سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو ”خدا ڏي خط“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شامل آهن. موضوع جي لحاظ کان ڪھاڻين کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) سماجي ڪھاڻيون، (2) نظرياتي ڪھاڻيون، ۽ (3) قومي ڪھاڻيون. جيتوڻيڪ هي ڪھاڻيون ٻين ٻولين جون آهن، پر ترجمي پڙهڻ سان اصلي لڳن ٿيون.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ سنڌي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي