ناول

ڪئنڊيڊ

عظيم فرانسيسي ليکڪ والٽيئر پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. ھن جون تحريرون ان وقت جي بادشاھن ۽ مذھبي پيشوائن جي خلاف ۽ نج دليلن ۽ سائنسي فلسفن تي آڌاريل ھيون جنھن ڪري ھو سدائين عتاب جو شڪار رھيو. ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويھ ورهين جي عمر جو هو.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪئنڊيڊ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري فرانسيسي اديب ۽ فلاسافر والٽيئر جي ناول Candide جو سنڌي ترجمو ”ڪئنڊيڊ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جا سنڌيڪار شمشيرالحيدري، الھرکيو پريو ۽ سومار علي آھن. ڪتاب جي تصحيح ۽ تعارف محمد ابراھيم جويو جو ڪيل آھي.
عظيم فرانسيسي ليکڪ والٽيئر پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. ھن جون تحريرون ان وقت جي بادشاھن ۽ مذھبي پيشوائن جي خلاف ۽ نج دليلن ۽ سائنسي فلسفن تي آڌاريل ھيون جنھن ڪري ھو سدائين عتاب جو شڪار رھيو. ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويھ ورهين جي عمر جو هو.
ھي ڪتاب 1977ع ۾سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊيف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

تعارف: محمد ابراهيم جويو

جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي تہ هيلتائين سنڌي ۾ والٽيئر جو ڪوبہ ڪتاب شايع ڪونہ ٿيو آهي. ان جو سبب غالبن هيءُ بہ هجي، جو والٽيئر علم جي معاملي ۾ خالص عقل جي برتي جو قائل هو--- ’ايمان‘ تي هن جو اعتبار ڪونہ هو. سنڌي ٻولي جي علمي ۽ ادبي دنيا، پنهجي تاريخي حالات سبب، مشرق جي اڪثر ٻولين وانگر، تقريبن، سڄي جي سڄي ’ايماني‘ ماحول ۾ رچيل يا ورتل رهي اهي. ۽ هوڏانهن والٽيئر هڪ اهو باغي ليکڪ هو، جنهن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو هن جي مُئي کان 160 سال پوءِ، هاڻي تازو 1935ع ۾ انگلينڊ جهڙي سجاڳ ۽ آزاد خيال ملڪ ۾ اتان جي Thinkers Library وارن شايع ڪيو، تہ بہ هُنن کي هُن جي هڪڙي ڪهاڻي (”زباپوٽ سوال ٿو پڇي“ Question of Zapata-- ) مان ڪي ٽُڪرا پنهنجي انگريزي ترجمي ۾ ڪڍي ڇڏڻا پيا، ڇو جو انهن ٽڪرن ۾، سوالن رستي، ”انجيل مقدس جي ڪن ناهموار ڳالهين کي ڪجهہ زياده بر حرمتي سان کوليو ۽ اُکوليو ويو هو.“ انهي ڪري، جيڪڏهن سنڌي ۾ والٽيئر جو هيءُ پهريون ڪتاب هاڻي پيش ٿي رهيو آهي، تہ ان ۾ ڪو عجب کائڻ نہ گهرجي.
والٽيئر، 84 سالن جي وڏي عمر ماڻي، هيءُ جهان ڇڏيو. هُن جو پهريون ڪتاب ”او ڊيپ“ ڏک جو هڪ ناٽڪ جنهن هن کي ادبي دنيا ۾ مشهور ڪيو. اهو هن چوويھہ سالن جي عمر ۾ لکيو. اهو ڪتاب هن جيل ۾ لکيو، جتي عجيب حالتن هيٺ پهريون ڀيرو هڪ سال جي مدت هن کي گهارڻي پئي هئي. ان جو وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو. هيءُ ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“ جنهن جو، ڪجهہ اختصار سان، ترجمو هتي پيش ٿي رهيو آهي. اُهو هن پنجويھہ ورهين جي عمر ۾ لکيو. 1774ع ۾ جڏهن پاڻ اسي سالن جو هو، تڏهن هن جو هڪ مضمون ’ڪاڻو پوٽر‘ (One eyed Porter) هڪ رسالي ۾، گمنام نالي سان، شايع ٿيو، جنهن جو مرڪزي ويچار هي هو تہ ’زندگيءَ جو مَرڪ ۽ ڏاج خوشي اُهي ۽ هر شخص اها پنهنجي سرت ۽ سڀاءَ سارو حاصل ڪري ٿو، ڇو تہ خوشي شين ۾ نہ پر پنهنجي پاڻ ۾ آهي.‘ يعني پنهنجي آسپاس ۽ان جي شين ڏانهن انسان جو پنهنجو ردعمل ڪهڙو آهي، خوشي جو دارومدار ان تي آهي. مرڻ کان ٽي سال اڳ هن پنهنجو آخري مضمون ”ياد جو ڪشالو“ (Memory’s Adventure) لکيو جيڪو هن بنيادي خيال تي بيٺل هو تہ ’حواس ئي آهن جيڪي حافظي کي ترتيب ڏين ٿا، ۽ حافظي کان سواءِ ذهن جو ڪو وجود ڪونہ هو: حواسن ۽ حافظي کان سواءِ خيال يا فڪر جو ٻيو ڪو سرچشمو نہ هو، نہ ٿي سگهيو ٿي.‘
والٽيئر جي مرڻ کان پوءِ هن جي سمورين لکيتن کي گڏ ڪري، 99 جلدن ۾ شايع ڪيو ويو. سندس زندگي ۾ اهڙي ڪا مشڪل سندس تصنيف هئي، جنهن تي سرڪار يا مذهب (مسيحي ڪليسا، ڪيٿولڪ يا پروٽيسٽنٽ) اعتراض نہ ورتو هجي ۽ ان جي اشاعت يا ان جي پڙهڻ خلاف ممانعت جا حڪم يا فتوائون نہ جاري ڪيون هجين. ۽ اهو سڀ تڏهن جڏهن هن کي خود ئي خيال هوندو هو تہ کيس پنهنجا نوان ويچار ۽ رايا پوري ذميداري ۽ احتياط سان ظاهر ڪڻ کپن، ڇو تہ ”آءٌ نٿو گهران تہ منهنجو پنهنجو بورچي ئي ڪٿي جوش ۾ اُٿي، اجايو خون ڪري ڇڏيم!“
هُن، بهرحال، پنهنجي حياتي جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. پنهنجي زندگي جي پوئين سال، يعني 1778ع ۾، چوويھہ سال يڪا جلاوطن رهڻ کان پوءِ، هو پنهنجي جنم جي شهر پئرس ۾ سو بہ بنان اجازت، موٽي آيو، جتي هن جو آخري عمر ۾ لکيل (وري بہ) هڪ ڏک وارو ناٽڪ ”آئرين“ (Irene) اسٽيج تي پيش ٿي رهيو هو. گهٽين ۾ ماڻهن جا انبوھہ نڪري آيا، جن هن کي ڏسي نعرا هنيا: ”والٽيئر آيو، جيءُ آيو! والٽيئر زندھہ باد! ڪالَس[1] جي حامي کي سَوَ سلام!“ هن جي ناٽڪ جي ڇهين پيشڪش تي پهريائين خود سندس هن جي پنهنجي نشست تي ويٺي، ۽ پوءِ هن جي مجمسي جي کُلي اسٽيج تي گلن سان تاجپوشي ڪئي وئي. هن سان ملڻ لاءِ هن جا دوست ۽ واقفڪار جيڪي هن کي سالن کان پوءِ ڏسي رهيا هئا ۽ هن جا پرستار ۽ قدردان ٽولن ۾ ۽ قطارن ۾، جتي هن جي رهائش هئي اتي وٽس ايندا رهيا. پڇاڙي جو، هن جي ان کيڪار جي، ٻہ ڏينهن لاڳيتا اهي ئي حالت رهي، والٽئير پنهنجن دوستن ۽ قربدارن سان گڏبو رهيو ۽ هٿ ملائيندو رهيو، ۽ ائين ڪندي ڪندي، هو بنھہ هُپجي پيو، ۽ ائين ڏسجي رهيو هو تہ 74 سالن جي هن پير مرد لاءِ وڌيڪ زندگي جو بار کڻڻ وس کان ٻاهر ٿي چڪو هو.
ترت ئي پوءِ جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن پئرس جي ديني اختياري وارن هن کي مسيحي ڪفن دفن ڏيڻ کان انڪار ڪيو- ڇو؟ چي، ’هو ملحد هو‘ هن جي دوستن هن کي ٺاهي جوڙي جيئري شخص وانگر، هڪڙي گاڏي ۾ کڻي ويهاريو، ۽ ايئن هن جو لاش رات وڳڙي ۾، هو شهر کان ٻاهر ڪڍي ويا. شهر کان ٻاهر ويجهي هڪ ديول ۾ هڪڙو ڪشادي دل وارو پادري سندن واقف هو. يا ايئن ئي اهو کين ملي ويو، جنهن ”آمر لوڪن کي مسيحي شريعت جي احڪامن کان بالاتر“ سمجهي، والٽيئر جي لاش کي پنهنجي ديول جي ”مقدس“ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني.
تيرهن سال پوءِ، 1891ع ۾، فتح سان سرشار انقلابين، پنهنجي قومي انقلابي اسيمبليءَ طرفان ٺهراءُ پاس ڪري، ”انقلاب جي آمر استاد“ ۽ ”عقل جي پياسيءَ“ والٽيئر جا هڏا واپس پئرس آڻڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ هن جا هڏا هڪ لک ماڻهن، مردن ۽ عورتن، گڏجي جلوس ٺاهي، پاڻ سان گڏ واپس پئرس ۾ آندا، ۽ ڇهن لکن کان وڌ ماڻهن رستن تي ۽ گهٽين ۾ بيهي انهن جو سلام ڪيو- جلوس ۾ ويندڙ جنازي جي گاڏي تي هي لفظ لکيل هئا: ”هن شخص جو انساني ذهن تي عظيم احسان آهي؛ هن ئي اسان کي آزادي جو سبق سيکاريو.“ والٽيئر جي جنازي کي پوءِ، ساڳي پئرس ۾ ”قومي ديوتائن جي قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ هن جي قبر جي پٿر تي رڳو هي لفظ اڪيريا ويا: ”هي والٽيئر جو مدفن آهي“ – ايئن سمجهيو ويو تہ والٽيئر ڪير هو، ان لاءِ والٽيئر جي قبر تي والٽيئر جو نالو ئي ڪافي هو.
فرانس جو هيءُ غير معمولي انسان سڄي زندگي ٻن ڳالهين جي سلسلي ۾ بيحد خوش نصيب رهيو- هڪڙو دوستن ۽ ٻيو دولت جي سلسلي ۾، هڪ تہ هن کي ڪجهہ اباڻي ۽ ڪجهہ وڌيڪ ناناڻي ملڪيت ورثي ۾ آيل هئي. هن جو پيءُ ان زماني جي پئرس جو هڪ ڪامياب وڪيل هو، ۽ سندس ماءُ تہ ”چند امير نسل“ جي هئي. ۽ حيو تہ خود کيس بہ تجارتي ڪاروبار جو اهڙو ڪو ڍنگ هو. انهي ڪري هو ڪڏهن بہ مالي پريشاني جو شڪار نہ رهيو. هن جي دوستن جي ڳالھہ هئي هئي تہ جو جڏهن هن کي جلاوطني توري جيل جي حالت ۾ پنهنجي بچاءُ توڙي پناھہ جي خيال کان، ڪنهن دوستانہ اثر ۽ رسوخ جي ضرورت درپيش آئي، تہ هو ان کان ڪڏهن بہ محروم ڪونہ رهيو. چوڌاري دشمنن ۽ بدخواهن جي وچ ۾ هوندي به، هڪ پاسي ڪيترا همعصر عالم ۽ اديب هن جا دوست ۽ ساٿي هئا، تہ ٻئي پاسي ڪيئي علم دوست ۽ ادب نواز امير، مرد توڙي عورتون، ويندي وقت جي بادشاهن ۽ انهن جي ويجهي کان ويجهي منصبدارن تائين هن جا خيرخواھہ ۽ قدردان هئا- جرمني جو بادشاھہ فريڊرڪ اعظم تہ هن جو پڪو منعقد هو. هن جي انفرادي دوستي ۽ گهڻگهرائي جي دائري جي وسعت جو سبب هن جي ذاتي خوشحالي خوش طبعي ۽ خوش ذوقي سان گڏ هن جي فڪر توڙي عمل جي بي غرض ۽ بي خوف سچائي پڻ هئي. عوام يعني پورهيت ۽ غريب ماڻهن ۾ تہ ڪيئي هن جا بنھہ فدائي هئا- ڇو تہ اهي هن کي، سڄي جهان جي خلاف، خاص پنهنجو همدرد ۽ حامي سمجهندا هئا.
والٽيئر جي ڪهل، سخا ۽ شيواڌاري سڀاءُ جون ڳالهيون انيڪ آهن. هو اڪثر چوندو هو تہ ”افسوس آهي، جو نيٺ مري وڃبو، ۽ چڱو ڪم ڪرڻ کان رهجي ويندو!“ اوري جا پري جا ماڻهن هن وٽ صلاح مصلحت لاءِ، قلم توڙي پيسي جي مدد لاءِ، خالص همدردي ۽ هانءَ ڏڍ لاءِ سدائين ايندا رهندا هئا. سزا کاڌل غريبن لاءِ هن جي دل ۾ خاص جاءِ هوندي هئي. انهن کي اڪثر معافي ڏيارڻ جي ۽ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ هو ڇٺي ايندا هئا. تہ انهن کي مدد ڪري ڪنهن ڌنڌي سان لائي ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ انهن جو وقت بوقت سماءُ رکندو هو ۽ انهن کي صلاحون ۽ مشورا ڏيندو رهندو هو تہ جيئن زندگي ۾ پنهنجن پيرن تي بيهي هو ڪامياب بنجن. هڪڙي ڀيري هڪڙا نوجوان زال مڙس، جن هن سان ڪا ٺڳي ڪئي هئي ۽ هن کي ڦريو هو، وٽس آيا ۽ گوڏن ڀر جُهڪي کانئس معافي وٺڻ لڳا، والٽيئر پاڻ هنن جي اڳيان گوڏن تي ويهي جهڪي هنن کي اٿاري مٿي ڪيو، ۽ کين پنهنجي طرفان معافي جي خاطري ڏياريندي چيائين تہ ”انسان کي جهڪڻو آهي تہ فقط خدا جي اڳيان جهڪڻ گهرجي، ۽ ڪنهن کان معافي گهڻ بدران پنهنجي نفس کي گناھہ کان روڪڻ کپي.“ هن جي انيڪ پر اپڪاري ڪمن مان، مثال طور، هڪڙُ نيڪ ڪم هي بہ ٻڌايل اهي تہ پنهنجي هڪڙي مخالف جي بيواهي نياڻي کي هن گود ۾ ورتو، پالي پڙهائي وڏو ڪيو، ۽ هن جي شادي لاءِ شاهاڻي قسم جي ڏاچي جو بندوبست ڪيائين تہ جيئن هو سُکي زندگي گذاري سگهي. ”هي جيڪو نيڪي جو ننڍڙو ڪم مون کان ٿي سگهيو آهي.“ هن چيو، هن کي آءٌ پنهنجو بهترين ڪم سمجهان ٿو.... جڏهن مون تي ڪو هلان ڪري ٿو تڏهن آئون حيوان بنجي وڙهان ٿو، ڪنهن جي اڳيان جُهڪي نٿو پوان، پر اندر ۾ آئون نيڪ حيوان آهيان ۽ پڇاڙي ۾ آءٌ کلي ٿو وجهان.“
هيءُ ”کلڻو فيلسوف“ جڏهن 75 ورهين جي ڄمار جو ٿيو، تہ سندس دوستن فيصلو ڪيو تہ پاڻ ۾ پيسا گڏ ڪري، ڪنهن اعليٰ سنگتراش کان هن جو هڪ يادگار مجسمو تيار ڪرايو وڃي. ان لاءِ اهو شرط رکيائون تہ ڪوبہ هڪ ”مائيٽ) (- اڌ پينس، يعني ٽامي جي هڪ ٽڪي) کان وڌيڪ رقم نہ ڏئي- کڻي ڪيترو بہ ڪو شاهوڪار هجي- تہ جيئن گهڻي کان گهڻا دوست ان ۾ حصو وٺي سگهن. جرمني جي بادشاھہ فريڊڪ اعظم پڇا ڪئي تہ هو ان لاءِ ڇا ڏئي؛ جواب مليس تہ ”حضور هڪ ’ڪرائون‘ – ”تاج“- (پنج شلنگ، يعني اٽڪل چار روپيا) موڪلي تہ چڱو ٿيو، جو توهان ٻين علمن ۽ هنرن جي سرپرستي سان گڏ هڪ هڏائين پڃري جي مجسمي لاءِ پنهنجو ”ڪرائون“ ڏيئي ”علم بدن“ جي واڌاري طرف بہ توجھہ فرمايو آهي“ پنهنجن دوستن کي ان تجويز کان ڪجهہ باز رکڻ جي ڪوشش ڪندي، لکيائين! ” اڙي منهنجا دوستؤ، مون ۾ تہ اهڙو ڪو منهن ئي ڪونہ بچيو آهي، جو ان جو ڪو نمونو ٺهي سگهي. اوهان يا اوهان جي سنگتراش لاءِ تہ اهو اندازو ڪرڻ ئي ڏکيو ٿي پوندو تہ اهو هئڻ ڪٿي گهرجي؟ منهنجو اکيون ئي انچ اندر پيهي ويون آهن؛ منهنجا ڳل پراڻي کل وانگر سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن؛........ جيڪي ٿورا ڏند هئم، سي بہ ڪري پيا اٿم......“ کيس جواب مليو تہ ”ڏات ڌڻي (genius) جا مهانڊا پڌرا هوندا آهن ۽ ڏات ڌڻي هن جو ڀاءُ، هر هنڌ ۽ هر وقت هن کي آساني سان سڃاڻي سگهي ٿو.“
والٽيئر پنهنجن پوين ڏينهن ۾ جڏهن بستري داخل ٿيو، تڏهن هڪڙو پادري مسيحي شريعت موجب مغفرت جي دعا ڪرڻ لاءِ پاڻهئي ڄاڻي وٽس لنگهي آيو. والٽيئر کلندي پڇيس ”پادري سڳورا توهان کي ڪنهن موڪليو آهي“ پادري جواب ڏنس تہ خداوند قدوس پاڻ“ اهو ٻڌي، پادري سڳورو جيئن آيو هو تيئن مغفرت جي دعا ساڻ کڻي، موٽي ويو. والٽيئر پنهنجن گناهن بخشائڻ لاءِ پوءِ ٻيو هڪڙو پادري سڳورو پاڻ گهرايو، جنهن وري چيس تہ ”پهرين پنهنجي ايمان جي قبوليت صحيح ڪري ڏي تہ تون مسيحي دين جي ڪئٿولڪ شريعت جو معتقد آهين، تہ پوءِ تنهنجي گناهن جي قبوليت وٺان.“ والٽيئر کلي منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ ان جي عوض هيٺيون مختصر بيان لکي، پنهنجي سيڪريٽري جي حوالي ڪيائين، ۽ ان کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ دم ڏنائين: ” آئون ڌڻي جي پياسي دل ۾ رکي مران ٿو، پنهنجند وستن لاءِ محبت اٿم، ۽ دشمنن لاءِ نفرت ڪانہ اٿم، ۽ آئون هر قسم جي وهم ۽ وسوسي کي ڌڪاريان ٿو (بقلم) والٽيئر 28 فيبروري 1778ع“
والٽيئر جي صحت ننڍي هوندي کان نازڪ هوندي هئي. ڄمڻ وقت هو بنھہ ٽنب ماس جي هو. هن جي ماءُ کيس ڄڻيندي ئي گذاري ويئي هئي، پر هو ڪنهن طرح جي پيو ۽ سڄا سارا 84 سال جيئندور هيو- نہ رڳو جيئندو رهيو، پر سڄو وقت ڳهندو رهيو، وڙهندو رهيو، لکندو رهيون، ۽ پاڻ تي سڄي دنيا تي کل چرچا ۽ مسخريون ڪندو رهيو. هو اڪثر ڪانہ ڪا بيماري ساڻ کنيو گهمندو هو. ايتريقدر جو، هڪ موقعي تي هن کي چوڻو پيو تہ اسي سالن کان وڌيڪ ڏينهن مون رڳو مرڻ ۾ ورتا آهن.“ پر، هن جي طبع جي مک خاصيت هي هوندي هئي، جو ڪنهن بہ صورت ۾ ڪنهن بہ حالت ۾، ڪم کان هن گهڙي بہ پاڻ کي واندو نہ رکيو. سندس سيڪريٽري جو چوڻ هو تہ ”زندگي ۾ جيڪڏهن هن ڪا ڪنجوسائي ڏيکاري هئي تہ فقط پنهنجي وقت جي سلسلي ۾.“ هن جو پنهنجو چوڻ هو تہ ”مصروف نہ هجڻ ۽ زندھہ نہ رهڻ ساڳي ڳالھہ آهي.... ماڻهو سڀ چڱا آهن، سواءِ انهن جي جيڪي بيڪار ۽ ٽوٽي آهن.... جي ماڻهو چاهي تہ حياتي ڪجهہ گذاري جهڙي بنجي، تہ کيس گهرجي تہ جيترو ٿي سگهي اوترو پاڻ کان ڪم وٺندو رهي.... جيئن عمر ۾ آئون وڌان ٿو، تيئن ڪم جي پنهنجي لاءِ وڌيڪ ضرورت محسوس ڪريان، ڪم زندگي جو نشو آهي، ڪم ئي زندگي جي مسرت آهي.... جيڪڏهن ڪو خودڪشي ڪرڻ نٿو گهري تہ هن کي سدائين ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪندو رهڻ گهرجي.“ واقعي پنهنجي زندگي جا سٺ سال جيڪي هن سوچن ۽ لکڻ ۾ صرف ڪيا... ”منهنجو اهو ڌنو آهي تہ جو ڪجهہ سوچيان سو لکان“.... انهن جي هڪ هڪ گهڙي هو ڪم ڪندو رهيو. فلسفي ۽ تاريخ جي ڄاڻو، ول ڊيورانٽ، جو چوڻ آهي تہ ”والٽيئر جي دور جو ٻيو ڪو مشڪل ماڻهو اهڙو هو، جنهن فڪر ۽ فن جي ميدان ۾ هن کان وڌيڪ محنت سان ڪم ڪيو هجي ۽ ان ۾ هن کان وڌيڪ ڪا حاصلات دنيا کي ڏني هجي. والٽيئر جي صدي (1778ع—1694ع) يورپ ۾’ڪمالات جي صدي‘ سڏجي يٿ ۽ هو ان صدي جو خالص ترين روح ۽ جوهر هو. “ فرانس جي عظيم عالم ۽ اديب، وڪٽرهوگيو جو چوڻ آهي تہ ”والٽيئر جي نالي وٺڻ سان سڄي جي سڄي ارڙهين صدي جي ڪارڪردگي، معني ۽ مقصد سامهون اچي وڃن ٿا.“
والٽيئر جو خانداني نالو فرانڪوس ماري اروٽ هو، ”والٽيئر“ (جنهن جي معنيٰ ”برق“، ”شعلو“ يا ”سو“ ڪري سگهجي ٿو) هن جو ادبي نالو هو، جو هن ٽيويهن سالن جي عمر ۾ پاڻ تي رکيو هو، جڏهن هو فرانس جي مشهور شاهي قيدخاني، باسٽيل، ۾ بند هو، شعر چوڻ تہ هن لکڻ پڙهڻ سان گڏ شروع ڪيو هو، هن جو پيءُ مذهب جي معاملي ۾ پڪو اعتقادي ڪئٿولڪ هو، پر هن جو وڏو ڀاءُ آرمنڊ، پيءَ جي ان عقيدي تان ڦري، وڃي ’جئنسيني‘ فرقي (پايو وجهندڙ: ڪارنيليس جئنسين- وفات 1638) ۾ داخل ٿيو هو، جنهن فرقي جو هي عقيد هو تہ ”فطري انساني ارادو بدي ڏانهن ويندڙ هو ۽ ۾ ان ۾ نيڪي جي بنيادي اهليت ڪانہ هئي: انهي ڪري جيڪڏهن ماڻهو کي بدي کان بچڻو هو تہ هن کي ان لاءِ پنهنجي فطري ارادي جي خلاف پنهنجي عمل ۾ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي. گناهن جي قبوليت يا مغرفت جو ڪو سوال ئي ڪونہ هو.“ مسيحي دين جي بنيادي عقيدي کان هن ڪفر جي پاداش ۾ ڪئٿولڪ شريعت جي ديني عدالت آرمنڊ کي پاسي جي سزا ڏني ۽ هو آخري دم تائين پنهنجي ڳالھہ تي محڪم بيٺو رهيو. پنهنجي هڪڙي دوست کي ڇينڀندي جيڪو کيس توبھہ تائب ٿيڻ لاءِ چئي رهيو هو چيائين: ”جيڪڏهن تون پاڻ سوري تي چڙهڻ نٿو گهرين، تہ ڪم از م ٻين کي تہ ان کان نہ روڪ!“ والٽئير تي پنهنجي پي جي ڀيٽ ۾ ان پنهنجي ”باغي“ ڀاءُ جي طبيعت ۽ قرباني جو وڌيڪ اثر هو. سو جڏهن والٽيئر جي شعربازي جي آخر هن جي پي کي خبر پئي تہ تڏهن هن ”ٻئي بيوقوف پٽ“ مان بہ هو آسرو لاهي ويٺو تہ هو ڪو دنيا ۾ ڪجهہ ڪندو يا ڪنهن درجي کي پهچندو- ڇاڪاڻ تہ هن جي چوڻ مطابق ”ادب ان ماڻهو جو ئي پيشو ٿي سگهي ٿو، جيڪو معاشري لاءِ بيڪار ۽ مائٽن تي بار هجي، ۽ جنهن کي زندگي ۽ بک وگهي مرڻو هجي...“ شايد فرانس ۾، اسان جي اڄوڪي سنڌ وانگر ان زماني ۾ ادب جي ڪجهہ اها ڪيفيت ۽ اديبن جو ڪجهہ اهوئي حال هوندو هو!
هوڏانهن عجب جهڙي ڳالھہ هي تہ پئرس کان ٻاهر سندن اباڻي ڳوٺ ۾ رهندڙ ان زماني جي هڪ مشهور ميلاني رقاصہ نني انڪلاس، هن ”ڇوڪري آروٽ“ جي غير رواجي ذهن ۽ ذوق کان ايتري تہ متاثر ٿي، جو مرڻ وقت پنهنجي وصيت ۾ ٻہ هزار ”فرئنڪ“ هن جي تعليم ۽ پسند جي ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويئي. هن جي پهرين استادن ۾ هڪڙو گهڻ ڄاڻ قسم جو پادري، جيروم ڪونارڊ نالي، چيو وڃي ٿو، جنهن هن کي انجيل جون آيتون تہ سيکاريون پر انهن بابت هن جي دل ۾ ڪيترا شڪ بہ جاڳائي ڇڏيا. هن جي اعليٰ تعليم ”جيسوئي“[2] استادن جي هن ۾ ٿي، جن هن کي ”علم ڪلام“ ۾ اهڙو ڀڙ ڪري ڇڏيو، جو خود انهن وانگر هو ڪنهن ڳالھہ جي ثابت ڪرڻ تي ايندو هو تہ هر ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏيندو هو. يعني، ايمانم، اعتقاد، يا تقليد جنهن جو نالو، سو هن ۾ نہ رهيو، بلڪ هر ڳالھہ تي شڪ ڪرڻ هن جي عادت بنجي وئي. رڳو پيو دليل دلائل ڏيندو هو. ٻيا هن جي هم عمر ڇوڪرا پيا رانديون ڪندا هئا تہ هو ڪلاسن ۾ ويٺو استادن ۽ عالمن سان شرعي ۽ فقهي مسئلن تي بحث ڪندو هو. رات جو دير دير سان گهر اچڻ ۽ شهر جي آزاد ماڻهن جي سنگ ۾ اٿڻ ويهڻ هن جو دستور بنجي ويو. هن جي پي سندس استاد صاحبن سان صلاح ڪئي، جن بہ هن لاءِ ڪو کيس سٺو سرٽيفڪيٽ ڪونہ ڏنو چي ڏاڍو هوشيار ۽ تيز فهم آهي پر گهڻي رول طبع اٿس.“ نيٺ پڻس، ڪڪ ٿي، پري ٻئي هنڌ ڪٿي رهندڙ پنهنجي هڪڙي سخت مزاج مائٽ وٽ موڪلي ڏنس، تہ جيئن اتي ”پرديس“ ۾ هن وٽ هو قيد ۾ ٻڌو رهي. پر هن پنهنجي ان جيلر کي پنهنجي عقلمندي ۽ چتر زباني سان ايترو تہ موهت ڪري ڇڏيو جو نہ رڳو هن مٿانس سڄي چوڪسي هٽائي ڇڏي، پر هن جي ڳالهين ۾ هن جو هو پاسو وڍي بييه رهيو! پڻس لاچار ٿي، اتان بہ کيس گهرائي، هالينڊ جي فرينچ سفير کي منٿ ڪري تہ هو مٿس ڪرڙي نظر رکندو، هن جي اٽالي ۾ هن کي ڪا جاءِ ڏياري، مرڳو فرانس مان ئي ٻاهر موڪلي ڇڏيس. پر ترت ئي اتي وري هڪ معمولي ڇوڪري سان عشق ۾ ڦاسي پيو، ان لاءِ دلگداز نظم لکندو رهيو، ان کي خطن مٿان خط لکندو رهيو ۽ ڏينهن رات لڪي لڪي ان سان ملاقاتون ڪندو رهيو. نيٺ ڳالھہ ڦاٽي پيئي ۽ بدنامي ٿي، ۽ ههڙي ”غير ذميدار سفارتي عملدار“ کي ٿڙا مٿي تي ٻڌائي، هڪدم واپس پئرس ڏياري موڪليائون.
1715ع ۾ جڏهن هو ايڪيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن فرانس جي بادشاھہ لوئي 14 جي مرڻ تي هن جي جانشين پٽ هڪڙي امير ڪبير سنڀاليون. هن سرڪاري خرچ گهٽائڻ جي نيت سان، اڌ گهوڙا وڪڻي ڇڏيائين. جڏهن اها خبر والٽيئر ٻڌي، تڏهن هڪدم هن جي زبان مان هي گفتو نڪتو تہ ”ڪيڏي نہ وڌيڪ سمجهداريءَ جي ڳالھہ ٿئي ها، جيڪڏهن اصطبل ۾ بيٺل گهوڙن کان اڳ درٻار ۾ ويٺل اڌ گڏھہ ڪڍي ڇڏي ها!“ اهو هن جو گفتو فورن پئرس جي هر ماڻهو جي زبان تي چڙهي ويو. انهن ڏينهن ۾ ٻہ هڪڙا ننڍا نظم بہ شهر ۾ عام پکڙجي ويا، جن ۾ قائم مقام امير ڪبير تي جُلھہ ڪيل هئي تہ هن سازش ڪري، تخت جو وارث بنجڻ چاهيون ٿي. ڪاهي ٻہ نظم بہ ڪنهن طرح نوجوان آروٽ ڏانهن منسوب ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن باغ ۾ ان قائم مقام امير ڪبير جي ور چڙهي ويو، جنهن ڳچي کان جهلي چيس، ”آروٽ، ترت ئي توکي مان اهڙي هنڌ جو سير ڪرائيندس، جو سڄي عمر ياد ڪندين!“ ڪهڙي هنڌ“ ”باسٽيل جي باغ جو!“ ٻئي ڏينهن يعني 12 اپريل 1717ع تي، آروٽ باسٽيل جي قيد خاني ۾ ويٺو هو!
ايئن هو ان باسٽيل جي شاهي ترم ۾ تقريباً ٻارهن مهنيا رهيو. پنهنجو ادبي نالو ”والٽيئر“ بہ اتي هن پاڻ تي رکيو. هن انهن ٻارهن مهينن ۾ ٻہ ڪتاب لکيا. هڪ ”او ڊيپ“ ڏک وارو ناٽڪ، جنهن جو ڪجهہ ذڪر مٿي ٿي چڪو اهي. ۽ ٻيو ”هينر ئيڊ“ جيڪو فرانس جي ڏيڍ سو سال ڳوڻي بادشاھہ هينري چار جي سوانح حيات بابت هڪ طويل نظم هو، ان بادشاھہ کي والٽيئر سڄي زندگي پنهنجو هيرو ڪري مڃيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بادشاھہ مذهبي صلح ۽ رواداري جو علمبردار هو ۽ هن ئي يورپ ۾ ٽيهن سالن جي لاڳيتن مذهبي لڙاين جي خاتمي تي دين مسيح جي مختلف فرقم جي وچ ۾ نئنٽيز جو مذهبي صلح نامو“ (1596ع) تجويز ڪيو هو ۽ ان جي شرطن وغيره جو مسودو تيار ڪيو هو، باسٽيل ۾ هن کي اڃا ٻارهن مهينا ئي ڪونہ ٿيا هئا، تہ سرڪار وٽ ڪنهن طرح ثابت ٿيو تہ اهي اعتراض جوڳا ٻہ نظم والٽيئر ڪونہ لکيا پئا پر ٻئي ڪنهن لکيا هئا، جنهن تي قائم مقام امير ڪبير نہ فقط کيس قيد مان ازاد ڪيو، پر پينشن جي ڪجهہ رقم بہ مقرر ڪري ڏنائينس. والٽيئر ان لاءِ هن ڏانهن شڪر گذري جو خط لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائينس تہ کاڌي جو تہ بندوبست منهنجو توهان ڪيو، ان لاءِ مهرباني پر وڌيڪ مهرباني ڪري منهنجي رهائش جو بہ بندوبست نہ ڪجو، اجازت ڏجو تہ اهو بندوبست آئون پنهنجو پاڻ ڪندو رهان!“
هن جي ايئن جيل مان نڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن جو ناٽڪ او ڊيپ اسٽيج تي پيش ٿيو تہ اهو هيڪر تہ پنجيتاليھہ راتيون لاڳيتو ڏيکاربو رهيو- جو پئرس ۾ ناٽڪ جي تاريخ ۾ رڪارڊ هو. هن جو پوڙهو پي بہ پهرين ڏينهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي هن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ، ٿيئٽر تي جُلھہ ڪري آيو، پر جڏهنکيس وٺي وڃي اندر ويهاريائون، ۽ ناٽڪ شروع ٿيو، ۽ هن ڏسڻ شروع ڪيو تہ ڏسندي ڏسندي هو مزيدار ڳالھہ تي پنهنجي خوشي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، گهٽيل سان چپن ۾ ڀٽڪندو رهيو- ”اڙي بدمعاش، اڙي بدمعاش! تو هي ٺاهيو!“ ناٽڪ تي ڪنهن تبصرو ڪندي والٽيئر کي چيو، ”محض ڏک جي ناٽڪ کان تہ هي مٿي ڳالھہ هئي، جواب ڏنائينس تہ ”تو ڏک ڏٺو آهي؟ ڏک جا ناٽڪ وري وڃي ڏس ۽ پڙهه!“ پر واقعي والٽيئر جو هي ناٽڪ ان دور جي عام ناٽڪن کان مٿي بہ هو ۽ مختلف هو ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هن ”محض ڏک“ کان مٿڀريون ڳالهيون بہ لکيون هوين، جن ئي اڳتي هل هن جي ان ڊرامي کي درٻار ۽ ڪليسا ٻنهي جي ڪاوڙ جو نشانو بنايو ۽ ان جو نالو ”منع ٿيل“ ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو. اهي ان ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون! مثلاً ههڙيون:
”اسان جا پادري ائين نہ آهن جيئن سادو عوام انهن کي سمجهي ٿو، انهن جو علم بس ايترو اهي، جيترو اسان جو انهن ۾ ويساھہ آهي.“
ان ۾ هڪڙي ڪرداري جي واتان انسان لاءِ علم جي هڪڙي ئي قابل اعتماد ذريعي جو، ۽ ان کان سواءِ ٻئي هر ذريعي جي انڪار جو، اعلان ڪرايل هو:
”اچو تہ پنهنجي پاڻ تي اعتبار رکون، سڀڪجهہ پنهنجي اکين سان پاڻ ڏسون، اهي ئي اسان لاءِ غيبدان، اسان لاءِ واعظ ۽ اسان لاءِ الهام آهن.“
ان کان پوءِ اٺ سال لاڳيتا والٽيئر پئرس جي ادب ۽ فن جي دنيا جو بي تاج بادشاھہ بنيو رهيو. اوچتو هن جي زندگي ۾ هڪ ٻيو سانحو رونما ٿيو، جنهن هن جي سڃي مستقل جو رخ موڙي ڇڏيو، والٽيئر وٽ سواءِ سندس ڏات جي ٻي ڪا عزت ۽ رتبي يج سند ڪانہ هئي ان دور جي جاگيرداري برادري ۾ توڻي اڄ بہ انهن ۾ اهو ڪنهن جو ڏوھہ ڪونهي هن جي عزت ۽ رتبو ”خانداني“ نہ پر پنهنجي ذاتي لياقت سبب هجي ۽ هو دعوا بہ ان لاءِ پنهنجي لياقت جي آڌار تي ڪندو هجي ۽ نہ ڪنهن ورثي ۾ مليل خانداني وڏ ماڻهپ تي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن رئيس وٽ دعوت هئي ۽ ماني کائي سڀني ويٺي پاڻ ۾ گپشپ هنئين جنهن ۾ سڀ کان اڳرو والٽيئر ئي هو. ڇاڪاڻ تہ هن کي ڳالهئاڻ ۾ ڪوبہ پڄي ڪونہ ٿي سگهيو. هو سڄي محفل تي ڇانيو پيو هو. اوچتو سواءِ، ڪنهن سبب جي نواب شوليئر ڊي روهان، آواز ۾ حقارت ڀري، وڏي واڪ پڇيو ” اهو ڪير آهي جو ايڏي ارڏائي سان پيو ڳالهائي،“ والٽيئر فورن جواب ڏنس: ” منهنجا سائين هيءَ اهو اهي، جنهن وٽ ڪو وڏو نالو ڪونهي، پر جو پنهنجو نالو اٿس ان ڪري ئي عزت مليس ٿي!“ ڪنهن نواب بهادر کي جواب ڏئي نہ سگهي، اهو تہ هن جي پڳ ۾ هٿ هو، هن جي نوابي کي لوڏو هو! هو هن وڏيري وڏ ڌڻي ڇا ڪيو، جو رات جو گونڊا موڪلي والٽيئر کي ڏاڍي مار ڪڍائي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن ٿيئٽر ۾ والٽيئر آيو تہ منڊڪائيندو آيو ۽ هن جي مٿي ۽ منهن تي پٽيون ٻڌيون پيون هيون. هو انهي ئي صورت ۾ وڌي نواب ڊي روهان جي خاص نشست تائين ويو ۽ هن کي سروسر تلواربازي جي استعمالي ڪيائين. پر نواب بهادر کي هڪ خسيس ”ڏات ڌني“ سان سروسر وڙهي، بهشت ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو ڪونہ هو، سو هن پنهنجي سوٽ سانڳالھہ ڪئي، جيڪو درٻار ۾ پوليس جو وزير هو، ۽ ان ڇا ڪيو جو فورن والٽيئر کي گرفتار ڪرائي هڪ ڀيرو وري باسٽيل جي تر ۾ وجهائي ڇڏيائين. ٻہ هفتا ان ۾ ويهارڻ کان پو کيس انهي حڪم تي ڪڍيو ويو تہ هو ملڪ ڇڏي انگلينڊ هليو ويندو. والٽئير کي انگريزي کاري ٽپائي ٻي ڀر ڊوور بندر تي ڇڏي آيا، پر هو ويس بدلائي کاري واپس ٽپي، انتقام جي باھہ ۾ پچندو فورن فرانس جي ڪناري تي پهچي ويو، ايتري ۾ کيس ڪٿان کڙڪ پئجي ويئي تہ هو ڏسجي پيو هو، ۽ ٽيون ڀيرو اجهو ٿي گرفتار ٿيو! لاچرا هو ٻئي جهاز ۾ سوار ٿي، موٽي انگلينڊ ويو، جتي پوءِ هو ٽي سال (29- 1926) رهيو.
انگلينڊ ۾ رهائش جي انهن ٽن سالن سان والٽيئر جي فڪر ۾ بنيادي گهرائي ۽ پختگي پيدا ٿي. زندگي ۾ هن کي ڇا ڪرڻو هو، ان جي چٽي خبر ۽ روشن احساس هن کي انهي مدت ۾ ٿيو. امير شاھہ جنهن جي هٿان پاڻ تڙجي نڪتو هو، ۽ پادريت جنهن جوآزادي جي هر ساھہ سان وير هو، ان هٿان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي موت کي ياد ڪندي هو انهن ٻنهي کي معاشري جي هر ناانصافي ۽ هر گناھہ جو منڍ سمجهڻ لڳو هو.
فرانس ۾ موٽي اچڻ تي هن پنهنجي نئين دنيا جي ان نظريي کي چپ چاپ ”فيلسوفيانہ خط“ يا ”انگريزن بابت خط“ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هن انگريزي سماج جي تقرير، فڪر ۽ عقيدي جي آزادي علمي تحقيق ۽ تجربي ۽ جمهوري حڪومت جي پارلياماني سرشتي متعلق پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، ائين اتان جي حڪومتي ۽ سماجي ادارن کي بيان ڪندي، هن فرينچ عوام ۽ خواص کي سندن پنهنجي ملڪي ۽ سماجي صورتحال تي ويچار ڪرڻ ۽ ان کي بدلائڻ لاءِ بي خوف ۽ کلي دعوت ڏني. اهو هن جو ڪتاب رکي رکي 1734ع ۾ شايع ٿيو، ۽ شايع ٿيڻ سان شاهي ’پارليامينٽ‘ جي فرمان تحت ان کي جلايو ويو ۽ ان جي مصنف لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا، ڪتاب تي اعتراض هي هو تہ اهو ”خلاف مذهب هو، اخلاق جو بگاڙيندڙ هو ۽ قانون هيٺ قائم ٿيل اختيار جو دشمن ۽ باغي“ هو.
والٽيئر ان صورتحال لاءِ اڳي ئي تيار هو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي پاسي واري خودمختيار لورين رياست ۾ پنهنجي هڪ قربدار اميرياڻي- ايميلي ڊيوشٽليٽ- جي محل ۾ پناھہ ورتائين، ۽ اتي پوءِ ان جي سايي 7 سنگ ۾ 16 سال 1734ع کان وٺي ان خاتونءَ جي مرڻ تائين، گذاريائين.
سورهن سالن جو اهو ڊگهو عرصو هن جو ڏاڍو سکيو ۽ سڦل گذريو. هي خاتون پاڻ بہ وڏي سمجهدار ۽ علم جي خاص طرح رياضي ۽ فلسفي جي – صاحب هئي. هو ٻئي گڏجي جديد علمن، خاص طرح فلڪيات، علم ڪيميا، ڪلن جي علم، ۽ پڻ تاريخ جو اڀياس ڪندا هئا. والٽيئر ان پنهنجي دل گهري خاتون لاءِ بلڪ ان جي چوڻ تي ٻين ڪيترين ننڍين وڌين تصنيفن سان گڏ پنهنجو علمي تحقيق ۽ ادبي ڪاوش جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم ڪم – ’تاريخ اقوام عالم‘ جنهن کي هن ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏنو- هٿ ۾ کنيو. پر افسوس، جو هو اهو ڪم ان مائي صاحبہ ڪري ويئي ان تي ڪتاب بابت هڪ هنڌ هن ٻڌايو تہ ”ڪنهن باب جي رڳو ٻن جملن لکڻ لاءِ ٻہ ٻہ هفتا تحقيق ڪرڻي پويم ٿي.“ اهو ڪتاب هن پوءِ چئن سالن گذرڻ بعد 1753ع ۾ شايع ڪيو.
والٽيئر هن پنهنجي هن هم طبع، هم مشرب، ۽ حوصله مند ساٿي جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍي اٻاڻڪائي محسوس ڪئي ۽ نيٺ دل پڪي ڪري، پناھہ ۽ آٿت جي ڳولا ۾، پنهنجي معتقد ۽ جرمني جي بادشاھہ فريڊاعظم وٽ ويو. هن جي نظر ۾ فريڊرڪ اهڙو هڪ فراخدل ۽ روشن دماغ حاڪم هو، جنهن جو تصور، هڪ بي پهچ تمنا وانگر هو سدائين پنهنجي ذهن ۾ رکندو ٿي آيو. فريڊرڪ جي ساڻس خط و ڪتابت گهڻي وقت کان هلندڙ هئي، ۽ والٽيئر هن کي اهو دانشمند بادشاھہ سمجهڻ لڳو هو، جنهن جو ذڪر افلاطون پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”ريپبلڪ“ (رعيتي راڄ) ۾ ڪيو هو. جڏهن فريڊڪ اڇا نہ بادشاھہ ٿيو هو، نہ اعظم، تڏهن پهريون خط جيڪو هن 1736ع ۾ والٽيئر کي لکيو هو، تنهن مان هن شهزادي جي دلي امنگن ۽ ذهني فضيلت جي خبر پئي ٿي. هن والٽيئر کي ”فرانس جو عظيم ترين انسان“ ڪري خطاب ڪيو هو. ”هڪ اهو فاني شخص، جنهن ٻولي جو مان وڌايو هو.... آءٌ اهو وڏي ۾ وڏ اعزاز سمجهان ٿو، جو آءٌ اهڙي انسان جي همعصر چوائڻ جو حقدار آهيان، جيڪو اهڙين بي مثل صلاحيتن جو صاحب آهي، جيئن اوهين آهيو...... اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالھہ ڪانهي، جو هو ماڻهو جي روئندڙ دل کي کلائي، ۽ واقعي دل جي خوشين کان وڌيڪ خوشيون زندگي ۾ آهن بہ ڪين.“ بادشاھہ بنجڻ کانپوءِ بہ سدائين هو والٽيئر کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ زور ڀريندو هو. خط و ڪتابت ۾ تہ هن ڪڏهن بہ ڪا بي رخي يا ٿڌاڻ ڪانہ ڏيکاري هئي. سو دل ۾ ڪيتريون نيڪ تمنائون ۽ گهڻيون خوشفهميون کڻي،والٽيئر فريڊرڪ اعظم وٽ ويو ۽ اتي ٽي سال رهيو. پر ترت ئي هن محسوس ڪيو تہ آپيشاهي جا ڪم ۽ طريقا ٻنهي صورتن ۾ تقريبن ساڳيا هئا. پوءِ آپيشاهي ڪنهن فيلسوف بادشاھہ جي هجي يا ڪنهن دودستي جاهل بادشاھہ جي، پنهنجي دل جي ان ڪيفيت جو ذڪر هڪ خط ۾ ڪندي لکي ٿو تہ ”ڪو ماڻهو ڪنهن وڏي ٽاور تان ڪري ۽ ڪرندي ڪرندي هوا جي نرمي کي محسوس ڪري، چوي تہ هي نرمائي تہ ڏاڍي سٺي، پر شل سدائين رهي! منهنجي حالت بہ اڄڪلھہ هتي اهڙي آهي.“ بهرحال اها گهڙي بہ آئي، جڏهن هو ان ”نرم هوا“ مان ٿيندو ٿيندو، اچي پٽ تي پهتو. هو هاڻي منجهي پيو تہ وڃي تہ ڪيڏانهن وڃي!
نيٺ هيترن سالن جي دوري کان پوءِ هن واپس پنهنجي وطن فرانس وڃڻ جو خيال ڪوي، پر افسوس اڃا سرحد ٽيپو ئي مس تہ اطلاع مليس تہ پئرس درٻار مان هن جي خلاف طلاوطني جو نئون فرمان جاري ٿي چڪو هو! لاچار هن سئٽزرلينڊ جي ”رعيتي راڄ“ جو رخ ڪيو- اهو 1754عجو سال هو: هن سمجهيو تہ اتي هو شاهي پوليس جي اک کان بچيل رهندو، پر ترت ئي هن کي معلوم ٿيو تہ تنگ نظري ۽ هٺ ڌرمي پروٽيسٽنٽ شريعت ۾ ايمان رکندڙ سئٽزرلينڊ جي جنيوا يا ٻيئ ڪنهن شهر ۾ اهڙو ئي خطرناڪ عذاب هئي، جهڙو ڪئٿولڪ شريعت ۾ ايمان رکندڙ فرانس جي پئرس ۾، اهڙي طرح ڪئٿولڪ فرانس ۽ پروٽيسٽنٽ سئٽزرلينڊ ٻنهي ۾ پاڻ کي سلامت نہ سمجهي هن ڇا ڪيو، جو ٻنهي ملڪن جي عين سرحد تي هڪڙي پاسي ۾ ٻن گهرن جو بندوبست ڪيائين ۽ ٻي پاسي بہ ٻہ گهر ورتائين، تہ هڪڙي هنڌان نڪري، ٻئي هنڌ هليو ويندو هو- ”ائين هڪڙيءَ ڌر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن ٻنهي جي لوڌين کان بچندو ٿو گهمان!“
فرانس مان والٽيئر جي جلاوطني جو جيڪو نئون شاهي فرمان صادر ٿيو، ان جو سبب وري بہ سندس هڪ ڪتاب هو اهو ڪتاب جنهن جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو ڪتاب جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو جيڪو هن مئڊم ڊيوشٽليٽ لاءِ، بلڪ هن جي چوڻ تي پنهنجي علمي تحقيق پنهنجي فڪر ۽ ادبي ڪاوش جو ”سڀ کان وڏو سڀ کان اهم پنهنجي قسم جو پاڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ بي ڌڙڪ“ ڪتاب لکيو هو- ”تاريخ اقوام عالم“ جنهن کي هن پاڻ ”قومن جي اخلاقي ارتقا هئي، جنهن ان کي ايترو قابل اعتراض بنايو هو، جو فرانس جي شاهي سرڪار اوڻيھہ سالن کان جلاوطن ان جي مصنف کي پنهنجي وطن جي سر زمين تي پير رکڻ کان اڳ وري بہ جلاوطن ڪري ڇڏيو! اها خاص ڳالھہ اهو تاريخ جو فسلفو هو، جيڪو هن ان ڪتاب ۾ پيش ڪيو هو. مئڊم ڊيوشٽليٽ کيس چيو هو تہ ”تاريخ، جيئن اسان کي ٻڌائي وڃي ٿي، اسان کي هڪ پراڻي جنتري وانگر پئي معلوم ٿئي. آءٌ هڪ فرينچ عورت آهيان هتي پنهنجي زمين تي ويٺي آهيان منهنجو ان ۾ ڇا، جي روس ۾ الف کان پوءِ ب تخت تي ويٺو، ۽ چين جي ج جو پٽ در نہ پر ھہ هو ۽ ترڪيءَ و جي قبر کڏ ۾ اهي ۽ ز جي قبر مٿي هوا ۾ آهي! مون يونانين ۽ رومين جون قديم تاريخون بہ پڙهيون آهن، انهن مان ڪجهہ مون کي لاڀ ملي ٿو، ڇو تہ انهن ۾ اهڙيون ڪي ڳالهيون ٻڌايل آهن، جيڪي منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، ڇو تہ اهي مون کي مفيد ۽ معنيٰ واريون لڳن ٿيون. باقي ٻين تاريخن ۾، خاص طرح جديد قومن جي تاريخن ۾، تہ مون کي رڳو ننڍيون ننڍيون، بي ڍنگيون ۽ بي ربط ڳالهيون پيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي مان پورو پڙهي بہ نٿي سگهان.
بيشمار جنگيون، جن جو نڪو مقصد نڪا مراد ۽ جن سان ڪا ڳالھہ ئي نبري نہ سگهي.... مان اهڙي ڪنهن تاريخ جي پڙهڻ لاءِ تيار نہ آهيان، جيڪا منهنجي ذهن کي روشن ڪرڻ بدران، ان کي منجهائي ۽ ٻوساٽي رکي.“ ۽ والٽيئر هن سان متفق ٿيندي چيو هو تہ ”تاريخ جيئن اسان جي اڳيان رکي وئي آهي، اها تہ واقعي ماڻهن ۽ قومن جي بدبختين ۽ گناهن جي تصوير کان وڌيڪ ڪجهہ نہ آهي. اها جڏهن اسين پڙهون ٿا تہ ايئن ٿا سمجهون ڄڻ ڪن ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي تاريخ پڙهي رهيا آهيون. پر جيڪڏهن تاريخ سان فلسفي کي ملائجي، ۽ سياسي واقعن جي ردوبدل جي پٺيان انساني ذهن جي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ ڳالھہ جو رخ ۽ رنگ ٻيو ٿي ٿو پوي... آءٌ جنگين جي نہ پر سماج جي تاريخ لکڻ گهران ٿو.... منهنجو مقصد انساني ذهن جي تاريخ لکڻ جو آهي... منهنجو واسطو تاريخ جي وڏن ماڻهن سان نہ آهي، منهنجو واسطو انسانن سان آهي. اهي وحشي هئا سي ڪيئن مهذب بنيا، ڪهڙي رستي سان اهي حيوانيت مان نڪري انسانيت جي هاڻوڪي منزل تي پهتا، آئون انهي رستي جي ڳولا ڪرڻ ۽ ان جا تفصيل بيان ڪرڻ چاهيان ٿو.“
ظاهر آهي تہ تاريخ جي انهي فلسفي جي آڏو ٻہ ڳالهيون پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿيون- هڪڙي بادشاهن جي برتري ۽ اهميت ۽ ٻي تاريخ جي مابعد الطبيعاتي تشريح ۽ توضيح- ٻين لفظن ۾ اقتدار ۽ ايمان ٻنهي جو تقدس ختم، ٻئي عقل ۽ تحقيق جي ڪسوٽي تي ئي پرکيا ويندا. ههڙي پنهنجي حالت نہ ڪنهن بادشاھہ کي، نہ پنهنجي لاءِ، نہ پنهنجي گهراڻي يا نوع لاءِ ۽ نہ ڪنهن دين، ڌرم ۽ ڪليسا کي ئي قبول پئجي سگهي ٿي، ويتر جو والٽيئر پنهنجي تاريخ کي ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏيئي ان ۾ چين، جپان، هندستان ۽ ايران جهڙين قديم تهذيبن ۽ انهن جي فڪرن ۽ فلسفن کي بہ يورپ جي ذهني ۽ ايماني صورتحال سان پوري طرح هڪ غير جانبدار وزن ڪش وانگر، بيهي توريو ۽ تڪيو، تنهن تہ هيڪاري فرانس جي درٻار ۽ ديول ٻنهي کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو، نيٺ فرانس جي بادشاھہ سلامت، مقدس مسيهي ڪليسا جي پٺڀرائي بلڪ تحرڪ، سان فرمان جاري ڪيو تہ ”اهو شخص جيڪو پهريائين پاڻ کي انسان سمجهي ٿو ۽ پوءِ فرينچ ۽ مسيحي ان کي فرانس جي پاڪ ۽ برک ڌرتي تي پير رکڻ جو ڪو حق ڪونہ هو.“ ائين والٽيئر کي تادم حيات پنهنجي وطن کان بيوطن رهڻو پيو، ۽ رڳو پوين ڏينهن ۾ اتي مرڻ لاءِ، بنان موڪل جي واپس هو پنهنجي پياري ننڍپڻ جي شهر پئرس ۾ وڃي نڪتو، جتي سڌو هو پنهنجي جواني جي هڪڙي دل گهرئي دوست (ڊي ارجينٽال) جي گهر ويو- چي، ”مان پنهنجي موت کان مهلت وڍي، وري بہ توکي ڏسڻ ۽ توسان ملڻ آيو آهيان!“

1754ع کان 1778ع تائين 24 سالن جي جلاوطني جو عرصو، جيڪو هن فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جي سرحد تي ”هڪ ڏر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن… کان بچندي“ گذاريو، اهو هن جي زندگي جو مصروف ترين دور چيو وڃي ٿو. هڪ تہ سرحد جي ٻنهي پاسن جي پناھہ گاهن جي سهوليت ۽ ٻيو تہ هن جي پيري ۽ وڌندڙ علمي ساک انهن جي آڌار تي هن پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ محفوظ سمجهيو. انهي ڪري جو ڪجهہ دنيا جي مسئلن تي هن سوچيو ٿي، اهو هو بي ڌڙڪ چوندو رهيو. سڄو وقت هو ڪم ۾ مشغول رهيو. سڄي يورپ تي هن جي قلم مان نڪتل ڪتابچن، رسالن ۽ پترن جي بارش ٿيندي رهي. ڪٿي بہ ڪا زراوريءَ يا ڏاڍ جي ڳالھہ ڏٺائين يا ٻڌائين ٿي، تہ ان ۾ هو هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هن بدنصيب ڪالس ۽ ٻين اهڙن پروٽيسٽنٽ شهيدن جا ڪيئي ڪيس هٿ ۾ کنيا ۽ انهن کي پوري طرح بيگناھہ ثابت ڪري، ڪئٿولڪ ڪليسا جي انڌي تعصب ۽ بي ترسي کي دنيا جي اڳيان ايتري تہ درد انگيز انداز ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريائين جو ان کان پوءِ ئي پروٽينسٽنٽ عقيدي جي مسيحي مومنن جو فرانس جي ڪئٿولڪ سر زمين تي گذارو ممڪن بنجي سگهيو. هن ئي دور ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جو هي ننڍو طنزيه ناول لکيو ۽ هن ئي درو ۾ ٻين ڪيترين بيشمار ننڍين وڏين تحريرن کان سواءِ ( جن ۾ تاريخي مقالا، ڊايالاگ، خط، سٽون، سبق ۽ نصيحتون، نظم، ڳالهيون، ناٽڪ، ٽوٽڪا، تبصرا ۽ تفسير ۽ ٻيا هر قسم جا خالص ادبي ۽ علمي مضمون اچي ٿي ويا.) هن پنهنجا ٻيا بہ بيحد اهم ۽ عظيم ڪتاب پڻ تخليق ڪيا، جن مان هڪڙو ”سهپ ۽ رواداري“ جي بچاءَ ۾ طويل مضمون هو، جنهن ۾ هن ڪالس جو ڪيس پيش ڪيو آهي، ان جو مرڪزي خيال سندس هڪڙي هن جملي مان ئي پڙهي سگهجي ٿو: ” جيڪو مون کي چوي ٿو تہ ’جئين آءٌ مڃان ٿو تئين تون بہ مڃ، نہ تہ خدا تو تي ڪاوڙيو‘، اهو اتي ئي مون کي هيئن بہ چوندو تہ ”جيئن آءٌ مڃان ٿو تئين مڃ تہ آءٌ توکي ڪهندس،“ وهم ۽ جهالت جي ڪٽرپڻي جي هن وبا ۾ انسان صدين کان ورتل آهي ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ماڻهو جي وڏي ۾ وڏي نيڪي ۽ بهترين عمل آهي.“
ٻيو ان دور جو سندس لافاني ڪتاب ”فلسفي جي لغت“ آهي، جو هن ٻارهن سالن ۾ لکي پورو ڪيو. ان ۾ هن الف ب وار، فلسفي ۽ ٻين علمن جي مختلف عنوانن تي – مثلن مذهب، ارادو، روح، معجزا، رواداري، حسد، برابري، آزادي، محبت، انسان، مادو، روح، شڪ، علم، عقل، ايمان وغيره تي- پنهنجي بهترين طرز تحرير ۽ هلڪي ۽ دلپذير نثر ۾ پنهنجا انقلاب آفرين خيال ظاهر ڪيا آهن؛ هن ڪتاب لا ‎ءِ ئي چيو ويو آهي تہ ان ۾ والٽيئر پاڻ کي فيلسوف ثابت ڪيو آهي. ان ۾ پهريائين هن پنهنجي ان استاد جا ٿورا مڃيا آهن، جنهن مون کي شڪ جو سبق سيکاريو… .علم جي انتها ۾ يقين فقط اڻ پڙهيا عالم ۽ فريب کاڌل مست رکي سگهن ٿا،. شڪ جي ڪيفيت تي تہ رڳو کلي سگهجي ٿو، يا روئي سگهجي ٿو، جهالت ۾ بہ اطمينان آهي پر اهڙي اطمينان جي مون کي خواهش ڪونهي، علم جو ڊگهو سفر نماڻائي سان وک وک کڻي طئي ڪجي، اهو بهتر آهي انهي کان جو هڪ هنڌ ويهي، ڪامل علم جون اٺسٺائي دنيائون اڻبيون رهجن ۽ انهن جي معتبري تي پاڻ ۾ وڙهبو رهجي. اسين انسان آهيون ۽ اسان جي وس ۾ آهي حساب ڪرڻ، تورڻ تڪڻ، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، تپاسڻ ۽ جانچ جونچ ڪرڻ، اهوئي اسان جو فطرتي فلسفو آهي. اهائي اسنا جي قدرتي ڏاهپ آهي. ان کان سواءِ ٻي هر ڳالھہ کي محض سودا ۽ خام خيالي ئي چئي سگهجي ٿي.“
هيءَ زير نظر ڪتاب ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويھہ ورهين جي عمر جو هو.، ان جي لکڻ جو پس منظر هن ريت آهي: سال 1755ع جي آخر ۾ اوچتو مسيحي عيد جي موقعي تي، جڏهن سڀ مسيحي مومن ديولين ۾ دعائون گهري رهيا هئا تہ اسپين جي گادي جي شهر لزبن ۾ هڪڙو هولناڪ زلزلو آهي، جنهن ۾ بنھہ اک ڇنڀ ۾ ٽيھہ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. والٽيئر جي نازڪ دل تي ان درُگهٽنا جو بيحد گهڻو اثر ٿيو ۽ رد عمل طور ان تي هڪ هڪ طويل نظم جوڙيو، جنهن ۾ حساس انساني دل جو سدا موجود پراڻو سوال نهايت درديلي نموني ٻيهر اٿاريو تہ ”سڀ شيءِ جو مالڪ ۽ خالق خدا يا تہ ڏک کي روڪي سگهي ٿو پر روڪڻ نٿو چاهي، يا روڪڻ چاهي ٿو پر روڪي نٿو سگهي!“ هن کي روحياني فلسفي جو هي دليل بہ مطمئن نہ ڪري سگهيو تہ ڏک ۽ سک چڱائي يا برائي انساني اصطلاح آهن، ڪائناتي ڳالھہ ڳت سان انهن جي ڪا نسبت ڪانهي ۽ هر قسم جون درگهٽنائون ۽ حادثا ازل ۽ ابد جي لامحدود پولار ۾ بنھہ بي معنيٰ ۽ خسيس چيزون آهن. هڪ پاسي هن جي هن ”لزبن نظم“ جو شايع ٿيڻ هو، ۽ چوڌاري هاهاڪار مچي ويئي. مسيحي ڪليسا هڪدم ڳالھہ جو پير کنيو تہ اهو قدرت جو ڪوپ هو، جيڪو خداوند قدوس لزبن جي ماڻهن تي سندن گناهن جي سزا طور نازل ڪيو هو. ٻئي پاسي جين جئڪس روسو جنهن جو عقيدو هو تہ ماڻهو پنهنجي اصلوڪي ماحول ۽ اوائلي فطري صورتحال ۾ معصوم ۾ هئا ۽ سکي ۽ خوش بہ هئا ۽ سندن گناھہ ۽ دک درد ۽ رڳو منجهن پوءِ جي هٿرادو تهذيبي ۽ تمدني صورتحال جي پيدا ٿيڻ سان پيدا ٿيا آهن- تنهن لزبن جي زلزلي ۾ ايتري عام ۽ وسيع انساني موت لاءِ ماڻهن جي تمدني يا شهري زندگي کي ذميوار سڏيو، ’انساني جانين جي هن تلفي لاءِ انسان پاڻ جوابدار آهي…. جيڪڏهن اسين ٻاهر کليل ميدان تي رهندڙ هجون ها، ۽ شهر ۾ائين ڳاهٽ ٿي بيٺل نہ هجون ٿا، تہ ايتري وڏي پيماني تي هوند هرگز مري نہ سگهون ها، ۽ جيڪڏهن گهرن ۾ نہ پر آسماني ڇت هيٺيان رهندا هجون ها، تہ گهر ۽ عمارتون اسان جي مٿان هوند هرگز ڪونہ ڪرن ها…، هونئن تہ خدا انسان ۽ لزبن زلزلي متعلق هن چؤٻول ۾ والٽيئر ۽ سندس ”لزبن نظم“ جو گرمام گرم ذڪر بہ علمي ادبي ديني ۽ عامي دائرن ۾ ٿيندو ئي پئي رهيو. پر ان سلسلي ۾ ڪليسائي ’ايمان‘ جي ذهني افلاس ۽ خود فريبي جي حق ۾ ”فطرت جي مبلغ روسو جي مٿين دليل بازي پڙهي، والٽيئر کي سخت صدمو رسيو، ۽ ان جي جواب ۾، يا ردعمل طور، ٽن ڏينهن ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جي نالي سان هيءُ طنزيه ننڍو ناول لکي تيار ڪيو.
افسانوي ادب ۾ ناولن جا بنيادي طرح ٽي قسم ٻڌايا ويا آهن: پهرئين قسم ۾ عشق (Love) جون ڳالهيون ٻئي ۾ کاهوڙڪيون يا پرخطر (Adventure) ڳالهيون ۽ ٽئي اٺسٺائي (Fantastic) ڳالهيون آنديون وڃن ٿيون. اٺسٺائي ڳالھہ عشق جي ۽ کاهوڙڪي ڳالھہ ٻنهي کان خاص طرح هن شي ۾ جدا ٿئي ٿي. جو اها بلڪل ناممڪن نہ تہ بہ سنئن سڌي اڻ سچي ضرور هوندي آهي، ۽ ان جي اٺسٺائي پلاٽ ۽ صورتحال کي خيالن جي اظهار جي وسيلي طور ڪم آندو وڃي ٿو، ان ۾ منظرڪشي، ڪردرا نگاري يا ڪنهن تفصيلي عبارت آرائي کان ڪو خاص ڪم ڪونہ ورتو ويندو آهي. ان سچي ڳالھہ ۾ خيالن کي ئي اولين ۽ اهم جڳھہ ڏنل هوندي آهي. عالمي ادب ۾ اسپيني ٻولي جو ناول ”ڊان ڪُئگزاٽ“ انگريزي ٻولي جو ناول ”گليو رس ٽرئولس“، فرينچ ٻولي جو هي ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۽ اهڙا ٻيا ناول انهي اٺسٺائي قسم جي ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان جي سنڌي ۾ جديد اٺسٺائي مختصر افسانا تہ ڪافي تعداد ۾ تخليق ٿي چڪا آهن، پر روايتي ڳالهين کي ڇڏي ڪري جن ۾ ديومالائي ، عشقيه، تاريخي ۽ نيم تاريخي قسم جا داستان ۽ قصا اچي وڃن ٿا، جديد ناول جي صنف ۾ اٺسٺائي قسم جو ناول هيلتائين منهنجي نظر مان هڪ ئي گذريو آهي- ياسين بروهي جو ”نارنگي ڪيلا 20-20“ (1976) جيڪو سائنسي مواد جو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪامياب اٺسٺائي ناول سڏي سگهجي ٿو.
والٽيئر جي ”ڪئنڊيڊ“ کي فرينچ ٻولي جي جڳ مشور سنت ساهتڪار، اناتون فرانس (1924ع- 1844ع) ”ڪل (عالمي) ادب جو هڪ بهترين مختصر افسانو“ سڏيو آهي. ول ڊيورانٽ جو خيال آهي تہ ”ايتري سادي ۽ لڪل فن سان شايد ئي (دينا ئي ادب ۾) ڪٿي اهڙي ڪا ڳالھہ پيش ٿي سگهي هجي... هي هڪ سڌي سنئين ۽ خالص آکاڻي آهي، ۽ بنيادي طور گفتگو جي عنصر تي بيٺل اهي، اها طول بياني کان سواءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ ن جا واقعا تيز تيز عمل ۾ اچن ٿا.....“
بهرحال پهريون ڀيرو 1759ع ۾ جڏهن والٽيئر جو هي ”ڪل ادب جو بهترين مختصر افسانو“ شايع ٿيو، تڏهن اهو سندس پنهنجي نالي ۾ نہ پر هڪ خيالي مصنف جي نالي ۾ شايع ٿيو.. والٽيئر جي اها عادت هوندي هئي تہ جڏهن بہ اهڙي قسم جي ڪا ’چيڙائيندڙ‘ يا ’خار ڏياريندڙ‘ تصنيف شايع ڪرڻ چاهيندو هو تہ پهريائين ان کي ايئن ڪنهن نہ ڪنهن خيالي مصنف جي نالي ۾ پيش ڪندو هو. ان ۾ ٻه مقصد هن جي پيش نظر هوندا هئا: هڪ هيءُ تہ ايئن ڪاوڙ ڀريل ۽ هوش کان نڪتل مخالفن جو پهريون اکين پور حملو هو گسائي ڇڏيندو هو، ۽ ٻيو تہ انهي طريقي سان پنهنجي ان تصنيف جي پيغام ڏانهن علمي، ادبي ۽ فڪري دنيا جو ڀرپور توجھہ فورن ڇڪائي سگهندو هو.
ايئن جڏهن ان وقت جي امارت زده جاگيرداري سماج جي پٺي تي ”ڪئنڊيڊ“ جي هن پسيل چهبڪ کان سخت ۽ سنهي ۽ سراڻ تي چڙهيل شمشير کان تکي طنزيہ ناول اچي ٺڪاءُ ڪيو، تڏهن ان تي نالي واري عبارت هيءَ لکي هئي:

ڪئنڊيڊ يا آشاواد

(ڊاڪٽر رالف جي جرمني ٻولي تان ترجمو ڪيل، بمع اضافي مواد جي، جيڪو ڊاڪٽر مرحوم جي کيسي مان هٿ آيو، جڏهن هن اسان جي سڳوري يسوع مسيح جي سال 1759ع ۾ انتقال فرمايو)

ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ ڪيترو عرصو، جڏهن والٽيئر کان ان بابت ڪو پڇندو هو، تہ هو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي عادت مطابق ان جي تصنيف کان نہ فقط لاتعلقي ڏيکاريندو هو پر صاف انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
ڪتاب جي جيئن نالي مان ظاهر آهي، ۽ جنهن سماجي ۽ واقعاتي پس منظر ۾ ان جي تخليق عمل ۾ آئين، ان مان بہ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، تہ ان جو بنيادي مقصد ڏک ۽ ڏاڍ سان ڀريل سماجي دنيا ۾ سکين پيٽ ڀريلن ۽ بي حس قسم جي حريص ۽ خودپسند حاشيه بردارن طرفان پيش ٿيندڙ ”سڀڪجهہ ٺيڪ آهي“ واري ڳالھہ يعني انهن جي فلسفيانہ آساوادي نظريي تي سٺ ۽ ٽوڪ ڪرڻ هو ۽ ان کي طنز ۽ مزاح جو نشانو بنائڻ هو. نراشائي حقيقت جو وستار ايتري آشائي نموني ۽ ايتري خوش طبعي سان شايد ئي ڪنهن ادب ۾ ڪٿي پيش ٿيو هجي، جيئن هن مختصر ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ڪيو ويو آهي.
ناول جو مک ڪردار ’ڪئنڊيڊ‘ جيئن سندس نالي جي معني مان پڌرو ٿئي ٿو، هڪ سادو، صاف دل ۽ ايماندار قسم جو نوجوان آهي. هو ” ٿنڊر- ٽن – ٽرنڪ“ (ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ) نالي هڪ وڏي سردار/ نواب جي ’قلعي‘ ۾ ان جي ويٺل (شايد حق بخشايل) ڀيڻ جو حرامي پٽ آهي- هن جي پيءُ سان ان مائي صاحبہ جي شادي ان ڪري عمل ۾ اچي نہ سگهي جو اهو جيتوڻيڪ پاڻ بہ نواب هو، پر ننڍو نواب هو ۽ ”ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ“ واري نواب جو هو ثاني شريڪ نہ هو! نواب عالي مقام جي درٻار سان وابستہ هڪ دين مسيح جو پارسا صفت پادري آهي. جيڪو شهر جي وڏي ديول جو واعظ يا پيش امام بہ آهي ۽ نواب بهادر جي نج ستر پيڙهين جي نسلي ۽ خانداني تاريخ جو دستاويزي ڄاڻو بہ آهي. نواب ”ٿندڙ ٽن ٽرنڪ“ جي هڪ چار مڻ پندرهن سير تور بيگم صاحب بہ موجود آهي، جيڪا ان تور ماپ سبب پاڻ وڌي معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي. نواب صاحب جي خاندان سان واڳيل ”پئنگلاس“ (مجلس بزاز، ڳالهائڻو) نالي هڪ دانشور پڻ موجود آهي (ممڪن آهي تہ اهو اديب ۽ شاعر بہ هو) جيڪو آشاوادي يا خوش خيالي نظريي جو نہ رڳو عالم پر مبلغ بہ آهي. اهو ڪئنڊيڊ جو محترم استاد آهي ۽ ان جو ئي چوڻ هو تہ
”سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي، ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهترين بيگم آهي....“
اهوئي ’قلعي‘ ۾ رهندڙ ماڻهن کي روحانيت، دينيات ۽ ڪائنات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو، ۽ چوندو هو تہ
”...... ڪائنات جي هر ڪا شيءِ..... بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي آهي. مثال طور، ڏسو تہ اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا، تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون، ظاهر آهي تہ ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا، پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو تہ ان کي گهڙي ٺاهي، منجهانس قلعا جوڙيا وڃن- ۽ اهوئي سبب آهي، جو منهنجي آقا کي هڪ عاليشان قلعو آهي، ڇو تہ ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳھہ بہ اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون (مصنف هتي ’سوئر‘ لفظ ڪتب آندو هو) ان لاءِ خلق ڪيون ويون تہ انهن کي ذبح ڪري، انهن جو گوشت کاڌو وڃي؛ تنهنڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا، تنهنڪري جن فقط ايئن چيو اهي تہ ”سڀ ڪجهہ ٺيڪ آهي“ سي گمراھہ اهن، کين ائين چوڻ کپي تہ ”سڀ ڪجهہ تمام ٺيڪ آهي، ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“،‘ “
نواب ” ٽنڊر ٽن ٽرنڪ“ جي پناھہ ۽ سرپرستي ۾ رهندڙ ڪليسا جو پادري، علم ۽ فلسفي جو صاحب پئنگلاس ٻيئي پنهنجي آقا جي سماجي فوقيت جا ثناخوان ۽ بهي خواھہ آهن، ۽ ان فوقيت کي جائز سمجهدنڙ ۽ استحڪام ڏيندڙ مروج سماجي رشتي کي ”سڀ کان بهترين امڪاني سرشتو“ سمجهن ٿا ۽ مشهور ڪن ٿا- هنن جي آشاواد جو نظريون ماڻهن ۾ اها سوچ ۽ اها ’ڄاڻ‘ عام ڪري ٿو. پادري مذهب جي علامت آهي ۽ استاد پئنگلاس علم ۽ ادب يعني ثقافت جي جيڪي ان نواب عالي مقام ۽ امير بي مثال جي اقتدار يعني ان جي رياست يا حڪومت جا حامي ۽ ٿنڀ آهن.
پر انهن ٻنهي جي اقتدار پرست ۽ انهي ڪري حق ناشناس ۽ انسان دشمن تعليم جي برعڪس حقيقت جي دنيا چوڌاري دل ڏاريندڙ بک، ڏک ۽ ظلم سان ڪنان تار ڀري پيئي آهي. ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ان دنيا جو وڌ ۾ وڌ نراشائي نقشو چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ اسين هولناڪ مصيبتن جو شڪار ٿيون ٿا، اسين ڪنهن گناھہ ڪئي بغير سزائون کائون ٿا، يا وري گناھہ ڪريون بہ ٿا تہ بہ ڪجهہ ڪونہ ٿو ٿئسون، ماڻهو بلگرن (يعني تشدد جي تلواربازن) هٿان قتل ٿين ٿا، يا احتسابي ديني عدالتن هٿان جيئري جلايا وڃن ٿا. عورتن کي بحري ڊاڪو بڇڙو ڪن ٿا، يا دين جا وڏا عالم ۽ روحانيت جا وڏا صاحب انهن جي عصمت لٽين ٿا-ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ هي دنيا ڪو ڀيانڪ سپنو آهي، جيڪو ڪو ذهني پريشان ماڻهو بيماري ۾ ڪڏهن ڏسندو آهي، ۽ اکيون پوري ۽ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي هانءِ ڏاريندڙ دانهن ڪري، اٿي ويهندو آهي، ان سڀ کان پوءِ بہ (باب پنجين ۾) هڪ موقعي تي جڏهن ڪئنڊيڊ ۽ استاد پئنگلاس الائي ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ڪاٽيندا ۽ ڪيترا سور سهندا ۽ عذاب ڏسندا، پڇاڙي ۾ ٻڏندڙ جهاز مان ٽپو ڏيئي ڀڳل تختي کي چنبڙي تڙڳندا تڙڳندا، اسپين جي بندرگاهه، لزبن، جي ڪناري تي پهچن ٿا، تہ عين انهي گهڙي لزبن ۾ زلزلو اچي ٿو، جايون ڪرن ٿيون، سامونڊي سيلاب شهر ڏانهن ڌوڪيندو وڌي ٿو، ٽيھہ هزار بي گناھہ ماڻهو اک ڇنڀ ۾ ناس ٿي وڃن ٿا- ان موقعي تي بہ جڏهن ڦٽيل ۽ رت ڳاڙيندڙ ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس کي دانهن ڪندي چوي ٿو تہ ”ترت ڪٿان ڪو شراب ڍڪ ۽ تيل هٿ ڪر، تڪليف کان منهنجو ساھہ ٿو نڪري“، تہ پئنگلاس اتي بہ هن کي زلزلي جي پٺيان لڪل ”راز“ ۽ ان جا ”سبب“ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهي.
”ممڪن آهي تہ ائين هجي“ ڪئنڊيڊ چيو ”پر خدا جي واسطي ڪجهہ شراب جو ڍڪ ۽ تيل ڪٿان هٿ ڪر!“
”ممڪن آهي ڇا تنهنجو مطلب آهي“ فيلسوف پئنگلاس جواب ڏنس، ”آئون ٿو چوان تہ ڳالھہ ثابت ٿي پئي آهي، ساڳئي قسم جا ”سبب ساڳيا ”نتيجا“ پيدا ڪن ٿا.....“
ڪئنڊيڊ چيو، ”ضرور ايئن هوندو، پر منهنجي لاءِ شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر......“
”’هوندو‘ نه، بلڪ چو تہ ’آهي‘“ پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالھہ تي زور ڏيندي چيو – ”اها حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو!“
ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو.........
ائين والٽيئر غير عملي دليل آرائي ۽ عمل کان روڪيندڙ يا عمل ڏانهن نہ نيندڙ مفروضي بازي کي وقت جو زيان، حقيقت کان فرار يا چشم پوشي ۽ محض هڪ فضول ذهني عياشي سمجهي، نندي ٿو.
پر خوش خيالي نظريي ۾ ايمان رکندڙ پئنگلاس جي دليل بازي ناول جي آخر تائين جاري آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، قسم قسم جي ماڻهن هٿان، لاتعداد ٺوڪرن کائڻ کان پوءِ ڪئنڊيڊ آخر ترڪيءَ ۾ پاڻ کي ڪنهن زمين ٽڪري تي آباد ڪري ويهي ٿو، ۽ ناول جي ”پڄاڻي“ ۾ هن جي ۽ هن جي ان آشاوادي استاد جي وچ ۾ گفتگو پيش ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ پر چٽي ۽ واضح انداز سان والٽيئر پنهنجي زندگي جو فلسفو بيان ڪيو آهي.
پئنگلاس کي ويٺي ويٺي، ڪئنڊيڊ سان ڳالهائيندي، ناول جي بنھہ آخر ۾، پنهنجي دلپسند نظريي جي حمايت ۾ دليل آرائي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي—
”..... هُن وري وري ۽ هر موقعي تي ڪئنڊيڊ کي هيئن پئي چيو: ’ سڀني امڪاني جهانن مان هيءُ جهان بهترين جهان آهي.... اُن جون سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن.... جيڪڏهن توهان کي..... انهيءَ خوبصورت قلعي مان.... لتون هڻي، ٻاهر نہ ڪڍيو وڃي ها، جيڪڏهن توهان کي ’مذهبي عدالت‘ جيل ۾ بند نہ ڪري ها، جيڪڏهن توهان کي... انڪاس جي بادشاهن جا هيرا ۽ موتي هٿ نہ اچن ها، جيڪڏهن شروع ۾ توهين بئرن جي پيٽ ۾ ترار ٽنبي نہ ڪڍو ها، جيڪڏهن توهان.... تہ اڄ توهان هتي ويٺا هيئن نارنگين جو مُربو ۽ پستن جا مغز ڪونہ کائو ها!“
اُن تي ڪئنڊيڊ جواب ڏئيس ٿو:
”اها ڏاڍي سٺي ڳالھہ ڪئي اٿوَ، ۽ اها سڄي سچ ئي سچ بہ ٿي سگهي ٿي، پر ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پهرين اچو تہ هلي پنهنجو باغ پوکيون.“
والٽيئر انهي پنهنجي آخري جملي ۾ جنهن سان ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي، فطرت پرست جين جئڪس روسو جي قدامت پسنديءَ ۽ قدرت پرست ڪليسائي پادريت جي تقدير پسندي جو جواب پيش ڪيو آهي. ماڻهو کڻي ڪيترو بہ حقير جيو هجي، توڻي جو هن جي زندگي کهنبي جو چٽڪو يا ڪا گهڙي پل مس هجي، جنهن ڌرتيءَ تيهو رهي ٿو اها کني مٽي جو هڪڙو ذرڙو ئي ڇو نہ هجي--
بهرحال هو اهوئي آهي، ايتري لاءِ ئي آهي، ۽ جا ڪجهہ پسورائي پڌري ڪرڻي اٿ ان جو ميدان بہ اهوئي اٿس. زندگي بري آهي يا ڀلي- بهرحال اسان کي اها قبول آهي: ان جو وڌاءُ ڪرڻ يا ان کي گهٽ سمجهڻ معنيٰ ان کي رد ڪرڻ ۽ ان کي رد ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. اسان جي وس ۾ رڳو ايترو ڪجهہ آهي تہ ان کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريون. ۽ اهو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ ڪم سان، سُرت سان، اورچائي سان: محنت سان، ضبط سان ۽ صبر سان. زندگي کي بهتر بنائڻ جي وسيلن ۽ ان جي آڏو بيٺل رڪاوٽن جي ڄاڻ ئي سڀ کان ڪارائتي ڄاڻ آهي، ۽ انهن وسيلن کان ڪم وٺڻ ۽ انهن رڪاوٽن کي راھہ تان هٽائڻ جو ڪم ئي سڀ کان وڌيڪ جاندار ۽ ڪارائتو ڪم آهي. اهوئي اسانجو علم ۽ علم جو ٿاھہ ٿي سگهي ٿو، ۽ اهوئي اسان جوعمل ۽ عمل جو ڇيھہ ٿي سگهي ٿو. پاڻ کان مٿي، پنهنجي سرُت کان ٻاهر، مابعدالطبعياتي دليل آرايون من جا آوائي اوٿڪ تہ ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان ڪو ڪارج سڌ ڪونہ ٿيندو. هاريءَ جي هر جي اوڙ، مالهيءَ جي کرپيءَ جو لپو وڌيڪ ڦلدائڪ آهن. اسان کي پنهنجي ٻني کيڙن کپي. اچو تہ پنهنجو باغ پوکيون. ـــ بلڪل ايئن جيئن، پيري ۾ ڪئنڊيڊ لکڻ وقت، ان کان اڳ جواني ۾، يا ان کان پوءِ مرڻ دم تائين، والٽيئر پاڻ ڪندو رهيو. هو پنهنجي ڪم ۾ خوش هو، ڪم جي خوشيءَ بہ تڏهن آهي، جڏهن ان جو واسطو ۽ اثر پنهنجي وجود کان اڀري بين جي وجود تائين رسي ٿو. پيري ۾، ٻئي ڪم سان گڏ هن باغ بہ لڳايو هو، ۽ هو پنهنجي باغ ۾ خوش هو، هو سڄو وقت اتي ميويدار وڻن پوکڻ ۾ خوش هو، جيتوڻيڪ هن کي اميد ڪانہ هئي تہ اهي هن جي جيئري گل بہ جهليندا ۽ هن کي ڪو ميوو بہ ڏيندا. جڏهن هن جي هڪڙي قدردان ۽ احسان شناس دوست آئينده نسلن لاءِ سندس ڪيل ڪم جي ساراھہ ڪئي، تڏهن هن جواب ڏنو، ”هائو، پيارا ڀاءُ مون 4000 وڻ پوکيا آهن.“

...........................

”ڪئنڊيڊ“ جي سنڌي ترجمي ۽ اشاعت جو فيصلو سنڌي ادبي بورڊ جي ’ترجمي ڪاميٽي‘ ڊسمبر 1952ع ۾ ۽ اسٽئنڊنگ ڪميٽي 8 جولاءِ 1954ع تي ڪيو، ۽ ان فيصلي جي منظوري بورڊ پنهنجي 21 سيپٽمبر 1954ع جي مينٽنگ ۾ ڏني. ان ئي ميٽنگ ۾ ڪتاب جي ترجمي جو ڪم تعليم کاتي جي برک آفيسر ۽ ادبي ذوق رکندڙ مرحوم فتح محمد قريشي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. قريشي مرحوم پنهنجن مصروفيتن سبب، بهرحال، ان جي سرانجامي، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ بہ نہ ڪري سگهيو.، هي ڪم پوءِ فيبروري 1960ع ۾ محترم الھہ رکئي پريي جي حوالي ڪيو ويو، جنهن ٽن مهينن ۾ پورو ڪري، ترجمي جو مسودو بورڊ جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ نومبر 1965ع ۾ مسودي جي ايڊٽنگ جو ڪم ڀاءُ شمشير الحيدري کي ڏنو ويو، جنهن جنوري 1967ع ۾ ڪتاب جو اڌ (صفحي 44 تائين) ”ڪجهہ ڏسي ۽ ڪجهہ نيئن سر ترجمو ڪري“ واپس ڪيو. آگسٽ 1976ع ۾ هن مسودي کي نظر مان ڪڍي، پنهنجي نظرداري ۾ ڇپائڻ جو ڪم، بورڊ طرفان مون کي سونپيو ويو. ڪتاب جو رهيل اڌ حصو، اختصاري صورت م (ص 42 کان ص 85 تائين)، محترم سومار علي کان ترجمو ڪرائي، سڄي سنڌي مسودي کي اصل سان ڀيٽي، ان جي تصحيح ڪري، مٿس مقدمو لکي، ڊسمبر 1976ع ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپائي لاءِ ڏنو ويو، ۽ ائين هي جڳ مشهور ڪتاب تقريبن پنجويھہ سالن جي ممڪن ۽ موقعي سارو ڪوششن کان پوءِ، پنهنجن لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي هٿن ۾ هاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي تہ هيءُ فرينچ ٻوليءَ جو شاهڪار ۽ عالمي ادب جو عظيم ڪتاب سنڌي ادب ۾، پنهنجي اهميت پٽاندر، سنگ ميل جي حيثيت ۾، هڪ بنيادي اضافو ثابت ٿيندو.

ـــــ م. ا. ج

مددي ڪتاب:
1. “Selected Works of Voltaire”, Thinkers Library 1935
2. “Voltaire” The living Thoughts Library, 1946
3. “The Story of philosophy”, Will Durant, The Pocket Library, 1955
4. “ Voltaire—Candide, Zadig and selected stories” New American Library, 1961
5. “A Short History of French Literature”, Geoffrey Brereton, Penguin Books, 1965.

________________________________________
[1] ڏسو تفصيلي نوٽ، ڪتاب جي آخر ۾.
[2] 1533ع م اگنيش لويولا نالي هڪڙي رومي پادري ”مسيحيت جي اصلاح ۽ احياءَ“ لاءِ ”مخلص مسيحين“ جي هڪ جماعت ٺاهي، جنهن کي هن ”مسيحي جماعت (Societr of Jesus) نالو ڏنو، جنهن جي ميممبر کي جيسوئي يا مسيحي سڏيو ويندو هو. اهي ظاهري ڏيکاءَ جي بدران اندروني سچ ۽ اصل نيڪي جا قائل هئا ۽ مسيهي شريعت جي هر ڳالھہ جي تھہ تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ ”دليل دلائل“ کان گهڻو ڪم وٺندا هئا. هو مسيحي مذهب جا ”اهل باطن“ سڏي سگهجن ٿا.

باب پهريون: ڪئنڊيڊ جو اميراڻي محل ۾ پلجي وڏو ٿيڻ، ۽ اتان کيس نيڪالي ملڻ

ويسٽ ــ فيليا جي ملڪ ۾ هڪڙو هلنديءَ وارو، وڏ- گهراڻو جاگيردار رهندو هو. سندس نالو هو ٿنڊر ٽن ٽرنڪ. هن کي نواب ڪري بہ سڏيندا هئا. سندس خاندان جي فوقيت ۽ فضيلت سندس محل جي عاليشان اڏاوت مان ظاهر هئي. انهي محل ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. جنهن کي قدرت تمام عمدي طبيعت عطا ڪئي هئي. جهڙي هيس معصوم ۽ سٻاجهي صورت، تهڙو ئي هو سادو ۽ صافدل. شايد انهي ئي ڪري ماڻهو کيس ”ڪئنڊيڊ“ ڪري سڏيندا هئا. يعني ”اندر جو صاف“ خاندان جي جهونن ملازمن جو خيال هو تہ اهو نوجوان، جاگيردار جي ڀيڻ کي پاڙي جي هڪڙي معزز رئيس مان ٿيو هو. پر پوءِ جاگيردار جي نوجوان ڀيڻ جي شادي انهي ريس سان ان ڪري نہ ٿي سگهي جو هو پنهنج حسب نسب فقط ايڪهتر پيڙهين تائين ثابت ڪري سگهيو، جن جا نشان سندس تلوار، ڍال ۽ ٻين هٿيارن تي اڪريل هئا، ۽ باقي سندس خاندان جو شجرو زماني جي گردش ڪري گم ٿي ويو هو.
جاگيردار ٿنڊر ٽن ٽرنڪ، ويسٽ فيليا جي سڀ کان طاقتور سردارن مان هڪ هو، ڇاڪاڻ تہ سندس محل کي هڪ اوچي عالم پناھہ صدر دروازو، ۽ ڪيتريون ئي دريون هيون. انهي قلعي جهڙي محلات جو وچون صفحو تمام وڏو ۽ قيمتي پردن سان سينگاريل هو بہ جن تي گلڪاري جو نفيس ڪم ٿيل هو. گهڙي جي سنڀالڻ لاءِ رکيل ڪُتا ضرورت وقت جاگيردار کي شڪاري ڪتن جي لوڌ جو ڪم ڏيندا هئا. ۽ سندس گهوڙن جا سئس سندس شڪاري بہ هئا. ‎شهر جو پادري سندس عظيم نسبنامي جو محافظ هو. قلعي جا سڀ ماڻهو، خوشماد وچان کيس آقا ڪري سڏيندا هئا. آقا جيڪا بہ ڳالھہ ڪندو هو، تنهن جي هو ضرور ساراھہ ڪندا هئا، ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي اجائي خوشي ظاهر ڪندا هئا.
جاگيردار جي بيگم تنهن ڪري هونئن بہ معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي. وري سندس خانداني هلت چلت جي ڪري سڀڪو سندس عزت ڪرڻ تي مجبور هوندو هو. سندس ڌيءَ ڪيونيگو نڊي، سترهن سالن جي هئي، هن جا ڳل گلابي هئا، سندس حسن ۾ تازگي هئي. ۽ بدن ڀريل ۽ دلڪش هوس جاگيردار جو پٽ، طبيعت توڙي شڪل شباهت ۾ سڌ ٻڌ پيءُ جهڙو هو. ۽ سندس سڄي خاندان ۾ استاد پئنگلاس جي گهڻي مڃتا هئي، ۽ سندس ڳالهين کي ڄڻ الهام ڪري سمجهندا هئا. ننڍڙو ڪئنڊيڊ، پنهنجيءَ سمجهہ ۾ عمر آهر، سندس هدايتن ۽ خطبن کي ڌيان سان ٻڌندو هو.
اُستاد پئنگلاس قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي روحانيت دينيات، ۽ ڪائنات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو. هو تمام دلچسپ نموني سان اهو ثابت ڪري سگهندو هو تہ ڪوبہ ”نتيجو“ ”سبب“ کان سواءِ نٿو ٿئي. هو چوندو هو تہ سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهتر آهي.
ڊاڪٽر پئنگلاس اها ڳالھہ واضح ڪرڻ چاهيندو هو تہ ”قدرت جا نيم ۽ قانون مقرر آهن، ۽ ڪائنات جي هر ڪا شي انهن مقرر ڪيل نيمن ۽ قانونن پٽاندر هلي رهي آهي. جيئن تہ هر ڪا شيءِ ڌڻي سڳوري بنائي آهي، تنهنڪري ضروري آهي تہ اها ڪنهن بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي هجي. مثال طور، ڏسو تہ اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون. ظاهر آهي تہ ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا،. پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو تہ ان کي گهڙي ٺاهي منجهائنس قلعا جوڙيا وڃن ۽ اهوئي سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳھہ بہ اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون ان لاءِ خلق ڪيون ويونت ه انهن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کاڌو وڃي، تنهن ڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا. تنهن ڪري جن فقط ايئن چيو آهي تہ سڀڪجهہ ٺيڪ آهي، سي گمراھہ آهن، کلين ائين چوڻ کپي تہ سڀڪجهہ تمام ٺيڪ آهي ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“
ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس جون اهي قيمتي ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو ۽ انهن تان بنا چون چرا جي ويساھہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو مس ڪيونيگونڊي تي دل جان سان فدا هو ۽ ان کي سڄي دنيا کان سهڻي سمجهندو هو—ايتري قدر جو سندس حسن جي رعب کان هو اها ڳالھہ مس ڪيونيگونڊي سان ڪرڻ جي ڪڏهن بہ جرئت نہ ڪري سگهيو هو. سندس خيال هو تہ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي خوشي اها آهي جو ماڻهو نواب ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جي حيثيت سان ڄمي ان کان پوءِ وڏي ۾ وڏي خوشي آهي نوابزادي ڪيونيگونڊي ٿيڻ ۾، ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏي خوشي آهي مس ڪيونيگونڊي جي هر روز ديدار حاصل ٿيڻ ۾، ۽ چوٿون نمبر خوشي آهي استاد پئنگلاس جي ڳالهين ٻڌڻ ۾، جيڪو هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فيلسوف آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ هي ئي ملڪ سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهن ڪري هو سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهنڪري هو سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏا ڪڏهن ڪڏهن تفريح خاطر گهمڻ ويندا هئا اتي هن ڏٺو تہ ڊاڪٽر پئنگلاس ٻوڙن جي هڪڙي جهڳٽي ۾ سندس ماءُ جي نوجوان نوڪرياڻي کي جنهن جا وار ڀورا هئا ۽ تمام خوبصورت هئي جسماني علم جي عملي سکيا ڏيئي رهيو هو. مس ڪيونيگونڊي کي عملي قسم جي علمن سان گهڻو چاھہ هو. تنهنڪري هو انهن تجربن کي جي سندس سامهون ٿي رهيا هئا تمام ڌيان ۽ دلچسپي سان ڏسڻ لڳي. هوءَ استاد پئنگلاس جي ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ بابت پيش ڪيل دليلن ۽ اصولن کي چڱي طرح حاصل ڪرڻ جو تمام زوردار چاھہ پيدا ٿي ويو. انهي ڪري هو تمام بيچيني وچان اهو سوچيندي گهر موٽي تہ ”شايد نوجوان ڪئنڊيڊ منهنجي لاءِ، ۽ آءٌ ڪئنڊيڊ جي لاءِ سٺو ”سبب“ بنجي سگهون ٿا.“
واٽ تي اتفاق سان ملاقات ڪئنڊيڊ سان ٿي ويئي، کيس ڏسي هو شرمائجي ويئي ۽ ڪئنڊيڊ بہ شرمائجي ويو هٻڪندڙ آواز ۾ هن ڪئنڊيڊ کي سلام ڪيو. ڪئنڊيڊ بہ هڪدم سلام جو جواب ڏنو، پر اهو پتو ڪونہ پيس تہ پاڻ ڪهڙا لفظ موٽ ۾ چيا هئائين. ٻئي ڏينهن جڏهن هو کاڌي جي ٽيبل تان اٿيا، تہ ٻيئي ڄڻا پردي جي پٺيان هليا ويا ڪيونيگونڊي پنهنجو رومال پٽ تي ڪيرايو، ۽ ڪئنڊيڊ اهو کڻي ورتو، ڪيونيگونڊي تمام معصوميت سان ڪئنڊيڊ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو، ۽ ڪئنڊيڊ بہ اهڙي ئي معصوميت سان ڪيونيگونڊي جي هٿ کي چمي ڏني اها سادگي اها گرمجوشي اهو جذبو سڀڪجهہ غير معمولي هو. سندن چپ چپن سان مليا، اکيون چمڪڻ لڳيون، ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون، هٿ ڀٽڪڻ لڳا. ايتري ۾ اتفاقن جاگيردار اچي اتان لنگيهو ۽ ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جي هيءَ روئداد ڏسي، ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو. هن ڪئنڊيڊ کي پيٽ ۽ پٺي واريون سخت لتون هڻي، ڌڪا ڏيئي، محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪيونيگونڊي کي ان وقت غشي اچي ويئي، ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، تہ ماڻس خوب چماٽون هنيس. اهڙيءَ ريت دنيا جي هن سڀ کان شاندار ۽ معزز محلات ۾ هر طرف بيچيني ڦهلجي ويئي.

باب ٻيو: بلگيريا وارن ڪئنڊيڊ جو ڪهڙو حال ڪيو؟

جاگيردارن ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جو محل ڪئنڊيڊ لاءِ بهشت سمان هو، جتان نيڪالي ملڻ بعد هو ڪيتري وقت تائين بي مقصد رلندو رهوي. کيس ڪابہ خبر ڪانہ ئي تہ کيس ڪيڏانهن وڃڻو هو. ڪڏهن سندس ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏانهن کڄي ٿي ويون تہ ڪڏهن وري پوئتي مڙي انهي شاندار محلات ڏانهن حسرت جي نگاھہ سان ڏٺائين ٿي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان سهڻي نوجوان اميرزادي، ڪيونيگونڊي رهي ٿي.
آخرڪار شام تائين هلي هلي دلشڪستو ٿي بکيو ۽ اڃيو هو کليل ميدان ۾ ليٽي پيو، ۽ ٿڪ جي ڪري جلدي ئي ننڊ کڻي ويس. رات جو سخت برف پئي ۽ جڏهن صبح جو هو سجاڳ ٿيو، تہ سندس سڄو بت ساڻو ٿي پيو هو. تنهن هوندي بہ هو اٿيو ۽ سيءَ ۾ ٿڙڪندو، ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو ڀر واري هڪ ڳوٺڙي تائين وڃي پهتو. وٽس هڪڙي پائي بہ کيسي ۾ ڪانہ هئي ۽ بک ٿڪ ۽ سي جي ڪري سندس حالت تمام خراب هئي. هو مغموم ۽ ماندو ٿي هڪڙي مسافر خاني جي در وٽ اچي بيهي رهيو. اڃا گهڻي دير نہ بيٺو هو تہ مسافرخاني ۾ ويٺل ٻن ماڻهن کيس تاڙي ورتو. انهن کي نيري رنگ جون ورديون پيل هيون. هڪڙي ٻئي کي چيو تہ ”ڏس، هو نوجوان جيڪو در وٽ بيٺو آهي تنهن جو قد بت ڪيڏو نہ بلڪل پورو ۽ ٺيڪ آهي.“
پوءِ اهي ٻئي ڄڻا وڌي ڪئنڊيڊ وٽ آيا، ۽ تمام شائستگي سان کيس پاڻ سان گڏ ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين، ڪئنڊيڊ تمام انڪساري سان چيو ”صاحبو، انهيءَ عزت افزائيءَ لاءِ اوهان جي مهرباني، پر مون وٽ دراصل هڪڙي پائي بہ ڪانہ آهي، جو مانيءَ جي خرچ لاءِ پنهنجو حصو ڏيئي سگهان.“
هڪڙي وردي واري چيو: ”خرچ جو حصو وري ڪهڙو؟ سائين، اوهان جهڙن لائق ماڻهن کي تہ ڪجهہ بہ خرچ ڪرڻو ڪونهي. ڇا اوهان جو قد پنج فوٽ ۽ پنج انچ نہ آهي.“
ڪئنڊيڊ نوڙت سان وراڻيو: ”جي ها، منهنجو قد ايترو ئي ٿيندو.“
”تہ پوءِ اچو، سائين، اسان سان گڏجي ويهي ماني کائو. اسين نہ رڳو اوهان جي کاڌي جو بل ڀرينداسين، بلڪ اوهان جهڙي هوشيار نوجوان کي ڪڏهن بہ پئسي ڏوڪڙ جي تنگي محسوس ٿيڻ نہ ڏينداسين. انسان کي تہ پيدا ئي هڪٻئي جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي.“
”اوهين بلڪل صحيح ٿا چئو“ ڪئنڊيڊ وراڻيو. ”استاد پئنگلاس بہ مون کي ھميشہ ايئن ئي چوندو هو، ۽ آءٌ ڏسان ٿو تہ هر ڪا شيءِ واقعي ڪنهن بهترين مقصد لاءِ آهي.“
هنن ڪئنڊيڊ کي خرچ پکي لاءِ ڪجهہ رقم آڇي، جا هن قبول ڪئي، ۽ ان کي اوڌر سمجهي، کين ان جي رسيد ڏيڻ گهريائين، پر هنن اها نہ روتي، پوءِ ٽيئي ڄڻا گڏجي ماني کائڻ ويٺا.
ماني کائيندي هڪڙي ڄڻي ڪئنڊيڊ کان پڇيو: ”ڇا، اوهين محبت ڪندا آهيو؟“
”هائو“ ڪئنڊيڊ وراڻيو، ”مون کي مس ڪيونيگونڊي لاءِ بيحد محبت آهي.“
”هوندي“ ٻئي ڄڻي چيو، ”پر اسان جي سوال جو مطلب اهو ڪونهي. اسين اهو ڄاڻڻ ٿا گهرون ٿا اوهان کي بلگيريا جي بادشاھہ سان محبت آهي يا نه؟”
”بلگيريا جي بادشاھہ سان؟ بلڪل نہ، مون تہ ان کي ڪڏهن ڏٺو بہ ڪونهي“
”اهو وري ڪيئن! هو تہ سڄي دنيا جو سڀ کان خوبصورت بادشاھہ آهي. هاڻي اچ تہ ان جي صحت جو جام پيون.“
”بيشڪ وڏيءَ خوشي سان“ ائين چئي، ڪئنڊيڊ پنهنجو جام هڪدم پي ڇڏيو.
نيري وردي وارا تمام خوش ٿيا، ۽ کيس چيائون تہ ”هاڻي تون بلگيريا جو محافظ ۽ سورمو آهين. تنهنجو ڀاڳ کليو آهي، تون تمام مشهور ماڻهو ٿيڻ وارو آهين.“
ائين چئي، انهن هڪدم ڪئنڊيڊ کي پيرن ۾ لوهي ٻيڙيون وڌيون ۽ کيس پنهنجي پلٽڻ ۾ وٺي آيا. اتي کيس ساڄي ۽ کاٻي مڙڻ سلامي ڏيڻ، بندوق هلائڻ نشاني چٽڻ ۽ قاعدي سان قدم کڻڻ جي مشق ڪرائي ويئي ۽ آخر ۾ کيس ٽيھہ ڦٽڪا هنيا ويا. ٻئي ڏينهن هن ڪجهہ چڱي مشق ڪئي، تنهن ڪري کيس ويھہ ڦٽڪا هنيا ويا. ٽئين ڏينهن فقط ڏھہ ڦٽڪا لڳس. انهي تي سندس ٻيا سڀ ساٿي حيران ٿيا، ۽ کيس تمام طاقتور ۽ ذهين سمجهڻ لڳا. ڪئنڊيڊ پاڻ بہ حيران هو ۽ کيس سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ هو بلگيريا جو ايئن سورمو ڪيئن بنجي ويو.!
بهار جي هڪ وڻندڙ صبح جو، ڪئنڊيڊ جي دل ۾ سير ڪرڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو سوچي تہ سڀني انسانن توڙي حيوانن کي اهو حق آهي تہ پنهنجين ٽنگن کي جڏهن ۽ جيئن وڻين تيئن استعمال ڪن، هو اٿي پنڌ پيو. پر اڃا ٻه ٽي ميل مس هليو هو تہ چئن ٻين قداور سورمن اچي پٺيان قابو ڪيس ۽ کيس ٻڌي گهلي آڻي ترم ۾ وڌائون. فوجي عدالت فيصلو ڏنو تہ کيس سڄي ريجمنيٽ جي جوانن هٿان ڇٽيھہ ڀيرا ٺونشن ۽ مُڪن جي مار ڏجي، يا وري هڪ درجن بندوقون هڪ ئي وقت سندس مغز ۾ هڻجن.
ڪئنڊيڊ گهڻو ئي اعتراض ڪيو ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انسان پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي ۽ کيس ٻنهي مان ڪابہ سزا قبول ڪانهي، پر آخرڪار کيس ٻنهي کان هڪ سزا جي چونڊ ڪرڻي پيئي. سو، خدا جي بخشيل راءِ جي آزادي واري نعمت جو فائدو وٺي، هن سڄي پلٽن جي جوانن هٿان ڇٽيھہ ڀيرا مار کائڻ قبول ڪئي. چنانچه ٻه ٻه ڀيرا تہ سڀ سپاهي مٿس پنهنجو وارو پورو ڪري چڪا، لشڪر ۾ ڪل ٻه هزار سپاهي هئا، اهڙي ريت کيس چار هزار ٺونشا لڳي چڪا هئا. ۽ ڪنڌ کان وٺي چيلھہ تائين سندس رڳون ۽ پٺا اکڙي پيا هئا. جڏهن سپاهي هاڻي ٽيون وارو هلائڻ وارا هئا تہ مار کان بيحال ٿي ويل ڪئنڊيڊ وڌيڪ ست نہ ساري کين درخواست ڪئي تہ ”مهرباني ڪري منهنجي کوپڙي گولي سان اڏائي ڇڏيو.“
ڪئنڊيڊ جي اها درخواست قبول ڪئي وئي ۽ سندس اکين تي پٽي ٻڌي کيس گوڏن ڀر ويهاريو ويو، بنھہ ان وقت بلگيريا جو بادشاھہ اچي پڇا ڪيائين. بادشاھہ عقلمند هو ۽ ڪئنڊيڊ جو احوال ٻڌي هن صحيح ڪيو تہ هي نوجوان جو فيلسوف آهي ۽ دنيا جي معاملن کان بي خبر آهي، سو پنهنجي شاهاڻي شفقت سان کيس جيئدان ڏنائين. انهي رحمدلي جي ڪري، بادشاھہ سلامت جو نالو تاريخ ۾ سونن اکرن ۾ لکيل رهندو. ۽ انهي ڪري هو هر دؤر ۾ مشهور هوندو.
هڪ همدرد ۽ هوشيار جراح، ڪئنڊيڊ جا زخم يوناني حڪيم ڊائسڪارڊيز جي آزمايل ۽ مجرب ملم سان، ٽن هفتن اندر ڇٽائي ڇڏيا. ڪجهہ ڏينهن بعد جڏهن بلگيريا جي بادشاھہ آباريا ملڪ جي بادشاھہ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، تہ ڪئنڊيڊ بہ فوج سان گڏ ڪُوچ ڪرڻ جهڙو ٿي ويو ويو هو.

باب ٽيون: ڪئنڊيڊ جو بلگيريا جي لشڪر مان ڀڄي نڪرڻ، ۽ تنهن کانپوءِ جو احوال

بلگيريا ۽ اباريا جي ٻنهي ڌرين جي لشڪرن جي تياري ۽ تنظيم، شان ۽ ڀڀڪو اهڙو هو، جهڙو اڳي ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو هو. دهلن ۽ نغارن توبن ۽ بندوقن اهڙو هل ۽ هنگامو مچائي ڏنو، جهڙو دوزخ ۾ بہ ڪنهن نہ ٻڌو هوندو. لڙائي شروع ٿي، تہ پهرين ئي واري سان ٻنهي طرفن کان ڇھہ ڇھہ هزار جوان توبن جي آهي ۾ اچي ويا. وري بندوقن جي ٺڪاٺوڪي ٻين ڏهن هزار منحوسن جي صفائي ڪري ڇڏي، جيڪي استاد پئنگلاس جي ”بهترين امڪاني دنيا“ جي ڇاتي تي بار هئا. ڪي هزار وڌيڪ ماڻهو سنگينن بہ ماريا. اهڙي ريت، ٻنهي طرفن کان ٽيهارو هزار جانيون ڪتب آيون.
ڪوس ۽ قتلاس جي انهي عرصي ۾، جڏهن هرڪو سپاهي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ سينو سپر ڪري، پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري رهيو هو تڏهن ڪئنڊيڊ هڪڙي الھہ لوڪ فيلسوف جيان ڏڪي ۽ ڪنبي رهيو هو. کانئس جيتريقدر ٿي سگهيو، پاڻ کي خون خرابيءَ کان پري رکيائين، ۽ سڄو وقت لڪو رهيو.
آخر جڏهن ٻنهي بادشاهن جو بچيل لشڪر پنهنجي ڇانوڻين ۾ وڃي فتح جا ترانا ڳائڻ لڳو (ڇاڪاڻ تہ ٻنهي ڌرين ان هرهڪ ڌر پاڻ کي کٽيل ۽ ٻي ڌر کي هارايل ٿي سمجهيو) تڏهن ڪئنڊيڊ ارادو ڪيو تہ اتان ڀڄي، ”سببن ۽ نتيجن“ تي سوچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي جنگ جي ميدان ۾ پکڙيل لاشن ۽ زخمي سپاهين جي ڍيرن مٿان اُڪري، هو پهرين جنهن هنڌ اچي پهتو، سو ابارين جي ملڪ جو هڪڙو سرحدي ڳوٺ هو، جنهن کي بلگيريا وارن بين الااقوامي قانون موجب باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هتي جو منظر ڏاڍو دردناڪ ۽ دلسوز هو، ٻڍڙا، زخمن جي پيڙا کان ڪنجهي رهيا هئا. مائرون پنهنجن روئندڙ ٻارن کي رتوڇاڻ ڇاتين سان لڳائي، پنهنجن مڙسن کي سڪرات جي حالت ۾ تڙپندو ڏسي رهيون هيون. ڪنواريون نينگريون جن جا پيٽ بليگريا جي سپاهين پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ بعد چيري ڇڏيا هئا، پوين پساهن ۾ هيون. ڪي بدنصيب جن جا جسم اڌ سڙي چڪا هئا، سي دعائون گهري رهيا هئا تہ ڪو اچي، کين ماري، هن عذاب کان نجات ڏياري. چئني طرف ڪپيل سسين، ٻانهن ۽ ٽنگن جا انبار پکڙيا پيا هئا. سڀني پاسن رت جا ريلا پئي وهيا. ڪئنڊيڊ اهو دل ڏاريندڙ نظارو ڏسي نہ سگهيو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي ٻئي ڳوٺ کان نڪتو.
هاڻي هو جنهن ڳوٺ ۾ پهتو، سو بلگيريا وارن جو هو. هن ڏٺو تہ اباري سورمن بہ هن ڳوٺ سان ساڳي حالت ڪئي هئي، جهڙي بلگيريا وارن ابارين جي ڳوٺن سان ڪئي هئي. پوءِ تڙڦندڙ لاشن کي لتاڙيندو ۽ تباھہ ٿيل جڳهين جي کنڊرن کي پار ڪندو، آخرڪار هو جنگ جي حدن کان اُڪري آيو.
وٽس فقط ڪجهہ کاڌو ڳوٿري ۾ ساڻ هو ۽ ٻي مس ڪيونيگونڊي جي ياد دل ۾ هيس، جنهن کي هو ڪهڙي بہ حالت ۾ وساري نٿو سگهي، هلندي هلندي، جڏهن هو هالنڊ جي ملڪ ۾ پهتو، تڏهن وٽس کاڌو بہ ختم ٿي ويو. تنهنڪري کيس خاطري هئي تہ ساڻس اهڙو ئي عمدو سلوڪ ڪيو ويندو، جهڙو مس ڪيونيگونڊي جي سهڻين اکين تي موهجي مار کائي نڪرڻ کان اڳ، جاگيردار جي قلعي ۾ ساڻس ڪيو ويندو هو. هن ڪيترن ئي ماڻهن کان خيرات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀني کيس ساڳي ئي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن هو اهو پنڻ جو سلسلو جاري رکندو تہ پوءِ کيس جهلي، اصلاح، گهر ۾ اماڻيو ويندو، جتي کيس صبر ۽ شڪر سان مرڻ جو گُر سيکاريو ويندو.
رلندي رڙندي، نيٺ هو هڪڙي چونڪ تي پهتو، جتي وڏو ڪارو جبو پهريل هڪ شخص، ماڻهن جي وڏي ميڙ اڳيان، سخاوت بابت وعظ ڪري رهيو هو. هن هڪ ڪلاڪ لڳاتار تقرير ڪئي، ۽ جڏهن فارغ ٿيو تہ ڪئنڊيڊ کيس خيرات لاءِ التجا ڪئي. ان شخص ڪئنڊيڊ کي شڪي نظرن سان گهوريندي پڇيو: ” تون هتي ڇو آيو آهين؟ تنهنجي اچڻ جو سبب ڪيتريقدر نيڪ ۽ بي خطر آهي؟“
ڪئنڊيڊ نوڙت سان جواب ڏنو:” ڪوبہ نتيجو سبب کان سواءِ نٿو ظاهر ٿئي. هر ڪا شيءِ، لازمي طرح بهترين مقصد خاطر خلقي ۽ رٿي وئي آهي. اها ڳالھہ ضروري هئي تہ آءٌ مس ڪيونيگونڊي جي صحبت کان محروم ٿيان، تنهن کان پوءِ سڄي پلڻ هٿان مار سهان، ۽ هاڻي خيرات پني گذارو ڪريان، جيستائين پاڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيان. اهي سڀ ڳالهيون ائين ئي ٿيڻون هيون، جيئن ٿيون، ڪنهن ٻيءَ طرح نٿي ٿي سگهيون.“
”منهنجا دوست“ ان شخص چيو، تنهنجين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو تہ تون چڱي علم وارو آهين. ڀلا اهو ٻڌاءِ تہ تون ’پوپ‘ کي يسوع مسيح جو مخالف يعني دجال سمجهين ٿو يا نه؟“
ڪئنڊيڊ وراڻيو: ”مون اڳي ڪڏهن بہ اهڙي ڳالھہ ڪانہ ٻڌي آهي. پر پوپ مسيح جو مخالف هجي يا نہ، تنهن سان منهنجو ڪوبہ واسطو ڪونهي، آءٌ سخت بکايل آهيان، مون کي تہ ماني کان سواءِ ڪابہ ڳالھہ ڪانہ ٿي سُجهي.“
اهو ٻڌي هو شخص ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ ڪئنڊيڊ کي چيائين، ” توکي ماني کارائڻ حرام آهي! ڪميڻا، بدمعاش، ٽري وڃ، منهنجي اکين کان! وري ڪڏهن بہ هيڏانهن منهن نہ ڪجانءِ“
گوڙ تي، انهي گهڙيءَ هن جي زال مٿان دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍيو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پوپ بابت مسيح جي مخالف هجڻ جي عقيدي ۾ شڪ ٿو رکي، تڏهن گند سان ڀريل ڏول ڪئنڊيڊ مٿان اٿلائي وڌائين..... توبھہ! عورتون مذهب جي باري ۾ ڪيڏيون نہ انتهاپسند ۽ تعصبي ٿين ٿيون.!
جئڪس نالي هڪ همدرد ۽ ايماندار پادري اهو اڻسهائيندڙ سلوڪ ڏسي رهيو هو، جيڪو عقل ۽ روح رکندڙ انساني برادري جي هڪ بي سهاري فرد سان ڪيو ويو. هو ڪئنڊيڊ کي پنهنجي گهر وٺي ويو. کيس وهنجاري سهنجاري صاف ڪپڙا پهرايائين. کيس ماني کارايائين ۽ بيئر پياريائين، ڪجهہ نقد پئسا بہ ڏنائين، ۽ کيس هالنڊ ۾ ٺهندڙ ايراني غاليچن اُڻڻ جي هنر سيکارڻ جي آڇ بہ ڪيائين، تہ جيئن هو پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي سگهي. جئڪس جي اها محبت ۽ مهرباني ڏسي، ڪئنڊيڊ سندس پيرن تي ڪري پيو، ۽ چيائين تہ ”استاد پئنگلاس جو چوڻ بلڪل صحيح هو تہ هن دنيا ۾ هرڪا شيءِ ڀلائي ۽ بهتري لاءِ آهي، ڇو تہ مون کي ڪاري جبي واري ۽ سندس زال جي تنگدلي ۽ بدتميزي کان گهڻو وڌيڪ اوهان جي فراخدلي ۽ مهرباني جي هلت متاثر ڪيو آهي.“
ٻئي ڏينهن ڪئنڊيڊ ٻاهر سير لاءِ ويو تہ کيس هڪڙو پينو فقير رستي تي مليو، جنهن جي سڄي بت تي آتشڪ جي مرض جا ڦٽ ۽ ڦلڻا هئا. اکيون اندر پيل، نڪ جو اڳيون حصو غائب، ڄاڙيون اڌ رنگ جي مرض جيان ڦريل، ۽ ڏند ڪوئلي جهڙا ڪارا هئس. هو زور سان کنگهي رهيو هو، ۽ جڏهن کانگهارو اڇلايائين تہ ان سان گڏ هڪڙو ڏند ٻه ٻاهر اچي ڪريس.

باب چوٿون: ڪئنڊيڊ جي پنهنجي استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس سان ملاقات ۽ پوءِ جو احوال

فقير کي اهڙن بڇڙن حالن ۾ ڏسي، ڪئنڊيڊ کي بڇان بہ آئي ۽ قياس بہ ٿيو. نيٺ مٿس ترس آڻي، هن اها سموري نقدي کڻي سندس جهولي ۾ وڌي، جيڪا نيڪدل جئڪس پادري کان ملي هيس. ڪئنڊيڊ جي ايڏي رحمدلي ڏسي اهو غليظ ۽ ڀوائتي شڪل وارو فقير ڪئنڊيڊ کي غور سان گهورڻ لڳو. اوچتو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪئنڊيڊ کي کڻي ڀاڪر وڌائين. ڪئنڊيڊ گهٻرائجي پوئتي هٽيو.
تنهن تي هنن ٻنهي بدبختن مان هڪڙو بدبخت ٻئي کي چوڻ لڳو: ” افسوس، تون پنهنجي پياري استاد پئنگلاس کي بہ نٿو سڃاڻين!“
ڪئنڊيڊ تپرس ۾ پئجي ويو. ”هي آءٌ ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڇا، اوهين منهنجا عزيز استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس آهيو؟ آءٌ اوهان کي هن رحم جوڳي حالت ۾ ڪيئن ڏسي رهيو آهيان! اوهان تي ڪهڙي مصيبت آئي، جنهن اوهان کي جاگيردار جو عاليشان محل ڇڏايو؟....... ڀلا، مس ڪيونيگونڊي جو ڪهڙو حال هو، جيڪا سڀني عورتن جي سرتاج ۽ قدرت جو شاهڪار آهي؟“
”آئون بيحد ٿڪل آهيان“ پئنگلاس سهڪندي وراڻيو، مون کان بيٺو بہ نٿو ٿئي.“
ڪئنڊيڊ هڪدم پنهنجي استاد کي جئڪس جي طبيلي ۾ وٺي آيو، ۽ کيس ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون آڻي ڏنائين. جڏهن هو ڪجهہ سامت ۾ آيو، تڏهن ڪئنڊيڊ وري بيصبري سان پڇيس:
”ڪيونيگونڊي جو ڇا ٿيو؟”
”اُها مري ويئي!“ پئنگلاس وراڻيو.
اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ هڪدم بيهوش ٿي ويو. اتفاق سان اُتي ڪجهہ سرڪو پيل هو، جنهن جي مدد سان پئنگلاس کيس هوش ۾ آندو. ڪئنڊيڊ اکيون کوليون، تڏهن بہ ڪيونيگونڊي جو نالو سندس زبان تي هو.-
”ڇا، ڪيونيگونڊي سچ پچ مري ويئي! هاءِ قسمت! هاڻي هيءَ دنيا، ’بهترين امڪاني دنيا‘ ڪيئن چئبي؟ آءٌ ڪيئن مڃان تہ هتي هر ڪاشيءِ چڱي آهي، ۽ چڱائي لاءِ آهي؟ پر هوءَ ڪهڙي بيماري جي ڪري مُئي؟ هوءَ تہ پڪ سان منهنجي بيعزتي جو اهو ڏک نہ سهي سگهي هوندي، جو سندس پيءُ مون کي لتون هڻي پنهنجي محل مان لوڌي ڪڍيو هو!“
”نہ“ پئنگلاس چيو، ”هن کي ڪابہ بيماري ، ڪوبہ ڏک ڪونہ هو. بلگيريا وارن اوچتو اسان جي قلعي تي حملو ڪيو. هوءَ بلگيريا جي سپاهين جو شڪار ٿي ويئي. انهن سندس عصمت دري ڪئي. تان جو هوءَ بيهوش ٿي ويئي. پوءِ سندس پيٽ چيري ڇڏيائون. وڏي نواب کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي بہ ماري ڇڏيائون. بيگم صاحبہ جا تہ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ننڍي نواب سان بہ اهڙي ئي حالت ٿي، جهڙي سندس ڀيڻ سان. محلات جي برباديءَ جي ڪهڙي ڳالھہ ڪريان، ڪا سر سلامت ڪانہ رهي: ڪا رڍ جيئري نہ بچي، ڪا بدڪ باقي نہ رهي، ڪو وڻ ڇانوَ لاءِ نہ ڇڏيائون! سمورا اناج جا گدام ۽ ٻيو اسباب تباھہ ٿي ويو. پر قدرت کانئن اسان جو انتقام بہ خوب ورتو؛ ابارين جو لشڪر وري مٿن ڪاهي ويو، ۽ اسان جي ڀر واري ان بلگيريائي نواب جي جاگير سان بہ ساڳي اسان واري جٺ ٿي.“
اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ وري غش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن انهن ”سببن“ ۽ ”نتيجن“ بابت پڇا ڪيائين، جن پئنگلاس جي اهڙي درگتي ڪئي هئي.
پئنگلاس چيو: ” افسوس، اهو سڀڪجهہ محبت جي ڪري مون کي ڀوڳڻو پيو--- انهيءَ محبت جي ڪري، جيڪا انسانذات جو ڏڍ ۽ آسرو آهي، جيڪا سڄي جهان جو سوجهرو ۽ سڀني ساهوارن جو روح آهي.“
”هاءِ هاءِ!“ ڪئنڊيڊ ٿڌو ساھہ کڻندي چيو، ”مون کي بہ انهي دلين تي حڪمراني ڪندڙ محبت جي اثر جو ڪجهہ تجربو آهي. پر مون کي ان جي صدقي يعني محبوب جي چپن کي هڪ ڀيري چمڻ جي عيوض، فقط ويھہ لتون پٺيءَ تي کائڻيون پيون—ان کان وڌيڪ قيمت مون کي ڏيڻي ڪانہ پيئي. پر عجب آهي جو اهڙي سهڻي ”سبب“ تنهنجي لاءِ اهڙو آگرو ۽ خوفناڪ ”نتيجو“ ڪيئن پيدا ڪيو.“
پئنگلاس سمجهاڻي ڏيندي چيو تہ منهنجا پيارا ڪئنڊيڊ توکي ياد هوندو تہ اسان جي بيگم صاحبہ وٽ هڪ سهڻي نوڪرياڻي هئي، جنهن جو نالو ”پئڪي“ هو. مون ان جي آغوش ۾ جنت جا مزا ماڻيا، جن مون لاءِ اهي جهنم جا عذاب پيدا ڪيا. هوءَ بادفرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ شايد هن وقت تائين اُن وگهي مري چڪي هوندي. پئڪي کي اهو تحفو هڪڙي وڏي پادري وٽان مليو هو پادري کي اهو هڪ پوڙهي اميرياڻي کان مليو، جيڪا هڪڙي فوجي ڪپتان مان وڇڙي، ڪپتان کي هڪ وڏ گهراڻي عورت کان اهو تحفو مليو، جنهن پنهنجي هڪ نوجوان ملازم کان ورتو. انهي نوجوان کي هڪ مڪار پادري کان مليو، جيڪو پنهنجي الهڙائپ واري وقت ۾ سڌيءَ ريت ڪولمبس سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ ساٿيءَ مان روڳي ٿيو هو. پر آءٌ هاڻي اهو پئڪي کان مليل تحفو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏيندس، ڇو تہ آءٌ ڪن ڏينهن جو مهمان آهيان.“
ڪئنڊيڊ عجب وچان رڙ ڪئي: ”پئنگلاس تو هن بيماريءَ جو عجيب شجرو بيان ڪيو! ان جو اصل باني مباني تہ خود شيطان ٿو ڀائنجي!“
پئنگلاس، هڪ عظيم مدبر جيان، سنجيدگي سان وراڻيو، ”نہ ڪئنڊيڊ! خدا جي خلقيل هن بهترين جهان ۾ اها تہ هڪڙي تمام ضروري ۽ لازمي شي آهي. جيڪڏهن ڪولمبس جو اهو همسفر آفريڪا جي ڪنهن ٻيٽ ۾ انهي مرض ۾ نہ وٺجي ها. جيڪو انساني نسل جي تخم کي زهريلو بنائي ڇڏي ۽ قدرت جي پيدائش واري سرشتي ۾ رڪاوٽ ٿو وجهي---- تہ اڄ اسان وٽ جيڪر اهي چاڪليٽي ۽ ڳاڙها رنگ ڪين هجن ها. مذهبي تڪرارن وانگي، اهو مرض بہ اسان يورپ وارن لاءِ مخصوص آهي. ترڪ، هندستاني، ايراني ، چينائيڃا ان کان ناواقف آهن پر ان لاءِ ڪافي ”سبب“ موجود آهن تہ ٻن ٽن صدين اندر انهن ۾ بہ هي مرض ڦهلجي ويندو. تيستائين سان ۾ هو خوب ترقي ڪري رهيو آهي، خاص ڪري اسان جن انهن عظيم ايماندار ۽ تربيت يافتہ فوجن ۾، جيڪي قومن جون قسمتون سنڀالي ويٺيون آهن. اسين بيڌڙڪ ايئن چئي سگهون ٿا تہ جيڪڏهن ٽيهن هزارن جي ڪا فوج، ايتري ئي تعداد واري ٻي فوج سان مقابلو ڪرڻ اچي ٿي، تہ هرهڪ ڌر جا گهٽ ۾ گهٽ ويھہ هزار سپاهي بادفرنگ ۾ ورتل هوندا آهن.“
”اوهان ڏاڍي عجب ڳالھہ ٻڌائي آهي،“ ڪئنڊيڊ چيو. ”آءُ اوهان جون دلچسپ ڳالهيون تاڄمار پيو ٻڌندس. پر پهرين اوهان جو اعلاج ٿيڻ کپي.“
”منهنجا دوست، مون وٽ تہ هڪڙي ڪوڏي بہ ڪانہ آهي، علاج ڪيئن ڪرايان”؟ پئسي بنان تہ ڪوبہ ڊاڪٽر رڳو سير بہ ڪونہ ڇوڙيندو.“
ڪئنڊيڊ، پئنگلاس جي علاج ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري، رحمدل پادري جئڪس وٽ ويو. سندس پيرن تي ڪري، پنهنجي استاد ۽ دوست جي دردناڪ تصوير اهڙي انداز ۾ چٽيائين، جو اهو نيڪدل پادري پئنگلاس جي علاج جي خرچ ڀرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
علاج ڪامياب ٿيو ۽ پئنگلاس چڱو ڀلو ٿي ويو. پر بيماري ۾ هو هڪڙي اک ۽ هڪڙو ڪن وڃائي ويٺو. پئنگلاس چڱي طرح لکي پڙهي سگهيو ٿي ۽ حسابي ڪم ۾ بہ هوشيار هو، تنهنڪري پادري هن کي پاڻ وٽ منشي ڪري رکيو.
ٻن مهينن کان پوءِ، جئڪس پادري کي وارپار سانگي لزبن ڏانهن وڃڻو پيو. هن ٻنهي فيلسوفن کي بہ پاڻ سان گڏ کنيو. سمنڊ رستي، هو پنهنجي جهاز تي روانو ٿيو. واٽ ۾ ٽيئي ڄڻا هڪٻئي کي پنهنجن خيالن کان واقف ڪندا هليا.پئنگلاس پادري کي اهو ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ”جيڪا ڳالھہ جنهن نموني ۾ ٿي رهي آهي، تنهن کان بهتر ٻئي نموني ۾ نٿي ٿي سگهي.“ پر جئڪس هن سان سهمت نہ ٿيو، هن جو چوڻ هو تہ ” انسان ڪن معاملن ۾ پنهنجي اها معصوميت وڃائي چڪو آهي، جيڪا فطرت کين شروع ۾ عطا ڪئي هئي. هن قدرت جي ڪارخاني سان هٿ چراند ڪري، ان کي ڪي قدر بگاڙي ڇڏيو آهي. انسانن کي بگهڙي ڪري ڪونہ پيدا ڪيو ويو هو. پر تڏهن بہ اهي هڪ ٻئي کي شڪار جانور جيان چيرين ۽ ڦاڙين ٿا. خدا کين ڄمڻ وقت سنگينون ۽ بندوقون هرگز ڪين ڏنيون هيون. پر تنهن هوندي بہ هنن هڪ ٻئي کي تباھہ ڪرڻ لاءِ پنهنجن هٿن سان خوفناڪ هٿيار تيار ڪري ورتا. انسان انسان جو رت پيئي ٿو، توبن ۽ تلوارن سان ، بہ دوکي ۽ مڪاري سان به. هتي جو قانون ۽ انصاف اهو آهي جو ڏيوالي ڪڍڻ واري جي ملڪيت ضبط ڪري لهڻيدار کي بہ دوکو ڏنو وڃي ٿو.“
هڪ اک واري سياڻي پئنگلاس وراڻيو: ” اهي ڳالهيو اٽل ۽ ضروري آهن، جدا جدا ماڻهن کي جيڪي ذاتي ڏک ۽ تڪليف رسن ٿيون، تن مان گهڻن ماڻهن کي وري گڏيل فائدا ٿا حاصل ٿين. انهي ڪري جيڪڏهن ذاتي ڏک گهڻا نظر اچن، ان جو مطلب اهو سمجهڻ کپي تہ گڏيل فائدا وڌيڪ ٿي رهيا آهن: جيئن ذاتي ڏک گهڻا، تيئن عام فائدا وڌيڪ!“
اهو بحث جاري هو، ايتري ۾ آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، چئني پاسن کان تيز هوائون هلڻ لڳيون، ۽ لزبن جي بندر جي بنھہ سامهون، جهاز خطرناڪ طوفان ۾ گهيرجي ويو.

باب پنجون : طوفان جو زور ۽ جهاز جي تباهي، ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، ۽ ڊاڪٽر پئنگلاس، ڪئنڊيڊ، ۽ مئڪس پادري جي حالت

طوفان بيحد غضبناڪ هو، وڏيون وڏيون ڀوائتيون ڇوليون جهاز کي ايڏي تہ زور سان لوڏي ۽ ڌوڏي رهيون هيون، جو مسافرن جون وايون بتال ٿي ويون. ڪيترا تہ بدحواسي وچان ازخود سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي مئا. ٻيا رڙيون ۽ واڪا ڪري رهيا هئا. ڪي دعائون گهري رهيا هئا تہ ڪن جو خوف جي ڪري آواز نٿي اڪليو. طوفان جيئن پوءِ تيئن زور ٿيندو ويو. ڏسندي ڏسندي جهاز جا سڙھہ سڀ ڦاٽي پيا ۽ کوها ڀڄي پيا. تري واري تختي جي وچ ۾ ڦوٽ پئجي وئي، ۽ جهاز تيزي سان ٻڏڻ لڳو.
هر شخص جهاز کي بچائڻ لاءِ سرگرمي ڏيکاري رهيو هو، پر ڪنهن بہ ڪنهن جي ڪانہ ٿي ٻڌي، رڳو گوڙ ۽ شور رهيون ۽ ڪيهون، روڄ ۽ راڙو هو. ڪنهن کي بہ ٻئي جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو وقت ڪونہ هو، ۽ ڪنهن کي بہ ٻين کي هدايت ڏيڻ جو موقعو ڪونہ هو.
نيڪ دل پادري جئڪس به، جهاز جي مٿانهين طبقي تي، جهاز کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو، تہ اوچتو هڪڙو بددماغ خلاصي کيس اهڙو ڌڪ هنيو ، جو هو اونڌي منهن وڃي هيٺ فرش تي ڪريو، پر ڌڪ هڻڻ سان اهو خلاصي پاڻ سنڀالي نہ سگهيو ۽ سندس پير جهاز تان کسڪي ويو، ۽ منهن ڀر وڃي هڪڙي ڀڳل کوهي تي ڪريو. هو کوهي کي قابو جهلي، پاڻي مٿان لٽڪندو رهيو. ايتري ۾ نيڪ دل پادري کيس وري بہ مٿي ڇڪي ورتو. پر ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي، هو پاڻ سمنڊ ۾ ڪري پيو، احسان فراموش خلاصي کيس ڏسندي بہ ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، ۽ پنهنجي بچائڻ واري کي ٻڏندو ڏسي منهن ڦيرائي اتان هٽي ويو. ايتري ۾ ڪئنڊيڊ ڊوڙندو آيو ۽ ڏٺائين تہ سندس محسن، نيڪ دل پادري غوطا کائي رهيو آهي. ڏسندي ڏسندي بي رحم لهرن ان کي ٻوڙي ڇڏيو.
ڪئنڊيڊ پادري کي بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ تي هو تہ ايتري ۾ ڏاهو پئنگلاس اچي پهتو، جنهن کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڃا هو پنهنجي انهي خيال کي ٿابت ڪرڻ لاءِ ڪو دليل ڏئي ئي ڏئي، تہ جهاز پاني سان ڀرجي وڃڻ ڪري وڃي تر ورتو. ۽ پئنگلاس ڪئنڊيڊ ۽ پادري کي ٻوڙڻ واري بددماغ خلاصي کانسواءِ سمورا مسافر ٻڏي ويا، خلاصي تہ ڪناري تائين ترندو ويو، باقي پئنگلاس ۽ ڪئنڊيڊ هڪڙي تختي جي سهاري سان تُڙڳندا نيٺ اچي ڪناري ڀيڙا ٿيا.
ڪجهہ دير تائين ٿڪ ڀڃي، هنن لزبن جي شهر جو رخ ڪيو. موت جي منهن مان بچي نڪرڻ کان پوءِ جيڪا ٿوري گهڻي رقم وٽن موجود هئي، تنهن مان هو ڪجهہ ويلا کائي پي سگهيا ٿي. پر اڃا هو پنهنجي مهربان ۽ محسن دوست، جئڪس پادري جي موت تي ارمان ڪندا، شهر ۾ داخل ٿيا ئي مس تہ ايتري ۾ زلزلو شروع ٿي ويو. ڌرتي ڌٻڻ سان سمنڊ ايڏي زور سان اڇل کاڌي جو بندر تي جيڪي بہ جهاز لنگر هڻي بيٺا هئا، سي سڀ پرزا پرزا ٿي لڙهي ويا. جايون ڊهي اچي پٽ پيئون ۽ گهٽين ۽ بازارين کي باھہ جا الا ۽ مٽي جا واچوڙا وڪوڙي ويا. ٽيھہ هزار ماڻهو، مرد ۽ عورتون ٻڍا ۽ ٻار مٽي جي ڍيرن هيٺ دٻجي مري ويا.
تباهي ۽ بربادي جو اهو لقاءَ ڏسي خلاصي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. هن شيطاني ٽهڪ ڏيندي چو: ”آفرين آهي ابليس کي، هاڻي مال ميڙڻ جو وجھہ ڏاڍو سٺو آهي!“
پئنگلاس چيو: ”قدرت جي هن قهري ڪارنامي جو ڪهڙو ”معصول سبب“ ٿي سگهي ٿو؟“
ڪئنڊيڊ چيو: ”ڀائنجي ٿو تہ قيامت اچي وئي آهي؟‎!“ خلاصي سر جو سانگو لاهي پئسن جي ڳولا ۾ ڊٺل جڳهين جي کنڊرن اندر گهڙي پيو، ڪافي نقدي هٿ آئي، تنهن کانپوءِ هن خوب شراب پيتو، ۽ آخر نشي ۾ چور ٿي سمهي رهيو. جڏهن سجاڳ ٿيو ۽ نشي جو خمار لٿس تڏهن کيس هڪڙي ننڍي نيٽي ڇوڪري هٿ اچي ويئي جنهن کي ساڻ ڪري، هو پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، مڙدن ۽ زخمي ماڻهن جي ڍيرن کي لتاڙيندو، ڊٺل جڳهين جي ڪنهن گوشائتي ڪنڊ ڏانهن وڌڻ لڳو.
پئنگلاس کيس ٻانهن کان جهلي چيو: ” منهنجا دوست! اها ڳالھہ ٺيڪ ڪانهي، جو تون ”عالمگير معقوليت“ جون حدون لتاڙي رهيو آهين. تو پنهنجي ڪڌي ارادي لاءِ وقت ۽ جڳھہ جي چونڊ بہ غلط ڪئي آهي.“
خلاصي ڪاوڙجي وراڻيو: ”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي منع ڪرڻ وارو! توکي خبر ناهي تہ آءٌ جهاز ران آهيان ۽ بئٽاويا ۾ ڄايو آهيان. مون چار ڀيراجاپان جو سفر ڪيو آهي، ۽ هر ڀيري يسوع مسيح جي صليب کي پيرن هيٺيان لتاڙيو اٿم. سو، تون مون مان پنهنجي ”عالمگير معقوليت“ جي ڪابہ اميد نہ رک!“
هوڏانهن پٿرن جي اڏامي لڳڻ سان، ڪئنڊيڊ زخمي ٿي پيو هو، ۽ ڌوڙ سان ڀڀوت ٿيو، گهٽي جي وچ تي پيو هو. پئنگلاس کي رڙ ڪري چيائين: ”مهرباني ڪري مون لاءِ ترت ئي ڪجهہ شراب ۽ تيل هٿ ڪري وٺ، تڪليف جي ڪري منهنجو ساھہ ٿو نڪري.“
پئنگلاس چيو: ”هي زلزلو ڪا نيئن ڳالھہ ڪانهي، آمريڪا جي ليما شهر ۾ بہ اڳين سال ڌرتي ڌٻڻ سان اهڙي ئي حالت ٿي هئي. ساڳي قسم جا سبب ساڳيا نتيجا پيدا ڪن ٿا. ليما کان لزبن تائين، ضرور گندرف جون ڪي لاڳيتيون زير زمين قطارو پکڙيل آهن.“
ڪئنڊيڊ چيو: ”ضرور ائين ئي هوندو. پر خدا جي واسطي منهنجي شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر.“
”هوندو“ نہ بلڪ چئو تہ ”آهي“ ! پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالھہ تي زور ڏيندي چيو. ”اها هڪ حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو.!“
ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو اهو ڏسي پئنگلاس هڪدم ڊوڙي وڃي ڀر واري چشمي تان پاڻي کڻي آيو، ۽ آهستي آهستي ڪري ڪئنڊيڊ جي منهن ۾ وڌائين.
ٻئي ڏينهن ڊٺل ڦٽل جڳهين اندر گهمندي کين کاڌي پيتي جون ڪي شيون هٿ لڳيون جن کي کائي، هنن پنهنجي بک لاٿي، ۽ ڪجهہ قدر تازا توانا ٿيا. تنهن کان پوءِ شهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي زلزلي جي ڪري زخمي ٿيل ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ۾ مصروف ٿي ويا. انهن مان ڪن جن جي هنن مدد ڪئي هئي، کين منجهند جي ماني کارائي، ۽ اهڙي مصيبت جي هالت ۾ بہ جيڪي ڪجهہ وٽانئن ٿي سگهيو سو هنن جي اڳيان آڻي حاضر ڪيائون. اها ڄڻ تہ ماتمي دعوت هئي. جنهن ۾ ميزبان کاڌي کائڻ سان گڏ روڄ ۽ فرياد بہ ڪري رهيا هئا. پر پئنگلاس انهن کي تسلي ڏني تہ جيڪي ڪجهہ ٿيڻو هو، تئين ئي ٿيو آهي، ڪنهن بہ شيءِ جي اصليت کي بدلائي نٿو سگهجي، ۽ هر ڪنهن شيءِ ۾ ڪانہ ڪا چڱائي جي رمز رکيل آهي، ڇو تہ قدرت اها ڪنهن نہ ڪنهن بهترين مقصد لاءِ پيدا ڪئي آهي. جيڪو زلزلو آيو، سو ضرور اچڻو هو ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻڙندڙ جبل لزبن ۾ آهن، تن جو اثر بہ لزبن تي ئي ٿيڻو هو. قدرت پنهنجن ٺهرايل اصولن جي ابتڙ ڪڏهن بہ ڪجهہ نہ ڪندي. اهو ناممڪن آهي تہ ”سبب“ هڪڙي هنڌ هجي ۽ ان جو ”نتيجو“ ٻئي هنڌ ظاهر ٿي. هرڪا شيءِ جتي موجود آهي، اها اتي ئي سونهي ٿي، سڀئي شيون بهترين نموني ۾ رٿيل آهن، ۽ اهي بهترين مقصد سان خلقيون ويون آهن.“
پئنگلاس جي ڀرسان هڪڙو بندري قد وارو ماڻهو ويٺو هو، جنهن کي ڪارا ڪپڙا پيل هئا. ۽ مذهبي عدالت جو جاسوس هو. هن پئنگلاس کان نرمي سان پڇيو تہ ”سائين اوهين شايد انهي ڳالھہ ۾ ويساھہ نٿا رکو تہ انسان پيدائشي طور گناهگار آهي، ڇو تہ اوهان جي چوڻ موجب هرڪنهن شيءِ ۾ چڱائي رکيل آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو تہ آدم جو گناھہ ڪابہ حقيقت نٿو رکي، ۽ انسان جي بهشت مان تڙجڻ ۽ دائمي سزا ڀوڳڻ جي ڳالھہ اجائي آهي!“
پئنگلاس تهان ئي نرمي سان جواب ڏنو: ”سائينجن بلڪل بجا فرمايو. پر مون کي اها ڳالھہ واضح ڪرڻي آهي تہ آدم جي بهشت مان تڙجڻ ۽ سزا ڀوڳن ضرورت جي پابندي هيٺ، کيس سڀني کان بهترين جهان ۾ پهچايو، جنهن ۾ ئي هن جي بهتري ۽ ڀلائي هئي.“
’مذهبي عدالت‘ جوعملدار چوڻ لڳو: ”تنهن جي معنيٰ تہ اوهين انسان جي فعل مختيار هجڻ جو عقيدو نٿا رکو!“
پئنگلاس وراڻيو: ” معاف ڪجو، اوهين منهنجو مطلب نٿا سمجهو. انسان کي جيڪا عمل جي آزادي ۽ اختياري مليل آهي، سا ’ازلي ضرورت‘ جي پابنديءَ سان بلڪل ٺهڪيل اهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ضروري هو تہ اسين فعل مختيار هجون، ۽ جيڪو قدرت جو ارادو هجي...“
پئنگلاس اڃا جملو پورو نہ ڪيو هو تہ ’مذهبي عدالت‘ جي عملدار پنهنجي هڪ ڇاڙتي کي خاص نموني جو اشارو ڪيو، جيڪو کيس شراب جو جام ڀري ڏيئي رهيو هو.

باب ڇهون: زلزلن کي روڪڻ جا اپاءُ، ۽ ڪئنڊيڊ جو ڦٽڪا کائڻ

لزبن شهر جا ٽي حصا زلزلي جو شڪار ٿي چڪا هئا. ڪوئمبرا يونيورسٽي اڳي ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو تہ وڌيڪ زلزلن جي تباهي کان بچڻ جو اهوئي هڪڙو ڪارگر طريقو آهي تہ انساني قرباني جي رسم ادا ڪئي وڃي، جنهن ۾ ٻن ٽن ماڻهن کي نرم باھہ تي جيئري جلايو وڃي. انهي ڪري، جڏهن زلزلن جي نقصانن تي ويچارڻ ۽ انهن کان بچڻ جي اپائن ڳولڻ لاءِ شهر جا چڱا مڙس هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي انساني قربانيءَ جي رسم واري طريقي کان سواءِ ٻي ڪابہ خاطريءَ جهڙي تجويز ذهن ۾ ڪانہ آئي.
انهي سلسلي ۾،پهرين جنهن شخص کي پڪڙيو ويو، سو فرانس جي بسڪ علائقي جو رهاڪو هو، ۽ مٿس الزام هو تہ هن پنهنجي دين جي ماءُ سان شادي ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ ٻه پورچوگيز گرفتار ٿيا، جن دعوت جي موقعي تي رڳو ڪڪڙ جو گوشت واپرايو ۽ سوئر جو گوشت نہ کاڌائون. دعوت جي پڇاڙي ۾ مذهبي عدالت جا ڪارندا هڪڙي پئنگلاس ۽ سندس شاگرد ڪئنڊيڊ کي بہ جهلي آيا. هڪڙي کي ملحدانہ خيالن جي ڪري ۽ ٻئي کي انهن خيالن جي تائيد ڪرڻ سبب ٻنهي کي جدا جدا ڪوٺين ۾ بند ڪيو ويو، جن ۾ بيحد سردي ۽ اوندھہ هئي هڪ هفتي کانپوءِ کين قرباني جي رسم واير خاص پوشاڪ پهرائي وئي ۽ مٿن ۾ ڪاغذ جون ڊگهيون ٽوپيون وڌيون ويون. ڪئنڊيڊ جي ٽوپي ۽ ڪپنن ڀوتن جون شڪليون چٽيل هيون ان جي ابتڙ ئنگلاس جي ڪپڙن ۽ ٽوپي تي چٽيل جنن ڀوتن کي پڇ ۽ چنبا بہ هئا، تہ باھہ جا شعلا بہ سڌا ڏيکاريل هئا. انهي عجيب غريب لباس ۽ حالت ۾، سندن سرگرس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ سڄي شهر جي خلق اچي گڏ ٿي هئي. پهرين کين هڪ تمام درديلو وعظ ٻڌايو ويو، جنهن کان پوءِ عجيب سرن ۾ عبادت جو راڳ شروع ڪيو ويو. راڳ جي لَي تي ڪئنڊيڊ تي چهبڪن جو وسڪارو ڪيو ويو. ساڳئي وقت گرفتار ڪيل بسڪائي ۽ ٻن پورچوگيزن کي جيئري باھہ ۾ اڇلايو ويو، ۽ پئنگلاس کي ڦاسي ڏني ويئي. جيتوڻيڪ قربانيءَ جي اهڙن موقعن تي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جو عام رواج ڪونہ هو.
تنهن ڏينهن بہ وري زلزلو آيو جنهن زبردست جاني ۽ مالي نقصان ڪيو. ڪئنڊيڊ خوفزده ۽ خاموش هو، چهبڪن سان ڦٽيل ۽ پريشان هو، تنهن دل ۾ ويچاريو ’جيڪڏهن هن بهترين امڪاني دنيا جو اهو حال آهي، تہ پوءِ ٻين دنيائن جي الائي ڪهڙي حالت هوندي! جيڪڏهن رڳو مون کي ئي کڻي چهبڪن سان ماريو وڃي ها تہ بہ ٺيڪ هو، ڇو تہ مون اڳي بلگيريا وارن جا سخت ڦٽڪا بہ برداشت ڪيا هئا، پر دنيا جي وڏي ۾ وڏي فيلسوف کي ڦاسي تي چاڙهڻ لاءِ ڪهڙو ”سبب“ ٿي سگهي ٿو؟ اي منهنجا پيارا استاد، خدا مون کي اهو ڏينهن نہ ڏيکاري ها، جو توکي پنهنجين بيوس اکين سان ڦاسيءَ تي لٽڪندو ڏٺم! اي پيارا جئڪس اي بهترين انسان ڇا قدرت جي انتظام لاءِ اهو ضروري هو تہ تون لزبن جي ڪناري تي پهچي سمنڊ ۾ ٻڏي مرين! اي منهنجي پياري ڪيونيگونڊي اي جهان جي سڀني سهڻين عورتن جي سرتاج، ڇا اهو ضرور هو تہ تنهنجو پيٽ چيريو وڃي.“
وعظ ٻڌڻ، چهبڪن کائڻ، معافي ملڻ ۽ برڪت حاصل ڪرڻکان پوءِ تڪليف سان هلندو، ڪئنڊيڊ لزبن شر مان واپس وڃي رهيو هو، تہ ايتري ۾ هڪڙي ٻڍڙي عورت سندس اڳيان اچي کيس کيڪاريو، چوڻ لڳي: ”همت کان ڪم وٺ، ٻچڙا! منهنجي پٺيان پٺيان هليو اچ.“

باب ستون: هڪ ٻڍڙي جو ڪئنڊيڊ کي سنڀالڻ ۽ کيس سندس محبوب سان ملائڻ

ڪئنڊيڊ ۾ حوصل تہ ڪونہ رهيو هو، پر ٻڍڙي جو پيار ۽ همدردي ڏسي، هو سندس پويان هلڻ لڳو. ڪجهہ دير کان پوءِ ٻيئي ڄڻا هڪڙي ڪکائين جهوپڙي ۾ اچي پهتا. ٻڍڙي ڪئنڊيڊ کي پهرين ڦٽن تي لڳائڻ لاءِ ملم جي دٻي ڏني. پوءِ کيس هنڌ وڇائي ڏنائين، ۽ ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون سندس اڳيان رکي، ڌوتل ڪپڙن جو وڳو ڏيئي، چوڻ لڳي:”کائي، پي ڪپڙا بدلائي، آرام ڪر. آءٌ وري صبح جو ايندس. آٽوچا جي پاڪدامن ديوي، پاڊوئا جو بزرگ سنت ائنٿوني، ۽ ڪمپوسٽيلا جو درويش جيمس، تنهنجي حفاظت ڪندا.“
ڪئنڊيڊ پنهنجي حال تي اڳ ئي حيران هو ويتر هن ٻڍڙي جي همدردي واري هلت کيس عجب ۾ وجهي ڇڏيو. جئين ئي ٻڍڙي وڃڻ لڳي، تہ هن اڳتي وڌي سندس هٿ چمڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻڍڙي کيس روڪيندي چيو: ” منهنجي هٿ چمڻ جي ضرورت ڪانهي، توکي هي مهربانيون منهنجي طرفان ناهن. آءٌ سڀاڻي صبح جو وري اينديس، تيستائين تون پٺن تي ملم جي مالش ڪر، ۽ کائي پي آرام ڪر.“
ٿڪ ۽ تڪليف هوندي به، ڪئنڊيڊ ڍءُ ڪري کاڌو ۽ پوءِ سمهي رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ٻڍڙي ڪئنڊيڊ لاءِ نيرن کڻي آئي. سندس پٺيءَ جا ڦٽ چڪاسي، انهن تي پنهنجن هٿن سان ملم لڳايائين. ان کان پوءِ هوءَ منجهند جي ماني کڻي آئي، ۽ تنهن کانپوءِ وري رات جي ماني ڏيئي، ڪئنڊيڊ کان موڪلائي ويئي.
ٽيئن ڏينهن بہ ساڳيءَ ريت ٻڍڙي ڪئنڊيڊ جي پٺن تي ملم هنيو. ۽ ٽنهي ويلن جي ماني باقاعدي کيس آڻي ڏني.
آخر ڪئنڊيڊ کان رهيو نہ ٿيو ۽ ٻڍڙي کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ۽ مون تي ايڏي مهرباني ڪهڙي سبب ڪري رهي آهين؟ آءٌ ڪهڙي ريت تنهنجا ٿورا لاهي سگهندس؟
ٻڍڙي ان جو ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين شام جو هوءَ آئي پر هن ڀيري ڪئنڊيڊ لاءِ رات جي ماني ڪانہ آندائين. اچڻ شرط کيس چيائين: ” اٿي چپ چاپ مون سان گڏجي هل.“
هن ڪئنڊيڊ کي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿاريو، ۽ ڳوٺ کان ٻه فرلانگ کن پنڌ تائين وٺي اچي هڪ اڪيلي جڳھہ ۾ پهتي، جيڪا چوڌاير واهن ۽ باغن سان گهيريل هئي. ٻڍڙي هڪ ننڍڙي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي، دروازو هڪدم کلي پيو. ٻڍڙي ڪئنڊيڊ کي پوئين ڏاڪڻ رستي هڪ سينگاريل ڪمري اندر وٺي آئي ۽ کيس هڪ نرم ڪوچ تي ويهاري پاڻ ٻاهر هلي وئي ۽ دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيائين. ڪئنڊيڊ کي ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي آئي. ائين پئي محسوس ڪيائين، ڄڻ ڪو خواب ڏسي رهيو هجي، سچ پچ سندس سموري گذريل زندگي هڪ ڀيانڪ خواب مثل هئي، پر هيءُ گهڙي کيس هڪ سندر سپنو معلوم ٿي رهي هئي.
ٻڍڙي جلدي موٽي آئي. پر هوءَ اڪيلي ڪانہ هئي بلڪ ساڻس گڏ هڪ ٻي نوجوان عورت هئي، جيڪا شاهاڻي قد بت واري ٿي ڏٺي. سندس پوشاڪ سڄي هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هئي. ۽ منهن نقاب سان ڍڪيل هوس. هوءَ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ڪئنڊيڊ کي ويجهي ايندي ويئي تيئن سندس پير وڌيڪ ڏڪي رهيا هئا. ٻڍڙي کيس سهارو ڏئي، ڪئنڊيڊ جي اڳيان آڻي بيهاريو ۽ پوءِ ڪئنڊيڊ کي چيائين: ”هن جي منهن تان نقاب هٽاءِ!“
ڪئنڊيڊ هٻڪي هٻڪي ڏڪندڙ هٿن سان ان عورت جي منهن تان نقاب پري ڪيو. اها سندس زندگي جي سڀ کان حيرت انگيز گهڙي هئي. کيس اعتبار ئي نٿي آيو تہ هو ڪو پنهنجي خوابن جي راڻي ڪماري ڪيونيگونڊي کي ڏسي رهيو آهي. پر اها حقيقت هئي--- سندس محبوبہ سندس سامهون بيٺي هئي. هن جو دماغ چڪرائجي ويو، همت جواب ڏئي ويس ۽ هڪڙو لفظ بہ زبان مان اڪلي نہ سگهيس، بيحال ٿي ڪيونيگونڊي جي قدمن ۾ ڪري پيو. ڪيونيگونڊي تي بہ اهڙو ئي اثر ٿيو، ۽ هوءِ بيهوش ٿي صوفي تي ڪري پئي. ٻڍڙي هڪدم ٻنهي جي منهن تي گلاب جي پاڻي جا ڇنڊا هنيا، ۽ کين هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
آخر جڏهن ٻنهي کي هوش آيو، تڏهن هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳا. پهرين تہ ٿڌن ساهن ۽ لڙڪن جو سلسلو هليو، پوءِ ڀڳل ٽٽل فقرا، ۽ تنهن کان پوءِ اڌروا سوال جواب شروع ٿيا.
ٻڍڙي جڏهن کين بهتر حالت ۾ ڏٺو، تڏهن آهستي آهستي گفتگو ڪرڻ جي هدايت ڪري کين اڪيلو ڇڏي، ٻاهر هلي وئي.
ڪئنڊيڊ رڙ ڪندي چيو: ”يا خدا! آءٌ ڇا ڏسي رهيو آهيان!، منهنجون اکيون مون کي دوکو نہ نٿيون ڏين؟ ڇا، آئون ڪيونيگونڊي کي زنده ۽ پنهنجي سامهون ڏسي رهيو آهيان؟ سو بہ پورچوگال ۾! تڏهن استاد پئنگلاس مون کي غلط ٻڌايو هو؟ تنهن جي معنيٰ تہ نڪا تنهنجي عصمت دري ٿي، ۽ نہ تنهنجو پيٽ ڦاڙيو ويو؟“
”بيشڪ، اهو سڀ سچ آيه پر اهي ٻيئ ڳالهيون ھميشہ موت جو ڪارڻ نٿيون بنجن.“
”ڇا تنهنجي پي ۽ماءُ کي بہ قتل ڪيو ويو هو؟“
”ها، اهو بلڪل سچ آهي.“ ڪيونيگونڊي روئڻ لڳي.
”۽ تنهنجو ڀاءُ“
”ان کي بہ قتل ڪيو ويو.“
”پر تون هتي پورچوگال ۾ ڪيئن اچي پهتين؟ توکي ڪئين خبر پئي تہ آءٌ هتي آهيان؟ ۽ تو مون کي هتي گهرائڻ جو بندوبست ڪئين ڪيو؟“
”آئون توکي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائيندس، پر تون ٻڌاءِ تہ ان ڏينهن کان وٺي، جڏهن تو مون کي پيار جي پهرين پاڪيزه چمي ڏني، ۽ جڏهن توکي لتون هڻي محلات مان ڪڍيو ويو، توتي اڄ تائين ڪهڙيون حالتون گذريون؟“
ڪئنڊيڊ لاءِ پنهنجي محبوب جي فرمائش، حڪم ۽ قانون جي برابر هئي. ان ڪري جيتوڻيڪ هو اڃا حيرت جي ڪن ۾ غرق هو، سندس طبيت ناساز هئي ۽ پٺي جي سور سبب ڳالهائڻ ۾ تڪيلف پئي ٿيس تنهن هوندي بہ ڪيونيگونڊي کان جدا ٿيڻ واري وقت کان وٺي هن جيڪي ڪجهہ ڏٺو ۽ سٺو هو، تنهن جو ذري پرزي جو احوال کيس ڪري ٻڌايائين. ڪيونيگونڊي جي نرم دل تي ڪئنڊيڊ جي آپدائن جو گهڻو اثر ٿيو، ۽ جڏهن ڊاڪٽر پئنگلاس ۽ نيڪدل پادري جي موت جو واقعو ٻڌائين، تہ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون، ۽ هوءَ آسمان ڏانهن شڪايت جي نگاھہ سان نهارڻ لڳي.
تنهن کان پوءِ ڪيونيگونڊي پنهنجي ماجرا ٻڌائڻ شروع ڪئي. ڪئنڊيڊ سمورو وقت ڪيونيگونڊي ۾ اکيون کپائي هن جو هڪ هڪ لفظ پوري ڌيان سان ٻڌندو رهيو.

باب اٺون: ڪيونيگونڊي جي ڪهاڻي

ڪيونيگونڊي پنهنجو احوال هن ريت شروع ڪيو: ”تنهن رات آءٌ گهري ننڊ ۾ هيس، تہ خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي، جو بلگيريا وارن اسان جي شاندار محلات، ٿنڊر ٽين ٽرنڪ، تي اوچتو حملو ڪري ڏنو. هنن منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ منهنجي ماءُ کي بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. آءٌ انهي گوڙ گهمسان تي جاڳي پيس، ۽ قتل ۽ خونريزي ڏسي، دهشت ۽ صدمي جي ڪري، بيهوش ٿي ويس. ان جو فائدو وٺي، هڪڙي قداور ۽ مضبوط بليگريا سپاهي منهنجي عزت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سان آءٌ هوش ۾ اچي ويس، ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪيم، ۽ انهي هيبتناڪ بليگيريائي سپاهي کي لتون هنيم، ڏندن سان چڪ پاتم، ننهن سان رانڀوٽا هنيم ۽ وس پڄندي هر طرح جو مقابلو ڪيم، دل ۾ چيو تہ جيڪر سندس ٻئي اکيون پٽي ڪڍي وٺان. پر مون کي اها خبر ڪانہ هئي تہ منهنجي پيءُ جي قلعي اندر ان وقت جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو هو، سو ڪو ايتريقدر معمولي هو. هن حيوان منهنجي کاٻي ران تي چاقو وهائي ڪڍيو—جنهن جو نشان اڃا تائين بيٺو آهي.“
”اوهه! مون کي تہ ڏيکار، ڪٿي آهي اهو نشان!“
ڪئنڊيڊ سادگي سان رڙ ڪندي چيو.
”پوءِ ڏيکارينديسانءِ. پهرين مون کي ڳالھہ ڪرڻ ڏي.“ ڪيونيگونڊيءَ وراڻيو.
”چڱو ڀلا، ٻڌاءِ.“ ڪئنڊيڊ چيو.
ڪيونيگونڊي ٻڌائڻ شروع ڪيو:
”ايتري ۾، اتفاق سان هڪڙو بلگيريائي ڪئپڻ اچي اتي نڪتو. هن مون کي رت ۾ ٻڏل ڏٺو، اهڙي حالت ۾، جو سپاهي منهنجي مٿان سوار هو، ۽ڪئپٽن جي اچڻ کي خيال ۾ نہ آڻي، کيس سلام بہ نہ ڪيائين. ڪئپڻ کي پنهنجي انهي بيعزتي تي سخت ڪاوڙ لڳي، ۽ تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان سپاهي جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين. پوءِ انهي ڪيپٽن منهنجي حفاظت ڪئي، ۽ ملم پٽي ڪرائي، جنگي قيدي طور، مون کي پنهنجي جڳھہ تي وٺي آيو. آءٌ اتي سندس ڪپڙن ڌوئڻ ۽ کاڌي تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندي رهيس. ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ هو مون کي تمام خوبصورت سمجهندو هو، ۽ آءٌ اها ڳالھہ بہ قبول ٿي ڪريان تہ هو بہ قداور ۽ سهڻو هو. سندس بدن نرم ۽ رنگ صاف هو، پر هو ايڏو عقلمند ۽ فلسفي جي چاڻ رکڻ وارو نہ هو،. ظاهر آهي تہ هن ڊاڪٽر پئنگلاس وٽان ڪا سکيا ڪانہ ورتي هئي. ٽن مهينن اندر سندس بچت ڪري رکيل رقم کپي ويئي ، تڏهن، نيٺ مون مان تنگ ٿي، هن مون کي ڊان اساچر نالي هڪ يهودي هٿ وڪڻي ڇڏيو. انهي يهودي جو هالينڊ ۽ پورچوگال سان ڏيساوري واپار هلندو هو، ۽ هو خاص ڪري عورتن جو گهڻو شوقين هو. هو انهي اميد تي مون سان مهربانيي جي ڪري هلت هلندو رهيو تہ آءٌ ساڻس راضي ٿينديس، پر ان ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيو، ڀلگيريائي سپاهي کان وڌيڪ آساني سان مون هن کي پاڻ کان پري رکيو. هڪ پاڪدامن عورت جي هڪ ڀيرو آبرو ريزي تہ ڪري سگهجي ٿي، پر ان سان هن جي ڪردار ۾ ڪمزوري بدران وڌيڪ مضبوطي پيدا ٿي پوي ٿي. منهنجي چڱي طرح نگراني ڪرڻ ۽ مون کي آساني سان راضي ڪرڻ خاطر، اهو يهودي مون کي ٻهراڙي جي هن محلات ۾ وٺي آيو، جتي اسين هينئر ويٺا آهيون. هن کان اڳ آءٌ سمجهندي هيس تہ اسان جي ٿنڊر ٽين ٽرنڪ جهڙو شاندار محل ڪو روءِ زمين تي ڪونہ هوندو، پر هي شاهي عمارت ڏسي محسوس ڪيو اٿم تہ آ ءُ غلطيءِ تي هيس.
” هڪڙي ڏينهن گرجا ۾، عبادت جي موقعي تي، ڪليسا جي وڏي ڀشپ جي نظر مون تي پئجي ويئي، ۽ هو سمورو وقت مون کي گهوريندو رهيو. عبادت جي مهل ختم ٿيڻ کان پوءِ هن مون کي چوائي موڪليو تہ کيس ڪنهن ضروري معاملي ۾ مون سان اڪيلائي ۾ ملڻو آهي. پوءِ مون کي سندس محلات ۾ وٺي ايا، جتي ڪليسا جي وڏي ڀشپ مون کان پنهنجي واقفيت وٺندي حسب نسب دريافت ڪيو. مون کيس جڏهن پنهنجي خاندان کان واقف ڪيو تہ هن سخت افسوس ظاهر ڪندي، مون کي چيو تہ ايتريقدر اعليٰ خاندان مان يٿ ڪري، هڪ يهودي جي ملڪيت ٿي رهڻ تنهنجي شان جي خلاف آهي. پوءِ هن ڊان اساچر يهودي ڏانهن چوائي مڪو تہ هو مون تان هٿ کڻي ڇڏي ۽ رضامندي سان منهنجي ٻانهن سندس مقدس خدمت ۾ پيش ڪري. پر ڊان اساچر يهودي بہ چڱي پهچ وارو ۽ درٻار ۾ رسوخ رکندڙ ماڻهو هو، سو کيس راضي ڪرڻ ڪو سٿرو ڪم ڪونہ هو. پهرين تہ هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو، پر جڏهن ڪليسا جي وڏي ڀشپ کيس اها ڌمڪي ڏني تہ هو مٿس اعتقادي ڪارروائي ڪري، قرباني واري رسم جي موقعي تي کيس جيئرو جلائي ڇڏيندو، تڏهن هو البت نرم ٿيو، ۽ ٺاھہ ڪرڻ تي رضامند ٿيو. نيٺ ٻنهي جي وچ ۾ اهو سودو ٿيو تہ آءٌ ۽ هي محل، يهودي اساچر ۽ ڪليسا جي ڀشپ ٻنهي جي گڏيل ملڪيت سمجهي ويندي، ۽ سومر، اربع ۽ ڇنڇر جا ڏينهن يهودي هن محل ۾ اچي سگهندو. ۽ باقي ڏينهن ڪليسا جي وڏي ڀشپ جا ٿيندا. انيه ٺاھہ کي ڇھہ مهينا ٿي چڪا آهن، پر ٻنهي ڄڻن ۾ هن ڳالھہ تان تڪرار ٿي پيو آهي تہ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ٻنهي مانهن ڪنهن کي ملي. ان جو نبيرو اڃا ٿي نہ سگهيو آهي، ۽ انهي ڪري آءٌ اڃا ٻنهي کان بچيل آهيان. اهوئي سبب آهي، جو ٻيئي ڄڻا اڃا منهنجي محبت ۾ گرفتار آهن.
”ان وچ ۾ زلزلن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ۽ يهودي کي ڊيڄارڻ خاطر ڪليسا جي وڏي ڀشپ نيٺ قرباني واري رسم ادا ڪرڻ جوبندوبست ڪيو، ۽ ان موقعي تي مون کي حاضر ٿيڻ جي دعوت ڏئي، منهنجي عزت افزائي ڪيائين. مون کي عورتن واري حصي ۾ خاص ۽ شاندار جڳھہ تي ويهاريو ويو، ۽ قرباني جي رسم ادا ٿيڻ وقت عورتن ۾ سٺا طعام ۽ شربت تقسيم ڪيا ويا. سچ پچ تہ مون تي سخت هيبت طاري ٿي ويئي ۽ منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا جڏهن مون ٻن يهودين کي ۽ پوءِ ان بسڪائي کي باھہ ۾ سڙندو ڏٺو، جنهن پنهنجي روحاني ماءُ سان شادي ڪئي هئي. پر ان وقت منهنجي حيرت ۽ بيچيني جي حد ئي نہ رهي، جڏهن هوبهو استاد پئنگلاس جهڙي هڪ شخص کي قرباني جي رسم وارا ڪپڙا ۽ ٽوپي پهريل ڏٺم! مون بار بار اکيون مهٽي، چتائي، غور سان ڏٺو--- تان ڏٺم تہ اهو برابر استاد پئنگلاس ئي هو، جنهن کي ڦاسي ڏني ويئي. آءٌ اهو ڏسي غش ٿي ويس، ۽ اڃا مس هوش ۾ آيس، تہ توکي اگهاڙي بت سان بيٺل ڏٺم، تنهنجي اگهاڙي پٺي تي چهبڪ هنيا ويا. تون اندازو ڪري سگهين ٿو تہ مون کي اهو ڏسي ڪيڏو نہ عذاب ٿيو هوندو! منهنجي ڏک ۽ بيوسي جي انتها ٿي ويئي. پر هڪڙي ڳالھہ ضرور چونديس—تنهنجو بدن بلگيريائي ڪئپٽن کان گهڻو نرم، ۽ تنهنجي چمڙي جو رنگ ان کان گهڻو صاف ۽ کليل آهي. خير، مون کي انهي دردناڪ نظاري ديوانو ڪري ڇڏيو. آءٌ رڙ ڪرڻ تي هيس- ’اي ظالمو، وحيسو، اهڙو قهر نہ ڪريو!‘—پر منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي هئي، ۽ ڳالهائڻ جي طاقت جواب ڏيئي چڪي هئي. هونئن به، منهنجون دانهون ۽ ڪوڪون ڀلا ڪهڙي ڪم جون ٿين ها؟ جڏهن توکي چهبڪ هڻي چڪا تڏهن مون دل ۾ ويچاريو: ’ منهنجو پيارو ڪئنڊيڊ ۽ ڏاهو پئنگلاس هتي لزبن ۾ ڪيئن اچي نڪتا؟ هڪڙو انهي لاءِ تہ ان کي هڪ سئو چهبڪ اگهاڙي پٺي تي لڳايا وڃن، ۽ ٻيو انهي لاءِ تہ کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي، سو بہ ڪليسا جي انهي وڏي ڀشپ جي حڪم سان، جيڪو منهنجي محبت ۾ گرفتار آهي، استاد پئنگلاس مون کي ائين ٻڌائي وڏو ظلم ۽ دوکو ڪيو هو تہ دنيا ۾ هرڪا ڳالھہ چڱا.ئي لاءِ آهي.‘
”تون اندازو لڳاءِ تہ آءٌ ڪهڙيءَ نہ بدحواسي جي حالت ۾ هونديس! ان وقت سمورا گذريل واقعا منهنجي ذهن ۾ تري آيا: پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ جو قتل ٿيڻ، بلگيريائي سپاهيءَ جي ڪميڻائپ ۽ منهنجي سٿر کي زخمي ڪرڻ، تنهن کان پوءِ بلگيريائي ڪئپٽن جي غلام ٿيڻ ۽ سندس بورچياڻي ٿي رهڻ، تنهن کانپوءِ خبيث يهوديءَ ۽ ظالم ڪليسائي ڀشپ جي قبضي ۾ اچڻ، تنهن کانپوءِ پئنگلاس جهڙي ڏانهن انسان کي ڦاسي تي لٽڪندو ڏسڻ، ۽ وري اهو عبادت جو مقدس راڳ ٻڌڻ، جنهن سان گڏ توکي چهبڪ لڳندا رهيا—اهي سڀ واقعا هڪٻئي پويان منهنجين اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. پر هي سمورا ڏينهن سڀ کان وڌيڪ منهنجي ذهن ۾ اهو واقعو ڦرندو رهيو، جڏهن ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جي قلعي ۾، پڙدي پويا، تو اخري ڀيرو مون کي چمي ڏني هئي. توکي ٻيهر ڏسي، مون خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنهن بيشمار آزماشن کان پوءِ توکي انهي هنڌ آڻي ڪڍيو، جتي آءٌ هيس. پوءِ مون پنهنجي ملازم ٻڍڙي کي اهو ڪم سونپيو تہ هوءُ تنهنجي سنڀال ڪري، ۽ جڏهن تنهنجي حالت بهتر ٿئي، تڏهن مون وٽ وٺي اچي. هن اهو فرض چڱي ريت ادا ڪيو، ۽ نيٺ اسان وڇڙين کي ملايو. توکي پنهنجي سامهون ڏسي، توسان ڳالهائي ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻڌي مون کي جيڪا خوشي راحت محسوس ٿي رهي آيه تنهن منهنجي من تان چنتائون مٽائي ڇڏيون آهن .هاڻي، پهرين اچ ماني کائون--- تون بہ بکيو هونديون، مون کي بہ بک لڳي آهي.“
ٻنهي ڄڻن رات جي ماني کاڌي، ۽ وري بہ ساڳيا ڪوچ تي اچي ويٺا. هنن پنهنجون پيار ڀريون ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ايتري ۾ ڊان اساچر يهودي، گهر جو هڪڙو مالڪ، اندر داخل ٿيو. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو، تنهنڪري مقرر ڪيل واري موجب، هو پنهنجي محبت جا جذبا ظاهر ڪرڻ آيو هو.

باب نائون: ڪيونيگونڊيءَ ۽ ڪئنڊيڊ ڪليسائي ڀشپ ۽ يهوديءَ جو اڳتي احوال

بابل جي غلامي واري زماني کان وٺي، ڊان اساچر جهڙو سخت مزاج وارو يهودي ڪونہ پيدا ٿيو. هن جڏهن ڪئنڊيڊ کي ڪيونيگونڊي سان گڏ ويٺل ڏٺو، تڏهن ڪاوڙ ۾ باھہ ٿي ويو، ۽ رڙ ڪري چيائين: ”ذليل ڪتي، ڪليسا جو وڏو ڀشپ تنهنجي لاءِ ڪافي نہ هو، جو هي نئون بدمعاش پاڻ وٽ ويهاري ويٺي آهين!“
ائين چئي، هن هڪدم خنجر ڪڍيو، جيڪو هو سدائين پاڻ سان گڏ کڻندو هو، ۽ اهو سوچڻ بنا تہ اڳلي وٽ بہ ڪو هٿيار آهي يا نہ، ڪئنڊيڊ تيزي سان حملو ڪري ڏنائين. دراصل جڏهن ٻڍڙي ڪئنڊيڊ کي ڪپڙن جو نئون وڳو ڏنو هو. تڏهن ان سان گڏ هڪڙي تيز تلوار بہ کيس ڏني هئائين. ڪئنڊيڊ جيتوڻيڪ نهايت ئي نيڪدل ۽ نرم طبيعت وارو هو، پر موقعي جي نزاڪت کي ڏسندي، هن بہ پنهنجي تلوار ڪڍي، ۽ اکڇنڀ ۾ يهودي جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. يهودي ڪيونيگونڊي جي پيرن وٽ، فرش تي ڍير ٿي ڪري پيو.
ڪيونيگونڊي تي دهشت ڇانئجي ويئي، ۽ ڊپ وچان رڙ ڪيائين: ”هاڻي ڇا ٿيندو! منهنجي گهر ۾ خون! جيڪڏهن پوليس اچي ويئي تہ اسان ٻنهي جو خير ڪونهي!“
ڪئنڊيڊ چيو: ”جيڪڏهن پئنگلاس حيات هجي ها تہ ههڙي نازڪ وقت ۾ اسان کي ڪا عمدي صلاح ڏئي ها،ڇاڪاڻ تہ هو دنيا جو وڏي ۾ وڏو داناءَ انسان هو. پر جڏهن هو ڪونهي تہ تڏهن اچ تہ هاڻي ٻڍڙي کان ئي ڪو مشورو وٺون.“
ٻڍڙي تمام ڏاهي ۽ تجريبڪار هئي. هن اڃا پنهنجي ڪابہ راءِ ڪانہ ڏني هئي تہ ايتري ۾ ٻئي پاسي کان ڳجهو دروازو کليو. ان وقت اڌ رات جي مهل ٿي هئي، ۽ ڇنڇر جو ڏينهن پورو ٿي چڪو هو، هاڻي ڪليسا جي وڏي ڀشپ جو وارو شروع هو. هو اندر داخل ٿيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪئنڊيڊ، جنهن کي هن چهبڪ هڻايا هئا، سو هٿ ۾ اگهاڙي تلوار جهليو بيٺو هو، ۽ فرش تي رت ٻڏل لاش پيو هو، ڪيونيگونڊي سخت گهٻرايل هئي، ۽ ٻڍڙي کين ڪو مشورو ڏيئي رهي هئي.
ڪئنڊيڊ لاءِ اهو بيحد سخت ۽ نازڪ موقعو هو. ڪئين خيال سندس دل ۽ دماغ کي ورائي ويا. کيس فورن ڪنهن فيصلي تي پهچڻو هو. وقت وڃائڻ بنان، هن تيزي سان سوچڻ شروع ڪيو. هن جي خيال ۾ هڪدم هيٺيان دليل اچي ويا: ’جيڪڏهن ڪليسا جو وڏو پادري هن وقت مدد لاءِواڪا ڪندو تہ اسين پڪ سان پڪڙجي پونداسين، پوءِ پڪ سان مون کي باھہ ۾ ساڙيو ويندو، ۽ ڪيونيگونڊي سان بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.... اهوئي شخص آهي جنهن جي حڪم سان مون کي چهبڪ لڳا هئا ۽ اهوئي شخص منهنجو رقيب بہ آهي.... تلوار منهنجي هٿ ۾ آهي، ۽ هڪڙي شخص کي قتل ڪري ويٺو آهيان... رت ۾ هٿ اڳي ئي رڱجي چڪا آهن، تڏهن هاڻي پس پيش ڪرڻ فضول آهي... .وڌيڪ ويچارڻ جو وقت ڪونهي......‘.
ڪئنڊيڊ هڪ گهڙي اندر فيصلو ڪري ورتو، ۽ ٻي گهڙي، جيستائين ڪليسائي ڀشپ اڃا حيران ٿي بيٺو ئي هو، تہ تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن کي پورو ڪري ڇڏيائين.
ڪيونيگونڊي کان رڙ نڪري ويئي،. ”هي ٻيو خون! هاڻي اسان جو خير ڪونهي. مون اکين سان پيو ڏسجي. پر، ڪئنڊيڊ مون کي حيرت آهي تہ تو جهڙي نرم دل شخص ڪيئن هڪڙي ساعت ۾ ٻن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو! تو ۾ اهڙي همت ڪٿان آئي.“
منهنجي پياري، محبت ڪرڻ وارو شخص نتيجي کان بيپرواھہ هوندو آهي---سو بہ جڏهن رقيب سندس اڳيان هجي، ۽ جڏهن کيس بيگناھہ چهبڪن سان ماريو ويو هجي.!“
ٻڍڙي کين بروقت مشورو ڏنو تہ ”طبيلي ۾ ٽي ڀلا عربي گهوڙا ٻڌا بيٺا اهن، سنج ۽ لغام سڀ موجود آهن. اسان کي وقت نہ وڃائڻ کپي، ۽ جلد ئي هتان نڪري ڪئنڊز شهر ڏانهن روانو ٿي وڃڻ کپي. ڪئنڊيڊ تون وڃي گهوڙا سنجي تيار ڪر. ڪيونيگونڊي تون تيستائين پنهنجا هيرا جواهر هٿيڪار ڪر. آءٌ جيتوڻيڪ گهڙي تي هڪ ٻنڊڻ سان ويهي سگهنديس ۽ تڪليف ٿينديم، پر تڏهن بہ اوهان سان گڏ هلنديس. موسم تمام چڱي آهي، ۽ رات جي اونداهي ۾ سفر ڪرڻ اسان لاءِ فائدي وارو ٿيندو.“
ڪئنڊيڊ هڪدم گهوڙا تيار ڪري ورتا، ۽ ٽيئي ڄڻا انهي تي چڙهي اٿي هليا. هو يڪساهي ٽِيھہ ميل پنڌ ڪري ويا. هوڏانهن، سندن وڃڻ کان ٿورو ئي پوءِ، پوليس واردات تي پهچي ويئي. ڪليسا جي وڏي ڀشپ کي احترام سان شاندار ديول ۾ دفن ڪيائون، ۽ ڊان اساچر يهودي جي لاش کي اروڙي تي اڇلي ڇڏيائون. ان وچ ۾ ڪئنڊيڊ ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي اواسينا (Avacena) جي ننڍي شهر تائين پهچي ويا، جو سيرا مورينا (Sierra Morena) ٽڪرين جي وچ ۾ آهي اتي هو هڪ مسافر خاني ۾ وڃي ترسيا.

باب ڏهون: ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي جو ڪئڊز شهر ۾ پهچڻ، ۽ سامونڊي جهاز ۾ ”نيئن دنيا“ ڏانهن روانو ٿيڻ

ٻئي ڏينهن هو ڪئڊز ڏانهن رواني ٿيڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳا. پنهنجو سامان ساريندي، ڪيونيگونڊي اوچتو رڙ ڪئي: “هي ڇا، منهنجا زيور ۽ جواهر تہ آهن ئي ڪين! الائي ڪنهن تڳائي ورتا، هاڻي اسين ڪيئن گذاري سگهنداسين؟ وري ڪو يهودي ۽ ڪليسا جو ڀشپ ڪٿان ايندو، جو اهڙا قيمتي هيرا جواهر مون کي ڏئي.!“
ڪيونيگونڊي ائين چئي روئڻ لڳي. ٻڍڙي چيو: اها تہ ڏاڍي خراب ڳالھہ ٿي. منهنجو شڪ انهي بزرگ صورت راهب تي آهي، جيڪو ڪلھہ ’باداجوز‘ واري مسافر خاني ۾ اسان سان گڏ ترسيل هو. ڪنهن تي ناحق الزام هڻڻ نہ کپي، پر مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ هو ٻه ڀيرا اسان جي ڪمري ۾ ايو هو، ۽ اسان جي نڪرڻ کان گهڻو اڳ هو اتان روانو ٿي ويو هو.“
ڪئنڊيڊ چوڻ لڳو: ”استاد پئنگلاس مون کي سدائين اهو سمجهائيندو هو تہ دنيا سموريون شيون، سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت آهن، ۽ سڀني کي انهن جي استعمال جو هڪجيترو حق آهي. پر انهي اصول موجب تہ راهب کي کپي ها تہ هو ايترو ثمر اسان لاءِ ڇڏي وڃي ها. جو اسين ان مان رڳو پنهنجو سفر پورو ڪري سگهون ها. ڇا، پياري ڪيونيگونڊي هن اسان لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڇڏيو آهي؟“------
”هڪڙي ڪوڏي بہ ڪانہ بچي آهي!“
”پوءِ هاڻي ڇا ٿيندو؟“
ٻڍڙي صلاح ڏني تہ ”هڪڙو گهوڙو وڪڻي ڇڏجي. جيتوڻيڪ مون کي ويهڻ لاءِ هڪڙو ئي ٻُنڊڻ آهي، پر آئون ڪيونيگونڊي سان گڏ، گهوڙي تي سندس پويان چڙهي پونديس. اسان کي ڪنهن بہ ريت ڪئڊز پهچڻ کپي.“
انهي سراءِ ۾ ڪنهن خانقاھہ جو راهب ترسيل هو، جنهن ڪئنڊيڊ کان گهوڙو خريد ڪيو. مجبوري حالت م ڪري، ڪئنڊيڊ کي گهوڙو سستو وڪڻڻو پيو.
آخرڪار، ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي مسافري ڪندا، ليوسينا، چيلاس، ۽ ليبريڪسا شهرن مان ٿيندا، اچي ڪئنڊز ۾ پهتا. ان وقت اتي پيراگوئي جي ڪئٿولڪ پادرين کي سکيت ڏيڻ لاءِ جنگي آڙماڙ پئي تيار ڪيو ويو ۽ فوج جي عام ڀرتي شروع هئي. مٿن اها تهمت هئي تہ هنن سئڪرامينٽ شهر جي ڀر واري هڪ قبيلي کي اسپين ۽ پورچوگال جي بادشاهن خلاف بلوي ڪرڻ تي آڀاريو هو. ڪئنڊيڊ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ۽ انهيءُ مختصر فوج جي ڪمانڊر اڳيان وڃي حاضر ٿيو. کيس بلگيريائي فوج ۾ رهڻ جو اڳ ئي آزمودو هو. تنهنڪري فوجي مشق ۾ سندس ڦڙتي ۽ لياقت کان اهو ڪمانڊر ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس هڪڙي پيادل دستي جو سالار مقرر ڪيائين. انهيءَ عهدي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙيکي ساڻ ڪري، هو جهاز ۾ سوار ٿيو، هن پاڻ سان ٻه خدمتگار بہ کنيا، ۽ اهي ٻئي گهوڙا به، جيڪي اڳي ڪليسا جي وڏي پادري جي ملڪيت هئا.
سمنڊ جي مزيدار مسافري ڪندا، هو اڪثر ڊاڪٽر پئنگلاس ۽ سندس فلسفي بابت ڳالهيون ڪندا رهيا.
ڪئنڊيڊ چيو: ” هاڻي اسين هڪ ٻي دنيا ۾ هلي رهيا آهيون، مون کي پڪ آهي تہ اها اهڙي دنيا هوندي، جتي جي هر شيءِ بهترين هوندي، ڇو تہ مون کي اها ڳالھہ قبول ڪرڻي ٿي پوي تہ اسان جي هن دنيا ۾ ڏاڍيون افسوسناڪ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ۽ اسنا کي هتي جي مادي توڙي اخلاقي ڪمزورين جو ڪڙو تجربو ٿيو آهي.“
ڪيونيگونڊي چيو: ” جيتوڻيڪ مون کي توسان سچي محبت آهي، پر ان لاءِ مون کي هيستائين جيڪي مصيبتون ڀوڳڻيون پيون آهن، تن جي خيال اچڻ سان هيئنر بہ منهنجي دل ٿي ڏڪي.“
ڪئنڊيڊ کيس آٿت ڏيندي چيو: ”گهٻراءِ نہ پياري، هاڻي سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو. ڏس، هن دنيا جو سمنڊ يورپ جي سمنڊن کان ڪيتريقدر بهتر آهي، هي وڌيڪ پرسڪون آهي، ۽ هيءَ هوا بہ وڌڪ سازگار آهي. يقين ڄاڻ تہ اها نئين دنيا ئي سڀني دنيائن ۾ بهترين امڪاني دنيا آهي.“
”خدا ڪري تہ ائين ئي هجي!“ ڪيونيگونڊي وراڻيو. ”پر اسان جي دنيا ۾ مون سان اهڙو بدترين سلوڪ ٿيو آهي، جو آءٌ ڪنهن بهترين دنيا جي امڪان کان صفا نااميد ٿي چڪي آهيان.“

]بابت يارهين ۾ والٽيئر ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن ٻيو ڀيرو ڪئنڊيڊ کان ڪيونيگونڊي جدا ٿي ويئي، ڪئين هن کي آمريڪا ڏانهن ڀڄي وڃڻو پيو، جتي پنهنجي خادم ڪئڪامبو سان گڏجي هو الڊوراڊو ملڪ ۾ ويو، ڪئين هن کي ان ملڪ مان قيمتي چمڪندڙ هيرا هٿ آيا، جن سان هن جي قسمت وري ڦيرو کاڌو، ڪيئن هن جي فيلسوف مارٽن سان ملاقات ٿي ۽ هن کي پاڻ سان گڏ کنيائين، جيڪو اهڙو ئي نراشاوادي هو جهڙو پئنگلاس آشاوادي هو، ۽ ڪيئن آخرڪار هو، ڪيونيگونڊي جي تلاش ۾، موٽي يورپ آيو.]

باب ٻارهون: وينس جي نواب سينورپوڪوڪيورنٽيءَ سان ملاقات

ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن برينٽا ندي تي ٻيڙي ۾ سوار ٿيا، ۽ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جا باغ ڏاڍا ويڪرا ۽ سنگ مر مر جي بتن سان سينگاريل هئا، ۽ سندس محل بہ اڏاوت جي فن جو هڪ خوبصورت نمونو هو. هو بيحد دولتمند مانهو هو، ۽ هن جي عمر ساٺيڪو سال پئي لڳي. هو اسان جي هنن سيلاني نوجوانن سان ڏاڍي شرافت سان مليو، پر پوري دل سان هنن جي آجيان نہ ڪيائين. هن جي انهي اڇاتري آڌر ڀاءُ جيتوڻيڪ ڪئنڊيڊ کي منجهائي ڇڏيو، پر مارٽن کي ان تي ذري برابر بہ ڪا پريشاني ڪانہ ٿي.
سڀ کان اڳ ۾، ٻن حسين نوجوان ۽ خوش پوشاڪ ڇوڪرين هنن کي چاڪليٽ جي شربت جا پيالا پيش ڪيا. جن جي مٿان چاڪليٽ جي گجي تري رهي هئي. ڪئنڊيڊ هنن جي سونهن ۽ سوڀيا نرم گفتار ۽ سهڻي رنگ ڍنگ تي، سندن ساراھہ ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نہ سگهيو. جنهن تي پوڪوڪيورنٽيءَ جيڪو سينيٽر بہ هو، اٻاسي ڏيندي بي پرواهي وچان چيو: ” هائو، اهي ٻه ڇوريون مڙئي چڱيرڙيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ انهنکي پاڻ سان گڏ سمهاريندو بہ آهيان، ڇو تہ آءٌ هلڪي مزاج وارين شهري عورتن کان بلڪل بيزار ٿي پيو آهيان--- سندن نت نواز ناز نخرا، هڪٻئي لاءِ حسد ۽ ساڙ، جهيڙا جهٽا، مڪر ۽ فريب،سندن خودثنائي ۽ ٻيون بيوقوفي جون ڳالهيون، ۽ روز زور جي نون قصيدن لاءِ سندن فرمائشون جيڪي ماڻهو يا پاڻ ٺاهڻ لاءِ مجبور ٿئي يا انهن لاءِ هن کي ڀاڙيتو شاعرن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پون، وغيره وغيره، پر مان تہ هاڻي هنن ٻن ڇوڪرين مان بہ ڪڪ ٿي پيو آهيان.“
ڪئنڊيڊ نيرن کائڻ کان پوءِ، هڪ ڊگهي ورانڊي ۾ گهمندي، اتان جي ڀتين تي لٽڪيل تصويرن جي سونهن ۽ سوڀيا کان ڏاڍو متاثر ٿيو. هن پڇا ڪئي تہ انهن مان پهريون ٻه تصويرون ڪهڙي استاد مصور جون هيون! سينيٽر نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو تہ ” ٻئي تصويرون استاد رافيل جون آهن. مون تہ اهي ٻئي ڪجهہ سال اڳ، رڳو انهي ورانڊي کي سينگارڻ لاءِ تمام وڏي قيمت تي خريد ڪيون هيون. چون ٿا تہ سڄي اٽلي ۾ اهي بهترين تصويرون آهن، پر مون کي تہ اهي بلڪل ڪونہ ٿيون وڻن، انهن جا رنگ مئل ۽ بي جان آهن، انهن جا خاڪا ۽ شبيهون نامڪمل آهن، ۽ انهن ۾ ڪا گهڻي ڪشش ڪانهي، انهن ۾ ڪم آندل ٽاٽ تہ ڏاڍو خراب آهي، مطلب تہ ماڻهن کڻي ڇا بہ چون، مون کي انهن ۾ فطرت جو سچو نقل نظر نٿو اچي. مون کي ڪوبہ فنپارو تيسين نہ وڻندو آهي، جيسين اهو مون کي ائين سوچڻ لاءِ آماده نہ ڪري تہ ان کي ڏسي آءٌ قدرت کي ڏسي رهيو آهيان. پر افسوس، جو اهڙيون شيون اڄڪلھہ ڪٿي بہ نظر نٿيون اچن. مون وٽ سچ تہ اهڙيون تمام گهڻيون تصويرون موجود آهن، پر منهنجي نظر ۾ انهن جي ڪابہ وقعت ڪانهي. آءٌ انهن ڏانهن ڪڏهن اک بہ کڻي ڪونہ ڏسان.“
جيستائين هو رات جي ماني جو انتظار ڪندا رهيا، تيستائين نواب پوڪوڪيورنٽيءَ هنن کي راڳ ۽ موسيقي سان ويٺي وندرايو، ڪئنڊيڊ تي موسيقي جادو جهڙو اثر ڪري وڌو. پوڪوڪيورنٽيءَ هنن کي چيو تہ ”ممڪن آهي تہ هيءَ ’شور‘ ماڻهو کي اڌ ڪلاڪ کن تائين وندرائي سگهي، پر جي ان کان وڌيڪ هلي ٿو تہ اهو ماڻهوءَ کي ٿڪايو وجهي--- حالانڪ ڪوئي بہ پنهنجي ٿڪ جي ڳالھہ مڃيندو نہ اهي، اڄڪلھہ جو راڳ رڳو هڪڙو مشڪل فن وڃي رهيو آهي. انهي ڪري ماڻهو کي ترت ئي ڪڪ ڪريو وجهي. راڳ اهو جو باھہ وسائي ڇڏي، ۽ وري جوهلي تہ باھہ ٻري پوي. هوا جا پکي ۽ جهنگ جا جانور ٻڌي، بيهي رهن، آسمان ۾ ڪڪر هجن تہ هڪدم ڀرجي اچن، نانگ، ڀلائون ۽ وڇون بہ ٻڌن تہ اهي پنهنجي زهر هاري ۽ ڏنگ ڪيرائي، اتي جو اتي جهومڻ بيهي رهن! پر افسوس، اهڙو راڳ اڄڪلھہ آهي ئي ڪونه!
”مون کي شايد ’اوپيرا‘ (سنگيت – ناٽڪ) ۾ وڌيڪ مزو اچي، پر ان کي بہ هنن بدلائي اهڙي هڪ ڀيانڪ صورت ڏيئي ڇڏي آهي، جو ان کي ڏسندي ئي مون کي تہ ڊپ وٺيو وڃي، ڀلي تہ جيڪي اهڙا غمناڪ ناٽڪ ڏسڻ چاهين سي شوق سان اهي ڏسن. ڏسو تہ انهن کي ڪيئن ڪري ڇڏيو اٿن ساڳيان ساڳيا مناظر فقط انهي ڪري انهن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا تہ يجئن تيئن ڪري ٻن يا ٽن کل جهڙن راڳن کي، نڪ مان وڍي يا ڪن کان جهلي، انهن ۾ شامل ڪيو وڃي، تہ جئين ڪنهن سهڻي اداڪاره جي گلي جي تماشائين اڳيان نمائش ڪري سگهجي! ڀلي تہ اهي سنگيت ناٽڪ اهڙا ماڻهو ڏسڻ لاءِ وڃن، جيڪي ڪنهن کدڙي کي اسٽيج تي چيلھہ کي لوڏيندي ۽ مصنوعي ۽ سنهي آواز ۾ قيصر ۽ ڪيٽو جا ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ جا خواهشمند هجن، ۽ انهن کي ائين خوشي ۽ مزي وچان ڏسندي بيهوشي ٿي ڪري پون! باقي جيسين منهنجو سوال آهي، مون ڪڏهوڪو اهڙين هلڪين ۽ خسيس تفريحن کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هاڻي منهنجي لاءِ انهن مان لطف اندوز ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونهي. ڏسو تہ سهي، انهن واهيات شين کي اڄ اٽلي جي عظمت سمجهيو وڃي ٿو! ۽ اهي مهانگيون بہ ڪيتريون آهن! انهن فضول خرچين کي آءٌ قوم جو گناھہ سمجهان ٿو!“
ڪئنڊيڊ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ سان انهن ڳالهين ۾ گهڻو اختلاف ڪيو، جيڪو هن ڏاڍي احتياط ۽ حرفت سان ظاهر ڪيو، پر مارٽن، هن کي اک ڀڃندي چيو تہ هو پوريءَ طرح نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جي زرين خيالن سان متفق هو!
پوءِ هو سڀ گڏجي ماني کائڻ واري ميز تي وڃي ويٺا ۽ ڏاڍن شاندار ۽ لذيذ طعامن کائڻ کانپوءِ ڪتبخاني ۾ ويا. ڪئنڊيڊ جون اکيون چئني طرفن ڏانهن ڦري رهيون هيون، تان جو هن جي اک ڏاڍي هڪري سهڻي جلد چڙهيل ’هومر‘ جي ڪتاب وڃي پيئي، جنهن تي هن نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جي علمي ذوق جي ڏاڍي تعريف ڪئي، ۽ چيائين تہ ”هيءُ اهو ڪتاب آهي، جيڪو جرمنيءَ جي عظيم فيلسوف، نيڪدل پئنگلاس لاءِ وڏيءَ خوشيءَ جو باعث هوندو هو.“
”مون کي ان مان ڪائي خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ ڏاڍي بي نيازي سان جواب ڏنو، ”هن کان اڳي مون کي ائين مڃايو ويو هو تہ مون کي ’هومر‘ جي مطالعي مان ڏاڍو مزو ايندو آهي. پر هن جي ساڳين ساڳين لڙاين جي بيان پڙهڻ مان ۽ هن جي انهن ديوتائن کان، جيڪي ڪنهن بہ انساني مسئلي جي نبيري ڪرڻ کان سواءِهردم انتهائي مصروف ۽ رڌل نظر اچن ٿا، ۽ هن جي ’هيلن‘ کان جيڪا جنگ جو اصل باعث آهي ۽ جنهن کي سڄي قصي ۾ مشڪل ئي ڪو ڪم ڪندي ڏيکاريل آهي، -- آئون چوان ٿو تہ هنُ جي انهن سڀني اوڻاين ۽ ڪمزورين کان مون کي ڏاڍي مٺيان لڳندي آهي. مون ڪن عالمن کان پڇيو آهي تہ ڇا، انهن کي بہ هومر جو مطالعو اهڙو ئي خشڪ ۽ ڏکيو لڳندو آهي، جهڙو مون کي! انهي سوال جي جواب ۾ انهن مان جيڪي صاف دل ۽ بي ريا هئا تن مون کي ٻڌايو آهي تہ کين بہ ڪڏهن ان کي هٿ لائڻ جي همت ڪانہ ٿي ٿئي، پر هو رڳو پنهنجن ڪتبخانن جي زينت وڌائن لاءِ ان کي قديم زماني جي هڪ يادگار طور بلڪل اهڙي طرح اتي رکي ڇڏيندا آهن، جهڙي طرح کين پراڻن ۽ ڪٽ کاڌل تاريخي ٻلن ۽ تمغن کي ڏيکاءَ لاءَ گهر ۾ ڪنهن کلي پر محفوظ جاءِ تي رکي ڇڏڻو پوندو آهي، ۽ اهو انهي لاءِ، بہ جو انهن جو واپار وڙي ۾ ڪو قدر ۽ قيمت باقي ڪانہ هوندي آهي.“
”يقينن سائينجن جو رايو ’ورجيل‘ جي متعلق اهڙوڪونہ هوندو؟“ ڪئنڊيڊ چيو.
”ها، مون کي اهو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو،“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو، ” تہ ورجيل جي تصنيفات مان ڪتاب نمبر ٻيو، نمبر چوٿون ۽ نمبر ڇهون چڱيرڙا ڪتاب آهن، پر ٻيا تہ سڀ ڪتاب هن جا بہ بنھہ چٽي آهن—رڳو فلسفو ئي فلسفو، فڪر ئي فڪر، انهن ۾ ڪابہ دلچسپيءَ وڌيڪ ’تاسو‘ (Tasso) ۽ ائريئوسٽوس (Ariostos) جون مدهوش ڪندڙ ڪهاڻيون وڻنديون آهن.“
”ڇا، آءٌ اوهان کان هن ڳالھہ پڇڻ جي جرئت ڪري سگهان ٿو،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”تہ اوهان کي ’هوريس‘ جي مطالعي مان ڪيترو لطف ايندو آهي؟“
”هورين ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، هن جا اصول پنهنجا آهن.“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ وراڻيو، ”پر اهي ڪنهن اهڙي ماڻهو لاءِ گهڻي قدر ڪارگر ٿي نٿا سگهن، جيڪو دنيا کي اڳئي چڱي طرح ڄاڻي سڃاڻي ٿو. سچ پڇو تہ ڪي احمق ماڻهومشهور ليکڪن جي هرهڪ ڳالھہ کڻي پسند ڪندا آهن، پر جيسين منهنجو پنهنجو معاملو آهي، آءٌ تہ فقط پنهنجي ئي من جي ورونهن خاطر پڙهندو آهيان، آءٌ فقط اهڙيءَ شيءِ کي چڱو سمجهندو ۽ ان جي تعريف ڪندو آهيان، جيڪا منهنجي پنهنجي مزاج کي وڻندي آهي.“
ڪئنڊيڊ، جنهن کي اهو پڙهايو ۽ سمجهايو ويو هو تہ ڪنهن بہ شيءِ متعلق ڪو پنهنجي پسند مطابق فيصلو نہ ڪري سو اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو حيران ٿي ويو، پر مارٽن، ڪنڌ ڌوڻيندي نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جي لفظن کي بلڪل ٺيڪ ۽ معقول ٻڌائي رهيو هو.
”ها! پر هتي بہ اوهان وٽ سيسرو بہ موجود آهي.“ ڪئنڊيڊ چيو تہ منهنجو خيال آهي تہ توهان انهي عظيم انسان جي ڪتابن کي پڙهڻ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڪبا هوندا.“
”سچ تہ اهو آهي تہ آءٌ هن کي ڪڏهن بہ نہ پڙهندو آهيان،“ وينس جي رهاڪو سينيٽر نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو، ”منهنجو ڀلا ان ۾ ڇا تہ هو رئبيريئس جي وڪالت ڪري ٿو يا ڪليونٽيس جي؟ مونکي پنهنجا ئي گهڻا سارا مسئلا آهن. آءٌ شايد هن جي فلسفيانہ ڪتابن کي وڌيڪ پسند ڪريان ها، پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو هر هڪ شيءِ ۾ شڪ ڪري ٿو، تڏهن مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو تہ هن کي بہ اوتري ئي ڄاڻ آهي، جيتري مون کي آهي، ۽ مون کي جهالت ۽ اڻڄاڻائي سکڻ لاءِ ڪنهن استاد جي ضرورت ڪانهي.“
”چڱو ڀلا“، مارٽن زوردار آواز ۾ چيو تہ ”اوهان وٽ ائڪيڊمي آف سائنسز“ جا هي چوويھہ جلد رکيل آهن، ممڪن آهي تہ انهن ۾ ڪا نہ ڪا ڪارگر ۽ فائديمنڊ شيءِ هجي!“
”مڪن آهي تہ ائين هجي،“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ چيو، ”ڪاش، انهي گڙٻڙ گهوٽالي جي ليکڪن مان ڪو هڪ ئي اهڙو هجي ها، جنهن ٽاچني ٺاهڻ جو فن ئي ايجاد ڪيو هجي ها! پر انهي سڀني جلدن ۾ تہ محض خيالي ڏس پتي ۽ وهمي طريقن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڪونهي ۽ منجهن ڪا هڪ شيءِ بہ حقيقي استعمال يا ڪم جي موجود ڪانهي.“
”اوهان وٽ ناٽڪن جي ڪتابن جو ڪيڏو نہ وڏو تعداد موجود آهي!“ پر انهن سڀني ۾ رڳو ٽي درجن بہ اهڙا ڪينهن جن کي سٺو چئي سگهجي، ۽ جيستائين مذهبي وعظن جي هن مجموعي جو واسطو آهي، جيڪي سڀ گڏجي بہ مقدس انجيل جي هڪ صفحي جهڙا بہ ناهن، ۽ خدائي تعليم جي موضوع وارا اهي سمورا ٿلها جلد جيڪي تون ڏسين ٿو، تن بابت پڪ ڄاڻ تہ انهن کي نہ آءٌ ڪڏهن کوليندو آهيان ۽ نہ ئي ڪو ٻيو.“
مارٽن اهو ڏسي تہ ڪجهہ خانا انگريزي ۾ لکيل ڪتابن سان ڀريل آهن، چيو تہ ”آئون سمجهان ٿو تہ جئين تہ توهان ريپبلڪن (عوامي) راڄ جي حق ۾ آهيو، انڪري اوهان کي پڪ ئي پڪ اهڙن ڪتابن کي ڏسي خوشي ٿيندي هوندي، جيڪي ايتريقدر آزادي ۽ بي باڪي سان لکيل آهي.“
”هائو“ پوڪوڪيورنٽيءَ، ”اها ڳالھہ واقعي تعريف لائق اهي، جو ماڻهو جيڪي بہ سوچي، سو لکي سگهي. اهو ماڻهو جو خاص حق ۽ سندس خصوصي شان آهي. پر اسان جي اٽلي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ماڻهو ايترا هيسيل آهن، جو هو اهو ڪجهہ ڪڏهن بہ نٿا لکن، جو ڪجهہ هو سوچين ٿا. اسان جا اهي ماڻهو، جيڪي عظيم قيصرن ۽ ائنٽونائينس جي ملڪ جي سرزمين تي رهن ٿا، سي اڄ ڪنهن ٻئي ملڪ جي لوفر ۽ باغي کان پروانو حاصل ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي دماع ۾ هڪڙو خيال بہ نٿا آڻي سگهن. مون کي اها آزادي ڏاڍي وڻدني آهي، جيڪا انگريزي ليکڪن ۾ موجود آهي، پر انهن کي وري ڪاوڙ ۽ جماعت سازي جو مرض آهي- ڀانئين تہ جيڪي آهي، سو هجي ئي نہ، هردم نئين ڳالھہ جي سودا مغز ۾ ويٺي اٿن.“
اتي ڪئنڊيڊ جي نظر سامهون رکيل ملٽن جي ڪتابن تي پيئي، ۽ هن وڏي اتساھہ سان پنهنجي ميزبان کي چيو تہ هو انهي ليکڪ کي ضرور هڪ عظيم مصنف سمجهندو هوندو! جنهن تي پوڪوڪيورنٽيءَ رڙ ڪري چيو تہ ”ڇا اهو بيوقوف، جنهن ’تخليق‘ بابت انجيل جي هڪ سورت تي ڏهن جلد ۾ تفسير لکيو آهي؟ يونانين جو اهو اڍنگو نقال، جنهن تخليق جي صورت ئي بگاڙي رکي آهي, جنهن مسيح جي هٿ ۾ هڪ وڏي پڪار ڏيئي، ويهي ڪائنات جي ماپ ڪرائي آهي، حالانڪ موسيٰ ڳالھہ کي هڪ ئي ڌڪ سان طيءِ ڪري ڇڏيو هو--- چي، خداوند قدوس کي هن سڄي ڪائنات ٺاهڻ ۾ فقط هڪ لفظ چوڻو پيو هو. منهنجي نظر ۾ هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي، جيڪو ابليس جهڙي وڏي هستيءَ کلي ڪڏهن ڏيڏر ٿو سڏي ۽ ڪڏهن ڄامڙو! جيڪو هن کان سوين ڀيرا ساڳي تقرير ڪرائي ٿو، جيڪو کيس، اريوسٽو جي هاڻوڪن آتشي هٿيارن جي نقالي ڪندي، بهشت ۾ توبون ڇوڙيندي ڏيکاري ٿو؟ آءٌ هڪڙو تہ ڇا، پر سڄي اٽلي ۾ ڪو هڪ ماڻهو بہ اهڙو نٿو ٿي سگهي، جيڪو هن جي انهي بڪ تي خوش ٿيندو هجي، ڏسو تہ سهي، هي عقل جو اڪابر موت کي گناھہ جي سزا ٿو سمجهي. ههڙي ڳالھہ جي ٻڌڻ سان ٿورڙي بہ شرافت ۽ نزاڪت واري ماڻهوءَ کلي الٽي نہ ايندي تہ ٻيو ڇا ٿيندو! انهي خام خيال گهڻ ڳالهائو شاعر کي ڪنهن بہ ڌيان لائق ڪونہ ٿو سمجهان. آءٌ هن کي بس فقط اهڙو سمجهان ٿو، جهڙو خود سندس ملڪ ۾ هن جا همعصر کيس مجهندا هئا. آءٌ اوهان کي اهو بہ ٻڌائي ڇڏيان تہ جيڪي ڪجهہ آءٌ دل ۾ سمجهندو آهيان، اهو چئي ڇڏيندو آهيان، آءٌ انهي ڳالھہ تي پنهنجي ننڊ ڪونہ ڦٽائيندو آهيان تہ ٻيا ماڻهو بہ ائين سمجهن ۽ سوچين ٿا يا نہ، جيئن آءٌ ڪا ڳالھہ سمجهان يا سوچيان ٿو.“
ڪئنڊيڊ انهيءَ گفتگو تي ڏاڍو پريشان ٿي ويو، ڇو تہ ’هومر‘ جو هو ڏاڍو احترام ڪندو هو، ۽ ملٽن کي تہ هو ڏاڍو پسند ڪندو هو.
هن ٿورو هلي، مارٽن جي ڪن ۾ سس پس ڪئي. ”مون کي ڏاڍي حيرت آهي تہ هن عجيب و غريب ماڻهو جي دل ۾ اسان جي جرمن شاعرن لاءِ ايڏي نفرت آهي!“ ” انهيءَ ڳالھہ ۾ ڪو گهڻو نقصان ڪونهي.“ ، مارٽن چيو.
”ڪهڙو نہ عجيب جهڙو ۽ غيرمعمولي قسم جو ماڻهو آهي هيءُ“، ڪئنڊيڊ پنهنجو پاڻ سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”هي پوڪوڪيورنٽيءَ ڪهڙو نہ عظيم، عقلمند ۽ ذهين آدمي آهي! هن کي تہ ڪا ڳالھہ خوش ڪري نہ ٿي سگهي!“
اهڙي طر، ڪتبخاني جي سڀني ڪتابن تي تبصرو پورو ڪرڻ کان پوءِ هو باغيچي ۾ ويا. ڪئنڊيڊ ان جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڏاڍي ساراھہ ڪئي، جنهن تي ان جي مالڪ، پوڪوڪيورنٽيءَ چيو، ”مون پنهنجي سڄي زندگي ۾ اهڙو ڪو باغ ڏٺو ئي ڪونهي، جنهن جي رٿابندي اهڙي بدذوقي ۽ اڻڄاڻائي سان ڪيئ وئي هجي، جهڙي هن باغ جي آهي. هن باغيچي ۾ بلڪل خسيس شين کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڪونهي، پر ٿورن ڏينهن ۾ مان هڪ اهڙو ٻيو باغيچو رکائيندس، جنهن جي رٿابندي اهڙي شاندار انداز ۾ ٿيل هوندي، جو اها پنهنجو مٽ پاڻ هوندي.“
اهڙي طرح اسان جا اهي ٻيئي سيلاني جڏهن نواب صاحب کان موڪلائي ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪئنڊيڊ مارٽن کي چيو تہ توکي هن ڳالھہ جو اعتراف ڪرڻو پوندو تہ هي ماڻهو روءِ زمين جي سڀني خوش نصيب ماڻهن منجهان هڪ آهي، ڇو تہ هن وٽ جيڪي بہ شيون موجود آهن، تن سڀني کان هو بالاتر آهي!“
”ڇا تون اهو نٿو ڏسي سگهين،“ مارٽن جواب ڏنو، ”تہ هو انهن سڀني شين کان بيزار آهي، جيڪي وٽس موجود آهن؟ افلاطون هزارين ورهيه اڳي چئي ڇڏيو هو تہ بهترين پيٽ اهي ناهن، جن جي اندر سڀني قسمن جا طعام اڇلايا ويندا آهن.“
”پر ڇا،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”هر شيءِ تي نڪتہ چيني ڪري سگهڻ ۾ لطف ڪونهي؟--- يعني اهڙين شين ۾ نقص ڏسي سگهڻ، جن لاءِ ٻيا ماڻهو ايئن سمجهن تہ انهن ۾ خوبيون ئي خوبيون آهن.“
”انهي جو مطلب اهو ٿيو، مارٽن چيو، تہ لطف نہ هئڻ جو لطف آهي؟“
”آها“، ڪئنڊيڊ چيو، ”ٺيڪ آهي، پر جڏهن نہ آءٌ مس ڪيونيگونڊي جو وري ٻيهر ديدار ڪندس، تڏهن مون جهڙو خوشنصيب ماڻهو هن دنيا ۾ ٻيو ڪوئي ڪونہ هوندو.“
”اميد ۾ رهڻ ھميشہ چڱي ڳالھہ آهي،“ مارٽن چيو.
انهيءَ وچ ۾ ڏينهن مٿان ڏينهن ۽ هفتن پٺيان هفتا گذرندا ويا، پر ڪئڪامبو جو نالو نشان نظر نہ پئي آيو. ڪئنڊيڊ انهي صورتحال تي ايڏو تہ غمزده هو، جو اهو بہ ياد نہ رهيس تہ پاڪوئيٽه ۽ گائروفلي هڪ ڀيرو بہ سندس شڪر ادائي ڪرڻ لاءِ وٽس نہ آيون هيون.

باب تيرهون: قصو ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن جو ڇهن اجنبي ماڻهن سان گڏ ماني کائڻ جو، ۽ ٻڌائڻ اهو تہ اُهي ڪير هئا؟

هڪڙي رات جيئن ئي ڪئنڊيڊ، جنهن جي پٺيان مارٽن بہ لڳو آيو هو، ڪن اجنبي ماڻهن سان، جيڪي انهي ئي هوٽل ۾ مقيم هئا، کاڌي جي ميز تي ويهڻ وارو ئي هو، تہ اوچتو ڪو ماڻهو، جنهن جو چهرو اهڙو ڪارو هو، جهڙو آلين ڪاٺين جي دونهين جو رنگ، اچي سندس پٺيان بيٺو، ۽ هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس چيو، ”اسان سان گڏ هتان رواني ٿيڻ لاءِ تياري ڪريو، انهي ڪم ۾ سستي يا ڪوتاهي نہ ڪجو!“ هن پنهنجو منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو تہ ڏٺائين تہ اهو ڪئڪامبو هو! ان تي هو ايترو خوش ٿيو، جو شايد انهي مهل هن کي فقط ڪيونيگونڊي جي صورت ڏسڻ سان ئي انکان وڌيڪ خوشي ٿئي ها. هو خوشي وچان پاڳل بڻجي ڊوڙون پائڻ لاءِ تيار هو. هن پنهنجي ان اوچتي مليل پياري دوست کي ڀاڪر وجهي، چيو، ”شڪ ناهي تہ ڪيونيگونڊي هتي ئي آهي، ڀلا ٻڌاءِ تہ هوءَ ڪٿي آهي؟ مون کي هڪدم هن ڏانهن وٺي هل، تہ خوشي وچان هن جي قدمن ۾ ويهي پنهنجو ساھہ هن جي حوالي ڪري ڇڏيان!“
”ڪيونيگونڊي هتي ڪانهي“ ڪئڪامبو چيو، هوءَ تہ قسطنطنيہ ۾ آهي.“
”او خدايا! هوءَ قسطنطنيہ ۾ آهي؟ پر توڙي کڻي هو چين ۾ هجي، تڏهن بہ آءٌ هن ڏانهن پرواز ڪري پهچندس، اٿ تہ هلون.“
”پان رات جي ماني ائڻ کان پو ڪئڪامبو وراڻيو، ”انهي کان وڌيڪ آءٌ هن وقت ڪجهہ نٿو ٻڌائي سگهان، آءٌ هڪ ٻانهون آهيان، منهنجو آقا انتظار ڪري رهيو آهي ۽ مون کي وڃي سندس دسترخوان تي خدمت سرانجام ڏيڻي آهي. هاڻي وڌيڪ هڪ لفظ بہ نہ ڳالهائجو! ماني کائي وٺو، ۽ پوءِ تيار ٿي ويهجو.“
ڪئنڊيڊ پاڻ کي خوشي ۽ غم جي وچ ۾ لٽڪيل محسوس ڪندي پنهنجي اعتبار جوڳي ساٿي کي ڏسڻ تي خوش ٿيندي، ۽ ان کي وري هڪ ٻانهي جي حيثيت ۾ ڏسي حيرت زده ٿيندي، ۽ پنهنجي محبوبہ کي ايترن ڪشالن کان پوءِنيٺ ڏسڻ جي خيال ۾ سڄي پنهنجي دماغ جي چڪرائجڻ ڪري، هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ سمورا پنهنجا هوش حواس تقريبن وڃائيندي، هو مارٽن جيڪو انهن سڀني واقعن کي ڪنهن بہ جذبي کان سواءِ ڏسي رهيو هو. ۽ ڇهن اجنبي ماڻهن سان گڏ، جيڪي ڪارنيوال جو وقت وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيا هئا، ڦهڪو ڏيئي، ميز تي ويهي رهيو.
ڪئڪامبو، جيڪو انهن ڇهن اجنبين مان هڪ لاءِ شراب اوتي رهيو هو، کاڌي ختم ٿيڻ تي پنهنجي مالڪ جي ويجهو ويو، ۽ سندس ڪن ۾ آهستي چيائين، ”عاليجاهه! حضور جن جڏهن بہ چاهين، تڏهن روانا ٿي سگهن ٿا، حضور جو جهاز بلڪل تيار بيٺو آهي.“ اهي لفط چئي هو ٻاهر هليو ويو. ميز تي ويٺل مهمان ڪجهہ بہ ڳالهائڻ کان سواءِ هڪٻئي کي حيرت وچان تڪڻ لڳا. ان کان پوءِ هڪٻئي نوڪر پنهنجي آقا کي ويجهو وڃي هيئن مخاطب ڪيو، ”اي آقا توهان جي شڪار گاڏي پاڊوئا ۾ آهي، ۽ اوهان جي ٻيڙي تيار بيٺي آهي.“ آقا ڪنڌ ڌوڻي اشارو ڪيو ۽ نوڪر اتان هليو ويو. سڀني مهمانن وري هڪٻئي کي گهوري نهاريو، ۽ انهن سڀني جي حيرت ۾ اضافو ٿيو. هاڻي وري هڪ ٽيون نوڪر، ٽيئن اجنبي ڏانهن وڌي آيو، ۽ کيس چيائين، ”منهنجا آقا مون تي يقين ڪريو تہ حضور جن کي هڪ گهڙي بہ وڌيڪ هت ترسڻ نہ گهرجي، آءٌ اوهان جي سامان تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ ائين چئي هو هڪدم اتان هليو ويو.
سڀني نوڪرن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ڇھہ ئي اجنبي ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن سميت ڪجهہ دير تائين پوري طرح خاموش ويٺا رهيا. نيٺ ڪئنڊيڊ خاموشي جي مهر کي ٽوڙيو ۽ چيو تہ ”اي شريف انسانو، هي ڳالھہ بلڪل سمجهہ کان ٻاهر آهي، اوهين سڀ بادشاھہ ڪيئن ٿي سگهو ٿا؟ جيستائين منهنجو ۽ مارٽن جو معاملو آهي تہ آءٌ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان تہ نہ آءٌ بادشاھہ آهيان، ۽ نہ مارٽن ئي بادشاھہ آهي.“
ڪئڪامبو جي آقا ڏاڍي گنڀيرتا سان اطالوي ٻولي ۾ جواب ڏنو، ”آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان تہ آءٌ توهان سان چرچو ڀوڳنٿو ڪريان. آءٌ احمد ثالث (ٽيون) آهيان. آءٌ گهڻن ئي سالن تائين سلطان اعظم هوس، مون پنهنجي ڀاءُ کي تخت تان لاٿو، مون کي وري منهنجي ڀائيٽي تخت کان محروم ڪيو، منهنجن وزيرن جا سر قلم ڪيا وا، آءٌ هاڻي پنهنجي زندگي جا ڏينهن پنهنجي پراڻي حرم سراءِ ۾ گذاريان هو. پر منهنجو ڀائيٽو، سلطان اعظم محمود، ڪڏهن ڪڏهن مون کي منهنجي صحت خاطر، سامونڊي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي، هن ڀيري آءٌ ڪارنيوال جو وقت گذارڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
احمد جي قريب ويٺل هڪ نوجوان شخص هن کان پوءِ ڳالهايو---- ” منهنجو نالو آئوان آهي ۽ آءٌ سڀين روسين جو شهنشاھہ هوس، مون کي ان وقت تخت تان لاٿو ويو، جڏهن آئون اڃا پينگهي ۾ هوس، منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي قيد ڪيو ويو، مون کي جيل ۾ پالي وڏو ڪيو ويو. مون کي ٻن محافظن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. آءٌ بہ ڪارنيوال ڏسڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
ٽئين چيو، ”آءُ انگلينڊ جو شاهه، چارلس ايڊورڊ ، آهيان، منهنجي والد تخت ۽ تاج جا سڀ حق منهنجي نالي ۾ منتقل ڪري ڇڏيا، مون انهن جي بچاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجن اٺ سو حامين جون دليون، سندن جيئري سندن سينن مان پٽي ٻاهر ڪڍيون ويون ۽ انهن جا سر قلم ڪيا ويا. آءٌ پاڻ جيل ۾ رهيو آهيان، پر هاڻي آءٌ روم وڃي رهيو آهيان تہ پنهنجي والد سان وڃي ملاقات ڪريان، جنهن کي تخت تان ائين لاٿو ويو هو، جيئن خود مون کي لاٿو ويو آهي، منهنجي ڏاڏي کي بہ تخت تان ائين ئي لاٿو ويو هو، روم ڏانهن ويندي ويندي، آءٌ ڪارنيوال جي لطف وٺڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
ان کان پوءِ چوٿين چيو، ”آئون پولينڊ جو بادشاھہ هوس، جنگ جي ڦرندڙ گهرندڙ نصيب مون کي پنهنجن موروثي علائقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي پي کي بہ ساڳئي انقلاب جو ذائقو چکڻو پيو، آءٌ پاڻ کي خدا جي سپرد ڪريان ٿو، جيئن سلطان احمد، شهنشاھہ آئوان ۽ چارلس ايڊورڊ ڪيو آهي، جن کي شل الله تعاليٰ ڊگهي عرصي تائين محفوظ رکي. آءٌ هتي ڪارنيوال جا ڏينهن وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
پنجين چيو، آئون پولينڊ جو بادشاھہ هوس، مون پنهنجي بادشاهي ٻه دفعا وڃائين، پر خدا مون کي هڪ ٻي خالص پنهنجي پاڻ تي حڪومت هلائڻ لاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ مون خالي هٿن سان اڪيلي سر، ايتري تہ نيڪي ڪمائي اهي، جيتري سارماٽا جا بادشاھہ وسٽيولا ندي جي ڪنارن تي سڀ گڏجي بہ ڪمائي نہ سگهيا آهن. مون پاڻ کي بس قدرت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اوهان وانگر مان بہ ڪارنيوال جي هيءُ ڏڻ وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
هاڻي ڇهين بادشاھہ جي ڳالهائڻ جو وارو هو. هن چيو تہ اي شريف انسانو آءٌ ايڏو وڏو ماڻهو ناهيان جيڏا وڏا اوهين آهيو، پر انهي ڳالھہ جي باوجود آءٌ بہ اهڙو ئي چڱو بادشاھہ ٿي گذريو آهيان، جيترو اوهان منجهان ڪوبہ هڪ ٿي گذريو آهي. منهنجو نالو تيئوڊور آهي. مون کي ڪورسيڪا جو بادشاھہ چونڊيو ويو هو. ڪنهن وقت مون کي اعليٰ حضرت جي لقب سان مخاطب ڪيو ويندو هو، پر هن وقت مون کي مشڪل سان ئي سائينجن ڪري سڏيو وڃي ٿو. مون پنهنجا سڪا بہ جوڙيا هئا، پر اڄڪلھہ آءٌ هڪ پائي جو بہ مالڪ ناهيان. مون وٽ ٻه مملڪتي سيڪريٽري هئا، پر هاڻي هڪڙو نوڪر بہ ڪونهيم، آءٌ بنفس نفيس تخت تي بہ ويٺو آهيان، ۽ ڪجهہ وقت لاءِ لنڊن جي هڪ عام جيل ۾ ڪکن پن تي بہ سمهيو آهيان. مون کي ڊپ آهي تہ هتي پڻ مون سان ائين ئي ٿيندو، جيتوڻيڪ آءٌ بہ اوهان سڀني صاحبن وانگر، ڪارنيوال جا ڏينهن وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
پنجن ٻين بادشاهن هن ڇهين بادشاھہ جي اها تقرير شاهاڻي رحم و ڪرم سان ٻڌي. انهن مان هر هڪ، شاھہ ٿيئوڊور کي ويھہ ويھہ سڪا ڏنا، هو انهي رقم سان پنهنجي لاءِ ڪجهہ ڪپڙا ۽ قميصون خريد ڪري ۽ ڪئنڊيڊ هن کي هڪ اهڙو هيرو تحفي طور ڏنو، جنهن جو ملھہ ٻه هزار سيڪوئنس (انهي وقت جو سڪو) هو. ” هيءُ ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو،“ پنجن بادشاهن گڏجي چيو، ”جيڪو اسان مان هرهڪ کان سئوڻو وڌيڪ ڏيئي سگهي ٿو، ۽ جنهن سچ پچ اوترو پنهنجن هٿن سان ڏيئي بہ ڇڏيو آهي؟“
”جناب اعليٰ، ڇا، اوهين بہ ڪٿان جا بادشاھہ آهيو؟“ ”نہ سائين“ ڪئنڊيڊ چيو، ” ۽ نہ وري مون کي بادشاھہ ٿيڻ جو ڪو شوق ئي آهي.“
جنهن مهل اهي سڀ ميز تان اٿيا ان مهل ساڳئي مسافر خاني ۾ چار وڏا پادري اچي وارد ٿيا، جن جا مال ملڪيتون ۽ علائقا پڻ جنگ جي انقلاب جي نذر ٿي چڪا هئا ۽ اهي بہ ڪارنيوال جو جشن وينس ۾ گذارڻ لاءِ اتي اچي نڪتا هئا. پر ڪئنڊيڊ نون آيل ماڻهن تي ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو، ڇو تہ هن جا خيال سندس محبوبہ ڪيونيگونڊي جي تلاش ۾ قسطنطنيہ وڃڻ جي معاملي ۾ مصروف هئا.

باب چوڏهون: ڪئنڊيڊ جو قسطنطنيہ ڏانهن سامونڊي سفر

وفادار ڪئڪامبو اڳئي انهي جهاز جي ترڪ ڪپتان کي جيڪو سلطان احمد کي واپس قسطنطنيہ وٺي وڃي رهيو هو، انهي ڳالھہ تي آماده ڪري چڪو هو تہ هو انهي جهاز ۾ ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن کي بہ کڻي هلي. ٻئي ڄڻا جڏهن جهاز تي چڙهيا، تڏهن پهريائين هنن ان تڙيل اعليٰ حضرت آڏو جهڪي سجدا ڪيا. جنهن مهل ڪئنڊيڊ جهاز تي چڙهي رهيو هو تنهن مهل هن مارٽن کي چيو اسان تخت تان لاٿل ڇهن بادشاهن سان گڏجي رات جي ماني کاڌي هئي وري انهيکان وڏي ڳالھہ تہ انهن ۾ هڪڙواهڙو بہ هو، جنهن کي مون خيرات ڏني، شايد اڃا بہ ڪي اهڙا ٻيا شهزادا موجود هوندا، جيڪي انهن کان بہ زياده بدنصيب هجن. منهنجي قسمت ۾ تہ فقط ايتري مصيبت آئي آهي، جو مون هڪ سئو رڍون وڃايون آهن، ۽ هاڻي واري پنهنجي پياري ڪيونيگونڊي جي ڀاڪر ۾ وڃي رهيو آهيان. منهنجا عزيز مارٽن، آئون تہ اڃا بہ ايئن ئي چوندس تہ پئنگلاس صحيح هو، ڇاڪاڻ تہ سنڀي ڪمن ۾ چڱائي هوندي آهي.“
”ڪاش ائين هجي ها! مارٽن چيو.
”پر يار“ ڪئنڊيڊ چيو اسان کي وينس ۾ جيڪو واقعو درپيش آيو، سو ڪجهہ قدر رومانوي نوعيت رکي ٿو. اهڙي ڳالھہ تہ اڳي ڪڏهن بہ نہ ٻڌي وئي ۽ نہ ڏٺي وئي تہ تخت تان لٿل ڇھہ بادشاھہ هڪ ئي عامياني قسم جي مسافرخاني ۾ گڏجي وڃي هڪ ئي ميز تي ماني کائين.“
” اها ڳالھہ انهن ڳالهين کان ڪا وڌيڪ غيرمعمولي ناهي.“ مارٽن چيو، ”جيڪي هن وقت تائين اسان جي سامون اچي چڪيون آهن، بادشاهن جو تخت تان لهڻ انهن جي لاءِ هڪ معمولي ۽ عام رواجي ڳالھہ آهي، باقي جيسين اسان جي لاءِ انهن سان گڏجي ويهي ماني کائڻ ۾ عزت جي ڳالھہ آهي، تہ اها اهڙي تہ خسيس ۽ معمولي ڳالھہ آهي، جيڪا ڪنهن توجھہ جي لائق ئي ڪانهي.“
ڪئنڊيڊ جهاز تي اڃا چڙهيو ئي مس هو تہ ڊوڙي وڃي پنهنجي پراڻي وفادار نوڪر، ڪئڪامبو جي ڪنڌ تي چڙهيو چڱو ڀلا، هن چيو، ”ڪيونيگونڊي جو ڪهڙو حال احوال آهي؟ ڇا، هوءَ اڃا بہ حسن ۽ خوبصورتي جو اهوئي معجزو آهي؟ ڇا، هوءَ اڃا بہ مون سان محبت ڪري ٿي؟ هوءَ آهي ڪئين، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي، تو هن لاءِ قسطنطنيہ ۾ ضرور ڪو محل خريد ڪيو هوندو؟
”منهنجا پيارا آقا“ ڪئڪامبو جواب ڏنو، ”ڪيونيگونڊي اڄ ڪلھہ هڪ شهزادي جي لاءِ پروپونٽرز ندي جي ڪپن تي ويهي ٿالهيون ڌوئيني اهي، جنهن وٽ ڌوئارڻ لاءِ تمام ٿوريون ٿالهيون آهن، هو هڪ قديم زماني جي خودمختار بادشاھہ نالي راغوتسڪي جي گهر جي ٻانهي آهي، جنهنکي ترڪ اعظم نظربندي ۾ گذاري ڪرڻ لاءِ وظيفي طور ٽي ڪرائون روزانو ڏئي ٿو. پر جيڪا ڳالھہ سڀ کان وڌيڪ ڏهڪائيندڙ ۽ خراب آهي، سا اها آهي تہ هوءَ نهايت بدصورت ۽ ڊيڄاريندڙ شڪل واري ٿي پيئي آهي.“
”ٺيڪ، ٺيڪ، سهڻي هجي خواھہ بڇڙي“ ڪئنڊيڊ چيو، ”آئون عزت وارو ماڻهو آهيان، ۽ منهنجو فرض آهي تہ آءٌ هن سان اڃا بہ پيار ۽ محبت ڪريان. پر اهو تہ ٻڌاءِ تہ هوءَ اهڙي مسڪين حالت کي پهتي ڪئين؟ تون تہ هن جي لاءِ ساٺيڪو لک کڻي روانو ٿيو هئين؟“
”چڱو ڀلا“ ڪئڪامبو چيو، ”پهرين ٻڌايو تہ ڇا، آءٌ بيوناس آيريس جي گورنر سائنور ڊان فرنئنڊس ڊي اوبيرا وفگيورو وئيسڪرينس ولئمپورڊوس وسوزا کي مس ڪيونيگونڊي کي واپس وٺي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ويھہ لک نہ ڏيان ها؟ ۽ ڇا هڪ بحري قزاق اسان کي باقي يو سڄو مال ڦري نہ ويو؟ ۽ ڇا اهو قزاق اسان کي راس مئٽاپان ڏانهن نہ کڻي ويو، ۽ اتان کان وري اسان کي مائيلو، نڪارپا، ساموس، دره دانيال، مارمورا ۽ سڪوتري ڏانهن نہ کڻي آيو ۽ ڇا هاڻي ڪيونيگونڊي ۽ پوڙهي انهي شهزادي جون نوڪرياڻيون نہ آهن، جن جو مون اوهان کي بيان ڪري ٻڌايو، ۽ آءٌ تخت تان لٿل هن سڃي سلطان جو غلام آهيان.“
”ڪهرين نہ ڏهڪائيندڙ مصيبن جوهي اڻ کٽ ۽ ڳنڍيل سلسلو آهي“ ڪئنڊيڊ چيو، پر وري بہ مون وٽ ڪجهہ هيرا آهن ۽ آءٌ ڪيونيگونڊي جي آزادي آساني سان حاصل ڪري سگهندس. افسوس جي ڳالھہ آهي، جو هوءَ پنهنجي شڪل صورت وڃائي ويٺي آهي، ۽ بنھہ اهڙي بدصورت ٿي ويئي آهي.“
پوءِ هن پنهنجي منهن مارٽن ڏانهن ڦيرائي چيو، ”توهين ڇا ٿا سمجهو تہ اسان سڀني مان هڪڙو سڀ کان وڌيڪ رحم لائق آهي، سلطان احمد، شهنشاھہ آئوان، شاھہ چارلس ايڊورڊ يا خود آءُ؟“
”آءُ نہ ٿو چئي سگهان.“ مارٽن چيو؛ ” مون کي انهي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ اوهان سڀني جي دلين اندر ليئو پائڻو پوندو.“
”آها“ ڪئنڊيڊ چيو، ”جيڪڏهن پئنگلاس هتي هجي ها، تہ کيس ڄاڻ هجي ها تہ هو اسان کي ٻڌائي سگهي ها.“
”مون کي خبر ڪانهي“ مارٽن جواب ڏنو، تہ تنهنجو پئنگلاس انسان ذات جي بدبختين کي ڪهڙي قسم جي ساهمي ۾ توري ها، ۽ هو انهن جي ڏکن جو اندازو ڪيئن ڪري ها. آءٌ فقط ايتري ڳالھہ ڪرڻ جي همت ڪري سگهان ٿو تہ هن ڌرتي تي لکين ماڻهو اهڙا رهن ٿا، جيڪي شاھہ چارلس ايڊورڊ، شهنشاھہ آئوان يا سلطان احمد کان سوين ڀيرا وڌيڪ رحم جا حقدار آهن.“
”ائين ٿي سگهي ٿو“ ڪئنڊيڊ جواب ڏنو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهي سڀ ڪاري سمنڊ تي پهچي ويا. ڪئنڊيڊ تمام وڏي رقم ڀري ، ڪئڪامبو جي آزادي حاصل ڪرڻ سان، پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي، ۽ ٿورو بہ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ ڪيونيگونڊي جي تلاش م پروپونٽز ندي جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ پنهنجي سڀني ساٿين سميت هڪ وڏي سامونڊي ٻيڙي ۾ سوار ٿيو.
جهاز جي عملي ۾ ٻه اهڙا غلام هئا، جيڪي ڏاڍي عذاب سان ونجھہ هلائي رهيا هئا، ۽ انهن جي اگهاڙن پٺن تي ’ليوانٽ‘ جو واپاري ڍڳي جي پڇ جي چهبڪ(1) جا رکي رکي، سٽڪا ڪري رهيو هو. ڪئنڊيڊ پنهنجي فطري همدردي جي جذبي سبب جهاز جي ونجھہ هلائيندڙ ٻانهن جي قطار ۾ ويٺل باقي ٻين غلامن کان وڌيڪ انهن ٻنهي کي ڌيان سان ڏٺو ۽ رحم جي جذبي ان ڀريل دل کڻي انهن ڏانهن وڌي آيو. ٻنهي ڄڻن جا مهانڊا،جيتوڻيڪ گهڻي قدر بدلجي ويا هئا، پر ان جي باوجود انهن ۽ پئنگلاس ۽ مس ڪيونيگونڊي جي ڀاءُ بدبخت بئرن، جي مهانڊن ۾ گهڻي مشابهت ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهيءَ خيال جي ايندي ئي، ڪئنڊيڊ ڏاڍو مغموم ٿي ويو، ۽ هن وري ٻيهر انهن کي چتائي ڏٺو.
”سچ پچ“ هن ڪئڪامبو کي چيو، ”جيڪڏهن مون نيڪ مرد پئنگلاس کي ڦاسي تي چڙهندي نہ ڏٺو هجي ها ۽ بئرن کي پنهنجن هٿن سان پاڻ ئي قتل ڪرڻ جو برو ڪم نہ ڪيو هجي ها، تہ هوند آئون بلڪل سمجهان ها تہ غلامن جي هن جهاز ۾ جيڪي اهي ٻه ڄڻا ويٺا ونجھہ هلائين، سي پڪ ئي پڪ اهي ئي آهن.!“
جهاز جي انهن ٻنهي ٻانهن، بئرن ۽ پئنگلاس جا نالا ٻڌندي ئي وڏي چيخ و پڪار ڪئي ۽ پنهنجين ويهڻ وارين جاين ۾ ڄڻ تہ هڪ هنڌ ڄمي ويا، ۽ انهن جي هٿن مان ونجھہ ڪري پيا، ’ليوانٽ‘ جي مالڪ اها حالت ڏڍي تہ وٺي انهن ڏانهن ڊوڙيو ۽ سندس پٺين تي ڍڳي جي پڇ جا چهبڪ اڳي کان ٻيڻي زور سان وسائڻ لڳو.
”ترسو! ترسو! سائنور (جناب) “ ڪئنڊيڊ رڙ ڪري چيو، ”آئون توهان کي انهن لاءِ اوتري ئي رقم ڏيندس، جيتري اوهين پاڻ چوندا.“
”ڇا! اهو تہ ڪئنڊيڊ آهي!“ انهن مان هڪ غلام چيو، ”واقعي“ ٻئي غلام چيو، ”اهو تہ سچ پچ ڪئنڊيڊ ئي آهي! ڇا آئون ڪوئي خواب تہ نہ پيو ڏسان؟“ ڪئنڊيڊ چوي، ڇا آئون جاڳي رهيو آهيان؟ ڇا، آءٌ واقعي هن جهاز ۾ آهيان، ڇا، اهو واقعي ماسٽر بئرن آهي، جنهن کي مون قتل ڪيو هو، ڇا، اهو ماسٽر پئنگلاس آهي، جنهن کي مون پاڻ ڦاسي تي لٽڪندي ڏٺو هو؟“
”اسين اهي ئي آهيون! واقعي اسين ٻئي سچ پچ ساڳيائي آهيون،“ انهن ٻنهي گلي تي زور ڏيندي چيو، ”ڇا اهوئي اهو عظيم فيلسوف آهي؟“ مارٽن چيو.
”ٻڌايو سائين، ليوانٽ ڪپتان!“ ڪئنڊيڊ چيو توهين سلطنت جي پهرين صف جي نوابن مان هڪ موسيو ٿنڊر ٽن ٽرنڪ لاءِ ۽ جرمني جي هڪ قابل ترين مابعدالطبيعات جو عالم، ماسٽر پئنگلاس لاءِ ڪيترو فديو قبول ڪندا.“
”اڙي او عيسائي ڪتا!“ ليوانٽ جي ڪپتان گجندي چيو، ”جيئن تہ هي ٻئي مسيحي غلام هڪ نواب ۽ هڪ علم مابعد الطبيعات جو عالم پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ايڏ وڏا ماڻهو آهن، تنهنڪري توهان کي انهن لاءِ مون کي پنجويھہ پنجويھہ هزار سيڪوئينس ڏيڻا پوندا.“
”توهان کي اهائي رقم ملندي جناب مون کي قسطنطنيه ڏانهن وڄ جي تيزي سان کڻي هليو تہ توهان کي اتي پهچڻ سان ئي هڪدم پئسن جي ادائگي ٿي ويندي . پر بيهو، مون کي پهريائين مس ڪيونيگونڊي ڏانهن وٺي هلو.“
جهاز جي ڪپتان، ڪئنڊيڊ جي پهرين آڇ تي ئي جهاز جو رخ وڌيڪ سڌو ان شهر ڏانهن ڪرائي، ٻين ونجھہ هڻندڙ غلامن کان ايتري تہ تيز رفتاري سان ونجھہ هلرائڻ شروع ڪيا هئا، ۽ جهاز ايترو تہ پاڻي کي چيريندو اڳتي وڌندو پئي ويو، جو ڪوئي پکي بہ ايتري تيزي سان اڏامڻ جي دوران هوا کي نہ چيريندو هجي.
ڪئنڊيڊ، پئنگلاس ۽ بيرن کي ڪي سوين ڀيرا ڀاڪر وڌا. ”اهو ڀلا ڪيئن آهي تہ مون توهان کي قتل نہ ڪيو، منهنجا پيارا بئرن؟ ۽ توهان، منهنجا پيارا پئنگلاس، توهان ڦاهي ملڻ کان پوءِ وري ٻيهر ڪيئن جيئرا ٿيا؟ ۽ اهو وري ڪيئن ٿيو، جو توهان ٻيئي ترڪيءَ ۾ جهاز تي گڏ ٻانها بڻجي پيا!“
”ڇا اهو سچ آهي تہ منهنجي پياري همشيره هن ملڪ ۾ موجود آهي؟“ بئرن پڇيو. ”هائو“ ڪئڪامبو جواب ۾ چيو. ”تڏهن آءٌ پنهنجي پياري ڪئنڊيڊ کي هڪ دفعو ٻيهر پيو اکئين ڏسان!“ پئنگلاس چيو.
ڪئنڊيڊ انهن مان مارٽن ۽ ڪئڪامبو جو تعارف ڪرايو، ۽ پوءِ سڀني هڪٻئي سان وري وري ڀاڪر پاتا ۽ سڀ ساڳي مهل ڳالهائي رهيا هئا. جهاز وڄ وانگر پاڻي کي چيريندو اڳتي وڌي رهيو هو ۽ هو جلدئي بندر تي پهچي ويا. هڪ يهودي کي گهرايو ويو، جنهن کي ڪئنڊيڊ هڪ هيرو پنجاھہ هزار سيڪوئينس ۾ فروخت ڪيو.، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ لک لهندو هو، پر اسرائيلي آبرهام (حضرت ابراهيم) جو قسم کڻي چيو تہ ان لاءِ هو هڪ پائي بہ وڌيڪ نہ ڏيئي سگهندو. ڪئنڊيڊ انهي رقم مان بئرن ۽ پئنگلاس جو فديو ڀري کين غلامي مان هڪدم آزاد ڪرايو. انهن مان پوئين يعني پئنگلاس پاڻ کي پنهنجي نجات ڏياريندڙ جي قدمن ۾ کڻي اڇلايو ۽ انهن کي پنهنجن وهندڙ لڙڪن سان پسائي جهٽڪو ڏيئي، سندس شڪر ادائي ڪئي، ۽ سموري رقم جلد از جلد هن کي واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو. پر ڇا، اهو ممڪن آهي تہ منهنجي ڀيڻ ترڪي ۾ آهي، هن چيو تہ انهي کان وڌيڪ ممڪن ٻي ڪابہ ڳالھہ ڪانهي، ڪئڪامبو جواب ڏنو، ”ڇاڪاڻ تہ هوءَ ٽرانسلوايا جي شهزادي جي گهر ۾ ٿالهيون مانجيندي آهي!“
پوءِ ٻن يهودين کي هڪدم گهرايو ويو، جن کي ڪئنڊيڊ ڪجهہ وڌيڪ هيرا ڪڍي فروخت ڪيا، ۽ پوءِ هو ۽ سندس سڄي سنگت هڪٻئي جهاز ۾ چڙهي ڪيونيگونڊي کي ڇڏائڻ لاءِ روانا ٿيا.


________________________________________
(1) هن جاءِ تي انگريزخي ٻولي ۾ Pizzle استعمال ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڍڳي جو ذڪر آنورن سميت ‘ جيڪو ڪنهن زماني ۾ چهبڪ طور استعمال ڪيو ويندو هو.

باب پندرهون: ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي، پئنگلاس، مارٽن وغيره سان پوءِ ڪهڙا واقعا درپيش آيا

”آءٌ هڪ دفعو وري بہ توهان کان معافي ٿو وٺان،“ ڪئنڊيڊ بئرن کي چيو، ”آئون توهان جي بت مان پنهنجي ترار کي پار ڪرڻ لاءِ توهان کان معافي وٺان ٿو.“
”مهرباني ڪري انهي معاملي ۾ وڌي ڪجهہ نہ چئو،“ بئرن چيو؛ ”مون کي اعتراف ڪرڻ گهرجي تہ مون ڪجهہ وڌيڪ تڪڙ کان ڪم ورتو هو. پر جيئن تہ توهين اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا تہ مون کي ڪهڙي مقدر ڦيرائي گهيرائي جهاز جي غلام بنائڻ لاءِ هتي آندو، انڪري آءٌ توهان کي ان باري ۾ خبر ٻڌائيندس، ڳالھہ هيئن ٿي جو جڏهن منهنجو زخم هڪڙي پادري ڇٽائي ڇڏيو،جيڪو هڪ پساري ۽ پڻ جراح هو، تڏهن مون تي هسپانوين جي هڪ پارٽي حملو ڪيو ۽ پوءِ اهي مون کي کڻي هليا ويا، جنهن کانپوءِ انهن پوءِ مون کي بيوناس آير پهچائي، اتان جي هڪ جلي ۾ عين انهي مهل آڻي رکيو، جڏهن منهنجي ڀيڻ اتان کان نڪري چڪي هئي. مون يورپ واپس وڃڻ لاءِ اجازت گهري پوءِ مون کي فرينچ سفير جي لنگرخاني جي نگران طور قسطنطنيه وڃڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو. پر مون کي انهي ڪم ۾ مصروف ٿئي اڃا ڪي اٺ ڏينهن بہ نہ گذريا هئا، تہ هڪڙي ڏينهن منهنجي ملاقات هڪ نوجوان ۽ صحتمند آئڪو گلان (ترڪ) سان ٿي. انهي وقت ڏاڍي سخت گرمي هئي. نوجوان اتي سڌو غسل ڪرڻ لاءِ هليو ۽ آئون بہ اهو موقعو وٺي پاڻ بہ ساڻس گڏ غسل ڪرڻ لاءِ هليو ويس. مون کي اهو معلوم ڪونہ هو تہ هڪ عيسائي کي جيڪڏهن ڪنهن نوجوان مسلمان سان گڏ اگهاڙي حالت ۾ غسلخاني ۾ ڪو ڏسي وٺي تہ اهو هن جو ڏوھہ موت جي سزا لائق هو. سو هڪ قاضي حڪم ڏنو تہ منهنجن پيرن جي ترين تي ڏنڊي سان هڪ سئو ڌڪ هنيا وڃن، ۽ ان کان پوءِ هن مون کي غلامن جي جهاز ۾ ونجھہ هلائڻ جي سزا ڏني. آءٌ نٿو سمجهان تہ ڪنهن بہ زماني ۾ انهي کان وڌيڪ بي انصافي جو ڪو ڪم ٿيو هوندو. پر مان هاڻي اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو تہ ڪيئن منهنجي ڀيڻ ٽرانسيلوانيا جي هڪ شزادي جي بورچيخاني ۾،جيڪو ترڪن وٽ پاڻ ئي هڪ پناهگير آهي، ٿالهين ڌوئڻ جي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي.“
”پر توهين ٻڌايو، منهنجا پيارا پئنگلاس، ڪئنڊيڊ چيو، اهو وري ڪئين ٿيو جو آءٌ توهان کي ٻيهر جيئرو جاڳندو ڏسي رهيو آهيان!“
”اهو واقعي سچ آهي.“ پئنگلاس جواب ڏنو، ”تہ توهان پاڻ مون کي ڦاسي تي لٽڪندو ڏٺو، مون کي تہ اتي قدرتي طور سڙڻ گهربو هو، پر توهان کي ياد هوندو تہ جڏهن هو مون کي باھہ تي پچائڻ وارا ئي هئا، تڏهن ڏاڍي زوردار برسات وسڻ شروع ٿي وئي هئي، طوفان ايڏو تہ زوردار ۽ شديد هو، جو انهن وس ڪيا پر باھہ انهن کان ٻري ڪانہ سگهي. انهي ڪري مون کي مارڻ لاءِ انهن کڻي مون کي ڦاهي تي چاڙهيو، ڇو تہ هو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهہ بہ نہ پئي ڪري سگهيا.
”هڪ جراح پوءِ منهنج لاش خريد ڪيو، ۽ چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ گهر کڻي ويو. هن سڀ کان اول منهنجي بت تي هڪ فيصله ڪن ۽ قطعي نوعيت جو چير ڏنو. پر ڇا ڪجي جو مون کان وڌيڪ بي احتياطي سان ڪنهن کي بہ ڦاسي تي نہ چاڙهيو ويو هوندو. مذهبي عدالت جو جلاد ماڻهن کي حيرت انگيز حد تائين چڱي طرح پچائي، ڪباب ڪري، سگهندو هو، پر هو انهن کي ڦاسي ڏيڻ جي فن جو اڃا پورو ماهر ٿي ڪونہ سگهيو هو. ۽ رسو، جئين تہ آلو هو، انڪري ان جي ڳنڍ چڱي طرح سان ترڪي نہ سگهي ۽ سرڪڻ چڱي طرح سان منهنجي ڳچي کي سوگهو گهٽي نہ سگهي! مطلب تہ مختصر طور چئجي تہ آءٌ اڃا تائين ساھہ کڻي رهيو هوس. جراح جي قطعي چير تي مون کان ايتري تہ خطرناڪ رڙ نڪري ويئي جو منهنجو جراح مالڪ هڪدم ٿيڙ کائي، پٺي ڀر وڃي ڪريو ۽ اهو سمجهي تہ هو ماڻهو جا نہ پر ڪنهن شيطان جا آنڊا ڪڍي رهيو هو، مرڳو ڊپ ۾ مرڻ تي هو، ۽ جيئن ئي هو ڀڄڻ جي تيارين ۾ هو تہ ڏاڪڻ تان هيٺ ڪري پيو هن جي زال گوڙ ٻڌي پاسي واري درواز کان ڊوڙندي ٻاهر ئي ۽ هن مون کي انهي وڍيل حالت ۾ ميز تي ڊگهو پيل ڏٺو ۽ پنهنجي مڙس کان وڌيڪ خوف ۾ وٺجي هوءِ پڻ پويان پير ڪري اتان وڍي ڀڳي ۽ هن مٿان وڃي ڪري. جڏهن ٻنهي کي ٿورو ٿورو هوش اچڻ لڳو، تڏهن مون ٻڌو تہ جراح جي زال هن کي چئي رهيو هئي تہ ’ اي منهنجا پيارا، تون اهڙو بيوقوف بڻئين ڪئين، جوهڪ ڪافر کي چيرڻ شروع ڪيئه ڇا توکي معلوم ناهي تہ اهڙن ماڻهن جي بدن تي ھميشہ شيطان جو واسو هوندو آهي آءٌ اجهو ٿي ٻاهر وڃي هڪ پادري کي وٺي اچان تہ هن تي ڪا جهاڙ ڦوڪ ڪري.‘
آءُ اها ڳالھہ ٻڏي ڏڪي ويس ۽ جيڪا ٿوري گهڻي طاقت بدن ۾ باقي رهيل هئي، تنهن کان ڪم وٺي، رڙ ڪري چيم، ”اڙي مون تي رحم ڪريو! نيٺ پورچو گيز جراح همت ڪري منهنجي چيريل چمڙي کي ٽاڪا هڻي، سبيو ۽ هن جي زال منهنجي اهڙي سٺي طرح خبرگيري ڪئي جو آءٌ اٽڪل پندرهن ڏينهن اندر وري اٿي گهمڻ ڦرڻ لڳس. انهي جراح پوءِ مون کي هڪ نوڪري وٺي ڏني، جيڪا مالٽا جي هڪڙي فوجي بانڪي جي پيادل خدمتگار جي نوڪري هئي، ۽ اهو وينس ڏانهن وڃي رهيو هو. پر جيئن تہ اهو منهنجو مالڪ مون کي پگهار نٿي ڏيئي سگهيو، انڪري مون کانئس موڪلائي، وڃي وينس جي هڪ واپاري جي نوڪري ڪئي ۽ هن سان گڏجي قسطنطنيہ ويس.
” هڪڙي ڏينهن مون کي هڪ خانقاھہ ۾ وڃڻ جو خيال ٿيو. انهي مهل اتي هڪ پيرسن شخص ۽ هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونہ هو، جيڪا ان وقت عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هئي. ان مهل هن جي ڳچي اگهاڙي هئي، سندس سيني تي هڪ خوبصورت گلن جو ويٽو پيل هو. جنهن ۾ ڪيئي رنگارنگي گل جهڙوڪ لاله سنبل، سوسن، وغيره پيل هئا، هن جو اهو گلن جو ويٽو ڪنهن طرح هيٺ ڪري پيو، ۽ مون اهو کڻي انتهائي عزت ۽ احترام سان هن جي اڳيان پيش ڪيو. بهرحال مون اهو گلدستو پيش ڪندي ڪا گهڻي دير ڪئي، سو اهو پيرسن شخص سخت غصي ۾ اچي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ آئون مسيحي آهيان، تڏهن مدد لاءِ وٺي شور ڪيائين. پوءِ تہ هو مون کي پڪڙي قاضيءَ وٽ کڻي ويا، جنهن حڪم ڪيو هت مون کي پيرن جي ترين تي هڪ سئو ڏنڊا هنيا وڃن ۽ پوءِ ٻانهن واري جهاز ۾ ونجهن ڇڪڻ لاءِ موڪليو وڃي. اهڙِ طرح مون کي ساڳي جهاز ۽ ساڳي بينچ سان زنجيرن سان ٻڌو ويو، جنهن سان بئرن ٻڌل هو. غلامن جي انهي جهاز تي مارسيلس جا چار نوجوان، پنج نيوپوليٽن پادري ۽ ڪورفو جا ٻه راهب چڙهيل هئا، جن اسان کي ٻڌايو تہ اهڙا واقعا روزمره ٿيندا رهندا آهن. بئرن اتي چيو تہ هن سان مون کان وڌيڪ ظلم ۽ ناانصافي ٿي هئي، پر آئون اهو اسرار ڪري رهيو هوس تہ هڪ نوجوان حسينہ جو هيٺ ڪريل گلن جو ويٽو کڻي هن کي ڏيڻ، انهي فعل کان وڌيڪ بي ضرر عمل هو، جو ماڻهو ڪنهن ائڪوگلان سان اگهاڙو ڪنهن غسلخاني ۾ گڏ وهنجندي ڏٺو وڃي. اسين جو ھميشہ انهي معامي ۾ تڪرار ڪندا رهندا هئاسون تنهنڪري اسان کي هر روز ڍڳي جي پڇ جا ويھہ چهبڪ لڳايا ويندا هئا. آخرڪار ڪائنات جي واقعات جي ههڙي هڪ عجيب اتفاق سان توهين اسان جي جهاز تي اچي رسيا ۽ توهان اسان جو فديو ڏيئي اسان کي آزاد ڪرائي، اسان کي ڇڏايو.“
”چڱو چڱو منهنجا پيارا پئنگلاس“ ڪئنڊيڊ چيو، ”ٻڌايو تہ سهي تہ ڇا، جڏهن توهان کي پاسي تي لٽڪايو پئي ويو، چيريو ڦاڙيو ٿي ويو، سختي سان ماريو ڪٽيو ٿيويو، تڏهن بہ توهين ھميشہ ائين سمجهي رهيا هئا تہ هن دنيا ۾ جيڪي بہ ٿي رهيو اهي، تنهن ۾ قدرت جي ڪانہ ڪا ڀلائي آهي؟“ --- ”هائو، آئون اڃا بہ انهي پهرين راءِ جو آهيان، پنهنجي انهي ئي پهرين راءِ جو آهيان.“ پئنگلاس ٻه ڀيرا ڳالھہ کي ورجائيندي جواب ڏنو، ”سو ڇاڪاڻ تہ آءٌ هڪ فيلسوف آهيان، ۽ ان ڪري اها ڳالھہ منهنجي اخلاق ۽ ڪردار سان مطابقت نہ کائيندي، جو آءٌ ٻه مختلف ۽ متضاد خيال دل ۾ رکان--- خصوصن تڏهن جڏهن منهنجو استاد لائيبنٽيز خدا مٿس رحمت ڪري، هرگز غلط نہ پئي ٿي سگهيو، ۽ هن جو يقين ڪائنات جي هم آهنگي ۽ ٺيڪ ٺاڪ هجڻ ۾ بلڪل پختو ۽ اڏول هو.“

باب سورهون: ڪئنڊيڊ ڪيونيگونڊي ۽ پوڙهي عورت کي وري ڪئين لڌو؟

هوڏانهن جڏهن ڪئنڊيڊ، بئرن، پئنگلاس، مارٽن ۽ ڪئڪامبو هڪٻئي کي پنهنجا پنهنجا واقعا ٻڌائي رهيا هئا، ۽ دنيا جي اتفاقي ۽ غير اتفاقي واقعن جي متعلق پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن اهي سببن ۽ نتيجن اخلاقي ۽ طبقاتي اڻسڌاين عمل جي اختيار ۽ جبر ۽ انهن طفل تسلين تي بحث مباحثو ڪري رهيا هئا، جيڪي هڪ ماڻهو کي غلامن جي جهازن ۾ حاصل ٿي سگهن ٿيون، تہ اهي اچي پروپونٽيز دريا جي ڪناري تي واقعي ٽرانسلوانيا جي شهزادي جي جاءِ وٽپهتا. هنن جي نظرن جو جنهن سڀ کان پهرين شيءِ سان ٽڪراءُ ٿيو، سا ڪيونيگونڊي هئي، ۽ ان سان گڏ پوڙهي عورت بہ هئي، جيڪي انهي مهل دسترخوان واري ميز تي پوشن کي ڌوئي پوئي ٻاهر ٽنگيل رسي جي مٿان سڪڻ لاءِ وجهي رهيون هيون.
بئرن اهو نظارو ڏسندي ئي سڄو پيلو ٿي ويو، خود ڪئنڊيڊ جيڪو عاشق صادق هو، پنهنجي خوبصورت ڪيونيگونڊي جو اهڙو ڪاراٽيل رنگ، مٽي ۾ لتل هن جي اکين جا ڇپر گهنجن سان ڀريل هن جي ڳچي هن جا رڙيل سهنا ڳل هن جون ٻانهون سخت پورهئي سبب ڳاڙهيون ۽ کهريون ٿيل ڏسي اهڙو تہ ڏڪي ويو، جو ٽپ ڏيئي هن کان ذري گهٽ ٽي وال پٺتي وڃي پيو، پر وري پاڻ کي سنڀالي، شرافت جي تقاضا کان مجبور ٿي، هن ڏانهن وڌي آيو. البت ان حالت ۾ هن جي دل ڪنهن محبت جي اڌمي اٿڻ جي تہ ڪا گنجائش ڪانہ هئي. جا جهل نہ ڏيئي سگهي. سو ڪيونيگونڊي پاڻ اڳتي وڌي اچي ڪئنڊيڊ ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڀاڪر پائي ملي. جن مان هرهڪ ڄڻي پوڙهي کي بہ ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ ڪئنڊيڊ ٻنهي عورتن جو فديو ڏيئي کين آزاد ڪرايو.
اتان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ننڍو زرعي فارم وڪري لاءِ پيل هو، جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پوڙهي عورت ڪئنڊيڊ کي مشورو ڏنو، جيسين کين هڪ هنڌ گڏجي رهڻ لاءِ ڪنهن بهتر قسم جي ڪا ٻي وڏي جاءِ ڪٿي ملي سگهي. جيئن تہ ڪيونيگونڊي کي اها ڳالھہ معلوم ڪانہ هئي تہ هو ڪا اهڙي ڪوجهي ٿي ويئي هئي (ڇاڪاڻ تہ کيس اها ڳالھہ ڪنهن بہ ڪانہ ٻڌائي هئي) ان ڪري هن ڪئنڊيڊ کي اهڙي تہ حجت سان ساڻس شادي ڪرڻ جو وعدو ياد ڏياريو، جو هن کي انڪار ڪرڻ جي همت ئي ڪانہ ٿي سگهي. پر جڏهن بئرن کي انهي ڳالھہ کان باخبر ڪيو ويو، تڏهن هن چيو، ”آءُ پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي ڪريل حرڪت هرگز برداشت نہ ڪري سگهندس، ۽ نہ وري توکي اهڙي گستاخي جي اجازت ڏيندس. آءٌ اهڙي بدناموسي ڪڏهن بہ سهي نہ سگهندس. منهنجي ڀيڻ جي اولاد کي پوءِ جرمني جي خانداني شجرن ۾ ڪٿي بہ داخل نہ ڪيو ويندو. نہ سائين، منهنجي ڀيڻ، سلطنت جي ڪنهن نواب کان گهٽ درجي جي ماڻهو سان ڪڏهن بہ شادي نہ ڪندي.“
ڪيونيگونڊي اها ڳالھہ ٻڌي پاڻ کڻي پنهنجي ڀاءُ جي قدمن ۾ اڇلايو ۽ انهن کي پنهنجن ڳوڙهن سان ڀڄائي ڇڏيو، پر هو اصلي نہ مڙيو.
”اي احسان فراموش ڪٿي جا ٻچا!“ ڪئنڊيڊ هن کي ڪاوڙ وچان چيو، ”تون جنهن کي مون غلامن جي جهاز مان آزاد ڪرايو، مون تنهنجي فديي جي رقم ڀري آهي؛ مون تنهنجي ڀيڻ جي فديي جي رقم ادا ڪئي آهي، جيڪا هتي بورچيخاني ۾ برتنن مانجڻ واري نوڪرياڻي هئي، ۽ ڳهي ڳهي ۽ سڙي سڙي پنهنجي سڄي صورت وڃائي چڪي آهي، اهڙي حالت ۾ بہ آءٌ هن کي پنهنجي زال بنائڻ جي شرافت ڏيکاري رهيو آهيان! ۽ تون اهڙو احمق آهين، جو ان جي مخالفت پيو ڪرين! توتي مون کي اهڙي تہ ڪاوڙ اچي رهي آهي، جو چوان تہ توکي وري قتل ڪري ڇڏيان.!!
”تون مون کي بيشڪ ٻيهر قتل ڪري سگهين ٿيو.“ بئرن چيو، ”پر جيسين منهنجي بدن ۾ ساھہ آهي، تيسين تون منهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري نٿو سگهين.“

