سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند جي نامياري سنڌي ۽ ھندي ڪھاڻيڪار ايشور چندر جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ٿڌا چپ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ايشور ھند ۾ سنڌيءَ جو اُهو ليکڪ آھي، جنھن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ لڳاتار لکيو آھي ۽ سندس ڪھاڻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيون آھن. ايشور چندر جي ڪھاڻين ۾ پيڙهين جو تفاوت، ٽُٽندڙ ڪٽنب، بيروزگاريءَ ڪري گهر ڪري ويل نراسائي ۽ نا اميدي ۽ احساس ڪمتريءَ جا جذبا ۽ عورتن جا مختلف رشتن ۽ روپن ۾ بدلجندڙ خيالات نظر اچن ٿا.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1979ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1993ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي