ڪھاڻيون

تاريخ جو ڪفن

”تاريخ جو ڪفن“ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو پنجون ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.
امر جليل لکي ٿو منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪُل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3718
  • 1660
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو ڪفن

مهاڳ جو ڏهاڳ : پيش لفظ

”لکڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟" اڪثر دوستن ۽ مهربان پڙهندڙن مون کان پڇيو آهي.
ان قسم جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي گهڻو اڳ چيو هوم!"بيمقصد ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي مفهوم ڏيڻ لاءِ مان لکندو آهيان. ان کان سواءِ مون وٽ زندگي گذارڻ جو ٻيو ڪو مناسب سبب نه آهي."
زندگيءَ جو نالو، موت جو مسلسل انتظار آهي. ذري گهٽ پوڙهو ٿي ويو آهيان، پر مان، زندگيءَ لاءِ ڪوبه مقصد ۽ ڪابه معنيٰ تلاش ڪري نه سگهيو آهيان. اهوئي سبب آهي جو مون موت جي پاڇي ۾ ويهڻ ۽ لکڻ قبول ڪيو آهي.لکڻ کان سواءِ مان ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان. "جيڏانهن پورب پنڌ، تيڏانهن آءُ نه وڃڻو، هيءُ هنن جو هنڌ، منهنجو هنڌ هنگلاج ۾."
جنهن ڏينهن زندگيءَ لاءِ ڪا معنيٰ ۽ ڪو مقصد تلاش ڪري وٺندس، تنهن ڏينهن لکڻ ڇڏي ڏيندس ۽ خودڪشي ڪندس. اهو طئه ٿيل آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جو رومانوي وڌاءُ نه آهي.
سموري تاريخ انسان ذات جي تماشي جو دستاويز آهي. هر نئين سوچ، پراڻي ڪنهن سوچ جي محتاج آهي. هر نئين اڏاوت، پراڻي ڪنهن اڏاوت جي بنيادن تي بيٺل آهي. هر ايجاد انسان جي لاڳيتي تجسس جو نتيجو آهي پر موت جي اٽل موجودگيءَ ۾ انسان جو هر عمل مضحڪه خيز آهي. پنهنجي مضحڪه خيزيءَ کي انسان مختلف روپ ۽ نالا ڏيئي ڇڏيا آهن.
چنڊ ڏاڍو ڪوجهو، ۽ بي رونق آهي. اِها ڄاڻ دنيا جي هر نيل آرمس اسٽرانگ لاءِ سانحو آهي، پر منهنجي لاءِ چنڊ حسين آهي، خوبصورت آهي، من موهيندڙ آهي، ڇو جو مون ڪيپ ڪينيڊيءَ وٽان راڪيٽ ۾ سوار ٿي، چنڊ جي لازوال حسن تي ڪاهه نه ڪئي آهي. مون چنڊ کي جدائيءَ جي آسمانن تي، پاڻ کان ۽ پنهنجي پهچ کان پري، چمڪندي ڏٺو آهي: تنهن ڪري چنڊ مون کي هميشه وڻندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته چوڏهينءَ جي رات مان ڏاڍو اُداس، ۽ ويڳاڻو ٿي پوندو آهيان، ۽ سمورو آسمان مون کي ريگستان وانگر پـُـراسرار نظر ايندو آهي.
ڪئميرا جو لينس آرٽسٽ جي برش ۽ ليکڪ جي قلم جو نعم البدل نه آهي. ڪئميرا جي لينس پٺيان اپرچر، شٽر اسپيڊ جا اوزار ڪم ڪندا آهن. آرٽسٽ جو برش ۽ ليکڪ جو قلم حساس ذهن جي تخليقي عمل جي ترجماني ڪندا آهن. اذيتن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ صادقين اهڙي انسان کي ڪينواس تي منتقل ڪيو آهي، جنهن جي جسم مان ٿوهر ڦٽي نڪتو آهي.
ٻٻرن ٻير ڏنا آهن. هينئر اها خبر پراڻي ٿي چڪي آهي. عزتِ نفس جي جاءِ ڊپلوميسيءَ والاري ورتي آهي، پبلڪ رليشننگ جو وچڙندڙ مرض اديبن ۾ ڪاهي پيو آهي. سؤ سالن واري ذلت جي زندگيءَ کان سٺ ڏيهاڙن واري فاقه ڪشيءَ جي زندگي بهتر آهي. پر، جيئن ته آپگهات اسان لاءِ حرام آهي، تنهنڪري اسان عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي.
هن ڪتاب جي باري ۾ مون کي نه ڪا خوشفهمي آهي، ۽ نه ڪا غلطفهمي. هيءُ ڪتاب لکي مون نه ادب جي خدمت ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن جو قرض چڪايو آهي. هن ڪتاب ذريعي نه سنڌي ادب ۾ ڪو اضافو ٿيندو، ۽ نه ئي سنڌي ادب کي ڪو ”موڙ“ ملندو. سڀ ڪجهه پنهنجي روش تي هلندو رهندو، ۽ مان پنهنجي ساءِ لکندو رهندس، ۽ خوابن لاءِ تعبير تلاش ڪندو رهندس.
منهنجين ڪهاڻين ۾ اقتصادي ۽ معاشي علم جا اصول ڏنل نه آهن. تنهن ڪري منهنجيون ڪهاڻيون پڙهڻ جي باوجود ماڻهو بنا علاج جي اسپتالن ٻاهران فٽ پاٿن تي مرندا رهندا، ٻارَ بک ۾ پاهه ٿيندا رهندا، ۽ اَجهي لاءِ عورتون بگهڙن جي واعدن تي اعتبار ڪنديون رهنديون.
منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪـُـل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.
هن مجموعي ۾ منهنجي پسنديده ۽ نمائنده ڪهاڻي ”پڙلاءُ“ آهي جيڪا مون اڄ کان پندرهن- سورهن سال اڳ لکي هئي. اسان جو معاشرو ڏاڍيءَ بيدرديءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ساڳئي محور تي بيٺل آهي. گذريل ويهن- ٻاويهن سالن کان، جڏهن کان مان لکي رهيو آهيان، ڪجهه نه بدليو آهي- فقط باٽا جي بوٽن، سئنيما جي ٽڪيٽن ۽ مانيءَ جي قيمت وڌي ويئي آهي. انسان جي عزت، انسان جي احترام، ۽ انسان جي رت جي قيمت ڪـِـري پيئي آهي. ساجن، شامو، ۽ اياز جو الميو ساڳيو آهي.
اوهان کي اِهو پڙهي خوشي ٿيندي (يا ڏک) ته هن ڪتاب جي مهورت يا رونمائي وغيره نه ٿيندي. هيءُ ڪتاب اوهان کي دڪانن کانسواءِ ڪٻاڙين وٽان، ۽ فوٽ پاٿ تان به ملي سگهندو. هن ڪتاب جي قيمت ۾ اُن پيسٽريءَ جي قيمت شامل نه آهي، جيڪا اوهان نه کاڌي آهي.

شعبو، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد.

امر جليل
پهرين مارچ 1983ع