الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون تنھن جپان جون

الطاف شيخ  هن ڪتاب ۾ جپاني ادب جي لوڪ ڪھاڻين، ديومالائي آکاڻين، چرچن، پھاڪن، شعرن جو سليل سنڌي ترجمو ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ الطاف جپان جي همعصر مزاحيہ ادب، لوڪ ادب، لوڪ ڪھاڻين ۽ ديومالائي آکاڻين ۾ مزاحيہ پھلو، جپاني ادب جو دور ۽ جپاني ادب جون صنفون بيان ڪيون آهن. هن نہ فقط جپاني ادب جي صنفن جا نالا ڳڻايا آهن، پر انھن جو تقابلي مطالعو پڻ ڏنو اٿس.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون تنھن جپان جون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: ڳالھيون تنھن جپان جون
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو: پھريون، 1980ع
ڇاپو: ٻيون، 2002
ڪمپوزنگ، لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل:
انڊس ڊزائينرز، فون: 5655953
ڇپائيندڙ: امير ابڙو: انڊس پبلشرز، ڪراچي.
قيمت: 125 رپيا

“GALIYOON TAHEN JAPAN JOON”
Edition: First, 1980
Edition: Second, 2002
Writer: Altaf Shaikh
Published by: INDUS Publishers, Karachi.
Phine: 5655953
Address: B-5 Al Habib Gardens, Clifton Karachi.
وي پي ذريعي گهرائڻ لاءِ لکو:
انڊس پبلشرز، بي_ 5، الحبيب گارڊنز، ڪلفٽن ڪراچي.
فون: 5655953، 5871738

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ پاران جپاني ادب مان چونڊ ترجمن تي مشتمل ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ جپاني ادب جي لوڪ ڪھاڻين، ديومالائي آکاڻين، چرچن، پھاڪن، شعرن جو سليل سنڌي ترجمو ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ الطاف جپان جي همعصر مزاحيہ ادب، لوڪ ادب، لوڪ ڪھاڻين ۽ ديومالائي آکاڻين ۾ مزاحيہ پھلو، جپاني ادب جو دور ۽ جپاني ادب جون صنفون بيان ڪيون آهن. هن نہ فقط جپاني ادب جي صنفن جا نالا ڳڻايا آهن، پر انھن جو تقابلي مطالعو پڻ ڏنو اٿس.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1980ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2002ع ۾ انڊس پبلشرز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب: مرحوم علي نواز وفائيءَ نالي

علي نواز وفائي صاحب سان منھنجي پھريون دفعو ملاقات اڄ کان 36 سال اڳ (سن 1964ع ۾) ڪراچيءَ ۾ سندس سالي ۽ اسان جي ساٿي روهڙيءَ جي ڪئپٽن محمد عالم شيخ جي معرفت ٿي. انھن ڏينھن ۾ اسان جھاز رانيءَ جي تعليم وٺي رهيا هئاسين. هونءَ وفائي صاحب جي نالي کان تہ سندس هفتيوار اخبار ”آزاد“ ڪري ننڍپڻ کان واقف هئاسين پر هاڻ کين سامھون ڏسي خوشي ٿي ۽ پوءِ جلد ئي معلوم ٿيو تہ وفائي صاحب سان منھنجي والد صاحب جي پڻ دوستي آهي. انھن ئي ڏينھن ۾ منھنجي والد (مرحوم گل محمد شيخ) جي ٺٽي بدلي ٿي هئي ۽ مھني ڏيڍ هو ڪنھن ڪنھن آچر تي ڪراچي ايندا هئا تہ اهو ڏينھن حاڪم علي زرداري وٽ ترسندا هئا، جتي علي نواز وفائي ۽ گرانڊ هوٽل جو مالڪ مولانا عبدالرؤف پڻ ايندو هو ۽ منجهند جي ماني ’بامبينو سئنيما‘ واري آفيس ۾ گڏ کائيندا هئا. آئون بہ سڄو ڏينھن اتي گذاريندو هوس. وفائي صاحب جا ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪي ايندڙ چرچا ۽ تاريخي نقل ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. وفائي صاحب ۾ ان وقت کان هڪ اهم ڳالھہ جيڪا مون محسوس ڪئي، اها اِها تہ کين يادگيرو زبردست قسم جو هوندو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ هو سنڌ جي انيڪ پيرن فقيرن، سيدن، سياستدانن، وڏيرن، عالمن، بزرگن، درويشن کان چڱي طرح واقف هو. سندن مرڻ گهڙيءَ تائين آئون کانئن سنڌ جي مختلف ماڻھن جو پڇندو رهيس. منھنجو جھاز جڏهن بہ ڪراچي ۾ ترسندو هو تہ آئون ساڻن گهر يا پريس تي ملڻ ويندو هوس. سنڌ جا ڪيترائي سياستدان ۽ ناليرا پير ۽ ٻيون هستيون هن وٽ ويٺل هونديون هيون ۽ هو وڏي Confidence سان هنن سان ڳالھائيندو هو. وڏي کان وڏي ڪاموري مان بہ سندس ڪرسيءَ ڪري Impress نہ هو ۽ جيڪا ڳالھہ هوندي هئي، چئي ڏيندو هو. هن وٽ يونيورسٽين جون ڪي ڊگريون نہ هيون پر علم هو. کانئن ڪو تعليم بابت پڇندو هو تہ چوندو هو، ”بابا، مئٽرڪ فيل بي اي پاس آهيان.“ ۽ پوءِ جڏهن پڇبو هون تہ وفائي صاحب اهو ڪيئن تہ جواب ۾ کلندي وراڻيندو هو: ”مئٽرڪ مون انگريزن جي ڏينھن ۾ ڪئي. پڙهائي سخت هئي. ان ڪري فيل ٿي پيس. بي اي هاڻ ڪئي اٿم جڏهن اسان وٽ ڪاپي ڪلچر آهي، ان ڪري ڪاپي ڪري پاس ٿيو آهيان.“
پير حسام الدين راشدي صاحب جن علي نواز وفائي جي لاءِ هڪ هنڌ لکن ٿا تہ ننڍو پٽ هجڻ ڪري مولانا دين محمد وفائي کين هر وقت ساڻ وٺي هلندو هو. اسان دل ئي دل ۾ چوندا هئاسين تہ مولانا صاحب جو پيار ڪٿي هن نينگر کي کاري نہ رکي. پر اها خبر پوءِ پئيسين تہ باقاعدي اسڪول نہ موڪلڻ جي باوجود هن پنھنجي فرزند کي اهي سڀ وصفون سيکاري ڇڏيون، جيڪي هوند سالن جي ڪتابي تعليم مان بہ حاصل ڪري نہ سگهي ها. علي نواز وفائي ذهين هو، پيءُ جي هر ادا ۽ روش کي دل ۾ سانڍيندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو هو پنھنجي والد جو صحيح جانشين ثابت ٿيو. مولانا صاحب کيس اها سڀ ڏات ڏئي ڇڏي، جيڪا وٽس هئي_ فڪر، سوچ، چڱن جي صحبت، اٿڻ ويھڻ، جرائت سان ڳالھائڻ، خودداري ۽ خوديءَ کي هٿان نہ ڇڏڻ. بنيادي طرح قلندر پيشگي جي اچي وڃي تہ راجا، جي نہ هجي تہ پاڻ پلؤ آجا ۽ بار هلڪو.
هفتيوار ”آزاد“ اخبار مرحوم خان بھادر الھہ بخش سومري (جڏهن پاڻ سنڌ جو چيف منسٽر هو) ڪڍي هئي. مولانا دين محمد وفائي ان جو ايڊيٽر هو. علي نواز وفائي لکڻ جي مشق لڳي ٿو تہ ان وقت ۽ اتھين کان ڪئي. پوءِ اها اخبار بند ٿي وئي. الھہ بخش شھيد ٿي ويو. مولانا صاحب بہ هي جھان ڇڏي ويو. جڏهن علي نواز وفائي شعور کي پھتو، ان وقت هن هفتيوار ”آزاد“ کي ڪڍيو. پنھنجي مڙسيءَ تي ۽ حالتن جي سازگار نہ هجڻ جي باوجود اخبار نہ فقط چالو ٿي وئي، بلڪ اهڙن بنيادن تي اچي پھتي، جو آخر تائين بنا ناغي هر هفتي نڪرندي رهي. آخر تائين اها ئي غريبباڻي (پر بي ڊپي) اخبار رهي ۽ اها ئي وفائي صاحب جي پاڪستان چوڪ ۾ غريباڻي آفيس رهي. نہ ٽائيپ رائيٽر نہ ڪمپيوٽر ۽ نہ ايئرڪنڊيشن. وڏو ڇيھُ تہ لکڻ جي ڪم ۾ مدد ڏيڻ لاءِ سيف ٻنوي (شاعر ۽ جرنلسٽ) کي پاڻ وٽ اچي وهاريو هئائين، جيڪو سيڪريٽري گهٽ دوست وڌيڪ لڳو ٿي. انھي ئي آفيس ۾ هڪ دفعو ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، جڏهن ملڪ جو وزيراعظم هو، پاڪستان چوڪ مان لنگهندي گهڙي آيو.
”اڙي بابا، بيھاريو بيھاريو منھنجي گاڏيءَ کي. هتي منھنجو جرنلسٽ دوست علي نواز وفائي آهي.“ ڀٽي صاحب حڪم ڪيو ۽ اڳيان پويان رون رون ڪري هلندڙ پوليس جون سڀ گاڏيون بيھي ويون. وفائي صاحب پاڻ تہ ان وقت موجود نہ هو پر ڇپائيءَ جو ڪم ڪندڙ پريس وارن سان هو هٿ ڏئي مليو. ماڻھن جا انبوھہ اچي گڏ ٿيا ۽ ”جئي ڀٽو_ هزار سال“ جا نعرا لڳي ويا. ٻئي ڏينھن ملڪ جي اخبار ۾ ان بابت اچي ويو P.M’s surprise visit to Mr. Wafai. ٻنھي کي خوب پبلسٽي ملي ۽ سڄي ملڪ جي ماڻھن جي وات تي اها ڳالھہ اچي وئي. (ان کان اڳ ڪراچي جي شھر ۾ اهڙو ڊرامو آمريڪي صدر جانسن ڪيو هو، جڏهن هن ڪياماڙيءَ وٽ هڪ اٺ گاڏي هلائيندڙ همراھہ کي ڏسي گاڏي بيھاري هئي. ۽ اٺ واري سان هٿ ملائي کيس آمريڪا پاڻ وٽ اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي.)
بھرحال انھن سڀني ڳالھين هوندي، مان، مرتبي، عزت، شھرت هوندي، وفائي صاحب ۾ ڪڏهن ٽيڙي نظر نہ آئي. تاج بلوچ هڪ دفعي وفائي صاحب بابت روزاني هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکيو هو “فقيري جي عالم ۾، ذهني ۽ جسماني طور اميريءَ جي ڏِک ڏيندو هجي ۽ اقتدار کان ٻاهر هوندي بہ اقتدار جا مصاحب وٽس سلامي ڀريندا رهن ۽ هن جو لکڻ پڙهڻ سان بہ لاڳاپو هجي ۽ اهو شخص جڏهن اقتدار ۾ اچي وڃي، پر سندس ڪردار ۽ اٿڻي ويھڻي ۾، سنگت ساٿ، واقفن اڻ واقفن سان وهنوار ۾ رتيءَ جيتري بہ تبديلي نہ اچي تہ ان ماڻھوءَ لاءِ ماڻھو ڇا ٿو چئي سگهي؟ ٻہ ڳالھيون چئي سگهجن ٿيون. پھرين تہ هو فرشتو آهي! يا ڪو وڏو ڪيريڪٽر ائڪٽر!... هو نہ تہ فرشتو آهي ۽ نہ ئي ڪيريڪٽر ائڪٽر. مون جڏهن اک پٽي ۽ ذهني سرت کي پھتس تہ مون پاڻ کي ، هن جي آڏو ويٺل ڏٺو. پورو پنو قد، ڊولائتو جسم، رنگ جو ڳورو، سندس خوبصورت جسم تي انگريزي لباس ائين ٺھڪي ۽ ٻھڪي رهيو هجي ڄڻ ڪنھن رياست جو نواب هجي! ڪتابي چھرو.. موڪري پيشاني. مرداني سونھن ۽ وجاهت جو هڪ خوبصورت مجموعو. کڙڪيدار گفتگو ۽ گفتگو ۾ غضب جو اعتماد ۽ آڏو ويٺل کي، لمحن ۾ موهي وٺندڙ ماڻھو ۽ اهو آهي اسان جو دوست، سڄڻ ۽ سائين علي نواز وفائي... جنھن ايڏي وڏي عرصي تي محيط لڳ لاڳاپن ۽ وابستگيءَ ۾ هڪ لحظي لاءِ بہ وڏ ماڻھپي جو ثبوت نہ ڏنو آهي.”
وفائي صاحب ۾ هڪ ٻي ڳالھہ جيڪا مون نوٽ ڪئي اها هيءَ تہ هو ٻين کي هر وقت همٿائيندو رهيو ٿي. کين ان ڳالھہ جو فڪر رهندو هو تہ سنڌ ۾ ’نہ سھڻ‘ واري بڇڙي عادت جي ڪنھن طرح پاڙ پٽجي وڃي. ڏٺو ويو آهي تہ اسان جو اديب، اديب کي ۽ عالم، عالم کي نہ سھندو. زميندار، زميندار جو دشمن نظر ايندو. ڪو ڪنھن کي ترقي ڪندي ڏسندو تہ ان ۾ سوين عيب ۽ اوڻايون ڪڍندو. وفائي صاحب هن پراڻي عادت کي پنھنجن مضمونن ۾ گهڻو ننديو آهي. ساڳي ريت سنڌي سماج جي ٻي کليل ڪمزوري آهي ڪامورن جي چاپلوسي ۽ انھن کان ڊڄڻ. چڱا امير ماڻھو، جيڪي عوام تي تہ وڏا رعب رکن ٿا، پر جڏهن وٽن رڳو پوليس وارو يا ڍل اوڳاڙڻ لاءِ تپيدار اچي ٿو تہ هو انھن جي دعوتن ۽ چاپلوسيءَ ۾ پورا ٿيو وڃن. مٿين ٻنھي بد رسمن بابت وفائي صاحب لکي ٿو: “اسان جي وڏي ڪمزوري اها آهي تہ ڪم ڪندڙ، جفاڪش ۽ محنت ڪندڙن تي تنقيد ۽ تبصرا ڪندا آهيون. پنھنجين ڪوتاهين، ڪمزورين ۽ نااهلين کي لڪائيندا رهندا آهيون. اسان جي سنڌ ۾ چڱ مڙسي، وڏ ماڻھپي ۽ هلندي پڄندي جو سارو دارومدار ڪامورڪي خذمت، خوشامد ۽ دلالي تي آهي. ڪيترن ڏسڻن وائسڻن ۽ سفيد پوشنجي پيٽ پالڻ جو دارومدار وقت جي ڪاموري جي پوڄا ۽ پرستش تي هوندو آهي.“
انھيءَ ئي محفل ۾ وفائي صاحب چيو: ”انگريزن هندستان تي ٻہ سؤ سال حڪومت فقط هڪڙي لائين تي ڪئي _ هنن سڄي قوم کي “I beg to remain, Sir, your most obedient servant” بنائي ڇڏيو.
ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ٿيندڙ ادبي محفل ۾، جنھن جو مھمان خاص سنڌ جو گورنر جنرل معين حيدر هو، وفائي صاحب دير سان پھتو ۽ کين نہ فقط خاص مھمان سان گڏ اسٽيج تي وهاريو ويو پر ان ئي مھل تقرير ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو. کين سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪھڙي عنوان تي ڳالھايو وڃي، سو ويٺلن کي مخاطب ٿي چيائين: ”هتي سڀ تعليم يافتہ ۽ اهلِ علم ويٺا آهيو، توهان ڪھڙي Topic تي چاهيو ٿا تہ آئون ڳالھايان؟“
گورنر صاحب پڇيس: ”انھن ۾ فرق ڇا آهي؟“
وفائي صاحب ٺھہ پھہ وراڻيو: ”تعليم يافتہ ڊگريون هٿ ۾ کڻي ماني پويان هلندا رهن ٿا ۽ اهل علم جي پويان ماني هوندي آهي. Knowledge is power توانا بويد هر کہ دانا بويد (جنھن ماڻھوءَ کي عقل آهي طاقت ان جي آهي.)“
وفائي صاحب جا ان قسم جا ٽوٽڪا انيڪ آهن. پاڻ زبردست حاضر جواب ۽ اعليٰ قسم جو Conversationalist هو. انگريزي اخبار Dawn۾ Obituary لکندي شيخ عزيز “وفائي” بابت لکي ٿو...
… A conversationalist, Wafai was quite soicial and had a deep insight on social and political aspects of life…
هڪ دفعي وفائي صاحب کان پڇيم: ”توهان ننڍپڻ ڪٿي گذاري؟“
جواب ۾ چيائين: ”سانڀر ساريم تہ سرسبز سکيو ستابو سندر ۽ سھڻو سکر سامھون آيو...“
”ڪراچيءَ“ لاءِ وفائي صاحب چوندو هو تہ ”اهو اُهو شھر آهي جنھن ۾ فاصلا، فيصلا، فتنا، فساد، فراڊ، فنڪار، فٽ پاٿ، فلوس، فيشن ۽ فريب آهن.“
وفائي صاحب سان منھنجي آخري ملاقات سندن وفات کان ٻہ ٽي ڏينھن اڳ سندس سالي ڪئپٽن عالم شيخ جي گهر ٿي. پاڻ ڪجهہ عرصو آمريڪا ۾ پنھنجن پٽن وٽ رهڻ بعد ڪراچيءَ آيا هئا.
”وفائي صاحب توهان صحيح وقت تي هتي آيا آهيو ، آئون پنھنجي ڪتاب تي انتساب ۾ توهان بابت ڪجهہ تفصيلي احوال لکڻ چاهيان ٿو.“ مون چيو.
”بلڪل. ڀلي.“ پاڻ چيائون. مون سندن ڏنل فون نمبر کيسي ۾ وجهي ساڻن ٻئي هفتي ملڻ لاءِ چيو.
۽ پوءِ ان ئي وقت کين ڪو خيال آيو ۽ مون کي ڀر ۾ ويھاري چيو: ”ان ۾ هي بہ لکجانءِ تہ جيڪي ماڻھو...“ ”۽ پوءِ ڪئپٽن عالم کي سڏ ڪري چيائين: ”بابا پنو پين الطاف کي ڏي تہ لکي ڇڏي. ڪٿي وسري نہ وڃيس.“ مون لکڻ شروع ڪيو:
_جيڪي ماڻھو ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيندا رهندا آهن، انھن جي خوشين تي دنيا جون خوشيون خوش ٿينديون رهنديون آهن.
_ هر جمال ۾ جوش نہ هوندو آهي. هر جوش ۾ هوش نہ هوندو آهي. هر هوش ۾ هوشياري نہ هوندي آهي. هر هوشياري ۾ همت نہ هوندي آهي. هر همت ۾ حوصلو نہ هوندو آهي.
_هر لکندڙ اديب نہ هوندو آهي. هر اديب خطيب نہ هوندو آهي. هر خطيب جي خطاب ۾ خاصيت نہ هوندي آهي. هر خاصيت ۾ خمار نہ هوندو آهي. هر خمار ۾ خير نہ هوندو آهي.
منھنجي خيال ۾ وفائي صاحب جون اهي ئي آخري ڳالھيون هيون جيڪي آئون نوٽ ڪري سگهيس. پروگرام موجب هفتي کانپوءِ ساڻن وري ملي نہ سگهيس جو ان کان اڳ 28 مئي تي ڪئپٽن رشيد ابڙي (ڪئپٽن عالم ۽ منھنجي ڪامن دوست) فون ڪري ٻڌايو تہ وفائي صاحب دل جي دوري پوڻ ڪري هينئر هينئر گذاري ويو آهي. ٿي سگهي تہ ڪجهہ اخباروارن کي فون تي اطلاع ڪري ڇڏ.”
علي نواز وفائي صاحب 1925ع ۾ سکر ۾ ڄائو. پاڻ ٻن ڀائرن: (مظفر حسين ۽ شفي محمد) ۽ هڪ ڀيڻ (ادي سبحان) ۾ ننڍو هو. وفائي صاحب کي پنج فرزند: آصف، اعجاز، سليم، عامر ۽ سنين ۽ هڪ نياڻي انيتا آهي. اميد ٿي ڪجي تہ هو پنھنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي هلي سنڌي ادب ۽ جرنلزم ۾ نالو پيدا ڪندا.

الطاف شيخ
18 گسٽ 2000

ليکڪ جا لفظ

هن ڪتاب ۾ ڏنل لوڪ ڪھاڻين، ديومالائي آکاڻين، چرچن، پھاڪن، شعرن جو هڪ مقصد اهو بہ آهي تہ پڙهندڙن کي اها سڌ ٿئي تہ جپان جنھن کي اڄ ڪلھہ اسان فقط ڪمپيوٽر، ٽي وي، وي سي آر جھڙين شين سان سڃاڻون ٿا ۽ جيڪو ٽيڪنالاجي ۾ سڀ کان اڳيان نڪرندو وڃي، ان جو ادب لطيف سان بہ گهڻو ۽ گهاٽو واسطو هو ۽ آهي.
هتي جپان ۾ منھنجو گذريل ڏهن سالن (1971ع) کان اچڻ ٿيندو رهي ٿو. ان دوران جپان جا ڪيترائي شھر ۽ بندرگاهہ: هاچينوهي کان موجي تائين، نگويا کان وڪاياما تائين ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هنن جپاني شھرن ۾ سوين هزارين جپاني ماڻھن سان هوٽلن، دڪانن، گهرن، فئڪٽرين،رستن، گاڏين ۽ جھازن ۾ منھنجي ملاقات ۽ ڏيٺ ويٺ ٿيندي رهي ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ خبرن چارن ۾ هڪ ٻئي کي پنھنجن ملڪن ۽ ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌايون هونديونسين. هن ڪتاب ۾ ڏنل هي ڳالھيون، پھاڪا ۽ شعر انھن مان ڪجهہ آهن، جيڪي مون گذريل ڏهن سالن ۾ مختلف ماڻھن کان ٻڌا ۽ نوٽ ڪري سگهيس. ڪجهہ ڪھاڻيون جهونن جپاني ڪتابن تان پڻ پڙهيون اٿم جن جا سن پڻ ڏنا اٿم پر انھن جي ليکڪن جي ڪنھن کي بہ خبر ناهيي، جيئن اسان وٽ ڪي ڪي ڳالھيون سالن کان هڪ کان ٻئي تائين زباني هلنديون اچن ۽ پوءِ ڪن کي ڪتابي صورت پڻ ڏني وئي آهي. پر ڪي تہ اڃا بہ رڳو پوڙهين مائين جي واتان ٻڌجن ٿيون.
ڪڻي مان ديڳ جو اندازو لڳائڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ فقط ڪجهہ جپاني ڳالھيون آهن. انھن سان گڏ ڪٿي ڪٿي سنڌي شعر، پھاڪا، يا ڪا ٺھڪندڙ ڳالھہ ڌيان ۾ آئي آهي تہ اها پڻ ڏني اٿم. بھرحال هي سڄو ڪتاب فري اسٽائيل نموني ۾ جيڪي ڪجهہ دماغ ۾ آيو آهي لکيو ويو آهي_ بنا ڪنھن پلاننگ جي. ڪھاڻين جا عنوان جيڪي ڪتابن تان پڙهيون اٿم، گهڻو ڪري اهي ئي رکيا اٿم پر جيڪي جپاني ماڻھن جي واتان ٻڌيون اٿم انھن تي پنھنجا رکيا اٿم.
اميد تہ هي ڪتاب پاڪستان ۽ جپان_ ٻنھي هنڌن تي رهندڙ سنڌي هڪ جيتري دلچسپي سان پڙهندا.

الطاف شيخ
ٽوڪيو جپان 1981ع

پبلشر پاران

”انڊس“ پاران الطاف شيخ جو هي ٻيو ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو ڪجهہ مواد سندس هڪ پراڻي ڪتاب ۾ اڳيئي ڇپجي چڪو آهي. موضوع جي حساب سان اڌ کان وڌيڪ مواد نئون شامل ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو ويو آهي _ جڏهن تہ ڪارٽون ۽ تصويرون پڻ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پبليڪيشن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان ۽ هر مھيني انڊس مئگزين جوڙڻ سان ڪيئي تجربا ٿيا آهن ۽ تمام گهڻي معلومات ۾ اضافو ٿيو آهي. وڏي ۾ وڏي معلومات اها ملي آهي تہ اليڪٽرانڪ دؤر جي هن مھل ۾ جنھن مان اسين گذري رهيا آهيون، سنڌي ماڻھن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق وڌي رهيو آهي. منھن جي اندازي مطابق سنڌيءَ ۾ هر مھيني تقريباً 50 ڪتاب سنڌ ۾ ڇپجن ٿا ۽ ڪجهہ ڪتاب ڀارت کان پڻ اچن ٿا. پر ڪتابن جو وڪرو ۽ وڪري لاءِ ڊسٽريبيوشن جو نظام بگڙيل آهي. سنڌ ۾ موجود چند اسٽالن تائين بہ ڪتاب نٿو پھچي _ ان جو سبب ڇا آهي؟ اهو هڪ ڊگهو موضوع آهي. بھرحال مارڪيٽنگ جو پروفيشنل استعمال هن فيلڊ ۾ ايترو نٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو پبلشر پنھنجا ڇپيل ڪتاب سرڪاري آفيسن ۾ وڪڻڻ وڃن ٿا. جڏهن تہ سنڌي ماڻھوءَ جي پڙهڻ، سمجهڻ، معلومات حاصل ڪرڻ ۽ دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي هلڻ جي حِسَ پنھنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ منجهس نئين شيءِ کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جو تجسس پڻ وڌي رهيو آهي.
ان کان علاوه تجربو ان ڳالھہ جو بہ ٿيو آهي تہ سنڌي ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي سافٽ ويئر (Soft ware) ٺاهڻ وارا سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ نٿا چاهين. منھنجي خيال ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ 15 سال ٿيا آهن جو اسين سنڌي، ڪمپيوٽر تي لکي سگهون ٿا پر اها واحد ٻولي آهي جنھن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ نٿي ملي. جڏهن تہ چيني ٻوليءَ جا Keyboard دنيا ۾ عام جام ملن ٿا. چين تہ تمام وڏو ملڪ آهي. ويندي ناروي جھڙي مختصر آباديءَ جا ماڻھو بہ پنھنجي ٻولي ڪمپيوٽر تي دنيا ۾ ڪٿي بہ لکي سگهن ٿا. اتي پڻ مارڪيٽنگ ۾ سنڌي ٻولي مار کائي ويئي آهي جو سافٽ ويئر ٺاهڻ وارو چاهي ٿو تہ گراهڪ وٽس لنڊن مان بہ اچي تہ نيويارڪ ۽ پئرس مان بہ اچي. ”انڊس“ جي ڪوشش آهي تہ اهڙو سافٽ ويئر جلدي مارڪيٽ ۾ آڻجي جيئن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ عام رواجي ڳالھہ بڻجي. اميد تہ توهان ان سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪندا.
اسان محترم الطاف شيخ جا انتھائي ٿورائتا آهيون جنھن پنھنجا ڪجهہ ڪتاب اسان کي ڇپائڻ لاءِ ڏنا آهن. ڪتابن جي ڇپائي توڙي مواد متعلق توهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

امير ابڙو
انڊس پبلشر
ڪراچي.

ٻہ اکر: عبدالقادر جوڻيجو

پنھنجا پنھنجا خيال ٿيندا آهن، منھنجو پنھنجو خيال آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن ڪتاب جو ڪو ڪارج ناهي تہ پوءِ اهو اجايو آهي. هت لفظ ڪارج مان منھنجي رڳو اها مراد ناهي تہ ليکڪ رڳو ’سياست‘جي موضوع کي پنھنجي قلم جي دائري ۾ آڻيندو رهي، پر سياست کي ڇڏي ڪري زندگيءَ جا ٻيا بہ ڪيترائي شعبا آهن، جن تي لکيل ڪتاب انسان کي لاڀ پھچائين ٿا. اِهو لاڀ فڪري بہ ٿي سگهي ٿو تہ عملي بہ. انھيءَ حساب سان جيڪڏهن اسان شروع کان وٺي اڄ تائين الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جو جائزو وٺنداسين تہ اها ڳالھہ پڌري پٽ اچي پوندي تہ الطاف شيخ جي لکتن سنڌ جي نئين نسل کي جيڪو فائدو پھچائيو آهي، اهو تمام گهٽ ليکڪن جي نصيب ۾ اچي ٿو.
ڪجهہ سال اڳ جيڪڏهين ڪو سنڌي ماڻھو رڳو ٿر ڇڏي سکر پھچندو هو يا سکر ڇڏي ٺٽي پھچندو هو تہ پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان اڳ ۾ اهي اکر چوندو هو تہ ”ڀائو، پرديسي ماڻھو آهيون، تنھنجي ملڪ مان اچي ٽٽا آهيون“ ۽ پڇاڙيءَ ۾ چوندو هو تہ ”يار پرديسين جي پارت اٿئي.“ انھيءَ صورتحال ۾ سنڌي ماڻھن جي سائيڪيءَ جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا تہ جيڪو ماڻھو پنھنجي ئي ملڪ ۾ پاڻ کي ’پرديسي‘ سمجهندو هُجي تہ اُهو ماڻھو دنيا جي ڪنھن ٻئي ڏورانھين ملڪ ڏانھن سواءِ ڪنھن وڏي لاچاريءَ جي ڪيئن ٿو اُسھي سگهي! ۽ جي لاچاريءَ وچان ڪنھن ڏورانھين ملڪ مان وڃي نڪري بہ سھي تہ انھيءَ جي ذهن ۾ ”پويان جي ڇِڪ“ جي باري ۾ ڪھڙو حشر متل هوندو!.
الطاف شيخ جڏهين شروع شروع ۾ پنھنجا سفر ناما لکڻ شروع ڪيا هئا تہ سنڌ جي نوجوانن جي بہ اهائي حالت هُئي، جيڪا آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان. ظاهر آهي تہ جيڪڏهن الطاف شيخ جي لکت ۾ دم خم نہ هجي ها تہ نوجوان پڙهندڙ سندس ڪتابن تي ايڏو ڌيان نہ ڏين ها ۽ نہ ڪو هو سنڌيءَ جو وڌ ۾ وڌ پاپولر ليکڪ بڻجي ها. پر جيئن تہ سندس لکيل ڇپيل ۽ لفظن ۾ ايڏي سگهہ هُئي، جنھن هزارن جي منھن نوجوانن کي سنڌ ڇڏي ٻاهر وڃڻ جو اتساھہ ڏياريو ۽ ڪئين نوجوان ٻاهرين مُلڪن مان وڃي نڪتا ۽ سنڌ جي هزارين زندگين تي وڏو اثر پيو آهي. جيڪڏهين انھيءَ ”اثر“ تي ڪو ويھي ريسرچ ڪري (جيڪا ڪرڻ بہ کپي) تہ ايترا تہ انگ اکر (Facts & Figures) سامھون ايندا ۽ سندس لکيل بظاهر سڌن سادن لفظن جي پويان لڪل ڳُجهہ ائين تہ پڌرو ٿي پوندو جو اهڙي قسم جي ريسرچ پڙهي سمجهو پڙهندڙن کي پگهر اچي ويندا. پر جي ڀلا ڪو ريسرچ نہ بہ ڪري ۽ رڳو پنھنجي ڪامن سينس کي ڊوڙائي تہ بہ حيران ڪندڙ نتيجا سامھون ايندا. هتي مون کي اها ڳالھہ افسوس وچان لکڻي ٿي پئجي وڃي تہ الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ موجود انھيءَ پھلوءَ تي ڪنھن بہ نظر نہ وڌي آهي، جيڪو سندس حق بڻجي ٿو. جيتوڻيڪ سندس تحريرن جو وڏي ۾ وڏو اهو ڪارج آهي تہ هن لکي ڪري سنڌ جي نوجوانن سندن گهراڻن ۽ سندن دوستن توڙي انھن جي گهراڻن جي زندگيءَ تي ايڏو اثر ڇڏيو آهي، جيڪو هن دور جي وڏي ضرورت هئي. جيڪا ڪنھن سياستدان ۽ سوشل ورڪر جي بدران هڪ ليکڪ پوري ڪئي آهي. الطاف شيخ جو اهو ئي وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي.
الطاف شيخ جي سفرنامن جا ٻہ پھلو آهن (1) غير ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ (2) غير ملڪن جي (Folk Wisdom) (لوڪ ڏاهپ) جي ڄاڻ ڏيڻ.
سندس ڪتابن ۾ ڪٿي پھريون پھلو اچي وڃي ٿو تہ ڪٿي ٻئي پھلو اچي وڃن ٿا تہ ڪٿي وري رڳو پوئيون پھلو اچي ٿو وڃي. سندس هيءُ ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ پوئين پھلوءَ متعلق آهي، جنھن ۾ هن جپان جي ماڻھن جي (Wisdom) ڏاهپ تي نظر وڌي آهي.
هت اسان وٽ سنڌ جي لوڪ ادب (Folklore) تي تہ گهڻي ئي ڪم ٿيو آهي پر ڏک جي ڳالھہ آهي تہ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪارج رکندڙ لوڪ ڏاهپ تي ايڏي گهري نظر نہ وڌي وئي آهي، جو انھيءَ کي مسئلن جي حل ۾ ڪم آڻي سگهجي. هلندي هلندي اهو بہ عرض ڪري ڇڏجي تہ چين ۾ هيستائين جيڪا بہ ترقي ٿي آهي، انھيءَ جو بنياد چين جي لوڪ ڏاهپ تي رکيل آهي. مشينون تہ پوءِ ٿيون اچن. مشينن کاناڳ ۾ تہ اهو انسان ڪائونٽ ٿو ٿئي، جيڪو اهي مشينون ٺاهي ۽ هلائي ٿو. بھرحال جڏهن اڃا سنڌ ۾ سنڌ جي لوڪ ڏاهپ تي ايڏو ڪم نہ ٿيو آهي تہ انھيءَ کان اڳ الطاف شيخ سنڌي زبان ۾ جپان جي لوڪ ڏاهپ جا گُر ۽ سُرَ هن ڪتاب ۾ گڏي اسان جي اڳيان رکيا آهن. الطاف شيخ جي شديد محنت، سمجهہ ۽ جبلتن جي نتيجي ۾ هن ڪتاب جنم ورتو آهي، جنھن کي پڙهڻ سان دماغ جون ڪيتريون ئي کڙڪيون کلي پون ٿيون.
ڏور اوڀر جي سياڻپ ڪافي وقت کان وٺي، بلڪ ٻن ٽن هزار سالن کان وٺي اسان جي هتان جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي رهي آهي. انھيءَ سياڻپ جي باري ۾ جتي اسان وٽ حديث شريف ۾ مواد موجود آهي، اتي اسان وٽ ڪي چوڻيون بہ مشھور آهن. ايئن کڻي چئجي تہ هن وقت بہ اسان جي نيورو جينسز ۾ بہ ڏور اوڀر جي ڇڪ موجود آهي، جيڪا نسل در نسل هلي ٿي اچي. ٻيو تہ خود هن وقت بہ اسان وٽ ايشيا ۾ چين، ملائيشيا، ڪوريا، سنگاپور ۽ جپان اهڙا ملڪ آهن، جيڪي مادي ترقي جي حساب سان مغرب سان برميچجي سگهن ٿا. انھيءَ صورتحال ۾ اهو ضروري هو تہ انھن ملڪن جي لوڪ ڏاهپ کان بہ اسان کي واقف رهڻ گهرجي.
۽ اسان جي اها ضرورت الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ ۾ پوري ڪئي آهي. ايڏي وڏي ڪم کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

_ عبدالقادرجوڻيجو
2002-07-24
ڄامشورو

مھاڳ: ڊاڪٽر غلام علي الانا

هن ڪتاب جي مھاڳ لکڻ لاءِ الطاف شيخ جي ذهن ۾ منھنجو نالو ڪيئن آيو. هن مون کي ڇو منتخب ڪيو. اها خبر فقط الطاف کي ئي آهي. شايد ڪي شخص هن کي بہ ملي ڀڳت سمجهن، اهو شايد انھيءَ ڪري بہ سمجهن جو آءٌ الطاف جي مداحن مان هڪ آهيان.
الطاف لڳ ڀڳ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي، هن نوجوان جيترو سڄيءَ دنيا ۾ سفر شايد ئي ڪنھن ٻئي سنڌي جوان ڪيو آهي. قدرت وٽان مليل انھي موقعي کي سعادت سمجهي الطاف ان کي سجايو آهي. ان مان فائدو ورتو آهي ۽ دنيا جي باري ۾ جيترو هن لکيو آهي، اوتر شايد ئي ڪنھن لکيو هجي.
الطاف هونئن تہ افسانہ نگار جي حيثيت سان اسريو ۽ اڀريو، پر نيٺ اڳتي هلي هن سفرنامي واري صنف کي پنھنجي خاص صنف بنايو ۽ ان ۾ ايترو تہ لکيو اٿس جو الطاف شيخ ۽ سفرنامو هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿي ويا آهن ۽ سنڌي ادب ۾ سفرنامي واري صنف سندس نالي سان منسوب ٿي ويئي آهي.
مون کي اها خبر ڪانھي تہ هن نوجوان هن صنف جي فن جي باري ۾ ڪجهہ پڙهيو بہ آهي يا نہ، يا ڪيترو پڙهيو اٿس. پر سندس سفرنامن مان ظاهر آهي تہ الطاف هن وقت هن صنف جو هڪ ماهر، مڃيل ۽ مھان ليکڪ آهي. هڪ سڄاڻ واپاريءَ وانگي هن کي اها ڄاڻ آهي تہ بازار ۾ ڪھڙي شيءِ جي کپت وڌيڪ آهي، هن کي خبر آهي تہ سندس پڙهندڙ ڇا ٿو چاهي. هن پنھنجي پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهي، انھن کي اهو ڪجهہ ڏنو آهي، جنھن جي هنن کي تانگهہ هئي.الطاف هر ملڪ جو سفر ڪندي، اتي جي تھذيب ۽ تمدن، اتي جي وڻج واپار، اتي جي روز مرھ جي اٿڻي ويھڻي، اتي جي ماڳن ۽ مڪانن، اتي جي باغن ۽ باغيچن جي باري ۾ لکيو آهي. الطاف جي سفرنامن جو سڀ کان اهم نقطو هي آهي، جو هي جتي بہ ويو آهي، اتي پنھنجن جا پار پتا پڇيا اٿس _ يعني هو جتي بہ ويو آهي، اتي سنڌين جي ڳولا خاص طرح ڪئي اٿس. آفريڪا هجي يا انڊونيشيا، سلون هجي يا سنگاپور، ملائيشيا هجي يا مئڊاگاسڪر، هانگ ڪانگ هجي يا هونو لولو، هن هر هنڌ سنڌي دوڪاندارن، سنڌي واپارين ۽ سنڌي ماڻھن جي ڳولا ڪئي آهي ۽ انھن جي ثقافتي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي. سنگاپور واري سفرنامي ۾ هن سنڌين جي سڀيتا جو چِٽُ دل کي وڻندڙ لفظن ۾ چٽيو آهي.
الطاف جو هڪ ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ منھنجي سامھون آهي. ورهين کان منھنجي دل ۾ جپان جي زمين ۽ جپانين جي تھذيب ۽ گهرو زندگي ڏسڻ جي تمنا هئي. ڌڻي تعاليٰ منھنجي اها آس اپريل ۽ مئي 1978ع ۾ پوري ڪئي ۽ هوائي ٻيٽن جي زيارت تان موٽندي مون کي ٽوڪيو ۾ رهڻ جي دعوت ملي. اها دعوت هڪ جپاني ڪٽنب ڏني هئي، جنھن سان منھنجي هڪ نيپالي دوست جي معرفت ڏيٺ ويٺ هئي. آئون موقعو غنيمت سمجهي پنج ڏينھن ٽوڪيو ۾ رهيس ۽ پوءِ اوساڪا ويس، جتي مون کي جپان جي جڳ مشھور ”ائنٿراپالاجيڪل ميوزيم“ ڏسڻ جو شوق هو. ٽوڪيو ۾ جپان فائونڊيشن ۽ يونيسڪو جي اييشن برانچ ۾ مون کي ايشيائي ملڪن جي لوڪ ادب، لوڪ موسيقي ۽ ديومالائي آکاڻين بابت ڪافي معلومات ملي ۽ ائين محسوس ٿيو تہ جپاني، ٽيڪنالاجي سان گڏ لوڪ ورثي جي اڀياس سان بہ دلچسپي رکن ٿا.
جپان هن وقت لوڪ ادب، لوڪ موسيقي ۽ ائنٿراپالاجي مطالعي ۾ ڪافي اڳتي آهي. جپان جي انفرميشن جي بليٽن جي اردو سيڪشن ۾، هر دفعي ٻہ يا وڌيڪ لوڪ ڪھاڻيون يا ديو مالائي آکاڻين مان ڪي نہ ڪي ضرور ڏنيون وينديون آهن، جيڪي نہ فقط ڏاڍيون مزيدار هونديون آهن، پر انھن مان اڪثر جو پس منظر سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين يا ديومالائي آکاڻين جھڙو هوندو آهي.
الطاف هن ڪتاب جي مھاڳ لاءِ مون کي شايد انھيءَ لاءِ بہ ڦاسايو هجي جو کيس منھنجي عزيز دوست ظفر شيخ جيڪو منھنجي سفر وقت جپان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري هو، کان خبر پيئي هئي تہ مون جپان ۾ ڇا ڇا پئي ڪيو ۽ ڇاڇا پئي ڏٺو.
الطاف پنھنجي هن ڪتاب ۾ پنھنجي پسنديدہ صنف سفرنامي کان هٽي جپاني لوڪ ادب ۽ ڪجهہ قدر معياري ادب تي تبصرو ڪيو آهي. هن جھڙي طرح تنقيدي طرز سان جپاني معياري ادب ۽ جپاني لوڪ ادب جو تعارف ڪرايو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ هڪ نئون اضافو آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف جو هي ڪتاب هڪ نئين شيءِ آهي. هن پنھنجي وسري ويل واٽ وري ورتي آهي ۽ کيس جس هجي، جو هڪ نقاد واري نظر سان ٻوليءَ ۾ جپاني ادب جو پھريون دفعو تعارف ڪرايو اٿس.
الطاف گذريل ڏهن_ٻارهن سالن کان جپاني لوڪ ادب،معياري ۽ ديومالائي ادب متعلق جيڪي ڪجهہ پڙهيو آهي يا جيڪي ڪجهہ پنھنجن دوستن کان ٻڌو آهي، تنھنجو وستار ۽ نچوڙ هن ڪتاب ۾ ڏنو اٿس.
جپان جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ اڀياس آهي. هن ملڪ ۾ جديد ۽ قديم ڪلچر جو سنگم آهي. ٽوڪيو ۾، يا ٽوڪيو کان ٻاهر، هڪ طرف جديد تعمير واريون فلڪ بوس عمارتون نظر اينديون تہ ٻئي پاسي پراڻي طرز وارا گهر! جديد طرز واري رهڻي ڪھڻي کي اختيار ڪرڻ جي باوجود جپانين پنھنجي پراڻي ثقافت کي بہ نہ ڇڏيو آهي. سندن رهڻي ڪھڻي جي خبر ساڻن گڏ رهڻ سان پوي ٿي. جپاني ڪٽنب سان گڏ رهڻ سان محسوس ڪيو تہ سنڌ ۽ جپان جي وچ ۾ هزارها ميلن جو مفاصلو هوندي بہ جپاني ثقافت جا ڪي عنصر ۽ جزا سنڌي ثقافت سان ملن جلن ٿا. ان جو خاص سبب ٻڌ ڌرم جو اثر ٿو ڀانئجي. اسلام کان اڳ ٻڌ ڌرم سوين سال سنڌ ۾ سرڪاري مذهب رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اسان جي رهڻي ڪھڻي، ريت ۽ نيت تي ٻڌ ڌرم جا اڪيچار اچار حاوي پئجي ويا. انھن جو پتو چٽي طرح تڏهن پئجي سگهي ٿو، جڏهن اسان مان ڪو جپان، چين، هانگ ڪانگ ۽ ٿائلنڊ جو سفر ڪندو ۽ انھن ملڪن جي عام ماڻھن سان گڏ ڪي ڏينھن گذاريندو.
هن ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ ۾ الطاف جپان جي همعصر مزاحيه ادب، لوڪ ادب، لوڪ ڪھاڻين ۽ ديومالائي آکاڻين ۾ مزاحيه پھلو، جپاني ادب جو دور ۽ جپاني ادب جون صنفون بيان ڪيون آهن. هن نہ فقط جپاني ادب جي صنفن جا نالا ڳڻايا آهن، پر انھن جو تقابلي مطالعو پڻ ڏنو اٿس. هو لکي ٿو تہ ”وڪا“ ۽ ”ڪيوڪا“ جپاني شاعريءَ جا اهي قسم آهن، جيڪي اسان جي پئروڊي قسم جي شاعري سان ملن ٿا.الطاف کي جس هجي، جو هن سنڌي ادب ۾ پھريون دفعو جپاني معياري ادب، لوڪ ادب ۽ ديومالائي ادب جو نہ فقط تعارف ڪرايو آهي، پر ان ادب جون آکاڻيون ترجمو پڻ ڪري ڏنيون اٿس. منھنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ هي ڪتاب هڪ املھہ اضافو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترجمي واري حصي ۾ هي ڪتاب هڪ قيمتي واڌارو آهي.
هن ڪتاب ۾ الطاف جپاني ٻوليءَ جا پھاڪا پڻ ڏنا آهن ۽ انھن جي سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن سان ڀيٽ پڻ ڪئي اٿس. منھنجي ناقص راءِ موجب هن باب جي اڀياس سان جپاني تھذيب ۽ تمدن ۽ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي ڀيٽ لاءِ دلچسپي رکندڙن دوستن کي گهڻو مواد ملي ٿو سگهي.
الطاف انھن سنڌي آکاڻين مان هڪ آکاڻيءَ طرف نشاندهي پڻ ڪئي آهي، جنھن جون پاڙون جپاني ادب ۾ کتل آهن ۽ جيڪا پنڊت بنسي ڌر هنديءَ ۾ آندي، جتان ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھه“ جي نالي سان اسان جي ديس ۾ آئي. هن ڪتاب ۾ الطاف ڪيتريون ئي جپاني چونڊ ڪھاڻيون ۽ ديومالائي آکاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري جپانين جي عقيدت، اعتقادن، سندن ڀرمن جو چٽ پڻ چٽيو آهي.
الطاف شيخ جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ عموماً ۽ ائنٿراپالوجيءَ جي علم جي شاگردن لاءِ خصوصاً هڪ تحفو آهي.
الطاف هي ڪتاب لکي سنڌي ادب تي وڏو وڙ ڪيو آهي. منھنجي دعا آهي تہ اللھ تعاليٰ هن نوجوان کي پنھنجي ادب ۽ ثقافت جي خذمت ڪرڻ لاءِ توفيق ڏئي ۽ کيس وڌيڪ موقعا عطا فرمائي.

سنڌي زبان جو فدائي

ڊاڪٽر غلام علي الانا
1982-5-31
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

جپاني چرچا ڀوڳ ۽ مختصر ڪھاڻيون

جپاني ادب ۾ کل چرچي جو پھلو اوائلي دؤر کان هلندو اچي_ شروع جي ديومالائي آکاڻين ”ڪوجيڪي“ رومانوي ”مانيو شو“، پرين جي ڪھاڻين ”تاڪيتوري مونو_ گاتاري“ ۽ ”ڪوڪين واڪاشو“ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي مزاحيه ڊرامن “ڪيو گينڪي” تائين.
ان بعد ”ڪائيچو“ دؤر (1614-1596) يا ”گينوا“ دؤر (1623-1615) جون مزاحيه ڪھاڻيون بہ دلچسپ آهن. ان کان علاوه ارڙهين ۽ اوڻھين صديءَ ۾ سينريو (Senryu) جا ڇپيل ڪتاب: ”ياناگيدارو“ ۽ ”هينرا ڪوريگي“ پڻ جپانين جي سٺي چرچي ڀوڳ جي ساک ڀرين ٿا.
(سينريو بيت پڻ هائيڪو بيت وانگر ٿئي ۽ جپانين جي ايجاد آهي.) 1755 جو ڇپيل هڪ سينريو آهي:

شيني ني يُوڪُو
مي ني مو يوڪوؤ وا
نو ڪارُو ميچي.

مٿئين شعر جو شعر ۾ ترجمو ڪرڻ تہ عنايت بلوچ، تنوير عباسي يا ڪنھن ٻئي شاعر جي ئي همت جو ڪم آهي، بھرحال سوليءَ سنڌيءَ ۾ ان جو مطلب هي ٿيو ته: ”همراه موت ڏي ڪاهيندو وڃي پر پاڻ کي بچائي پيو رستي تي پيل ڇيڻن کان.“
يعني ڪو همراھہ خودڪشي ڪرڻ يا موت جي گهاٽ ڏي وڃي رهيو آهي، پر رستي تي ڪا گپ يا گند آهي، سو اتان لنگهڻ وقت پاسيرو ٿيو پيو لنگهي تہ متان چڪڻ ۾ پير يا ڪپڙا خراب نہ ٿي پون.
مٿيون سينريو شاھہ لطيف جي وفات وارن ڏينھن جو سمجهڻ کپي. جو شاھہ صاحب جو سن وفات 1752 آهي. ان کانپوءِ سگهو ئي 1754 ۾ احمد شاھہ درانيءَ سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ نور محمد ڪلھوڙي وفات ڪئي ۽ باقي هندستان ۾ انھن ڏينھن (1754_1750) ۾ فرينچن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ڪرناٽڪ ۾ جنگ هلي رهي هئي.
مٿئين شاعري کان علاوه ”ڪيوڪا“ ۽ ”وَڪا“ پڻ جپاني شاعري جا قسم آهن ۽ اهي اسان جي ”پئروڊي“ قسم جي شاعريءَ سان ملن ٿا_ پر ان ۾ اسان وانگر اصلي شعر يا شاعري جي مٽي پليت نٿا ڪن. هيٺ هڪ جپاني شاعر تائيا تيئريو (1734-1654) جي ڪيوڪا (شعر) جو ترجمو آهي:

”فيوجي جبل کي ڏسڻ
خواب ۾_____ ،
ڇا تہ رحمت آهي!
نہ سفر جو ٿڪ،
نہ مسافريءَ جو خرچ پکو.“

مٿيون جپاني شعر هڪ انگريزي شاعر ”پيئر سال سمٿ“ جي ٽيڙوءَ (Trivia) جي ياد ڏياري ٿو. جنھن ۾ هو رب جا شڪر ٿو بجا آڻي تہ چڱو جو سج لھي ويو ۽ هاڻ هن کي ان گهڙيءَ جي تعريف ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻو نہ پوندو.
بھرحال هتي ڪجهہ جپاني ڪھاڻيون (جن ۾ طنز ۽ مزاح جي چاشني بہ نظر اچي ٿي)، جپاني شعر: هائيڪو، سينريو ۽ جپاني جنن ڀوتن جون ڳالھيون_ جي گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ جپان ۾ جپاني دوستن کان ٻڌي ۽ مختلف ڪتابن تان پڙهي گڏ ڪيون اٿم، سي ڏنل آهن. انھن مان جن جا سن معلوم ٿي سگهيا، آهن اهي پڻ ڏنا آهن.
ڪھاڻين ۽ شعرن جو سٽاءُ ڪنھن بہ بنياد تي نہ ٺاهيو ويو آهي. بس جيئن جيئن ڌيان ۾ آيو آهي، تيئن تيئن ڏنو ويو آهي. ڪن ۾ چرچو ڀوڳ وڌيڪ ۽ ظاهر آهي تہ ڪن ۾ ڍڪيل لڪيل ۽ ڪن ۾ تمام ٿورو آهي ۽ فقط نموني خاطر ڏنو ويو آهي. ڪي تہ تمام پراڻيون ڳالھيون آهن ۽ انھن کي ان زماني جي حساب سان اهميت ڏئي سگهجي ٿي. ڪي وري اهڙيون ڳالھيون آهن، جن جھڙيون يا انھن سان ملندڙ جلندڙ اسان وٽ سنڌ هند ۾ بہ ملن ٿيون.
ڪن جپاني ڪھاڻين تي چيني ڪھاڻين جو اثر آهي يا چيني ڪھاڻين جي کار آهن. چينين تي جپانين جو اثر چئي نٿو سگهجي. ان ڪري جو چيني تھذيب تمام پراڻي آهي ۽ چيني تھذيب، ٻولي_ ويندي لکڻيءَ جواثر_ ۽ بنا شڪ جي تمام گهڻو اثر، جپاني تھذيب، ٻولي ۽ لکڻيءَ تي چيو وڃي ٿو.

شرابي

ڪنھن زماني جي ڳالھہ آهي تہ هڪ ماڻھوءَ کي هر وقت اهو روڄ هوندو هو تہ هن وٽ ايترو پئسو ناهي، جو کڻي ساڪي (جپاني شراب جيڪو چانورن مان ٺھي ٿو) وٺي پيئي.
هن جي زال کي ان جو ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. آخر هڪ ڏينھن پنھنجن ڊگهن وارن جون چڳون وڪڻي هن لاءِ ساڪي شراب جي اڌ بوتل وٺي آئي.
”مون کي ٻڌاءِ تہ هي تو ڪٿان آندو_؟“ مڙس پڇيس.
”مون پنھنجا اڌ وار وڪڻي آندو آهي.“
”ڪيڏي ڏک جھڙي ڳالھہ آهي جو منھنجي ڪري تو ائين ڪيو آهي.“
بدنصيب ماڻھوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پيار مان زال جي باقي بچيل وارن ۾ آڱريو ڦيريندي چيو:
”هائو، اڃا بہ اڌ بوتل ساڪي جي بچي ٿي.“

(چنوڪو موچي_ 1856ع).
******

ڪڪڙ جو مذهبي ٿيڻ

جپان ۾گهڻو تڻو ٻڌ ڌرم آهي. مندرن (پگوڊائن) ۾ گيڙو رنگ جا ڪپڙا پاتل بکشو (ٻاوا) ملندا. دنيا جي ٻين بکشوئن وانگر هي بہ روز مٿي کي پاڪي ڏين. يعني ٺوڙھہ ڪرائين ۽ گيڙو ڪپڙا پائڻ سندن هڪ مذهبي رسم جو حصو آهن.


ڪڪڙ جو مذهبي ٿيڻ

هڪ جابلومندر جي بکشوءَ کي هڪ ڪُڪڙ هٿ چڙهي ويو. هن کي ڪڪڙ کائڻ جو شوق تہ ڏاڍو هو پر اهڙين شين جي رڌڻ جي خبر نہ هيس.
بھرحال ڪڪڙ جا اڃا کنڀ پٽي رهيو هو تہ مالڪ اچي مٿان سھڙيس. ٻائو منجهي پيو تہ ڇا ڪجي. تڙ تڪڙ ۾ هن پنھنجو گيڙو رنگ جو ڪپڙو ڪڪڙ مٿان وجهي کڻي ان کي لڪايو ۽ نمونو اهڙو ڪيائين ڄڻ ڪا ڳالھہ ئي نہ ٿي هجي.
ڳالھين ڪندي اوچتو کنڀن پٽيل هي ڪڪڙ ڪپڙي سميت اچي مالڪ اڳيان بيٺو. مالڪ بہ وائڙو ٿي ويو، پر دل ٻڌي بکشوءَ کي عرض ڪيو:
”سائين هن جو مطلب معلوم ڪري سگهان ٿو؟“
بکشوءَ سنجيدو منھن ٺاهي وراڻيو: “ها اها ڳالھہ آهي تہ عجيب، پر هي ڪُڪڙ اوچتو مذهبي ٿي پيو آهي. مون گهڻو ئي جهليومانس پر نہ مڃيو. چي: “آئون بہ تو وانگر بکشو ٿيندس”. سو نيٺ پاڪيءَ سان وار ڪتري في الحال پنھنجو ئي پراڻو انگوڇو کڻي پارايومانس.
مٿين آکاڻي اسان جي جپاني افيس جي انچارج جپاني پراڻي ڪتاب ”هسياڪو مونو گاتري“ تان پڙهي ٻڌائي هئي. مٿين آکاڻي ٻڌ ڌرم تي ڪو حملو ناهي، پر هڪ ٻائي جي منافقي ۽ بدنيتيءَ تي چرچو آهي. جيئن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪتاب ”مرشد جي ڪانچ“، ”مرشد جي واچ“، ”مرشد جي ڏاڙهي“ ۽ ٻين ۾ مرشد جي ڪڌن ڪرتوتن جي پت وائکي ٿيل آهي، ڪوڙن ۽ ٺڳ پيرن مرشدن خلاف علي خان ابڙي بہ تمام گهڻو لکيو ۽ عوام کي انھن جي ڪوڙڪن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. علي خان ابڙو سنڌ جي هڪ نيڪ ۽ معزز هستي ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي مشھور اديب جمال ابڙي جو والد ۽ مشھور ڪالم نويس ۽ شاعره سلطانا وقاصيءَ جو نانو هو. سندس سنڌ جي ماڻھن لاءِ خذمت قرآن جو آسان زبان ۾ تفسير آهي.
ڪنھن مُلي لاءِ پڻ چرچو مشھورر آهي تہ حرام گوشت کائڻ وقت جڏهن هن کان پڇيو ويوتہ چوڻ لڳو: ”آئون تہ رڳو رس سان ماني پيو کان“_ يعني ”ٻوٽي حرام رهو حلال.“

غلط ڌڪو

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ ڪيوشجي نالي هڪ نوڪر جپان جي ڪنھن شھر ۾ پنھنجي مالڪ جي دل جان سان خذمت ڪندو هو ۽ سڄي گهر ۾ مثالي نوڪر سمجهيو ويندو هو.
هڪ ڏينھن مالڪ ڪنھن ڪم سانگي ٻي شھر ڏي جھڙو روانو ٿيو تہ نوڪر مالڪ جي زال وٽ آيو ۽ اچي چيائينس: ”آءٌ آهيان تہ تمام شرميلو_ پر منھنجي دل جي تھہ ۾ جيڪا ڳالھہ آهي، سا توسان اورڻ بنا رهي نٿو سگهان.“
مالڪياڻي شرمائيندي ۽ نخرو ڪندي چيس: ”منھنجي خيال ۾ تہ تون سڀني ۾ همت وارو نوجوان آهين. اها ڪھڙي ڳالھہ آهي، جا تون چوڻ ٿو گهرين؟“
”جيڪڏهن تون منھنجي اها ڳالھہ نہ مڃيندينءَ تہ منھنجي دل ڀڄي پوندي.“
مالڪياڻيءَ وراڻيس: ”جيڪڏهن اها ڳالھہ تولاءِ ضروري آهي تہ اڄ ڪلھہ توکي ان جو سٺو وجهہ آهي.“
”ها هينئر توسان ڳالھہ ڪرڻ جو سٺو وقت آهي، جو گهر ۾ ڪو موجود ناهي.” اهو چئي نوڪر مالڪياڻيءَ جي ويجهو ٿيو ۽ ڪن ۾ آهستي چيائين:“سانئڻ! سڀاڻي کان مون کي ماني ڪجهہ وڌيڪ ڏي. جو انھيءَ ٿوري ڀت مان منھنجو پيٽ نٿو ڀرجي.“

(ڪارو ڪوچي شويو گا_ هاشي تان ورتل)
(سال 1691ع جو ڇپيل ڪتاب)

ماءُ پيءُ

هڪ چاچي پنھنجي ڀائيٽي کي سمجهائيندي چيو: ”ٻچا ماءُ_پيءُ هڪ قيمتي شيءِ آهي. توهان ڪيترا بہ پئسا ڏيو، پر ماءُ_پيءُ خريد نٿا ڪري سگهو. توهان کي کپي تہ هنن جي هر وقت خذمت ڪريو.“
”ها اهو تہ صحيح آهي تہ اسان ماءُ_پيءُ کي خريد نٿا ڪري سگهون، پر مصيبت اها آهي تہ کانئن بيزار ٿي جيڪر اسين کين وڪڻڻ چاهيون تہ خريدار بہ تہ ڪونہ ملندو.“

سال 1698ع جي مزاحيه آکاڻي.

ڊاڪٽر

ڪنھن ڊاڪٽر جي نوڪر ڪا غلطي ڪئي. سو ڪاوڙ مان ڊاڪٽر ٻانھون کنجي کيس مارڻ ٿي آيو تہ نوڪر هٿ ٻڌي ادب سان چيس: ”ڊاڪٽر صاحب، مون کي لتون ڀلي هڻ، ٿڏا ڀلي هڻ، پر مھرباني ڪري مون تي پنھنجا هٿ استعمال نہ ڪر. ڇو جو انھن هٿن سان جنھن جو بہ تو علاج ڪيو آهي، اهو جيئرو نہ رهيو آهي.“

(1792 جي آکاڻي. ليکڪ سانتو ڪيودين. ڪتاب تارو بانا تان کنيل).

ڍڳو ٿيڻ

ڌارئين ٻوليءَ يا ماحول جو ڪو چرچو يا ڳالھہ ٻڌائڻ لاءِ ضروري آهي تہ اڳواٽ ان جو پس منظر ۽ حالتون سمجهائي، پوءِ چرچو يا آکاڻي ٻڌائجي. جيئن ان مان حظ وٺي سگهجي. ياوري آکاڻي ٻڌائي، پوءِ ان جو مطلب ۽ پس منظر سمجهائجي.
هڪ دفعي جپاني دوستن سان گڏ پنھنجو منھن وٺيو ويٺو هوس تہ اتي آيل هڪ ٻئي جھاز جي سنڌي همراھہ ڪئپٽن احمدمخدوم چيو: ”آهي تہ خير چئين آني واري ٽامنگي ۾ ويٺو آهين ڇا_؟“ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي کِل آئي ۽ سندس ان چوڻي کي ساراهيم. جپاني دوستن اچي ضد ڪيو تہ اهو ڪھڙو جملو هو، جنھن تان مون کي کل آئي. هنن کي ٺلھو ترجمو ڪري ٻڌايم تہ هنن کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي نہ اچي، جو هنن جپانين هتي ڄمندي ئي جپان ۾ ڏٺيون تيز رفتار گاڏيون ۽ ڪارون، انھن کي ڪھڙي سُڌ هالا کان هالا پراڻا يا اجن شاھہ ڳوٺ ويندڙ يا سعيداباد کان ونجهيري ۽ ٻاروچو باغ ويندڙ ٽانگنجي.
نيٺ انھن کي ٻڌائڻو پيو تہ بابا اسان وٽ شھرن يا ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي ٻن قسمن جا ٽانگا ٿين. هڪ يڪي سواري کڻڻ وارو، جن ۾ يڪو ڪٽنب يا دوست گڏ چڙهن ۽ انھن جي هڪ ٻئي ۾ اڳوٽ جي ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ڪري رستي تان ڳالھائيندا ۽ کلندا ويندا. ٻيا وري هڪ ٻئي سان ڄاڻ واقفيت نہ هجڻ ڪري پنھنجو پنھنجو ڀاڙو چار آنا ڏئي چڙهن. اهي اڻ واقف مسافر ظاهر آهي، هلندي وقت هڪ ٻئي سان خبرون چارون ڪرڻ بدران پنھنجو منھن هيڏانھن هوڏانھن ڦيري پنھنجن ئي خيالن ۾ ويٺا هوندا آهن. سو ان تان عام چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪو همراھہ ماڻھن جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ بدران هيڏانھن هوڏانھن پيو نھاري يا سوچي تہ معنيٰ چئين آني واري ٽانگي جو مسافر ٿيو.
بھرحال هيٺيون جپاني چرچو يا ڳالھہ بہ ٻڌائڻ کان اڳ ان جو پس منظر ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان.
جپاني ماڻھن جو چوڻ آهي تہ مانيءَ کانپوءِ يڪدم سمھڻ تي ماڻھو ڍڳو ٿيو پوي. اهو جانور جيڪو کائڻ کانپوءِ ليٽي رڳو ويٺو اوڳاري، ظاهر آهي تہ اهو ڍڳو ئي آهي.


ڍڳو ٿيڻ

هڪ همراھہ جو سست پٽ ڪم ڪار ڪرڻ بدران ماني کائي وڃي سمھندو هو تہ وري ٻي مانيءَ تي ئي اٿندو هو. نيٺ هڪ دفعي سندس پيءُ ڪاوڙ مان سمجهائيس: ”اهو ڇاهي جو رڳو ڊٺو پيو آهين. مانيءَ تي اٿين ٿو وري بستر اندر، اها ڪا سٺي عادت تہ نہ آهي. ڪنھن وٽ پورهيو ڪري پئسو ڇو نٿو ڪمائين؟“
پٽ وراڻيو: ”آءٌ بہ اها ئي ڳالھہ سوچي رهيو آهيان.“
پيءُ چيس: ”پوءِ ڇاسوچيو اٿئي_؟“
”سوچيان پيو،“ پٽ وراڻيو،”ڇو نہ ڍڳو ٿي ڪنھن وٽ وڃي گاڏي ڇڪيان.“

(هيءَآکاڻي جپان ۾ 1802ع ۾ ڇپي. ڇپائيندڙ: سڪورا گاوا).

ڊاڪٽرن جي عنايت

هڪ دفعي دوزخ ۾ ايندڙن جو تعداد گهٽجي ويو. سو اتي جي رهواسين هوا کي منٿ ميڙ ڪئي تہ زور زور سان لڳ جيئن دنيا ۾ انفلوئنزا پکڙجي وڃي.
ائين ٿيو ضرور پر ڊاڪٽرن جي ڪري ماڻھو بچي ويا. شيطانن ٻي ميٽنگ ڪئي ۽ اهو سوچيائون تہ ڇو نہ ڊاڪٽرن کي ماري ڇڏجي. پر ڪنھن سياڻي شيطان صلاح ڏنن تہ متان اهڙو ڪچو ڪم ڪيو اٿانوَ. اهو جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ڪڏهن ڪڏهن مريو ٿو اچي اها ڊاڪٽرن جي ئي تہ عنايت آهي.

(1715 جي ڪھاڻي)

جوابي حملو

هڪ ڏٻرو همراھہ دوائن جي دڪان ۾ گهڙيو ۽ دڪاندار کان پڇيائين تہ ڪا اهڙي دوا اٿئي، جيڪا طاقت ۽ جوش گهٽ ڪري.
دڪاندار چيس: ”تون هونئن ئي ڪمزور لڳو پيو آهين. توکي اهڙي دوا واپرائڻ جي ڪھڙي ضرورت.“
”نہ، نہ! اها مون کي پاڻ لاءِ نہ کپي، پر پنھنجي زال ۽ وهاريل سريت لاءِ کپي.“

ڪجهہ جپاني پھاڪا

1_ اکيون بہ ايترو ئي ڳالھائين ٿيون جيترو وات.
2_ اويا باڪا، ڪوريڪو
مائٽ بيوقوف، ٻار عقلمند.
(جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”ڀلن پيٽان ڍلا. ڍلن پيٽان ڀلا.“

3_ باندر ٻئي باندر جي ڳاڙهي پُٺ ڏسي کلي.
(ساروُ نوشري ورائي.) مطلب اهو ئي تہ مينھن چوي ڍڳيءَ کي هل ڙي پڇ ڪاري هل.
4_ اگهاڙي ماڻھوءَ اڄ تائين ڪجهہ نہ وڃايو آهي.
جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي: Nothing is Never in Danger يا اسان وٽ سنڌي ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ: ”ڍڳو نہ ڍور، ڇا ڪندو چور.“
5_ جپاني ۾ هڪ چوڻي آهي: يومَي نو يوڪيھاشي: معنيٰ خوابن جي پل. اها چوڻي مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. خاص ڪري موري ۽ دادوءَ جي پل ٺھڻ کان اڳ ٽوڪيو ۾ ڪڏهن سيتا روڊ جو اقبال سولنگي يا موري پاسي جو جان محمد ڪيريو ان بابت چوندو هو تہ کين ورندي ڏيندو هوس تہ جيسين اصل پل ٺھي تنھن کان اڳ توهان موري ۽ دادوءَ وچ ۾ ”يومي نو ڪيھاشي“ (خوابن جي پل) ٻڌرائي ڇڏي آهي.
6_ گهٽ لاڏڪوڏ ۾ پليل عورت وڌيڪ پيار ڏيئي ٿي.
7_ جبل جي سونھن سندس اوچائيءَ ۾ نہ پر ان تي بيٺل وڻن ۾ آهي. ماڻھوءَ جو مان سندس ٿولھہ جي ڪري نہ پر سندس عقل جي ڪري آهي.
8_ بيوقوف کان وڌيڪ ٻي ڪا خطرناڪ شيءِ آهي ئي ڪانھ.
9_ ڪنجين جي پھري تي چور وهارڻ.
(جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي مشھور آهي تہ جَوَ ڍيري گڏھہ رکپال).

10_ جپانيءَ ۾ هڪ پھاڪو آهي، جيڪو پھاڪي کان وڌيڪ فلاسافي ٿو لڳي: ”شي گانگاريتي ڪوتوها گاشيروم.“ (پٿر تري وڃن ٿا ۽ پَن ٻڏن ٿا)_ اهو ٻڌي شاھہ لطيف جو هي شعر ڌيان ۾ ايندو آهي: ”پن ٻوڙين پاتال ۾_ پھڻ تارين تون.“
11_ رئندڙ ٻار ۽ مئجسٽريٽ تي ڪنھن جو وس.
12_ مري ويل ٻار جي عمر ڳڻڻ.
13_ جيڪي جيئن ٿا، انھن کي ضرور مرڻو آهي.
جيڪي ملن ٿا انھن کي ضرور وڇڙڻو آهي. جيئن هڪ انگريزي چوڻي آهي: We Meet to Depart.
14_ عورت جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي: ”اچي اوشي (پھرين همت)، ني ڪاني (ٻي دولت) ۽ سان اوتوڪو (ٽي صورت).“
15_ پھرين بيضوي منھن، پوءِ گول.
اهي جپاني سونھن جي معيار جا درجا آهن ۽ ان کانپوءِ سونھن ۾ ٽئي نمبر تي تانگهو منھن، چوٿين تي چورس ۽ پنجين نمبر تي ڊگهو منھن آهي. اهو جپاني پھاڪو ٻڌي مون کي پنھنجي ننڍي کنڊ جي سونھن جو معيار ۽ عورتن جا چار قسم ياد اچن ٿا: پدمڻي، ڪامڻي، استري ۽ چوٿين نمبر تي شنکڻي. شعر آهي تہ :
پدمڻي تو پلڪ نيندڙ_ پھر نيندڙ ڪامڻي
اڌ رات جاڳي استري اور سورج جاڳي سنکڻي
(پدمڻي فقط پل اڌ ٿي ننڊ ڪري ۽ ڪامڻي پھر کن. استري اڌ رات سمھي ۽ پوءِ اٿي ٿي ۽ شنکڻي سج اڀرڻ تائين سمھي).
مٿين شعر جي خبر ناهي ضرورت هئي يا نھ. پر اميد اٿم تہ پڙهندڙن کي وڻندو. مون بہ ويجھڙائيءَ ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ڪتاب “ٻولي منھنجي ماءُ” ۾ پڙهيو آهي. ان قسم جا بہ ٻيا بہ شعر ڏيان ٿو.
پدمڻي تو سات برسي، پانچ ترسي ڪامڻي
تين برسي استري اور ٻارهين ماسي سنکڻي.
(پدمڻيءَ جھڙي نازڪ ۽ خوبصورت عورت سگهو سگهو ٻار نہ ڄڻي پر ستن سالن کانپوءِ ڄڻي. ڪامڻي پنجن سالن جي انٽرويل کانپوءِ، استري ٽن سالن کانپوءِ ۽سنکڻي هر ٻارهين مھيني.
پدمڻي تو پون جاڳي، پائون جاڳي ڪامڻي،
سڏ جاڳي استري اور سٽ جاڳي سنکڻي.
(پدمڻي جي نازڪپڻي جي اها حالت آهي، جو هوا جي هلڪي جهوٽي تي بہ اک کليو ٿي پويس ۽ پير جي کڙڪي سان ڪامڻي جاڳي ٿي. سڏ تي استري ۽ سڀ ۾ چنڊي_ سنکڻي، تڏهن جاڳي جڏهن ڌڪ موچڙو هڻجيس.

جپاني شاعري

سينريو جپاني شاعري جو قسم آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ايترو مشھور نہ ٿيو آهي، جيترو هائيڪو. سينريو کي ڪي شاعر_ تاج بلوچ جھڙا ”چِٽُ“ ٿا سڏين. باقي هائيڪو ساڳي نالي سان مشھور آهي. سينريو جو فارمئٽ بہ هائيڪو وانگي آهي يعني پھرين سٽ ۾ پنج پد/ماترائون /رڪن (Syllables). ٻيءَ سٽ ۾ ست ۽ آخريءَ ۾ وري پنج. مثال طور:

واگا يادو وا_ پنج پد
(منھنجي جهوپڙيءَ ۾)
ڪو_ چي_دي فو_ اي _ تي _ مو _ ست پد
(مون کي فقط سيٽي وڄائڻي پوندي.)
دي_ رُو_ڪا_ڪا_نا_ پنج پد.
(۽ ٻاهران مڇر اچي ڪاءُ ڪندا.)
هيٺ هڪ جپاني هائڪو آهي، جنھن جي بيھڪ پڻ ساڳي آهي.

”ڪُورو تو اي يو
فومي ڊي هي باڇي وو
فو اي تي اي رُو“
”هوءَ پنھنجي باڊيءَ جي اندي پئي اگهي،
آيل خط سان،
جنھن ۾ يار جي اچڻ جو نياپو آهي.“

هونءَ سنڌي هائيڪو جي بيھڪ ٿوري بدلائي وئي آهي. جيئن هيٺئين هائيڪو جي هر سٽ ۾ چار سليبل آهن:

ساز رکيل ڀت ساڻ،
بند اکيون چپ ڳائڻو،
آهيس راڳن ساڻ رهاڻ.
سنڌيءَ ۾ هائڪو جو بنياد بقول قمر شھباز جي نارائڻ شيام رکيو ۽ سنڌ ۾ هائيڪو تي گهڻو ڪم امداد حسينيءَ ڪيو آهي. ائين تہ تنوير عباسيءَ بہ چڱو ملھايو آهي، جنھن جا ڪجهہ هائڪو هن ريت آهي:
_ هي ٽشو پيپر
سرهو اڄ ڀي جنھن سان تو
اگهيو ڪالھہ پگهر

_اندر آئي پاڻ
۽ مون کان ئي ٿي پڇي
ڇا جي آ سرهاڻ

_ڏنئي ڪالھہ چمي
اڄ بہ منھنجي ڳل تي
ان جي آهي نمي.

هائيڪو اڙدو زبان ۾ بہ ڪافي لکيو پيو وڃي. شروع ۾ جڏهن هائيڪو پاڪستان ۾ متعارف ٿيو هو تہ اڙدو جي هڪ مزاحيه شاعر دلاور فگار پنھنجي مخصوص رنگ ۾ ان جو هن ريت آڌرڀاءُ ڪيو هو:
”همين شعور ڪھان هي ڪي هائيڪو لکهين
خود اپني ڪو نھين آتي پرائي ڪو لکهين“

۽ هڪ ٻئي بزرگ شاعر راغب مراد آباديءَ هيئن فرمايو:
خذمت ادب و شعر ڪي بي حد ڪيجئي
هرگز نہ ڪوئي صنف سخن رد ڪيجئي
سرمائيه اردو مين اضافي ڪي لئي
جاپان سي هائڪو درآمد ڪيجئي.

هڪ ٻہ اڙدو ۾ لکيل هائڪو، جيڪي مون کي پسند آهن ۽ منھنجي ڊائريءَ تي نوٽ ٿيل آهن:

اونچي هوئي مڪان
ليڪن هم سي روٺ گئي
آنگن اور دالان

ڪوئيٽا جي هڪ شاعر جو هائيڪو آهي:

يه ڪوهِ مردار
سرما ڪي راتون مين هي
ميرا پھريدار

۽ هي شايد ڪنھن سنڌ جي شاعر جو هائيڪوآهي:

مڪلي ديکها هي
تيري جاني سي جانان
يه دل ايسا هي.

اهڙي طرح هڪ ٻيو اڙدوءَ جو ٺاهوڪو هائيڪو آهي:
چڙيون ڪي چھڪار
سن ڪر مجهہ ڪو ياد آيا
ميرا پالن هار.

سنڌيءَ ۾ هائيڪو تمام گهڻو لکيو پيو وڃي ۽ نوان توڙي پراڻا شاعر هائيڪو لکي رهيا آهن. منھنجي ڊائريءَ تي لکيل هائيڪو مان ڪجهہ هتي ڏيان ٿو:

_صبح کاڌم ساڳ
سانجهي تائين سرمد جو
ويٺي ٻڌم راڳ

- خواجه ذوالفقار

_ سانوڻ ساٺ ڪيا
گهاٽ ڪناري گهاريل پل
تو سان ياد پيا.

