سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس انور ابڙِي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”پھرين جنوري“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
پيڙيل ۽ ٽُٽل سماج م انور ابڙي جون ڪھاڻيون پڙھي ھڪ عجيب ساھس پيدا ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ انور ابڙي جون تخليق ڪيل 25 ڪھاڻيون شامل آھن. ڪھاڻين جا موضوع ۽ ڪردار نرالا پر گهڻو ڪري اسان جي آسپاس جا ئي آھن. پيار ڪھاڻين کان سماجي ناتا، رشتا، سنڌ ڌرتيءَ سان عشق، سياست، ادب، دھشتگردي، امن امن جي خراب حالت، مھانگائي انور جي ڪھاڻين جا موضوع آھن. انور ابڙو شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو پرستار رھيو آھي، ان مناسبت سان 18 آڪٽوبر ۽ لياقت باغ سانحي (شھيد محترمہ جي شھادت) تي ٻہ ڪھاڻيون پڻ ڪتاب ۾ شامل آھن.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪويتا پبليڪيشن جي سھڪار سان اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي