ڪھاڻيون

تاريخ جو ڪفن

”تاريخ جو ڪفن“ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو پنجون ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.
امر جليل لکي ٿو منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪُل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3718
  • 1660
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو ڪفن

مهاڳ جي ڳالهه

مان پنهنجي وجود ۾ ڏاڍو ڊنل آهيان. ڊڄي ويو آهيان، ڊوڙندي ڊوڙندي ٿڪجي پيو آهيان. هڪ هڪ ساهه لاءِ سهڪي رهيو آهيان. مان خواب نه ڏسندو آهيان. خواب مون کي ڏسندا آهن. مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته هر جنم ۾ هڪ خونخوار وحشي جانور منهنجو پيڇو ڪندو رهيو آهي. مون کي چيري ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏڻ لاءِ هو منهنجو تعاقب ڪندو رهيو آهي. مان هن کان پري ڀڄندو رهيو آهيان.
هر دور ۾، هر جنم ۾ مون کيس مختلف نوعيت جو جانور ڏٺو آهي. ڪڏهن ڊائناسور، ڪڏهن بدمست هاٿي، ڪڏهن شينهن، ڪڏهن چيتو، ڪڏهن رڇ، ڪڏهن لومڙ، ڪڏهن بگهڙ، ته ڪڏهن سوئر، هر جنم ۾ مون کي ماري مات ڪرڻ کان پوءِ هو جڏهن پنهنجي وجود تي چاڙهيل کل لاهي ڇڏيندو آهي، تڏهن هڪ ماڻهو ظاهر ظهور نڪري نروار ٿيندو آهي، جنهن جي منهن تي مرڪ هوندي آهي. هو پاڻ کي ڏاهو، ڏاڍو سياڻو، ڄاڻو، رهبر ۽ منهنجو هڏ ڏوکي ظاهر ڪندو آهي. هو مون کي سنئين واٽ جو ڏس ڏيندو آهي، جنهن جو ڪو وجود نه هوندو آهي. هو منهنجي ۽ منهنجي موليٰ جي وچ ۾ ڀت بيهاري ڇڏيندو آهي. مان ماڻهوءَ کان ڊنل آهيان.
سوچيو هيم، ڪتاب "تاريخ جو ڪفن" جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ لکندس، جيڪو اصل ۾ مهاڳ نه هوندو، ۽ روشني پبليڪيشن جي دوستن کي پهچائي اچڻ لاءِ ڪنڊياري ويندس، مون اڄ تائين ڪنڊيارو نه ڏٺو آهي. مون رتو ديرو به نه ڏٺو آهي. الاءِ ڇو، مان ڪنڊياري کي رتو ديرو ۽ رتيديري کي ڪنڊيارو سمجهندو آهيان. جيڪي خط مان ڪنڊياري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط رتيديري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ جيڪي خط مان رتيديري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط ڪنڊياري موڪلي ڇڏيندو آهيان. هڪ خط بنا ايڊريس مون شڪارپور موڪليو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ خط موٽي آيو. لفافي تي پوسٽ آفيس وارن طرفان نوٽ لڳل هو. لکيل هو: تو جنهن جي لاءِ خط لکيو آهي، تنهن شڪارپور جو شهر ڇڏي ڏنو آهي.
مون کي خبر ڪونهي ته ڪنڊياري جو ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڪير آهي. مان سمجهان ٿو، هو هڪ ئي شخص آهي جيڪو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو به ميمبر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ۽ ٻئي ڄڻا ٻه مختلف شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻه نالا آهن ته اهي ٻئي نالا هڪ شخص جا آهن.
مان سمجهان ٿو ته رتيديري جو ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن جيڪڏهن هو ٻه شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو لازمي طرح هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن سندن نالو هڪ نه آهي ۽ هڪ بدران ٻه نالا آهن، ته پوءِ يقين ڄاڻو هو هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن.
ڪنڊياري جو اهو هڪ شخص جيڪو ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي به آهي، سو ساڳيو شخص آهي جيڪو رتيديري مان ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ته ميمبر قومي اسيمبلي به آهي مان يقين سان چئي سگهان ٿو، هو ساڳيو ئي شخص آهي، جيڪو روهڙيءَ مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي. هو ساڳيو هڪ شخص آهي جيڪو ٽنڊي آدم، ٽنڊي باگي، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي ٺوڙهي ۽ ٽنڊومحمدخان مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به آهي. هو هڪ ئي شخص آهي، جنهن جا انيڪ نالا آهن. هونءَ به نالي ۾ ڇا رکيو آهي! هر شخص جا هڪ کان وڌيڪ نالا ٿيندا آهن. اسلام آباد ۾ هڪ شخص جو نالو رشيد احمد، دوست سڏيندا اٿس شيدا ۽ دشمن کيس شيدا ٽلي چوندا آهن.
مان پڪ سان، پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي هڪ ئي شخص ويٺل آهي. هن جا ٻه سئو ٻاويهه نالا آهن. هن جون ٻه سئو ٻاويهه شڪليون آهن پر، اصل ۾ هو هڪ ئي شخص آهي. هو مختلف نالن، ذاتين ۽ شڪلين سان ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي ويهي رهيو آهي. پٿر جي دور کان وٺي موجوده دور تائين مون کيس قانون ساز اسيمبلين ۾ ويٺل ڏٺو آهي. هو پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانون کان بالاتر هوندو آهي. سندس ٺاهيل قانون جو اطلاق اسان جهڙن مولائين تي ٿيندو آهي، هن تي نه ٿيندو آهي.
ملڪ ٽٽندا آهن، ملڪ ٺهندا آهن ۽ ٺهي وري ٽٽي پوندا آهن پر هو تاريخ جي اٿل پٿل کان بي نياز ٻه سؤ ٻاويهه ڪرسين تي مختلف نالن، شڪلين ۽ لباس ۾ ويٺل نظر ايندو آهي. هو ڪڏهن به تاريخ آڏو بيوس نه ٿيو آهي. هن هميشه پنهنجي حڪمت عمليءَ سان تاريخ کي بيوس ڪيو آهي.
سوچيو هيم، ڪتاب جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ ۾ حسين ابن منصور الحلاج جي شهادت جو ذڪر ڪندس. سوچيو هيم مهاڳ ۾ انهن هڪ سؤ ججن، عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ڪندس جن حسين ابن منصور الحلاج کي سنگسار ڪرڻ ۽ اذيتناڪ عذاب ڏيڻ کان پوءِ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ڪجهه صفحا لکيم، ۽ لکي اڌ ۾ ڇڏي ڏنم. محسوس ڪيم تاريخ جي ڪجهه تمام وڏن المناڪ سانحن مان هڪ سانحي جو مهاڳ ۾ سرسري ذڪر مناسب نه آهي. تاريخ کي هر پڙهندڙ پنهنجي ذهني لاڙن جي حوالي سان پڙهندو آهي ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گذريل ٽن هزار سالن جي انيڪ سانحن مان خاص ڪري ٽن سانحن منهنجي ظاهر، منهنجي باطن تي، منهنجي سوچ تي، منهنجي روين تي الميي جي احساس جي مڪمل ڇاپ ڇڏي آهي.
سقراط جي شهادت، جنهن دوستن ۽ شاگردن طرفان آندل يونان جي تيز ترين گهوڙي تي سوار ٿي ڀڄي وڃڻ تي، زهر جو پيالو پي مرڻ کي ترجيح ڏني هئي. آخري گهڙين ۾ ڪيل سندس گفتگوءَ جو هڪ هڪ لفظ ناقابل ترديد آهي. فرار جي ترغيب کي رد ڪندي سقراط پنهنجن دوستن ۽ شاگردن کان پڇيو هو: مون کي اهڙو ڪو هنڌ، اهڙي ڪا جاءِ ٻڌايو جتي موت زندگيءَ تي حاوي ٿي نه سگهندو هجي !
هڪ سوال جي جواب ۾ سقراط موت جي تشريح ڪئي هئي. هن چيو هو: موت اصل ۾ سجاڳي آهي، ان ننڊ مان جيڪا اسين ٻئي ڪنهن عالم ۾ ڪئي آهي ۽ هيءَ زندگي ان ننڊ ۾ ڏٺل خواب آهي.
حضرت عيسيٰ جي شهادت ۽ شهادت کان اڳ گهريل ٻه دعائون، هن شهادت کان اڳ چيو هو: سڄي جهان جي گنهگارن جي ڏوهن جو بار مان پنهنجي ڪلهن تي کڻان ٿو. تون هنن کي معاف ڪري ڇڏجان“.
صليب تي چڙهڻ کان پوءِ يسوع مسيح پنهنجن ڏکوئيندڙن ڏانهن ڏٺو هو ۽ رب کي مخاطب ٿيندي چيو هو: هنن کي رحمت کان محروم نه ڪجان”. هي بيخبر آهن. هنن کي خبر نه آهي ته هي ڇا ڪري رهيا آهن.
حيرت انگيز حد تائين ساڳئي دعا، هڪ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ، بغداد جي باب الطلق واري قتل گاهه ۾ سنگسار ٿيڻ، ۽ عضوو عضوو ڪپجي ڌار ٿي وڃڻ کان پوءِ حسين ابن منصور الحلاج گهري هئي. هن رت آلوده ٻانهون آسمان ڏانهن اڀيون ڪندي چيو هو:"هنن کي پنهنجي رحمت ۽ بخشش کان محروم نه ڪجان”. هي مون کي عذاب تنهنجيءَ خوشنوديءَ خاطر ڏيئي رهيا آهن."
نوانوي ججن، عالمن، ۽ فاضلن حسين ابن منصور الحلاج کي ڪافر قرار ڏنو هو. کيس عبرتناڪ موت جي سزا ڏيڻ جو يڪراءِ فيصلو صادر ڪيو هو. حضرت جنيد جو شمار عالم اسلام جي وڏن عالمن ۽ ڏاهن ۾ ٿيندو هو ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. حسين ابن منصور الحلاج خلاف هلندڙ مقدمي ۾ هن بهرو نه ورتو. ڪنڌ جهڪائي، سوچ ۾ غلطان ويٺو رهيو. ججن پڇيس:"حضرت جنيد، اوهان حسين ابن منصور الحلاج جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪافر آهي، يا نه آهي؟"
حضرت جنيد ڪنڌ مٿي ڪري نوانوي ججن ڏانهن ڏٺو ۽ اٿي بيٺو. حضرت جنيد جي جسم تي ججن وارو جبو پيل نه هو. هن چيو: مون کي الله جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي. اهو انسان جي وس ۾ نه آهي، جو دلين جا پوشيده راز ڄاڻي سگهي. الله کان سواءِ دلين جا راز ڄاڻڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي.
ان کان پوءِ حضرت جنيد حجره ڏانهن هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ججن وارو چوغو پائي موٽي آيو. مقدمي ۾ پنهنجو فيصلو صادر ڪندي هن چيو:شاهدن جون شاهديون ۽ سرڪاري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حسين ابن منصورالحلاج ڪفر جو مرتڪب آهي ۽ واجب القتل آهي.
فيصلو صادر ڪرڻ کان پوءِ حضرت جنيد ججن وارو چوغو لاهي ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن نه پاتو.
زنجيرن ۾ جڪڙيل حلاج ڪوڪن ۽ ڪنڊن تان هلندو جڏهن هجوم جي وچ مان لنگهيو، تڏهن ڪاري چادر ۾ ويڙهيل هڪ عورت جي وات مان آهه سان گڏ اوڇنگار نڪري ويئي. حلاج ڪنڌ ورائي عورت ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو: اڄ ته منهنجي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، ۽ تون روئي رهي آهين!
ان کان پوءِ حسين ابن منصورالحلاج ڏاڍي شان سان هلندو، زنجير ڇڻڪائيندو باب الطق ۾ ٺاهيل قتل گاهه ڏانهن وڌي ويو. انيڪ روايتون آهن. سرڪاري جلادن حلاج کي جڏهن رتو رت ڪري ڇڏيو، تڏهن پنهنجي دور جي نامور درويش ابوبڪر شبليءَ روئيندي حلاج کان پڇيو، "اسان کي تصوف جي باري ۾ ٻڌاءِ”، حلاج، تصوف ڇاهي."
حلاج وراڻيو،"اوهين هن وقت جيڪي ڏسي رهيا آهيو، سا تصوف جي ابتدا آهي." ابوبڪر شبليءَ پڇيو،"اها جيڪڏهن ابتدا آهي، ته پوءِ انتها ڪهڙي آهي."
حلاج وراڻيو،"تصوف جي انتها جي خبر ڪنهن کي به ڪونهي." جلادن هٿ، پير، نڪ، چپ ۽ ڪن ڪپي ڇڏڻ کان پوءِ سوئن سان حلاج جون اکيون ڪڍي ڇڏيون، لکن ماڻهن جي انبوهه ۾ پٽڪو ۽ روڄ راڙو پئجي ويو، پوءِ جلادن جڏهن خنجر سان حلاج جي زبان ڪپڻ چاهي، تڏهن هن منهن آسمان ڏانهن ڪيو ۽ پنهنجن قاتلن جي حق ۾ اها دعا گهري جيڪا دعا سندس شهادت کان هڪ هزار سال اڳ شهيد ٿيڻ مهل، صليب تي يسوع مسيح پنهنجن قاتلن جي حق ۾ گهري هئي. سچل سرمست سان عقيدت آهي، يا ٻيو ڪو سبب آهي جو مان ڪڏهن ڪڏهن شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته حلاج جي شهادت وقت باب الطق جي قتل گاهه ٻاهران جن مجذوبن ۽ مولائين ماتم ڪيو هو، مان انهن ۾ شامل هوس.