- ضيا شاهد

_ ڪين ڪٽي سگهندا
ڏاڍ جا پوڄاري
جوڌن جا رستا
(تاج بلوچ)

_بي ڏوهي ناري
هڪڙي نجي جيل ۾
شڪ ۾ هئي ڪاري
(زبيده ميتلو)

_چوڏس جو کائي
هاءِ! هن دور ۾
پئسو نہ پائي
(زبيده ميتلو.)

ڪجهہ جپاني سنيريو

”اهو جيڪو آهستي ڪڙو ٿو هڻي
ڊاڪٽر جي در تي
پڪ ڪنھن اهڙي تھڙي ئي ڪم لاءِ آيل آهي.“
(ظاهر آهي جيڪڏهن ڪنھن دوا درمل يا علاج يا ويم جي سلسلي ۾ ڪو آيل هجي ها تہ اڇت اڇت ۽ ڏاڍيان در کڙڪائي ها.)

”ڊاڪٽر سڀ بيٺا
واکاڻ ڪن
وصيت نامي جي.“
(ڊاڪٽرن جي اچڻ کان اڳ ئي مريض راھہ رباني وٺي ويو آهي. هاڻ ڊاڪٽر ماٺ ڪري هلي وڃڻ بدران مري ويل جي وصيت نامي جي ويٺا تعريف ڪن، جيڪو هن مرڻ کان ڪجهہ وقت اڳ لکائيو آهي.)

”هڪ ڏينڀو
حد درجي جي وفادار عورت جو بہ
اڳٺ کولرايو ڇڏي.“

اهڙي ئي مفھوم جو هڪ ٻيو جپاني شعر آهي:
“اري هتاتسو (هڪڙي اڪيلي ماڪوڙي)
موسومي زاڪاري وو (گلن جھڙي سھڻي ڇوڪري کي)
هداڪاني شي (اگهاڙو ڪريو ڇڏي).”

”ڪنول جي گل جو
سٺو وهنوار آهي
سڀني فرقن سان.“
(ٻڌ ڌرم جا سڀ فرقا پنھنجو پاڻ ۾ پيا وڙهندا. پر سڀ ڪنول جو گل پنھنجي مذهب جي نشانيءَ خاطر استعمال ڪن ٿا.)


”هي صابرين انسان هو،
رنگريز
هن کي خود اچي سندس ڪم ڏنو.“
(رنگريز خاص ڪري جپان ۾، وقت اندر ڪم پورو ڪري نہ ڏيندا هئا. ماڻھو چڪر هڻي هڻي ٿڪجي پوندا هئا. پر هي هڪ انسان اهڙو تہ صبر وارو هو، جو ماٺ ڪري ويٺو رهيو ۽ رنگريز سندس ڪم کيس پاڻ اچي گهر پھچايو).

“سريت
هن کي ڇتو ٿي ڪري تہ دڙڪا ڏئيس
مزي خاطر.”
سريت لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هوءَ مرد جي فطرت مان چڱي ريت واقف هوندي آهي. هن کي خبر آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن مرد چاهي ٿو تہ عورت تي رعب ڄمايان ۽ دڙڪا ڏيان ۽ پوءِ هن کي معاف ڪرڻ ۾ بہ کيس مزو اچي ٿو ۽ پوءِ پرچائڻ وقت کيس پئسا ڏيندي راحت محسوس ڪري ٿو.

“دستن جو مريض
ڪاڪوس مان ٻاهر تہ نڪري پيو
پر هن جي چھري تي افسوس آهي.“
(مريض ڪاڪوس مان ٻاهر اچي پيو، پر هن کي سڌ آهي تہ هن کي وري اندر وڃڻو پوندو ۽ هي ٻاهر نڪرڻ “وقت” جو زيان ئي ٿيو).

“مڇر ڳوليو ڳوليو
اهڙي جاءِ تي چڪ ٿو هڻي
جتي کنھڻ لاءِ اسان جو هٿ بہ نہ پھچي.”

“جيت بہ
سوچين ٿا تہ هيءَ دنيا
فقط سندن ئي آهي.”

مختصر مزاحيه ڪھاڻيون


جپاني ”ڪوباناشي“_ مختصر مزاحيه ڪھاڻي ۾ بہ اهو ئي مزو آهي، جيڪو ڪيوشي، ڪيوڪا، سينريو ۽ هائيڪو ۾ آهي_ اهي سڀ جپاني ادب جا مختصر حصا آهن. اڄ جو انسان هنن ڪھاڻين مان شايد اهو کل چرچو_ مزو ۽ فلسفو ماڻي نہ سگهي، جو هيٺ ڏنل مختصر مزاحيه ڪھاڻيون جپان جون قديمي آهن ۽ ان کان وڌيڪ تہ سترهين صديءَ کان بہ اڳ جون آهن. هونءَ بہ ڪي ڪي ڳالھيون لطيفا ۽ ڪھاڻيون ۽ شعر اهڙا هوندا آهن، جو هڪڙي ٽھي پسند ڪندي آهي تہ ٻي نہ. بھرحال هيٺ ڪجهہ جپاني مختصر ڪھاڻيون آهن، جن مان پڙهندڙ جپان ۽ جپاني ماڻھن جي ادب، ٻولي، مزاح ۽ تھذيب کي پرکي سگهي ٿو.

اڻ قبولي طلاق

هڪ همراھہ ڪيترائي سال گڏ رهڻ بعد پنھنجي زال مان اچي ڪڪ ٿيو ۽ هن کي چيو: ”تنھنجي تہ شڪل مان ئي اچي بيزار ٿيو آهيان. مھرباني ڪري هتان مون وٽان هلي وڃ.“
”چڱو، اها جي ڳالھہ آهي تہ مون کي پيڪي ڇڏي اچ.“ زال وراڻيس ۽ پاڻ تيل ڦليل ۽ هار سنيگار ڪري شاديءَ وارو وڳو پائي هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
مڙس جو هاڻ کيس ڏٺو تہ هو وري موهت ٿي پيو، پر جيئن تہ پاڻ ئي کيس لوڌيو هئائين، سو ڪيئن پرچڻ لاءِ چويس. منجهيل من سان کيس ڇڏڻ لاءِ اٿيو.
سندس زال جو گهر درياءَ جي ٻئي پار هو، سو ٻيڙيءَ ۾ درياءَ ٽپائي کيس چيو: ”توکي ٻيڙيءَ ۾ درياءَ ٽپايو اٿم. ان جو ڀاڙو ڏي.“
زال حيرت مان وراڻيس: ”اها ڪھڙي ڳالھہ جو مڙس زال کان ڀاڙو گهري.“
”اهو فقط تڏهن، جڏهن شادي شده هئاسين. طلاق کانپوءِ زال مڙس جو ڪو واسطو نہ ٿيو. سو بنا ڀاڙي جي تون وڃي نٿي سگهين ۽ جي تون ڀاڙو نٿي ڏ ئي سگهين تہ واپس هل.“
اهو چئي هن کي ٻيڙيءَ ۾ واپس وٺي آيو ۽ باقي حياتيءَ جا پنج سو اسي سال خوش ٿي ساڻس گڏ گذاريائين.

(مٿين ساڳي ڪھاڻي جپان جي ڏاکڻي ٻيٽ شڪاڪو ۽ هونشو تي ڪجهہ ٻئي نموني سان مشھور آهي، جنھن ۾ طلاق وارو ٽئڪسي ڊرائيور آهي. اها ڪھاڻي اڳيان ڏجي ٿي.)

ٻيو رخ

سڀ کان پھرين ڪيس جا تفصيل

ڏوهاري_مئڊم ساتوڪو، عمر_اوڻٽيھ سال، ڏوهه_ مڙس جو قتل.
مئڊم ساتوڪو عورتن جي هڪ ڪاليج مان جنگ جي زماني ۾ گرئجوئيشن ڪئي، پوءِ هن هڪدم بزنيس فرم ۾ نوڪري اختيار ڪئي. جنگ دوران هڪ اهڙو وقت بہ آيو جڏهن ڪمپنين کي اسٽاف نہ پئي مليو. مرد ماڻھو سڀ فوج ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ انھن جون جايون عورتن سنڀاليون هيون.
جنگ ختم ٿيڻ تي، اهي مرد جيڪي فوج ۾ هئا آهستي آهستي موٽڻ لڳا ۽ پوءِ عورتن کي نوڪرين کان پري ڪرڻو پيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ انھن جو وڏو تعداد نوڪرين مان ڪڍيو ويو. مئڊم ساتوڪو بہ انھن مان هڪ هئي.
جنھن وقت هوءَ نوڪريءَ ۾ هئي، ساتوڪو هڪ ساٿي ورڪر سان محبت ڪرڻ لڳي هئي. ان جو نالو يوڪوچي هو. هن جلد ئي ساتوڪو سان شادي ڪري ورتي. هي شخص ساتوڪو کان ٽي سال وڏو هو. هن جي تعليم ڪا خاص نہ هئي، فقط مڊل پاس هو پر ساتوڪو جو هن سان پيار ٿي ويو.
اٺن سالن تائين هي ٻئي عام طرح زال مڙس ٿي رهندا آيا. هنن کي ٻہ ٻار بہ ٿيا. هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري. جيئن تہ هن جي مڙس يوڪوچيءَ جي تعليم گهٽ هئي، ان ڪري هو فقط هڪ معمولي ڪلارڪ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ هن جي ترقيءَ جو بہ ڪو امڪان نہ هو. پر اهو آهي تہ هو انھن ماڻھن مان هو جيڪي هڪ هنڌ ڄمي ڪم ڪن. هن جو پگهار گهٽ هو پر هو مڙيئي ڪنھن طرح سان گذارو ڪري رهيا هئا ۽ گڏو گڏ ڪجهہ بچائي بہ رهيا هئا.
وري ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ گهٽرائي اچڻ جو سال اچي ويو ۽ ان ۾ هن جي فرم فيصلو ڪيو تہ ڪجهہ ڪم وارن جي تعدد ۾ گهٽتائي آندي وڃي. جيئن تہ يوڪوچيءَ ۾ ڪا خاص قابليت نہ هئي ان ڪري هن کي بہ بيڪار سمجهي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو.
نوڪريءَ مان نڪرڻ تي يوڪوچيءَ جي حالت خراب ٿي وئي. ڪجهہ چوڻ چوائڻ تي هن کي ڪجهہ ڪم ملي ويو ٿي، پر اهو فقط عارضي قسم جو. ڏکيو ۽ گهٽ ڏهاڙي تي هوندو هو. نتيجو اهو نڪتو جو وري گهر هلائڻ لاءِ سندس زال ساتوڪو کي ٻاهر نڪرڻو پيو.
پھرين پھرين هن کي جيڪو ڪم مليو، اهو بئنڪ جي لاءِ رقمون وصول ڪرڻ جو هو. هن قسم جي ڪم جهجهو وقت ٿي گهريو، ۽ ان ۾ ڪميشن بہ گهٽ هئي. پوءِ هن جلد ئي اهو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ هڪ لائيف انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شروع ۾ تہ آمدني تمام گهٽ هئي، پر جلد ئي سٺا نتيجا نڪرڻ لڳا. ان عورت جنھن هن کي هيءَ نوڪري وٺي ڏني هئي، هن کي نوڪريءَ جون ڪجهہ اٽڪلون پڻ ٻڌايون.
ساتوڪو سھڻي تہ نہ هئي پر سندس اکيون ڪشش واريون هيون ۽ هن جي مرڪ تمام گهڻي دلفريب هئي. هوءِ تعليم يافتہ هئي ۽ سندس ڳالھائڻ جي انداز ۾ ميٺاج هو. جلدي هن جي آمدني هر مھني اٽڪل تيرهن چوڏهن هزار رپين تائين پھچي وئي.
اهو بہ هڪ اتفاق هو جو ساتوڪو کي جنھن وقت نوڪري ملي تہ ان وقت سندس مڙس يوڪوچي بلڪل بيروزگار ٿي ويو. منجهس ڪا خاص قابليت نہ هجڻ ڪري هو مجبور هو تہ زال جي ڪمائي تي گذارو ڪري. هو اڪثر گهر ۾ ئي ويٺو رهيو ٿي.
انشورنس ڪمپنين ۾ زبردست حرفتي ڇڪتان لڳي رهي ٿي ۽ ساتوڪو کي هر وقت اهو فڪر هو تہ جيڪڏهن هن جي آمدني بند ٿي وئي تہ هوءَ ڇا ڪندي. بھرحال هوءَ هر وقت نئين نئين ڪمپني يا اداري جا ماڻھو انشورنس ڪرائڻ لاءِ ڳوليندي وتندي هئي. آخرڪار هن هڪ ڊئم جي تعمير جي سائيٽ کي تاڙي ورتو. بجليءَ جون ڪمپنيون دراصل پاور جا نوان ذريعا ڪڍي رهيون هيون ۽ ان ڊئم جي تعمير ان جو هڪ حصو هو. هي ڪم هڪ وڏي تعميراتي ٺيڪيدار ذريعي ٿي رهيو هو ۽ ڪيترائي هزار ماڻھو سائيٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا. ڪم اهڙو هو جو سڀني کي پنھنجي زندگيءَ جو خطرو لڳل هو ۽ زخمي ٿيڻ جو پڻ انديشو هو ڇو جو هتي ڊائنامائيٽ وغيره جو استعمال پڻ عام هو. سائيٽ جابلو علائقي ۾ هئي ۽ اوستائين پھچ چڱي ڏکي هئي.
ساتوڪوءَ انھن سائيٽن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هوءِ پاڻ سان گڏ هڪ ٻي ايجنٽ عورت کي وٺي ويجهي سائيٽ ڏي رواني ٿي. هنن سفر جو ڀاڙو پنھنجي کيسي مان ڏنو.
مزورن سان هنن گهڻي لھہ وچڙ نہ رکي جو هنن جو ڪو بہ پڪو ٺام ٺڪاڻو نہ هو ۽ کين اڪثر هڪ سائيٽ کان ٻيءَ سائيٽ ڏي موڪليو ويو ٿي. هي ٻئي عورتون انجنيئرن ڏي ويون. هو آپريٽرن، مڪينڪن ۽ فورمينن سان مليون، پر هي سڀ ماڻھو پھرين کان هڪ خاص رقم جي بدلي ۾ ويما ڪرائي چڪا هئا. هنن عورتن هنن کي انھن خطرن کان آگاھہ ڪيو، جيڪي کين درپيش هئا. نتيجي ۾ انھن مان ڪيترائي تيار ٿيڻ لڳا تہ هو پنھنجي ويمي پاليسي (ڪوريج) کي وڌيڪ وڌائين. مطلب تہ سٺا نتيجا نڪتا. پريميم ساليانو هو ۽ هن جي هڪ ئي قسط ۾ ادائيگي ٿي ٿي.
ساتوڪو جي هيءَ نئين ڳولا اهم ڪاميابي ثابت ٿي. هن جي آمدني هڪدم ٻيڻي ٿي وئي ۽ ٿورن ئي مھنن ۾ ٽيھہ هزار ماهياني تائين پھچي وئي. هيڏانھن هن جي زندگي وڌيڪ بھتر ٿي ۽ هوڏانھن يوڪوچي گهڻي کان گهڻو سست ۽ ٽوٽي ٿي پيو. هو خودمختيار تہ هئو ئي ڪونھ. هن ساتوڪو جي ڪمائي تي ڀاڙيو ٿي. هاڻ هن نوڪري ڳولڻ جي ڪوشش بہ ڇڏي ڏني. ان کان علاوه هن شراب پيئڻ پڻ شروع ڪيو. پھرين هو نہ پيئندو هو پر جيئن تہ ساتوڪو گهڻو تڻو گهر کان ٻاهر رهي ٿي ۽ هن گهر جو سڄو خرچ پکو يوڪوچيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنھن مان هن پئي پئسو تڳايو. پھرين هو ٿورا پئسا چورائيندو هو، پر پوءِ جيئن ئي آمدنيوڌي تہ هي وڏو هٿ هڻڻ لڳو.
ساتوڪو بھرحال هن کي ڪجهہ ڇوٽ ڏيندي رهي جو هن سمجهيو ٿي تہ هي غريب سڄو ڏينھن گهر ۾ اڪيلو رهي ٿو، جيتوڻيڪ هن کي مڙس جي اها شراب نوشي پسند نہ هئي ۽ هن اهو بہ سمجهيو ٿي تہ هن جو مڙس کانئس ڊڄي ٿو. اها ڳالھہ بہ هن کي سٺي نٿي لڳي. ان ڪري هڪ ٻہ دفعا هن پنھنجي سامھون يوڪوچيءَ کي چيو بہ تہ هو جيڪڏهن ٻاهر وڃي ڪجهہ پيئڻ پيارڻ چاهي تہ وڃي سگهي ٿو. اهڙي موقعي تي يوڪوچي خوشيءَ سان گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو.
۽ هي ئي اهو زمانو هو جو يوڪوچيءَ پنھنجي لاءِ هڪ محبوبا ڳولي ورتي. بعد ۾ جيڪي ڪجهہ ٿيو، ان لاءِ جيڪڏهن اهو چيو وڃي تہ ان جي گهڻي کان گهڻي ذميواري خود ساتوڪو تي ئي عائد ٿئي ٿي تہ غلط نہ ٿيندو _ ڇو جو هوءَ پاڻ ئي هئي جنھن پنھنجي مڙس يوڪوچي کي هڪ عورت مھيا ڪئي.
هڪ ڏينھن هوءَ رستي تي هڪ ڪاليج جي ساهيڙيءَ سان ملي هئي_ هيءَ عورت جنھن جو نالو واڪيتا هو هڪ بيواھہ هئي ۽ هن شبويا جي علائقي ۾ هڪ پب هلايو ٿي. هن ساتوڪو کي پنھنجو ائڊريس ڪارڊ ڏنو. ڪاليج جي ڏينھن ۾ هوءَ حسين عورتن ۾ شمار ٿيندي هئي. پر هاڻ هوءَ سنھي بہ ٿي وئي هئي ۽ ڪنھن حد تائين بي رنگ بہ. هن جو منھن لومڙيءَ جھڙو ٿي ويو هو. ڪير بہ نٿي چئي سگهيو تہ هوءَ ڪا سھڻي بہ رهي هوندي.
”آئون ڪنھن ڏينھن توسان ملڻ اينديس.“ موڪلائڻ وقت ساتوڪو چيس. گهر پھچي ساتوڪو پنھنجي ساهيڙيءَ جو ذڪر پنھنجي مڙس سان ڪيو.
”آئون پيئڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. آئون اوڏانھن ئي وڃان ٿو، پڪ تنھنجي ساهيڙي مون کي رعايتي قيمت تي شراب ڏيندي.“ يوڪوچيءَ چيو.
”صحيح آهي ضرور وڃ.“ خوشدليءَ سان ساتوڪو چيو. ڪجهہ عرصي بعد يوڪوجي اتي پھچي ويو ۽ هن ان جو ذڪر پنھنجي زال ساتوڪو سان ڪيو.
”هن جو پب تمام ننڍو آهي. بس ڇھہ ست گراهڪ مس ٿا ويھي سگهن، پر ان ۾ جيڪو شراب ملي ٿو، اهو ڪو سادو نہ آهي. هن تنھنجي ڪري مون کان پئسا بہ گهٽ ورتا.“
”تمام سٺو،“ ساتوڪو وراڻيو،”اها تہ هڪ سٺي ڳالھہ آهي جو هن منھنجو خيال ڪيو.“
ساتوڪو ڊئم تي هر مھيني جا ست ڏينھن کن وئي ٿي. هتان هن کي ٻين سائيٽن جي بہ خبر پئي ٿي. پوءِ هوءَ هڪ ڊئم کان ٻي ڊيم جو دورو ڪرڻ لڳي. هن جو انڪم ويو وڌندو.
هن پنھنجي سڄي ڪمائي مڙس حوالي ڪري ڇڏي ٿي. جيئن گهر سٺي نموني هلندو رهي ۽ هاڻ گهر ۾ مڙس ۽ زال جا ڪم بلڪل ابتڙ انداز ۾ ٺھي ويا هئا.
يوڪوچيءَ جي سستي وڌندي رهي. هاڻ هو بنا ڊپ ڊاءُ جي زال جو ڪمايل پئسو پاڻ تي اڏائڻ لڳو ۽ هن جو انداز بہ نئڙت نيازيءَ وارو نہ رهيو. اڪثڙ جڏهن ساتوڪو نوڪريءَ تان موٽندي هئي تہ هن کي ٻار بکايل ملنداهئا ۽ ڪڏهن تہ روئندا نظر ايندا هئا. يوڪوچي سڄو سڄو ڏينھن گهر کان ٻاهر نڪري ويو ٿي ۽ شام جو ورڻ وقت جڏهن گهر ۾ گهڙندو هو تہ هن جي وات مان شراب جي ڌپ ايندي هئي.
هاڻ هي وڃي حال ٿيا جو ساتوڪو هن کي ڪجهہ چوندي هئي تہ هو هڪدم باھہ ٿي ويندو هو. ”آئون تنھنجو مڙس آهيان، ڪو نوڪر نہ آهيان،“ هو چوندو هو، ”شراب پيئڻ ڪو ڏوھہ ناهي. گهڻو مٿو نہ کاءُ....“
شروع ۾ تہ ساتوڪو جو رويو همدردي وارو رهيو. پر پوءِ هن کي بہ ڪاوڙ اچڻ لڳي. اهڙي تڪرار جو سلسلو شروع ٿيو. هاڻ تہ ساتوڪو کي گهر ۾ اچي گهر جا ڪم بہ ڏسڻا پيا ٿي. هوءَ جڏهن ٻاهر وئي ٿي تہ پنھنجن پاڙي وارن کي منٿون ميڙيون ڪري وئي ٿي تہ هو سندس گهر جو خيال رکن.
هن کي حيرت هئي تہ يوڪوچيءَ جھڙي ڊڄڻي ماڻھوءَ ۾ ايترو ظالمپڻو ڪٿان اچي ويو. هاڻ تہ هو ڪاوڙ ۾ اچي ساتوڪو تي هٿ بہ کڻڻ لڳو هو. ٻي مصيبت اها هئي تہ يوڪوچيءَ جي فضول خرچن سان هو ڏينھون ڏينھن غريب ٿي رهيا هئا... ساتوڪو مھني ۾ ٽيھہ هزار يين ڪمائي آئي ٿي پر اهي بہ ٿورا ٿيڻ لڳا. ٻارن جي في ۽ راشن ۾ بہ کوٽ ٿيڻ لڳي ۽ نون ڪپڙن لاءِ تہ پائي بہ نٿي بچي. ان سان گڏ يوڪوچي هاڻ ٻارن کي مارڻ ڪٽڻ بہ لڳو هو.
پوءِ هڪ همدرد پاڙيسريءَ ساتوڪو کي اطلاع ڏنو تہ سندس مڙس يوڪوچيءَ سان هڪ عورت ٺھي وئي آهي ۽ پوءِ ساتوڪو کي خبر پيئي تہ اها عورت ٻي نہ پر سندس ساهيڙي واڪيتا آهي. هن کي ڪاوڙ سان گڏ حيرت ٿي. هن کي يقين ئي نہ پئي آيو. بھرحال هن پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکيو. هوءَ هڪ ذھين عورت هئي، ان ڪري هن هڪدم واڪيتا سان جهيڙو ڪرڻ کان گريز ڪئي.
ساتوڪي جڏهن پنھنجي مڙس يوڪوچيءَ سان پنھنجي ساهيڙيءَ واڪيتا جو ذڪر کوليو تہ يوڪوچي باھہ ٿي ويو.
”رن! واڪيتا توکان هزار دفعا بھتر عورت آهي،“ هن رڙيون ڪري چيو، ”آئون هن سان شادي ڪرڻ وارو آهيان.“
۽ پوءِ هنن جي گهر جو سامان گروي ٿيندو ويو. ساتوڪو جي غير حاضريءَ ۾ سندس مڙس يوڪوچيءَ کي جيڪي وڻيو ٿي سو ڪيائين ٿي. گهر ۾ پيل سڀ پئسو هو واڪيتا کي ڏيندو رهيو ۽ گهر مفلسيءَ جو نقشو ٿي ويو. واڪيتا سان ملڻ کان ڇھہ مھنن اندر اندر هنن جي حالت تباھہ ٿي وئي.
ساتوڪو اڪثر روئنديرهي. هوءَ پاڻ کي بيحد ڏکويل محسوس ڪرڻ لڳي هئي. راتين جو هن کي ننڊ نٿي آئي ۽ ٻارن جي مستقبل بابت سوچي سوچي هن اڇو صبح ٿي ڪيو. اڪثر سڄيل اکين سان ڪم تي هلي وئي ٿي.
فيبروري جي هڪ ٿڌي رات جو هوءَ ٻارن جي ڀر ۾ ليٽي سڏڪا ڀري رهي هئي، سندس مڙس يوڪوچي اڃا نہ موٽيو هو.
هو رات جو ڪو ٻارهين بجي ڌاري موٽيو. هن دروازو کڙڪايو. هي گهر ٻن ڪمرن جو هو. تڏا بہ پراڻا ٿي چڪا هئا. ساتوڪو هال مان گذري دروازو کوليو.
ان کانپوءِ ڇا ٿيو... ... سٺو ٿيندو تہ اهي ڳالھيون ساتوڪو جي پنھنجن لفظن ۾ ٻڌجن.
منھنجو مڙس نشي ۾ ڌت هو. هن جو چھرو هئڊو ٿي رهيو هو. جڏهن هن مون کي روئندي ڏٺو تہ هو ٻارن وٽ ويھي رهيو ۽ مون کي گاريون ڏيڻ لڳو.
”تون ڇا بڪي رهي آهين. ڏھہ ڏھہ ڳوڙها ڇو پئي ڳاڙئين؟ ڇا فقط ان لاءِ جو آئون دير سان گهر آيو آهيان؟“
مون هن کي چيو تہ هن کي شرم اچڻ کپي. گهر آهي سو لٽجي ڀينگ ٿي رهيو آهي ۽ هو وتي ٿو پئسا اڏئيندو. اسان جي وچ ۾ ان طرح جون ڳالھيون اڪثر ٿينديون رهيون ٿي پر ان رات هن وٺيدڙڪا ڏنا. ”پنھنجي ڪمائيءَ جو رعب رکڻ جي ضرورت ناهي. آئون ڪو ڪوئو نہ آهيان. مون کي تنھنجي شڪل ڏسي نفرت ٿي ٿئي.“ ايترو چئي هن مون کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو.
آئون ڊڄي پٺتي هٽيس تہ هو ڏند ڪڍي زور سان کلڻ لڳو.
”بس تو مان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ واڪيتا وٽ وڃي ٿو رهان.“ مون کي بلڪل اميد نہ هئي تہ هو مون کي ڇڏي واقعي واڪيتا وٽ هليو ويندو. مون کي گهوريندو ڏسي هو هڪ دفعو وري باھہ ٿي ويو. هن اٿي مون تي لتن جو وسڪارو ڪيو ۽ مون کي اڌ مئو ڪري ٻارن کي جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ پوءِ انھن کي بہ مارڻ لڳو. ٻار زور زور سان روئڻ لڳا... امان... امان...
آئون تڙ تڪڙ ۾ اٿيس ۽ هال ڏي ڀڳيس. منھنجي ذهن ۾ ان وقت ٻارن جو فڪر سوار هو. آئون سوچي رهي هيس تہ آخر هنن ٻارن جو ڇا ٿيندو. آئون بيحد ڊنل پڻ هيس. ان وقت مون کي محسوس ٿيو تہ منھنجي هٿ ۾ اهو ڏنڊو آهي، جنھن سان اسين در کي بلاڪ ڪندا هئاسين.
يوڪوچي اڃا تائين ٻارن کي ماري رهيو هو. ڇوڪرو جيڪو ستن سالن جو هو، رڙيون ڪري ڀڳو پر نينگري جيڪا پنجن سالن جي هئي، ويچاري مار کائيندي رهي. مون کي پنھنجي معصوم ڌيءَ کي هيئن مار کائيندو ڏسي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هٿ ۾ جهلي ڏنڊو پوري طاقت سان گهمائي يوڪوچي جي مٿي ۾ ٺڪاءُ ڪيم. ڪاوڙ ۾ اچي مون ٻہ ڌڪا ٻيا بہ هنيامانس ۽ هو ڍير ٿي زمين تي ڪري پيو. مون کي ڊپ هو تہ هي وري اٿندو ۽ مون تي حملو ڪندو. ان ڪري چار پنج ڏنڊا ٻيا بہ وهائي ڪڍيامانس. ان کانپوءِ آئون بہ فنا ٿي پٽ تي ڪري پيس.
عدالت ۾ هلڻ واري مقدمي ۾ ساتوڪو جي خلاف بہ حقيقتون پيش ڪيون ويون. ڇو تہ ان رات ان ڏنڊي جي ڌڪن سان يوڪوچي جو ڪم پورو ٿي ويو هو.
ساتوڪو ان جوا طلاع پاڻ پوليس کي پھچايو ۽ هن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ساتوڪو جي اطلاع تي پوليس جانچ ڪئي هئي، جنھن مان ساتوڪو جي بيان جي تصديق ٿي وئي هئي.
اخبارن ۾ ساتوڪو جي حق ۾ خبرون ڏنيون پئيويون. تقريبن سڀني کي عورت سان همدردي هئي. جيل ۾ بہ هن کي سوين عورتن طرفان تحفا موڪليا پئي ويا. مختلف رسالن ۾ ساتوڪو جي حق ۾ ڊگها ڊگها مضمون ڇپجي رهيا هئا.
انھن صحافين مان هڪ صحافي تاڪاموري بہ هئي، جيڪا ساتوڪو جي ڪيس ۾ اونھي دلچسپي وٺي رهي هئي. هن جي مضمونن جو تت ڪجهہ هن ريت هو:
”هي ڪيس، جپان ۾ مردن جي هٿان عورت جي حالت خراب ڪرڻ ۽ مار موچڙو ڪرڻ جو مثالي ڪيس چئي سگهجيٿو. مقتول هڪ هيڪاندو ناپسنديده ماڻھو چئي سگهجي ٿو. جنھن پنھنجي غريب زال جي ڪمائي پنھنجي عياشيءَ تي لٽائي ڇڏي، جنھن جي دل ۾ٻارن جو بہ خيال نہ هو. اسان جي ملڪ ۾ ان جھڙا ٻيا بہ ڪيترائي مڙس آهن. در اصل سڄو ڏوھہ اسان جي معاشري جو آهي، جنھن ۾ عورت کي تمام نيچ ۽ بيوس بنايو ويوآهي. هن ڪيس ۾ ساتوڪو جو هر فعل، جيڪو در اصل هن پنھنجي بچاءُ لاءِ ڪيو، هر طرح سان قانوني، مناسب ۽ معقول چئي سگهجي ٿو. اهڙين حالتن ۾ هوءَ ڪمزور ۽ ڊنل هجڻ ڪري ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي؟ آئون هن عورت کي بلڪل بي قصور سمجھان ٿي.“
خاتون صحافي مس تاڪاموري جي مضمونن عوام جي دلين ۾ ساتوڪو مقدمي لاءِ نرمي پئدا ڪئي۽ هن کي ماڻھن طرفان سوين خط ملي رهيا هئا. انھن ۾ ڪيترا وڪيل بہ شامل هئا جن پيشڪش ڪئي هئي تہ هو هن جي پاران ڪيس وڙهڻ لاءِ عدالت وڃڻ لاءِ تيار آهن.
ساتوڪو کي سڄي جپان ۾ شھرت ملي رهي هئي ۽ خود خاتون صحافي ناڪاموري بہ اڀري عوام جي سامھون اچي وئي هئي. پوءِ هن ٻين لکڻ وارن کي ملايو ۽ جج جي سامھون هڪ گڏيل درخواست ڏني، جنھن ۾ چيو ويو هو تہ هو هي ڪيس خارج ڪري ڇڏي.
بھرحال عدالت فيصلو ٻڌايو. جنھن مطابق ساتوڪو کي ٽي سال قيد بامشقت جي سزا مقرر ٿي، جنھن ۾ ٻہ سال رعايت شامل هئي. ساتوڪو ان کي قبول ڪيو ۽ اپيل نہ ڪئي.
هڪ ڏينھن خاتون صحافي تاڪاموريءَ سان ملڻ لاءِ هڪ شخص وارد ٿيو، جيڪو بلڪل اوپرو هو. پھرين تاڪاموريءَ هن کي ٽارڻ جي ڪئي، پر جڏهن هن چيو تہ هو ساتوڪو جي سلسلي ۾ آيو آهي، تہ تاڪاموريءَ هن کي سڏايو.
هن شخص جو نالو اوڪاجيما هو. ڪارڊ تي جيڪا ائڊريس لکيل هي، ان کي ڪاري رنگ جي پين سان ڪاٽيو ويو هو.
هي ماڻھو مضبوط جسم جو ٽيھن سالن جو ٿيندو. هن جا ڀرون گهاٽا هئا ۽ نڪ وڏو ۽ چپ ٿلھا هئس. هن مجموعي تاثر سٺو پئي ڏنو جنھن مان سنجيدگي ظاهر پئي ٿي. تنھن هوندي بہ سندس اکين ۾ ٻارن واري معصوميت ليئا پائي رهي هئي.
صحافي تاڪاموريءَ کي هي ماڻھو ڀلو لڳو.
”ها. هاڻ ٻڌاءِ.“ هن اوڪاجيما کان پڇيو.
پھرين تہ اوڪاجيما معافي گهري ۽ پوءِ هن جي لکڻين جي تعريف ڪئي ۽ چيو تہ ساتوڪو کي ٻن سالن جي اسٽي، شايد هن جي ڪوششن سان ملي آهي ۽ اها هڪ تعريف جوڳي ڳالھہ آهي.
هو آخرڪار مطلب ڏي آيو. هن چيو:
”آئون ساتوڪو کان ڪنھن حد تائين واقف آهيان. هن جي معرفت مون ويمو پاليسي بہ ورتي هئي،“ ۽ پوءِ ٿورو ترسي هن چيو،”ساتوڪو هڪ تمام سٺي طبيعت جي عورت آهي. پڙهيل لکيل ۽ اخلاق واري. هن کي ڏسي ڪو سوچي بہ نٿو سگهي تہ هيءَ عورت ڪنھن کي قتل بہ ڪري سگهي ٿي.“
”هائو پر هن قسم جون عورتون، جذباتي ٿي چڱا سخت قدم کڻندي ڏٺيون ويون آهن.“ صحافي تاڪاموريءَ چيو. ”هيءَ ڳالھہ ياد رهي تہ هوءَ غريب وڏي عرصي کان برداشت ڪري رهي هئي. آئون سمجھان ٿي تہ هن جي جاءِ تي آئون هجان ها تہ آئون بہ اهو ئي ڪريان ها.“
”تون!“ اوڪاجيما حيرت مان چيو.
”جڏهن جذبات انسان تي حاوي ٿين ٿا تہ عقل موڪل تي هليو وڃي ٿو.“ صحافي خاتون تاڪاموريءَ چيو.
”هتي آئون هڪ سوال ڪندس،“ اوڪاجيما چيو، ”ڇا هي ممڪن ناهي تہ هن جيڪو حملو ڪيو هو، ان جو سبب هن جي جسماني ڪيفيت رهي هجي؟“
صحافي خاتون ساتوڪو جو عدالت جو رڪارڊ ڏٺو هو. طبي رپورٽ ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي. ساتوڪو هر طرح صحتمند هئي.
”آئون نٿي سمجھان.“ تاڪاموريءَ چيو.
”نہ،“ اجنبي اوڪاجيما ڪجهہ قدر شرمساريءَ سان چيو،”منھنجو مطلب اهو ناهي جيڪو تو سمجهيو. منھنجو دراصل اشارو انھن عام جسماني تعلقاتن ڏي آهي، جيڪي زال مڙس جي وچ ۾ ٿين ٿا.“
تاڪاموريءَ جي مرڪ غائب ٿي وئي. آخر هي مڙسالو چئي ڇا رهيو آهي؟
”تنھنجو مطلب آهي تہ هن جي مڙس ۾ ڪو جسماني نقص هو؟“
”منھنجو مطلب ان جي ابتڙ آهي. آئون سوچي رهيو آهيان تہ هي نقص ڪٿي زال ۾ تہ نہ هو.“
تاڪاموري ٿوري دير لاءِ خاموش رهي.
”اهو سوال تو ڇو ڪيو؟“ آخر تاڪاموريءَ پڇيو.
تاڪاموريءَ جي چڀندڙ نگاهن هيٺ اوڪاجيما پاسو بدلايو ۽ چيو... ”آئون ٿو ٻڌايان. آئون هڪ شخص کي سڃاڻان ٿو جيڪو مقتول مڙس جو دوست آهي. هن جو چوڻ آهي تہ يوڪوچي چڱيعرصي کان زال تي شڪ ڪري رهيو هو... اٽڪل ارڙهن مھنن کان... ... جو هن جي زال هن کي پاڻ ڏي اچڻ نٿي ڏنو. بس ان تان هي خيال منھنجي ذهن ۾ آيو هو تہ شايد ان جو سبب ڪا جنسي پريشاني ٿي سگهي ٿي.“
”آئون چئي نٿي سگهان،“ خاتون تاڪاموريءَ چيو،”جيڪڏهن ائين ڪجهہ هجي ها تہ عدالت ان جي بہ جانچ ڪري ها. رهيو هن جي انڪار ڪرڻ جو معاملو تہ ٿي سگهي ٿو تہ هن ٻي عورت سان تعلقات ڪري ائين ڪيو هجي.“
”نھ. اها شڪايت مقتول کي محبوبا ملڻ کان پھرين هئي. اهو ئي ان جو عجيب پھلو آهي.“
تاڪاموريءَ ڀرون گهنجيندي چيو. ”عجيب پھلو آهي؟ ڇا مطلب؟“
”اهو ئي تہ بنا ڪنھن جسماني نقص جي هوءَ مڙس کي پري پري رکي رهي هئي.“
”آئون ٻڌايان ٿي،“ تاڪاموريءَ چيو،”ڪڏهن ڪڏهن عورت تي ازدواجي زندگيءَ ۾ اهڙو دور بہ اچي ٿو جو هوءَ جسماني تعلقات کان ڪراهت محسوس ڪندي آهي. خبر ناهي مرد حضرات ان نازڪ ڳالھہ کي سمجهن ٿا يا نھ.“
”بيشڪ آئون سمجهي رهيو آهيان،“ اجنبيءَ چيو،”لڳي ائين ئي ٿو تہ ڪراهت جو احساس ساتوڪو ۾ پنھنجي مڙس جو ٻي عورت سان ملڻ کان ڪي ڇھہ مھينا پھرين ئي پئداٿي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهہ تہ يوڪوچي ٻي عورت سان ان وقت مليو هو جڏهن هن کي پنھنجي زال کان پري رهندي ڇھہ مھينا ٿي چڪا هئا۽ آئون سمجھان ٿو تہ انھن ٻنھي ڳالھين ۾ هڪ جو تعلق جيڪو آهي سو هلڪو آهي.“
”هائو. ان کي اتفاق ئي چئي سگهجي ٿو.“ خاتون صحافيءَ چيو. ”شايد تون اهو چوڻ چاهين ٿو تہ هن واڪيتا سان فقط ان ڪري تعلقات وڌايا هئا جو هو جنسي طرح بکايل هو.“
”ها!“ اوڪاجيما چمڪندڙ اکين سان پنھنجو سگريٽ دکايو ۽ چيو،”واڪيتا ساتوڪو جي پراڻي ساهيڙي هئي ۽ خود ساتوڪو ئي مڙس کي پھريون دفعو هن جي دڪان تي موڪليو هو.“
”تنھنجي معنيٰ تہ تون اهو سمجهائڻ چاهين ٿي تہ ساتوڪو ڄاڻي واڻي پنھنجي مڙس کي واڪيتا ڏي موڪليو هو، جيئن هنن ۾ ڪو چڪر هلي وڃي؟“
”آئون ايترو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان پر حقيقت ۾ اهو ئي نظر اچي ٿو تہ خود ساتوڪو ئي انھن ٻنھي جي ملاقات جي ذميوار آهي.“
”هاڻ جيڪڏهن نتيجا ڏسي ڳالھيون ڪيون وڃن تہ بحث ڪڏهن بہ ختم نہ ٿي سگهندو،“ تاڪاموريءَ ٿورو رکائيءَ مان چيو،”نتيجا اڪثر ماڻھوءَ جي ارادن جي ابتڙ بہ نڪرن ٿا.“
”بيشڪ،“ اوڪاجيما چيو. هن سگريٽ جو ڪش هڻي دونھون ڪڍيو. ”تہ بہ ڪڏهن ڪڏهن نتيجو اهو بہ نڪري ٿو جيڪو ماڻھوءَ جي ارادن مطابق بہ ٿئي ٿو.“
اوڪاجيما جي ڳالھہ ٻڌي تاڪاموري ٿوري ان سوچ ڏي مايل ٿي تہ هو صحيح چئي رهيو آهي.
”تہ ڇا آئون سمجھان تہ تون ٻڌائڻ چاهين ٿو تہ ساتوڪو جيڪي ڪجهہ ڪيو اهو هن جي منصوبي جو حصو هو؟“
”آئون فقط اهو چئي رهيو آهيان. اصل ڳالھہ تہ هوءِ ئي سمجهي ٿي.“
”تون جو هي سوچون پيو ويڙهائين، انھن جو ڪو بنياد بہ تہ هوندو؟“
”ها. آهي... اها هڪ حقيقت آهي تہ ساتوڪو پنھنجي مڙس کي لڳاتار موقعو ڏيندي رهي جيئن هو واڪيتا جي پب ۾ وڃي شراب پي سگهي.“
”اهو ڪوبنياد نہ آهي،“ تاڪاموريءَ چيو... ”اتوڪو دل جي سٺي عورت هئي. هن جو خيال هو تہ هن جو مڙس سڄو ڏينھن گهر ۾ رهي ٿو هن کي ڪجهہ وندر جو موقعو ملڻ کپي. هوءَ اهاڳالھہ مون کي بہ ٻڌائي چڪي آهي.“
”پوءِ هن پنھنجي مڙس يوڪوچي کي واڪيتا وٽ ان لاءِ بہ موڪليو هو جو هتان کان هن کي گهٽ قيمت تي شراب ملي سگهيو ٿي ۽ گڏوگڏ هن جي ساهيڙيءَ کي بہ ڪجهہ فائدو ٿي سگهيو ٿي. آئون ڏسان پئي تہ تون سنئين سڌي ڳالھہ کي اونڌو ابتو ڪري رهيو آهين ۽ اها ڳالھہ مون کي سٺي نٿي لڳي.“
”صحيح آهي، اسان ئي کڻي ٿا مڃون تہ هوءَ سڀ ڪجهہ پنھنجي نيڪدليءَ سان ڪري رهي هئي،“ اوڪاجيما دل ۾ ڪرڻ بنا چيو، ”پر باوجود زال جي نيڪدليءَ جي، يوڪوچيءَ پنھنجي زال ساتوڪو کي دوکو ڏنو هو ۽ واڪيتا سان تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا۽ ساتوڪو جي ڪمائي جا پئسا يوڪوچيءَ واڪيتا کي ڏيڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ راتين جو بہ دير سان موٽڻ لڳو هو. گهر موٽڻ تي زال ۽ ٻارن کي ستائڻ لڳو هو. هن سڄي گهر کي تباھہ ڪري رکيو هو. پر... ايترين ڳالھين جي باوجود ڇا هيءَ ڳالھہ حيرتناڪ ناهي تہ ساتوڪو هڪ ڀيرو بہ زحمت نہ ڪئي هئي تہ هوءَ وڃي واڪيتا سان ڳالھائي. جيتوڻيڪ هوءُ هن لاءِ ڪا اجنبي تہ نہ هئي... ٻئي ساهيڙيون هيون.“
”اها ڪا اهم ڳالھہ ناهي. اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا،“ تاڪاموريءَ چيو،”۽ مھذب قسم جي عورت جهيڙي جهٽي کي پسند نٿي ڪري. عورتون پنھنجي مڙس کي بي عزتو نٿيون ڪن ۽ ساتوڪو تہ هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي. هوءَ اهڙو غليظ قدم ڪيئن کڻي سگهي ٿي.“
”آئون مڃيان ٿو تہ تنھنجي وضاحت درست آهي،“ اوڪاجيما چيو، ”پر هيءَ ڳالھہ باقي رهجيو وڃي ٿي تہ هوءَ پنھنجي مڙس کي پورن ڇھن مھنن کان پري رکيو ويٺي هئي. ان کانپوءِ هن پنھنجي مڙس کي واڪيتا سان ملرايو_ جيڪا هڪ بيوھہ عورت هئي ۽ هڪ پب (شراب خانو) هلائي رهي هئي. يوڪوچي هڪ شرابي هو. ان سان گڏو گڏ هو جنسي طور تي بکايل بہ هو. ان کان وڌيڪ خطرناڪ حالت ڪنھن زال لاءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي. ظاهر آهي، ان کانپوءِ جيڪي ڪجهہ ٿيو، اهو تہ ٿيڻو ئي هو. يوڪوچيءَ جو واڪيتا ڏي وڌڻ هڪ فطري ڳالھہ هئي. پر ساتوڪو پنھنجي ساهيڙيءَ واڪيتا وٽ وڃي ڪڏهن بہ شڪايت نہ ڪئي. هوءَ بلڪل هڪ تماشائي جي حيثيت ۾ رهي. هاڻ ٿورو انھن دلين جي روشني ۾ ان ڪيس کي ڏسو تہ توهان کي صاف محسوس ٿيندو تہ ٿيڻ وارين ڳالھين پويان ارادي جو هٿ لڪل آهي.“

خاتون صحافيءَ تاڪاموري جو ڪمرو خوبصورتي ۽ سادگيءَ سان سجايل هو. فرنيچر ۽ پڙدن مان هن جي عمدي ذوق جو اظھار ٿيو ٿي. پر هن وقت هوءَ پاڻ اندر ۾ منجهيل هئي ۽ اهو مونجهہ هن جي منھن مان بہ ظاهر پئي ٿيو.
”ارادي جي هٿ مان تنھنجو مطلب آهي تہ هي سڀ ڳالھيون ساتوڪو جي منصوبي جي نتيجي ۾ پئدا ٿيون؟“
”آئون فقط لاجڪ جي حساب سان اندازو پيش ڪري رهيو آهيان. ۽ منھنجا هي خيال حقيقت جي بنياد تي ٻڌل آهن.“
”پر اهي سڀ حقيقتون ڪمزور آهن،“ تاڪاموريءَ چيو،”ڪيترن ماڻھن جي تہ منھن مان بہ خبر پئجيو وڃي تہ هو ڪھڙي قسم جا ٿي سگهن ٿا. آئون ساتوڪو سان ڪيترائي دفعا ملي آهيان. مون هن جي باري ۾ ڪيتريون ئي رپورٽون بہ پڙهيون ۽ آئون هن جي خاص صلاحڪار بہ رهي آهيان. مون کي تہ ڪٿي به، ڪنھن بہ رپورٽ ۾ ان قسم جي شڪ شبھي جي ڳالھہ نہ ملي. ۽ تون جيڪڏهن ساتوڪو سان ملين تہ توکي خود احساس ٿي وڃي تہ هوءَ ان قسم جي سازشي عورت ٿي نٿي سگهي“
”آئون تنھنجي اها ڳالھہ بہ مڃان ٿو.“ ڌيرج سان اوڪاچيما چيو، ”بنا ڪنھن شڪ جي هوءَ هڪ مھذب عورت آهي، مون کي خبر آهي.“
“تنھنجي هن سان ملاقات ٿي چڪي آهي؟”
“هائو. مون پھرين ئي توکي ٻڌايو هو تہ مون هن کان هڪ لائيف پاليسي ورتي هئي. مون شايد توکي اهو نہ ٻڌايو هو تہ آئون هڪ ڊئم تي ڪم ڪندو هوس جيڪا توهوڪو ضلعي جي ٽڪرين ۾ ٺھي رهي هئي.“ اوڪاجيما ٻڌايو. ”جابلو علائقن جي زندگي تمام بور ٿئي ٿي. اتان کان ويجهي ريلوي اسٽيشن بہ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي. رستو تمام خراب آهي. رات جو ڪم پورو ٿيڻ بعد بہ اسان جي لاءِ ڪو وندر جو سامان نہ هوندو آهي. اسين کائيندا آهيون ۽ سمھي رهندا آهيون. سڄو ڏينھن ڪم ڪريون ٿا ان بعد ماني کائڻي هوندي اٿئون ۽ سمھڻو پوندو آهي. اها آهي اتي جي زندگي. ”
“بيشڪ ڪجهہ ماڻھو مطالعو وغيره بہ ڪن ٿا پر اتي جو عام ماحول بيحد بور ۽ وساميل وساميل رهي ٿو. راتين جو ڪجهہ ماڻھو شطرنج ۽ رمي بہ کيڏن ٿا. مھني ۾ ٻہ ڀيرا ويجهي ڳوٺ جي سير تي بہ وڃن ٿا پر انھن مڙني ڳالھين تي چڱو پئسو خرچ ٿئي ٿو ۽ مزو بہ نٿو اچي. حقيقت اها آهي تہ هڪ جبل کان ٻئي جبل ڏي اچڻ وڃڻ جو عمل ماڻھوءَ جي دل ۽ دماغ کي بہ ٿڪايو رکي. ۽ پوءِ هو چاهي ٿو تہ ڪنھن طرح ان ماحول مان ڀڄي نڪري.” اهو چوندي چوندي اوڪاجيما ڪجهہ دير لاءِ ترسيو. ڪجهہ دير جي فرحت بعد هن وڌيڪ چيو. “بيشڪ ڪجهہ ماڻھو هتي معاشقا بہ ڪندا رهن ٿا. پر هتي جون عورتون بلڪل ڄٽيون ٿين ٿيون. هو بس رڳو عورتون ئي ٿين ٿيون، باقي هنن ۾ ڪا بہ اهڙي ڳالھہ نہ آهي، جو ڪنھن مھذب ماڻھوءَ جي شوق لاءِ سڪون مھيا ڪري سگهن. پر ڇا ڪجي اسان وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪجهہ هوندو بہ نہ آهي.”
خاتون صحافي ماٺ مٺوڙي ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌندي رهي.
“پوءِ هيئن ٿيو جو ساتوڪو ۽ هڪ ٻي عورت اتي اچي نڪتيون. هو انشورنس ڪمپنيءَ طرفان آيون هيون. ساتوڪو سان گڏ ٻي عورت وڏي عمر جي هئي ان ڪري ان ڏي ماڻھن گهڻو ڌيان نٿي ڏنو، پر ساتوڪو جوان بہ هئي تہ شڪل شبيھہ ۾ ڪشش واري بہ. هوءَ جلد ئي ماڻھن جي دلپسند شخصت ٿي وئي. هوءَ جيتوڻيڪ ڪا گهڻي سھڻي بہ نہ هئي، پر پڙهيل لکيل هجڻ ڪري هن کي ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو طريقو ۽ ڍنگ آيو ٿي. اهي ڳالھيون عورت لاءِ ايترو ئي ضروري آهن جيترو حسن يا خوبصورت پوشاڪ. ان ڪري هوءَ هڪ حسين عورت مڃي وئي ٿي.
”نہ فقط ايترو پر هوءَ هوشيار، سمجهدار ۽ ڏکويل بہ هئي ۽ سڀني هن کي پسند ڪيو ٿي ۽ هن کي پنھنجي ساٿين سان ملائڻ ۾ خوشي محسوس ڪئي ٿي. اتي هن کي اميد کان وڌيڪ ئي لفٽ ملي.“ اهو چئي هن سگريٽ جو آخري ڪش هڻي سگريٽ کي ائش ٽري ۾ چلھيو ۽ پوءِ چيو، ”هن جي ڪاميابيءَ جو هڪ سبب ٻيو بہ هو. هن اتي مشھور ڪري رکيو هو تہ هوءَ هڪ بيواھہ زال آهي. ٻڌين پئي نہ تون؟“
خاتون صحافيءَ ٿڪل انداز ۾ پاڻ کي سنڀاليو.
”منھنجو خيال آهي تہ ويمي وغيره جي ڌنڌي ۾ ذاتي اپيل جو وڏو عمل دخل ٿئي ٿو. ڪنھن کي بہ شڪ نہ هو تہ هوءَ ڪا غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان جي گروپ جا ڪيترائي ماڻھو هن جي چڪر ۾ اچي ويا. ها، هتي آئون اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ هن ڪنھن کي پنھنجو اتو پتو هرگز نہ ڏنو. سڄي خطو ڪتابت ڪمپنيءَ جي ائڊريس تي هلندي هئي. پر اها ڪا اهڙي ڳالھہ ناهي. تہ آئون چئي رهيو هوس تہ ڪيترائي ماڻھو هن ڏي مائل ٿي رهيا هئا. پر ساتوڪو هوشيار عورت هئي. هن انھن کي ٽرڪائڻ جو فن ڄاتو ٿي. اهو بہ اهڙي نموني سان جو هن جي ساک جھڙي هئي، اها ئي رهي ٿي. هوءَ بنا شڪ جي ڪمزور ڪردار جي عورت نہ هئي. پر...“
هن جي لھجي ۾ ٿوري تبديلي آئي.
”پر ڊئم تي ڪم ڪندڙ ماڻھن مان ڪجهہ اهڙا بہ هئا، جيڪي نھايت ذهين ۽ نفيس قسم جا هئا. جڏهن بہ هوءَ انھن سان ملي ٿي تہ هن کي پنھنجو مڙس وڌيڪ خراب لڳو ٿي. انھن ڀلن ماڻھن سان پنھنجي نڪمي مڙس کي ڀيٽي هن کي وڏو فرق محسوس ٿيو ٿي.“
”هي فقط تنھنجو خيال آهي.“ خاتون صحافيءَ آخرڪار پنھنجي راءِ ڏني.
”هائو، اهو منھنجو خيال آهي.“
”تہ پوءِ انجي ٻڌڻ مان ڪھڙو فائدو؟ مون وٽ ٻيا بہ ڪيترائي ڪم پيا آهن.“
”مون کي معاف ڪجو، مون توهان جو وقت وڃايو،“ اجنبيءَ ڪنڌ جهڪائي معافي ورتي،”باقي ڳالھيون آئون مختصر طور ڪندس. اها بھرحال ڪا خراب ڳالھہ ناهي تہ انھن حالتن ۾ ساتوڪو ڪنھن کي پسند ڪري ورتو هو ۽ هاڻ اهو تصور ڪر تہ اهو شخص بہ هن کي پسند ڪرڻ لڳو هو. اها بہ ڪا نا ممڪن ڳالھہ نہ آهي. هو تہ اهو ئي سمجهي رهيو هوتہ ساتوڪو هڪ بيواھہ عورت آهي ۽ هوءَ هن کي هڪ سٺي عورت لڳي ٿي. ان ۾ بہ ڪو شڪ ناهي تہ ساتوڪو عذاب جي زندگي گذاري رهي هئي. هن جو مڙس يوڪوچي موجود هو. ۽ هي هڪ نھايت خراب شخص هو، جيئن جيئن هوءَ پنھنجي پسنديده مرد جي ويجهو ٿيڻ لڳي تيئن تيئن هوءَ پنھنجي مڙس مان وڌيڪ بيزار ٿيڻ لڳي. هوءَ پڪ دل ۾ اها ئي خواهش ڪندي هوندي تہ ڪنھن طرح پنھنجي مڙس مان جان ڇڏائي وڃي. طلاق جي تہ ڳالھہ ئي بيڪار هئي، جو هن کي خبر هئي تہ هن جو مڙس کيس ڪڏهن بہ نہ ڇڏيندو. فقط هڪ ئي رستو آزاديءَ لاءِ بچيو ٿي_ يعني هن جو مڙس مري وڃي. پر بدقسمتيءَ سان هن جو مڙس يوڪوچي هڪ صحتمند ماڻھو هو. هن جي طبعي موت جو سوال ئي پئدا نٿي ٿيو، هو فقط اهو ئي ڪري سگهي ٿي تہ هن کي ڪنھن طرح موت جي ويجهو ڪري ڇڏي.“
تاڪا موري حيرت سان ٻڌي رهي هئي.
”مگر پنھنجي مڙس کي قتل ڪرڻ واري عورت کي موت جي سزا ملي ٿي.“ هن وري ڳالھائڻ شروع ڪيو. ”قتل جي ڳالھہ سوچڻ بہ فضول هئي. هوءَ هڪ هوشيار عورت هئي ۽ پوءِ هن سوچيو! ڇا ڪو اهڙو رستو ناهي جو هن کي ماريو وڃي ۽ سزا مان بہ پاڻ کي بچائي سگهجي؟ اهڙو هڪ رستو هو. فقط هڪ رستو. هڪ ملتوي شده سزا جو رستو. ان جو مطلب هوندو آهي تہ مجرم ان وقت تائين آزاد رهندو آهي جيستائين هو ڪو جرم نٿو ڪري.
”پر اهڙي سزا لاءِ خاص حالتن جي ضرورت هوندي آهي. يوڪوچي ان وقت ڪجهہ بہ ڪمائي نہ رهيو هو. پر قانون کي مطمئن نہ ڪري سگهيو ويو ٿي. فقط هڪ رستو هو تہ ضروري حالتون پئدا ڪيون وڃن. پوءِ نھايت سڪون ۽ دلچسپيءَ سان هن انھن حالتن کي جنم ڏيڻ جو ارادو ڪيو. هن پھرين پنھنجي مڙس جي ڪردار جو تجزيو ڪيو. ان کانپوءِ ان کي اڳيان وڌائڻ جو ڪم هو. جيئن ٻنيءَ کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. هوءَ هن کي هاڻ ارادو ڪيل رستي تي روانو ڪرڻ واري هئي. ان ڪم جي پورائي لاءِ هن ارڙهن مھنن جي مدت رکي.
ڇھن مھنن تائين هن پنھنجي مڙس کي پنھنجي ويجهو اچڻ نہ ڏنو، جيئن هو سخت جنسي بک جو شڪار ٿئي. ان کانپوءِ هِن هُن کي هڪ اهڙي عورت وٽ موڪليو جيڪا بيواھہ هئي ۽ جنھن شراب خانو ٿي هلايو. ساتوڪو کي يقين هو تہ پنھنجي موجودہ حالت ۾ يوڪوچي ان عورت ڏي ضرور قدم وڌائيندو. جيڪڏهن واڪيتا فيل ٿي وڃي ها تہ ساتوڪو ضرور ڪا ٻي عورت تاڙي ها. پر واڪيتا بلڪل صحيح ثابت ٿي. يوڪوچيءَ جي فطرت ۽ شراب جي اثر ڪم ڏيکاريو. ڇھن مھنن بعد هو واقعي ائين ٿي ويو جنھن جي ساتوڪو کي اميد هئي. هي ماڻھو هن جي هٿن ۾ بلڪل رانديڪو ثابت ٿيو. ٻين لفظن ۾ اهي خاص حالتون پئدا ڪيون ويون هيون. ان کانپوءِ هن پنھنجي منصوبي جي ضروري حصي کي بہ عمل ذريعي مڪمل ڪري ورتو.
هاڻ مقدمي جو مسئلو رهجي ويو ٿي. هن جو ڪيس انھن لائنن تي ٺھيو هو جيڪي هن سوچي رکيون هيون. ان ۾ وقت بہ ايترو ئي لڳو جيترو هن حساب ڪيو هو. پورو پلان ارڙهن مھنن جو هو.“
اجنبيءَ ٿوري دير ترسي تاڪاموري کي ڏٺو، جيڪا هن کي غور سان ٻڌي رهي هئي. تڏهن هن چيو: ”ڇا تون هي سڀ ڳالھيون فقط خيالي سوچ جي بنياد تي چئي رهيو آهين؟“
”نھ.... سڀ ڳالھيون خيالي نہ آهن،“ جواب ۾ اجنبيءَ چيو،”جڏهن مون هن سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو تہ هن مون کي ارڙهن مھينا انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هو.“
اهو چئي اجنبي اٿي کڙو ٿيو.
”پر پريشانيءَ جي ڪا ضرورت ناهي،“ هن تاڪاموريءَ کي چيو، ”آئون کڻي ڪيترائي بيان ڏيان پر هن جي سزا معاف ٿيل سالن تي ڪو بہ اثر نٿو پئجي سگهي. هڪ ئي ڏوھہ ۾ ڪنھن شخص جي فيصلي کانپوءِ ٻيو دفعو مقدمو نٿو هلائي سگهجي. اهو ئي قانون آهي. منھنجو خيال آهي تہ اها ڳالھہ بہ هن پھرين ئي سوچي ورتي هئي. البت هڪ ڳالھہ ضرور آهي،“ هن ٿورو ترسي پوءِ ڳالھايو. ”هڪ هنڌ کان پنھنجي حساب ۾ ضرور چُڪ ٿي آهي، ۽ اها هي آهي تہ جنھن شخص کي هن ارڙهن مھينن جي انتظار ۾ وهاري ڇڏيو هو... اهو هاڻ هن جي هٿ ۾ نہ ايندو.... “