پُڄاڻي

ڪئنڊيڊ جي دل ۾ سچ پچ تہ ڪيونيگونڊي سان شادي ڪرڻ جي ڪا گهڻي خواهش ڪانہ هئي. پر بئرن جي حد کان وڌيڪ گستاخي ۽ بداخلاقي انهي ڪم کي پايي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هن جي ارادي کي مضبوط ڪيو، ۽ ڪيونيگونڊي هن تي ايتري سنجيدگي سان زرو ڀريو، جو هو پير پٺتي هٽائي نہ سگهيو. هن پئنگلاس، مارٽن ۽ قابل اعتماد ڪئڪامبو سان صلاح مشورو ڪيو. پئنگلاس هڪ بهترين دستاويز لکي تيارڪيو، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو تہ بئرن کي سندس ڀيڻ تي ڪوبہ حق ڪونہ هو، ۽ هوءِ سلطنت جي سڀني قاعدن جي طمابق ڪئنڊيڊ جي ساڄي هٿ ۾ پنهنجو ڏائو هٿ وجهي پئي سگهي. مارٽن تہ بئرن کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ جي فائدي ۾ هو، ڪئڪامبو انهي راءِ جو هو تہ ن کي وري ليوانٽ جي ڪپتان ڏانهن واپس موڪلي ۽ هن کان وري غلامن جي جهاز جا ونجھہ هلائڻ جو ڪم وٺجي. اها صلاح سهڻي سمجهي ويئي، پوڙهي ان جي منظوري ڏني، ۽ هن جي ڀيڻ کي ان جو ڀڻڪو بہ ڪن تي پوڻ نہ ڏنو ويو. اها تجويز ٿوري رقم خرچ ڪرڻ سان عمل ۾ آندو ويئي، ۽ اهڙي طرح هنن کي هڪ جرمن نواب جي غرور کي موچڙي هڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ ان مان مزي وٺڻ جي لالچ کان هو رهي نہ سگهيا.
قدرتي طور ماڻهو هيئن سمجهندو تہ ڪئنڊيڊ هيڏين سارين مصيبتن کان پوءِ هاڻي پنهنجي محبوبہ سان پرڻجي، پئنگلاس جهڙي فيلسوف مارٽن جهڙي عقلمند انسان، ڪئڪامبو جهڙي سمجهو غلام ۽ پوڙهي سان گڏ رهڻ ڪري، ۽ خاص طرح هن ڪري جو هن قديم ”انڪاس“ بادشاهن جي ديس مان تمام گهڻا هيرا جواهر ساڻ آندا هئا، يقينن اهڙي تہ خوشگوار زندگي گذارڻ لڳو هوندو، جنهن جهڙي سڄي دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جي نصيب ۾ ئي ڪانہ هوندي. پر هن کي يهودين اهڙو تہ ٺڳيو هو، جو هاڻي هن وٽ سندس زرعي فارم کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ بچيو هو، ۽ سندس زال، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بڇڙي يا بدصورت ٿيڻ ڪري، ڏاڍي تيسر ۽ ناقابل برداشت بڻجي پيئي هئي. پوڙهي بہ هاڻي ڏاڍي ضعيف ٿي ويئي هئي ۽ اها وري ڪيونيگونڊي کان بہ وڌيڪ تيز طبيعت ج جي ٿي پيئي هئي. ڪئڪامبو جيڪو سڄو وقت باغيچي ۾ پورهيو ڪندو رهندو هو ۽ باغ جي پيدائش کڻي قسطنطنيه ۾ وڪڻڻ لاءِ ويندو هو محنت ڪري ڪري ٿڪي ٽٽي پيو هو ۽ پنهنجي قسمت تي پيوروئيندو هو. پئنگلاس پڻ نااميد ٿيڻ وارو ئي هو، ڇاڪاڻ تہ افسوس و هو جرمين ۾ ڪنهن يونيورسٽي جي سربراھہ جي حيثيت ۾ چمڪي، پنهنجو ڪو نالو ڪڍي نہ سگهيو هو. باقي جيسين مارٽن جو معاملو هو، سو، جيئن تہ هن کي پڪو يقين هو تہ هرهڪ شيءَ سڄي جي سڄي هڪ ئي طرح جي خراب هئي، تنهنڪري هو هر ڳالھہ کي ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪندو ٿي رهيو. ڪئنڊيڊ، مارٽن ۽ پئنگلاس ڪڏهن ڪڏهن مافوق الطبيعات ۽ اخلاقيات جهڙن مسئلن تي بحث مباحثو ڪندي، هڪٻئي سان اختلاف ڪندا هئا. هو گهڻو ڪري پنهنجي فارم واري جاءِ جي درين هيٺيان گاڏيون لنگهندي ڏسندي هئا. جيڪي اهڙن بيگن، افندين، بادشاهن ۽ قاضين سان ڀريل هونديون هيون، جن کي ليمنوس، مطائيلين ۽ آرزيرم جي رڻن پٽن ۽ سڃن جابلو علائقن ڏانهن جلاوطني ۾ موڪليو پئي ويو. هنن ڏٺو تہ ٻين بيگن ۽ افندين ۽ ٻين بادشاهن ۽ ٻين قاضين کي به، جيڪي اڳين جلاوطن ٿيل اهڙن عهديدارن جي پٺيان انهن جي جاين تي آيا هئا. ڪجهہ وقت کان پوءِ سندن واري اچڻ تي وري جلاوطن ڪيو پئي ويو. اهي نظارا هنن جي بحث مباحثي ۾ اضافو ڪندا هئا، ۽ جڏهن اهي بحث مباحثي کان پوءِ واندا ٿيا ويٺا هوندا هئا تڏهن سندن خامشي وري اهڙي بيزاري واري هئي، جو پوڙهي عورت اڪثر تنگ ٿي، هنن کي چوندي هئي تہ ”آئون اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي تہ ڪهڙي ڳالھہ سڀني کان وڌيڪ خراب آهي--- شيدي قزاقن جي هٿان سئو ڀيرا عصمت دري ٿيڻ، بلگيريا وارن جي ٻن قطارن جي وچان سندن ڏنڊن ۽ ڌڪن جي ضربن کان جيئري نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڍڳي جي پڇن جا چهبڪ کائڻ ۽ پوءِ ڦاهي چڙهڻ، جراح جي نشتر سان چيرجڻ ۽ ڦاڙجڻ، ونجهن هڻندڙ غلامن جي حيثيت ۾ سامونڊي جهازن جي زنجيرن ۾ ٻڌجي ويهڻ، مختصر طور چئجي تہ اسين جن مصيبن مان گذريا آهيون، انهن جو برداشت ڪرڻ، يا ڪجهہ بہ نہ ڪندي، هتي بيڪار ويهي وقت گذارڻ وڌيڪ اذيتناڪ آهي؟“.
”اهو واقعي هڪ وڏو سوال آهي،“ ڪئنڊيڊ چيو.
اها قيل مقال هنن جي دلين ۾ نون خيالن کي جنم ڏيندي رهي، ۽ مارٽن انهي سڄي معاملي کي ٻڌي، مجموعي طور فيصلو ڏنو تہ انسانذات يا تہ بي اطميناني ۽ جنون جي ڪشمڪشن يا نااميدي جي ڪراهت ۾ رهڻ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. ڪئنڊيڊ هن جي انهيءَ راءِ سان اتفاق نہ ڪيو، پر هو گومگو جي حالت ۾ رهيو. پئنگلاس اعتراف ڪيو تہ هن ھميشہ وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آهن، پر هڪ دفعو اهو موقف اختيار ڪرڻ ڪري، تہ سڀ ڳالهيون ڏاڍي تيز ڪنهن عجب نموني ۾ ٺيڪ ٺاڪ ئي هلن ٿيون ۽ گذّري وڃن ٿيون انڪري هو پنهنجي انهي قياس آرائي تي سختي سان ڄميو رهيو، جيتوڻيڪ اها ڳالھہ سندس تڏهوڪن حقيقي جذبات جي برعڪس هئي.
انهيءَ پاڙي ۾ هڪ ڏاڍو مشهور درويش رهندو هو، جنهن کي ترڪي ۾ وڏي ۾ وڏو فيلسوف تسليم ڪيو ويندو هو. انڪري هو انهي سان صلاح ڪرڻ لاءِ ويا. پئنگلاس کي سڀني جو ترجمان بنايو ويو ۽ هن درويش کي چيو تہ ”اي آقا، اسين اوهان وٽ هي خواهش کڻي آيا آهيون تہ اوهين اسان کي اهو ٻڌائيندا تہ انسان جهڙو عجيب حيوان آخر ڇالاءِ خلقيو ويو!“
”توکي ان سان ڪهڙو واسطو؟“ درويش چيو، ” ڇا اهو ڪو تنهنجو ڪم آهي.“
”پر اي منهنجا معزز بابا!“ ڪئنڊيڊ چيو، ”دنيا ۾ حد کان زيداھہ بڇرائي ۽ ذلت پکڙيل آهي.“
”ان سان ڪهڙو فرق پوندو،“ درويش چيو، ”دينا ۾ نيڪي آهي، يا برائي؟ جڏهن مقدس اعليٰ حضرت مصر ڏانهن جهاز موڪليندو هي، تڏهن ڇا، کيس هيءَ ڳالھہ ستائيندي آهي تہ جهاز ۾موجود ڪئا آرام سان آهن، يا اتي کين ڪا تڪليف آهي؟“
تہ پوءِ توهين هڪ انسان کي ڪهڙو ٿا مشورو ڏيو. تہ هو ڇا ڪري! پئنگلاس چيو،
”پنهنجي زبان بند ڪر!“ درويش چيو.
”آءُ تہ اميد رکي آيو هوس ۽ دل ۾ خوش ٿي آيو هوس تہ توهان سان ڪارڻن ۽ نتيجن، امڪاني جهانن مان بهترين جهان برائي جي سرچشمي روح جي نوعيت ۽ اڳواٽ مقرر ڪيل ڪامل نظام ۽ ڪائنات جي هم آهنگي جهڙن موضوعن تي بحث مباحثي ڪرڻ جو لطف حاصل ڪندس..“
انهن لفظن ٻڌڻ سان درويش اٿي هنن جي منهن ۾ زور سان کڙاڪ ڪري، دروازو بند ڪيو.
انهي ڳالھہ ٻولھہ جي هلندي اها خبر آندي وئي تہ ٻن وزيرن ۽ هڪ مفتي کي قسطنطنيه ۾ گهٽي ماريو ويو هو ۽ انهن جي گهڻنئي دوستن کي وري ميخون ٺوڪي ماريو ويو هو. انهي زبردست حادثي جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين وڏو هل هنگامو برپا رهيو. پئنگلاس، ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن کي پنهنجي ننڍڙي فارم ڏانهن واپس ويندي، رستي تي هڪ خوبصورت شڪل وارو پيرسن شخص مليو، جيڪو پنهنجي در اڳيان نارنگين جي وڻن جي جهڳٽي هيٺان، هواخوري ۾ مشغول هو، پئنگلاس، جنهن کي جيتري حڪمت ۽ جيترو عقل هوندو هو اوترو حيرت ۽ استعجاب بہ هوندو هو، اتي بيهي، ان پيرسن شخص کان انهي مفتي جو نالو پڇيو، جنهن کي تازو ئي گهٽي ماريو ويو هو.
”مون کي انهي باري ۾ ڪجهہ بہ معلوم ناهي.“
انهي نيڪ مرد جواب ڏنو، ۽ ان کان بہ وڌيڪ هي ڳالھہ آهي تہ مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ هڪ بہ مفتي يا ڪنهن هڪ بہ وزير جو نالو معلوم ڪونہ رهيو آهي. توهين جيڪو قصو بيان ڪري رهيا آهيو، سو مون لاءِ بلڪل نئون ۽ اڻ ٻڌل آهي ۽ مهنجو اندازو تہ اهو آهي تہ جيڪي ماڻهو مملڪت جي معاملن سان پنهنجا مٿا ويهي کپائيندا آهن، تن جو موت ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڊيڄاريندڙ هوندو آهي، ۽ اهو ڪو بي سبب بہ نہ هوندو آهي، پر آءٌ پنهنجو مٿو انهن معاملن ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ کپائيندو آهيان.، تہ قسطنطينہ ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي، آئون تہ بس فقط پنهنجي باغ جا گل، ميوا ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ اوڏانهن موڪلڻ تي اڪتفا ڪندو آهيان. جيڪي آئون پنهنجن هٿن سان پاڻ پوکيندو آهيان.!“
ايترو ڪجهہ چئي، هو اجنبين کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ اتي هن پنهنجي گهر ڀاتين سان هنن جو تعارف ڪرايو. هن جي ٻن ڌيئرن ۽ ٻن پٽن کين ڪيترن ئي مختلف قسمن جا شربت پيش ڪيا، جيڪي انهن پاڻ ۾ گڏجي ٺاهيا هئا. انکان علاوه اتي هنن جي خاطر تواضع اهڙن ميون ۽ مٺاين سان ڪئي وئي جن ۾ نارنگين، ليمن، ترنجن جي مٺين کلن، ڪيلن، پستن، جي مغزن ۽ خالص قسم جي اصلي ”موچا“ قهوي جون پليٽون ۽ دور هليا. انهن ۾ ڪنهن بہ قسم جي ملاوت ٿيل ڪانہ هئي. ۽ انهن ۾ بٽيويا ۽ اتان جي ويجهن ٻيٽن جو خراب قهوو بہ مليل ڪونہ هو. ان کان پوءِ انهي نيڪ دل مسلمان جي ڌيئرن ڪئنڊيڊ، مارٽن ۽ پئنگلاس کي عطر جا ٻڙا ڏنا ۽ انهن جي ڏاڙهين کي گلاب جي عرق سان معطر ڪيو.
”توهين ضرور ڪنهن تمام وڏي ۽ ڏاڍي شاهوڪار جاگير جا مالڪ هوند، ڪئنديڊ انهي ترڪ کي چيو،
”نون وٽ فقط ويھہ ايڪڙ آهن، ترڪ جواب ڏنو، جيڪي آئون پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏجي پوکيندو آهيان. محنت ۽ پورهيو اسان کي دنيا جي ٽن وڏي کان وڏين براين کان پري رکندو آهي، آرس، برائي ۽ احتياج“
ڪئنڊيڊ، جيئن فارم طرف موٽي رهيو هو، تہ رستي ۾ ويندي هو ترڪ جي ڳالهين تي گهرو سوچ ويچار ڪندو رهيو. هن پئنگلاس ۽ مارٽن کي چيو تہ ”هن نيڪ دل پوڙهي شخص جي حالت منهنجي خيال موجب، انهن ڇهن بادشاهن کان بهتر آهي، جن سان گڏ اسان کي ماني کائڻ جو شرف حاصل ٿيو هو.“
”شاهاڻي شان شوڪت جون ڳالهيون“ پئنگلاس چيو، سڀني عالمن حڪمين ۽ ڏاهن جي راءِ ۾، انتهائي خطرناڪ ۽ نازڪ هونديون آهن، ڇاڪاڻ تہ مختصر طور کڻي اوهان کي ٻڌايان تہ موئبائيٽس جي بادشاھہ ايگلون کي ايهود قتل ڪيو، آبسلوم کي سندس مٿي جي وارن سان ٻڌي لٽڪايو ويو هو ۽ پوءِ هن ۾ ٽي خنجر آرپار ٽنبيا ويا هئا، جيروبوم جي پٽ، نداب بادشاھہ کي بئشا هٿان مارايو ويو، بادشاھہ ايلاھہ کي زمري ماريو اهاز ياه کي جيهوءَ قتل ڪيو؛ اٿالياه کي جيهوايئاداه ماريو، جوڪيملو، جيڪونياس ۽ زيديڪيئاس، ائستئيجز، دارا، سائريڪيوز، واري ڊيئونيسيس، پائرس، پرسيوز، هئنيبال، جُگُرٿا، آئريووسس، قيصر، پامپي، نيرو، هنيري ڇهين، رچرڊ ٽين، ميري اسٽوئرٽ، ايڊورڊ ٻئي، انگلينڊ جي چارلس پهرين، فرانس جي ٽن هينرين، ۽ شهنشاھہ هينري چوٿين جي پڇاڙي جي تہ چڱي طرح سان ڄاڻ آهي. توهان کي معلوم ......“
”مون کي چڱي طرح معلوم آهي“ ڪئنڊيڊ چيو، تہ اسان کي رڳو پنهنجي باغ جي سنڀال ڪرڻ گهرجي.“
”توهين سچ ٿا چئو“ ڇاڪاڻ تہ جڏهن انسان کي عدن جي باغ ۾ رکيو ويو هو تہ کيس ان کي آباد ڪرڻ لاءِ رکيو ويو هو، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي تہ انسانذات کي سست ٿي رهڻ لاءِ نہ خلقيو ويو هو.“
”اچو تہ هاڻي ڀلا، اجائي بحث کي ڇڏي، ڪم ڪريون.“
مارٽن چيو، ”زندگي کي سهڻ جي لائق بنائڻ جو اهوئي هڪ رستو آهي.“
هنن جي سموري جماعت، پنهنجي پنهنجي لياقت ۽ اهليت مطابق انهي تعريف لائق تجويز تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، هنن جي ننڍڙي ايراضي ڀرپور فصل ڏنو. ڪيونيگونڊي سچ پچ تہ ڏاڍي ڪوجهي ٿي پئي هئي، پر هو نهايت سٺي بورچياڻي بڻجي پئي هئي. پاڪوئيٽا ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي، ۽ پوڙهي ڪپڙن لٽن جي سنڀال جو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کنيو. سڄي جماعت ۾ هاڻي هڪ بہ ماڻهو بيڪار نہ رهيو هو، ايتريقدر جو گيروفلي کي بہ نہ ڇڏيو ويو، هو ڏاڍو ڪاريگر واڍو ٿي پيو هو، ۽ هڪ انتهائي ايماندار ماڻهو بڻجي پيو هو.
جيستائين پئنگلاس جو تعلق هو، سندس دل ۾ هڪ خيال کٽڪي رهيو هو تہ دنيا ۾ سندس نظريي کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوشش مٿان ڪوشش ۽ پورهئي جي ضرورت هئي. انهي ڪري هو ان تي آخر تائين مضبوطي سان قائم رهيو. سندس ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جي قوتن کي هڪ گهڙي لاءِ بہ ڪو انهي خيال کان ڦيرائي نہ پئي سگهيو. هن وري وري ۽ هر موقعي تي ڪئنڊيڊ کي هيئن پئي چيو تہ ”سڀني امڪاني جهانن مان هي جهان بهترين جهان آهي. ان جون سڀ ڳالهيون تعريف لائق نموني ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن جيڪڏهن انهي وڏي زنجير ۾ هڪ ڪڙي بہ ڇڏي ڏجي يا ڪٽ ۾ ڪٽجي پنهنجي چرپر ڇڏي ڏي تہ پوءِ سڄي ڪائنات جو نظام ۽ ربط ناس ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان کي مس ڪيونيگونڊي سان محبت ڪرڻ لاءِ، انهي خوبصورت قلعي مان اهڙيون زودار لتون هڻي ٻاهر نہ ڪڍيو وڃي ها، جيڪڏهن توهان کي ’مذهبي عدالت‘ جيل ۾ بند نہ ڪري ها، جيڪڏهن توهان کي آمريڪا جي کنڊ وچان پيرين پنڌ سفر نہ ڪرڻو پوي ها ۽ اتان اوهان کي انڪاس جي بادشاهن جا هيرا ۽ موتي هٿ نہ اچن ها، جيڪڏهن شروع ۾ توهين بئرن جي پيٽ ۾ پنهنجي ترار ٽنبي نہ ڪڍو ها، جيڪڏهن توهان جون سڀ رڍون وڃائجي نہ وڃن ها، جيڪي توهان انهي خوبصورت ملڪ آلڊوريڊو کان انهي سموري دولت سان گڏ آنديون هيون جيڪا انهن جي مٿان سٿيل هئي، تہ اڄ توهان هتي ويهي هيئن نارنگين جو مربو ۽ پستن جا مغز ڪونہ کائو ها.“
”اها ڏاڍي سٺي ڳالھہ ڪئي اٿو ۽ اها سڄي سچ ئي سچ بہ ٿي سگهي ٿي،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”پر ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پهرين اچو تہ هلي پنهنجو باغ پوکيون.“

نوٽ

جين ڪالس (ڏسو ڪتاب جي ”تعارف“ جو صفحو پنجون)، اٺهٺ سالن جو پير مرد، ٽولوز شهر جو رهاڪو هڪ پروٽيسٽنٽ هو، ٽولوز فرانس جو ستون نمبر وڏو شهر، ۽ ڪئٿولڪ شريعت جي مومنن جو ڳڙھہ هو. اتي ڪوبہ پروٽيسٽنٽ نہ وڪيل، نہ حڪيم نہ پساري نہ سيڌي جو واپاري نہ ڪتاب ڇاپيندڙ ۽نہ ڪتب فروش ٿي سگهيو ٿي. اتي ڪوبہ ڪئٿولڪ پاڻ وٽ ڪنهن پروٽيسٽنٽ کي نوڪر يا منشي بہ رکي نٿي سگهيو. 1748ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ عورت ضرورت تحت مجبور ٿي، هڪ پروٽيسٽنٽ دائي کان ويم ڪرايو تہ مٿس ٽي هزار فرئنڪ ڏنڊ وڌو ويو. ٻه سئو ورهيه اڳ هن ئي شهر ۾ ڇار هزار پروٽيسٽنٽ ”ملحد“ شهرين جو ڪوس عمل ۾ آيو هو، ۽ هر سال اتي وڏي جوش خروش سان ان ڪوس جو ڏينهن ”دين مسيح جي فتح“ طور عيد جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو هو. 1762ع جو سال ان ”فتح“ جي ٻه سئو ورسي جو سال هو.
سن 1761ع جي تيرهين آڪٽوبر تي جين ڪالس جي هڪڙي پٽ مارڪ ائنٽون ڪالس جيڪو هڪ مغموم، نراس ۽ تيز طبع جو نوجوان هو، غالبن ڌنڌي ۾ ناڪامي سبب ۽ انهن ڏينهن جوا ۾ پئسا هارائيندي، پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ماري وڌو. جين ڪالس جي هڪڙي ڌيءَ ڪجهہ عرصو اڳ پروٽيسٽنٽ فرقي کي ڇڏي، وڃي ڪئٿولڪ فرقي ۾ داخل ٿي هئي. سو ڪنهن طرح شهر جي ڪئٿولڪ ادم ۾ ڳالھہ هلي وئي تہ جين ڪالس پنهنجي پٽ کي پاڻ خون ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو بہ پنهنجي ڀيڻ وانگر پروٽيسٽنٽ جماعت کي ڇڏي، ڪئٿولڪ جماعت ۾ داخل ٿيڻ وارو هو.
ٽولوز شهر جي ڪئٿولڪ اختياري وارن هڪدم جين ڪالس هُن جي زال، هن جيوڏي پٽ پيئري ڪالس، سندس هڪ ڪئٿولڪ نوڪرياڻي ۽ هڪ نوجوان جنهن جو نالو لئوي هو ۽ جيڪو ائنٽون ڪالس جو دوست هو ۽ هڪ ڏنهن اڳ ڏورانهين ’بورڊو‘ شهر مان وٽن مهمان ٿي آيو هو. تن پنجن ئي کي آئنٽون ڪالس جي خون جي ڏوھہ ۾ کڻي گرفتار ڪيو، ۽ ٻئي پاسي هنن مارڪ ائنٽون ڪالس جي لاش کي وڏي تقدس ۽ پورن ڪئٿولڪي ڪريا ڪرمن سان ”خدا جي وليءَ اسٽيفن“ جي ديول ۾ دفن ڪرايو، ۽ ايئن اهو هڪ رات ۾ شهر جي ڪئٿولڪ خلق لاءِ ’ولايت‘ جي درجي کي پهچي ويو، ۽ ماڻهن جا انبوھہ هروقت ان جي قبر تي زيارين، دعائن ثوابن لاءِ ڳاهٽ ٿيندا رهيا. هڪڙي پادري تہ دعويٰ ڪئي تہ ”سنت مارڪ ائنٽون“ جا ڪجهہ ڏند ۽ وار وٽس هئا، جن جي ڪرامت هيءَ هئي تہ انهن جي پسيل پاڻي جو ڍڪ مرگهي جي بيماري لاءِ هڪ ٽڪ علاج هو!
سنت ائنٽون ڪالس جو ڪيس پوءِ تيرهن ججن وٽ پي ٿيو. انهن کي چيو ويو تہ ڪيس جو جلد اڪلاءُ ڪيو وڇي، تان تہ جنهن ”موت جي ڦيٿي“ تي چڙهي جين ڪالس ۽ سندس ساٿي موت جي سزا ڀوڳيندا، اهو ”دين مسيح جي فتح“ واري ڏينهن جي جلسو جي اڳيان کڄي هلي سگهي. ڇھہ جج انهي خيال جا هئا تہ جين ڪالس، هن جي پٽ ۽ لئوي کي هڪدم ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهي، چيڀاٽي مارجي ۽ جين ڪالس جي زال کي جيئري باھہ ۾ ساڙيو وڃي. ست جج انهي خيال جا هئا تہ ايڏي تڪڙ نہ ڪجي ڪم از ڪم ڪيس جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. انهن ٻن ڳالهين تي ججن جي وچ ۾ سخت مباحثا هليا، ۽ نتيجي طور ٻه جج ڪاوڙجي عدالت مان اٿي ويا، ۽ اعلان ڪيائون تہ هو عدالت ۾ وري شريڪ نہ ٿيندا—انهن ٻن ججن مان هڪڙو هڪڙي خيال جو هو ۽ ٻيو ٻئي جو، جين ڪالس ۽ سندس ساٿين جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ٻن ججن مان وري بہ اهو جيڪو ڪٽر قسم جو جج هو، پنهنجيءَ ڳالھہ تان هٽي، واپس اچي ”عدالت“ ۾ ويهي رهيو، ۽ جيڪو سندن ’فائدي‘ ۾ هو، اهو، پنهنجي ڳالھہ کي اصول بنائي، ان تي قائم رهيو ۽وري عدالت ۾ نہ آيو.
موٽي آيل جج اچڻ سان رٿ ڏني تہ اهو خون سڀني جوابدارن گڏجي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هڪڙي پوڙهي ڪالس جي طاقت کان اهو ڪم مٿي هو، جو چوويهن سالن جي صحتمند ۽ سگهاري جوان کي اڪيلي سر هو ڦاسي جي تختي چاڙهي سگهي: انهي ڪري پهريائين هن کي ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهيو وڃي، تہ پاڻهي ڳالھہ کلي پوي، ڇو تہ هو پوڙهو مڙس هو ۽ سنڌن جي سور جو مريض هو، انهي ڪري جهٽ ۾ سچي ڪري ڏيندو. اٺن ججن انهي رٿ جي فائدي ۾ راءِ ڏني ڇھہ هو پهرين هئا، ستون انهن جي پاسي نئون جج ٿيو، جو اٿي ويل جج جي جاءِ تي آيو هو، ۽ اٺون جج پهريئن ڌر مان ڦري ”انصاف کي سازگار بنائڻ لاءِ“ هن ڌر سان ملي ويو. جين ڪالس کي پوءِ ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهيو ويو. پر تعصب جي انڌ ۾ ورتل ۽ تشدد جي گهوڙي تي چڙهيل جج حيران ٿي ويا، جڏهن پوڙهو جين ڪالس ”موت جي ڦيٿي“ تي ڀڄي ڀري ڳاهجي بُھہ ٿي ويو، پر نہ رڳو ڏوھہ جو قبولدار ٿيو، آخر دم تائين خدا کي پڪاريندي چوندو رهيو: “تون ئي منهنجي بينگاهيءَ جو شاهد آهين، تون ئي سڀني جو بخشڻهار آهين.... تون ئي منهنجي مارڻ وارن کي بخشيندين!“
ججن جو آخري فيصلو هي بيٺو تہ ڪالس خاندان جي ڪئٿولڪ نوڪرياڻي ۽ سندن مهمان لئوي کي ڇڏيو وڃي- ”جيڪي ٿين سوئي گهڻو هون“ ڪالس جي وڏي پٽ پيئري کي جلاوطن ڪيو وڃي ۽ هن جي باقي هڪ ڀيڻ کي ڪئٿولڪ ڪانوئيٽ ۾ موڪليو وڃي، جتي هو پنهنجي ڪئٿولڪ مومنياڻي ڀيڻ جي ”سنڀال“ ۾ رهندي- ”هن جي ’هوش کان نڪتل‘ ماءُ هن جي پرورش ۽ تربيت لائق نہ رهي هئي.“ پئيري ڪائش اڳتي هلي پئرس جي عدالت اڳيان قسم تي بيان ڏنو تہ ”پيءُ جي مارجڻ کان پوءِ مان جڏهن جيل ۾ هوس تہ هڪڙو پادري مون وٽ آيو تہ ڪئٿولڪ شريعت ۾ ايمان آڻ، يا پيءُ وانگر موت جي ڦيٿي تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿيءُ!“ انڪار ڪرڻ تي، جلاوطن ٿي، هو شهر مان ٻاهر ئي مس ٿيو، تہ هڪڙو پادري پنهنجن ’ساٿين‘ سميت کيس وڃي ڀڳو، ۽ زوري وٺي آڻي ڪئٿولڪ مڙهي ۾ وڌائونس، جتي ڪيترو وقت هو زوري ڪئٿولڪ شريعت جا ڪلما پڙهندو رهيو.
هنن جي پوڙهي، ”هوش مان نڪتل“ ماءُ، موت جي ڦيٿي تي هاريل مڙس جي رت جا ڦڙا منهن تي مليا، جنهن جو ننڍو پٽ مري چڪو هو، ۽ وڏو پٽ جلاوطن هو، ۽ جنهن کان ڌيئرون ۽ ملڪيت کسجي چڪيون هيون. رندين راهين دانهون ڪندي، بکن ۾ پاھہ ٿيندي، ڳوڙها ڳاڙيندي، نراس ۽ بيجان رلندي رهي.
ٽولُوز جو شهر فرانس ۽ سئٽرزلينڊ جي سرحد کان گهڻو پري ڪونہ هو، جتي والٽيئر ”بادشاهن ۽ رعيتين جي لوڌين“ کان پڇيو پنهنجن ”پناهگاهن“ ۾ لڪو ٿي رهيو. هن ڪنهن طرح پيئري ڪالس ۽ هن جي ماءُ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو، ۽ هنن کان سندن ڏک ڀرئي داستان جا تفصيل وٺي، فورن ٻه قدم کنيائين (1) پئرس جي وڪيلن کي سڄي سانحي کان واقف ڪري، انهن کي ڪالس خاندان طرفان اتي ملڪ جي وڏي عدالت ۾ اپيل داخل ڪرايائين- پندرهن وڪيلن گڏجي اها اپيل داخل ڪئي، وٽس جيڪي بہ فرينچ، انگري ۽ يورپ جا ٻيا اديب، دانشور ۽ بااثر ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا هئا، تن کي ان سلسلي ۾ ’ڪجهہ ڪرڻ‘ لاءِ آمادھہ ڪندو رهندو هو، ۽ ٻين اهڙن باشعور ۽ انسان پسند ماڻهن ڏانهن سڄي يورپ ۾ جتي جتي سندس اهي واقف هئا. خطن پٺيان خط ۽ پترن پٺيان پتر موڪليندو رهيو ۽ چوندو رهيو تہ مظلوم انسانيت جي حمايت ۾ هو پاڻ بہ سجاڳ ٿين ۽ پنهنجي آسپاس جي علمي ۽ سماجي دنيا کي بہ سجاڳ ڪن ۽ تحرڪ ۾ آڻين؛ ۽ (2) هن جين ڪالس جي هن ناحق خون جي پسمنظر ۾ هڪ بيحد عظيم، لافاني تعصب شڪن ڪتاب ”رواداري جو محضرنامو“ تيار ڪيو، جيڪو انساني ذهن جي نجات ۽ فڪر جي آزاديءَ جو اڄ بہ اهڙو ئي صحيح، وقتائتو ۽ اهم دستاويز آهي، جهڙو ان وقت اهو ثابت ٿيو--- ” جيڪو مون کي چوي ٿو تہ ’جيئن آئون مان ٿو تيئن ون بہ مڃ، نہ تہ خدا توتي ڪاوڙبو‘ اهو اتي ئي مون کي هيئن بہ چوندو تہ ’جيئن آئون مڃان ٿو تيئن تون بہ مڃ، نہ تہ آءٌ توکي ڪهندس!‘..... وهم جهالت جي ڪٽرپڻي جي هن وبا ۾ انسان صدين کان ورتل رهيا آهن- ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ماڻهوءَ جي وڏي ۾ وڏي نيڪي ۽ بهترين عمل آهي.“
والٽيئر جي هن ڪوشش جو نتيجو هيءُ نڪتو جو سڄي يورپ ۾ انسانن جي سالم ۽ صحتمند راءِ جاڳي پئي- ۽ فرانس ۽ انگلينڊ ۾ تہ ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ٻنهي قومن جا دردمند روح نہ فقط ان انسانيت ڪش سانحي تي ماتم ڪرڻ ۽ ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ بلڪ ان جي فوري ازالي لاءِ ۽ پڻ آئيندي ان جي سد باب واسطي هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيا هئا. جين ڪالس جي پوڙهي زال پهريائين تہ عدالت ۾ حاضِر ٿيڻ واسطي پئرس وڃڻ لاءِ تيارئي نہ هئي- ايتريقدر هوءَ هر ڳالھہ کان نراس ۽ پنهنجي پاڻ کان بيزار ۽ بي تعلق ٿي چڪي هئي پر نيٺ پنهنجي مرحوم خاوند تان جرم جي ٽڪي لاهڻ ۽ سندس نالي جي صفائي لاءِ هوءَ اوڏانهن وڃڻ تي آماده ٿي. جيتوڻيڪ پئرس پهچندي پهچندي، هوءَ تقريبن ساڻي ٿي پيئي هئي، تہ بہ هن جڏهن اتي هزارها ماڻهن، زالن، مردن، ننڍن وڏن عام ۽ خاص طرفان دلي قرب ۽ محبت، سڪ ۽ سنيھہ ڀريو پنهنجو آڌرڀاءُ ٿيندو ڏٺ، تڏهن هن جي دل ڀرجي آئي ۽ من تي درد ۽ امنگ جي بار سببان هن زبان مان هڪ اکر بہ اُڪلي نہ سگهيو.
ٽولُوز جي اختياريءَ وارن سان طويل قانوني رسم ڪشيءَ کان پوءِ، پئرس جي وڏيءَ عدالت انهن جي ’فتوائن‘ کي رد ڪيو- پئرس ۾، فرانس ۾، انگلينڊ ۾، يورپ جي سمورن انسان شناس ۽ انصاف پسند حلقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي.
پويئن گهڙين ۾ جڏهن عدالت عاليه جي اڳيان پئري ڪالس، هن جي ’هوش کان نڪتل‘ پيرسن ماءُ ۽ ان جي ڌيءُ ڪنڌ هيٺ ڪيو ڳوڙها ڳاڙيندا ٿي رهيا، تڏهن سندن جج بہ پنهنجو فيصلو کين پڙهي ٻڌائيندي، ۽ ڏانهن نهاريندي، روئڻ کان پاڻ جهلي نہ سگهيا.

(م.ا. ج)