ڪھاڻيون

وارن جي سنوار تائين

ھن مجموعي ۾ زيب ڀٽيءَ جون اردو، انگريزي، سئيڊش، بنگالي، فارسي ۽ پنجابي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ 11 ڪھاڻيون شامل آھن. ھنن ڪھاڻين مان ڪجهہ مختلف سنڌي مخزنن ۽ اخبارن ۾ پڻ ڇپيل آھن. زيب ڀٽيءَ جو ترجمو آسان ۽ وڻندڙ آھي. ھن ترجمو ڪرڻ وقت ڪھاڻيءَ جي اصليت کي برقرار رکندي ان کي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ويجهو رکيو آھي. ھر ڪھاڻيءَ جي پويان ليکڪ جو تعارف پڻ ڏنل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 49
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وارن جي سنوار تائين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب زيب ڀٽيءَ جي ترجمي ڪيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”وارن جي سنوار تائين“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن مجموعي ۾ زيب ڀٽيءَ جون اردو، انگريزي، سئيڊش، بنگالي، فارسي ۽ پنجابي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ 11 ڪھاڻيون شامل آھن. ھنن ڪھاڻين مان ڪجهہ مختلف سنڌي مخزنن ۽ اخبارن ۾ پڻ ڇپيل آھن. زيب ڀٽيءَ جو ترجمو آسان ۽ وڻندڙ آھي. ھن ترجمو ڪرڻ وقت ڪھاڻيءَ جي اصليت کي برقرار رکندي ان کي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ويجهو رکيو آھي. ھر ڪھاڻيءَ جي پويان ليکڪ جو تعارف پڻ ڏنل آھي. 
ھي ڪتاب 1987ع ۾، سپي پبليڪيشنس، ٽنڊو محمد خان پاران ڇپايو ويو. جنھن  جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي