ناول

تقدير جو تماشو

عزيز ڀنڀري جنھن بہ صنف تي قلم  کنيو آهي، ان سان وفاداريءَ سان نڀايو آهي. کيس ڪھاڻيڪار جي روپ ۾ ڏسو تہ هو معاشري جي اوڻاين تي بيچين نظر اچي ٿو. ناول ۾ هو اهڙا تہ رومانس جا رنگ پُرتجسس انداز سان ڀري ٿو، جو پڙهندڙ اڃ، بک وساري، ناول جي ڪردارن جو حصو بڻجي وڃي ٿو.  ھن ناول جا ڪردار اسان جي آسپاس زندھہ ساھہ کڻي رھيا آھن. اھي ڪردار درد ڀڳل ڪاون جيان ليکڪ جي دل ۾ چڀي رھيا آھن. 

Title Cover of book تقدير جو تماشو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار عزيز ڀنڀري جو لکيل ناول ”تقدير جو تماشو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
عزيز ڀنڀري جنھن بہ صنف تي قلم  کنيو آهي، ان سان وفاداريءَ سان نڀايو آهي. کيس ڪھاڻيڪار جي روپ ۾ ڏسو تہ هو معاشري جي اوڻاين تي بيچين نظر اچي ٿو. ناول ۾ هو اهڙا تہ رومانس جا رنگ پُرتجسس انداز سان ڀري ٿو، جو پڙهندڙ اڃ، بک وساري، ناول جي ڪردارن جو حصو بڻجي وڃي ٿو.  ھن ناول جا ڪردار اسان جي آسپاس زندھہ ساھہ کڻي رھيا آھن. اھي ڪردار درد ڀڳل ڪاون جيان ليکڪ جي دل ۾ چڀي رھيا آھن. 
ھي ڪتاب 2016ع  ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي سرتاج جماليءَ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي