ڳاٽ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
طارق عالم ابڙو ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. طارق جي شاعري نھايت پُر اثر ۽ منفرد آھي. ھو منظرن ۽ ڪيفيتن کي تخيل ۽ فن جي گڏيل غرق سان ڳوھي ٿو ۽ حرفن جا ميڙ شعرن جي صورت ۾ وٺي پوپٽن وانگر اڏامڻ ٿا لڳن. 
ھي ڪتاب 1990ع ۾ ھالار پبلشرز پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي گلبھار باغائيءَ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.