سوچيم، حسين ابن منصورالحلاج جي شهادت جو ذڪر مهاڳ ۾ نه ڪندس، هڪ طويل ڪهاڻي لکندس. تاريخ ۾ بقا ملي حلاج کي، سندس قاتل ۽ جلاد حڪمران فنا ٿي ويا. هڪ حضرت جنيد کي ڇڏي، باقي نوانوي جج تاريخ ۾ دز ٿي اڏامي ويا. ڪنهن کي سندن نالو به ياد ناهي.
مهاڳ ۾ لکڻ لاءِ مون کي ٻن اهڙن شخصن جو به خيال آيو هو جن مان هڪ ڦيٿو ايجاد ڪيو ۽ باهه جي قوت جو اندازو لڳائي ورتو ۽ سموري دنيا جي انجنيئرن ۽ سائنسدانن جو ابو سڏجڻ ۾ آيو. هو تاريخ جي هر دور ۾ ايجادون ڪندو رهيو ۽ چنڊ جي سطح تان مٽيءَ جي مٺ کڻي موٽي آيو ٻيو شخص حق، سچ ۽ پنهنجي خلقڻهار جي تلاش ۾ نڪري پيو ۽ تاريخ جي هر دور ۾ صعوبتون سهندو رهيو. پيرن، پنڊتن ۽ پادرين سندس راهه روڪي، فتوائون صادر ڪري کيس سنگسار ڪرايو، جيئري ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرايو، گهاڻي ۾ پيڙايو، سر قلم ڪرايو ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهايو. تاريخ جي هر دور ۾ هو حق جي راهه ۾ مرندو رهيو آهي. جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ واريءَ جديد دنيا ۾ هن لاءِ تعزيرن جا ڪوٽ قلعا کڙا ڪيا ويا آهن، خلقڻهار جي تلاش هن لاءِ موجوده دور ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه ٿي پيئي آهي، ۽ هو ان ڏوهه جي سزا اڪيلائيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهي.
سوچيو هيم، مهاڳ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جي هڪ باب جو حوالو ڏيندس جنهن ۾ ٻارنهن سال اڳ ملهايل منهنجي گولڊن جوبليءَ جو ذڪر آيو آهي. ٻارنهن سال اڳ ڪجهه دوست ضد ٻڌي بيٺا. چيائون پنجاهه سالن جو ٿيو آهين، تنهنجي گولڊن جوبلي ملهائينداسين، ڏاڍو سمجهايو مان، ايلاز ڪيامان ته يِر ائين نه ڪريو. مون کي ڏٺو نه ڪريو. مون ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن جو منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيو. مون قابل ذڪر ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي. مون ڪنهن پدمڻيءَ سان پيار نه ڪيو آهي. مون ڦرندڙ مڇيءَ جي اک ۾ تير نه هنيو آهي. مون بهارن بدران خزائن کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. منهنجي گولڊن جوبلي نه ملهايو پر جيڪڏهن بضد آهيو ۽ ملهائڻ ئي چاهيو ٿا ته پوءِ گولڊن جوبليءَ بدران منهنجي پتل جوبلي ملهايو، بلڪه ٺڪر جوبلي ملهايو - ٺڪر به اهڙي ڀڳل بدني، يعني ڪؤنري جو جنهن کي پائخاني ۾ استعمال ڪبو آهي.
دوست زور آور! نه مڙيا، ٻارنهن سال اڳ جي ڳالهه آهي، منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي هئائون. ان ڏينهن مون گريبان چاڪ ڪري، ڪشڪول کڻي دنيا جي ڀريل بازار ۾ پنيو هو ۽ پنهنجو منهن اڇو ڪيو هو.
آتم ڪٿا جو باب طويل هو. تنهن ڪري باب کي مهاڳ ۾ شامل ڪرڻ مون مناسب نه سمجهيو. مان اڃان تائين فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ته نئين ايڊيشن جي مهاڳ ۾ ڇا لکان! بهتر آهي ته ڪجهه نه لکان!
هڪ فڪر حياتي جو حصو ٿي پيو آهي. سوچيندو آهيان، اڄ تائين مون جنهن جي لاءِ لکيو آهي، تنهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ته نه ڏنو آهي.

Amar Jaleel
1311.gali-12،
1-10/2 Islamabad
امر جليل
8 ڊسمبر 1998ع