شاعري

بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري

بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان جي دور جي عڪاسي ڪيل آھي. بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي.  ھو لکي ٿو تہ ”عشق ۽ شاعريءَ جو ڪاڪ ٽيل منھنجي زندگيءَ جي پيالي ۾ سدائين نَوان نَوان خُمار کڻي پئي ڇُلڪندو رهيو آهي. ۽ مان هميشہ مڌهوشيءَ جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، پنھنجي روح ۾ ڪڪر ڪارونڀار پيو وسندو آهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري

اَرپنا

پنھنجي پياري ڀاڻيجي

ننڍڙي، پِتڪڙي

روحان

جي نانءُ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ڪتاب جو سھيڙيندڙ بخشل باغي آھي.

بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان جي دور جي عڪاسي ڪيل آھي. بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي.  ھو لکي ٿو تہ ”عشق ۽ شاعريءَ جو ڪاڪ ٽيل منھنجي زندگيءَ جي پيالي ۾ سدائين نَوان نَوان خُمار کڻي پئي ڇُلڪندو رهيو آهي. ۽ مان هميشہ مڌهوشيءَ جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، پنھنجي روح ۾ ڪڪر ڪارونڀار پيو وسندو آهيان.“

ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ بخشل باغيءَ جا جن  ڪتاب سنڌ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com


مھاڳ - شاعري، شعور جي شمع آهي

مھاڳ - شاعري، شعور جي شمع آهي

پڪاسو ڏاڍي ڀلي ڪئي هئي ته، ”منهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته، تون اگر فوجي هوندين ته جرنيل ٿي ويندين، جيڪڏهن راهب هوندي ته پوپ بڻجي ويندين. پر مان ”پينٽر هُئس“ ۽ “پڪاسو بڻجي ويس. “بلڪل اهڙيءَ ريت مان به شاعر هُئس ۽ بخشل باغي ئي بڻجي ويس. ڇو ته شاعري، سدائين منهنجي جيون جي اُونداهي کنڊ مٿان چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پئي کِڙندي رهي آهي. ۽ ستارا منهنجي مُنتظر ۽ اوجاڳيل نيڻن جا اُهي اوجاڳا پئي رهيا آهن. جن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مون هميشه پنهنجي اَڌوري وجود جي تڪميل جي تلاش پئي ڪئي آهي. ڇو ته اِها جنمن جي جاڳ منهنجي رولاڪ روح کي اَزل جي آڏاڻي تي درد ڪتڻ جي عيوض اُجوري طور راس آئي آهي. شاعري، شعور جي اُها شمع آهي جنهن تي عشق ۽ محبت جا پروانا پاڻ مُرادو اُڏامي اچي اُن جي ڄَر کي لھسائي، درد جي لذت ماڻيندا آهن.
شاعري، عجيب ڪيفيتن جو جهان آهي. جنهن کي احساسن سان پڙهي، ٻُڌي صرف روح ذريعي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. اُن جي ڪابه طيءِ شُده وضاحت ممڪن ناهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو تخليقي شاعري هر دور جو اعليٰ اظهار بڻجي ويندي آهي.
يونان جي نابين شاعر هومر کان وٺي ڪاليداس، ڀٽائي، شيڪسپيئر، اُمارو، ملٽن، شيلي، ورڊس ورٿ، ڪيٽس، رومي، حافظ، سعدي، ڪبير، ميران، غالب، ٽئگور، اياز ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تائين شاعري پنهنجي نازڪ نفيس احساسن جي آفاقي ڏور وسيلي، سندن روحن سان سلهاڙيندي پئي اچي. پر هر شاعر وٽ شاعريءَ جو احساس، ڪيفيت، خُدا جي تصور جيان نرالي ۽ نياري آهي. جيئن خوشبوءِ جو ڪو به ڏَس پتو ناهي ته هُوءَ گُل جي نفيس پنکڙين کان جُدا ٿي رولاڪ هوائن سان ڪهڙن ديسن جي آوارگي ڪري ٿي. يا پوپٽ گُلن جو واس وٺي ڇا محسوس ڪندا آهن. جُگنو اُوندھ ۾ ڇو ٽِم ٽِم ڪندا آهن. ڪوئل جُهڙاليءَ سانجهيءَ جو ڪَٽار جھڙي ڪُوڪ سان ڪنهن کي پُڪاريندي ڇو هانوَ ۾ وڍ وجهندي آهي. ٻاٻيهو ٿر جي تَپندڙ ڀِٽن ۾ ڪنهن لاءِ ٻوليندو آهي. اُنهن سڀني احساسن ۽ ڪيفيتن کي موسمون يا گُذرندڙ پَل ڪيئن محسوس ڪندا آهن. بلڪل تخليقي شاعري به پنهنجي مفهوم ۽ معنائن ۾ ايئن ئي ڪائناتي ڪهڪشائن جيئن ڦهليل ۽ گهڻ رُخي آهي. شاعري ڪنهن به خاص موضوع ۽ مواد جي مُحتاج ناهي. ۽ نه ئي ڪا هُوءَ وقت جي گردش ۾ مُقَيَد آهي. هُوءَ ته زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي روح جي جَهروڪي ۾ ليئو پائي، درد کي دريافت ڪري وٺندي آهي. شاعري ته پهاڙن تي پوندڙ برف جيان ٽيپو ٽيپو ڳري آبشارن جو روپ ڌاري وَر وَڪڙ وهندڙ نديءَ جي صاف شفاف پاڻيءَ جيان هر لمحي تي پيدا ٿيندڙ لهر جيان نِڪور ۽ اَڇوتي هوندي آهي. شاعري تقليد نه پر تخليق جو ترانو هوندي آهي. ڪنهن سُريلي گيت جي گونا گون گُونج هوندي آهي. جنهن جي ليءِ، رِڌم، رَچاءُ، رنگ ۽ روپ پنهنجو پاڻ ۾ ڪيترائي معنائن جا موتي سمائي دلين جي ساحل تي ايندا آهن ته سمورو سمنڊ سِپون، سِپون ٿي پوندو آهي. ۽ وري موٽي واپس ويندي آهي دور خيالن جي مھا ساگر ڏي. . . اياز چواڻي ته “شاعري سمنڊ ۾ اُن ترڪڻي مڇيءَ وانگر آهي جيڪا هڪ دفعو خيالن جي رَڇ مان نڪتي ته وري اُن کي پڪڙڻ محال هوندو آهي”. شاعري روميءَ جو رقص بڻجي درويش روح کي مي رقصم ۾ تبديل ڪري، سموري ڪائنات کي همه اوست جي احساس جو گيڙو ويس ڍڪائي، سَروم دُکم دُکم جو پڙاڏو بڻجي ويندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو شاعري منهنجي دل جي اُداس ٿر ۾ احساسن کي لهسائيندڙ لُوءِ ۾ ٻاٻيهي جيان ٻوليندي رهي آهي. ۽ اُهي ٻول مون کي اڪيلاين، اُداسين، انتظارن جي تَپندڙ طويل ڀِٽن ۾ ڀَٽڪڻ جو ساهس بخشيندا رهيا آهن. اُهي ٻول ئي ته شاعريءَ ۽ آرٽ جو نرالو رُوپ آهن. ۽ شاعري توڙي فن اهڙي عبادت آهن جنهن جو مٽ شايد ئي ٻيو ڪجهه هجي. بقول شيخ اياز جي ته،
”آرٽ عبادت آهي، شايد ان کان چڱي
عبادت ڪا ورلي هجي! “
سچ ته شاعري جي سنگ مون هِن پُراسرار ڪائنات کي هڪ نئين زاويي سان پئي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاعريءَ(ادب)جي ڪري مون، ڌرتي، عشق، محبت، انسانيت، امن، روشن خيالي، دوستي، رشتن ناتن جي تقدس جو شعور پاتو آهي.
شاعريءَ منهنجي جهيرون جهيرون ٿيل روح جي پاند کي، جنهن ڪتابن جي تند سان جوڙيندي رهي آهي ۽ منهنجي احساسن جي نفيس ويس کي سدائين اُجرو پئي رکندي اچي. اُها سالن جي تسلسل سان اڄ به منهنجي جياپي لاءِ هن آلوده ماحول ۾ آڪسيجن کان گهٽ ناهي. جرمن شاعر گوئٽي چواڻي ته، ”جيڪڏهن توهان جواني کي برقرار رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هر روز هڪ خوبصورت نظم پڙهو. “
سچ ته زندگي جي ڪٺن کان ڪٺن حالتن کي حوصلي سان مُنهن مُقابل ٿيڻ جي همت مون کي ڪتابن مان مليل اعليٰ شعور ڏني آهي. صبر، تحمل، استقامت، اُميد، عمل، حقيقت پسندي، کَري ۽ کوٽي جي شناسَ، منهنجي اندر جي حيوانيت کي ماڻهپي جي روپ ۾ تبديل ڪيو آهي. انهن ڪتابن ۽ شاعريءَ جي ساٿ، منهنجي اَڙانگهي جيون کي سَڻائو ڪري ڇڏيو آهي. حق ۽ سچ سان لافاني تعلق جوڙي ڇڏيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هاڻ مان شاعريءَ جي اکين سان ۽ ڪتابن جي ڪنن سان هِن دنيا کي ڏسندو، ٻُڌندو ۽ محسوس ڪندو آهيان. قديم رومي شاعر ”اوويد“ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه چئي آهي ته، ”صحيح وقت تي ڳوڙهن جو وزن لفظن جي برابر هوندو آهي. “بظاهر اکرن جون نظر ايندڙ بي ترتيب لڪيرون پنهنجي اندر هڪ ڪائنات سمائي رکن ٿيون جنهن تائين رسڻ لاءِ لفظن جي تپسيا مان گذرڻ لازمي آهي.
شاعريءَ سدائين مون کي مِٺي ماءُ جيئن پنهنجي نرم ۽ گرم آغوش ۾ پئي پناھ ڏني آهي. منهنجي لُڙڪن کي پنهنجي ريشمي آڱرين سان پئي اُگهيو آهي. شاعريءَ مون کي هميشه حقيقت جي ڪوڙاڻ کي مِٺاڻ ۾ تبديل ڪري ڏنو آهي. نه ته هي روز روز جو جيئڻ به عجيب عادت ۾ شُمار ٿي ويو آهي. جنهن جي رسمي روايتن، روح کي پئي زخمي ڪيو آهي، سچ ته هاڻ هيءَ ڪيفيت به شدت اختيار پئي ڪندي وڃي ته مان هوائن ۾ به پاڻ کي ٻُڏندو محسوس ڪندو آهيان. غوطا پيو کائيندو آهيان. سمنڊ صحرا جو ڏيک ڏيندو آهي. ۽ رُڃ مان پاڻيءَ جون لهرون منهنجي وجود کي لوڙهڻ لڳنديون آهن. مان اڪثر مايوسين جي مها ڄار ۾ پاڻ کي سوگهو ڀائيندو آهيان، ۽ روحاني طور تي ڪنهن مڇيءَ جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر سُڪيءَ تي پيو ڦٿڪندو محسوس ڪندو آهيان. پر اهڙي ڀيانڪ صورتحال ۾ اِها شاعري، اِهوادب، اِهي ڪتابَ منهنجي ٻُڏندڙ ساهن لاءِ تُرهو پئي بڻجندا رهيا آهن. مان پنهنجي خوابن جا ليڙون، ليڙون سَڙھ، پنهنجي وجود جي ويرانين جا وَنجهه، ۽ ٽُٽل دل جي دُنگيءَ کي هِن مها سنسار جي ساگر ۾ جُهرندي، ڀُرندي به پَرينءَ ڀَر ڪاهيندي پيو ڀانيان.
پنهنجي جيون جو ٽُٽل ڦُٽل سامان، شاعري، ڪاغذ، قلم، ڪتابَ، وڇوڙا، انتظار، اوجاڳا، ڏُک، درد ۽ ڪيئي محروميون ساڻ کڻي جياپي جي جانڊاڻ ۾ پيو پيسجان. سچ ته هاڻ مان اُن ڏند ڪٿائي پکيءَ”ڪُڪنيس“جيان ڏُکن سورن جا ڪک پن سوري اُنهن تي ويهي پنهنجن پُر درد سُرن جي آڳ سان اُنهن کي جلائي پاڻ کي رک ڪري وري اُن ئي رک مان ٻيهر جنم پيو وٺندو آهيان. عجيب مزو آهي انهي فنا ۽ بقا جي چڪر جو، جنهن منهنجي روح ۾ ڪيئي ناياب خواب تخليق ڪري وڌا آهن. خواب جيڪي منهنجي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو حسين تعارف آهن. اهڙو تعارف جنهن جي شناسائيءَ جا رنگَ ڪنهن جي نيڻن مان اُجري باک جيان ڦُٽي پيا هُيا. جن مون کي احساس ڏياريو هو ته هر ناياب شيءِ ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهندي آهي. اُها ته صرف محسوس ڪري سگهبي آهي.
اُن کي صرف خوابن جي هٿن، اکين ۽ محسوسيات سان ڇُهي، ڏسي، ۽ محسوس ڪري سگهبو آهي. اُن کي ماڻي يا ماڻڻ جي ڪوشش هڪ ديوانگي هوندي آهي. شاعريءَ جھڙي ديوانگي، شايد”شاد عظيم آباديءَ“ جي هِن شعر جھڙي،
ڈھونڈو گے اگر مُلکوں، مُلکوں، ملِنے کے نہیں نایاب ہیں ہم۔
تعبیر ہےجس کی حسرت و غم، ای ہم نفسووہ خواب ہیں ہم-
لاکهوں ہی مُسافر چلتے ہیں، منزل پہ پُہنچتے ہیں دو ایک،
اے اہلِ زمانہ قدر کرو، نایاب نہ ہوں کم یاب ہیں ہم۔
(شاد عظیم آباد)
اِن اَڻ لَڀ جي جستجوءَ ۾ شاعريءَ ۽ عشق جي سَرمستي به عجيب آهي. جيڪا ماڻهوءَ جي وجود کي رقص ۾ تحليل ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن ۾ روح رڳو ساز ۽ سَرگم بڻجي پوندو آهي. ساھَ سنگيت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. وِک وِک وَڄڻ لڳندي آهي. پنڌُ، پهاڙيءَ ٿي پوندو آهي. ۽ سفر تي سمنڊ جو سُرمئي رنگُ لهي ايندو آهي. هر قدم ڪوهياريءَ جا آلاپَ ۽ سڄڻ جي سِڪَ، سنڌڙو جي پُرسوز سُرن ۾ سُڏڪڻ لڳندي آهي. ته دل جو دنبُورو درد اوڳاڇڻ لڳندو آهي. رڳ رڳ دُکي پوندي آهي. ته روح جا رستا روهيڙي جي گُلن جيئن ڪڪورجي پوندا آهن. اِنهن سمورين ڪيفيتن جا سرور، عشق يا شاعريءَ جي اکين ۾ خُمار بڻجي چڙهڻ لڳندا آهن. ۽ سَرمستيءَ جا سنسار جُهومي پوندا آهن. مون کي عشق، شاعري ڏني ۽ شاعريءَ وري عشق عطا ڪيو. ايئن انهن ٻنهي جي سنگ ۾ منهنجي زندگي جو سفر سُهانو پئي رهيو آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته ماڻهو رڳو خوشيءَ ۾ ئي خوش نٿو رهي سگهي پر ڏُک کي ماڻي به جيڪا آسيس، سُڪون يا آنند جو احساس محسوس ٿئي ٿو، سچ ته اُهو سُرور مون عارضي خوشيءَجي خُمار ۾ ڪڏهن به نه پاتو آهي. روئيندي روئيندي کلي پوڻ جو مزو ئي نيارو آهي. شايد اهوئي ڪارڻ آهي جو مون هميشه خُوشيءَ ۾ پاڻ کي دُکي پئي ڀانيو آهي ۽ ڏُک ۾ هڪ عجيب اطمنان پئي ماڻيو اٿم.
عشق ۽ شاعريءَ جو ڪاڪ ٽيل منهنجي زندگيءَ جي پيالي ۾ سدائين نَوان نَوان خُمار کڻي پئي ڇُلڪندو رهيو آهي. ۽ مان هميشه مڌهوشيءَ جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، پنهنجي روح ۾ ڪڪر ڪارونڀار پيو وسندو آهيان.
ڪَڪر مَنجھ ڪَپارَ، جُهڙ نيڻنئُون نه لَهي،
جھڙا منهنجا سُپرين، تھڙا مينگهه مَلھارَ،
کَڻ اکيون کِل يارَ، وَڃن سُور سَنڌا ڪيو.
(شاھ)
اڄ پڻ وايُون ڪن، وڻجارا وَڄڻ جون،
اَٺئي پهر اَٿن، سَعيو ڪنهن سفر جو.
(شاھ)
ايئن سُر سارنگ جا رنگَ منهنجي دل جي اُفق تي پيا کڙندا آهن ۽ مان هر موسم ۾ پنهنجي ساهن ۾ سُر سامونڊي سمائي پيو جيئندو آهيان. ڇو ته سمنڊ، منهنجي ننڍپڻ جو، منهنجي خوابن جو، منهنجي شاعريءَ ۾، منهنجي خيالن جو اهو همسفر آهي جيڪو سدائين مختلف روپن ۾ منهنجي روح سان سلھاڙيل ئي رهيو آهي. شايد ان ڪري به لطيف جو سُر سامونڊي منهنجي ڪنهن جنم جي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجين وشال نيرين وسعتن سان ڇُلندو رهيو آهي. ۽ مان سندس لھرن تي لڙهندڙ ڪو چنڊ جو پاڇو رهيو آهيان، جنهن هميشه چانڊوڪيءَ جي عڪس ۾ ڪيترين اُماس راتين جي گهگهه اُنداهين سان پئي جهيڙيو آهي. ان اَٽل اِرادي جي اَٽڪاءُ، مون کي شاعريءَ سان عاشقيءَ جو حسين سنگم جوڙي ڏنو آهي. انهيءَ جوڙ جي جهان منهنجي جيءُ ۾ جيڪا جوت جلائي هئي اها اڄ به ڀنڀٽ ڀنڀٽ منهنجي من ۾ ڀڙڪي رهي آهي ۽ منهنجو جنمن جو سفر سدائين سندس سُهائيءَ ۾ سلوڻو پئي رهيو آهي.
”بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري“سُرمئي سانوڻين جي اهڙي ئي صدا آهي جنهن جي اکر اکر ۽ لفظ لفظ ۾ ڪڻين جهڙيون ڄَرڪندڙ ڪيفيتون ڪَرَ کڻي پنهنجي پيڙا بيان ڪن ٿيون. ۽ شاعريءَ ۾ سمائجي جل ٿل، جل ٿل ٿي وڃن ٿيون ته پاڻ ۾ سمنڊ سمائي ايندڙ ڪڪر ڪارونڀار، سوڪَھڙي ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ وسندڙ بارشن ۾ جَر بجاءِ رڳو سُڪل ٺوٺ احساسن جا آڙاھ، تخيلاتي صورت ماڻي، روح جي محسوسيات کان خيالن جي کِڙندڙ انڊلٺ ۾ شاعريءَ جي موسم آڏو ڀِڄڻ جون بي انتها اميدون وابسته ڪري ڇڏين ٿا.
ان ڪري به هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مون هميشه شدت سان محسوس ڪيو آهي ته تصور جي آڪاس تي ڇانيل خيالن جي گهنگهور گهٽا مان موسمن جون بارشون، شاعريءَ جهڙي جل پريءَ جي آغوش ۾ سمائجي ڀِڄڻ جي خواهشن کي تڪميل تي رسائين ٿيون. حقيقت ۽ تخيل جو تضاد به ڏاڍو مُنفرد ۽ نِرالو ٿئي ٿو. ڇو ته هُو سمجهه جي سنسار کان تمام گهڻو دور پنهنجي هجڻ جي بقا کي برقرار رکڻ چاهيندو آهي. ان ڪري شاعريءَ جي ڪائنات جا ڪرشما محسوسيات سان گڏ حيرانگي جي پُرخُمار ڪيفيتن ۾ ئي پنهنجي جوهر جو جمال رکندا آهن. اهڙو جمال جيڪو جُڳن کان پنهنجن جذبن سان جوان آهي. شاعريءَ جي رنگن ۽ روپن ۾. اهي رنگَ جيڪي ساڀيان ۾ بي رنگ ۽ خوابن ۽ خيالن ۾ سندن بي رنگائي رنگينيءَ جي روپ ۾ نروار ٿي پوندي آهي. ان احساس سان ته ڪيفيتن جي ڪائناتن جون ڪهڪشائون ڪڏهن ڌُنڌليون ته ڪڏهن اُجريون پئي رهنديون آهن. انهن جي روشني ۽ اونداهي هڪ ٻئي کي پيون جنمينديون رهنديون آهن. ان جنم ۽ مرڻ جي وچ تي شاعريءَ جي کيرڌارا کِڙي سموري سماءَ کي پاڻ ۾ سمائي تخيل جي هڪ نئين ڪائنات تخليق ڪري وجهندي آهي. ۽ اهو تخيلق جو سفر سدائين سَرهو پئي رهندو آهي.
”بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري“جيان.

بخشل باغي
ڀنگوار ڪالوني
نواب شاھ. سنڌ
18. 3. 2022
Cell:03003217411
*

غزل

---

هر روز پيار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

هر روز پيار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.
دل بيقرار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

هر پل منھنجي اکين ۾ سُرمي جيئان سَجيل آن،
اي انتظار تنهنجي آهي نئين ڪھاڻي.

هر بار سونھن ۾ تون ڪيڏي نه آن نرالي،
هر ڏيک ڌار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

ناول جيئان جُدائي وڌندي وڃي رهي آ،
بي اختيار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

اکرن جي هي اکين ۾ آيا سَمونڊ ڪاٿان،
ڏُک بي شُمار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

هر دور جي تون گُهگهه ۾ مَشعل کڻي اچين ٿو،
گهوڙي سَوار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

پيئندي نه ٿيو پُراڻو مَڌُ جو جَھان پنھنجو،
ڍُڪ ڍُڪ خُمار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

مٽجن ٿيون موسمون پر تنھنجو جواب ناهي،
ٽِڙندڙ بَھار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.

هي شاعريءَ جي دنيا پَرواز خيال جي آ،
تخليقڪار تنھنجي آهي نئين ڪھاڻي.
*

لُڙڪ ٿي درد ٽِمي پوندو آ.

لُڙڪ ٿي درد ٽِمي پوندو آ.
گهاءُ گهنگهور گِهمي پوندو آ.

روز مانيءَ جا آسرا کائي،
ٻار بُک ۾ ئي سُمهي پوندو آ.

شام جھڙو حسين ڪو ناهي،
جنھن اڳيان سج به نِمي پوندي آ.

ڪيفيت ٿي وڃي جُهڙالي ٿي،
جَهٽَ ۾ جِيءُ جِهمي پوندي آ.

زندگيءَ جو زخم ڀَريو نه ڪڏهن،
روز ناسور سِمي پوندو آ.
*

مان اُڃايل بُوند هڪڙي سمنڊ تون.

مان اُڃايل بُوند هڪڙي سمنڊ تون.
مان اُماوَس رات منھنجو چنڊ تون.

پيار جي پاڇِي بَچي هر حال ۾،
اڄ ٻُڙيءَ سان ئي ٻُڙيءَ کي ونڊ تون.

ڪيتري آهي مٽي منھنجي مٿان،
واءُ بڻجي دز دل جي ڇنڊ تون.

زندگي جو ٿو رهي تازو زخم،
وقت! رانڀوٽا نه هڻ دل رهنڊ تون،


خواب مون ۾ خوشبوئن جا ٿا کِڙن،
ساھَ سُرمئي واسجان سَرکنڊ تون!
*

رستا وَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.

رستا وَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.
پيرا کَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.

هر ڪُنڊ ذهن جي اڄ آهي رَتي پئي،
شيشا ڀَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.

اندر ۾ هوريان هوريان ڪُندن پيو ٿيان،
جذبا ڌَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.

معصوم شَرم ٻوٽي دل کي ڇُھي وئي آ،
لَھجا لَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.

رهندا نه هاڻ باقي سڀئي حجاب ٽُٽندا،
پردا کَڄن پيا ٿا منھنجي خيال ۾.
*

جسم کي روح تان به لاٿو آ.

جسم کي روح تان به لاٿو آ.
پر مٽيءَ جو نه ڪو به ڪاٿو آ.

اَنت بي اَنت جا سِرا نه مليا،
ذهن وچ ۾ وچڙجي ڦاٿو آ.

عشق جي اِنتھا تي پُھتس مان،
منھنجو مِٽيءَ سان مليو ماٿو آ.

مان جڏهن ڀي ٺھي مُڪمل ٿَيُس،
پاڻ ئي پاڻ کي مون ڊاٿو آ.

تون ته گُم هُئين ڪٿي خلائن ۾!
توکي ڌرتيءَ مٿان مون لاٿو آ.
*

وقت جي اِمتحان مان گُذري.

وقت جي اِمتحان مان گُذري.
هر گهڙي ٿي گُمان مان گُذري.

ڪنھن ستاري ٽُٽل جيان هرپل،
درد منھنجِي ٿو جان مان گُذري.

وقت جِي بيھجي وئي گَردش،
ڪير ٿو لامَڪان مان گُذري؟

گهاٽ دل جي مَٿان وَسِي بارش،
ٿي گهٽائون گِيان مان گُذري.

اکَ اوسين نيشان ۾ رهندي،
تيرُ جيسين ڪَمان مان گُذري.

بُکَ جي باھ پو ٿڌي ٿيندي،
پيٽ جيسين نه نان مان گُذري.

وَنجهه، لھرون ڌِڪين ٿا پُٺتي،
ٿي هَوا بادبان مان گُذري.
*

تو مان نِڪران ته هي جھان ڏِسان.

تو مان نِڪران ته هي جھان ڏِسان.
تنھنجي نيڻن جا آسمان ڏِسان.

دل ڪري ٿي پئي معلوم ڏِسا،
تنھنجي زلفن جا بادبان ڏِسان.

تنھنجي احساس ۾ مڪان مليو،
خيال تنھنجا به لامَڪان ڏِسان.

دل مٿان ڪنھن ڪئي آ ڇانوَ اها،
هيٺ اُسََمنجهه مھربان ڏِسان.


هي حقيقت به هاڻ پار ڪري،
دل چوي ٿي ته ڪو گُمان ڏِسان.

گردشِ ڪائنات روڪ کڻي،
ڪنھن ڏٺو ناھ جو زَمان ڏِسان.

مان ڪکن جون اکيون ڪڏهن ته بڻي،
ڪو پکيءَ ساڻ آشيان ڏِسان.

تنھنجو پاڇو مَڪان ساڻ هلي،
تنھنجي ھستيءَ جا لامڪان ڏِسان.
*

ٻَھ ٻَھ ٻَري ٿي من ۾ جذبات مُسلسل.

ٻَھ ٻَھ ٻَري ٿي من ۾ جذبات مُسلسل.
ڏِسُ ڏيل ۾ ڏِياٽيون آ ڏات مُسلسل.

هي زندگي فنا جو آهي عجب فسانو،
دل کان کَٽي وڃي ٿي جو مات مُسلسل.

اُڀري صبوح ايندو من جي اُميد مان ڪو،
ڄاڻان ٿو ڪين رهندي هيءَ رات مُسلسل.

اظھار منھنجي دل جو گونگو گگن جيان،
گُهٽبي رهي اندر ۾ هر بات مُسلسل.

تومان جي ٻاهر نڪران ته پاڻ کي ڏسان،
تَن ۾ تَنوار تنھنجي آ تات مُسلسل.

جيئڻ سَندو جَھنم جِيءُ ۾ جَلي رهيو آ،
پوءِ به ڏنا مون کي ڏَڍ ڏات مُسلسل.

هُو ڏور ٽِمٽمائن ٿا تارڙا گگن ۾،
جُهڙ مان لِڪي هَڻن ٿا سڀ جهات مُسلسل.
*

خاموشيءَ مان خواب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.

خاموشيءَ مان خواب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.
خوابن مان مھتاب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.

لُڙڪن کي سُڏڪن سان پوئي پوئي ڀي،
صحرائن ۾ آب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.

تنھائين جا عَڪس جُڙي پوندا آهن،
لمحا ايئن بيتاب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.

جن کي ڳوليندي خود گُم ٿي ويندي آ،
چھرا سي ناياب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.

سُڏڪو سُڏڪو ناول بڻجي پوندو آ،
بيتابين جا باب، اُڻيندي آ، هيءَ دل.
*

ڪَجرارين جي ڪاري اک.

ڪَجرارين جي ڪاري اک.
ماري وِجهندي ماري اک.

اوسيئڙي جي ٽانڊن ۾،
اوجاڳن سان ٻاري اک.

سپنا سُڃ جو ڏيک ٿيا،
اُس ۾ تَپندڙ واري اک.

ڳوڙهن جو ڪُرلاءُ نه هو،
بَرکا ۾ به اُڃاري اک.

پنبڻين مان ٿو مَڌُ ٽِمي،
ايڏي کيپ خُماري اک.

مان به ڏسان اِن سان دنيا،
ڏي کن لاءِ اُڌاري اک.

لُڙڪَ ٽِڙن ٿا گُلڙن جيئن،
وڻ وڻ جي آ ٽاري اک.
*

عاشقيءَ کي خُمار ها تنھنجا.

عاشقيءَ کي خُمار ها تنھنجا.
دل لڳيءَ کي نِکار ها تنھنجا.

تو اکين ۾ اچي ڏٺو ئي ڪِٿ،
مُنتظر انتظار ها تنھنجا.

پاڻ کي ياد ئي نه آيس مان،
خيال دل تي سَوار ها تنھنجا.

مان ستارن کي ڏسان ها پو ڪيئن؟
مُک تي وکريل جو وار ها تنھنجا.

موٽندي دل ڳڀا ڳڀا ٿي وئي،
پيچرا سڀ ترار ها تنھنجا.

مان ته مُکڙين جيان ٽِڙيس من ۾،
ڀاڪرن ۾ بھار ها تنھنجا.

تون نه آئينءَ ڪين پورا ٿيا،
آخري انتظار ها تنھنجا
*

خواب ۾ خواب کي رَکي آيس.

خواب ۾ خواب کي رَکي آيس.
تو سَڏيو مان اِجهو سَکي آيس.

هُن پڌر تي ڇَٽيا هئا داڻا،
پيار جا سڀ لھي پَکي آيس.

ڪيفيت بوسڪيءَ جيان ٿي پئي،
رات چانڊاڻ کي چَکي آيس.

زندگيءَ جو زخم مليو گَھرو،
مُرڪ، مَرهم مَٿس مَکي آيس.
*

چنڊ کي آرسي ڪَري تون رک.

چنڊ کي آرسي ڪَري تون رک.
پاڻ کان سِجَ کي پَري تون رک.

عشق اَزلئون اُڃو اُڃو ئي آ،
عاشقيءَ ساڻ دل ڀَري تون رک.

ساھ هرهڪ ذرو کڻي ٿو پيو،
پيرڙا ڌيان سان ڌَري تون رک.

اُڃَ مُسافر اچي اُجهائيندا،
مَٽ مَنھ ۾ ٿڌا ڀَري تون رک.

ايندو ايندو اُميد ڪر اھڙي،
سُونھن سينگار سڀ ڪَري تون رک.
*

ويا ٻُڏي آواز دل جي ماٺ ۾.

ويا ٻُڏي آواز دل جي ماٺ ۾.
سڀ دَفن ٿيا راز دل جي ماٺ ۾.

زندگيءَ جو گيت ئي گونگو هُيو،
سوز جھڙا ساز دل جي ماٺ ۾.

آسمانن کي اُڪاري ٿي وڃي،
آھ جي پَرواز دل جي ماٺ ۾.

عشق ۾ ايمان پُختو ٿي رکي،
نِوڙتون ۽ نياز دل جي ماٺ ۾.

چَنگ ٿا چُپَ جا وَڄن من ۾ ڪئي،
هي نوان انداز دل جي ماٺ ۾.
*

آرسيءَ مان ڏسي اُداسي ٿي.

آرسيءَ مان ڏسي اُداسي ٿي.
عڪس ڌُنڌلا رکي اُداسي ٿي.

منھنجي چھري ۾ ٿي ڪري تحليل،
منھنجا ڳوڙها اُگهي اُداسي ٿي.

مون کي آٿت جيئڻ جا ڏيندي آ،
دل سان گڏ گڏ هُجي اُداسي ٿي.

نيٺ ٿيندي آ ڪيئن خوشي آخر؟
روز مون کان پُڇي اُداسي ٿي.

وقت پڙهندي ئي پوي ٿو روئي،
درد دل تي لکي اُداسي ٿي.

منھنجي پاڇي سان سَڙي ٿي اُس ۾،
ڪيڏي همدرد ٿئي اُداسي ٿي.
*

جيءُ ۾ آ جُدائي پُراڻي.

جيءُ ۾ آ جُدائي پُراڻي.
خواب جھڙي خدائي پُراڻي.

زندگي لُڙڪ ۾ لُڙڪ ٿي وئي،
ڳالهه ڪا ياد آئي پُراڻي.

اوچتو مون ۾ تحليل ٿي ڪا،
ڪيفيت دل تي ڇائي پُراڻي.

درد خط ۾ آ تازو اڃان ڀي،
توڙي آهي لِکائي پُراڻي.

عاشقي پو به هرپل نرالي،
توڙي دل مون لڳائي پُراڻي.
*

دوستيءَ کي سدا لَڄائن ٿا.

دوستيءَ کي سدا لَڄائن ٿا.
دوست ڀي دشمني نِڀائن ٿا.

ڏِسُ ته ڀَڙڪن پيا ڀَڀڙ ڪيئي،
ڪير تيليون رُڳو جلائن ٿا؟

دل جا تعلق ڇڏين ٿا تياڳي،
پنهنجا چھرا لِڪل ڏِکائن ٿا.

بيحسيءَ جو رڳو اَٿئي دُونهون،
ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڏِسُ دُکائن ٿا.

پيٽ جي باھ اُجهائڻ خاطر،
ٻار، مجبور ٿي کپائن ٿا.
*

مون اَزل ۽ اَبد وِچ اُتساھ سان.

مون اَزل ۽ اَبد وِچ اُتساھ سان.
وقت کي ماپي ڏٺو آ ساھ سان.

جَرَ کي ڄَرَ سان وسائيندو رهيس،
سمنڊ کي ويڙهي رکيم آڙاھ سان.

مان ڪٿي توساڻ ملندس سمنڊ ۾،
ٿو اڃان وَهندو رهان درياھ سان.

پيار، پيڙا مان چنبليءَ جيئن ٽِڙيو،
چھڪَ، گُل جهڙا ڏنا تو چاھ سان.

چنڊ نيڻن ۾ ڄَمي ويندو ٺَري،
سَرد ٿي ويندا ستارا آھ سان.

ٽھڪَ ڏيندي زندگي ويندي هلي،
اَنت کان بي اَنت جي ويساھ سان.

پنڌ پَربت کي ڪَٽيندو ٿو وڃي،
پير هي ڪنھن جا وَڃن ٿا راھ سان.

ٺاھ ۾ تخليق جو آهي عمل،
ڊوھ ڊھندا ڪين ڪڏهين ڊاھ سان.
*

ٿورڙو هِن جَھان کان اڳتي.

ٿورڙو هِن جَھان کان اڳتي.
ٿو وَڃان آسمان کان اڳتي.

ڪھڙو اِسرار آ اُهو ڏسجي،
جو لِڪل آ زَمان کان اڳتي.

تو ڪيو هو جتي قصو پورو،
ٻُڌ! اُنھي داستان کان اڳتي.


پيٽ جا پيچرا ڏُکيا آهن،
بُک، گُذري نه نان کان اڳتي.

توکي آڻيان مان ڪيئن تَصور ۾،
تون ته آهين گُمان کان اڳتي.

آيتون پَڙھ، هَنڍاءِ دل سان پر،
سوچ ٿورو قُرآن کان اڳتي.

ونجهه لھرن تي وڃن ٿا تَرندا،
ڪير آ بادبان کان اڳتي.

ماٺ جو راز، دل پَروڙيو آ،
ڪجهه ته آهي زبان کان اڳتي.

پيرَ منھنجا چُري نه سگهندا هي،
مُحبتن جي مَڪان کان اڳتي.
*

پنھنجي پاڇي کان به آهي ڌار ڪيڏو.

پنھنجي پاڇي کان به آهي ڌار ڪيڏو.
پاڻ کان ڀي ٿو رهي بيزار ڪيڏو.

دل مَڇيءَ جيان ڦَٿڪندي رهجي وئي،
زندگي! ڦٿڪايو تنھنجي ڄار ڪيڏو.

پَنَ هوندا ها ته ٻوليون ڀي هُيون،
وڻ جو وَڍيل آ ڏُکايل ڏار ڪيڏو.

هر دفعي دل کي جنم نئون ٿو لڳي،
ڀاڪرن ۾ تنھنجي آهي پيار ڪيڏو.

پو به ڪجهه رهجي وڃي ٿو روح ۾،
توڙي دل جو ٿو ڪيان اظھار ڪيڏو.

تون سدائين اُلجهندي مون سان رهيئن،
زندگي! تنھنجو رهيو تڪرار ڪيڏو.

اڄ به کيڏان ٿو مٽيءَ سان راند مان،
سوچيان ٿو اڄ به آهيان ٻار ڪيڏو.
*

خزان جا زَرد ڏيک ٿي پَسي پَسي روئي.

خزان جا زَرد ڏيک ٿي پَسي پَسي روئي.
ڇَڻيل گُلن تي ماڪَ ٿي وَسي وَسي روئي.

وِڄون وَجود ۾ وَر وَر وَسن وَڇوڙن جون،
رَڳن ۾ روڳ گهٽا ٿي ڏَسي ڏَسي روئي.

لکي آ ريت سان پياسي ڪٿا گهٽائن جي،
ڪَڻي ڪَڻي ڀِٽن مٿان رَسي رَسي روئي.

کِلي کِلي به سدائين رهي ڏُکاري دل،
خوشي کِڙي آ اندر ۾ مَسي مَسي روئي.

ملي سگهي نه ڪڏهن زندگي ذَري مون کي،
ٿَڪو هان موت کان اُن کي کَسي کَسي روئي.
*

رات جي آسري ڇَڏي رِڻ ۾.

رات جي آسري ڇَڏي رِڻ ۾.
هوءَ تارا وَئي اَڏي رِڻ ۾.

مان پَڙاڏن جيان وَران ٿو پيو،
ڪير سِج مان پيو سَڏي رِڻ ۾.

منھنجو آهي وجود واري ٿيو،
منھنجو پاڇو پيو لَڏي رِڻ ۾.

ريج اُڃَ جو ڏَئي ڏَئي سُرمئي،
خواب پوکيو آ جِيءَ جَڏي رِڻ ۾.

هيٺ سِج جي تَپِي تَپِي ٿو تَپان،
ريت جي ڪَڻ نُما وَڏي رِڻ ۾.
*

اَنت بي اَنت اُڪري آيس مان.

اَنت بي اَنت اُڪري آيس مان.
پنھنجي پاڇي مان نِڪري آيس مان.

نيٺ پَڃري کي پَر ڪري پنھنجا،
قيد! تو مان به اُڏري آيس مان.

پنڌ دنيا جو تَتل هو ڏاڍو،
پيرين نَنگي ئي گُذري آيس مان.

گُهگهه گهاٽي هئي پَساهن ۾،
پو به اُوندھ مان اُڀري آيس مان.

زندگيءَ جي ڪَٻاڙ خاني ۾
يادتنھنجيءَ ۾ وِسري آيس مان.

توسان ملڻو هُيو، مٽيءَ مان ڀي،
ڏِسُ ڇَنڊي پاڻ سَنبري آيس مان.

خيال ۾ تو رڳو هُيو پوکيو،
خواب تنھنجي ۾ اُسري آيس مان.
*

جان جانڊاھ مان ڇُٽي پوندي.

جان جانڊاھ مان ڇُٽي پوندي.
قيد جي هر سزا کُٽي پوندي.

وقت! تنھنجن اِنھن سَلاخن سان،
زور زنجير ڀي ٽُٽي پوندي.

زندگي لُٽجندي رهي اَزلئون،
موت جي مام ڀي لُٽي پوندي.

تون نه وارن کي ويڙھ بَرکا ۾،
هر ڪَڻي گُهٽ ۾ گُهٽي پوندي.

تو جا مَقتل ۾ ڪالهه هئي پوکي،
اڄ ته ميندي به سا ڦُٽي پوندي.
*

ستارن جي پيرن ۾ پازيب پائي.

ستارن جي پيرن ۾ پازيب پائي.
خلائن جي خاليپڻي کي وَڄائي.

اِها کير ڌارا وَڃي ٿي ڪِٿي ڏِسُ!
ڪتين کان به اڳتي قدم تون وَڌائي.

اِهو چنڊ جو فاصلو ڪُجهه به ناهي،
سگهان ٿو اُنھيءَ کان پَريان سِج سَڏائي.

جتي نانھ ئي نانھ بِن ڪُجهه به ناهي،
اُتان خيال آيا ذهن کي گُهمائي.

خلائن جو خاليپڻو خواب ۾ آ
ڏِسي ڪير اُن کي پيو ٿو اَلائي؟

اَزل جي علامت ته بي انتها آ،
اَبد تائين پَرواز پنھنجي پُڄائي؟

سَمي جي سُئي ڪِٿ به اَٽڪي نٿي،
نه ئي ڪير اُن کي سگهيو آ ٽِڪائي.
*

ڳالهه مان ڳالهه نِڪرندي ويئي.

ڳالهه مان ڳالهه نِڪرندي ويئي.
ها مگر دل جي وِسرندي ويئي.

ڪين آئي ملڻ جي ڪا ٽيشڻ،
ريل جيان عمر گُذرندي ويئي.

درد صحرا جي کُپي ويو دل ۾،
ڪَرڪندڙ ڪُونج اُڏرندي ويئي.

ڪير هئي هوءَ ڏسندي رستي ۾،
ذهن تي نَقش اُڪرندي ويئي.

روشني حُسن جي هئي ايڏي،
عشق جي باک اُڀرندي ويئي.
*

ملي جا زندگي ذَري اُها سَڄي فضول ٿي.

ملي جا زندگي ذَري اُها سَڄي فضول ٿي.
اسان کي اَنت کان اڳي به سا سدا قبول ٿي.

خبر به ڪين ڪا پئي ته خاڪ ۾ ملي وئي،
فقط مِٽيءَ جي مُٺُ ئي وجود جو حصول ٿي.

اڃان به سچ پيو چڙھي مَسيح جيان صليب تي،
جھان جي اِها رَوا سدائين بي اصول ٿي.

لٿي لامذهبي شعور تي شُعاع جيان اچي،
نه ڪا به سوچ آسمان تان ڪڏهن نزول ٿي.

حيات حادثا کڻي لَٿي جو لَحد ۾ جڏهن،
ڍَڪيل اَڇي ڪفن اندر مَمات ڀي مَلُول ٿي.

ڪئي گٰلاب ٽھڪَ جا ڇَڻي ويا چپن مَنجهان،
تڏهن ته رَمز لُڙڪَ جي اکين کي آ وصول ٿي.

نه ڪنهن به خواب آ ڇُھي نِگاھ ۾ اچي ڪڏهن،
نِماڻي ننڊ اکين جي اَزل ڪَنان بَتول ٿي.

سڀن جي ديد کي رولي وڃي پئي اکيون کڻي،
حُسن ۾ لال ٻير جيان پَچي وَئي ڳَٽول ٿي.
*

مون کي ڏيئي ڏُهاڳُ سَپني ۾.

مون کي ڏيئي ڏُهاڳُ سَپني ۾.
ڏاگهه چاڙهيو سُھاڳ سَپني ۾.

لڙڪَ، روئي لکيا ڳَلن تي مون،
مُرڪَ، لکجان مُھاڳُ سَپني ۾.

باک جو رنگُ ٿي ويو ناسي،
تون هَنيو جو مُساڳُ سَپني ۾.

ڪير کوليندو دَرَ حقيقت جا
ڪو به ناهي سُجاڳُ سَپني ۾.

زندگي ڀَر نه پو سگهيو مِٽجي،
تو ڏنو جيڪو داڳُ سَپني ۾.
*

اَڪَ جھڙي ڪَڙي اڪيلائي.

اَڪَ جھڙي ڪَڙي اڪيلائي.
سانوري سانت مَٿس سُرمائي.

درد ۾ هو ٻُڏل وَجود سَڄو،
خُوب ڳوڙهن سان تر هئي پَرڇائي.

پو به ناراض ئي رهي مون کان،
زندگي مون گهڻي ئي پَرچائي.

هاءِ! دنيا جي ڀيڙ ۾ رهندي،
راس آئي رڳو ئي تنھائي.

ڪيتريون ئي مون دَوائون کاڌيون،
تو جيان ننڊ پر ڪٿي آئي.

زندگي، رِڻ جي رات ۾ ڀَٽڪي،
نيٺ ٿي وئي صَدا ڪا صحرائي.

پاڻ ۾ مون لھي ٽُٻي جو هَنئي،
ڪين پاتم اندر جي گھرائي.

هوءَ کڻي وئي سڀيئي خوشبوئون
زندگي مَڌ سان مون مھڪائي.

عشق دل جو وَڄايو تنبورو،
ٿيو وڇوڙو وجود جي وائي.
*

بُرش ڄاڻي ٿو روڳ رنگن جو.

بُرش ڄاڻي ٿو روڳ رنگن جو.
عڪس ۾ آھ سوڳ رنگن جو.

هڪڙي تصوير ٿي مُڪمل ٿئي،
ٿي وڃي ٿو سَنجوڳ رنگن جو.

روپ جوڳيءَ جو ڄڻ مُصور آ،
بين گيڙو ۾ جوڳ رنگن جو.

ڏيک وِکريو پيو آ وِڇڙڻ جو،
ڪنھن به ڄاتو نه ”ڀوڳ“رنگن جو.


ڪينوَس تي پَکي لَٿا اُڏري،
چَھڪندي ڪَن ٿا چوڳ رنگن جو.

*”ڀوڳ“-ڀوڳنا/ڀوڳڻ
*

پٿرن جا گُلاب ڀوڳي ٿي.

پٿرن جا گُلاب ڀوڳي ٿي.
آرسي بي حساب ڀوڳي ٿي.

برف کي زندگي ملي اهڙي،
روز ڳَرندڙ سَراب ڀوڳي ٿي.

هيءَ معصوم شام شرميلي،
رات! تنھنجا نقاب ڀوڳي ٿي.

عاشقي اَنت جي پُڄاڻي ۾،
آخري اَضطراب ڀوڳي ٿي.

هيءَ ڪھڙا پياڪ آيا جو،
اي ڪَلالو! شَراب ڀوڳي ٿي.

ڇِرڪَ هُن کي ڇَڏين ٿا ٽوڙي،
ننڊ ڪيڏا عَذاب ڀوڳي ٿي.

جاڳندي جن کي هُن تراشيو هو،
ڇوڪري سي خواب ڀوڳي ٿي.
*

خوابن ۾ هڪ رات پُراڻي رهجي وئي.

خوابن ۾ هڪ رات پُراڻي رهجي وئي.
جنهن ۾ ٽِڙندڙ رات جي راڻي رهجي وئي.

توکي جيڪا ڳالهه چوڻ مون چاهي پئي،
اُڃَ ۾ بي سُڌ پيئندي پاڻي رهجي وئي.

تو جا ڳُجهه ۾ ڳالهه ٻُڌائي مون کي هئي،
اُن جي توکان ڇو سَمجهاڻي رهجي وئي؟

ٻُڌندي ٻُڌندي ننڊ اچي جو ويندي هئي،
ننڍپڻ جي اَڻ پُور ڪھاڻي رهجي وئي.

مان ئي هڪڙو پاڳل اُن مان هليو ويس،
باقي ساري دنيا سياڻي رهجي وئي.

ٻار اُڃايل پُڇيو دريا ڪاڏي ويو؟
سَرد ڀَري هڪ آھ، مُھاڻي رهجي وئي.
*

عُمر مُفلس جي اَجائي ٿي وڃي.

عُمر مُفلس جي اَجائي ٿي وڃي.
بُک ماڻھوءَ کي به کائي ٿي وڃي.

تون خدا، توساڻ منھنجي آ خودي،
خاڪ توبن ٿي خُدائي ٿي وڃي.

مان وڇوڙن جي ڪھاڻي آهيان،
زندگيءَ کي جا ٻُڌائي ٿي وڃي.

آرسي مون کي ڏسي سوچي چيو،
اَجنبي سان آشنائي ٿي وڃي.

زندگي توکان اُداسيءَ ۾ وري،
خودڪشي ڇو گُنگُنائي ٿي وڃي؟

تون اَڪن جھڙيون ڪَڙيون وِٿيون نه ڪر،
مِل ته هيءَ دل واڱڻائي ٿي وڃي.
*

ڪاش آڱُر ٻِٽي کڻي سگهجي.

ڪاش آڱُر ٻِٽي کڻي سگهجي.
ننڍپڻ جي ڪِٽي کڻي سگهجي.

پنھنجي پيرن تان تو ڇَنڊي جيڪا،
واءُ بڻجي مِٽي کڻي سگهجي.

جنھن ۾ آهي سُڳنڌ سانوڻ جي،
سا گهٽائِين گِهٽي کڻي سگهجي.

ويس تنھنجو اُنھيءَ مَنجهان ٺاهيان،
چاندني جي چِٽي کڻي سگهجي.

ڄامشوري جي اکين مان چوري،
سُونهن جي وَرسِٽي کڻي سگهجي.

ڪين ڪردار ڪو هُجي جنھن ۾،
سا ڪھاڻي سِٽي کڻي سگهجي.

چنڊ سان ڀَٽڪندي ٿڌيون راتيون،
ننڊ پنھنجي ڦِٽي کڻي سگهجي.
*

مُنتشر ٿو رهي ڌِيان لِکان.

مُنتشر ٿو رهي ڌِيان لِکان.
هڪڙو گُمنام ٿو گُمان لِکان.

ڪُجهه ته احساس جي حَوالي ۾،
بي دليءَ جو به داستان لِکان.

ٻُڌ، منھنجي ذهن ۾ جاڳي ٿو،
ڪو نئين دور جو گِيان لِکان.

مان عَدم مان عَيان ٿيو آهيان،
بي بَقا نانءُ ڪيئن نِشان لِکان.

جِت کُٽي ٿي نظر نِگاهن جي،
ٿو اُتي نيرو آسمان لِکان.

ڪير پڙهندو پھاڙ جا پٿرَ،
ڪھڙو پيرن جو مان بَيان لِکان.

هِن ڌرتيءَ جي ڪنھن به حِصي تي،
منھنجو ناهي ڪٿي مَڪان لِکان.

خواب جھڙو ڪو خط لکان اهڙو،
توکي جنھن مَنجهه پنھنجي جان لِکان.

زندگي آزمائشون ڪيڏيون،
لُڙڪ تي لُڙڪ امتحان لِکان.

پاڻ سان پاڻ ٿو هَلان هيڪل،
پاڻ هَمراھ، مھربان لِکان.
*

ڪَڪريون، ڪَڪريون سانوَڻُ سُرمئي.

ڪَڪريون، ڪَڪريون سانوَڻُ سُرمئي.
واٽون مَھڪيون، واهَڻُ سُرمئي.

ڪَڻ ڪَڻ ڪَجراري آ ڪيڏي،
بارش ، بادل هر وَڻُ سُرمئي.

منظر منظر نيڻ نَشيلا،
مينھوڳيءَ جي رُت ڄَڻُ سُرمئي.

مَڌ جا رنگ ڀَري ڏي اُڀ کي،
پنھنجا نيڻ اِهي کَڻُ سُرمئي.

کِنوڻين جو تون چَرخو چوري،
ڪڪرَ ڪَتي ڪَر آتَڻُ سُرمئي.
*

ڪير ٿَڪجي پَيو آ رستي ۾؟

ڪير ٿَڪجي پَيو آ رستي ۾؟
وقت بيھي وَيو آ رستي ۾.

ٿي سگهي ٿو مِلي سَگهون نه وري،
سج لھندي چَيو آ رستي ۾.

ڪين ساهي ڏني مون پيرن کي،
پنڌ پورو ڪَيو آ رستي ۾.

آھ دل ساڻ قافلو ڏُک جو،
درد ڪُجهه اَڻ مَيو آ رستي ۾.

نيٺ هِن جو وجود ڪاڏي ويو؟
هي جو پاڇو پَيو آ رستي ۾.
*

مينھوڳيءَ جي مُند مَلھاري توبن ڪيئن؟

مينھوڳيءَ جي مُند مَلھاري توبن ڪيئن؟
وسندڙ هيءَ برسات خُماري توبن ڪيئن؟

دل تي جُهڙ چڙھيو آ اڄ به اُداسيءَ جو،
لمحو لمحو اُڃَ اُڪاري توبن ڪيئن؟

جُهڙ مان تنھنجا نيڻ نِھارن ٿا ناسي،
تنھا تنھا پيار نِھاري توبن ڪيئن؟

چاڙھ وڏو آ جيون جي درياھ اندر،
ٻُڏندڙ ٻُڏندڙ ساھ به تاري توبن ڪيئن؟

پَنگهٽ پنگهٽ پيرا تنھنجا پاڻيءَ تي،
هُن ڀَر ٽِمندڙ اَک اُڪاري توبن ڪيئن؟

هيل گهٽائون گونگيون آهن گهاوَن جيئن،
بارش تنھنجو نانءُ اُچاري توبن ڪيئن؟

پٿر پٿر هر ڪا واٽ پَھاڙن جي،
گوندر گوندر گهاءُ گُذاري توبن ڪيئن؟
*

هوريان هوريان منظر اُجرو ٿيندو ويو.

هوريان هوريان منظر اُجرو ٿيندو ويو.
اُڀ ۾ تنھنجو ظاهر چھرو ٿيندو ويو.

پيرن مان جو پنڌ پڙاڏا ٿي نِڪتو،
اُوندھ مان پو روشن رستو ٿيندو ويو.

نيڻن ذرڙيون ذرڙيون ننڊ جڏهن جوڙي،
ڏسندي ڏسندي پورو سپنو ٿيندو ويو.

ڪو به نه هو ڪردار ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن جو،
خالي خالي آخر خاڪو ٿيندو ويو.

ڪنھن نه ڪَنائي صحرائن جي ويراني،
ووءِ ووءِ واريءَ تي هر واڪو ٿيندو ويو.
*

تو سان مِلڻ پُڄاڻان پَڇتاءُ ٿو ٿئي.

تو سان مِلڻ پُڄاڻان پَڇتاءُ ٿو ٿئي.
پو ڪين پاڻ سان ڀي پَرچاءُ ٿو ٿئي.

ڪنھن جي به اک مَنجهان ڪو جي لُڙڪ ٿو ڪِري،
منھنجي اندر ۾ اُن جو پَڙلاءُ ٿو ٿئي.

موسم جڏھن به دل تي ٿي درد جي لھي،
گهنگهور ڄڻ گهٽا جيان ھر گهاءُ ٿو ٿئي.

اڪثر اُنھيءَ ڪَري دل رھندي اُداس آ،
احساس ھر خوشيءَ جو اِيذاءُ ٿو ٿئي.

پنھنجي وجود مان جنھن خلقيو جھان کي،
اھڙو عظيم رشتو ئي ماءُ ٿو ٿئي.

مون کان ڏِٺي نه ٿيندي دُنيا روايتي،
جنھن مَنجهه مُفلسيءَ سان اَنياءُ ٿو ٿئي.

اي دوست! جنھن کي اڄ ڪلهه ٿو دوستي چَوين،
اُن جي ته ڇانوري ۾ ڀي تاءَ ٿو ٿئي.
*

پيار ۾ دل رھِي بُکي ڪيڏي.

پيار ۾ دل رھِي بُکي ڪيڏي.
تو سوا زندگي رُکي ڪيڏي.

توکي محسوس ٿي سگهي نه ڪڏھن،
منھنجي ھر ڪيفيت دُکي ڪيڏي.

ڳالهه نِڪتي جڏھن به خنجر جي،
توکي اندر ۾ سا کُکي ڪيڏي.

تو ته تيلي ھڻي ڇڏي ٻاري،
جاڳ سگريٽ جيان دُکي ڪيڏي.

رنگَ منظر مٿان لَٿو تنھنجو،
تو ۾ پيلاڻ سِج- مُکي ڪيڏي!

پيار! توکان سواءِ ھر ڪا شيءِ،
ھِن دنيا ۾ آ ڏُکي ڪيڏي.
*

زندگي جو غُبار ٿي آئي.

زندگي جو غُبار ٿي آئي.
هر خوشي اَشڪبار ٿي آئي.

ذهن ڪُرندو رهيو زخم وانگر،
سوچ هر ڪا شِڪار ٿي آئي.

مان بيابان ٿي ويس اهڙو،
هيڪلائي ڏُڪار ٿي آئي.

قرض دل تان لٿو نه جيئڻ جو،
روز ڌڙڪن اُڌار ٿي آئي.

پيار اهڙي مَقام تي پھتو،
بيقراري قرار ٿي آئي.

عشق جو ڪو شُمار ڪونھي ڪو،
عاشقي بي شُمار ٿي آئي.
*

ڳالهه ڳوڙھن جي، ڳھيليءَ ۾ هئي.

ڳالهه ڳوڙھن جي، ڳھيليءَ ۾ هئي.
سانجهه سُڏڪن جي سھيليءَ ۾ هئي.

وَلَ وانگر چنڊ کي ويڙهي وئي،
ياد هيءَ ڪنهن جي چَنبيليءَ ۾ هئي.

هوءَ خوابن جي جُهڳيءَ ۾ پئي رهِي،
عمر ڀر جيڪا حويليءَ ۾ هئي.

سمجهه ۾ آئي نه مون کي عمر ڀر،
زندگي گُذري پھيليءَ ۾ هئي.

ڪين پر جِهرڪي ڏسي اُن کي سگهي،
اک هوءَ ڪنهن جي گُليليءَ ۾ هئي.

اڄ به اُن کي سنڌ ساريندي اَٿئي،
ڪالهه جا رونق ڦُليليءَ ۾ هئي.

سا نه دنيا ۾ نظر آئي ڪٿي،
ڳالهه جيڪا هُن اڪيليءَ ۾ هئي.
*

ڪا جيئڻ جي رسيد ڪين هئي.

ڪا جيئڻ جي رسيد ڪين هئي.
مون خوشي ڪئي خريد ڪين هئي.

نيٺ ويڙهي ڇڏيو وِڇوڙو مون،
ڪا مِلڻ جي اُميد ڪين هئي.

چنڊ رمضان جو جڏهن به ڏٺو،
ڏيھ منھنجي ۾ عيد ڪين هئي.

مون کي پيرن ۾ لَتاڙيندو ويو،
وقت کي ڪا به ديد ڪين هئي.

خودڪشيءَ جي ملي بَشارت هئي،
زندگيءَ جي نويد ڪين هئي.
*

زندگي ڪيتري نه ٿوري آ.

زندگي ڪيتري نه ٿوري آ.
پو به مون تو مٿان ئي گهوري آ.

ٿي ڳَنڍيندي رهي ٽُٽل ڌاڳا،
دل جي جنمن کان ڪِرت ڪوري آ.

باک جو رنگ آ تڏهن ڳاڙهو،
رات وڙهندي سڄي ڪَڪوري آ.

ڪجهه به اُن جي نه بَرابر بيٺو،
تانگهه تنھنجي جڏهن به توري آ.

هاءِ! سُرندو سُري ٿو ساھن ۾،
۽ لڱن ۾ لڳي ڪا لوري آ.

چنڊ اُڀ ۾ لُڇي پيو آهي،
تَند تارن جي ڪنھن ته چوري آ.
*

تَلخ آهي ڪَلام تي پُھتي.

تَلخ آهي ڪَلام تي پُھتي.
دوستي اِنتقام تي پُھتي.

اِبتدا ٿي اُداس آ دل جي،
هر خوشي اِختتام تي پُھتي.

سج سان مان لَٿس پئي اوريان،
۽ پَريان هوءَ شام تي پُھتي.

اَنت جنهن ۾ لِڪل هُيو منھنجو،
زندگي اُن مَقام تي پُھتي.

مان فَنا جو هُيس فسانو ڪو،
شاعري پر دَوام تي پُھتي.
*

هاڻ جيئڻ محال آ شايد.

هاڻ جيئڻ محال آ شايد.
آخري پنھنجو سال آ شايد.

ڪين ڀرجي ڪڏهن به سگهندو هي،
پنھنجي وچ ۾ جو خال آ شايد.

وقت ڀَڄندو وڃي رهيو آهي،
زندگيءَ جو زوال آ شايد.

تنھنجي نالي سان سَڏن ٿا مون کي،
پيار جو هي ڪمال آ شايد.

خوبصورت تڏهن ته آ دنيا،
تنھنجو اِن ۾ جمال آ شايد.

مان ته کِلندي به ٿو اُداس لَڳان،
مُرڪَ ۾ ڀي ملال آ شايد.
*

سمنڊ کي ڀاڪرين ڀَري ڏِسجي.

سمنڊ کي ڀاڪرين ڀَري ڏِسجي.
خواب ۾ خودڪشي ڪَري ڏِسجي.

ذهن مَڌهوش ٿي وڃي ايڏو،
هوش کي پاڻ کان پَري ڏِسجي.

ڪين آواز ٿئي ٽُٽڻ جو ڪو،
آرسيءَ کي ڇڏي هَري ڏِسجي.

جام خالي رهي نه جيون جو،
مَڌُ ڏُکَ جو مَنجهس ڀَري ڏِسجي.

ڀَرت دل جي لِباس سادي تي،
روئيندي رات ڀَر ڀَري ڏِسجي.

خواب پنھنجا جلائي اُوندھ ۾،
ھر طرف روشني ڪَري ڏِسجي.

پو ڏسون خاڪ ۾ ملي ٿو ڇا؟
ڀَڙڪندڙ باھ ڪجهه ٺَري ڏِسجي.

مُنتقل ٿي وَڃون مَنجهس اهڙا،
ڌِيان هُن ۾ ائين ڌَري ڏِسجي.
*

وقت تي وار ڪو ڪجي هاڻي.

وقت تي وار ڪو ڪجي هاڻي.
پار سنسار ڪو ڪجي هاڻي.

بي يقينيءَ ۾ گهارجي ڪيسين؟
دل تي اعتبار ڪو ڪجي هاڻي.

خاڪ ڪيسين ڪَبي خودي پنھنجي،
پاڻ سان پيار ڪو ڪجي هاڻي.

ڪيسيتائين لِڪائجي دل ۾،
تو سان اِقرار ڪو ڪجي هاڻي.

وقت کي پوئتي وَرائي اڄ،
پاڻ کي ٻار ڪو ڪجي هاڻي.
*

در ته کَڙڪيو نه آ پو به کوليان ڪيئن؟

در ته کَڙڪيو نه آ پو به کوليان ڪيئن؟
ڪنھن جي پاڇي کي اُوندھ ۾ ڳوليان ڪيئن؟

ننڊ کي جاڳ جي ڪنھن ڏني آڳ آهي،
خاڪ خوابن جي نيڻن سان ڦوليان ڪيئن؟

خيال ۾ چنڊ کي مون بيھاري ڇڏيو آ،
مان ستارن جي رستن کي روليان ڪيئن،

هر طرف اُڃَ جون دل ۾ آهن ڀِٽون ڏِسُ،
ڌَڙڪنن ۾ ٿي ٻاٻيھو ٻوليان ڪيئن؟

ھي سرشٽي لڳي جام ٿي خدا جو ڪو،
مَڌُ ستارن جو اُن مَنجهه ڇوليان ڪيئن؟

جو نه آهي حقيقت جي عالم مَنجهه ڪاٿي
مان اُنھيءَ کي عَدم ۾ به ڳوليان ڪيئن؟

ننڊ جي تو لفافي ۾ آ مُڪو ويڙهي،
خواب تنھنجو پڙهڻ لاءِ کوليان ڪيئن؟

تو ۾ تَحليل ٿي مان وَڃان چوي ٿي دل،
تون ٻُڌا پاڻ کي تو ۾ گهوليان ڪيئن؟
*

خالي خالي رهڻ لڳو آهي.

خالي خالي رهڻ لڳو آهي.
بي خيالي رهڻ لڳو آهي.

ڪين پاتئين جواب جيئڻ جو،
سو سوالي رهڻ لڳو آهي.

عشق هُن ۾ وَڄي ٿو گُهنگهرو ٿي،
هُو جلالي رهڻ لڳو آهي.

کيس رولاڪ ٿا چَون سڀئي،
ڏِسُ مثالي رهڻ لڳو آهي.

تنھنجي دل مان ڌِڪارجي اڄ ڪلھ،
لا اُبالي رهڻ لڳو آهي.

مينھن هُن ۾ وَسي مُسلسل ٿو،
رُت جهڙالي رهڻ لڳو آهي.
*

چُپ جو سَڳو چَپن کان ڇالئه نٿو ڇِڄي؟

چُپ جو سَڳو چَپن کان ڇالئه نٿو ڇِڄي؟
هاڻي ته هيکلائيءَ جو هانءُ ٿو هِڄي.

ڪيڏو عجيب آهي مَنظر اکين اڳيان!
بارش سَڙي رهي آ يا باھ ٿي ڀِڄي؟

تڙپي تَنوار ٿي ڪا تَحت الشعور ۾،
ڪاجهانءِ ڪنهن جنم جي مون۾پئي جِهڄي.

بُک کي اکيون نه آهن نابين مُفلسي،
اُوندھ ۾ ساھ کڻندي ٿي زندگي ڊِڄي.

مون پاڻ کي ڀِڄڻ کان روڪي ته آ وَتو،
منھنجو ته پو به پاڇو ٿو مِينھن ۾ ڀِڄي.
*

بُک ۾ آهي وَبا يا ڪِي وَبا ۾ بُک آ.

بُک ۾ آهي وَبا يا ڪِي وَبا ۾ بُک آ.
پيٽ جيان سڀ پيچرا خالي فضا ۾ بُک آ.

اَن کي شايد! اکيون ناهن بُکايل کي ڏسن،
پيٽ ۾ پر ڀَٽڪندڙ گونگي صدا ۾ بُک آ.

چُلهه جيان آهن وِساميل ديس منھنجي جون اکيون،
ڏِسُ! سڄو آڪاش، ڌرتي هر ڏِسا ۾ بُک آ.

رزق کي آهي وَبا ويئي وَڪوڙي باھ جيان،
ٿا سَڙن معصوم ماڻهو سڀ فنا ۾ بُک آ.

ڪين پاڇن جا رهيا ڪردار رستن جي مٿان،
ڪنھن لکي هي هيڪلائيءَ جي ڪَٿا ۾ بُک آ.

هاءِ! هي احساس منھنجو کائيندو مون کي وڃي،
لَفظَ هيڻا، خيال ڏَڪندڙ ۽ ڪَلا ۾ بُک آ.
*

هي خلق جي خُدائي، مون کي نٿي کپي.

هي خلق جي خُدائي، مون کي نٿي کپي.
ڪُوڙي اِها ڪمائي، مون کي نٿي کپي.

ڌرتيءَ جي مون لئه دوزخ، فردوس کان مٿي،
جنت جا تو ٻُڌائي، مون کي نٿي کپي.

جيئڻ سيکار مون کي، اي عشق جا گدا،
دنيا جي هي وڏائي، مون کي نٿي کپي.

منھنجو لباس گيڙو، منھنجا گُناھَ سڀ،
کڻ پنھنجي پارسائي، مون کي نٿي کپي.

مون کان ڀلي کٽي وڃ، مون کي ڏي هار تون،
تو راند جا رچائي، مون کي نٿي کپي.

تنھنجو کڻي رسالو، مون ساھُ ۾ رکيو،
ٻي ڪا به شيءِ ڀٽائي، مون کي نٿي کپي.
*

ياد جو ٿو کُلي دريچو ڪو.

ياد جو ٿو کُلي دريچو ڪو.
مَن ٽُٽل ۾ ٽُٽي ٿو شيشو ڪو.

درد مون تي لھي ايئن ٿو ڄڻ،
آسمانن مٿان صحيفو ڪو.

مون پُٺيان ٿو هلي کڻي خنجر،
روز منھنجو ڪري ٿو پيڇو ڪو.

زندگي ڪنهن سِبِي ڪفن جهڙي؟
ناھ هڪڙو به جنھن ۾ کيسو ڪو.

زندگيءَ ڀَر پَڙهيو مون روئيندي،
وقت اهڙو لکيئي قصيدو ڪو.

پاڻ کي ٿو وَتان مان ڳوليندو،
ناھ پاڇو به ڪِٿ هٿيڪو ڪو.
*

وقت کان سرشٽي پُراڻي آ.

وقت کان سرشٽي پُراڻي آ.
هر خُدا کان خودي پُراڻي آ.

دل ته جُهوني جَھان جيڏي آ،
ها مگر دل لڳي پُراڻي آ.

هر ڍُڪ سان نئين نئين آهي،
ڪيتري مَئڪشي پُراڻي آ.

توکي تخليق ڪيم خيالن مان،
منھنجي ڏَسُ بندگي پُراڻي آ.

وقت جو ڪو به ڏَس پَتو ناهي،
مان نه ڄاڻان گهڙي پُراڻي آ.

ڪيترا پير لتاڙي به ويا،
خواب جي هر گهٽي پُراڻي آ.

دل ته ”سَروم دُکم دُکم“ آهي،
ٻُڌَ تنھنجي ٻُڌي پُراڻي آ.


دور تاريخ جا سڀئي ويجها،
منھنجي سنڌو ندي پُراڻي آ.

ڪو لکي ۽ پڙهي نٿو ڄاڻي،
حُسن تنهنجي لِپي پُراڻي آ.
*

ڪَتي، ڪَتيءَ سان ڪَتي آ، اُداس صحرا ۾.

ڪَتي، ڪَتيءَ سان ڪَتي آ، اُداس صحرا ۾.
تڏهن ته رات رَتي آ، اُداس صحرا ۾.

الائي ڪير ٿو ڳولي ڀِٽن مٿان ڀَٽڪي،
ٻَري جو چنڊ-بَتي آ، اُداس صحرا ۾.

ڪَڻي ڪَڻي ته خُمارجي ٿِڙي رهي آهي،
پياس مڌَ مَتي آ اُداس صحرا ۾.

مَٿان ته باھ وَسي ٿي تَپن ٿا اَڪَ اڃان،
تَنور ريت تَتي آ اُداس صحرا ۾.

ڍَڪيو ته ويس ستارن جو آسمان مگر،
اُنھي تي چنڊ چَتي آ اُداس صحرا ۾.

حيات جوڳ جلي آ رَڙي رِڻن ۾ ٿي،
جنم جنم جي پَتي آ اُداس صحرا ۾.

گِيان روح تي نِرواڻ ٿي لَٿو گوتم!
تِياڳ عمر وَتي آ اُداس صحرا ۾.
*

هي آبشار، هوائون جُهڙالي موسم ۾.

هي آبشار، هوائون جُهڙالي موسم ۾.
ٿِيون خُمار اَدائون جُِهڙالي موسم ۾.

ڪَيا حَواس نشيلا ڪَڻين وسي هر هر،
رنگين ڪيفَ ڏِنائون جُهڙالي موسم ۾.

خيال خُوب ذهن ۾ کِڙيا کِنوڻ وانگر،
ڪَري اَلُوٽ ڇَڏيائون جُهڙالي موسم ۾.

کڻي نگاھ پِرھ کي نِکار بَخشيائون،
جُهڪاءِ شام ڪَيائون جُهڙالي موسم ۾.

اَڃان به ريت مُسافر رَڙي پئي صحرا!
پَيون سَڏِين صَدائون جُهڙالي موسم ۾.

ڀَري نه ڪو به سَگهيو آسمان جو دامن،
ڀَريون مَسين ته خلائون جُهڙالي موسم ۾.

چناب تار ڏسي ياد ٿو اچي سنڌو،
لِکيون پِياس ڪَٿائون جُهڙالي موسم ۾.

کِجِي کِنوڻ ته ڇَمر ڇير ٿي پيا ڇمڪي،
ٿِيون رَقاص گهٽائون جُهڙالي موسم ۾.
*

عشق خود ساڻ بار بار ڪجي.

عشق خود ساڻ بار بار ڪجي.
پاڻ کي پاڻ تار تار ڪجي.

وقت جي آهه ڳچيءَ ۾ ڦاهي،
وقت کي هاڻ دار دار ڪجي.

پنھنجي هِن جسم جي مِٽي ميڙي،
ڪھڙو اُهڃاڻ ڌار ڌار ڪجي.

ڪيٽي بندر مٿان لَھي سج سان،
کارڙو ڇاڻ پار پار ڪجي.

بيخوديءَ جي خُمار گيڙو جو،
پائي پھرياڻ يار يار ڪجي.

تنھنجي خيالن جي تيز خنجر سان،
پاڻ تي پاڻ وار وار ڪجي.

چنڊ تنھنجي جُهڪائي پيرن ۾،
ڇو نه چانڊاڻ چار چار ڪجي.

خواب جي خاڪ مان اُڀاري اڄ،
سُونھن، سُرهاڻ سار سار ڪجي.
*

وقت جي ڊوڙ ۾ ڊُڪِي نه سگهيس.

وقت جي ڊوڙ ۾ ڊُڪِي نه سگهيس.
مان رَهيس پوئتي جُهڪِي نه سگهيس.

اُڃ اُتساھ پئي ڏنو مون کي،
ريت جي سمنڊ ۾ سُڪِي نه سگهيس.

ڪينَ روڪڻ جي تو ڪئي ڪوشش،
مان به ويندي ڪٿي رُڪِي نه سگهيس.

زندگي مي ڪَدو هُئي پو ڀي،
تنھن مَنجهان هڪ به پِي چُڪِي نه سگهيس.

خواب ۾ خط لکي ڇڏيو هو مون،
جاڳ ۾ توکي پر مُڪِي نه سگهيس.
*

لَٿيون سمنڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.

لَٿيون سمنڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.
اکيون ننڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.

اَڪن تي پئي جو هي چانڊاڻ آ،
ڦُليون چنڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون

مَٿن تنهنجو پاڇو برف ٿي پيو،
نَديون منڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.

ڏٺو تو نه مُکڙين کي نظرون کڻي،
ڪَليون ڪُنڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.

هئي جَڙ ته هڪڙي سَڀن جي ميان!
وَليون وَنڊَ ۾، نيرڙيون ٿي ويون.
*

وِڄ وارن ۾ لِڪائي ٿي ڇڏين.

وِڄ وارن ۾ لِڪائي ٿي ڇڏين.
بارشن کي تون ڀِڄائي ٿي ڇڏين.

بادلن کي ويس تون پنھنجو ڪري،
سِج سيني ۾ لِڪائي ٿي ڇڏي.

تون ستارن مان ڏسي هر رات جو،
ننڊ نيڻن جي ڦِٽائي ٿي ڇڏين.

سمنڊ ۽ آڪاش جا سڀ فاصلا،
مُرڪ هڪڙيءَ سان مِٽائي ٿي ڇڏين.

تنھنجو پاڇو ٿي وڃي چانڊاڻ ٿي،
چنڊ کي اهڙو چِتائي ٿي ڇڏين.

سِڪَ کي پورو ٿيڻ ڏين ئي نٿي،
هر دفعي اکڙيون سِڪائي ٿي ڇڏين.

ڀاڪرن جي راند مون سان کيڏندي،
روز تون اَڌ ۾ ڦِٽائي ٿي ڇڏين.
*

رهياسين روح ۾ روڳي.

رهياسين روح ۾ روڳي.
اسان جو سُور سيھوڳي.

ڪري ويو وقت کي گيڙو،
جُڳن جو ڀٽڪندڙ جوڳي.

مَٽِي موسم اَڃا ناهي،
مُسلسل آهي مِينھوڳي.

سموري زندگي چَرچو،
اسان آ ڀوڳ ۾ ڀوڳي.
*

اسان جي خاڪ خاموشي.

اسان جي خاڪ خاموشي.
اُنھيءَ تي ماڪ خاموشي.

ڪڏهن ٿي روح ٿَڙڪائي،
ڪڏهن آ ٽاڪ خاموشي.

نه ڪو هِن جو ٺِڪاڻو آ،
اَٿئي رولاڪ خاموشي.

کڻن ٿا ساھَ سناٽا،
خُدا جو ٿاڪ خاموشي.

ٿئي محسوس ٿي مَن کي،
اِها حُسناڪ خاموشي.

اُداسيءَ جون اکيون آليون،
اُگهي نمناڪ خاموشي.
*

چَپن جي ڇانوَ سَت رنگي اکين تي ڇائي آ.

چَپن جي ڇانوَ سَت رنگي اکين تي ڇائي آ.
بَدن جي ڪيف جي رنگين روشنائي آ.

کِڙي پَون ٿيون ڪھڪشائون خيال مان مُرڪي،
عجيب تنھنجي تصور جي هيءَ خُدائي آ.

جلال اڄ به دَرازن جي مِٽيءَ ۾ ساڳيو،
اَڃا به مَحوِ رقص مَست جي سَچائي آ.

ڀِٽن اَڃا ته مُنھن ڪَڍيو نه آهي مُونن مان،
اَڃا سَماع جي سُرور ۾ ڀِٽائي آ.

ڏٺو هُيو مون فقط خواب ۾ سندس پاڇو،
اکين ڏسي چَئي ڏِنو اِها، اُهائي آ.

حيات موت جي صليب تان لھي ايندي،
اوهان جي نِينھن جي نِھار مَسيحائي آ.
*

سِتارن سان رُلي راتيون پَتو تنھنجو پُڇايو آ.

سِتارن سان رُلي راتيون پَتو تنھنجو پُڇايو آ.
اکين جي انتظارين ۾ ڏِياٽين کي جَلايو آ.

سِتارا سِڪ جا پوئي مَڙهيان ٿو چنڊ کي اُن ۾،
گَگَن جي ڪَنٺ نيلي ۾ اَزل ڪيڏو سَجايو آ.

عمر آهي ڳَري ويئي برف وانگر تِکي اُس ۾،
جواني چَرس جو سُوٽو حياتي ڄڻ لڳايو آ.

محبت آهي مزدوري هي دل مسڪين پورهيت جيان،
وڇوڙي جي ڏهاڙيءَ ۾ ڏُکن کي ئي ڪَمايو آ.
*

عجيب عشق آ تو ساڻ دل جُنُونيءَ جو.

عجيب عشق آ تو ساڻ دل جُنُونيءَ جو.
رَڙي ٿو روح ۾ رڻ روز بي سُڪُونيءَ جو.

هَنيو جنھن ننڊ جي سيني ۾ جاڳ جو خنجر،
کڻان مان نانءُ ڪيئن خواب اُنهيءَ خُونيءَ جو.

عمر جا دائرا به نيٺ ويئي اورانگهي،
طَويل ٿي ويو هو انتظار جُهونيءَ جو.

نه ڪو به قافلو ڀُلجي مَٿس ڪڏهن گُذريو،
بڻيو نه هَمسفر ڪو دل جي راھ سُونيءَ جو.
*

درد آيا جو راس مھڪي پيا.

درد آيا جو راس مھڪي پيا.
خواب منھنجا نِراس مھڪي پيا.

تو چپن تي چُمي ڏني مُرڪي،
منھنجا سڀئي حَواس مھڪي پيا.

مَڌ اوتيم جيئن ئي بوتل مان،
ڪيف ۾ سڀ گِلاس مھڪي پيا.

ڳالهه ڳوڙهن جي اکين ورجائي،
ٽھڪ منھنجا اُداس مھڪي پيا.

دل ۾ احساس رحم جو جَنميو،
ڪائناتن جا قياس مھڪي پيا.

تنھنجي چھري جي ڏسي چانڊوڪي،
آئينا آس پاس مھڪي پيا.
*

تارا تارا تات ٻَري ٿي.

تارا تارا تات ٻَري ٿي.
ڪَجلاسَر تي رات ٺَري ٿي.

پوپٽ ڌيان ڏَئي هِن ٻُڌندا،
خوشبوءَ جھڙي بات ڪَري ٿي.

جيون جي ڪوري ڪپڙي تي،
ڀاڪر ۾ هوءَ ڀَرت ڀَري ٿي.

عمر به آهي برف جو ٽُڪرو،
ٽيپو ٽيپو روز ڳَري ٿي.

پاڻ پَسڻ جي خواهش آهي،
مون کان ٿورو پاڻ پَري ٿي.
*

آسمانن کان پُڇي ڏِسُ.

آسمانن کان پُڇي ڏِسُ.
لامَڪانن کان پُڇي ڏِسُ.

آ، ازل موجود مون ۾،
تون زَمانن کان پُڇي ڏِسُ.

ناوَ جا هِن خواب نيرا،
بادبانن کان پُڇي ڏِسُ.

سڀ اُڻن ٿا خواب پَنڇِي،
آشيانن کان پُڇي ڏِسُ.

چنڊ منھنجو همسفر آ،
ڪھڪشائن کان پُڇي ڏِسُ.
*

دل جو رستو تَرار جھڙو آ.

دل جو رستو تَرار جھڙو آ.
عشق بي سَمجهه ٻار جھڙو آ.

موڙ ننڊ جا اکين مٿان آهن،
خواب تنھنجو ڪُنوار جھڙو آ.

زَرد مون ۾ خزان ٽِڙي پوندي،
تنھنجو ڀاڪر بھار جھڙو آ.

موت کي آھ ورائي ڏيڻو،
هي جياپو اُڌار جھڙو آ.

رنگ اُڀ تي اُداس آ ڏاڍو،
هيل سانوڻ غُبار جھڙو آ.

دوست! توکي مَڃان مان ڪيئن پنھنجو،
تنھنجو لھجو غَدار جھڙوآ.
*

شام پُر سوز ٿي وَئي آخر.

شام پُر سوز ٿي وَئي آخر.
ٿي وَيا ڏيک سُرمئي آخر.

قافلا گُذرندا رهيا پو ڀي،
رِڻ ۾ رِهجي وَئي رَئي آخر.

تون به دنيا جي ٿي وئين پاسي،
ڄاڻ دل کي هي اڄ پَئي آخر.

مان سنڀالي نه پاڻ کي سگهيس،
حادثا اهڙا ڏئي وَئي آخر.
*

شھر ساڳيو، اُها گهٽي ساڳي.

شھر ساڳيو، اُها گهٽي ساڳي.
اڄ به ويران دري ويراڳي.

روح جا پيرڙا ڦَٽيل آهن،
زندگي آ جبل جيان جهاڳي.

هر خوشي غم جُڙي ويا توسان،
ديس! تو ساڻ زندگي واڳي.

ڪين بَخشيندو آئيندو اُن کي،
جنھن به تاريخ پنھنجي تياڳي.

ننڊ جو چنڊ گواهي ڏيندو،
رِڻ راتين جا ڪَٽياسين جاڳي.
*

جسم جي هر ڪا گِهٽي خاڪي رهي.

جسم جي هر ڪا گِهٽي خاڪي رهي.
روح جو اظھار رولاڪي رهي.

جام خوابن جا اکين پيتا رُڳو،
هي نشيلي ننڊ آ ساقي رهي.

تو وڇوڙي سان جڏهن دل کي وَنڊيو،
درد جي پاڇي وڃي باقي رهي.

وقت جي دَز ۾ سڀئي لَٽجي ويو،
ياد پر هڪڙي سدا ڀاڪي رهي.

تنھن ڪري دوکن مٿان دوکا مليا،
پنھنجي فطرت ۾ نه چالاڪي رهي.
*

کَنياسين خواب نيڻن ۾.

کَنياسين خواب نيڻن ۾.
اچي ويا آب نيڻن ۾.

ٻُڏي وئي نِنڊ جي وَستي،
رُڳو سيلاب نيڻن ۾.

انڌيرا ڪين هي رهندا،
اڃا مھتاب نيڻن ۾.

مُيسر مُحبتون ڪيڏيون،
اِنھن ناياب نيڻن ۾.
*

هُو ڪَشالا ڪَٽي ويو آخر.

هُو ڪَشالا ڪَٽي ويو آخر.
موسمن کي مَٽي ويو آخر.

چال حُسناڪ هُو هليو اهڙي،
خواب منھنجا کَٽي ويو آخر.

زندگي آ ٻَچو ڪو جِهرِڪِيءَ جو،
موتَ ماري جَهٽي ويو آخر.

اِبتدا ۾ اَلائي ڪاٿي هو؟
اِنتھا ۾ لَٽي ويو آخر.

کيس اُڏندڙ نه وَڻيو پئي پوپٽ،
پَرَ هُن جا پَٽي ويو آخر.

جاڳ جا هَرَ ڏئي هُو اُوندھ ۾،
باک جا ٻِج ڇَٽي ويو آخر.

هانوَ جا حوصلا ٿيا زخمي،
فاصلن سان ڦَٽي ويو آخر.
*

تنھنجا احسان وَڌي ويا آهن.

تنھنجا احسان وَڌي ويا آهن.
دل جا نُقصان وَڌي ويا آهن.

سانت سُرمائي، ستارن تائين،
ڪيڏا اِنسان وَڌي ويا آهن.

حادثو ڪو ته ٿيڻ وارو آ،
اهڙا اِمڪان وڌي ويا آهن.

دل ڪُشادي نه ٿي سگهي ڪڏهين،
گهر جا دالان وَڌي ويا آهن.

ڪابه ترتيب ذهن جي ناهي،
سوچ- سامان وَڌي ويا آهن.
*

گُهگهه جو چوڦير گهيرو ٿي ويو.

گُهگهه جو چوڦير گهيرو ٿي ويو.
هُوءَ وئي جيئن ئي انڌيرو ٿي ويو.

واءُ ۾ ايڏي اُڏاڻي آ مِٽي،
روشنيءَ جو رنگُ ميرو ٿي ويو.

منھنجي نيڻن امن کي اهڙو اُڻيو،
منھنجو هرهڪ خواب ڳيرو ٿي ويو.

عمر ڀر اُن جو اثر دل تي رهيو،
حادثو هڪڙو ئي ڀيرو ٿي ويو.

روح جو آخر اکين جي پيچري،
آ ڪتابن ۾ بسيرو ٿي ويو.

ننڊ، خوابن جا ڏيئا ٻاري ڇڏيا،
منھنجي نيڻن ۾ سويرو ٿي ويو.
*

تو ڪئي پيار ۾ ٺَڳِي آهي.

تو ڪئي پيار ۾ ٺَڳِي آهي.
هانءُ ۾ ڇيت ڄڻ لَڳِي آهي.

هرطرف رِڻ ڪَري پيو راڙا،
روح ويران چودَڳِي آهي.

زندگيءَ سان اَزل کان ڏاڍائي،
موت! توکي وَڏي مَڳِي آهي.

ٿا ٽِڙن موتيا حَواسن ۾،
ساھ ۾ مَھڪندڙ سَڳِي آهي.

اڄ به گُونجي ٿي ڪليسا دل جي،
ياد ڪا گِهنڊ جيان وَڳِي آهي.

وڻ کي ويڙهي وَئي اُداسي آ،
ڪنھن ته ٽاري سندس ڀَڳِي آهي.

نيڻ چشمن جيان ٿڌا تنھنجا
اُڃَ جن کي ڏسي لَڳِي آهي.
*

تو کي ڏِسي ٽِڙن ٿا، سُورج مُکي سَمورا،

تو کي ڏِسي ٽِڙن ٿا، سُورج مُکي سَمورا،
سُورج کڻي ٿو اُڀري، چھري مان تنھنجي باکُون.

تنھنجي اکين جا آهن، سڀ رنگ موسمن تي،
تنھنجي ڇُھڻ سان مَھڪيون، سَرکنڊ جون به شاخُون.

هي سمنڊ، چنڊ، صحرا، جهنگل جھان سارا،
تنھنجي هُجڻ جون سڀئي، پَل پَل کَڻن ٿا ساکُون.

تنهنجي وجُود ۾ آ، خوشبو ڀِنل چَندن جي،
تنھنجون مِٺيون هي ڳالھيون، جن مان ڦُٽن ٿيون ڊاکُون.

هي دل اَڃا به قيدي، تنهنجي خيال جي آ،
جوڙي ڇَڏيون مُحبت، سپنن سَنديون سَلاخُون.
*

بَدن بَرفجي ويو اَڙِي جنوري!

بَدن بَرفجي ويو اَڙِي جنوري!
وري آئي آهين ڇَڙِي جنوري!

ڪڏهن تنھنجو اَمرت هُيو ذائقو،
او بادام جھڙي ڪَڙِي جنوري!

مھينن کي دل آڱرين تي ڳَڻيو،
اکين مان ٿي بُوندون ڳَڙِي جنوري!

خبرئي نه پيئي ته گُذري وئينءَ،
هُئينءَ خواب جيان هڪ گَهڙِي جنوري!

وَري روھ سارو رَڙيون ٿي ويو،
وري ڪُونج ڪھڙي رَڙِي جنوري!

ڪڏهن ڪين آٿت جو احساس ٿينءَ،
رهينءَ عمرڀر، بي وَڙِي جنوري!

الائي اَڃا ڪيسين دل ڌَڙڪندي؟
مان سَردين ۾ ويندُس سَڙِي جنوري!

اڃا تائين مون کان ٽُٽين ئي نٿي،
ڪا زنجير جي آن ڪَڙِي جنوري!
*

پَوي پِيو پيار جو پارو، ڊسمبرجي اڪيلائي.

پَوي پِيو پيار جو پارو، ڊسمبرجي اڪيلائي.
ڍَڪيل هر برف سان چارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

بَدن ۾ سَرد ڏَڪڻي، ساھ ۾صحرا جي خاموشي،
وَڍي ٿِي وِرھ سان يارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

وَيا هُو ڪالهه سامونڊي، پَري لھرن مَٿان لُڏندا،
ڪَٽيان ڪيِئن ڪانڌ بِن سيارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

ڪِري ٿي آسمانن تان، برف بي اَنت بارش جيان،
اُڻي ٿي ڏيک ڏُکيارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

ڪري نمڪين اکڙيون جو، ڇڏي هڪڙي ئي لمحي ۾،
اُهو آ سَردشُوڪارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

کڻان ٿو ساھُ جيڪو ڀي، اُهو وِھُ جيئن ڪَڙو آهي،
وِڇوڙو نانگ آڪارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.

ستارا ڄڻ زخم آهن، اِهو ڦَٽ چنڊ آ جُهونو،
لُڇي آڪاس ٿو سارو، ڊسمبر جي اڪيلائي.
*

هي به وڃبا درد جالي، درد جا وارث اسين.

هي به وڃبا درد جالي، درد جا وارث اسين.
سڀ خوشيون تنھنجي حوالي، درد جا وارث اسين.

دل جلائي تنھنجي لاءِ، مون ڪئي آ روشني،
روشني رَکجان سنڀالي، درد جا وارث اسين.

زندگي ڀي حادثن جي رُوپ ۾ آهي ملي،
هر اذيت پنھنجي نالي، درد جا وارث اسين.

عشق ۾ آهن رَچِي سڀ فاصلا فانوس ٿيا،
دل وڇوڙن کي ٿي پالي، درد جا وارث اسين.

پنڌ پيڙا جي ڪيا اڄ پير زخمي روح جا،
رَڙ ڪئي ڇاتيءَ مان ڇالي، درد جا وارث اسين.

سُور سيني ۾ سمائي، تنھن ڪري جيئان پيو،
آ چيو ڀِٽَ جي رسالي، درد جا وارث اسين.

رِڻ جا راهي ازل کان، پير، واريءَ مان ڦُٽا،
جيءُ کي جهوريو جُهڙالي، درد جا وارث اسين.
*

تو هيءَ ڪھڙي موٽ ڏني!

تو هيءَ ڪھڙي موٽ ڏني!
چانڊوڪيءَ ۾ چوٽ ڏني.

شرط نه ڄاڻان شطرنج جا،
پوءِ تو ڇو هيءَ ڳوٽ ڏني.

وقت ڪيا پئي وارَ وڏا،
اکڙين جي تو اوٽ ڏني.

بُک ڪتابن سان نه لٿي،
ماني آڻي نوٽ ڏني.

خوابَ کُٽي ويا نيڻن جا،
تو هيءَ وَڇڙي کوٽ ڏني.

قيد ڪَڙا سڀ ٽوڙائي،
دانھن دُکيءَ جي ڪوٽ ڏني.
*

لھي پَئي دل مٿان ڪا شامَ گيڙو.

لھي پَئي دل مٿان ڪا شامَ گيڙو.
حياتيءَ جا ٿين پيا جامَ گيڙو.

رَچائي روح ۾ راڌا جي چاهت،
وَڄائِي بانسري تو شيامَ! گيڙو.

گُلن جي ٿي وَسي برسات نيري،
اُداسيءَ تي ٿيا اِلھامَ گيڙو.

اِهائي سنڌ منھنجي آ خُدائي،
ٻَڌِي هَٿَ جنھن ڪيا پَرڻامَ گيڙو.

ڇُھي ٿي ڪُوڪَ ڪوئل جي پنن کي،
لُڏي پئي زندگيءَ جي لامَ گيڙو.

لڳي آڪاس ٿو جوڳي جُهڙالو،
گهٽائن مان ڏِسان ٿو گامَ گيڙو.

اسان جي جاڳَ ۾ جاڳي خُدا ٿو،
اسان جي ننڊَ ڪئي تو رامَ! گيڙو.
*

هوءَ جھڙي ننڊ جي لولي هئي.

هوءَ جھڙي ننڊ جي لولي هئي.
ماءُ مون لئه ٻاجهه جي ٻولي هئي.

نينهنءَ جي دل ۾ ندي وَهندي هئي،
ساھ ۾ ڇُلندڙ ٿڌي ڇولي هئي.

رنگَ منھنجِي سڀ ڪندا هئا آجيان،
وقت جي هر ڪا گهڙي هولي هئي.

آسمانن جي حويليءَ مان اِها،
چنڊ جي تو ئي دري کولي هئي!

ڍنڍ وانگر ڇوھ مان هوءَ ٿي ڇُلي،
ڪُونجڙين جي هُن مٿان ٽولي هئي.

مون جيئڻ جي جُستجوءَ ۾ ڀٽڪندي،
زندگيءَ ۾ زندگي ڳولي هئي.
*

وِڇائي واٽَ اُوندھ تي.

وِڇائي واٽَ اُوندھ تي.
لکان ٿو لاٽَ اُوندھ تي.

ڀِڄن ٿا جاڳ جا جُگنو،
وَسي ٿي ماٽَ اُوندھ تي.

کِنوڻ آڻي اِرادن جي،
ڪيون چمڪاٽَ اُوندھ تي.

لِڪي هُو چور چندرما،
هڻي ٿو کاٽَ اُوندھ تي.

لَھي ٿي شام وانگر هُوءَ،
ٻَرن ٿا گهاٽَ اُوندھ تي.
*

ندين جا وهڪرا آهن.

ندين جا وهڪرا آهن.
صدين جا وهڪرا آهن.

ڇُلي ٿو درد ڇولين ۾،
اکين جا وهڪرا آهن.

ڪنارن جي مٿان ڄڻ هُو،
جُهڳين جا وهڪرا آهن.

پيئن ٿا پيار جو پاڻي،
پکين جا وهڪرا آهن.
*

پنھنجي دل ۾ پئي کُتي آهيان.

پنھنجي دل ۾ پئي کُتي آهيان.
تنھنجي ڳڻتين ۾ مان ڳُتي آهيان.

پاءِ مون کي ته مانُ ٿئي منھنجو،
تنھنجي پيرن جي مان جُتي آهيان.

منھنجو آهي سُھاڳ اوجاڳو،
مان ڪٿي ننڊ سان سُتي آهيان.

حادثا هانوَ تي اَچي ڪِرندا،
پنھنجي ڀاڳن ۾ مان ڀُتي آهيان.

پيار جو ڀُور ئي ڏي اُڇلائي،
تنھنجي در جَي ته مان ڪُتي آهيان.
*

هُو جڏهن کان ڌار آ محسوس ٿيو.

هُو جڏهن کان ڌار آ محسوس ٿيو.
زندگيءَ جو بار آ محسوس ٿيو.

جُستجوءَ جا رنگَ ٿا هاڻي کِڙن،
هر ذري ۾ يار آ محسوس ٿيو.

روح کي چيري اندر مان ٿو ڦُٽي،
ٽھڪ ٽِڙندڙ خار آ محسوس ٿيو.

بي گُناهو جِت به ڪو ماريو ويو،
دل مٿان سو وار آ محسوس ٿيو.

کلندي کلندي روئي پوندو آ اڃا،
اڄ به ”باغي“ ٻار آ محسوس ٿيو.

*

بي دليءَ جو جَھان پنھنجو آ.

بي دليءَ جو جَھان پنھنجو آ.
هيڪلو آسمان پنھنجو آ.

هر گهڙيءَ تي چڙهي وئي آ ڪَٽ،
زنگُ جھڙو زَمان پنھنجو آ.

روز ناپاس ٿي پَوان ٿو مان،
روز هڪ اِمتحان پنھنجو آ.

روز بُک جي سَڙي ٿو دوزخ ۾،
ديس پوءِ ڀي مَھان پنھنجو آ.

لفظ تنھنجا زبان آ تنھنجي
درد وارو بيان پنھنجو آ.

توکي لڳندو مُقام جيان چُپ چُپ،
اهڙو دل جو مَڪان پنھنجو آ.

روز انسان تون پيو مارين،
مان ٿو سمجهان ذِيان پنھنجو آ.

سنڌ رگويد کان پُراڻي آ،
هر قديمي گِيان پنھنجو آ.
*

ڪين آئي اسان جي واري ۾.

ڪين آئي اسان جي واري ۾.
ڇا چَوان عاشقيءَ جي باري ۾.

زندگيءَ، زندگي نه اَرپي ڪا،
پو به گُذري وئي گُذاري ۾.

گيت، بارش، مِٽيءَ جي موسيقي،
چنگَ آهن ٻُري پيا چاري ۾.

تون نَفعي ۾ پيو مَرين پل پل،
مان ته جيئان پيو خَساري ۾.

مون ته تارڻ جي ڪئي هئي ڪوشش،
سِج پو ڀي ٻُڏي ويو کاري ۾.
*

لھن ٿا خيال ايترا، جو ٿي وڃان ٿو خيال مان.

لھن ٿا خيال ايترا، جو ٿي وڃان ٿو خيال مان.
ائين ئي تنھنجي رنگ ۾، رڱيل رهان ڪو شال مان.

ذَرو جو درد جو لڳو، ذَريون ذَريون مان ٿي ويس،
سَڄي جھان ۾ ٿِيُس، وِکيرجي وِشال مان.

نَئين ڪا رَمز عطا ڪر، نئين ڪا بخش تون جلا
حَسين ڏات ڪر کڻي، ذَري ڏَئي جَمال مان.

اَڃا اُها سُڳنڌ آ، اسان جي روح ۾ رَچيل،
پگهر کَٿُورجي کِڙي، اَڃا به ٿو رومال مان.

فَنا جو فَلسفو سَڄو، بَقا جو ڀَرم ٿو لڳي،
عُروج ٿوڦُٽي ميان! وِصال مان زَوال مان.

رَکان پَريم جا پِيالا، ڀَري ڀَري حُسن اڳيان
پُراڻو دل جو مَڌُ آ، پياڪ هُو ڪَلال مان.
*

پيرَ نَنگا، تَتل هُئا رستا.

پيرَ نَنگا، تَتل هُئا رستا.
لُک جھڙا لکيل هئا رستا.

ماڳ تي هيءَ ڪيئن رَسائن ها،
ڇو ته خود پاڻ ڀُليل هُئا رستا

تنھنجي پيرن ۾ لِڳل هئي ميندي،
تنھن ڪري ئي رَنڱيل هُئا رستا.

تنھنجي ڳولا ڪڏهن کُٽي نه سگهي،
ڀُونءِ ساري وِڇيل هُئا رستا.

ڪين محسوس ٿيا ڪڏهن توکي،
نيڻ منھنجا ڀِنل هُئا رستا.

سڀ تنين کي رَهيا لَتاڙيندا،
هي جو پيرن ۾ پَيل هُئا رستا.

مون ته ڄاتو پئي اڪيلو آ،
کوڙ رستي ۾ لِڪل هُئا رستا.

ننڊ جي جاڳ پُل ڇڏي ٽوڙي،
خواب جا سڀ گَڏيل هئا رستا.

نيڻ ڪنهن جا رُنا اَلائي ڇو؟
ڪنھن جي ڏُک ۾ ڪَجل هُئا رستا.
*

درد ساڳي ڪٿا، سانجهه آ سُرمئي.

درد ساڳي ڪٿا، سانجهه آ سُرمئي.
گهاٽ گهائي گهٽا، سانجهه آ سُرمئي.

ٿيون وَسن مِينهن جون بَرف جھڙيون ڪَڻيون،
سَرد ساحل هَوا، سانجهه آ سُرمئي.

ريشمي وار پنھنجا نه تون کولجان،
ڪا نه ٿي پئي خطا، سانجهه آ سُرمئي.

هَٽَ کوليو سڀئي مَٽَ خالي ڪيو،
بند ڇو ميءِ ڪدا، سانجهه آ سُرمئي.

خيال ۾ کوئجي دل به گُم ٿي وئي،
ڪيئن ٿي لاپَتا، سانجهه آ سُرمئي.

موسمن مان گُلن جيان ڦُٽي رنگَ پيا،
هٿ تنھنجا حِنا، سانجهه آ سُرمئي.

زندگي جي ڪَجل ريک بڻجي پَوي،
تون جي چاهين پِيا! سانجهه آ سُرمئي.

سج پيرن جي هيٺان آ رستي جيان،
چنڊ سپنا لَڳا، سانجهه آ سُرمئي.

ڪوبه ناهي ڪِٿان ٿا پَڙاڏا اَچن،
چوطرف کان صدا، سانجهه آ سُرمئي.
*

ڀوڳڻو آهي اسان کي بار بار، انتظار.

ڀوڳڻو آهي اسان کي بار بار، انتظار.
آ ازل کان ئي اکين ۾ بيقرار، انتظار.

لوڪ تنھنجي رَمز کي سمجهي سگهيواڃا به ناھ،
سوئي ڄاڻيندو ٿئي جو خاڪسار، انتظار.

پيا ٽِڙي هِن روح ۾ ويساھ جا ڪئي گُلابَ،
زندگيءَ جو واسجي پيو اعتبار، انتظار.

مينگهه مَلھارون سَڀن کي ڪين ٿين ٿيون نصيب،
سڀ رُتون رنگين هِن جون اَشڪبار، انتظار.

احترامن وقت سَجدي ۾ جُهڪي ٿيو وِشال،
ڪائناتن مان وَڃي پِيو آرپار، انتظار.

ڇو، ڪَريو ٿا خودڪشيون سڀ ٿي حيات کان فَرار،
ڪين ڪَريو مُحبتن کي داغدار، انتظار.

مان ته چاهيان ٿو نه ڪنھن سان دل لڳي نه دل ۾ آس،
ٿي وڃي ٿو پو به مون کان پيار پيار، انتظار.
*

زندگي! تو گهڻو سَتايو آ.

زندگي! تو گهڻو سَتايو آ.
پو به تو ساڻ مون نِڀايو آ.

پيچرن جو نه ڏوھ آهي ڪو،
مون کي پيرن سدا رُلايو آ.

هورڙيان هورڙيان دُکي پيئي،
دل کي سگريٽ جيان جَلايو آ.

پو به تصوير ٿي ٺھي تنھنجي،
مون گهڻو خاڪ کي مِٽايو آ.

ننڊ مان خاڪ ٿي اُڏي هاڻي،
خواب ۾ جاڳ ڪُجهه جَلايو آ،

ساھ پئجي ويو هَوا ۾ ڄڻ،
ٻارڙن جو لَغڙ اُڏايو آ.

شاعري دل جي آهي مَزدوري،
درد هر حال ۾ ڪَمايو آ.
*

زندگي ايڏي ڏني ديوانگي.

زندگي ايڏي ڏني ديوانگي.
دل مَٿان حاوي رهي حيرانگي.

پيرَ منھنجا پنڌ ۾ ميرا رهيا،
ڌُوڙ جيان اُڏندي رهي آوارگي.

ڏاتُ منھنجِي عَڪسَ تنھنجي پيار جا،
شاعريءَ ۾ مون ڪئي آ بندگي.

روح سان محسوس مون کي آ ٿيو،
ذائقو تنھنجو ڪَڙو آ زندگي!

تون رُسين ٿي رنگَ ٿا رُسيو پَوَن،
بي رنگي تنھنجي رهي ناراضگي.

زندگيءَ جو ساز سُڏڪي ٿو اَڃا،
تنھنجي ٽھڪن جي نه آ جو نَغمگي.
*

ٿي ٽُٽي هر روز ٽاڪو ٿي وئي.

ٿي ٽُٽي هر روز ٽاڪو ٿي وئي.
دوستي پنھنجي پھاڪو ٿي وئي.

هر ڪو جيئڻ جي اَداڪاري ڪَري،
يا خُدا! دنيا به خاڪو ٿي وئي.

دل جلي آ ميڻ وانگر رات ڀَر،
پِرھ پَڌري اي عُشاقو! ٿي وئي.

مُفلسيءَ جي ديس تي ماڪڙ لٿي،
فڪر ۾ هي قوم فاقو ٿي وئي.

ماڪ پيالن تي وَسِي پيئي پُڇي،
مي ڪشي پوري پياڪو ٿي وئي!؟

مُنھن ڀَري ڌرتيءَ مٿان ڪِرندو رهيس،
هر قدم هر راھ جهاڪو ٿي وئي.
*

تنھنجو آنچل هوا ۾ اُڏري ٿو.

تنھنجو آنچل هوا ۾ اُڏري ٿو.
روح منھنجو رنگن مان گُذري ٿو.

ننڊ نيڻن ۾ ٿي وئي بُوندون،
خواب هڪڙو گهٽا مان گُذري ٿو.

ڌُنڌ عينڪ جا ٿي ويا شيشا،
ڪنھن جو چھرو اکين مان اُڀري ٿو.

ذهن جي ڀُونءِ مان سِلي وانگر،
خيال خوشبو جيان ڪو اُسري ٿو.

سمنڊ ڇولين سان پھاڙين کي ٽُڪي،
پنھنجي اندر جو درد اُڪري ٿو.
*

دل لڳي ئي نٿي لَڳڻ سان ڀي.

دل لڳي ئي نٿي لَڳڻ سان ڀي.
روشني ٿئي نٿي جَلڻ سان ٿي.

ڀاڳ پنھنجو مَٽيو نه موسم جيان،
عمر ڀر دربدر ٿِيڻ سان ڀي.

نيٺ ڪھڙو غُبار آ دل تي؟
بار گهٽجي نٿو وَسڻ سان ڀي.

اڄ به ساڳيو رهي ٿو اوسيئڙو،
روز مون وٽ تنھنجي اَچڻ سان ڀي.

هر قَدم ٻئي قَدم کي جَنمي ٿو،
فاصلو ٿو وَڌي وَڌڻ سان ڀي.

ڪيڏي ننڍڙي رهڻ لئه آ دنيا،
پو کُٽي ڇو نٿي ڀَڃڻ سان ڀي.

نيٺ رستا به هاڻ ٿَڪجي پيا،
پنڌ ناهي کُٽو هَلڻ سان ڀي.

اَنگَ پنھنجا نه هُو ڍڪي سگهيو،
روز چَرخي تي سُٽ ڪَتڻ سان ڀي
*

ڪين ٿو نِڪري جِتان ڪو واپسيءَ جو پيچرو.

ڪين ٿو نِڪري جِتان ڪو واپسيءَ جو پيچرو.
تو اَچي اڄ زندگيءَ جي موڙ اهڙي تي ڇَڏيو.

اُڃَ منھنجي آ صدائن جي پَڙاڏن مان ڦُٽي،
سُڃَ سَھڪِي ساھ جِي اڄ آسمانن کي سَڏيو.

تنھنجي نيڻن ۾ اِهو پرديس آيو آ ڪٿان؟
خواب منھنجا ٿا وڃن خانه بدوشن جيان لَڏيو.

زندگي ۽ موت جا تو سان ٻَڌل آهن سِرا،
خودڪشيءَ جي خيال جھڙي ڇو وٺي ٿا سَٽ ڏِيو؟

مُحبتن وارا مُسافر ڇانوَ جي آسيس ٿين،
شاعريءَ ۾ جھُڙ جھڙا خيال مان ويندس اَڏيو.

هيڪلائي هُن جي فطرت ۾ رَچيل اهڙي هُئي،
عمر ڀر پنھنجي به پاڇي سان نه هُو ڀُلجي گَڏيو.

ڪاش دُونھي جيئن هوائن ۾ وَڃان تَحليل ٿي،
گيتَ ڳائيندو وتان سُرمئي گهٽائن سان گَڏيو.
*

هُوءَ ڪڪرن جيان هَلي ويئي.

هُوءَ ڪڪرن جيان هَلي ويئي.
ڌرتتيءَ ۾ عمر جَلي ويئي.

راز کي راز ۾ رکي نه سگهيس،
راز ۾ ڳالھڙي سَلي ويئي.

مون مَنجهان ٿي اچي سَندس خوشبو،
هُوءَ ساهن ۾ آ رَلي ويئي.

توکي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾،
زندگي جي وئي ڀَلي ويئي.

مُرڪَ جي تو جا دل ۾ پوکي هُئي،
سا ته گُل آهي ٿي ڪَلي ويئي.

ٿا اَڃا ڀي ته اُڏامن پوپٽ،
مُرڪندي جا به هُوءَ ڳَلي ويئي.
*

عرض دل جو ڪٿي اَگهيو هاءِ!

عرض دل جو ڪٿي اَگهيو هاءِ!
هُو به منھنجو نه ٿي سَگهيو هاءِ!

رنگَ من تي نه ٻيا چڙهي سگهندا،
رنگُ اهڙي ۾ هُن رَنگيو هاءِ!

رات واسينگ جي آ ڦَڻ جھڙي،
روح کي ڏينھن پڻ ڏَنگيو هاءِ!

دل جي ڌرتيءَ تي اچي لاهي تون،
مان خلائن ۾ هان ٽَنگيو هاءِ!

آسمانن ۾ ديد هُئي هُن جي،
دل لَتاڙي سَندم لَنگهيو هاءِ!
*

ڪُوڪَ ڪوئل لَتا جا سُرَ آهن.

ڪُوڪَ ڪوئل لَتا جا سُرَ آهن.
مان ٿو ڀانيان خُدا جا سُرَ آهن.

هر ڪڻيءَ جو سنگيت آ پنھنجو،
بارشن ۾ ڪَلا جا سُرَ آهن.

درد اُڏري ٿو پوپٽن وانگر،
بانسريءَ ۾ وَفا جا سُرَ آهن.

ٻاجهه فطرت جي ٻولڙين ۾ آ،
ڪيڏا ڌيما سنجها جا سُرَ آهن.

مُند آ ٻُور جي ٻُري پيئي،
ٻُڌ پَنن ۾ هَوا جا سُرَ آهن.

سين سيني ۾ لٿي خنجر جيان،
سوز ڀريل صَدا جا سُرَ آهن.

نيڻ تنھنجا اِهي نِماڻا ٻئي،
اِبتدا اِنتھا جا سُرَ آهن.
*

جيسيتائين حيات آ پنھنجي.

جيسيتائين حيات آ پنھنجي.
هي سَڄي ڪائنات آ پنھنجي.

زندگي! تنھنجي تَتل سِج هيٺان،
ڇانوَ گهاٽي هي ڏات آ پنھنجي.

هرقدم تي ڪئي اَٿس آجيان،
همسفر ڇوته مات آ پنھنجي.

ديس! توتي نه رهندا هي نِيئَر،
تو ۾ ازلي نِجات آ پنھنجي.

ڏينھن جو ڏَڍُ ئي رهيو ناهي،
سانوري شام، رات آ پنھنجي.
*

لاٽ جُگنوءَ جي ٽِمٽمائي آ.

لاٽ جُگنوءَ جي ٽِمٽمائي آ.
چنڊ جھڙي ڪا ياد آئي آ.

توکي پيلي لباس ۾ ڏِسندي،
سانوري شام مُسڪرائي آ.

تنھنجي احساس جو لڳو آ رنگُ،
زندگي ٿي پئي سَجائي آ.

هٿَ جوڙي تون پائي ڀاڪر مِل،
تنھنجي اِن ۾ ميان! وَڏائي آ.

تنھنجي پازيب جي پَڙاڏي ۾،
ساري ڪائنات گُنگُنائي آ.
*

دوستي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

دوستي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.
دل لڳي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

ٿي وڃي ڌرتي سڄي مَمنُوع پر،
هڪ گهٽي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

دل ڀَلي رَک ٿي وڃي پر عشق ۾، روشني رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

منهنجي عَڪسن کي ڪري ٽُڪرا ڇڏيو،
آرسي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

زندگيءَ جي وِھُ ۾ ٿوري مِٺي،
مَڌُ چُڪي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.

شال باغي! سنڌ جي ڌرتي سَڄي،
جي سُکي رهجي وڃي ڏاڍو سُٺو.
*

سڏي ٿي ننڊ مان ڪا خواب جھڙي خودڪشي مون کي.

سڏي ٿي ننڊ مان ڪا خواب جھڙي خودڪشي مون کي.
ڀَريو ويٺي ليڪن ڀاڪُرن ۾ زندگي مون کي.

ٻَه ٽي پل گڏ رهي ڇالئه ڇڏي مون کي وَڃن ٿا سڀ،
اَڃا آئي نه آ شايد نِڀائڻ دوستي مون کي.

اِهو چنڊ تنھنجي پيرن جو پرين! پيرو پُراڻو آ،
لڳي ٿي تنھنجو پاڇولو اَڱڻ تي چاندني مون کي.

منھنجي قدمن جي آهٽ کي سُڃاڻن ٿا سڀئي رستا،
منھنجي پيرن ۾ پاتل ٿي رهي آوارگي مون کي.

مِلائي ننڊ جون ذَرڙيون ذَرين کي رُوپ ڪو ڏيئي،
ڪَيو تخليق خوابن مان خُدا جي خامشي مون کي.

اِهي سَنگ پاڻ وٽ رَکجان ٽُٽڻ منھنجو مُقدر آ،
ڀَلي هر روز واعدن جي ڏِجان پئي آرسي مون کي.

جُڳن کان پئي جَلان هيڪل اچي تون ڀي ته مون سان جَل،
چَوي ٿي روز حسرت مان ڏسي تنھا بَتي مون کي.
*

دل چريءَ جي صلاح تي هلندي.

دل چريءَ جي صلاح تي هلندي.
عُمر گُذري آ باھ تي هلندي.

دوستي نيٺ سندس ٿَڪجي پئي،
منهنجي تعلق جي راھ تي هلندي.

دل کان وِسريا ثَوابَ دُنياوي،
پيار جھڙي گُناھ تي هلندي.

هانءُ ڦَٿڪي ٿو هي مَڇيءَ وانگر،
ٺوٺ سنڌو درياھ تي هلندي.

مان ٿو پنھنجي وجود کي ڳوليان،
شھر ٿي ويل تباھ تي هلندي.
*

آرسيءَ ۾ ڏار آهن.

آرسيءَ ۾ ڏار آهن.
عڪس جا آثار آهن.

ساھَ تنھنجا ياسميني،
ڇاته خوشبودار آهن.

گهر جون ديوارون، دريون، دَرَ،
منھنجا رشتيدار آهن.

ڇا چَوان مان دوستن کي،
هُو اَڃا ڀي ٻار آهن.

دل اڪيلي ٿي پئي آ،
درد ڪُجهه دَرڪار آهن.
*

تِياڳُ آهيان سَنياس اوڙهي آ.

تِياڳُ آهيان سَنياس اوڙهي آ.
جوڳ گيڙوءَ جو واس اوڙهي آ.

سُرمئي سانجهه ۾ ڪا صحرا جي،
ريت جھڙي تون پياس اوڙهي آ.

تنھنجي پيرن ۾ ستارا آهن،
آسمانن جي آس اوڙهي آ.

سمنڊ جھڙي بَدن مٿان نيرو،
لھرون لھرون لِباس اوڙهي آ.

توکي ڏِسجان خُدا ملي ويندو،
پاڻ پنھنجي شَناس اوڙهي آ.

خواب ماکي جيان مِٺا ٿيندا،
ننڊ جھڙي مِٺاس اوڙهي آ.
*

سَڄي عمر سيلو ئي رهڻو هُيو.

سَڄي عمر سيلو ئي رهڻو هُيو.
ٻَريل دل کي ٻيلو ئي رهڻو هُيو.

نظر ۾ اُداسي آ صحرا سَندي،
اکين کي اڪيلو ئي رهڻو هُيو.

هُيو ناکئو نِينهن جو ڪين ڪو،
پَڳھ سان بتيلو ئي رهڻو هُيو.

سدا وقت جي وير ويران ٿي،
اُداسين جو ويلو ئي رهڻو هُيو.

بَٺِي درد جيءَ ۾ پَچايم گهڻو،
سَندم ڀاڳ ڀيلو ئي رهڻو هُيو.

نه سمجهي سگهيوسازشون دوستو!
هي ”باغي“ ڳھيلو ئي رهڻو هُيو.
*

گهاءُ گَهنگهور هِن گَهٽائن تي.

گهاءُ گَهنگهور هِن گَهٽائن تي.
آ اُداسي اَڃا تلائن تي.

چاندني آھي جهيڻي مُرجهايل،
چنڊ پيلو کِڙيو خزائن تي.

پيرَ تنھنجا زمين تي ناهن،
تنھنجو آهي سفر هوائن تي.

ڪا وراڻي اَچِي ڇَنڊي ڦُوڪي،
دز وَئي آ ڄَمي صدائن تي.

روز جيئڻ تي وِياج وَڌندو آ،
روز قيمت نئين دوائن تي.

قيد ڪاٽيي به ڪين ٿو ڪٽجي،
ڪين آئي ڪَمي سزائن تي.

ويڙھ سان ئي وطن ڪبو حاصل،
ديس ٺھندو نه هي دُعائن تي.

شام ٿئي ٿي شھيد سانجهيءَ جو،
ماتمي دل آ ڪَربلائن تي.

هاڻ اي دل! گهڻي ٿي رولاڪي،
ضَبط ڪر پنھنجي ڪَلپنائن تي.
*

شاعري آهي لَٿي.

شاعري آهي لَٿي.
عاشقي آهي لَٿي.

موت جي خِلائن مان،
زندگي آهي لَٿي.

دوستيءَ جي آڳُر تي،
دشمني آهي لَٿي.

چنڊَ! تنھنجي اَپسرا،
چاندني آهي لَٿي.

نيرڙي پولار مان،
روشني آهي لَٿي.

اڄ انگورن ۾ وري،
مئڪشي آهي لَٿي.

ڏُک جي ڏاڪڻ مٿان،
ڏِسُ خوشي آهي لَٿي.

ديسَ! ڇو تنھنجي مَٿان،
خودڪشي آهي لَٿي؟
*

عَڪسَ ذَرڙيون ٿِيل مِلايان ٿو.

عَڪسَ ذَرڙيون ٿِيل مِلايان ٿو.
آرسيءَ سان اکيون ڀِڃايان ٿو.

روز خنجر پُٺيءَ ۾ لڳندو آ،
روز مان دوستي نِڀايان ٿو.

ساٿ تنھنجو رهيونه آ سَرهو،
زندگي! توکان موڪلايان ٿو.

ڇو وَٺان اِمتحان ڪنهن جو مان،
پاڻ کي پاڻ آزمايان ٿو.

موڙ تي هُوءَ متان هُجي بيٺي،
هيءُ سوچي پُٺيان نِھاريان ٿو.

تونه جيڪر سَڏيو هليو ويندس،
توکي اڳ ۾ ئي مان ٻُڌايان ٿو.
*

رات تارن ڀَرِي تَجسُس ۾.

رات تارن ڀَرِي تَجسُس ۾.
چنڊُ پِيو آ ٻَرِي تَجسُس ۾.

وقت کي ڪنھن ڇڏيو بيھاري آ،
آهي گردش وَرِي تَجسُس ۾.

تنھنجي آهيان گِيان ۾ گُم سُم،
دل ٻُڏِي آ تَرِي تَجسُس ۾.

ڪنھن ڄَمايو پھاڙ تي مون کي،
برف آهي ڳَرِي تَجسُس ۾.

هَٿَ ڪنھن جا هُئا خُدا جھڙا،
خاڪ جي هر ذَرِي تَجسُس ۾.

بَرف باريءَ ۾ اَپسرائون هِي،
اڄ ته آهي مَرِي تَجسُس ۾.
*

ديد، دل جي دُئار تي پُھتي.

ديد، دل جي دُئار تي پُھتي.
بيقراري قرار تي پُھتي.

ڪيتريون ئي ٽِڙي پيون مُکڙيون،
هر ڪَلي اڄ بھار تي پُھتي.

دل تي دَستڪ ڏني اکين سان تو،
عاشقي انتظار تي پُھتي.

بي خوديءَ جو خيال ايندي ئي،
خاڪ منھنجي خُمار تي پُھتي.

پَرَ تو ئي ڏِنا تَصور جا،
سوچ منھنجي اُڏار تي پُھتي.

ڪيترائي کُلي پَيا رستا،
باک جڏهين نھار تي پُھتي.

ڌَڙڪنن جا ٻَري پيا ڏيئا،
هُوءَ دل جي مَزار تي پُھتي.

بَند هُن جا سڀئي ٿيا رستا،
هُوءَ ڳاڙهي بَزار تي پُھتي.
*

سدا تاڙ ۾ ٿي مَماتي رهي.

سدا تاڙ ۾ ٿي مَماتي رهي.
الائي ته ڪيسين حياتي رهي.

هلي آ ته اڄ آزمائي ڏِسون،
رهي ڪنڌ ٿو يا ٿي ڪاتي رهي.

ڏِنو ننڊَ کي رنگُ مون آسماني،
ڏِسان خوابُ ٿو ڪائناتي رهي.

رهي زندگيءَ جي نه خالي دري،
اُنھيءَ ۾ اَملهه تنھنجي جهاتي رَهي.
*

ڪَتين جون پَيو چنڊُ ٻانھون مَروڙي.

ڪَتين جون پَيو چنڊُ ٻانھون مَروڙي.
ڇَڏيون چاندنيءَ ڀي چَڱُون پنھنجون ڇوڙي.

زماني جي ذهنن ۾ آ سنگ بازي،
رَکان پو به خوابن جا شيشا ٿو جوڙي.

نئون رُوپ ڌاري کِڙي پيو تَصور،
اکيون هُوءَ مھٽي اُٿي ڪَرَ موڙي.

وڏا رنگَ آهن سَمايا اندر ۾،
او ڪُنڀار! تنھنجي مِٽيءَ جي پِنوڙي.

دُکي پيو آ صَندل جيان درد دل ۾،
وَلين جيئن مون کي آ ويڙهيو وِڇوڙي،

مِليو ڪين نِيشان تنھنجو ڪٿي ڀي،
زَمانن کي ويٺو آهيان خُوب ووڙي.

اَلائي ڪڏهن بِيھِي ساهي پَٽيندِي
هيءَ معصوم دل پئي اڃا تائين ڊوڙي.
*

رنگ بُک جو سَجائي ڪو مُکَ تي.

رنگ بُک جو سَجائي ڪو مُکَ تي.
بُک جو ديوتا لَھي بُکَ تي.

پاسِراٽيون ڀَڄي پَيون ٽِڙڪِي،
وقت اهڙو ٿُڏو هَنيون ڪُکَ تي.

هي کَٻڙ سڀ ڪَڪورجي ويندا،
کوڙ پيرون پَچن پيا لُکَ تي.

مُرڪَ مَصلوب ٿي رهي آهي،
ٽياس کي هُو ٽنگين ٿا ڏُکَ تي.

حالتن جو چَڙهي ويو ڦِيٿو،
هاءِ! معصوم ديس جي سُکَ تي.
*

چين ايندو ڪِٿي مَرڻ تائين.

چين ايندو ڪِٿي مَرڻ تائين.
مان پيو ٻَرندُس اِتي ڳَرڻ تائين.

مون ۾ درياھَ سڀ ٻُڏي ويندا،
مان نه ٻُڏندس ڪڏهن تَرڻ تائين.

خال وَڌندا وڃن ٿا اندر جا،
ڪين گَهٽبا اِهي ڀَرڻ تائين.

مان ته هر حال ۾ ڪندُس ڪوشش،
ٻاٽ ۾ چِڻنگ ٿي ٻَرڻ تائين

پيرَ منهنجا نه پَٽيندا ساهي
پار پَربت اِهي ڪَرڻ تائين.

ٿورڙو تَرس پو هَلِي وَڃجان،
آھ هڪڙي ٿَڌي ڀَرڻ تائين.

مان مِٽيءَ ۾ مِلي مِٽي ٿيندُس،
خاڪ رهندُس وَڃي سَرڻ تائين.
*

پوءِ ڀي ڪين ڇو گُذر ٿئي ٿي.

پوءِ ڀي ڪين ڇو گُذر ٿئي ٿي.
شام توڙي جو مُختصر ٿئي ٿي.

ساٿ ملندو نه آ ستارن جو،
رات خاموش همسفر ٿئي ٿي.

تو ۾ تحليل ٿي وَڃان ٿو مان،
تنھنجي هر ڳالهه پُراثر ٿئي ٿي.

درد جي روشني آ اندر ۾،
نينھن! تنھنجي چِٽي نظر ٿئي ٿي.

َاَنت جو وُھ مِٺاڻ جھڙو آ،
زندگي ڀي مُٺو زهر ٿئي ٿي.

سمنڊ سارو سمائي ايندي آ،
اهڙي گَھري ته ڪا لھر ٿئي ٿي.

کيپ دل ٿي چڙھيو وڃن ملندي،
ڳَل ڳِراٽي به ڄڻ ڳَھر ٿئي ٿي.
*

هُوءَ جو رُسِي پَوي ٿي.

هُوءَ جو رُسِي پَوي ٿي.
هيءَ دل ڪُسِي پَوي ٿي.

هُن جو ڪري تَصور،
بارش پُسِي پَوي ٿي.

توساڻ دل ڪُشادي،
نه ته هي سُسِي پَوي ٿي.

هَرڻي اُداس دل جي،
ڊُڪندي ٻُسِي پَوي ٿي.
*

ڌِيان دل جي صَدا تي ڌَر هاڻي.

ڌِيان دل جي صَدا تي ڌَر هاڻي.
بَند، مَن جا تون کول دَرَ هاڻي.

منھنجي ساهن ۾ وَسي ٿو صحرا،
مِينھَن! مُحبت جا ڪَر مَھر هاڻي.

رات مون ۾ رهڻ لڳي آهي،
ڪاته سُرهي به ٿئي سحر هاڻي.

تو سوا کُوھ اُڃارو دل جو،
اُڃَ مون مان اچي تون ڀَر هاڻي.

چنڊ اُميد جو ڪو اُڀري شَل،
ڇائبا ٿا وَڃن ڪڪر هاڻي.

رُڃَ ريکائون سڀئي هِن چھرا،
هر نظر ۾ رهي ٿو ٿَر هاڻي.

ڪيئن ٻُوٽي ڇَڏيان اکيون پنھنجون،
ٻيڪڙيان خواب جو ڪيئن دَر هاڻي؟
*

مون کان مُڪتي گُهري رهي آهي.

مون کان مُڪتي گُهري رهي آهي.
منھنجي هستي ڀُري رهي آهي.

دل جو آهي سڄو سفر زخمي،
راھ هر ڪا ڇُري رهي آهي.

بي ڌِيانيءَ جي ڌُوڙ ۾ لَٽجي،
دوستي اڄ جُهري رهي آهي.

هڪڙو احساس ٿو لُڇي من ۾،
ڪيفيت ڪا ڪُري رهي آهي.

ساھَ ۾ ساھُ کنيون سَناٽن،
روح ۾ رُڃَ ٻُري رهي آهي.
*

پاڻيءَ تي پاڻياري آ.

پاڻيءَ تي پاڻياري آ.
ڪيڏي مُند مَلھاري آ.

کيپن جو ٿو رِڻ رَڙي،
تاڙي ڀي تاساري آ.

سِج لَٿي جو سِج ٿِڙيو،
خاڪي رنگُ خُماري آ.

ٽِمڪيا اُوندھ ۾ جُگنو،
سارو جهنگ ڏِياري آ.

رُڃَ ۾ پيرَ پَيا ڦَٽجي،
پيرن ۾ ڏِسُ واري آ.

اِن مان اُڀري ايندو سِج،
لاٽ لھوءَ سان ٻاري آ.

ويرانين مان جِيءَ ڦُٽو،
صحرائن سان ياري آ.

تنھائيءَ جي تيلي سان،
جلندي رات گُذاري آ.
*

رنگن ۾ مون گهولي دل.

رنگن ۾ مون گهولي دل.
ٿي پئي هولي هولي دل.

انڊلٺ جا احساس ڏئي،
سانوڻ آ ڇاڇولي دل.

ڪنهن هيءَ منھنجي ڪُوڪ ڪُٺي،
تنھائيءَ ۾ ٻولي دل.

ڪير به ڪين ڀَڃِي سگهندو،
اوکي آھ پِرولي دل.

سمنڊ بڻايم ساروڻيون،
اُن ۾ ٿي پئي ڇولي دل.

ڪمري وانگر بند هئي،
عشق! اچي تو کولي دل.

نيرَ نظر جي جيئن ڇُھيو،
نينھن ڪَئي نِيرولي دل.

جيون جوڳي آ جُهونو،
گيڙو اُن جي جهولي دل.
*

ياد جي اُڀري ڪَتِي آ روح ۾.

ياد جي اُڀري ڪَتِي آ روح ۾.
درد جي روشن بَتِي آ روح ۾.

ساھ واريءَ جيان سَڙي ٿو ٽاڪ ۾،
تانگهه هيءَ ڪنھن جي تَتِي آ روح ۾.

دل جي آتڻ تي اُڏامن رنگَ ٿا،
عشق! تو هولي ڪَتي آ روح ۾.

خاڪ خوابن ۾ اُڏي احساس جي،
سُرمئي ٻَرندڙ بَتِي آ روح ۾.

زندگي ڪشڪول جيان خالي رهي،
دل پُراڻي ڪا چَتِي آ روح ۾.
*

هڪري ننڍڙي مزار هِن دل تي.

هڪري ننڍڙي مزار هِن دل تي.
خواب ڪي اَشڪبار هِن دل تي.

سَرد ڪا آھ ڀي نه ٿي اُڀري،
هيءُ ڪھڙو غُبار هِن دل تي.

ڌَڙڪنون روز چَڙهن ڦاهيءَ تي،
وقت جوڙي ٿو دار هِن دل تي.

تنھن ڪري خواب ٿا رهن سُرمئي،
مِينھن جي تيز ڌار هِن دل تي.

تون جي ايندينءَ ته ڌڙڪندي ٻيھر،
مون کي آ اعتبار هِن دل تي.
*

درد دل کي ڏئي ٿو دلداري.

درد دل کي ڏئي ٿو دلداري.
آ اُداسيءَ جي ڪيفيت پياري.

نيٺ اُڃَ ۾ ڇُلي پيو صحرا،
سُرمئي سمنڊ ٿي ويو واري.

نيڻ ڏيئن جيان ٻَريا تنھنجا،
منھنجي خوابن ۾ ٿي وئي ڏياري.

هُو ستارن جي جُهوپڙيءَ اندر،
ڪنھن ته قنديل چنڊ جي ٻاري!

تنھنجي ڀَر ۾ به هيڪلو آهيان،
دل تي تنھائي ٿِي رَهي طاري.

نا اُميديءَ جي ٻاٽ اُوندھ ۾،
ڪنھن نه تيلي اُميد جي ٻاري.
*

جُڳن جي جاڳ آهيان مان.

جُڳن جي جاڳ آهيان مان.
ڦِٽل ڪو ماڳ آهيان مان.

ڪري مون کي وئي دنيا،
اُهوئي تياڳ آهيان مان.

پُڳو دل وٽ نه ڪو رستو،
اَڄاتو ماڳ آهيان مان.

جلي ٿي زندگي مون ۾،
اَزل جي آڳ آهيان مان.

ڇُلين ٿي سمنڊ وانگر تون،
اُنھيءَ تي جهاڳ آهيان مان.

وڻئي جيڏانھن وارين تون،
سَندي هٿ واڳ آهيان مان.

نه مون کي ڪنھن به آلاپيو،
اَڳاتو راڳ آهيان مان.
*

خُدا جي خواب جي هُوءَ ساڀيان بَڻِي آئي.

خُدا جي خواب جي هُوءَ ساڀيان بَڻِي آئي.
سَموري ڪائنات پاڻ سان کَڻِي آئي.

رَکي نَفيس پنھنجون آڱريون ستارن تي،
ڪَتيون ۽ ڪھڪشائون، گِرھ سڀ ڳَڻِي آئي.

نديءَ جي لھر لھر ۾ ٻَري پَيون چِڻنگون،
مٿان هُو چنڊ تان چانڊاڻ جيئن ڇَڻِي آئي.

سڄي حيات پنڌ ڌُوڙ جو هئي جھڙو،
تڏهن ته موت جي حصي ۾ آ پَڻِي آئي.

سڀيئي موسمون، بادل ۽ بارشون هُن وٽ،
اسان جي سُڃَ-نظر ۾ نه ڪا ڪَڻِي آئي.
*

رُڃَ ۾ ڀي فرات آهين تون.

رُڃَ ۾ ڀي فرات آهين تون.
مون لئه آبِ حيات آهين تون.

منھنجي قسمت جا ستارا تو ۾،
ڪھڪشائن جي رات آهين تون.

دل هلِي جنھن مٿان ننگي پيرين،
سا تِکي پُلصراط آهين تون.

تون جي ناهين ته بي ثباتي آ،
ڇو ته منھنجي ثبات آهين تون.

ماٺ آهين ته سڀ پکي گُونگا،
بي زبانن جي لات آهين تون.

زندگيءَ جي اِها علامت آ،
اَڻ چئي جيڪا بات آهين تون.

ڏِسُ خُدا ڀي اُداس ٿي پيو آ،
ڇو اِئين چُپ چُپات آهين تون.
*

ڏسان ٿو سانوڻين جا رُوپ رنگَ ڌرتيءَ تي.

ڏسان ٿو سانوڻين جا رُوپ رنگَ ڌرتيءَ تي.
وَڄن ٿا مينھن جا چوطرف چنگ ڌرتيءَ تي.

کپي نه تو سوا ڪو آسمان جيون ۾،
ستارا، چنڊ، ڪَتيون توسان سنگ ڌرتيءَ تي.

مرڻ جون خواهشون رڳو نه چاهي جيئڻ ڪو،
مَري نه زندگيءَ جي شَل اُمنگ ڌرتيءَ تي.

هي جهيڻي لاٽ کُڙکُٻيتن جي گَهٽ ناهي،
اَچو جَلايون اَنڌيرن جا جهنگ ڌرتيءَ تي.

کڻن آزاد واءُ ۾ هي ساھ سڀ گڏجي،
هتي رهن نه ڪي به هاڻ تنگ ڌرتيءَ تي.

اِهي هٿيار جلائي بڻايون رانديڪا،
ڪٿي به ڪين ٿئي هاڻ جنگ ڌرتيءَ تي.

نچين ٿي ڄڻ ته موهن جي دڙي جي سَمبارا،
ڪَلا جا تو ڪيا تخليق ڍنگ ڌرتيءَ تي.
*

درد ۾ آهي دوا ۽ هر دَوا ۾ درد آ.

درد ۾ آهي دوا ۽ هر دَوا ۾ درد آ.
تو ڪيو محسوس ناهي جو هَوا ۾ درد آ.

ڪيتري غمگين آهي اُڀ تي ڪاري گهٽا،
سمنڊ جي نمڪين ڳوڙهن ۾ خُدا جو درد آ.

سُرمئي ڪنھن سار جھڙي سانوڻي! تنھنجي نظر،
بارشن جي بيقراريءَ ۾ گهٽا جو درد آ.

لفظ ڳوڙهن سان ڳُتيل هر سِٽ ۾ ڪو سُور آ،
ڪنھن پُڄاڻيءَ تي نه پُھتي هي ڪَٿا جو درد آ.

ساز جا گونجي پَڙاڏا رِڻ کي رولين پيا،
ڪينري جي تَندُ ۾ گهايل صَدا جو درد آ.
*

خواب ۾ کولي اکيون مون ننڊ کي ڀاڪر وِڌو.

خواب ۾ کولي اکيون مون ننڊ کي ڀاڪر وِڌو.
مون سِتارن کي چُميون ڏئي چنڊ کي ڀاڪر وِڌو.

وقت سان ماپي سڄي آڪاس کي ڌرتيءَ سَميت،
ساحلن کي مون اُڪاري سمنڊ کي ڀاڪر وڌو.

ٿي پئي ڪنھن ڪامڻيءَ جي خواب جھڙي ڪائنات،
مون سحر جي رنگ ۾ آ منڊ کي ڀاڪر وِڌو.

زندگي منھنجي دُکي صَندل جيان وئي واسجي،
دل جو تنھنجي سار جي سَرکنڊ کي ڀاڪر وِڌو.

ڪنھن به مون لئه ڪين آٿت جي ڪڏهن کولي دَري،
مون ڪليسا جي اڪيلي ڪُنڊ کي ڀاڪر وِڌو.
*

ذائقي ۾ ملي ڪَڙائي آ.

ذائقي ۾ ملي ڪَڙائي آ.
زندگي زهر ۾ مِلائي آ.

نيٺ دُونھي ۾ ٿي وئي تَحليل،
دل به سگريٽ جيان دُکائي آ.

جاڳ جي جوت کي جَلايان ٿو،
سانت مون ۾ ڪَئي سُھائي آ.

بانسريءَ جي سُرن جي سُرمائي،
درد سان تار روشنائي آ.

گُل پَوندا ڦُٽي خوابن جا،
نِنڊ جي مون ته وَل لڳائي آ،

تو مٽيءَ کي ڇُھي آ جاڳايو،
پيار! تنھنجي هي مَسيحائي آ.

رنگَ دل مان ڦُٽي رهيا آهن،
ڇا ته رنگين اڪيلائي آ.

مان پُڄاڻي اُنھيءَ جي بڻجي ويسُ،
تو به جيڪا ڪٿا ٻُڌائي آ.

ٿي پَئي شام سازُ آ ڏُک جو،
۽ گهٽا غم ۾ گُنگُنائي آ.
*

بُوند کي مليو موتي، سِپَ کي اڪيلائي.

بُوند کي مليو موتي، سِپَ کي اڪيلائي.
سمنڊ ۾ لٿو سورج، شام سُرمئي ڇائي.

سانت کي اُڻي ساحل، ويسُ ڍَڪيو واريءَ جو،
رنگَ ٿي ڀَري اُن تي، ڏِسُ شَفق جي لالائي.

ناوَ کي ڀَري ڇڏيو سمنڊ پنھنجي ڀاڪر ۾،
بادبان ماپيندو هاڻ سَندس اُُونھائي.

ڍنڍ نيري لھرن جو ڏيکُ ٿي وئي وڻندڙ،
آسمان جي چُنري تو مَٿس جو ڦھلائي.

سمنڊ جي اکين ۾ آ، عڪس چنڊ جو پياسو،
چنڊ کي سَڏي پيئي، اڄ به سانت صحرائي.
*

مُحبتن جا سَڀئي آستان مِٽجِي ويا.

مُحبتن جا سَڀئي آستان مِٽجِي ويا.
اسان جي دوستيءَ جا داستان مِٽجِي ويا.

ڪَچين ڇِتين جي ڇانوَ ۾ ڏٺا هئا سپنا،
ڪَچِي مِٽيءَ مان جُڙيل سڀ مَڪان مِٽجِي ويا.

سدائين جن جون رهيون شَفقتون شَفق جھڙيون،
اُهي سڄڻ به الا مھربان مِٽجِي ويا.

مٽيءَ ۾ رات ڏينهن جن سان راند رهبي هئي،
ڀڳل، ٽُٽل سي راند جا سامان مِٽجِي ويا.

کِڙيا ها جن ۾ تنھنجا خواب کُڙکُٻيتن جيان،
اُهي اکين جا قبر ۾ نِشان مٽجي ويا.

رهيو اُهو ئي جيڪو تنھنجي دَسترس ۾ هو،
ڇَڏائي تنھنجي هَٿن مان زَمان مِٽجِي ويا.

ڏنو آ عشق جي جوڳي يقين ياقوتي،
حقيقتون ئي رهيون سڀ گُمان مِٽجِي ويا.
*

ساٿ جو سج نه ڪو اُڀاريو تو.

ساٿ جو سج نه ڪو اُڀاريو تو.
سانجهه جي ديپ کي نه ٻاريو تو.

تو اَڇوتي نه ڪا چُمي آڇي،
چاهتن جو نه چنڊ ٻاريو تو.

ڪنھن ڪُھاڙي جيان کُپي آڌيءَ،
ننڊ منھنجيءَ کي آهي ڏاريو تو.

پيرَ پنھنجا نَديءَ مَنجهان ڌوئي،
ڇو اُڃايل پَکي اُڏاريو تو.

ياد توکي جڏهن جڏهن آيس،
خواب وانگر تڏهن وساريو تو.
*

راھ هڪڙي رَلِي نه سگهنداسين.

راھ هڪڙي رَلِي نه سگهنداسين.
توسان اڳتي هلي نه سگهنداسين.

خاڪ کي باھ ڇا ڪندي هاڻي،
تون ڏَئِي ڏِس جَلِي نه سگهنداسين.

بَرف وانگر قَدمَ ڄَمي ويندا،
تنھنجي گُذري ڳَلِي نه سگهنداسين.

تون گُلابن کي نِپوڙين ٿي پر،
پاڻ پيڙهي ڪلي نه سگهنداسين.
*

ماکيءَ کان مِٺو آهي، احساس زندگيءَ جو.

ماکيءَ کان مِٺو آهي، احساس زندگيءَ جو.
کائين مَتان ڪَسارو، بادام خودڪشيءَ جو.

تنھنجين اکين ۾ پنھنجو، چھرو ڏسڻ ٿي چاهي،
تون ساڀيان ڪَري ڏي، اڄ خواب آرسيءَ جو.

آواز جي وَسيلي، دل ۾ لھي چُڪي آ،
هِن روح ۾کِڙي پيو، هُن رَنگُ اَجنبيءَ جو.

صحرا ذري ذري ۾، تجلا ڏئي رهيو آ،
جَرڪي پيو پَري کان، ڏِسُ رَنگُ تَشنگيءَ جو.

خلقي ڏُکن مَنجهان آ، خالق سَڄي سرشٽي،
بي ڪيف بي رنگو آ، احساس هر خوشيءَ جو.

دُنيا جي آرسيءَ ۾، مون غور سان ڏِٺو آ،
چھري مٿان سَجايل، چھرو مُنافقيءَ جو.

اُوندھ جو جهنگ گهاٽو، ويندو سَڙي تون ڏِسجان!
پَوندو ڦُٽي اِنھيءَ مان، رستو پِرھ ڦُٽيءَ جو.

هِن زندگيءَ ۾ مون لئه، آهي اِهو ئي ڪافي،
ناياب، پيار، مُونس، سِپَ، عَون ۽ مِلِيءَ جو.
*

روز دل جي گهٽيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

روز دل جي گهٽيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.
توسوا زندگيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

چاهتون، چنڊ، چيٽ، چانڊوڪي،
قُرب واري ڪَتيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

جاڳ ويئي اکين کي اورانگهي،
خواب جي خودڪشيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

پيرَ واريءَ ۾ ٿي وَيا تَحليل،
هاڻ سنڌو نَديءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

توڙي آهي سُڃاڻ آڳاٽي،
مان صدين کان صَديءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

منھنجو چھرو وِڃائجي ويو آ،
مان به ڪنھن اَجنبيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.

توکي ماڻڻ جي مُند گُذري وَئي،
هاڻ اِن بيوسيءَ ۾ ڀَٽڪان پيو.
*

وارَ ريشمي کولي.

وارَ ريشمي کولي.
سمنڊ کي ٿي ڇاڇولي.

رنگ آسمانيءَ کي،
خواب ۾ ڇڏيئي گهولي.

زندگيءَ جي سانجهيءَ ۾،
پيار ڇو نٿو ٻولي.

راند ۾ لِڪِي اهڙو،
مان نه پو سگهيس ڳولي.

پاڻ کي نٿو لَڀجان،
روھ ۾ وئي رولي.
*

گهاٽ تي ايندي گهٽا گهنگهور ٿي.

گهاٽ تي ايندي گهٽا گهنگهور ٿي.
پرَ پکيڙي جُهومندس مان مور ٿي.

ڪنھن بُکايل ٻار سپني ۾ ڏٺو،
چنڊ مانيءَ جو پيو آ ڀور ٿي.

من جو لاٽوئڙو اچي ڦيرائي تون،
پيار جي رنگين ويڙهيل ڏور ٿي.

هٿَ جوڙڻ ۾ وڏي آسيس آ،
تون نه اَرڏائي ڪرڻ ۾ زور ٿي.

تون نه چيتي جي ڇِتي چينگهاڙ ٿي،
ڊيل جي ڀِٽَ تي نِماڻي ٽور ٿي.
*

آفاق جي اکين ۾ آ چنڊ خواب جھڙو.

آفاق جي اکين ۾ آ چنڊ خواب جھڙو.
ٽِمڪن پيا ستارا اُن مَنجهه آب جھڙو.

ڪنڊن جيان اکين ۾ چھرا چُڀي رهيا ها،
تن ۾ لڳو هو تنھنجو لھجو گُلاب جھڙو.

پيرن مَنجهان ڦُٽي پيا ٿُوهر ٿَڪن جا ڏاڍا،
ڦھليو سفر پيو آ سامھون سَراب جھڙو.

هر روز ٿو نِپوڙي هي وقت زندگيءَ کي،
هر پل ڪَٽيان ٿو جيون جُهرندي عذاب جھڙو.

تنھنجون خُمار ڳالھيون ڳالھين ۾ جلترنگ ها،
ٽھڪن ڇڏيو بڻائي دل کي رباب جھڙو.

ڇُلڪيا اکين جا ساغر نمڪين ٿي خُماري،
دل ۾ لٿو وڇوڙو بڻجي شراب جھڙو.
*

عشق جي دل مٿان عنايت آ.

عشق جي دل مٿان عنايت آ.
پيار سان زندگي سَلامت آ.

تنھنجي نيڻن ۾ ٿو خُدا مُرڪي،
سُونھن تنھنجي اِلاهي آيت آ.

تِروِرا ٿو تلاشيان گُهگهه ۾،
جُستجو جاڳ جي علامت آ.

درد جي پَرستش ڪئي آ دل،
زندگي روڳ سان رفاقت آ.

هُو ستارن جي ڦِري ٿي تَسبيع،
چنڊ، آڪاس جي تلاوت آ.

مون ڏني ننڊ هُئي اَمانت ۾،
خواب ۾ تو ڪئي خَيانت آ.
*

چڻنگ ڀنڀٽ ڪري ٻَرِي آهي.

چڻنگ ڀنڀٽ ڪري ٻَرِي آهي.
گُهگهه اُوندھ پَئي ڏَرِي آهي.

هي پھاڙن کي ٿي ڪري پُرزا،
زندگي خاڪ جي ذَرِي آهي.

دل جا اِدراڪ تو ڪيا روشن،
درد! تنھنجي کُلي دَرِي آهي.

تيز ٿڌ، رات، روڊ، مڌهوشي،
مَڌ ۾ اڄ مليل مَرِي آهي.

برف باري اکين تي ٿي ايڏي،
ننڊ خوابن ۾ وَئي ٺَرِي آهي.
*

رنگَ ٿي، بي رنگيءَ مان نِڪري آ.

رنگَ ٿي، بي رنگيءَ مان نِڪري آ.
منھنجي مورت! مِٽيءَ مان نِڪري آ.

چاندنيءَ جي هَٽائي پَردي کي،
چنڊ جي تون دَريءَ مان نِڪري آ.

عَڪس تحليل ٿي وڃن تو ۾،
هاڻ تون آرسيءَ مان نِڪري آ.

جاڳ کي ڪر عطا نئون جيون،
خواب جي خودڪشيءَ مان نِڪري آ.

بَند مُکڙيءَ ۾ ڪيسين رهندينءَ تون؟
ڦول بڻجي ڪليءَ مان نِڪري آ.

پنھنجي حالن ۾ رھ نه هيڻو تون،
اُٿ اِنھي بيوسيءَ مان نِڪري آ.
*

ڇو ٿا تعلق کي تار تار ڪيو.

ڇو ٿا تعلق کي تار تار ڪيو.
ڪين هن دل کي داغدار ڪيو.

اُس زخمي ڪري ڇڏي هي ڪنهن؟
ڪنهن ته پاڇي مٿان آ وار ڪيو.

مان ته موٽي اچان ها پر منهنجو،
ڪنهن به ڀلجي نه انتظار ڪيو.

ڪجهه نه ڪجهه هو ضرور وڇڙڻ ۾،
عاشقي تنهنجي اَشڪبار ڪيو.

هڪڙي ڌَڪ سان ورهائجي وياسين,
وقت اهڙو لڪي آ وار ڪيو.

عاشقي، انتظار، حُسناڪي،
پيار ئي پيار بيشمار ڪيو.

ڪين پاڇو به ڪو هيو جنهن تي،
پاڻ رستو سو اختيار ڪيو.
*

خامشي کي ختم ڪَري ڇڏجي.

خامشي کي ختم ڪَري ڇڏجي.
شور ۾ شور کي ڀَري ڇڏجي.

جيئن ٻرندڙ ٺري پوي هيءَ دل،
ساھ اهڙو ٿڌو ڀَري ڇڏجي.

مون ۾ هُن جي اچي نظر صورت،
کيس ايئن ڌيان ۾ ڌَري ڇڏجي.

منهنجي پويان نه پو اچي ڪڏهن،
دور پاڇو ڪٿي پَري ڇڏجي.
*

اُداس شام جو ڪو منظر هو.

اُداس شام جو ڪو منظر هو.
اکين ۾ سرمئي سمندر هو.

مان انهي ۾ رهيس اڪيلو ئي،
خواب نيڻن ۾ جيڪو کنڊر هو.

درد کي ديوتا بڻائي مون،
دل جو آباد ڪيو مندر هو.

ڪو به لنگر انداز ڪين ٿيو،
دل جو برباد رهيو بندر هو.

هي دنيا گهڻي لڳي سوڙهي،
منهنجو جيڏو وشال اندر هو.

هڪڙو ڦٿڪي رهيو هيو پاڇو،
هڪڙي پاڇي جي هٿ ۾ خنجر هو.

سِج ڦٿڪي رهيو هُيو اُسَ ۾،
نيرڙو آسمان بنجر هو.
*

دربدر دربدر رهيا آهيون.

دربدر دربدر رهيا آهيون.
درد جا همسفر رهيا آهيون.

سُڌ پنهنجي رهي نه آ ڪاڀي،
عمر ڀر بي خبر رهيا آهيون.

لفظ بڻجي نه جو سگهيو ڪڏهين،
پاڻ اهڙو اکر رهيا آهيون.

وقت تھخاني ۾ ڇڏيو اُڇلي،
ڪو اَجايو وکر رهيا آهيون.

پاڻ توکان سوا اکيون هوندي،
بي خبر! بي نظر رهيا آهيون.
*

بي دلي بيقرار ڇو آهي؟

بي دلي بيقرار ڇو آهي؟
دل تي غم جو غُبار ڇو آهي؟

پير آهن ڳرا پهاڙن جيئن،
زندگي بار بار ڇو آهي؟

عشق جو آ جهان درديلو،
عاشقي اشڪبار ڇو آهي؟

بند ٿين ئي نٿيون اکيون پل کن،
ايترو انتظار ڇو آهي؟

مون کي پَڪ آ نڀائيندي نه قسم،
دل کي پر اعتبار ڇو آهي؟
*

اُوندھ جا لھي آيا، پَردا اکين اڳيان.

اُوندھ جا لھي آيا، پَردا اکين اڳيان.
گُم روشني جا ٿي ويا، ڪِرڻا اکين اڳيان.

توکي چِٽو ڏِسڻ جي، خواهش گهڻي هئي،
عينڪ جا پر اچي ويا، شيشا اکين اڳيان!

ڌُنڌلائجي ويو منظر، پئي ماڻڪيون ٻُڏيون،
انداران اُڀامي آيا، ڳوڙها اکين اڳيان.

ماڻهو رهيا نه آهن، ساڳيا خُلوص وَند،
ڦِرندا وَتن ٿا بيحِس، پاڇا اکين اڳيان.

ڪيڏي نه بيوسي هئي، ڪيڏي سِتم ظَريفي،
ساڙيائون ديس! تنھنجا سپنا اکين اڳيان.

گُم ٿي ويا ڪٿي سڀ، جن ساڻ مُحبتون هُون،
اڄ ڀي چِٽا ڏسان ٿو، چھرا اکين اڳيان.
*

ننڊ کي ٻاري ڏياري ٿو ڪيان.

ننڊ کي ٻاري ڏياري ٿو ڪيان.
خواب جي منظر نگاري ٿو ڪيان.

ڪوري ڪاڳر کي سُڃو صحرا ڪري،
سِٽَ لکي هڪڙي اڃاري ٿو ڪيان.

زندگي ٽيشڻ پراڻي پيار جي،
جنهن تي تنهنجي انتظاري ٿو ڪيان.

تنهنجي اکڙين مان تصور ۾ سدا،
مڌ اوتي مئخماري ٿو ڪيان.

ڏک پنهنجي کي دلاسا ٿو ڏيان،
پاڻ سان اڄ غمخواري ٿو ڪيان.

لڙڪ پوکيندو رهيون آهيان سدا،
روز تن جي آبياري ٿو ڪيان.
*

جيئن مڇي آب مان نٿي نڪري.

جيئن مڇي آب مان نٿي نڪري.
زندگي خواب مان نٿي نڪري.

اڄ به هن جو سحر آ خيالن تي،
سوچ ناياب مان نٿي نڪري.

هر گهڙي ۾ سڪون ڳولي دل،
وقت بيتاب مان نٿي نڪري.

تون ئي تون ٿي اچين نظر مون کي،
اک مھتاب مان نٿي نڪري.

ناو جيون جي کائي گهوماٽيون،
وقت گرداب مان نٿي نڪري.

دل تي ايڏو وسي وئي آن جو،
تنهنجي سيلاب مان نٿي نڪري.
*

وڃي ٿي وڪوڙي غمي کلندي کلندي.

وڃي ٿي وڪوڙي غمي کلندي کلندي.
هليو ٿو وڃي آدمي کلندي کلندي.

گهڻي ئي وساري مون ٽھڪن سان ليڪن،
ٿي محسوس تنهنجي ڪمي کلندي کلندي.

الائي ته ڪهڙي هئي کوٽ اڻ کٽ،
اکين ۾ جو ٿي وئي نمي کلندي کلندي.

ڪئين ٿي وئي ڪيفيت سرمئي آ؟
ڪٿان آئي رُت آگمي کلندي کلندي.

پرينءَ جا پرھ جيئن هئا پار پڌرا،
وئي شام ٿي شبنمي کلندي کلندي.

اها يادگيري چٽيل چت تي آ،
ڪٽي رات هئي پونمي کلندي کلندي.
*

اکين سان اکين کي ڪڪوري وئي.

اکين سان اکين کي ڪڪوري وئي.
سڳو ساھ ۾ سِڪَ جو سوري وئي.

مان ذرڙين ۾ وکريو پيو آهيان،
ڀرم جي هو شيشن کي ڀوري وئي.

وِسڻ ڪين دل کي ڏنو هن ڪڏهن،
جڏهن آئي دردن کي سوري وئي.

اکين ۾ تکا ڪي ته خنجر هُئس،
جڏهن ڀي ڏٺائين ته ڪوري وئي.

وڄي سانت پازيب بڻجي پئي،
چُمي ساڻ چُپ کي به چوري وئي.

هئي هيڻي هيڻي سڄي زندگي،
مگر مشڪلاتن کي ڏوري وئي.
*

سيني جي صحرا ۾ دل هرڻي ڊوڙي ٿي.

سيني جي صحرا ۾ دل هرڻي ڊوڙي ٿي.
اُڃَ لهرون لهرون ٿي ساهن کي ٻوڙي ٿي.

هن پٿريلي چنڊ سان هر روز ٿي ٽڪرائي،
چانڊاڻ چري خود کي ايئن ڇالئه ٽوڙي ٿي.

هُن ساڻ رُتون سڀئي هُن ساڻ گهٽا رم جهم،
هوءَ نيڻ کڻي پنهنجا ندين کي موڙي ٿي.

ويڙهي ٿي وڃي ڪيڏي پيرن کي اداسائي
هوءَ رقاصا جڏهين ڇيرين کي ڇوڙي ٿي.

هر روز وڇوڙي جو ٿو جنڊ پِسي دل کي،
هر رات عذابن سان هي جيءُ نهوڙي ٿي.

هر ڏينهن سڄو وکران مان ذرڙيون ذرڙيون ٿي،
هر شام اچي مون کي ميڙي ۽ سهيڙي ٿي.

جيون جو وڻ سڄو جنجهيل آ دردن سان،
هي دل ان کي ڌوڻي ڳوڙهن کي ميڙي ٿي.
*

سُڏڪندي ساھ ساھ ڀوڳيو آ.

سُڏڪندي ساھ ساھ ڀوڳيو آ.
زندگيءَ بيگناھ ڀوڳيو آ.

سمنڊ جيڏي سزا وڇوڙي جي،
درد جو دل درياھ ڀوڳيو آ.

زندگي، موت جي سزا جھڙي،
اَنت تائين اَٿاھ ڀوڳيو آ.

حادثو، حادثي پُٺيان ٿئي ٿو،
روز ٿيندي تباھ ڀوڳيو آ.

هرڪو ٻاري هليو وڃي ٿو پر،
ڪنهن وسائي نه باھ ڀوڳيو آ.

عاشقي پنڌ آهي ٽانڊن تي،
ٿي پٿون پير چاھ ڀوڳيو آ.
*

عمر ڀر لئه موڪلاڻي ٿي وئي.

عمر ڀر لئه موڪلاڻي ٿي وئي.
عشق جي آتم ڪھاڻي ٿي وئي.

مان نه راڻو ٿي سگهيس هن کان سوا،
مون سوا پر هوءَ راڻي ٿي وئي.

مون پڇي هن کان محبت جي وصف،
هن ڏٺو مون کي نماڻي ٿي وئي.

ريل هن کي وئي وڇوڙي جي کڻي،
عمر ڀر جي موڪلاڻي ٿي وئي.

مون ڏسي هن کي نظر سان ئي ڇُھيو،
هوءَ شرم ۾ پاڻي پاڻي ٿي وئي.
*

موت محبوب جو اشارو آ.

موت محبوب جو اشارو آ.
زندگي خواب جو نظارو آ.

موت اهڙو ڳُجهو اِشارو آ.
زندگي لئه نه سمجهه وارو آ.

گُهور تنهنجي سَمونڊ جيان گَھري،
اَکَ تنهنجي ڪَٺن ڪنارو آ.

ايترو زهر ڀريل آ تو ۾،
تنهنجو پاڇو به ٿيو ڪسارو آ.

منهنجون هاڻي اکيون کليون آهن،
هي وڇوڙو به ڪو اُٿارو آ.

فائدو ڪو به ناھي ساڀيان ۾،
منهنجي هر خواب ۾ خسارو آ.
*

رَڳ رَڳ ۾ رَچيل راحت، پَڳ پَڳ ۾ پيار ڇمڪي.

رَڳ رَڳ ۾ رَچيل راحت، پَڳ پَڳ ۾ پيار ڇمڪي.
لِڱ لِڱ ٿيو نشيلو، اَک اَک خُمار ڇمڪي.

دل دل ۾ دوار تنهنجا، جيءُ جيءُ ۾ جَهروڪا،
پَن پَن تنهنجو پَڙاڏو، وَن واس يار ڇمڪي.

گُهنگهرو گَهٽا گَهٽا ۾، ڪَڻ ڪَڻ جو رِڌم جُهومي،
کِنوڻيون کِجِي کِجن ٿيون، موسم ملھار ڇمڪي.

پيڙا جي وَڄي پايل، ساهن جا سُرمئي سَرگم،
ڳَڙ ڳَڙ ڳَلن تي ڳوڙها، ٿو انتظار ڇمڪي.

ڪيڏا اُداسين جا، پاڇا ڊِگها وڻن کان،
ٽَڙ ٽَڙ هَوا ۾ ٽَڙڪا، ٽُٽندي ٿو ٽار ڇمڪي.

پَر پَر پکين جا اُڀ کي، اُڏندي ڪَڇين ٿا ڄڻ،
تَڙ تَڙ تنوار ٿِرڪي، ڦَڙ ڦَڙ اُڏار ڇمڪي.
*

هوا کي چپن ساڻ چنچل ڪري.

هوا کي چپن ساڻ چنچل ڪري.
گهٽائن کي پنھنجو ٿي آنچل ڪري.

وڳو چنڊ مان تو سِبائي ڇڏيو،
ڇڏي آھ چانڊاڻ مَلمَل ڪري.

ڦِري ها نه جيڪر هي ڌرتي ڪڏهن،
سگهي ڪين ها وقت هلچل ڪري.

عجب خيال جي دل تي اِنڊلٽ کِڙي،
وئي ساھ صحرا به جَل ٿَل ڪري.

اکين تي لَٿيون حُسن جون آيتون،
وَحيءَ جيان مُحبت کي نازل ڪري.

ڳلن کي ڏنو رنگ تو باک جو،
اکين ۾ ڇڏِي رات ڪاجل ڪري.
*

سَڏن سان ڊَٺل کي اَڏيندو وَڃي.

سَڏن سان ڊَٺل کي اَڏيندو وَڃي.
ڪو ويندڙ کي آواز ڏيندو وَڃي.

ڪٿي ڪير موٽي اچي ٿو مگر،
ويل وقت کي ڪو سَڏيندو وَڃي.

ڏني وقت کي مون ئي گردش هئي،
اهو ئي ٿو پُٺتي ڇَڏيندو وَڃي.

ڪٿي ڪير آهي رهيو مُستقل،
لَڏيندڙ سدا ٿو لَڏيندو وَڃي.

الائي اُهو آھ رستو ڪٿي؟
جو تو ساڻ مون کي گَڏيندو وَڃي.
*

رُڃَ ۾ آب! تون ڪٿي آهين؟

رُڃَ ۾ آب! تون ڪٿي آهين؟
سُڃَ سيراب! تون ڪٿي آهين؟

جنھن جي تعبير مان پيو ڀوڳيان،
اَڻ ڏٺل خواب! تون ڪٿي آهين؟

تنھنجي ڳولا کُٽي نٿي مون کان،
منھنجي ناياب! تون ڪٿي آهين؟

ساھَ اُوندھ ۾ وَڃن ٿا ٻُڏندا،
مَن جا مَھتاب! تون ڪٿي آهين؟

توکي آوارگي پُڪاري پئي،
روح بيتاب! تون ڪٿي آهين؟
*

موھ مَڌ ماتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

موھ مَڌ ماتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.
هر جنم پاتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

دل هوائن جي سُريلي ساز تي،
ديس کي ڳاتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

مان سڄو رنگين ٿي مھڪي پيس،
رنگ تو لاتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

چَڪَ تي پنھنجي هٿن سان چاڙھ تون،
مان به هان آتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

ڪنھن به شيشي کي اَمرتا ڪين آ،
مون اِهو ڄاتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.

مان تڏهن باغي سدا ڇِڪجو اچان،
ڪو ته آ ناتو مِٽيءَ جي رُوپ ۾.
*

اُونداھ ٿي وئي آ.

اُونداھ ٿي وئي آ.
گُمراھ ٿي وئي آ.

سُھڻي ڪٿي ٻُڏي آ؟
درياھ ٿي وئي آ.

ڏِسُ! چڻنگ عشق واري،
آڙاھ ٿي وئي آ.

مان ٿَيسُ ٺَھي مُڪمل،
ڀَڃ ڊاھ ٿي وئي آ.

مايوسين ۾ مون لئه،
اُتساھ ٿي وئي آ.

هُن کي کڻان ته جِيئان،
هوءَ ساھ ٿي وئي آ.
*

ڏک ۽ ڳوڙها ڌرتيءَ جا.

ڏک ۽ ڳوڙها ڌرتيءَ جا.
مون وٽ نوحا ڌرتيءَ جا.

تو ئي مون کي سمجهايو،
عشق، او پوڙها! ڌرتيءَ جا.

مون لئه روز وڃن ٿيندا،
رستا سوڙها ڌرتيءَ جا.

تنهنجي اک ۾ ڪنڊن جيئن،
ماڻهو سارا ڌرتيءَ جا.

اڄ ڀي توسان اٽڪن ٿا،
دولهه دريا ڌرتيءَ جا.

وڍجي ڀي هي کٽندا ڪين،
وڻ ٽڻ ساوا ڌرتيءَ جا.

مون لئه من جي آٿت هي،
رڃ ۾ پاڇا ڌرتيءَ جا.

ڪيسين ڪيرائيندين تون؟
رت ۾ لاشا ڌرتيءَ جا.

پيرون پيرون ٿي ويندا،
جَلندڙ جهولا ڌرتيءَ جا.
*

رت ٽِمندي ڏٺو مون خَنجر مان.

رت ٽِمندي ڏٺو مون خَنجر مان.
ڪو هليو ويو پُٺيرو مَنظر مان.

رنگَ سانوڻ جا وَٽس آهن سڀ،
پياس مون ۾ بي اَنت بنجر مان.

غور سان مون جڏهن ڪَنائي ٻُڌو،
ڪنھن مون کي سَڏيو پئي اندر مان.

شام کي هيڪلو ڇڏي اڪثر،
سج! ڳولين ٿو ڇا سمندر مان؟
*

سَکي! پاڻ سان تون سَنگي ڇڏ.

سَکي! پاڻ سان تون سَنگي ڇڏ.
ڏئي رنگَ دل کي رَنگي ڇڏ.

ٽُٽي جيئن تَسلسل نه مَنصور جو،
تون ڦاهيءَ تي چاڙهي ٽَنگي ڇڏ.

دعائن ۾ ڀُلجي وِسارين مَتان!
ڀلي بي دليو ئي مَنگي ڇڏ.

ڇڏي ڏي تون موقعو ملڻ جو،
زهر کي اوڳاڇي ڏَنگي ڇڏ.

ڪڏهن ڀي نه خود کي ڇڏائي سگهان،
تون وارن ۾ اهڙو وَنگي ڇڏ.

هوائن ۾ وَڄندو رهان عمر ڀر،
چپن کي چپن سان چَنگي ڇڏ.
*

ڏني تو چپن مان جو امرت ذَري.

ڏني تو چپن مان جو امرت ذَري.
ته فانوس بڻجي پياسين ٻَري.

ڪڏهن چنڊ! تون ڀي وَٽس آ لھي،
ڀلا ڪيسين اُڏري چڪوري چري؟

چتا تي وُٺيون جو گهٽائون گَجي،
ته اَگنيءَ اُجهامي پئي آ ٺري.

گهٽي گيت ساڳيو پئي گُنگنائي،
ڏُکاري اُنھيءَ کي ٻُڌي پئي دري.

سڄي ڏيھ کي تون ته ڏيندڙ هُئين،
اَگهائي نه تو ڪا دُعا جي ذري.
*

نظم

---

واري آلا نيڻ اُگهي ٿي!

واري آلا نيڻ اُگهي ٿي!

هوءَ جي ايندي گهٽي دل جي،
ڌڙڪن ڌڙڪن ڌُوڙ اُڏائي،
مھڪي پَوندي مِٽي دل جي،
پايل پيرن ۾ ڇمڪائي.

ڪهڙو مور ٽَھُوڪيو مون مان،
ڪهڙي ڊيل ڊُڪي وَئي دل ۾،
پَل پَل ڪوئل ڪُوڪيو مون مان،
سانجهه لٿي ڪا سُرمَئي دل ۾.

ڪَڪرن هيٺان ڪَرڪن ڪُونجون،
مون ۾ هڪڙو روھ رَڙي ٿو،
چوڏَس گوڙ گهٽائون گُونجون،
ڳوڙهو ڳوڙهو بُوند ڳَڙي ٿو.


اُڃَ جي رنگ گَهڙيو آ جيون،
تنھنجي تانگهه تَراشيا سپنا،
بادل ڪنھن کي ڳولي بَن بَن،
بُوندن مَنجهه سَمايا سپنا.

هَرڻي جھڙي هيسيل آشا،
صحرا سانڍي ساھ ڊُڪي ٿي،
ڌُنڌلا ڌُنڌلا پاڻيءَ پاڇا،
ڊِھ تي ڊُڪندي ڪين رُڪي ٿي.

ڀِٽَ تي ڀَڙڪِي سِج ٻَريو آ،
اَڪَ تپائي لُوءِ لڳي ٿي،
ٿُوهر ٿڌڙو ساھ ڀَريو آ،
واري آلا نيڻَ اُگهي ٿي!
*

پٿر پٿر تنھنجي پيڙا

پٿر پٿر تنھنجي پيڙا

آليون پنھنجون اَکڙيون اُگهندي،
ڏونگر تنھنجو ڏَسُ پُڇي ٿو.
سَسَي! تنھنجا پيرا پُڇندي،
روھ رَتيون ٿي اڄ به لُڇي ٿو.

پنھنجي پيرن جي رَت سان تو،
ڇا ته لکي آ عشق-ڪھاڻي.
اَٽڪِي هر هڪ پَربت سان تو،
آھ نِڪوري منزل ماڻي.

پٿر پٿر تنھنجي پيڙا،
سَنگهر پَٽ آ سوڳ سمورو.
تو جي رت مان ٻاريا ڏيئڙا،
روشن ٿي ويو روڳ سمورو.


توبن آ ڀَنڀور نِڌڻڪو،
ڀاڻا عشق ڪيا ڀَڙڀانگ.
ڪو به هوا ۾ ناهي ڀُڻڪو،
تڙپائي ٿي تنھنجي تانگهه.

پنھونءَ جا ڪلهه پيرا پُڇندي،
پَربت تنھنجا پير ٿيا.
لَنوَ لَنوَ لھندڙ سِج ۾ لُڇندي،
پَھڻن کي ڀي پُور پيا.
**

ڳَڻپ جي ڳُجهارت

ڳَڻپ جي ڳُجهارت

الائي ته ڪھڙا اُهي اَنگَ هوندا،
جي توساڻ مون کي ڳَنڍيندا وري.
حياتيءَ جي پاڇي به خالي نه رهندي،
وصل سان وڇوڙا وَنڊيندا وري.

ضَرب، جوڙ، ڪَٽ، وَنڊ، پاڇي اِها،
حسابن جي حَرڪت رُلائي ڇڏيو،
نِشانيون رهيون اوپريون اوپريون،
سڄو وقت کوڙن کُٽائي ڇڏيو.

پَٽِي دل جي خالي سدائين رهي،
لکيو ڪنھن اکين سان نه اُن جي مٿان،
ڪيان ياد ها جنھن اکر کي پڙهي،
سبق پيار جو ڪين مليو ڪٿان.


وڏو وقت اُستاد مون کي مِليو،
جيئڻ جا رُلائي سبق جنھن ڏنا.
وڇوڙن لکيا درد امتحان ۾،
ڀِڄايا اکين پريم جا سڀ پنا.

ڪتابن جي مون تي لَٿي ڪَھڪشان،
لڳي لاک لفظن جي دل کي وئي.
ڪويتا هلي کير ڌارا بَڻي،
کِڙيا سُرمئي خيال اُن مان ڪئي.

ڳَڻپَ جي ڳُجهارت نه مون کان ڀَڳِي،
حياتي سمجهه کان مَٿاهين گهڻي،
رهي مون ۾ ديوانگي ڀٽڪندي،
رڙان عاشقي ٿو اکين ۾ کڻي.
*

بارش ۾ ڀِنل نظم

بارش ۾ ڀِنل نظم

جام ڪڪرن جا اکين ۾ اوتي،
موسمن کي ڪيو نَشيلو تو.
مِينهن جو مَڌُ ٿو وَسي توتي،
بارشن کي ڪيو رَنگيلو تو.

هر ڪَڻي ٿي لڳي چُمي تنھنجي،
تنھنجي ڀاڪُر جِيان هيءَ بارش آ.
آ گهٽائن ۾ مَئڪشي تنھنجي،
ڪيڏي پُرڪيف هر خواهش آ.

رنگ موسم کي تو ڏِنا پنھنجا،
ڪيتري پُرڪشش هي ٿي پَئي آ.
انگ هر بُوند سان ڀِنا پنھنجا،
اڄ ته برسات تو جان بي چَئي آ.


عڪس تنھنجو آ ميِنھن وَسندڙ ۾،
تنھنجو احساس دل ۾ آلو آ.
ڏيکَ اِنڊلٺ جا کِڙيا ڏسندڙ ۾،
خواب جو رنگُ ئي نِرالو آ.

مِينھن فطرت کي ڇڏيو آ ڌوئِي،
چيز هر ڪا آ ٿي پَئي اُجري.
مون کي ڪڪرن مان ڏِسي ٿو ڪوئي،
بادلن مان اکيون پيون اُڀري.
*

بي دليءَ جو بَنواس

بي دليءَ جو بَنواس

درد ٿو ڇوليون هڻي منھنجي اندر،
هر گهڙي پيو ٿو ٻُڏان مان پاڻ ۾.
ساھ ۾ آ بيقرارين جو بَحر،
زندگي جي آهيان ڇِڪتاڻ ۾.

ڪنهن به تعلق کي نه آهي ڪو دَوام،
ساٿ هر ڪوئي رهي ٿو مُختصر.
دوستيءَ ۾ ڀي لِڪل آ اِنتقام،
اعتباريءَ ۾ رهيو ناهي اَثر.

سُور مان ڪنھن ساڻ اوريان سُرمَئي،
رنگ خوشين جا سڀئي چاهين ٿا.
دل اُداسين کي ڪڪوري ٿي پَئي،
ويس ڪارو خواب ئي پائين ٿا.

بي سُڪوني بي رحم آهي گهڻي،
زندگي مون کي جيئڻ ڏئي ئي نٿي.
پَن وانگر پاڻ ۾ ڪِريس ڇَڻي،
زرد موسم دل مٿان هر پل لٿي.

تون ئي پنھنجي پير ۾ پائين ته ها،
عشق منھنجي جي جُتي هڪڙو دفعو.
ڪاش ڪھڙو رنگ ڀي لائين ته ها،
روح رهجي ها نه منھنجو بي رنگو.

آرسيءَ سان لُڙڪَ اورن ٿيون اَکيون،
عڪس سڀ ڌُنڌلائجي آهن وَيا.
خواهشن جون ڌُنڌ ۾ ذَرڙيون رَکيون،
شام جا مايُوس پاڇا ٿي پَيا.

دل لڳي ئي ڪين ٿي هاڻي ڪٿي،
بي دليءَ جو ڀوڳيان بَنواس پيو.
وقت پُھچايو اَلا! آڻي ڪٿي،
ڪو خدا کي ڀي نه آهي قياس پيو.

ڳوليان ٿو مان پناهون پيار جون،
عشق جا دل آشيانا ٿي اَڏي.
ٿيون وڃن رڻ مَنجهه راهون پيار جون،
پو به گهٻرايو نه منھنجي جِي جَڏي.

عاشقي منھنجي رهي ٿي روح ۾،
حُسن ئي مون کي ڏنو آ حوصلو.
ٽھڪ توکي منھنجا ملندا ٽُوھ ۾،
هيڪلاين جو آ دل سان قافلو.

جام ۾ ٻوڙي جيئان ٿو پاڻ کي،
هوش ۾ ڪيڏي نه آ تَلخي گهڻي.
مان ڪَري ڍُڪ ڍُڪ پيئان ٿو پاڻ کي،
زندگي تڏهين ته هلڪي آ بَڻي.
*

بُک بي رحم آ بُري اهڙي

بُک بي رحم آ بُري اهڙي

بُک ڀونڪِي رهي آ گهر گهر ۾،
ماس ماڻهن جا پئي پَٽي هاڻي.
دانھن دَٻجي وئي آ در در ۾،
زندگيون ٿي وَبا لَٽي هاڻي.

پيٽ خالي اکين جيان ننڊ کان،
بُک جي باھ ۾ سَڙن ماڻهو.
هي ڏٺو ڪين ٿو ٿئي چنڊ کان،
پيٽ دوزخ ۾ ٿا ڪَڙهن ماڻهو.

ٻارَ آهن گهرن ۾ سڀ هِيسيل،
خوف ۾ ٿا سڀئي ٻُڏن ماڻهو.
هيکلائي جي جنڊ ۾ پِيسيل،
پنھنجي اندر ۾ ٿا ڌُڏن ماڻهو.


آسرا پيٽ ڀريندا ڪيسين؟
هاءِ! غُربت جو ڦِري ٿو گهاڻو.
جنگ آهي وَبا جي هي جيسين،
ڀِينگ ڳِيھي ڇڏيندي هر ڀاڻو.

خوف اهڙو ڏَنگيو خوابن کي،
هاڻ ڦَٿڪن ٿيون ساڀيائون سڀ.
بُک وِهاٽي ڇڏيو گلابن کي،
ٿي وَيون قتل ڪَلپنائون سڀ.

سانت جي سَمفني به سُڏڪي ٿي،
گيت گُونگا ۽ ساز ٻوڙا ڄڻ.
دانھن هر ڪا اکين ۾ ڇُلڪي ٿي،
ذهن تي ٿا لڳن هَٿوڙا ڄڻ.

بُک جي آ تِکي ڇُري اهڙي،
ڪيئن آنڊن کي ٿي وڍي هر پل.
بُک بي رحم آ بُري اهڙي،
ڏندَ ڏائڻ جيان ڪڍي هر پل.

موت جو روپ وٺي آئي آ،
هي وَبا ڳيت زهر جي بڻجي.
زندگي ڀور جي بُکائي آ،
باک اُڀري ڪا مَھر جي بڻجي.
*

ديوسائي

ديوسائي

هي ”گِلگت“، گهٽائون، پھاڙن جون چوٽيون،
کِڙن کيپ هر ڏيک ۾ ٿا نِڪورا.
ڏسي گلگتي سُونھن، چيلھن تي چوٽيون،
لُڏن ٿا ڪئي منظرن جا هندورا.

”ٻُڌا“! توکي”بَلتين“وساري ڇڏيو آ،
مُجسم تون ”اِسڪر“ ۾ پوءِ به آهين.
پٿر تي به پيغام تنھنجو لکيو آ،
فنا ٿي سگهيو تون ته پوءِ به ناهين.

مٿان ”بابوسَر“ جي وَسي برف پيئي،
سَڙن هيٺ گرميءَ ۾ سڀئي ”چلاسي“
پَھاڙن تي هوريان رَسي برف پيئي،
اَنوکين ندين جو نظارو به ناسي.

او ”ڪُھنار“ ڪَجراري تنھنجي ڪنڌيءَ تي،
لَٿي شام آهي لَڄاري، نِرالي.
اَلئي هُن به ڇا گُنگُنايو نديءَ تي،
پَھاڙي سڄي جُوءِ ٿي وَئي جُهڙالي.

جُهڪي جِت پَھاڙن ڪئي آجيان آ،
اُتي شينھن وانگر وَهي ٿو سنڌو ڏِس!
ڏٺي ديس جي مون اُتي ساڀيان آ،
مٿان کان خدا جيئن لَھي ٿو سنڌو ڏِس!

لَٿا ڏيک ”ديوسائي“ جا دل مٿان جو،
گهٽا سُرمئي ڇانوَ ڪڪرن پَکيڙي.
ڍنڍون نيرڙيون خواب جھڙيون ڏسان ٿو،
اکين سُونھن فطرت جي ساري سَھيڙي.

*ٻُڌا-گوتم ٻُڌ
*بَلتين/بَلتي-بلتي ٻولي ڳالھائيندڙ=بَلتستان جا رهواسي
*اسڪر-اسڪردو=گلگت بلتستان جو هڪ شھر
*بابو سَر-ڪي پي ڪي جي آخري پھاڙي چوٽي جيڪا 13700 فوٽ جي مٿاهين تي آهي
*ڪُھنار-درياءِ ڪُھنار
*چلاسي-چلاس گلگت بلتستان جو هڪ شھر
*ديوسائي-نيشنل پارڪ/گلگت بلتستان
*

جگجيت

جگجيت

سُر جي جَڳت جو مِٺڙو آواز آ نِرالو،
خوشبو گُهلي سدائين جنھن جو ڏنو حوالو،

هُن جي ڳَلي مَنجهان جي سُرَ، رنگ ٿِي اُڏاڻا،
نُوريءَ جي نظر جھڙا نِرمل هئا نِماڻا،

هر ڌُن ۾ دردِ دل جي ڌَڙڪن به ڌَڙڪندي هُئي،
ڪا آڳ اَزل واري سُر ساڻ ڀَڙڪندي هُئي،

راڳي وجود مان جو جُهونگار جنم ورتو،
سنگيت جي سُھاني سنسار جنم ورتو،

هر لفظ کي سُريلو انداز هُن ڏنو هو،
پُر سوز راڳڻيءَ جو احساس ڀي ڀِنو هو،


حيران ٿي خلا ۾ تارا ڪَنائيندا ها،
آڪاش جي مَنڊل تي چنڊ کي روئاريندا ها،

سورج به اُڀرندو هو آواز جي ٻُڌڻ لئه،
هر رات سان ستارا اِيندا هُئا ڪُسڻ لئه،

آواز هُن جو اُوندھ ۾ ديپ جيان ٻَريل هو،
بي چين ڄڻ زمانو آنند سان ڀَريل هو،

”چِترا“ جي آ چِتر جي چانڊاڻ ختم ٿي وئي،
جهيڻي هئي جا دل ۾ هر آس ڀَسم ٿي وئي،

پوپٽ ويا اُڏامي آواز جي گُلن جا،
غمگين ٿي ويا هِن سُر، ساز جي گُلن جا،

توڙي جو جسم هُن جو آ خاڪ ۾ ملي ويو،
آواز هُو ازلي پولار ۾ گُهلي ويو!
*

خواب ۾ مان وڃائجي ويندس

خواب ۾ مان وڃائجي ويندس

خواب ۾ مان وڃائجي ويندس،
ڪو کڻي ننڊ مان ته جاڳائي.
مان وري ڪيئن واپسي ايندس
ڪو ته مون کي به دَڳ کڻي لائي.

پنھنجو چھرو تلاش آ ڪرڻو،
اوپرو شخص ٿو رهي مون ۾.
پنھنجو پاڇو تَراش آ ڪرڻو،
تنھنجو هر عڪس ٿو رهي مون ۾.

پنڌ کي پير ئي مليا ناهن،
پيچرا ڪيئن پو وَڌن اڳتي.
سج-پاڇا ٿا شام کي لاهن،
ڪو به ڏيئو ٻَري نٿو پَرتي.

ذهن جي ته به اُڏار جاري آ،
خيال آڪاس ٿا وَڃن اُڪري.
لاٽ تارن جي مون اُڪاري آ،
ڏِسُ! خُدائي کان اڳتي ويس گُذري.

وقت جو دائرو نه ڪو آهي،
ڇا ته بي اَنت هي حقيقت آ.
ڪو به منھنجو وجود جِت ناهي،
پُر اِسرار ٿي وئي حيرت آ.

وقت جو وهڪرو نٿو رُڪجي،
پاڻ ۾ سڀ وڃي ٿو لوڙهيندو.
نيٺ ڪنهن کان ڀَلا اِهو پُڇجي،
آدمي ڪيسيتائين لوڙيندو؟
*

مُرڪ کي تو مَڙهيو آ موتين سان

مُرڪ کي تو مَڙهيو آ موتين سان

مُرڪ کي تو مَڙهيو آ موتين سان،
ٽَھڪَ موتيي جون ڄڻ ته مالھائُون.
وار ڪَڪرن جون ڇُلڪندڙ ڇائُون،
سانجهه اُجري آ بُوند جوتين سان.

تنھنجو، دل تي خُمار آ ڪيڏو،
موھ موکي، مُحبتن واري!
جام ڍُڪَ ڍُڪَ ۾ لڳو ڏِياري،
نينھن! تنھنجو نِکار آ ڪيڏو.

تنھنجي هاٺيءَ ۾ هٺُ آ هَرڻي!
روھ کي روز ٿي رُلائين تون.
ريت پاڻي ڪري ڇُلائين تون،
اُڃَ ۾ او هَوا مَٿان تَرڻي!

بُوندَ ۾ بَند تو ڪيو موتي،
سِپَ فاقا ڪَٽي ٿي کاري ۾.
شام جو سِج جي نظاري ۾،
تو جَلائي شَفق مَنجهان جوتي.

ساھ صحرا کڻي رهيو آهي،
لاکَ لُک جي لَٿي آ واريءَ تي.
اُسَ ڀِٽَ ڀِٽَ جي سَواريءَ تي،
سِجَ کي ڪير ٿو هَلي ڪاهي؟

چنڊ جي ناوَ، ستارن ڇوليون،
ڪھڪشائون، ڪَتين ڪنارن تي.
نينھن! تنهنجا نِکٽ ستارن تي،
ڪنھن ته ٽَيڙُن مَنجهان اکيون کوليون.

عشق جي آرسيءَ ۾ تون ڏِسجان،
رُوپ پنھنجو نئون نئون ڏسندين.
پاڻ کان پنھنجي سُڃاڻپ پُڇندين،
عاشقيءَ سان حَيات ڀَر مِلجان.

زندگي تنھنجي رنگ ۾ گُذرِي،
تنھنجي پاڇي ۾ حياتي پايان.
تو مَنجهان پاڻ ٿو جهاتي پايان،
تنھنجي نيڻن مان هر پِرھ اُڀرِي.
*

خواب ۾ تون رُسي وَئي آهين

خواب ۾ تون رُسي وَئي آهين

خواب ۾ تون رُسي وَئي آهين،
جاڳ ۾ ڀي پَيو ٿو پَرچايان.
اُس ۾ تون پُسي وَئي آهين،
سانوڻين کي پَيو ٿو سَرچايان.

گهاٽ تي اڄ گهٽا لَٿي آهي،
نينگرين جو ڇَڏيا ڇَتا ڇوڙي.
سُرمئي ڏِسُ! سَنجها لَٿي آهي،
ڪيترا رنگ سُونھن جا جوڙي.

تنھنجي نيڻن کي روح ۾ اوتي،
حُسن تنھنجي جو مَڌُ پيتو آ.
رنگُ دل تان نه ٿو لهي ڌوتي،
مون اَڃان جام اَڌُ پيتو آ.

ٽھڪَ جھڙا اُڏن پَيا پوپٽ،
مُرڪ جا موتيا کِڙائين ٿي.
زندگي جا لَھيو وَڃن جَهنجهٽ،
تون جڏهن گيت گُنگنائين ٿي.

موسمن جا مِزاج ٿا مَٽجن،
ساري فطرت خُمار ۾ آهي.
وقت جا پيرَ ئي نٿا کَڄجن،
تنھنجي سڀ ڪُجهه حِصار ۾ آهي.

تنھنجي رستن مَٿي اُڏن جُگنو،
تنھنجي پيرن ۾ روشني ڪيڏي.
تارڙا سڀ پَيا لڳن جُگنو،
توتي موهت آ سرشٽي ڪيڏي.
*

منظر

منظر

اُداس سانجهه ٿي لَھي،
پهاڙ جي پَريان ڪٿي.
نَدي به سانت ٿي وَهي،
سُفيد ڏيک سڀ جَتي.

جُهڳي پَھاڙ جي مٿان،
اڪيلي هيٺ ٿي ڏِسي.
سنيهه واءُ جي هٿان،
ڪڪر مٿان پئي لکي!
*

برف چانديءَ جو روپ ورتو آ

برف چانديءَ جو روپ ورتو آ

سج ڪڪرن جي چيري چادر کي،
روز ڪرڻا ڇَٽي پھاڙن تي.
روز چشمن جي ڀَري ساغر کي،
ٿي لھي سُونھن آبشارن تي.

دور کان سبز وڻ ڊگها سڀئي،
پنڌ پَربت تي قافلي وانگر.
ٿي مُسافر ٿَڪل لڳا سڀئي،
برف باريءَ جي سِلسِلي وانگر.

پيچرا پَربتن جي پاڇي ۾،
ڄڻ ته پَلجي جَوان ٿيا آهن.
ڏِس ته ڪنھن ڪامڻيءَ جي ڪاڇي ۾،
سُونھن جي داستان ٿيا آهن.

برف چانديءَ جو رُوپ ورتو آ،
ٽيپو ٽيپو ڳرِي ندي ٿئي ٿي.
سون جو رنگ ڌُوپ ورتو آ،
ڇا ته آسيس اکين کي ڏئي ٿي.

سڀ واديون سُتيون پيون آهن،
هر طرف آهي سانت سُرمائي.
هيٺ کاهيون جُهڪيون پيون آهن،
۽ مٿن ڳوٺڙو آ ”ڪيوائي“.
*

چيريءَ جي ذائقي جھڙو نظم

چيريءَ جي ذائقي جھڙو نظم

پَٺاڻيون پَربتن جيڏيون،
برف وانگر اَڇون اُجريون.
وَڃن پيون ڪامڻيون ڪيڏيون،
نديءَ تي پُل مٿان اُڪريون.

اکيون ٿاڌل جيان ٿڌڙيون،
ڏسن ٿيون روز چشمن مان.
پري کان پِرھ جيان پَڌريون،
ٿيون جَرڪن جَر تي ڪِرڻن جيان.

چپن تي رنگ چيريءَ جو،
کَٽو ذائقو زبانن تي.
اَنگن ۾ آ انگوريءَ جو،
نَشو ڪيڏو حَواسن تي.

بَدن ڀُورو آ پِستن جيان،
۽ اَخروٽن جيان ڇاتيون.
حُسن کي پِي نٿو ڍاپان،
اکيون موهين مَڌماتيون.

کُليون وادين جيان ٻانھون،
ويون ويڙهي ولين وانگر.
وتيون سين خواب جون واهون،
ٽِڙي پياسين ڪَلين وانگر.
*

ڪاڪ جون ڪُنواريون

ڪاڪ جون ڪُنواريون

سُڳنڌون، سُرمئي شامون،
مِٽيءَ جو موھ موهي ٿو.
هي سانوڻ سانورو بَرسي،
اسان جو روح ڳوهي ٿو.

نشيلي آ ندي نيري،
ٿِڙن ٿيون کيپ ۾ لھرون،
ڪنارا ڪيف ۾ جُهومن،
مٿان موسم ڪيون مَھرون.

پَڳهه ڇوڙي تو ٻيڙيءَ جا،
اکيو پوري جو جُهونگاريو.
شَفق جھڙن سُرن سانول!
ٻُڏل سِج کي پئي تاريو.

لُڏي ٿي پِينگهه پاسي کان،
ڀِڄن ٿيون ڪاڪ جون ڪُنواريون.
ڇُھن ٿا پير لھرن کي،
نشيليون نينھنءَ ۾ ناريون!
*

خوابن جي ڪليسا

خوابن جي ڪليسا

نتيجا کوڙ ٿا نِڪرن،
حياتيءَ جي حقيقت مان.
سبق ڪو ڪو پِرائي ٿو،
عَذابن ۽ اَذيت مان.

سَڙان سگريٽ وانگر ٿو،
ڇَڻان پيو ٿو ڦُلن وانگر.
ٽِڙن ٿا خار اڄ مون ۾،
گُناهن جي گُلن وانگر.

نه ڪو سنگتي نه ئي ساٿي،
نه ئي ڪو رازدان دل جو،
کِڙي ها چنڊ خوابن ۾،
ڪٿي آ آسمان دل جو؟

خوابن جي ڪليسا ۾،
نِنڊون مَصلوب ٿي وينديون.
رُلي وئي راحبا دل جي،
اکيون آشوب ٿي وينديون.

وري صحرا سڏيو آهي،
رَڙي ٿي روھ ۾ واري.
دُکِي دل ڪُونج ٿي ڪَرڪي،
مٿان سِج باھ آ ٻاري.

ترائيءَ تي تِتَر ٻوليو،
لَنوي ٿو لات ٻاٻِيھو.
ڀِٽن تي باک اُڀري آ،
او ڪُونجن جا ولر بيھو!

سُرن ۾ وِڄ پئي ڪَڙڪي،
وَڄي ٿي بانسري وِلهه ۾.
جلي ٿي جاڳ جوتيءَ جيان،
ٻَري ٿي باهڙي چُلهه ۾.
*

اِنتھا

اِنتھا

چَري دل آهي سودائي،
وِرھ جا وِسوسا پالي.
وڏي ٿي آ ڏُکن ڄائي،
هزارين حادثا پالي.

ڏسي ٿي سُونھن کي جاتي،
اُتي هِن جو بَسيرو آ.
صدائن کي پئي تاتي،
مَنجهس صحرا اَنڌيرو آ.

ڇُھي ٿي اِنتھائن کي،
جنُوني جاڳ جي جوتي.
مَڃي ڪٿ ٿي خُدائن کي،
ڍَڪي ٿي پيار جي پوتي.

صليبن تي وڃي ڊُڪندي،
اَنگاسن تي اُڀي آهي.
وَتي مَقتل رُڳو پُڇندي،
شهادت ويس ٿي پائي.

ڪُلھي ۾ ڪِينرو پائي،
اُڻي ٿي درد جي چادر.
ڳھيلي ڳوٺ ۾ ڳائي،
دُکائي دانھن ٿي در، در.

سُھانو سانورو سانوڻ،
اُنھيءَسان عاشقي هِن جي.
اِهو ٿَس روح جو رانجهڻ،
وَڌائي زندگي هِن جي.
*

پَھاڙن مان پُڪاريو مون

پَھاڙن مان پُڪاريو مون

پَھاڙن مان پُڪاريو مون،
ندين وانگر وَهيو آهيان.
برف ۾ سِج اُڀاريو مون،
سفر ۾ ئي رهيو آهيان.

پَھاڙن جيان ڊِگها رستا،
وَهن ٿا آبشارن جيان.
هُو بارش ۾ ڀِڳا رستا،
نشيلا ٿيا نظارن جيان.

لھي ٿي شام وادين ۾،
چڙهن ٿا کيپ خوابن جا.
ڇُلن ٿا جام وادين ۾،
ٿِڙن ٿا کيپ خوابن جا.

وَسي ٿي بَرف ڪَڪرن مان،
سُفيدي ساز ٿي ڇيڙي.
اُجهائي اُڃَ جَهرڻن مان،
ٿي جُگنو راتڙي ميڙي.

بَرف ۾ بيقراري آ،
رَڙي ٿي آبشاري ڇو؟
اِها ڪنھن باھ ٻاري آ؟
جَلي ٿي انتظاري ڇو؟

نظارن جي نگاهن ۾،
ڦُٽي پيا عَڪس مَحبوبي.
سمايل سوز ساهن ۾،
مليو آ عشق مَجذوبي.

جُڙيل احساس ۾ مون سان،
رهي ٿي روح ۾ هر پل.
گُلن جي واس ۾ مون سان،
ٽڙي ٿي سانوري چنچل.
*

دامنِ ڪوھ تي

دامنِ ڪوھ تي

دامنِ ڪوھ تان هيٺ ايئن ٿو ڏسان،
دُور ٻَرندڙ بَتيون سڀ ستارا هُجن،
شهر ڪنھن خواب جيان ڏيک ڏئي ٿو پيو،
ننڊ جي کيپ ۾ خواب-چارا هُجن،
دُور ويندي مَٿي وَر، وَڪڙ پيچرا،
دِل ڏَڪائين ٿا پُرخطر ڪيترا،
سُونھن جو پو به احساس جاڳي پيو،
زندگي! تو ۾ وشواس جاڳي پيو،
برف جھڙي هوا لِڱَ ٺاري ڇڏيا،
چنڊ-چھرن ٿڌا ساھَ ٻاري ڇڏيا،
ڪيترو آهي سَنتوش ماحول ۾،
ڄڻ ته محبوب جي ڪو هُجا ن جهول ۾،
زندگي مَس ته آهي ڪا محسُوس ٿي،
ڄڻ ته آهي ٻري پيئي فانُوس ٿي،
ٽھڪڙن جا رُڳو جلترنگ ٿا ٻُرن،
هر طرف حُسن جا گُل گُلابي لُڏن،
واسَ ڪيڏا نه ساهن پکيڙي ڇڏيا،
ٿي پئي آهي خوشبُو ٿڌيري هوا،
اِنڊلٺي ٿا هوائن ۾ اُڏرن رَوا،
نينھن! تنھنجا نِگاهن ۾ اُڏرن رَوا،
دامنِ ڪوھ تي اَپسرائون لَٿيون،
ڄڻ فنا جي مٿان هِن بَقائون لَٿيون،
شام ”اِسڪاچ“ وانگر لڳي ٿي پئي،
۽ پھاڙن به چادر ڍَڪي سُرمئي،
روشنين جا کڻي جام جُگنو پُڳا،
رات کي حُسن جا کيپ آهن رُڳا،
روح کي آهي رنگين رنگن ڪيو،
مُند کي ريشمي آهي انگن ڪيو،
زندگي پوري جوڀن سان نِروار آ،
سارو سپني نُما ٿي پيو سنسار آ،
اهڙي مڌهوش ماحول ۾ پوءِ ڀي،
دل مُطئمن صفا هي ٿئي ڪونه ٿي،
دل جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ ڪُجهه کُٽل ٿو لڳي،
ڪنھن سِتاري جيان من ٽُٽل ٿو لڳي،
ڪَرَ موڙي ڪَتين جيئن جاڳي ڪَمِي،
منھنجي نيڻن جي بَرفائجي وئي نَمِي.
*

علي بابا

علي بابا

ڪھاڻي توکي ڳولي ٿي،
ڪھاڻين ۾ تنھنجي ڳولا.
تنھنجي خانه بدوشيءَ جي،
ڪٿا بڻجي ويا رستا.

مَگن تون من جي مستيءَ ۾،
تنھنجون ڳالھيون مِٽيءَ هاڻيون.
فقيري تنھنجي هستيءَ ۾،
حياتي تنھنجي آکاڻيون.

ٻَڌل تنھنجي آ پيرن ۾،
ٿَڪاوٽ عمر جي ساري.
سفر جي تو انڌيرن ۾،
ڏياٽي درد جي ٻاري.


رهيا تنھنجا سدا وکريل،
نه وارن کي سَنواريو تو.
تتيءَ تي پير پيا تنھنجا،
نه سُک جو ساھُ ساريو تو.

دريا جي دانھن ورنائي،
دُنگيءَ جو درد تو ڄاتو.
اکين ۾ اُڃَ کي پائي،
جُهڙالو رنگ تو پاتو.

موهن جي ماٺ آهين تون،
دَڙي جي دانھن تو ۾ آ.
رَڙن ٿيون تو ۾ چانڊوڪيون،
چِڪن ٿا چنڊ جا چارا.

اِها آوارگي تنھنجي،
هرڻ جي تشنگيءَ وانگي.
سموري زندگي تنھنجي،
ٿيل زخمي پکيءَ وانگي.

لکي ”منھنجون ڪهاڻيون“ تون،
ڪھاڻي ٿي ويو آهين.
جَڙي لفظن ۾ تصويرون،
مُصور ٿي پيو آهين.

عجب تنھنجو جِياپو آ،
نه ڪو ڀي ٿاڪ آ تنھنجو.
نه اوجاڳن جو ڪاٿو آ،
گريبان چاڪ آ تنھنجو.
*

ڏيئا ڏات جا

ڏيئا ڏات جا

ڏيئا ڏات جا تو جي ٻاري ڇڏيا،
اُنھن جي سُھائي اَڃان ٿي ٻَري.
سڄي سنڌ روشن پئي ٿي ڪَري.
تو اُوندھ ۾ جذبا اُجاري ڇڏيا،
ڏيئا ڏات جا تو جي ٻاري ڇڏيا.

ڏيئا ڏات جا سنڌ جي سِينڌ ۾،
تو ٻاري ڏِياٽيون ڪيو ٻاٽ کي.
فخر آھ تو تي اِهو لاٽ کي.
رَهين تون جياپي جِي اُميد ۾،
ڏيئا ڏات جا سنڌ جي سِينڌ ۾.

ڏيئا ڏات جا ڏيهه جا ڏوجهرا،
سِٽن ۾ وطن جي ڪھاڻي لُڇي.
پَنن تي اکين جو ٿو پاڻي لُڇي،
۽ لُڙڪن ۾ ڪيڏا لِڪل سوجهرا،
ڏيئا ڏات جا ڏيهه جا ڏوجهرا.
ڏيئا ڏات جا روح واري صَدا،
هوا ۾ اُنھيءَ جا پَڙاڏا اڃان.
ڀَلا ڌار توکي ڪئين پو مَڃان؟
سدا تنھنجي يادن جا سارس لَٿا،
ڏيئا ڏات جا روح واري صدا.

ڏيئا ڏات جا ماڳ جا ڏَس ڏين،
اِهي لفظ پيرا هَلون ٿا کَڻي.
هوائن ۾ اُڏري ٿي تنھنجي پَڻي،
سڀئي ديس واسي پيا جَس ڏين،
ڏيئا ڏات جا ماڳ جا ڏَس ڏين.

ڏيئا ڏات جا تو جَلائي رکيا،
چِٽو تن ۾ تنھنجو ميان! مُک آ.
انھيءَ تي سڄي ڏيھ جو ڏُک آ،
ڪويتا ۾ ڳوڙها لِڪائي رکيا،
ڏيئا ڏات جا تو جلائي رکيا.

ڏيئا ڏات جا روشني پيار جي،
مُحبت جي مَھڪار تو ۾ هئي.
فقيري به دلدار تو ۾ هئي،
هُئين تون ته تصوير اقرار جي،
ڏيئا ڏات جا روشني پيار جا.

ڏيئا ڏات جا اُس ۾ ڇانورو،
مگر ڌرتتي پنڌ تنھنجو هُيو.
نه ڪو جِت پُڳو هنڌ تنھنجو هُيو،
سدا راس تو، بَن ٿيو سانورو،
ڏيئا ڏات جا اُس ۾ ڇانورو.
)سائين عبدالحڪيم ارشد کي ڀيٽا(

ڳاڙهي بازار

ڳاڙهي بازار

ڳاڙهي بَزار مان ڪا،
دل جي دَري کُلي ٿي،
اُن ٻاهران لَتاڙيل،
هڪڙي گهٽِي ڏِسي ٿي.

جنھن جي ٻِنھي ڏِسن کان،
هر، در اڳيان آ ويٺل،
لائي ڳلن کي لالي،
دلڪش حَسين چَنچل.

خوشبو ڪري ڇڏي آ،
وارن کي ڇوڙي ڇوريءَ،
نيڻن جي دُئار کولِي،
پيرن جي راھ زوريءَ.


هر هڪ گِهٽِيءَ جي رونق،
نِکري وَڌائي ناري،
دل کي پَئي لُڀائي،
معصوم مُک واري.

ڄڻ آ بھار آئي،
ڪيڏا گُلاب چھرا،
دل ۾ لھي وَڃن ٿا،
کُليل ڪتاب چھرا.

چَڪلي جي پيچرن تي،
ڪيڏن جُتيون گَسايون،
۽ ڪيترين ئي پنھنجون،
هِت زندگيون جَلايون.

رنگين ڏينھن ڪيڏا،
شامون، شَفق رَتايون،
طَبلن جي تال ڪيڏيون،
هِت ناچڻيون نَچايون.

سانوڻ جي سانجهه سُرمئي،
ڪَڻ، ڪَڻ ٿَڌيون هوائون،
چَڪلي ۾ رُلندي پنھنجو،
جوڀن پيا ڀِڄايون.


هر
ديد نيِنڍ بڻجي،
پيئي ڇِڪي سَڀن کي،
هر مُرڪَ موهڻيءَ جي،
ڪيڏو وڻي اکين کي.

بِستر جي روز چادر،
ڪيڏا ٿي گُهنج جَنمي،
بي رحم ڀاڪرن جي،
جسمن ۾ باھ ڀَڙڪي.

هر صبح، شام مھڪِي،
بازار هي سَجي ٿي،
سانجهيءَ دُئار کولي،
نيلم اَچِي نَچي ٿي.

سازن جو سَحر موهي،
گيتن جي گُونج گهائي،
پيرن ۾ پائي پايل،
هُوءَ ناچڻي ٿي ڳائي.

ٿَر، ٿَر پيو ٿو ٿَڙڪي،
هر اَنگ اُڀري اُڀري،
ڇمڪي ٿي ڇير ڇم ڇم،
پيرن ۾ اُڏري اُڏري.



مَڌ ۾ ٻُڏل اکين تي،
ڏِس کيپ ناچڻيءَ جا،
احساسَ ڪَرَ ٿا موڙن،
رَڳ رَڳ ۾ راڳڻيءَ جا.

چَڪلي مٿان ٿو چمڪي،
هُو چنڊ، تارڙن سان،
دل جا ٿي ڏُک اوري،
هُوءَ خواب-چارڙن سان.

جنھن جي اکين ۾ آهن،
ڪُجهه خواب زندگيءَ جا،
گهر ٻارڙن سان ننڍڙو،
وَر ساڻ پَل خوشيءَ جا.

دل ۾ رَکي ٿي خواهش،
گُذري عزت سان جيون،
ڇو دربَدر رَهان هِت،
وِڪجان هتي ڇو کن کن،

ڪو پيءُ جو پَتو ۽،
ڪا ماءُ جي نه چِنتا،
پنھنجو هُيو نه ڪو ڀي،
ڪنھن ۾ هُئي نه مَمتا.



چَڪلي جي هر گِهٽِيءَ کي،
هر ڏينھن جي ٿَڪن آ.
دريون به نيڻ ٻُوٽيل،
ڏيئو ٿَڪل بَدن آ.

سگريٽ جيان سَڙن ٿا،
هِت خواب زندگيءَ جا،
وِکري وَڃن ٿا ٽُڪرا،
دل، آرسي ڀَڳيءَ جا.

هرڪو هتي اچِي ٿو،
تَسڪين تن جي ماڻي،
جوڀن جي ٻير ڳاڙهي،
ڌُوڻا ڏئي ٿو ڇاڻي.

جيون جي دوزخن ۾،
سوچي ٿي زندگيءَ تي،
مايوس هُوءَ آخر،
مُرڪي ٿي خودڪُشيءَ تي.

وَڻ وَڻ جي آهي ڪاٺي،
عورت بَڻي تماشو،
هر مرد جي اڳيان جنھن،
پنھنجو لِباس لاٿو.



هر ڪو اَچي ٿو اُڇلي،
هِت گند پنھنجي تَن جو،
اَنڌي هَوَسَ اُنھيءَ کي،
احساس ڪھڙو مَن جو.

وِڪڻي ٿي جسم جيڪا،
اُن جي نه ڪا پَڇاڙي،
ويران ٿي وڃي ٿي،
هُن جي بَدن جي ماڙي.

جوڀن هُئس ته ڇِڪجي،
هر ڪو وَٽس هو ايندو،
هاڻي ته ڪو به ڀُلجي،
هُن ڏي نه آ تڪيندو.

هُن جو وجود کائي،
تنھائي آ وئي ڏِس!
هُن کان پَري ڀَڃي ٿي،
هاڻي سَڄِي خُدائي.

چَڪلي جي چاندنيءَ مان،
نِڪري اچان ٿو ڇِرڪِي،
آلين اکين کي اُگهندي،
بَند ٿو ڪريان مان کِڙڪِي.
*

دوستي

دوستي

توکي دنيا جا مُبارڪ رشتا،
توکي رشتا عظيم تَر سڀئي.
دل جي ناتي کي ڪيئن نھوڙيو ويو،
توکي اِن ڳالهه جي نه ڄاڻ پَئي.

تنھنجي معصوميت وئي ڪاڏي؟
تنھنجي لفظن ۾ آ زهر ڪيڏو،
تنھنجي رَوين ۾ رُلي ويندس مان،
تنھنجي ڪاوڙ ۾ آ ڪھر ڪيڏو.

وقت اخلاص جو کُٽي پيو آ،
دل رشتو جُهرِي ٿيو پوڙهو.
زندگيءَ تي وڏو وزن آهي،
اک ۾ برفجي ويو ڳوڙهو.

توڏي ايندي رُلي ويا رستا،
شام مَدفُون ٿي وئي منھنجي.
انتظاريءَ جي رات ڪاري ۾،
تو به ڳولا نه پوءِ ڪئي منھنجي.

تون زماني جي رَش ۾ گُم ٿي ويئن،
ڪنھن وڃايل مان ٻارڙي وانگر.
چيچ تنھنجي ڇڏائجي ويئي،
ٿو جيئان ڪنھن ويچارڙي وانگر.

آڱريون نوٽ ڳڻيندي تنھنجون،
ڳُجهه جي ڳڻپ ۾ ٿيون تبديل.
هٿَ تنھنجا ڇڏائي هَٿ منھنجا،
فاصلن کي ڏئي ويا تَشڪيل.

مان ٿو سوچيان ائين به ٿيندو آ،
دوستيءَ جي عظيم رشتي ۾.
ايترو ڪَچ ڪٿان هي آيو آ؟
يار! تنھنجي اِنهيءَ سِرشتي ۾.
*

زندگي گُذري پئي

زندگي گُذري پئي

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
تون متان سَمجهين ويو ”باغي“ مَري،
ڪير، ڪنھن لئه ڪونه مَرندو آ، چَري،
ڳالهه منھنجي ياد تون رَکجان اِها،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ڄڻ ته ڪنھن نابين جي سپني جيان،
بي ڪفن ڪنھن لاش لاوارث جيان،
ڏُک ڏئي ٿو ڏيک هاڻي چوڏِسا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
بيقراريءَ جو نٿو گَهٽجي اثر،
هيڪلائي ٿي لڳي جھڙي قبر،

هاءِ! قبرستان ٿي وئي دل پِيا!

زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي تو کان سِوا،
جنگ جي ميدان ۾ رت جي لھر،
ڄڻ ڪھاڻي ڪربلا واري ڪھر،
خواب منھنجي پيار جا نيزي چڙهيا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ساھ ۾ ڀَرجي وئي آهي مِٽي،
سِج هيٺان ڌُوڙ ۾ آوارگي،
ڄڻ فَنا ٿيندي وڃي پيئي فِضا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ڄِڀَ منھنجي ٽُوھ آهي ٿي پئي،
اُڃ کارو کُوھ آهي ٿي پئي،
جسم ۾ آهن رڳو ٿوهر ڦُٽا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا
سِج ڪڪرن مان جئين نِڪري اَچي،
اُسَ ۾ جيئن ڀُونءِ ڪلراٺي تَپي،
گُهٽ ۾ بند ٿي وڃي ٿي جيئن هَوا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.


زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ماءُ روئي جيئن پُٽ جي لاش تي،
جيئن وِڇڙيل ڪُونجڙي آڪاش تي،
ساھُ ڏيندڙ آخري سُڃَ ۾ صَدا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
رَت ۾ جھڙو ٻُڏل گهر گهر هُجي،
ڄڻ ته هيروشيما جو مَنظر هُجي،
ماس جا اُڏرن هَوائن ۾ ڳَڀا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ڄڻ ڌَماڪو اوچتو بازار ۾،
حادثي جي ڪا خبر اخبار ۾،
ڄڻ اَڇي ڪپڙي مٿان رَت جا چُٽا،
زندگي گُذري پئي تو کان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
تو سِوا پنھنجي مَسيحائي نه ڪا،
عمر ڀَر سُک جي گهڙي آئي نه ڪا،
سڀ لڳن سنسار جا رنگَ اوپرا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.


زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
پنڌ آهي جو کُٽي ئي ڪين ٿو،
روح روئيندو وڃي غمگين ٿو،
جهنگ گهاٽو سڀ ڪَنڊاوان پيچرا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
ڍير تي اُڇلي ڇڏيل ڪنھن ٻار جيان،
ماءُ تي نفرت منجهاران گار جيان،
گند ۾ معصوم کي کائن ڪُتا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.

زندگي گُذري پئي توکان سِوا،
پاڻ پر توکان سِوا گُذرون نٿا،
درد جي آهي اَڃا ساڳي ڪٿا،
رنگَ جيون ۾ نه انڊلٺ جا کِڙيا،
زندگي گُذري پئي توکان سِوا.
*

اِجازت

اِجازت

زندگي! هاڻي اِجازت ڏي کڻي،
دُور وڃڻو آ گهڻو مون کي اَڃان.
اُڃَ پيرن کي سفر جي آ گهڻي،
ٿَڪَ، ٿوهر ڇانوَ ۾ ڪيسين ڀَڃان؟

جِيءُ جو جوڳي چوي ٿو اُٿ هلون،
سِجَ جا پيرا وڃن ٿا جنھن طرف.
ريت تَپندڙ جي مٿان اهڙو جَلون،
ٿي وڃي جيئن رڻ سمورو ئي بَرف.

اِنتھائن جون حَدون اورانگهجن،
ڪابه خواهش ڪين اَڻ پوري رهي.
ڪين جا موتي اَملهه ڪي ماڻجن،
ڪين منھنجا خواب ڪو ڳولي لھي.

روز جيئڻ جي روايت ۾ رُلي،
روح کي رولي ڇڏيو مون راھ ۾.
زندگي! توکي جيئڻ ويو هان ڀُلي،
سَرد سَناٽا سَمايل ساھ ۾.

مُشڪلاتن جا وڏا هِن سلسلا،
روز ويساھ گهاتيون گهائين ٿيون.
روز ٿو ويھان هارائي حوصلا،
دل کي هارايل گهڙيون پائين ٿيون.

هي جياپو جَنڊُ وانگر ٿو لڳي،
اَنَ وانگر روح ۾ ٿو پِيسجان.
ڏُکُ به دل کي ڏَنڊُ وانگر ٿو لڳي،
حالتن جي ٿو هٿان مان هيسجان.

روز منھنجا خواب ڪن ٿا خودڪشي،
روز منھنجي ننڊ ٿي مَصلوب ٿئي.
رات جھڙي آ ڀيانڪ بيوسي،
سِجُ به زخمي اُڀرندي آشوب ٿئي.

زندگي! زنجير پنھنجا ڪَر ڍِرا،
تو صفا جَڪڙي رکيو آ جِيءُ کي،
مان ڪِريل پولار مان تَحت الثريٰ،
قيد مان مون کي رهائي تون ته ڏي.

زرد آهن روح جا رستا سڀَئي،
دل پَنن وانگر وئي آهي ڇڻي.
ڀاڳ منھنجي ۾ رڳو آهي ڀَئي،
زندگي! مون کي اِجازت ڏي کڻي.
*

ڀَري ٿي ڀَرت جيون تي

ڀَري ٿي ڀَرت جيون تي

کِڙي ٿي خواب جي خوشبو،
وڃي ٿي ننڊ کي واسي.
اکين تي ريشمي گيسو،
سُتل هُوءَ ٻانھن تي پاسي.

ٻَرن ٿا ٻاٽ ۾ جُگنو،
ندي آ سَمفني ڇيڙي.
ڍَڪيو چنڊ ويس آ گيڙو،
لڳي لھرن مٿان ٻيڙي.

ورائي ٻانھن ڀاڪر سان،
ڀَري ٿي ڀَرت جيون تي.
چُمين جي تار ساغر سان،
نشيلا رنگَ نيڻن تي.

مُحبت جون مِٺيون ڳالھيون،
ڪَڪوريل ڪيفيت دل جي.
ڇُھن تنهنجون ڪنن-واليون،
وڃان ٿو روح ۾ ڇُلجي.
*

تصور جي پَرواز

تصور جي پَرواز

هر ستارو لڳي ٿو ٽانڊاڻو،
چنڊ جُگنوءَ جي خواب جھڙو آ.
اُڀ آهي خُدا جو آڏاڻو،
پر اُڻيندڙ الائي ڪهڙو آ؟

پوپٽن جي پَرن تي رنگيني،
ڪنھن جي آهي مَھا ڪلاڪاري.
هُو ترائيءَ تي تِتر تَرويني،
ڀِٽَ تي ٽور، مور جي پياري.

ماڪ ۾ ٿيون ڀِڄن ڪَليون ڪُنواريون،
پَنکڙين تي خُمار ڇايو آ.
مينھن پَنگهٽ مٿان، مِڙيون ناريون،
ڇا ته فطرت تي پيار ڇايو آ

هيءُ پرواز آ تَصور جي،
خيال تصوير جو ٿو رُوپ وٺي.
نيرڙي آ نظر سمندر جي،
ساحلن تي ڇُلي ٿي ڌُوپ وٺي.
*

سمنڊ جي پاسي

سمنڊ جي پاسي

کِلين ٿي خواب ٿا مھڪن،
ڏِسين ٿي وقت ٿو جُهومي.
ستارا تو ۾ ٿا ٽِمڪن،
ٽِڙن ٿيون چاندنيون تو ۾.

بڻيا سڀ رنگَ تنھنجي لئه،
تون رنگن جي ته راڻي آن.
ڇڏيئي خوشبو کي ڦھلائي،
گُلابن جي ڪھاڻي آن.

نديءَ جو نُور آهين تون،
وَهي ٿي روشني جَر ۾.
پتڻ جو پُور آهين تون،
مَڇيءَ جي زندگي جَر ۾.

ڀَرين ٿي ڀَرت خوابن تي،
ڇُرين ٿي ننڊ کي نيرو.
وَسِي بَرکا جيان بَن تي،
ڪرين ٿي سمنڊ کي نيرو.

لُڇان ٿو روز لھرن ۾،
ڪُٺو آهيان ڪنارن تي.
وَسان ٿو روز ڪڪرن ۾،
تَپان ٿو ريگذارن ۾.

شفق، شُعلا ٻَري ٿي پئي،
دُکي ٿي شام دُونھي جيان.
جُدائي سَڏ ڪري ٿي پئي،
وڃان ٿو سمنڊ پاسي مان.
*

درد جو دُونھون

درد جو دُونھون

اکين ۾ جاڳ آ جَلندي،
تڏهن ڪي خواب هِن پَچندا.
جئين لُک تيز تَر لڳندي،
تئين رِڻ روح ۾ رَچندا.

حياتيءَ جي گهٽي سوڙهي،
سُرنگ آ ساھ ۾ گَھري.
لڳي هر شام ٿي پوڙهي،
شفق جي آ ٽُٽل اَهري.

ٻُڏان ٿو پنھنجي ساهن ۾،
ڪُنن ۾ ڪيفيت آهي.
حياتيءَ جي نگاهن ۾،
وڃان ٿو سِج کي لاهي.

جلائي دل جي ٽُڪرن کي،
دُکايم درد جو دُونھون.
پُڪاريو مون پَڙاڏن کي،
نه صحرا جو مليو سُونھون.

اندر ۾ سُڃ ٿي سَھڪي،
رَڳن ۾ رِڻَ جا راڙا.
اکين ۾ اُڃَ ٿي ٽَھڪي،
ڪَڙهن ٿا روح ۾ ڪاڙها.

ملي آ مُفلسي اهڙي،
ڀَريل بازار ۾ مون کي،
ڪمائي قرض ۾ جھڙي،
ملي سنسار ۾ مون کي!
*

زندگيءَ جي زنجير

زندگيءَ جي زنجير

زندگيءَ جي زنجير آ جَڪڙيل،
قيد هي عمر جو ڪَٽيان ڪيسين؟
ساھ منھنجو سدا رهيو سُڪڙيل،
موت جي ماڳ کي مَٽيان ڪيسين؟

جاڳ خنجر جي نوڪ جھڙي آ،
روز زخمي ڪري ٿي خوابن کي.
ننڊ ڀي ڄڻ ته طوق جھڙي آ،
نيڻ ڀوڳين ٿا عذابن کي.
*

گوڙ

گوڙ

ٻُڏان ٿو گوڙ ۾ ھر پل،
ڪنارو ماٺ جو ناھي.
جيئڻ جي لوڙ ۾ ھر پل،
ڇڏيو مون پاڻ کي ڊاھي.

اُڪاري سمنڊ نيڻن سان،
وڃان ٿو خواب جي ساحِل.
اِھو سِڙھ چنڊ نيڻن سان،
ڪئي مون وَنجُهه پنھنجي دِل.

سِپيون سُوجهي ستارن جون،
لَڌو مون چنڊ جو موتي.
ڪَتيم ڪَتيون ڪنارن جون،
ته خوابن ۾ کِڙي جوتي.

لُڏن ٿيون لوڏ ۾ لھرون،
ھنڌورو سمنڊ ٿو ڀاسي.
سَمايون ڪوڏَ ۾ لھرون،
پٿر رنگين ھر پاسي.
*

دل جو ٽائيٽنڪ

دل جو ٽائيٽنڪ

سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِسُ سانوري!
سمنڊ تو ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇَڏي.
رنگَ تنھنجي روح ۾ پنھنجا گَڏي،
توتي لھرن جي ڪندو هي شاعري،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

تنھنجي ٻانھن جي ڪنارن تي سُمهي،
خوابَ ڏسندو تنھنجي نيڻن سان نَوان.
ننڊ جھڙي سُرمئي ساحل مٿان،
نانءُ لکندو پيار سان تنھنجو چُمي،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

تنھنجي وارن جي گهٽا گهنگهور ۾،
روح پنھنجي کي ڀَڄائي جُهومندو.
پاڻ کي تو ۾ وڃائي جُهومندو،
سِڪَ جَي ويڙهي ڇڏيندو ڏور ۾،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

دل جو ٽائيٽينڪ ٻُڏندو ڪين آ،
پيار جا سارس مَٿس هِن اُڏرندا.
خواب جا غوراب ڀَر مان گُذرندا،
سانجهه سِڙهن جي مَٿس رنگين آ،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

سمنڊ جي نيراڻ ۾ تنھنجون اکيون،
نينھن، نيرولي جيان نيريون ڪَري.
آسماني رنگ کي اُن ۾ ڀَري،
جُهومنديون اينديون گهٽائن جون سکيون،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

ڪَرَ موڙيندينءَ ته ڇوليون ڇُلڪنديون،
ساھَ تنھنجا سمنڊ کي ساڀيان ڪندا.
سِپَ مان موتي ٽِڙي آجيان ڪندا،
خواب جون بي انت مان کُلنديون دَريون،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

کير جھڙِي گج لھرن جي مٿان،
ڄڻ ته چانڊوڪي چُنر آ چاھ جي.
تون ٻُڌي پازيب اَچ درياھ جي،
جَل پَريءَ جي رُوپ ۾ توکي ڏسان،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!


تون ڪَنائي ٻُڌ ته ڪو آواز آ،
سَڏَ تو مان سمنڊ جھڙا ٿا ٻُرن،
ڪوَڏ جھڙي زندگاني ٿا گُهرن،
ريت جي ڪَڻ ڪَڻ اندر ڪو راز آ،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!

پنھنجي ساهن ۾ سمائي سمنڊ کي،
تون جي لھرن ۾ وڃين تحليل ٿي.
عاشقيءَ جي ڪا نئين تمثيل ٿي،
چنگ چاهت جو بڻائين چنڊ کي،
سمنڊ کي پنھنجو ڪري ڏِس سانوري!
*

زندگيءَ جي اُداس اکڙين ۾

زندگيءَ جي اُداس اکڙين ۾

تنھنجو تعلق به رُڌاليءَ جھڙو،
ڪنھن جي ميت تي روئڻ جو ڊرامو.
دوستي بي ڪَفن مَري ويندي،
وقت لکندو هي تعزيت نامو،

ڪنھن سُڃاڻپ جي ٽُٽل ڪَتبي سان،
شل ڪچي ڪا قبر نصيب ٿئي.
ڪو روئڻ وارو ڀَل هُجي نه مَٿس،
هڪڙو ڏيئو اُجهيل حبيب ٿئي.

جنھن سان دل جي وَنڊيان مان تنھائي،
دل آ منھنجي يتيم جو لاشو.
دوستيءَ ۾ شھيد آهي ٿي،
منھنجو وشواس مَري ويو پياسو.



مورتيءَ ۾ مُفاد سڀني جو،
هر ڪو مطلب جو آهي پُوڄاري.
هر ڪو چالاڪ آ زماني ۾،
گند جو ڍير هي دنياداري.

سانت، صحرا جِي ڏنگيو ساهن کي،
رِڻ، راتين جو رَڙي نيڻن ۾.
ننڊ آئي نه وِسائڻ ڪڏهين،
جاڳ خاموش سَڙي نيڻن ۾.

صبح کان شام تائين ڀَٽڪان ٿو،
پنھنجي پاڇي جِي وٺي آڱُر کي.
هاءِ! دنيا جي نظر کائي وئي،
منھنجي آباد دل جي آڳُر کي.

وقت، چَرخي جيان ڦِري ٿو پيو،
موسمن جا مزاج ته به ساڳيا.
هم مزاجي نه راس ٿي دل کي،
جيءُ، جلندڙ جبل جُهري جهاڳيا.

همسفر هر گهڙي رهي مون سان،
تنھنجي احساس جي اڪيلائي.
مون لِڪائي رَکِي خوابن ۾،
دل جي بَنواس جي اڪيلائي.


زندگيءَ جي اُداس اکڙين ۾،
گهاءُ جھڙو گيان آڇي ٿي.
نيرڙن، آگھي جي گُلڙن ۾،
مون کي گوتم جي شڪل ڀاسي ٿي.

دل ته دنيا کي تياڳيو تولئه،
ساھُ، سَنياس وَتو سُڏڪن جو.
غم جي گيڙو ڏِسان ٿو پرڇائي،
سج اُڀري ٿو روز اُلڪن جو.

عشق معراج تي پُڳو آهي،
تو لئه تڙپي تَپسيا من جي.
مُعجزن جو مثال بڻجي پَئو،
هاڻ پارت اَٿئي پِيا! من جي.

بي دليءَ جو بيان ڇا ٻُڌندين؟
مون ۾ اُتساھ ئي رهيو ناهي.
واسطو منھنجو مذهبن سان ڇا؟
دل جو الله ئي رهيو ناهي.

نا شناسيءَ جي خزان ڏاڙهي ٿي،
دل تي لاوارثيءَ جي موسم آ.
عڪس ٽُڪرن ۾ ويا وِکري سڀ،
ڏِسُ! ٽُٽل آرسيءَ جي موسم آ.


آڱريون جُستجوءَ جون زخمي هِن،
ٽُڪرو ٽُڪرو ٽُٽل آ، هِن دل جو.
راھ مان راھ ٿي نئين نِڪري،
ڪو پتو ناهي پنھنجي منزل جو.

وڻ جي ٽاري جان اڪيلو ٿي ويس،
ساٿ تنھنجو پکي جيان اُڏري ويو.
ڌِيان منھنجو نه هو حقيقت ڏي،
خواب جيان وقت توسان گُذري ويو.

دل جي آڱُر ڇڏائجي وئي آ،
مان کڙو آهيان تنها ميلي ۾.
پيههَ پاڇي ۾ وڃايو آهيان،
روئيندڙ ٻار جيان اڪيلي ۾.

مان ڪِران ٿو ٿِڙي ۽ ٿاٻڙجي،
ڪوبه ناهي کڻي ڪَري پنھنجو.
درد جي آهيان علامت ٿي پيو،
پاند هر ڪو ڪَري پَري پنھنجو.

دوستيءَ مون کي ڇڏيو ٺُڪرائي،
پيار! پنھنجِي اچي ڏي پنھنجائِپَ.
تُون اُڃاريءَ لئه بوُند! ٿي موتي،
ڪيڏي پياسي سمونڊ ۾ آ سِپَ.
ڪيڏي تاساري سمنڊ ۾ آ سِپَ.
*

ڏُک جي مُسافري

ڏُک جي مُسافري

رنگَ دل مان اُڏي ويا آهن،
بي رنگيني اکين ۾ ظاهر آ.
خوابَ سارا ٻُڏي ويا آهن،
درد سورج مُکين ۾ ظاهر آ.

موسمن جا مزاج مَٽجي ويا،
وقت ليڪن اَڏول آ ساڳيو.
پنڌ ۾ پيرَ دل جا ڦَٽجي پيا،
روح هي پو به رول آ ساڳيو.

زندگي زنگ ٿي وَئي آهي،
ڪَٽ دل تي چڙهي وئي ڪيڏي،
روڳ ۾ روح جي رَئي آهي،
سانت دل ۾ آ سُرمئي ڪيڏي.

هٿ منھنجو ڇڏيو تو رستي ۾،
مان اڪيلو مُسافري ڏُک جي.
ڪُجھ به ناهي حيات ڪَشتي ۾،
ڳالهه ماري ٿي پيار جي بُک جي.
*

رات رڙهي ٿي هوريان هوريان

رات رڙهي ٿي هوريان هوريان

رات رڙهي ٿي هوريان هوريان،
تارا تارا پنڌ پَرانھُون.
ڪتين کي ٿو روز ڪڪوريان،
ٽيڙو ٽيڙو ٽِمڪن آهُون

چنڊ جو روز هلائي چَرخو،
تارا تارا رات ڪَتيان ٿو.
آڏاڻو آ اُڀ سمورو،
تڙپي تنھنجي تات ڪَتيان ٿو.

چانڊوڪيءَکي چنگ بڻائي،
گيت وڇوڙي جا ٿو ڳايان.
دل جي دردن کي ڀَڙڪائي،
روز محبت مَچ مَچايان.

هاڻ ائين محسوس ٿئي ٿو،
ڄڻ ته ويو آهي ڪُجهه گُم ٿي.
ڪير پَرانھان سَڏَ ڏئي ٿو،
ڳوليندي من پيو آ ٿڪجي.

تنھائيءَ جي تال تي هيءَ دل،
جنمن کان پَئي جُهومي آهي،
ساهن جو سُنسان آ ساحل،
هاڻ هلان ٿو ٻيڙي ڪاهي.
*

موهن جو پاڙيسري

موهن جو پاڙيسري

ٻَلھڙيجيءَ جي مِٽي مُرڪي،
”موهن“ کي وَاڌايو هو.
ڳوٺ جي هر هڪ گِهٽي مُرڪي،
گيت جَنم جو ڳايو هو.

ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ چَمڪيو،
هڪڙو ماڻڪ موتي نِرمل.
رنگ نئون ٻوليءَ ۾ ٻَھڪيو،
جنھن ڦِھلائي جوتي نِرمل.

”مُکڙيون ماڪ ڦُڙا“ هو مَنظر،
”لِيار ڦُٽا ها نيڻن“ ۾.
”سارس ساروڻين جا“ سُندر،
”ڪَنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ گَگن ۾.


بَسنت جھڙو پيارو ماڻهو،
پَن ڇَڻ ۾ ڀي ٽِڙندو هو.
ڇا ته ڪَوي هو نيارو ماڻهو،
خيالن ۾ ڀي کِڙندو هو.

فھم فڪر جا ڏيئا ڪيڏا،
هُن جي خيالن ۾ ها روشن.
سُرمئي خواب سِتارن جيڏا،
ديس سڄي جا درشن درشن.

هُن جي ڳالھين ۾ هئي آٿت،
هُن وٽ هئي اُتساھ حياتي.
دردن جا هُن جهاڳيا پَربت،
منزل هُن جي هئي پِرڀاتي.

ڀِٽَ جو اهڙو کاهوڙي هو،
جنھن جو پنڌ تَتل هو هرپل.
جَنمن جو هُو جاکوڙي هو،
هُن جي رَڳ رَڳ ۾ هئي هلچل.

هُن سان ملندي روح هو ٽِڙندو،
ڳالھيون خوشبوءِ جھڙيون هُن جون.
زخم زخم هو دل جو مِڙندو،
ساريون، ساريان ڪھڙيون هُن جون.

گوتم جھڙو گِيان اکين ۾،
سوچ نِرالي موهيندڙ.
ڄڻ ته ڪبوتر وِچ پکين ۾،
گيت امن جا ٻوليندڙ.

هيءَ ڪويتا اَرپن توکي،
تنھنجو غم آ گيتن ۾.
ڪين وساريندو من توکي،
شامل رهندين ميتن ۾.

”ٻَلھڙيجيءَ“ ڏي موٽيو آهين،
ويس اَڇي ۾ مِٽي ٿي.
پُھتين واپس ”موهن“ تائين،
سُڏڪا سُڏڪا گِهٽي ٿي.

تو لئه سَڪرنڊ جا سڀ رَستا،
ويڳاڻا ويڳاڻا آهن.
تنھنجا چاهيندڙ سڀ سَرتا،
توکان پوء اُٻاڻا آهن.

پنھنجين يادن ۾ تون زنده،
رهندين تا قيامت تائين.
موت به ٿيندو پيو شرمنده،
پاتي تو ته اَمرتا سائين!

(سائين مير محمد پيرزادي جي ياد ۾)
*

ٻَلھڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ ايئن آھ سُتل

ٻَلھڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ ايئن آھ سُتل

ٻَلھڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ ايئن آھ سُتل.
جيئن ”موهن“ جي ڀرسان آ درياھ سُتل.

”اسٽوپا“ جيئن تنھنجو اُوچو ڳاٽ رهيو.
تنھنجو پنڌ پهاڙن واري واٽ رهيو.

تنھنجي نيڻين ڪارونجهر جي ڪور هئي.
تنھنجي خوابن جي موراڻي ٽور هئي.

تنھنجي ڪوتا ”سَمبارا“ جو نِرت هئي.
تنھنجي گيتن ۾ ڌرتيءَ جي پِرت هئي.

تنھنجي ڳالهين ۾ هو مَنڌُ ڀٽائيءَ جو.
تنھنجي پيرن ۾ هو پَنڌُ ڀٽائيءَ جو.

تو وٽ ”اوشُو“ جا اُهڃاڻ نِرالا ها.
ڏيئا ڏيئا تنھنجا لفظ اُجالا ها.

ڪيڏا رُخ ها سائين! تنھنجي هستيءَ جا.
شاھ ڀٽائي، سچل جي سَرمستيءَ جا.

اُسَ ۾ ويھي ڇانوَ سَدائين پوکي تو.
کلندي عمر گُذاري آخر اوکي تو.

تنھنجي گيتن ۾ ٿي فطرت ساھ کڻي.
”سونا سونا سنگ ٻَنين ۾“ ڏيک وڻي.

”سَڙڪن تي اڄ تنھنجا پيرا ڏَسُ نه ڏين“
”گَس ته گونگا آهن ڪيئن آواز ٿين“

سون سَريکن لفظن جو وينجهار هُئين.
مٺڙا ماڻهو! محفل جو سينگار هُئين.

”ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ ته تو ئي ڏيکاريو.
”جي تو سَڌ سِڪڻ جي“ پُرجهي سيکاريو.

ڏاڙهونءَ جي گل جيئن ڇِڄِي پيئن جَيون مان.
تنھنجا عڪس نه ڊهندا دل جي دَرپن مان.

تنھنجا ٽَھڪ ته جيون سان ڀَرپُور هئا.
تنھنجا خيال ستارن جيئن پُرنُور هئا.

تون يادن ۾، يادون سڀ دل ۾ رهنديون.
دل مان اُڀري نيڻين ڳوڙها ٿي ڳَڙنديون.

(سائين مير محمد پيرزادي جي ياد ۾)
*

پَڇاڙي

پَڇاڙي

زندگي ٿي وئي قبر سوڙهي،
وقت اُن ۾ ڇڏيو آ دَفنائي.
هر حقيقت ڏٺم ته هئي ڪوڙهي،
حالتن ڀي ڇڏيو هو لَرزائي.

وقت مون کي ڪڏهن وِٿي نه ڏِني،
پنھنجي گَردش ۾ گُهمائيندو رهيو.
اَکَ منھنجي سُڪي ڪڏهن نه ڀِني،
دل کي رُئاريندو رُلائيندو رهيو.

هر تعلق ۾ هُئي واپاري،
دوستيءَ جا لڳا پئي واڪ رُڳو.
نيٺ دَفنائي مون ڇڏي ياري،
خواب منھنجو نه پار تائين پُڳو.

ڌوڙ ڌَن جي سان تون نه ڪَڇ رشتا،
هرڪو تعلق نه تُور تَرازي.
ٽوڙ تون پيار جا نه گُلدستا،
ڇَڏ کَٽڻ جي اِها اَنڌي بازي.

هَٺ کي ڪابه پَڇاڙي ناهي،
عاجزيءَ کي نه لوڌ تون گَهر مان.
ڪا سدائين رهي ماڙي ناهي،
تو اُڏاريو پکيءَ کي آڳُر مان.

وقت ثابت ڪَري ڏيکاريندو،
تنھنجا سَڀئي لِڪل اِهي چَھرا.
حال ماضيءَ جا ڪيئن وساريندو،
گهاوَ وشواس جا مليل گَھِرا.
*

دل جو نوحو

دل جو نوحو

پيرن هيٺان ڌرتي پنھنجي،
سِرَ تي ليڪن ڇِت به ڪانھي.
بيگانن جي بَستي پنھنجي،
جنھن کي ڪو در، ڀِت به ڪانھي.

ڪيڏي آ ويڳاڻپ من ۾،
ڪيڏي پنھنجي آ مجبُوري.
هيڻي هيڻي آ چُپ من ۾،
خاموشي ڀي جھڙي کُوري.

پنھنجو ديس دِلاسي جھڙو،
پنھنجي ڀُونءِ ته ڀورا ڀورا.
دريا ڀي وارياسي جھڙو،
لاواث هُون ڇورا ڇورا.

جيون ٿي مَسواڙ وَيو آ،
روز جِيئون ٿا قِسطن ۾.
ويلو ويلو وِھُ بَڻيو آ،
ڀَٽڪون بُکَ جي ڪاري بَن ۾.

مِٽيءَ جا ئي مِٽَ رهياسين،
دنياداري ڪين ڪئي آ.
چُنريءَ تي ئي چِٽَ رهياسين،
ڌرتي پنھنجو دين ڪئي آ.
*

آزاد نظم

---

خودڪشيءَ جھڙو جيئڻ

خودڪشيءَ جھڙو جيئڻ

اسان جي روح کي اُڻيو،
ويو اُڻ تُڻ مَنجهان اهڙو،
مٽيءَ ۾ بيقراريءَ کي،
ملايو آ ويو جھڙو،
رڳو ڳوڙهن ۾ ڳوهيو ويو،
ڦِڪي آ زندگي ٿي پئي،
اُنھيءَ ۾ لُوڻ جو ڀي ذائقو،
ناهي رهيو ڪڏهين،
اَزل جي هيڪلائيءَ مان،
اسان کي آ ويو جَنميو،
اسان جو ڀاڳ رولاڪي،
اُنھيءَ آوارگيءَ مان هي،
بڻايا پير ويا پنھنجا،
اُداسيءَ مان جُڙي پئي دل،
وڇوڙي ساڻ ڌڙڪي ٿي،
سڀئي ويرانيون منھنجي،
ڀَريل آهن نگاهن ۾،
وِکيري ٿا ڇَڏن مون کي،
اِهي آواز دنيا جا،
اڪيلائيون اچي مون کي،
سَھيڙي ٿيون وٺن کَن ۾،
ڀَڄي دنيا جي ميلي مان،
مان تنھائيءَ ۾ جيئان ٿو،
سَدا پيڙا کي پيئان ٿو،
منھنجي هڪ هنڌ ويھڻ سان،
وڌي ٿي بي سڪوني ڇو؟
سدائين دل جنوني ڇو؟
رُلايا روھ مون کي ڪئي،
کَڄن ٿا ساھَ ڀي سُرمئي،
چُڳي ٿي انتظاري روز،
منھنجا نيڻ اوجاڳيل،
وَسي جن ۾ پئي بي چين،
بارش گوڙ، کنوڻين سان،
سموري زندگيءَ جو ڏيک ئي،
بيحد جُهڙالو آ،
لڳو هر لُڙڪ ڇالو آ،
جيئڻ جي ئي تمنا ۾،
سدا مَرندو رهيو آهيان،
وڇوڙي جي تِکي اُسَ ۾،
برف بڻجي ڳريو آهيان،
طبيعت تلخ آ ڏاڍي،
ٽَنگيو جنھن ٽياس تي هرپل،
رهان ٿو روح ۾ هيڪل،
مان جيڪو روز جيئان ٿو،
اُهو ڀي خودڪشيءَ جھڙو،
رهيو آ ساٿ پاڇي جو،
سدائين بيوسيءَ جھڙو،
ذهن تي خوف هڪڙي جي،
رهي تلوار آ ٽنگيل،
خزان جھڙن خيالن ۾،
ٿو کاوان روز گهوماٽيون،
لَغڙ جيان واءُ ۾ ڪَٽيل،
حياتيءَ کي پيا ڪاٽيون،
اندر ۾ بيقرارين جِي،
رهي ٿي مُند ميرانجهي،
نه جنھن ۾ رات تارن جي،
نه ئي ڪو صبح ۽ سانجهي،
نه ئي ڪو وقت گُذري ٿو،
نه ڪوئي ياد ايندو آ،
نه ڪو ڀي هاڻ وسري ٿو،
حياتي موت هڪ ٻئي ۾،
ويا تحليل آهن ٿي!
*

دل جي تَهه خاني مان

دل جي تَهه خاني مان

ڏينھن اَربع جو هُيو،
۽ نومبر جي سَتين تاريخ هُئي،
ٻَه هزاري سال ٻارنھَن جو هُيو،
تو گُلابي ڊائري هئي موڪلي،
خواب جھڙي،
ورق جنھن جا خوشبوئن جھڙا هئا،
پَنکڙين جھڙا لکيا تو ها اکر،
لفظ تنھنجا پوپٽن جھڙا هئا،
تو بَھارن کي اُماڻيو مون لئه هو،
شاعري اُن مَنجهه نامعلوم شاعر جي هئي،
جنھن ۾ ڪو کَڙڪو هُيو،
پاڇي لَھرايو پئي،
لام ڪا هَٿُ جي ڇُھڻ سان،
هُئي لُڏي شَرمائجي،
مھڪ صندل جي هوا پُرڪيف ۾،
تيز جهوٽو واءُ جو ٽَڪرائيو،
چمڪندڙ تارن جي چادر کي ڍَڪي،
ڪنھن نديءَ ٽِپَ پئي ڏنا،
رات جو ڪو منھنجي پاسي ۾ جڏهن،
ماٺ ۾ پيو هو سُمھي،
ائين هو مون کي لڳو،
ڄڻ هُئين تون ئي اُها!
*

واپسي

واپسي

قافلو هو وَيو مُڪمل پر،
واپسيءَ ۾ کُٽل ٽُٽل آيو،
ڪيترائي وري نه آيا گهر،
مُنتظر اڄ به جن لئه آهن در،
۽ درن ۾ اُنھن جي پيارن جون،
زرد ٿي ويون رُتون نِھارن جون،
کائي ويئي اَڏوهي خوابن کي،
۽ اکيون ڄڻ پُراڻي قبرن جيان،
ڍير مِٽيءَ جا ٿي ويون آهن،
هاءِ! ڪَتبو ٽُٽل بڻيون آهن،
آلي ٽوهن جيان دُکن پل پل،
سُڏڪندي سُڏڪندي ڏُکن پل پل،
ماءُ جي مُک جا وَڌي ويا گُهنج،
روئيندي روئيندي لَٿو موتيو،
حادثي هانءُ سڀن جو گهوٽيو،
سوڳ ۾ ساھ ٿي وَيا سُرمئي،
ڏونگرن کان وڏا ڏُهاڳ ڏئي،
وقت ماتم کڻي لٿو گهر تي،
سَرد هڪڙو وجود آڳُر تي،
لال جوڙو ڍَڪي سُتو آهي،
پنھنجي رت ۾ سڄو رَتو آهي،
گهر جي هر شيءِ ڏُکاري آ ڏاڍي،
موت جي رات ڪاري آ ڏاڍي،
ڪين ٿو ڪُجهه نظر اچي جنھن ۾،
ڪو ته اِسرار ٿو نَچي جنھن ۾،
ڪنھن نه تنھن جي ڀَڳي ڳُجهارت آ،
راز ئي راز رُڳو حيرت آ!
*

قصو

قصو

اسان لاءِ مَمنوع سو شھر ٿي پيو،
جتي مُحبتن جو مدينو اَڏيوسين،
حُسن ڏانھن هجرت ۾ سڀئي ڇڏيوسين،
مُحبت جا محراب جوڙي جُهڪياسين،
خوابن جا خيما به کوڙي جُهڪياسين،
هُو دل جي حوالن جون حُسناڪ ڳَليون،
ٽِڙيون جِت چپن تي گُلابن جون ڪَليون،
ٽِڙيا موتيا ڪيئي ٽھڪن ۾ پنھنجي،
ٿِڙيا مَڌ جا کيپ قدمن ۾ پنھنجي،
گهٽائن سِوا جِت جُهڙالا هئاسين،
چريءَ دل جا ڪيئي حوالا هئاسين،
حوالا جي شيشي جي چُنھبن جيان،
چُڀن اڄ به احساس ۾ ٿا ميان!
سڄو روح رهڙيل رتو ڇاڻ آهي،
مگر ڪين توکي اِها ڄاڻ آهي،
اَچانڪ ڪئين دل هي پرديس ٿي آ،
سڄي عمر تو ڪارو پاڻي ڪئي آ،
اسان عشق جي ڌُت هئاسين نَشي ۾،
اکين تي ڪا خوابن جي موسم لٿي هئي،
نئين رنگ ۾ دل جي دنيا رَتي هئي،
اسان روح جي پيچرن تي هلياسين،
حقيقت کي خوابن ۾ اهڙو ڀُلياسين،
جڏهن هوش آيو ته ڪُجهه ڪين هو،
سڄو دل جو عالم ئي غمگين هو،
مُخالف سڀئي حالتون پيش آيون،
رڳو نفرتون تُھمتون پيش آيون،
ڪُٺا تو رَوين سان احساس دل جا،
جو ڀوڳيون اڃا ڀي پيا بَنواس دل جا،
اڪيلو ڏسي سنگ سڀني هَنيا ها،
اُنھن ساڻ تو ڀي ٻئي هٿ کنيا ها،
ڏسي ماٺ ۾ پاڻ مَدفون ٿياسين،
خدائيءَ ۾ تنھنجي سدا خون ٿياسين،
ڪفن کان سِوا لاش دل جو رُلي ويو،
قصو شھر ۾ واءُ وانگر گُهلي ويو،
اسان لاءِ مَمنوع سو شھر ٿي پيو.
*

ننڊ جون نيريون گهٽيون

ننڊ جون نيريون گهٽيون

ڏُک کي پنھنجو نَشو آ،
۽ اُداسيءَ کي به پنھنجا رنگَ آهن،
جِيءُ هي منھنجو جُهڙالو،
روز ٿو مون ۾ وَسي،
سُور جھڙيون سُرمئي ڪي سانوڻيون،
روز لُڙڪن ۾ ڏِسان ٿو،
پاڻ ۾ بيٺو ڀِڄان ٿو،
رنگَ خوابن تي لَٿا ڪڏهين نه ڪي،
ڪين دل تي مھربان ٿيون موسمون،
رُت هڪڙي ئي رهي احساس جي،
ساھُ منھنجي ۾ سَناٽا ٿا رهن،
منھنجي پيرن ما ڦُٽي بنواس پيا،
ننڊ جون نيريون گهٽيون مايوس ٿي،
ڦھلجي من ۾ وَلين وانگر ويون،
ڪو به ٻاهر جو نٿو رستو ملي،
تو پُڄاڻان ٿي پئي آ،
بند هِن دل جي گهٽي.
*

حُسن ته بادشاھ آ

حُسن ته بادشاھ آ

ڏنم اَذان پيار جي
پڙهيم نماز يار جي
سندم عبادتون فقط،
مُحبتون، مُحبتون،
ازل کان سُونھن سان رهيون،
صُحبتون صُحبتون،
مزاج ۾ عُشاق دل،
حُسن جي هي هيراڪ دل،
نه هڪ هنڌ ئي رهي
ٽُٽڻ جي لاءِ هي ٺھي،
نَشيلا خواب سُرمئي،
اکين کي ويا ملي ڪئي،
حَسين هٿَ بَخملي،
چپن جي ٿو چُمان ڪَلي،
ڪيان ٿو هولي حُسن جي،
رنگين روح جي ڳلي،
اِهي ياقوت چپن جا،
۽ اَلماس اکين جا،
حُسن ته بادشاھ آ،
اَصل اِهو اَلاھ آ،
اِنھيءَ سان دين آ ڌرم،
اِنھيءَ جو آهي سڀ ڪرم،
جو ڪائنات پئي هلي،
خدا جي ذات پئي هلي،
سندس صفات پئي هلي! ! !
*

جيئڻ جو ڏانءُ

جيئڻ جو ڏانءُ

اکين جي نيرڙي نَدي،
اڃا به تار ٿي وَهي،
کڻي ڪا تِکَ پيار جي،
هي بيقرار ٿي وهي،
عجيب وهڪرا اَٿس،
نه ڪنھن به روڪ ٿي رُڪي،
سدائين چاڙھ چاھ جو،
نه ڪنھن به مُند ٿي سُڪي،
گهٽا جا ويس ٿي ڍَڪي،
ڇَمر ڇَمر ڪري وَسي،
اُداس سانجهه ٿي اُڻي،
پياس سانجهه ٿي اُڻي،
وڃي پيو وقت سُرمئي،
دُونهي جي لاٽ جيان ڪئي،
فضا ۾ عڪس ڇڏيندو،
الائي ڪنھن کي سَڏيندو؟
ندي اُنھن سَڏن پُٺيان،
پَڙاڏا ٿي رُلي پئي،
ڪُنن ۾ واءُ سان وڏا،
ڪري ڪَڙڪاٽ ٿي رُڳو،
وڄائي واديون ڇڏي،
پھاڙ هيٺ ڪنڌ ڪري،
نديءَ جو نيِنھن ٿا ڏسن،
ڏُکارو ڏينھن ٿا ڏسن،
ڪَٽي ٿي جُستجو ڪندي،
جُڳن جي جهانءِ کي جَهٽي،
ڪٽيندي پنڌ پھاڙي،
نديءَ جو ڏيک ڏهاڙي،
وسيع تَر ٿو ٿئي،
وشال سمنڊ وانگيان،
اَڌوري چنڊ وانگيان،
ڏئي ٿو ڏيک ناوَ جو،
نه جنھن جو مانجهي آھ ڪو،
جو گُنگنائي گيت ڪو،
نديءَ جي لھر لھر مان،
ڦُٽي پوي سنگيت ڪو،
ملي آواز لھر کي،
ڪو سُر ۽ ساز لھر کي،
جيئڻ جو ڏانءُ ڪو ڏئي،
صدين جا ٿڪَ پھاڙي،
ندي ڀَڃي ڪو ڪَرَ کڻي!
*

دائرو

دائرو

جنوريءَ جا پَڇاڙڪا ڏينھڙا،
سُرمئي سَرد شام ۽ مينھڙا،
ٿَڌ بي اَنت لُڙڪَ بَرفايا،
تيز ڪيڏي ٿڌي نه آهي هوا،
سِيءُ ڄڻ ڪي وَڍڻ سَرير آيا،
ڌُنڌ ۾ ويڙهجي وئي آ فضا،
برف جھڙن هُو اُڀُ ڪڪرن سان،
ڏينھن ۽ رات ٿَڙڪندو ٿو رهي،
ڏيکَ فطرت جا ڄَمي ويا آهن،
ڪين ٻوليون ڪي پکين جون آهن،
بَرف جھڙي ٿڌي آ خاموشي،
آلي ڪاٺيءَ جان دُکيل ڪوهيڙي،
او بُلھا شاھ! تنھنجي ڏُوهيڙي،
منھنجي عينڪ جي صاف شيشن کي،
ڌُنڌ ۾ آهي ڇڏيو ڌُنڌلائي،
منھنجي ڳوڙهن کي ڇڏيو ڦھلائي،
ڪوبه ناهي جو پنھنجي آنچل سان،
هاءِ! تن کي اُگهي اُجاري اڄ،
وارَ وِکريل منھنجا سَنواري اڄ،
مون کي ڳولي اچي پَڙاڏن مان،
پنھنجي آواز جي حَرارت سان،
مون کي جنمي نئون جنم ڏيئي،
ڀٽڪندڙ روح کي جسم ڏيئي،
دل جي وادي سفيد ٿي وئي آ،
درد جي تيز برف باريءَ ۾،
نيٺ تنھائي ٿي وئي تحليل،
زندگانيءَ جي بيقراريءَ ۾،
تو نه ڄاتو ڪَٽيو ڊسمبر ڪيئن؟
ٽيپو ٽيپو ڳريسُ برف وانگر،
سَرد خانو وجود ٿيو منھنجو،
روح رولاڪ ڄَمي ويو منھنجو،
جاڳندي راتيون نومبر جون،
ميڻَ ڌاڳي جيان جلي وئي دل،
منھنجي خوابن ۾ ٿي وئي اُوندھ،
آڪٽوبر جي انتظاريءَ ۾،
نيڻ منهنجا رُلي ويا واريءَ ۾،
سيپٽمبر صليب بڻجي پيو،
دل جي مَصلُوب ٿي مَسيحائي،
ڪابه “ميري”نه پر روئڻ آئي،
چاھ منھنجو چِکيا تي چاڙهيو ويو،
ساھُ منھنجو سَزا ۾ ساڙيو ويو،
ڏينهَن، آگسٽ پُڄاڻيءَ تي ها،
روح جو چين لاپتا ٿي ويو،
ڏينھَن جولاءِ جا ڊِگها ۽ گرم،
فاصلن کان وَڌي وڏا ٿي ويا،
مُختصر تنھنجي ميل جون راتيون،
ڪھڪشائون به ڄڻ تِکيون ڪاتيون،
جُون سانڍي رکيون سزائون ڪي،
موت جھڙي مئي جي موسم ۾،
حادثن جي طويل هلچل هئي،
اَنت اپريل ڪو اُڻيو اهڙو،
هيروشيما وصال ٿيو جھڙو،
مُحبتن جي مزار مارچ ٿيو،
پن ڇڻ جو ڪفن کڻي آيو،
دل جي ڌرتيءَ مٿان ڇڻي آيو،
اڳ نه فيبروري، وري اهڙي،
هي نه دل ٿي ڪڏهن چري اهڙي،
درد جي جنھن دري ڇڏي کولي،
فلڪ جيان فاصلا ڦھلجي ويا،
زندگي منھنجي ٿي وئي نُقطو،
تنھنجي نالي جي”نُون“جو آخر،
منھنجي دل جي جنُون جو آخر،
خون تنھنجي هٿان ئي ٿيڻو هو،
زهر جو ذائقوحياتي ٿي،
او جنم جھڙي جنوري! مون ئي،
توکي جَنميو هُيو محبت مان،
رنگ تو ۾ ڀريا هُيم رَت سان،
تو ڏنا رَتَ جا پو ڳوڙها ڇو؟
سُڏڪندڙ ساھ ۾ وڇوڙا ڇو؟
*

نَئين جو نشو

نَئين جو نشو

تون چئين ٿو ته توسان
جڏهن ڀي مِلان،
ڏُک پنھنجا نه تو آڏو ظاهر ڪيان،
توسان هر ڳالهه تي
ٽھڪ ڪوڙا ڏيان،
توسان غمگين هوندي به
خوش خوش هُجان،
تون ته آهين خوشين جو
خريدار پر،
منھنجي دل ۾ ته آهن
ڏُکن جا وَکر،
تون خوشين جي خلائن ۾
اُڏرين پيو،
منهنجون پاڙون مگر
ڏُک جي پاتال ۾،
گھريون آهن لَٿل،
مون کي مَصنوعي جيئڻ
اچي ڪو نه ٿو،
تنھنجي معصوميت ۾ به مصنوعيت،
تون ته لھجا، طريقا سڀئي واسطا،
روز فيشن جيان ٿو مَٽائين ميان!
تو ۾ مون ۾ فقط،
هڪڙو آهي فرق،
تون نئين جي نَشي ۾
پُراڻو رهين،
مان پُراڻي ۾ آهيان
نئون ئي نئون!
*

اِسڪيچ

اِسڪيچ

شھر جي هر چوڪ ۽ رستي مٿان،
منھنجي پيرن جا نِشان،
دل جي رولاڪين جي توکي،
پيا ڏَسيندا داستان،
واءُ ۾ اُڏندڙ مٽي ۽،
حُسن جي هر ڪا گهٽي،
چنڊ، چانڊوڪي چِٽي،
عشق جي آ رازدان،
اُس نِٽھڻ ۽ وڻن جي ڇانوَ گهاٽي،
۽ گرم جهولا هوا جا،
رنگَ سُرمائي گهٽا جا،
منھنجي جيون جي ڪھاڻي،
روح ٿر جو ڏيک نيڻين،
سمنڊ جھڙو آب کارو،
ڪيترين ئي يادگيرين سان
ڀَريل آ جهول دل جو،
زندگي! تنھنجي سدائين مَنچ تي،
”جوڪرن“جھڙو رهيو آ”رول“دل جو،
ڪنھن نه ڄاتو هاءِ! پر ماحول دل جو،
پاڻ کي مَنسوب جن سان ڀي ڪيوسين،
تن ڪيو پنجاب جھڙو آ سلوڪ،
سنڌ جي ڪوئل جيان
ويھي ڪُٺائون دل جي ڪُوڪ،
عشق صوفيءَ جي تڏهن ڀي،
بانسري وَڄندي رهي،
پاڻ واپس ڪين آياسين ڪھي،
وقت جيان وڌندا رهياسين،
حُسن جي هر واٽ تي،
نيڻ اوسيئڙو اُڻيندي،
پاڻ ٿي ويا انتظار،
بيقرار،
پر نه تون آئينءَ موٽي گهاٽ تي،
چنڊ اُڀريو ۽ لٿو،
صبح کان پوءِ شام ٿي،
ڪا ته ديواني محبت،
نيٺ وئي بدنام ٿي،
شھر جي هر هڪ گهٽي،
چوڪ ۽ رستي مٿان!
*

دوستيءَ جو الميو

دوستيءَ جو الميو

ڇونه ٿو مون کي اڃا سمجهي سگهي،
ڇونه مون کي هاڻ ٿو پنھنجو لڳي،
هاڻ رسمي ٿا مِلون هر شام جو،
بس رهيو تعلق وڃي آ نام جو،
آئينو ٽِڙڪي پيو اَنجام جو،
دوستي جنھن جي خُدا مون لئه هُئي،
۽ سندس هر ڪا دِشا مون لئه هُئي،
جنھن جي پيرن ۾ سَندم رستا کُٽا،
خواب منھنجا تنھن جي مِٽيءَ مان ڦُٽا،
ڪيڏو اُن سان اُنس ۾ ايمان هو.
ساٿ جنھن جو سُک جو سامان هو،
هُونءَ ته پھرين زندگي هئي ڌرتتي،
ڇانوَ هُن جي ۾ گهٽا گهنگهور ٿي،
آس منھنجي پئي ٽَھُوڪِي روح مان،
ناچ بڻجي دل جي موسم مور ٿي،
هُن جي ٻانھن تي مون ليٽي رات ڀر،
پوپٽن جھڙا اُڻيا سپنا هئا،
مڌَ جا ڄڻ مَٽ مون پَلٽيا هئا،
مون ته سمجهيو دوستي رهندي سدا،
عشق! تنھنجي عاشقي رهندي سدا،
ٿيو مگر توتي زماني جو اثر،
مان اڪيلو رُڃ ۾ رهجي ويس،
هاءِ! مِٽجي وئي الا! هر رھ گُذر،
ساٿ جو ماضي وساري تو ڇڏيو،
بي رُّخيءَ جي تيز خنجر سان ڪَٽيو،
دل جي احساسن کي ماري تو ڇڏيو،
تو نئين دنيا وسائي آ وڃي،
نئين شناسائي بڻائي آ وڃي،
جيڪا منھنجي لاءِ آهي اجنبي،
ڪُجهه به ناهي جنھن ۾ ڪنھن جي دوستي،
جنھن ۾ اي. سي ڪار جي آ اهميت،
جنھن ۾ آ اِسڪاچ جي بوتل عظيم،
ريڊ ليبل رات ساري،
بليڪ ليبل جي خُماري،
۽ گهٽائون گرانڊ جون،
روز کُلندي آ جتي اڪثر ڪٽُوس،
جِن، لائن ۽ ٺرو مَمنوع جِت،
سُونھن جاتي بيڊ جي چادر جيان،
روز ٿي مَٽجي نئين ساغر جيان،
ڊيڪ جي وڄندڙ ڌمڪ ۾ گُم ٿي،
منھنجي آهُن کي ٻُڌڻ کان تون هَلاڪ،
دوستيءَ کي تو سدا سمجهيو مذاق،
تون سدا پنھنجي رهين ڌُن ۾ مگن،
منھنجي هر تڪليف کان ٿي بي خبر،
هاڻ تنھنجا سڀ طرف مَٽجي ويا،
گسَ منھنجا ڌُوڙ ۾ لَٽجي ويا،
پو به منھنجا پيرَ زخمي هر دفعي،
ڀٽڪندا هِن تنھنجي رستن جي مٿي،
ڇا سموري تون رُلائيندين ڄَمار؟
زندگيءَ جا نيڻ آهن اَشڪبار،
بي سبب رهندو نه آ ڪو بيقرار!
*

الوداع

الوداع

صُبح جي سُرهي سفر سان،
هُو پکين وانگر ڇڏي پنھنجو اَجهو،
شام جو واپس ورڻ جي لاءِ ڪُجهه،
نيڻ پُٺيان مُنتظر ويو هو ڇڏي،
ڪا خبر ڪو خيال ڀي ڪنھن کي نه هو،
اوچتو بي وقت ٿيڻو هو ائين
اجنبي هڪ شھر جي شاھراھ تي،
موت ڌاڙو هُن جي هڻندو ساھ تي،
روح ڀَڙڪو ڏئي ڪبوتر وانگيان،
برف جهڙي سَرد هُن جي جسم کي ويندو ڇڏي،
پوئتان اَڻ کُٽ ڇڏي ڪي انتظار،
سَرد آهو ۽ اکيون ڪئي اَشڪبار،
مُنتظر هُن جي وَنيءَ جي،
دل اندر هو زلزلو،
ٻارڙن ٻوليو پئي ويٺي پاڻ ۾،
ڄاڻ پهتو”بابا سائين“ڄاڻ پُھتو،
کوڙ ساري شيءِ هُو ڏيندو وٺي،
ٻارڙن هر هر اِهائي ڳالھڙي ويٺي رَٽي،
۽ وَني ساري ڏهاڙي جي ٿَڪاوٽ،
هڪيلائيءَکي وَنڊڻ جي لاءِ پنھنجون،
دَرَ ۾ ٽاڪي ڇڏيون اکڙيون ٿَڪل،
جي اڃان ٽاڪيون پيو آهن اُتي،
هُو ڪڏهن ڀي ڪين ورڻو هو جتي،
ڇو ته ناهي موت کي ڪائي ڪَھل،
ڪير ڄاڻي ٿو اچي ڪھڙي مَھل،
ٻارڙن چُپ چاپ کيڏي راند پئي،
گهر مٿان غم جا ڪڪر گهاٽا چڙهيا،
فون جي گهنٽي پئي گجگوڙ ٿي،
شام جي خاموش سُرمائي فضا،
پئي اُڻيا ڪيئي فنا جا فاصلا،
هاءِ! ايمبولنس هڪڙي،
ڪنهن قيامت وانگيان،
مُنتظر گهر کي اڪيلو شھر ۾ خالي ڇڏي،
موت جھڙي رات جي ماٺار ۾،
سائرن جي خوف جھڙي شور سان،
ڳوٺ ڏانھن وڌندي رهي،
مُنتظر هڪڙي قبر پئي هئي مُسافر لئه
اَباڻي جُهور قبرستان ۾،
ڳوٺ ۽ پاڙو سڄو سَڪتي ۾ هو،
ڄڻ ته سڀ ڪُجهه ٿي رهيو سپني ۾ هو،
ڪالهه جي سنگتي سندس ئي،
ڪاڄ ۾ جُهوميا هئا،
اڄ ڪري دانھون اُهي ئي مَڙھ مٿان سُڏڪيا پئي،
ڪُنوار اوساريو پئي،
درد کي ڏاريو پئي،
سانجهه پُرآشوب ڪوڪاريو پئي،
پر ڪفن ۾ گهوٽ بي سُڌ هو سُتل،
ڄڻ صدين جي هو ٿَڪاوٽ ۾ سُتو،
سُڏڪندي، روئيندي هِن کي،
لَحد جي پينگهي ۾ لاٿائون پئي،
واپسيءَ ۾ پو تڏي تي،
ڳالھڙيون هُن جون ئي ڳاتائون پئي!

(عبدالغفور مريءَ جي وڇوڙي تي)
*

موت مُرجهائي نه توکي

موت مُرجهائي نه توکي

زندگي! تنھنجو عجب آ فلسفو،
سمجهه ۾ مون کي اچي ئي ڪين ٿو،
ڪنھن جو پِيريءَ ۾ به پيڇو،
ڪين ٿي هرگز ڇَڏين،
۽ وري ڪنھن کان اَچانڪ،
ٿي جوانيءَ ۾ لَڏين،
هاءِ! حيرت ناڪ تنھنجا فيصلا،
ڪِٿ تسلسل کي ٿي ٽوڙين،
۽ ڪٿي تنھنجا ڊگها هِن سلسلا،
ڪير توکي جيڪڏهن،
سُر ساڻ جُهونگاري به ٿو،
يا وري توکي ڏيئي جيان،
دل سان ڪو ٻاري به ٿو،
آئيني وانگر اُجاري پيار سان،
نَنھَن ڇو تنھن جي نِڙيءَ تي تون ڏئي،
گيتَ تنھن جا تون سڀئي گُهٽيو ڇڏين؟
موت جي بي اَنت تون اُونداھ ۾!
زندگي! تنھنجو عجب آ فلسفو
ڀَروسو توتي ڪريان ڪھڙو ڀَلا؟
تنھنجا آهن بادشاهي فيصلا،
وقت جي تو واٽ تي،
ڪيترا رولي ڇڏيا هِن قافلا،
ڪاش تون ڀي موت وانگر،
ٿي پوين جي بابقا،
ڪين پو در در وڇائجن تڏا،
ڪين قبرستان جو نالو رهي،
ڪين ڪوئي ڀي هُجي ڪاٿي مريض،
ڪين ڪڏهين ڪنهن کان وڇڙي ڪو عزيز،
زندگي! تازن گُلابن جيان سدا ٽڙندي رهين،
موت مُرجهائي نه توکي،
ڪو به غم جي گيت جيان ڳائي نه توکي!
*

تو تان سڀ واري

تو تان سڀ واري

ٻار ته ناهيان مان،
ڌار ته ناهيان مان،
تنھنجن سوچن کان،
۽ تنھنجي دل کان،
تنھنجي هر هڪ وِک،
هاڻ ڏئي ٿي ڏِک،
سورج کان به گهڻي،
تنھنجي لَھجي تِک،
ساھ سَڙي ٿو پيو،
روح رَڙي ٿو پيو،
تنھنجي رَوين جي،
رِڻ ۾ راتون ڏينھن،
هاڻ نه ساڳيو نِينھن،
تنھنجو اُجرو آ،
ميرُ لڳي ويو آ،
اُن کي دولت جو
سنگ ڇڏيئي ٽوڙي
منھنجي صحبت جو،
ڪيئن مان گهاريان ٿو،
جاڳي ٻاريان ٿو،
سپنا آڌيءَ جو،
تون آن ننڊ مِٺي!
پوءِ تون ڇا ڄاڻين،
اوجاڳن جي آڳ،
هاڻ منھنجو تعلق،
تولئه آ بَڪ بَڪ،
تنھنجي ٻوليءَ ۾،
ايڏو رَنج ڏسي،
ڄاڻي ويو آهيان،
ڇاڻي ويو آهيان،
دل جي آسن کي،
۽ احساسن کي،
ڦاهو ڏيئي مون،
ڇڏيو آ ماري،
توتان سڀ واري.
*

سون جھڙي ڌُوپ

سون جھڙي ڌُوپ

آرسيءَ کي تون نه ڏِسُ!
تنھنجو چھرو آرسيءَ کان وَڌ شَفاف،
تون ڏسين ٿي آرسيءَ ۾،
يا ڏسي ٿي آرسي،
خود پاڻ تو ۾؟
آرسيءَ کي تون نه ڏِسُ!
آرسيءَ جي آس آهي،
تنھنجي چھري ۾ وڃي تبديل ٿي،
يا وري تنھنجي اکين جي جهيل ٿي،
نيرڙن تنھنجن خوابن جو
خُماريل عڪس ٿي،
ٿي وڃي تبديل تنھنجي رُوپ ۾،
سون جھڙي ڌُوپ ۾!
*

تضاد

تضاد

سِج جي اي. سي هلي ٿي،
چنڊ جو هيٽر ٻَري ٿو،
۽ ستارن جا دُکن ٽانڊا پيا،
اُڀ ۾ آهن اُلا!
۽ سڄي ڌرتي ڌِڱي ڌَنوڻيءَ جيان،
دل ٽنگيل آ تنھنجي دردن جي
اَنگاسن تي اَڃا،
مُحبتن کاڌو وڇوڙي جو زهر،
ساھَ سيني ۾ رڳو ڦَٿڪن پيا،
۽ نِڙيءَ ۾ ڪيترا
آهن ڦُٽي ٿوهر پيا،
وقت ٿو جلاد وانگر ڏئي گُهٽا،
زندگي هي لاش لاوارث جيان،
حالتن جي بي رحم ڪُتن اڳيان،
روز ٿي ٻُوٽيون ٿئي!
*

اَزل ۽ اَبد جي وِچ تي

اَزل ۽ اَبد جي وِچ تي

*وقت لاوارث سدائين
هيڪلو هلندو رهيو
هي ڪٿان آيو
وڃي ڪيڏانھن پيو
سلسلو هڪڙو پُٺيان کان
پيو مُسلسل ئي هَلي
ڪين جنھن جو ڪو به آهي ڏَس پَتو
حال جي هي مُختصر پُل تان لَنگهي
ٿو وڃي اڳتي خبر ناهي ڪٿي؟
مان اَزل ۽ اَبد جي وِچ تي کَڙو
حيران آهيان
ڪُجهه ئي پل مھمان آهيان
پو مٽيءَ جي مان اَڄاتي پار ڏي
ويندس هليو
۽ مٽيءَ جي مھڪ ۾ تبديل ٿي
وقت جو حِصو ٿي ويندس!
ڪو ڳُجهو قِصو ٿي ويندس!
*

بارشن ۾ بيقراري

بارشن ۾ بيقراري

مِينھن وَسندڙ ۾ ڀِڄين ڇا تون به ٿي؟
مان ته بيٺو ٿو ڀِڄان پر هڪيلو
سانوڻيءَ ۾ تنھنجون ساروڻيون ڪئي
هر ڪڻي تنھنجو تَصور آ نئون
بادلن ۾ ڪو مُصور آ نئون
عڪس تنھنجا پيو چِٽي جُهڙ ۾ ڪئي
هيل آ برسات ڪيڏي بي چئي
وِڄ ۾ تنھنجا وَراڪا
بارشن ۾ بيقراري
بُوند هر ڪا آ اُڃاري
مان ڊِڄان ٿو
مِينھن جو پاڻي مِٺو
منھنجي ڳوڙهن سان نه کارو ٿي وڃي
تنھنجي گهر تي لُڙڪ منھنجا بَرسندا
تنھنجي دل ۾ درد جو دُونھو دُکي
تنھنجي نيڻن کي ڀِڄائي
۽ نه سڀني کي ٻُڌائي راز دل جو
تنھنجي سيني ۾ دَٻيل آواز دل جو
*

نثري نظم

---

ڪوڙاڻ

ڪوڙاڻ

* تون تنقيد کي تخليق جو موت ڇو ٿو سمجهين؟
تنقيد ته زندگي آھي،
تخليق پڻي جي تحرڪ لاءِ.
تنقيد ته تخليق جي لاءِ آڪسيجن آھي.
تو رڳو اجائي تعريف جي آلودگيءَ جو،
پنھنجي اندر جي تخليقڪار کي عادي بڻايو آھي،
تون سَطعي پَڻي جي تَري ۾ ڪِري پيو آھين،
تون تضادن جي درياھ ۾ غوطا کائي رھيو آھين،
ٿورو سَمجھ ۽ محسوسيات جي تُرھي تي تَر
۽ فرق محسوس ڪر،
ڪوڙاڻ ۽ مِٺاڻ جي تضاد ۾. . . ! ! !
*

اَنگن جو اَنگاس

اَنگن جو اَنگاس

* توکان سواءِ زندگي،
ٻُڙيءَ جيان خالي آهي،
ٽِن جو انگ ٽياس لڳي ٿو،
ٻُڙي ساھ ٻُوساٽي ٿي،
هفتو سَتن ڏينھَن جو ڇو آهي؟
ڪاش ٽِن جو هُجي ها!
ڇَھن منٽن جو ڏينهن،
۽ پَنجن سيڪنڊن جي رات.
ڇَھن ۾ وڇوڙي جا ڇِرڪ آهن،
اي ٻُڙي تون ئي ٻُڌاءِ!
پيار جي پنجين موسم،
ٻِيون ڀيرو ڇو نه ٿي اچي؟
*

زندگيءَ جي رِڻ مٿان

زندگيءَ جي رِڻ مٿان

* مينھوڳيءَ جي موسم ۾،
منھنجي دل ٿيڙ کائڻ لڳندي آهي،
بادل، ڇُلڪندڙ جام بڻجي پوندا آهن،
ڪڻي، ڪڻي ڪيف ۾ ڪڪوري ڇڏيندي آهي.
وَسندڙ مينھن جو ڏيک،
منھنجي روح ۾ تحليل ٿي،
اکين مان عَيان ٿي پوندو آهي.
مينھن کان پوءِ مٽيءَ جي خوشبوءِ،
منھنجي اُداس ساهن ۾ کِڙي پوندي آهي.
انڊلٺ جا رنگ،
منھنجي من جي بيقراريءَ کي
وڌائي ڇڏيندا آهن.
هوءَ، سانوڻيءَ جي سُرمئي احساس مان،
ڪَر موڙي مون ۾ جاڳي پوندي آهي.
۽ مان جنمن کان اوجاڳيل اکين سان،
جاڳ جا طويل صحرا،
جهاڳيندو رهجي ويندو آهيان.
هُوءَ بارشن جي رُوپ ۾،
سدائين منھنجي اُڃارين اکين ۾،
وَسندي رهندي آهي.
پر زندگيءَ جي رِڻ مٿان هوءَ،
اِنڊلٺ بڻجي کِڙي ناهي سگهي.
هُن جي مُرڪَ جِي موکيءَ،
مون کي ڪڏهن به،
مُحبتن جو مَڌُ ناهي پيئاريو.
پوءِ به منھنجو روح،
ڪَڙاڻ جي ڪائنات ۾،
جياپي جي ڍُڪ ڍُڪ سان،
ڪَڪورجي رهيو آهي!
وڇوڙن جا وَرلاپ،
واعدن جي تَپندڙ واريءَ تي،
روڳ جي رِڻ کي رقص ڪَرائين ٿا.
ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهيل آسمان
جيڏي اُڃَ،
سُڪل ساهن جي سُرمئي سمنڊ ۾
ٻُڏي رهي آهي.
درد جي تيز اُٿندڙ لھرن ۾،
دل جي ٽُٽل ٻيڙي ڌُڏي رهي آهي!
*

بيت

---

سُڏڪا، سُڏڪا ڏينهڙا، رِيھون، رِيھون رات،

سُڏڪا، سُڏڪا ڏينهڙا، رِيھون، رِيھون رات،
پُورن ۾ پِرڀات، سُورن ۾ سانجهي الا!
*

ننڊ ڇڏيا کوڙي، خيما خوابن جا وري،

ننڊ ڇڏيا کوڙي، خيما خوابن جا وري،
خانه بدوشي لٿي، ڪتين ڪَر موڙي،
چنڊ ڇڏيا جوڙي، چانڊوڪين جا سلسلا.
*

چِٺيُون چَندن واسُ، اکرَ کُڙکُٻيتڙا،

چِٺيُون چَندن واسُ، اکرَ کُڙکُٻيتڙا،
سِٽون ساھُ کڻن پيون، وَرق وَرق اِتهاسُ،
اُجرو ٿيون احساسُ، جذبا جاڳي پيا وري.
*

مون کي تنهنجي ميڪشي، ڇڏيو خُماري،

مون کي تنهنجي ميڪشي، ڇڏيو خُماري،
ڍُڪ ڍُڪ کي ٻاري، مون ۾ ڪئي تو روشني.
*

رولاڪيءَ جي آ لکي، پيرن خوب ڪٿا،

رولاڪيءَ جي آ لکي، پيرن خوب ڪٿا،
پوءِ به مُور نٿا، کُٽن رستا رات جا.
*

ساڳي تنهائي، ساڳي پيڙا پيار جي،

ساڳي تنهائي، ساڳي پيڙا پيار جي،
رهجي ويئي روح ۾، ڏُک جي پرڇائي،
پوءِ به تمنائي، تولئه دل جون ڌَڙڪنون.
*

نالي جي آ دوستي، نالي جا تعلق،

نالي جي آ دوستي، نالي جا تعلق،
هي دُنيا بَڪ بَڪ، جيئڻ ڳياڙي آ هڻڻ.
*

رُتبي سان سڀ رابطا، رُتبي سان سڀ رنگ،

رُتبي سان سڀ رابطا، رُتبي سان سڀ رنگ،
دُنيا! تنھنجا ڍنگ، دل کي آئڙن ئي نٿا.
*

گڏجي هلڻ سان نٿي، مِٽجي تنهائي،

گڏجي هلڻ سان نٿي، مِٽجي تنهائي،
توڙي ڪئي قافلا، پوءِ به اڪيلائي،
تَڙپي پَرڇائي، پاڇن جي ٿي پِيھ ۾.
*

تو ۾ تبديلي وڏي، آئون اُهو ساڳيو،

تو ۾ تبديلي وڏي، آئون اُهو ساڳيو،
تو ڪيئن من داڳيو، تو ڇو زنگيو ذهن کي.
*

توکي سُونھين ڪين ٿي، ايڏي وڏائي،

توکي سُونھين ڪين ٿي، ايڏي وڏائي،
صورت هر ڪائي، آخر خاڪ ٿيو وڃي.
*

هاڻ گِهٽيءَ جي موڙ تي، پُهتا آهيون پاڻ،

هاڻ گِهٽيءَ جي موڙ تي، پُهتا آهيون پاڻ،
مُڙڻا آهيون ڄاڻ، سڀ ڪُجهه ڇڏي پوئتي.
*

تنھنجي ديھانت جو ٻُڌي، ريٽا شاهاڻي!

تنھنجي ديھانت جو ٻُڌي، ريٽا شاهاڻي!
اکيون ٿيون پاڻي، خوابن سوڳ مَلھائيو.
*

ڪجلاسَر

ڪجلاسَر

ڪَجلاسَرجون ڪامڻيون، ڪَجرا نيڻَ سَندن،
جِھڙيون ڪَنول پَدمڻيون، ميندي واس هٿن،
مُرڪيو روز پَسن، پاڻيءَ ۾ پنهنجون اکيون.
*

سوڍيون سُھڻيون، سانوريون، ٻانھن ۾ گَجرا،
رُوپ سَندن ڪَجرا، مَنجهن سُرمئي سانوڻي.
*

سُرمئي پاڻي پريم جو، ڪَجلاسَر جي سُونھن،
وارياسيءَ ۾ ورُونهن، ٽَھ ٽَھ ٽَھڪن ڪامڻيون.
*

ڪَجلاسَر جي ڪَنٺ تي، لھرون لھرون هار،
سُرمي جھڙي سار، لهرن مان ليئا هڻي.
*

اڄ نه ڪجل آب ۾، ميرو ڪَجلاسَر،

اڄ نه ڪجل آب ۾، ميرو ڪَجلاسَر،
ڏيک سُڃو آ ٿي ويو، سوچي ڪارونجهر،
بازر نه، بندر، سي نه ڪَجراريون اکيون.
*

ڪيڏي اُداسي، ڪَجلاسَر جي ڏيک ۾،

ڪيڏي اُداسي، ڪَجلاسَر جي ڏيک ۾،
وائي وارياسي، ڀِٽن تي گونجي پئي.
*

مُکڙا ڌوئڻ آئِيون، سَر تي سڀ ناريون،
سوڍا! گهوڙن ڪاڻ تو، تَڙَ تان ڇو ٽاريون،
نه وريون ويچاريون، ڪَجلاسَر اُٻاڻڪو.
*

پَڳ پَڳ پايل پريم جي، ڇيڙيو پئي سنگيت،

پَڳ پَڳ پايل پريم جي، ڇيڙيو پئي سنگيت،
ڪَجلاسَر هو جُهومندو، لھرن ڳاتو گيت،
ڪَجرارين جي ريت، رستن کان وسري نه ٿي.
*

گڏجي آئيون ڪامڻيون، اُجرا مُکَ کڻي،

گڏجي آئيون ڪامڻيون، اُجرا مُکَ کڻي،
پاڻياريون سڀ پَدمڻيون، چَمپا زُلف هڻي،
چيلھن تي چوٽا جُهلن، گهڙا ڪَڇ کڻي،
ڇَمر ڇير بَڻي، ڇمڪن ڪَجلاسَر مٿان.
*

چوسٽا

---

وَرسٽيءَ جي نانءُ

وَرسٽيءَ جي نانءُ


رُناسين کِلياسين چڱو اَلوداع.
وڇوڙي جي آخر اچي وئي گَهڙِي.
ويا چارئي سال ڪنهن خواب جيان،
ڪري ياد ڪئمپس کي هيءَ دل رَڙِي.
*


هاڻ تو سان ڪڏهن نه مِلبو ايئن،
چارئي سال جيئن ملياسين پئي.
خيال رکجانءِ تون مِٺي پنھنجو،
موڪلاڻي ڪندي رُناسين پئي.
*






تنھنجي رستن تي رهندي پئي رونق،
توسان ڪئمپس! نه ساڻ هونداسين.
تنھنجي ڪاريڊور ۽ ڪلاسن ۾،
هاڻ موٽي ڪڏهن نه اينداسين.

*

هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾، روئي وَٺون اَچو!
ڪئمپس کي لُڙڪَ روئي ڀيٽا ڪري هَلون.
اي دوستو! وساري سڀئي رَنجشون هتي،
اڄ آخري دفعو ئي، مُرڪي وٺون اچو.

*

رات هاسٽل جي آخري، ڳوڙها،
پنھنجو وِکريل سامان ويڙهيان پيو.
لُڙڪ، ۽ ٽھڪ، رُساما، ڀاڪر،
سَرد ساهن ۾ سڀ سَھيڙيان پيو.

*








تنھنجون ڪئمپس! اکيون هي ڪَجراريون،
منھنجي نيڻن ۾ ٿي وَيون تَحليل.
زندگي! تنھنجي آئيندي جا خوابَ،
نيٺ ڏينديون يقين آ تشڪيل.

*

ٽھڪ کِلندي ختم ٿيا آهن،
لُڙڪَ آيا تَري نگاهن ۾.
دُور ڪيڏو نه ٿي وئينءَ ڪئمپس!
سار سُڏڪي ٿي سَرد آهُن ۾.

*

روم هاسٽل جا اوپرا ٿا لڳن،
وِنگ ويران ٿي پئي آهي.
انتظاري ڪندي نه پوائنٽ ڪا،
ڌار ڪئمپس جو ٿي وئي آهي.

*





او يونيورسٽي! وسارين متان،
مُسافر هُئاسين وَڃون اڄ پيا.
گلي لائي ڪئمپس کي روئي وٺون،
الا! چارئي سال اُڏري ويا.

*

شام، پوائنٽ شھر جي رونق،
روز هوٽل تي پيٽ جي پُوڄا.
ڀوڳَ، چَرچا ۽ چانھ جون چُسڪيون،
چار ئي سال خواب ۾ گُذريا.

*

چئن سالن جي هُئي ڄڻ زندگي،
ڇا ته ڪئمپس جي هئي دنيا حسين.
رنگَ ڪاريڊور ۾ اُڏريا پئي،
خواب، خوشبو زندگاني هئي رنگين.

*

پنجڪڙا

---

وقت سگريٽ جيئن آ دُکائي ڇڏيو،

وقت سگريٽ جيئن آ دُکائي ڇڏيو،
زندگيءَ جي هَٿن ۾ جَلون ٿا پيا،
روز رَک جا ڦُلا ٿي ڇَڻون ٿا پيا،
خاڪ وانگر هَوائن اُڏائي ڇڏيو،
وقت سگريٽ جيئن آ جلائي ڇڏيو.

*

وقت اُن موڙ تي وٺي آيو،
واپسيءَ جو جتان نه آ رستو،
خواب هوندو نه آ ڪو سَربستو،
ساٿ هلندو جتي نه آ سايو،
وقت اُن موڙ تي وٺي آيو.

*

مُفلسيءَ جي طَويل موسم ۾،
خواهشن جي خزان وَڌي ويئي،
زندگي زرد زرد ٿي ويئي،
پَن ڇَڻ جي اُداس رِم جِهم ۾،
مُفلسيءَ جي طويل موسم ۾.

*



مان اڪيلو اُداس ڪمري ۾،
سوز وارا لتا جا سُرَ آهن،
نيڻ، لُڙڪن ڪيا هي پُر آهن،
ساھ ويندو لڳي ٿو سُڏڪي ۾،
مان اڪيلو اُداس ڪمري ۾.

*

راھ ۾ تون ملي وئي آهين،
ياد ماضيءَ اچي ويون ڳالھيون،
ٺوٺ ٿي ويل اکيون ٿيون آليون،
ٿي وئي شام سُرمئي آهين،
راھ ۾ تون ملي وئي آهين.

*

تنھنجا رستا کُليل هوائن جيئن،
گَسَ منھنجا درن جيان ٻُوٽيل.
منھنجو ماضي سمورو دُونھاٽيل،
زندگي ٿو ڪَٽيان سزائن جيئن،
تنھنجا رستا کُليل هوائن جيئن.

*



رات! تو خواب هي ڪٿان آندا؟
نيڻ منھنجا ٻَري رهيا آهن،
ميڻ وانگر ڳَري رهيا آهن،
حادثا دل تي ڪِريا هيڪاندا،
رات! تو خواب هي ڪٿان آندا؟

*

وقت گُذري نٿو گُذاريان پيو،

وقت گُذري نٿو گُذاريان پيو،
ڇا ڪيان جو جيئڻ ضروري آ،
کِلندي کِلندي مَرڻ ضروري آ،
ڪين ايندينءَ مگر نھاريان پيو،
وقت گُذري نٿو گُذاريان پيو.

*

ساري دنيا جيئي ٿي پَيسي لئه،
نيٺ پَيسي پُٺيان مَري ٿي وڃي،
ڪوڙ تي ايترو هِري ٿي وڃي،
سچ ٻُڌي ئي نٿي هڪ لمحي لئه،
ساري دنيا جيئي ٿي پَيسي لئه.

*



ننڊ هُن کي اچي وئي شايد!
جاڳ! تنھنجي طويل رستي ۾،
موت جي گُم ٿيو آ سپني ۾،
رنگ، چُپ جو آ سُرمئي شايد!
ننڊ هُن کي اچي وئي شايد!

*

روز ملنداسين ۽ وِڇڙنداسين،
هيءُ دستور آهي دنيا جو،
سڀ کي اُلڪو رهي ٿو عقبيٰ جو،
ڪين آسيس ڪنهن لئه ٿينداسين،
روز ملنداسين ۽ وِڇڙنداسين.

*

خواهشن جا غلام ٿي وياسين،

خواهشن جا غلام ٿي وياسين،
پاڻ تي پنھنجي مرضي ڪين هلي،
ڇا ٿيو، ٻين لئه بادشاھ ڀلي،
ڪھڙي حالت ۾ اڄ اچي وياسين،
خواهشن جا غلام ٿي وياسين.

*



مون نه ڪنھن جي ڀي پُٺيءَ ۾ هَنئي ڇُري،
پوءِ به منھنجون مُحبتون مَشڪُوڪ ڇو؟
دوستيءَ کي تو ڪيو مَترَوڪ ڇو؟
مون ته توکان زندگاني پئي گُهري،
مون نه ڪنھن جي ڀي پُٺيءَ ۾ هَنئي ڇُري.

*

حوصلو هارجي ويو آهي،
دوستي مھربان ٿي نه سگهي،
زندگي مھربان ٿي نه سگهي،
خواب هڪ مارجي ويو آهي،
حوصلو هارجي ويو آهي.

*

تو چپن جو ڏنو هُيو اَمرت،
زندگيءَ ۾ مِٺاس باقي آ،
اڄ به تنھنجي پياس باقي آ،
تنھنجي مھڪي اَڃا پئي چاهت،
تو چپن جو ڏنو هيو اَمرت.

*



وقت جا پيرَ ٿا ڪٿي رُڪجن،
وقت هر وقت سفر ۾ آهي،
ڪين ڪنهن ساڻ ڀي ٿو ڳالھائي،
پنھنجي ڌُن ۾ سدائين آهي مگن،
وقت جا پيرَ ٿا ڪٿي رُڪجن.

*

سانجهه کان تنھنجو پُڇيو مون پيار مان،
ڏَسُ مون کي هُن شفق جھڙو ڏِنو،
پيچرو هڪڙو اُفق جھڙو ڏنو،
سَڏَ مون توکي ڪيا سنسار مان،
سانجهه کان تنھنجو پُڇيو مون پيار مان.

*

رات منھنجي روح ۾ اهڙي لَٿي،
سڀ ستارا خواب منھنجا ٿي ويا،
نيڻ هي مھتاب منھنجا ٿي ويا،
عشق اهڙي ڪا ڪئي هئي اَڳڪٿي،
رات منھنجي روح ۾ اهڙي لٿي.

*



چپن جون چپن تي لَٿيون آيتون،
مَديني جيان روح مُنور ٿيو،
مَڪو، مُحبتن جو مُقدر ٿيو،
شرابن طَھورا ٿيون ساعتون،
چپن جون چپن تي لَٿيون آيتون.

*

جاڳندي جاڳندي هر رات وڃي ٿي گُذري،

جاڳندي جاڳندي هر رات وڃي ٿي گُذري،
رنگَ نيڻن ۾ باک جا ڀَريان ٿو مان جاڳي،
مون ڪَتيندي ڪَتيندي خواب، ننڊ آ تياڳي،
سجَ جيان روح مان هي درد پَوي ٿو اُڀري،
جاڳندي جاڳندي هر رات وَڃي ٿي گُذري.

*

رنگَ جيون تان اُنهن جا اَڃا نٿا مِٽجن،

رنگَ جيون تان اُنهن جا اَڃا نٿا مِٽجن،
جيڪي رنگين تو ڏنا هئا وَڳا مون کي،
خوابَ هر رنگ ۾ تنھنجا هُئا لَڳا مون کي،
جاڳ ۽ ننڊ ۾ به عڪس اُنھن جا ڏِسجن،
رنگَ جيون تان اُنھن جا اڃا نٿا مِٽجن.

*
جاڳ ۾ خوابَ ٿا سَڏَن مون کي،
خواب ۾ روز ٿو پَوان جاڳي،
ننڊ ۾ جاڳ ٿي جَلي ساڳي،
هيءَ ڪھڙي لڳي لگن مون کي،
جاڳ ۾ خوابَ ٿا سَڏَن مون کي.
*

فون تو بند ڇو ڪئي آهي؟

فون تو بند ڇو ڪئي آهي؟
منھنجي ساهن تي گُهٽ آ ڏاڍي،
بيقراريءَ جي ٻُٽ آ ڏاڍي،
زندگي رُڃ ٿي پئي آهي،
فون تو بند ڇوڪئي آهي؟
*
تنھنجو آواز جو ٻُڌو ناهي،
ڪُجهه به مون کي ٻُڌڻ اچي ئي نٿو،
رنگ ڪو روح ۾ رَچي ئي نٿو،
هي ڀَلا ڪھڙو جياپو آهي،
تنھنجو آواز جو ٻُڌو ناهي.
*
پين سان تو پَني مٿان ٺاهي،
تنھنجي نالي جو دستخط آ دل،
پيار جو پھريون لِکيل خط آ دل،
عشق اهڙي ڏني آ آگاهي،
پين سان تو پَني مٿان ٺاهي.
*

گيت

---

مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وري.

مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وري.
واس بڻجي هَوا ۾ گُهلڻ جي وري.

گيت جُهونگار ڪو تون هوا ۾ سَکي،
اچ ته گڏجي ٻئي جُهومون هوا ۾ سَکي،
جُهڙ ڪئي آ تياري وَسڻ جي وري،
مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وَري.

ڪنڌُ منھنجي ڪُلھي تي رَکي پيار ڪر،
ٻانھن ڀاڪر وِجهي تون سَکي پيار ڪر،
آس جاڳي آ توکي چُمڻ جي وري،
مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وَري.

تنھنجي هر وِک توکي کَڄي ٿي چوي،
تنھنجي پيرن جي پايل وَڄي ٿي چوي،
ڳالهه ڇو ٿي ڪرين تون وڃڻ جي وري،
مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وري.

ڪيئن توکي چوان الوداع سانوري!
جي وڃين ٿي ته موٽي تون اچجان وري،
رُت ايندي ڪڏهن ڏَسُ مِلڻ جي وري،
مُند آئي گُلن جي ٽِڙڻ جي وري،
واس بڻجي هَوا ۾ گُهلڻ جي وري.
*

ڇمڪائي هَل ڇير او گوري!

ڇمڪائي هَل ڇير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.
چُونڊيون ڳاڙها ٻير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير

مِينھن وَسڻ جي تياريءَ ۾ آ،
گوڙ گَجڻ جي تياريءَ ۾ آ،
کِنوڻين جا چَمڪاٽ ڪڪر ۾،
پاڻ اَڃا ڀي پنڌ سفر ۾،
پنھنجي الفت جا اَڻ مِٽندڙ،
رهندا سُندر سير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.

هڪ ته سَمورا رستا آلا،
۽ ٻيو تنھنجا پيرَ نِرالا،
ڪنڊا ڀي وِک وِک تي آهن،
تنھنجا پيرَ چُمڻ ٿا چاهن،
ٿي نه پَون هي زخمي ڪاٿي،
تنھنجا نازڪ پير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.



تنھنجو منھنجي هٿ ۾ هَٿ آ،
پاڻ ٻنھيءَ جو سُھڻو سَٿ آ،
من کي اڄ ٿي ڀائين ڏاڍو،
ڀاڪر ۾ ٿي پائين ڏاڍو،
پنھنجي ساهن خوشبو سان تون،
ساھ نه منھنجا هير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.

وِهنجي شام لَٿي آ آلي،
موسم ٿي پئي خوب جُهڙالي،
ڪڪرن جي آ ڊوڙ هوا ۾،
مٽيءَ خوشبو کوڙ هوا ۾،
شام به ڇوڙيو آ وارن کي،
ڪيڏا گُهگهه انڌير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.

اُڀ تي آگم ڪين رهيو آ،
چمڪي اُڀري چنڊ پيو آ،
رستن تي چانڊاڻ لَٿي آ،
ڏُور جُهڳيءَ ۾ ٻَري بَتي آ،
چوڏَس ايئن ماٺار هوا ۾،
جهڙي خوابن وير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.

سَجني! گهر وَڃڻ کان اَڳ ۾،
پيار تون اوتي وَڃ رَڳ رَڳ ۾،
ڪُجهه ته مِلڻ ڏي چئن چپن کي،
ڪُجهه ته ڇُهن هي هٿ هٿن کي،
ڀاڪر مَنجهه ڀِڪوڙي دل جي،
پوري ڪر تون هير او گوري!
ڇمڪائي هل ڇير او گوري!
ڇمڪائي هَل ڇير.
*

ٻاروتڻ جو گيت

ٻاروتڻ جو گيت

مِٽيءَ مان رانديڪا ٺاهي،
رانديڪن سان کيڏون راند،
ننڍڙي گاڏي ننڍڙا ڏاند!

ننڍپڻ جو سامان سَھيڙي،
پنھنجي ٻاروتڻ کي ميڙي،
ڀَرجن خالي دل جا پاند.
ننڍڙي گاڏي ننڍڙا ڏاند!

آکاڻين ۾ ننڊ اَچي وئي،
ننڊ ڪھاڻين ساڻ رَچي وئي،
پوپٽ خوابن جا هيڪاند.
ننڍڙي گاڏي ننڍڙا ڏاند!

تارن جا جُگنو پَڪڙيندي،
خوابن جا خيما کوڙيندي،
چانڊوڪي ڀي ٿي وئي ماند.
ننڍڙي گاڏي ننڍڙا ڏاند!

ڪيڏا آهن سَنک هوا ۾،
آهن دل جا پَنک هوا ۾،
رنگن ۾ هِن تنھنجا ڇاند.
ننڍڙي گاڏي ننڍڙا ڏاند!
*

وايون

---

هُوءَ کڻي ايندي اکين ۾،

هُوءَ کڻي ايندي اکين ۾،
سج جھڙيون ساڀيائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

ساھ ۾ سانڍي رَکيون مون،
سُرمئي ڪُجهه ڪَلپنائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

رات پوئي ٿي ستارا،
موتين جون مالھائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

ڀَرت تنهائي ڀَري ٿي،
سُور جي سُئي سان صدائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

چنڊ جو چَرخو هَلائي،
ڪنھن ڪَتيون هي ڪَھڪشائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

روز ڪن ٿا کُڙکُٻيتا،
روشنيءَ جون آجيائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.

دل جي ڌُنڌلي آرسيءَ ۾،
عڪس بڻجي ويا گهٽائون،
ننڊ جي نيري گَگن تي.
*

هيءُ حَسينائون،

هيءُ حَسينائون،
ڪيڏيون مَعنائون،
جيون جي ڪئنواس تي.

سواليه نيشان جيئن،
بيٺو هان آئون،
جيون جي ڪئنواس تي.

ايڏا بي ترتيب رنگَ،
ڇالئه هاريائون،
جيون جي ڪئنواس تي.

ڏيکُ ڏُکارو ٿي ويو،
ڏُک ۾ ڏِٺائون،
جيون جي ڪئنواس تي.

خوابن جون خالي رهيون،
چارئي ڏِسائون،
جيون جي ڪئنواس تي.

ڪيڏو ڪوڙو ذائقو،
ڪيڏيون دَوائون،
جيون جي ڪئنواس تي.

ڪڪرن جون ڳوليان پيو،
صحرا ۾ ڇائون،
جيون جي ڪئنواس تي.
*

درد جي آتڻ مٿان،

درد جي آتڻ مٿان،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.

وقت ٿو ٽاڻي ڪَپهه جيئن،
هِن وڇوڙي جي هَٿان،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.

ساھ جو هي سُٽ سَنھڙو،
روز سُڏڪن سان اُڻان،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.

جيءُ جو آ جُهور چَرخو،
پو به ٿو جُهرندي چُران،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.


مان رهيس سَرمد جيان ئي،
هُو اَڀي چند وانگيان،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.

خواب جا ڌاڳا ٽُٽل سڀ،
روز نيڻن سان ڳنڍيان،
عشق ٿو مون کي ڪَتي.
*

ليڙون لِباس ميرو،

ليڙون لِباس ميرو،
جُهونن ڪَنن ۾ والا،
جوڳيءَ جا خواب گيڙو!

موسم مزاج بَدليا،
رِم جِهم رُتون جُهڙالا،
جوڳيءَ جا خواب گيڙو!

سانوَڻ ڇُھي رهيو آ،
سانجهيءَ جا اَنگَ آلا،
جوڳيءَ جا خواب گيڙو!

پيرن ۾ ڇيرَ بڻجي،
ڇمڪي پَوَن ٿا ڇالا،
جوڳيءَجا خواب گيڙو!

سيني جي رِڻ ۾ جوڳڻ،
دل جي اُڃي غزالا،
جوڳيءَ جا خواب گيڙو!

پيئندي کُٽي نه جيون،
تنهنجي چپن جا پيالا،
جوڳيءَ جا خواب گيڙو.
*

سُڏڪي پيو سنگيت،

سُڏڪي پيو سنگيت،
”گَڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

”مِٺيءَ“ جو محبُوب تون،
ڪارُونجهر جو گيت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

ڪيڏاري جو رُوپ ٿيا،
هي سڀ تنهنجا ميت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

مِٽيءَ سان مَنسُوب ٿي،
راڳي! تنهنجي ريت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.


واريءَ واويلا وڏي،
ڀِٽن توسان پريت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

ٿرجا ٿاڪ اُٻاڻڪا،
مندر، مور، مَسيت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

تنهنجو وڇوڙو ميان!
جھڙي وِھُ جي ڳيت،
”گڍيءَ“ تي غم جي گهٽا.

(سنڌ جي نامياري راڳي صادق فقير کي ڀيٽا)
*

باک اکيون کوليون،

باک اکيون کوليون،
ڪوئل ٿي ٻولي،
ننڊاکي سنسار ۾.

ڏِسان پيو مان خواب جي،
دريءَ کي کولي،
ننڊاکي سنسار ۾.

تو ۾ پنھنجو پاڻ کي
چنڊ پيو ڳولي،
ننڊاکي سنسار ۾.

لھرون، لھرون ٿي ويس،
ڇا ته ڇڏيئي ڇولي،
ننڊاکي سنسار ۾.

آوارا پيرن ڇڏيو،
رستن کي رولي،
ننڊاکي سنسار ۾.

ٽِم ٽِم ٽانڊاڻو ڪري،
بَن ۾ ڇا ڳولي؟
ننڊاکي سنسار ۾.
*

اک ٻيڙي ڪري،

اک ٻيڙي ڪري،
ناکئو ننڊ جو،
گُنگُنائي پيو.

لھر جي جهاڳ مان،
خواب ڪو سمنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.

روح رولاڪ هي،
همسفر چنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.

تنھنجي زلفن مَنجهان،
واس سَرکنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.
*

پھاڙن تان ڏسان ٿو،

پھاڙن تان ڏسان ٿو،
آبشارن جي روانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَ کي.

شَفافي جهيل جي نيڻن،
ٻَکيو رنگ آسمانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَ کي.

خوابن ۾ سَجايان ٿو،
نظارن جي نِشانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَ کي.

پُڄڻ چاهين ٿا پَربت،
خُدا جي لامڪانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَ کي.

ٿڌا چشما چُمي آيا،
برف جي بادبانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَ کي.

بَدن جي بارشن پُوچيو،
جَھَلم جي جوانيءَ کي،
ڀِنل سانجهي سُھانيءَکي.
*

ڌرتيءَ کي جيڪي ميان!

ڌرتيءَ کي جيڪي ميان!
ڏيندا ڇانءُ هُئا،
اُهي وڻ وَڍجي ويا.

جن تي سنيھا کڻي،
لَنوندا ڪانءُ هُئا،
اُهي وڻ وَڍجي ويا.

لکيل جن تي پيار سان،
پنهنجا نانءُ هُئا،
اُهي وڻ وَڍجي ويا.

ڏُک ۾ جيئڻ جا سدا،
ڏيندا ڏانءُ هُئا،
اُهي وڻ وَڍجي ويا.

دل تي بار نه ٿيا ڪڏهن،
هَلڪا هانءُ هُئا،
اُهي وڻ وڍجي ويا.
*

تنهنجا رَوَيا،

تنهنجا رَوَيا،
بدلجي وَيا،
منھنجي اک کُلي پئي.

مون کي خواب مَنجهان،
ڪنهن پئي سَڏ ڪَيا،
منھنجي اک کُلي پئي.

پَن ڇَڻ ۾ ڪوئل وٺي،
ڪُوڪِي، وَڍَ پَيا،
منھنجي اک کُلي پئي.

چُڀڻ لڳا هانءُ ۾،
تو ڪُجهه لفظ چَيا،
منھنجي اک کُلي پئي.

ڌرتيءَ جا ساوا سڀئي،
وَڍجي وَڻَ وَيا،
منھنجي اک کُلي پئي.
*

سڀئي سانوڻ ساٺَ،

سڀئي سانوڻ ساٺَ،
ڪَيم پُوڄا پاٺَ،
رنگَ نه اِنڊلٺ جا کِڙيا.

ٽھڪ به، ٽُڪرا ٿي ويا،
مُرجهايل آ ماٺَ،
رنگَ نه اِنڊلٺ جا کِڙيا.

ڪٿان آئي ننڊ جي،
اکڙين مَنجهه اَڻاٺَ،
رنگَ نه اِنڊلٺ جا کِڙيا.
*

ننڊاکي جُهوٽي،

ننڊاکي جُهوٽي،
اکين کي ٻُوٽي،
خوابن ۾ رولي ڇڏيو.

ٻارن آ ڦاڙي ڇڏيو،
لغڙ کي لُوٽي،
خوابن ۾ رولي ڇڏيو.

پوڙهي کي ماضي ڪيو،
ٻيڙيءَ جي سُوٽي،
خوابن ۾ رولي ڇڏيو.

من جي آڳنڌ تي ٽِڙي،
تُلسيءَ جي ٻُوٽي،
خوابن ۾ رولي ڇڏيو.
*

“نانيءَ جي نالي”

“نانيءَ جي نالي”

هوءَ سُتي پئي آ،
ڪفن ۾ ويڙهِي،
دنيا هي ڪھڙي؟

تارن، تُربت جي مٿان،
جوتي پکيڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

وکريل حياتي هئي،
موت اچي ميڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

آخر وڃين ٿينءَ تون،
هاءِ! قبر ڀيڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

ڪيڏي پيڙا تو امان!
جيون ۾ جهيڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

عينڪ لاهي تو رکي،
پئي آ اوهڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

ڇا تو سُڏڪا پئي ٻُڌا؟
او امان پوڙهي!
دنيا هي ڪھڙي؟

مٽيءَ جي سَمُونڊ ۾،
هڏڙين جي ٻيڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

تنهنجي سفر آخري،
دُک جي ڌُن ڇيڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟

اک مان ڳوڙها ٿي ڪِرِي،
ڳالهه جا تو ڪَيَڙي،
دنيا هي ڪھڙي؟
*

ٻُڙيءَ ۾ ٻُڙي آ

ٻُڙيءَ ۾ ٻُڙي آ
اُنھيءَ سان جُڙي آ
سڄي زندگي

جيئڻ ۾ ڪڙاٽي
زهر جي پُڙي آ
سڄي زندگي

ڏُکيو پنڌ پَربت
لِڦون ٿي کُڙي آ
سڄي زندگي

زخم ئي زخم ها
رَتو رَت ڇُڙي آ
سڄي زندگي

هَنيا وقت پٿرَ
چَري ٿي چُڙي آ
سڄي زندگي

مُحبت مَلھائي
نه مَرندي مُڙي آ
سڄي زندگي
*

بخشل باغيءَ جا ڇپيل ڪتابَ

بخشل باغيءَ جا ڇپيل ڪتابَ

1. سمنڊ جي هُن پار- 1999ع
2. سپنو سنڌو ديس جو- 2001ع
3. مٽيءَ جي خوشبو- 2003ع
4. آرسيءَ جا خواب- 2014ع
5. ڊسمبر جي اڪيلائي- 2006ع
6. درد جي ساڳي ڪٿا- 2010ع
7. سنڌو ديس مھان- 2011ع
8. ناياب هين هم(اردو شاعري) 2016ع
9. ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ(اڀياس) 2020ع
10. تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان(مضمون) 2021ع
11. خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ(شاعري) 2021ع
12. سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ(شاعري) 2021ع
13. لفظن جا ريشمي لھجا(سنڌي شاعريءَ جو اڀياس) 2022ع
14. بارشن کي ڀڄائي ڇڏيندڙ شاعري-(شاعري) 2022ع

مُرتب ڪيل ڪتابَ
1. سپنا ساڳيءَ مُند جا(نواب شاھ جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام2003ع
2. هي روح جزيرو حيرت جو(شيخ اياز جا سمورا غزل) 2004ع
3. هيرا ته ڏسو-(دنيا جي شخصيتن تي لکيل شيخ اياز جا نوٽس) 2009ع