سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، اديب، محقق ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن تي مشتمل ڪتاب ”وکريل موتي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ مقصود گل آھي.
استاد عطا محمد حامي وڏو تاريخدان، بي ريا محقق، نقاد ۽ باڪمال شاعر ھيو. ھن ڪتاب ۾ عطا محمد حامي صاحب جا 13 مقالا شامل آھن، جن ۾ خيرپور رياست بابت مقالو، سچل جي شاعريءَ بابت ٽي مقالا، کھڙن جي مخدومن، راڻيپور جي پيرن، ڪنڊڙيءَ وارن، خيرپور جي ڪھيري ۽ مري بلوچن سميت ٻيا مقالا شامل آھن.
ھي ڪتاب 1983ع ۾سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتيديري پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.