پوڄاري

اٽڪل هڪ هزار سال اڳ جپان جي صوبي اوميءَ جي شھر اوتو ۾ ”ڪوگي“ نالي هڪ پوڄاري رهندو هو. هو آرٽسٽ بہ هو ۽ مھاتما ٻڌ جون تصويرون، جپان جي خوبصورت باغن جا دل موهيندڙ نظارا، فضا ۽ خوبصورت ماحول جا نقش نگار، هن جا خاص موضوع هوندا هئا. پر هن کي سڀ کان گهڻو شوق مڇين ٺاهڻ جو هو. دنيا جي هر قسم جي مڇي هن جي آلبم ۾ هئي. شايد ئي ڪنھن رنگ يا روپ جي مڇي هجي، جيڪا هن نہ ٺاهي هجي. جڏهن بہ موسم سٺي ٿي ٿي ۽ ڌرمي ڪمن کان واندو ٿيو ٿي تہ هو بيوا نالي ڍنڍ تي هليو ويو ٿي، جتي جي مھاڻن کان هن ڪيتريون ئي مڇيون ڦاسرائي شيشي جي وڏين برنين ۾ رکيون هيون، جيڪي پاڻيءَ ۾ ترندي تمام سٺيون لڳيون ٿي. پوڄاريءَ انھن مڇين کي کاڌو ڏنو ٿي، آرام جو خيال رکيو ٿي ۽ وڏي محنت سان پاليو ٿي ۽ پوءِ انھن برنين کي سامھون رکي انھن جون تصويرون ٺاهيون ٿي.
مطلب تہ هي پوڄاري مڇين جو آرٽسٽ مشھور ٿي ويو. هر هنڌ هن جي فن جي ڳالھہ هُليل هئي. ماڻھو پري پري کان هن جون خوبصورت تصويرون ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. پر هن جي سڀ کان وڏي ۽ نھايت خوبصورت تصوير اها هئي جيڪا هن ڪنھن حقيقي مڇيءَ کي ڏسي نہ پر هڪ خوابي تصوير جي ياد ۾ ٺاهي هئي.
چيو وڃي ٿو تہ هڪ ڏينھن هن پوڄاري ڪوگي تي مراقبي جي حالت طاري ٿي وئي ۽ هن ڏٺو تہ هو سمنڊ جي تھہ ۾ هليو ويو آهي ۽ پاڻيءَ جا طلسمي عجائب ڏسي رهيو آهي. جڏهن هن جي اک کلي تہ هن خواب ۾ ڏٺل اهي عجائب پني تي هوبھُو ٺاهيا ۽ ان ۾ شاهڪار نقش هڪ خوبصورت مڇي جو هو، جنھن کي هن پنھنجي تصويرن جي ڪمري ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيو هو. ان تصوير جو نالو ”خوابي مڇي“ رکيو هئائين. ماڻھو ان کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ٿي ٿي ۽ پري پري کان واکاڻ ٻڌي ڏسڻ لاءِ آيا ٿي.
هڪ دفعي گرمين جي موسم ۾ هيئن ٿيو جو پوڄاري سخت بيمار ٿي پيو ۽ هڪ ڏينھن شام ڌاري هن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. نبض غائب ٿي وئي ۽ هو خاموش ٿي ويو. هن جي شاگردن کيس دفن ڪرڻ کان اڳ ڌرمي رسمون ادا ڪيون. ايتري ۾ اوچتو هن جي چيلن ۽ مائٽن مٽن کي محسوس ٿيو تہ پوڄاريءَ جي جسم ۾ اڃا ڪجهہ چرپر آهي ۽ ذرو پرزو ساھہ جو ضرور آهي. هو اها ڳالھہ ڏسي ڏاڍو حيران ٿيا ۽ پوڄاريءَ کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڪجهہ دير بعد پوڄاريءَ کي هوش اچي ويو ۽ هن اکيون کولي پنھنجي چوڌاري حيرت منجھان ڏسي چيو:
”آئون دنيا کان بي خبر حالت ۾ ڪيترو وقت رهيو آهيان؟“ هڪ چيلي هٿ ٻڌي جواب ڏنس: ”ٽن ڏينھن تائين! اسان تہ اهو سمجهي ويٺا هئاسين تہ توهان جو روح وڃي گوتم ٻڌ جي روح سان مليو. پر وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ توهان اڃان جيئرا آهيون. توهان جا سڀ چيلا ۽ مائٽ مٽ مندر ۾ گڏ ٿي ويا هئا. ۽ هاڻ توهان کي دفن ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا. پر اهو ڏسي خوشي ٿي اٿئون تہ توهان اڃا حيات آهيو.“
ڪوگيءَ مرڪندي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو : ”آئون چاهيان ٿو تہ ڪو شخص ’سوڪي‘ جي گهر وڃي جتي ٻہ نوجوان هن وقت مڇي ماني کائي رهيا آهن. هنن جي اڳيان شراب جا ڀريل ٻہ گلاس بہ رکيا آهن. جڏهن ڪو شخص انھن وٽ وڃي تہ منھنجو هي پيغام هنن تائين پھچائي“
”اسان جو مھاراج صحتمند ٿي ويو آهي ۽ هو بيحد شڪرگذار ٿيندو، جيڪڏهن توهان ٻئي نوجوان هن وٽ هليا اچو. هو هڪ نھايت حيرت انگيز واقعو توهان صاحبن کي ٻڌائيندو ۽ ٻيا ماڻھو بہ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندا.“ پوڄاريءَ کين نياپو ٻڌايو ، ”۽ توهان ان ڳالھہ جو بہ ڌيان رکجو تہ منھنجي چوڻ مطابق واقعي هو هن وقت مڇي کائي رهيا آهن ۽ هنن جي اڳيان شراب سان ڀريل گلاس آهن يا نھ؟“
پوڄاري جي حڪم تي هڪ چيلو ان سوڪيءَ نالي نوجوان جي گهر ويو، جتي هو پنھنجي هڪ دوست ۽ نوڪر سان گڏ ماني کائي رهيو هو. مڇيءَ جون تريل ڳڀيون ۽ شراب هنن اڳيان رکيو هو. جنھن وقت انھن ٽنھي کي پوڄاريءَ جو نياپو مليو تہ هو شراب ۽ کاڌي کي ائين ئي ڇڏي انھيءَ گهڙي مندر ڏي روانا ٿيا. پوڄاري پلنگ تي ليٽيو پيو هو ۽ تمام ڌيرج سان ڳالھائي رهيو هو.
پوڄاريءَ سوڪيءَ کي ڀليڪار ڪرڻ بعد چيو: ”جيڪڏهن توهان منھنجي سوالن جا صحيح جواب ڏيندائو تہ آئون توهان جو بيحد ٿورائتو رهندس. مون کي اميد آهي تہ توهان مون کان ڪا بہ ڳالھہ نہ لڪائيندائو. سڀ کان پھرين منھنجو سوال هي آهي تہ ڇا اڄ صبح توهان بنشي نالي مھاڻي کان مڇي خريد ڪئي هئي؟“
”بلڪل، پڪ ئي پڪ! پر توهان کي ڪيئن خبرپيئي؟“ سوڪيءَ حيرت مان پوڄاريءَ کان پڇيو.
جنھن تي پوڄاريءَ چيو: ”ٿورو ترسجو، آئون هينئر ٿو ٻڌايان، اڄ صبح جو بنشي مھاڻو پنھنجي ٽوڪريءَ ۾ ٽي فوٽ ڊگهي مڇي کڻي توهان جي گهر ۾ داخل ٿيو، ان وقت توهان ۽ توهان جو دوست ٻئي راند کيڏي رهيا هئا ۽ نوڪر توهان جي راند ڏسي رهيو هو. هن جي هڪ هٿ ۾ ناسپاتي هئي، جيڪا هو کائي رهيو هو.“
سوڪي ۽ سندس نوڪر حيران ٿي هڪ ئي آواز ۾ چيو: ”بلڪل بلڪل اهائي ڳالھہ آهي پر توهان کي ڪيئن خبر پيئي. اهو راز سمجهہ ۾ نٿو اچي.“
پوڄاريءَ ان حيرت تي ظاهري طرح ڪو ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجي ڳالھہ جاري رکندي چيو: جڏهن نوڪر مڇي ڏٺي تہ هو هن کي خريد ڪرڻ لاءِ آتو ٿيو ۽ قيمت ڏئي بنشيءَ کان مڇي ورتي. مڇيءَ جي ملھہ کان علاوه هن هڪ ٿالھہ ناسپاتين جو ڀريل ۽ ٽي شرابجا گلاس پڻ ان کي ڏنا. ان کانپوءِ توهان بورچي کي سڏايو هو. هن مڇي ڏسي پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪيو ۽ توهان جي چوڻ مطابق هن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڄ جي مانيءَ لاءِ تيار ڪيائين. ”ڇا هي ڳالھيون، جيڪي مون بيان ڪيون، غلط آهن؟“
”نہ غلط نہ آهن. بلڪل صحيح آهن. پر اسان ان ڳالھہ تي حيران آهيون تہ اسان جي گهر جو حال ايڏي تفصيل سان توهان کي ڪيئن معلوم ٿيو؟“ سوڪيءَ چيو.
پوڄاريءَ مرڪندي جواب ڏنو: ”چڱو هاڻ آئون پنھنجو قصو ٻڌايان ٿو. توهان سڀ مون کي لاش سمجهي چڪا هئائو ۽ رواج موجب توهان پڻ دعا گهري ويائو پر آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ آئون مئو نہ هئس. اڄ کان ٽي ڏينھن اڳ آئون بيمار ٿي پيو هوس پر مون کي اها خبر بلڪل نہ هئي تہ هيءَ بيماري ڪا خطرناڪ بيماري آهي. مون کي تمام گهڻو بخار هو ۽ تپ جي ڪري منھنجي دل گهٻرائي رهي هئي ۽ اهو ٿي چاهيم تہ ڪنھن طرح طبيعت کي سڪون حاصل ٿئي. گرمي تمام گهڻي ٿي رهي هئي. ان ڪري آئونٻاهر هوا کائڻ لاءِ نڪري ويس. هٿ ۾ هڪ لٺ بہ کنيم_سھاري ۽ ٽيڪ خاطر. ٿي سگهي ٿو هي سڀ ڳالھيون منھنجي وهم جو نتيجو هجن يا واقعي طلسماتي دنيا جو سير ڪيو هجي. پر ٿيو هيئن تہ آئون پسار ڪندو ڍنڍ جي ڪناري تي پھچي ويس. مون کي پنھنجو جسم تمام هلڪو محسوس ٿي رهيو هو ۽ طبيعت بہ باغ بھار لڳي رهي هئي. ڍنڍ جي نيري پاڻيءَ کي ڏسي منھنجي طبيعت وهنجڻ تي آماده ٿي. آئون ڪپڙا لاهي ڍنڍ ۾ گهڙي ويس.
”مون ڍنڍ ۾ گهڙي وهنجڻ شروع ڪيو پر اهو ڏسي حيران ٿيس تہ آئون تمام تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان تري رهيو هوس. جيتوڻيڪ بيماريءَ کان پھرين آئون ڪو سٺو تيراڪ نہ هوس. توهان ان کي هڪ احمقاڻو خواب سمجهندائو ۽ ان کي ڪا بہ اهميت نہ ڏيندائو. پر مون سان جيڪي ٿي گذريو آهي، اهو بنا ڪنھن رک رکاءُ جي توهان کي ٻڌائيندس. ان ڪري مھرباني ڪري دل لڳائي غور سان ٻڌو!
”ها تہ آئون اهو چئي رهيو هوس تہ ڍنڍ ۾ آئون تمام ڦڙتيءَ سان تري رهيو هوس. منھنجي آس پاس ۽ هيٺ مٿي تمام گهڻيون ۽ سھڻيون مڇيون تري رهيون هيون. انھن جي سونھن، ترڻ جو انداز ۽ دل لڀائيندڙ نمونو ڏسي موندل ئي دل ۾ چيو تہ انسان کڻي ڪيترو بہ سٺو تارو ڇو نہ هجي، هنن مڇين وانگر نٿو تري سگهي. هنن جي خوشي، ترڻ جو طريقو ۽ چرپر جي آزادي فقط هنن جو ئي حصو آهي. انسان تہ هنن جي هڪ ذري برابر بہ خوشي ۽ آزاديءَ سان نٿو رهي سگهي.
”منھنجي دل ۾ اڃان اهو خيال آيو ئي هو تہ هڪدم هڪ وڏي مڇي منھنجي سامھون آئي ۽ هن پنھنجو وڏو وات کوليو. آئون ڊڄي ويس پر پوءِ آئون يڪدم هوش ۾ آيس، جڏهن هن انساني آواز ۾ مونسان مخاطب ٿي چيو: “ڊڄ نہ، مون تنھنجي دل جو حال معلوم ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن تون مڇيءَ جي زندگيءَ بسر ڪرڻ چاهين ٿو تہ ٿورو ترس تنھنجي اها دلي مراد ضرور پور ي ٿي ويندي.“
”اهو چئي اها مڇي ڍنڍ جي هيٺين تري ڏي هلي وئي ۽ ٿوري دير کانپوءِ جڏهن مٿي آئي تہ مون ڏٺو تہ هن جي پٺيءَ تي هڪ انساني شڪل جو ساھہ وارو خوبصورت لباس ۾ ويٺل نظر آيو. هي ڪير شخص هو؟ ڪھڙو طلسمي روح هو. آئون نہ سمجهي سگهيس. هن ماڻھوءَ چيو: “آئون سمنڊ جي بادشاھہ جو ايلچي آهيان ۽ اهو پيغام ڏيڻ آيو آهيان تہ تنھنجي مراد پوري ٿي سگهي ٿي. جيئن تہ تون مڇين سان بي پناھہ محبت ڪرين ٿو ۽ مڇين سان توکي عشق آهي سو ان خذمت کي ’سمنڊن جو بادشاهه‘ تمام گهڻو پسند ڪري ٿو ان ڪري تنھنجي اها خواهش پوري ڪئي ٿي وڃي تہ تون ڪجهہ عرصي لاءِ مڇي ٿي وڃ۽ پاڻيءَ جي طلسمن ۽ عجائبن جو مطالعو ڪر . پر هڪ ڳالھہ جو ڌيان رکجانءِ تہ مڇي ٿيڻ بعد ڪا بہ اهڙي ڳالھہ نہ ڪجانءِ، جيڪا عام طرح مڇيون ڪري پڇتائين ٿيون. مثال طور ٻي ڪنھن مڇيءَ کي کائڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ. ننڍڙين ننڍڙين مڇين جي گاھہ پٺي ڏي نہ وڃجانءِ ۽ نہ ڪنھن مھاڻي جي ڄار يا ڪنڊيءَ ۾ پاڻ ڦاسائجانءِ_ چاهي کڻي ڪھڙي بہ وڻندڙ غذا تنھنجي سامھون آندي وڃي. جيڪڏهن تون انھن ڳالھين تي عمل ڪندين تہ مڇيءَ جي روپ ۾ زندگي جا تون اهي عجائب ڏسندين جو عقل حيران رهجي ويندءِ.
”اهو چئي مڇي پنھنجي سواريءَ سميت سمنڊ جي تري ۾ غائب ٿي وئي ۽ مون جڏهن پنھنجي جسم تي نظر وڌي تہ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس تہ آئون مڇي بڻجي ويو هوس. منھنجي جسم تي چلڪندڙ ۽ لسا ڇلر نڪري آيا هئا ۽ سونھري روپي رنگ سان منھنجو جسم چمڪي رهيو هو. آئون بيحد رفتار ۽ ڦڙتيءَ سان ڍنڍ ۾ تري رهيو هئس ۽ نھايت خوش هوس.“
پوڄاريءَ پنھنجي دلچسپ ڪھاڻي جاري رکندي چيو: ”مون ڍنڍ ۾ ترڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڪيترائي خوبصورت هنڌ، ٽڪريون ۽ اونھيون ماٿريون ۽ ٻيٽ جيڪي ميلن ۾ پکڙيل هئا، انھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. سج جا ڪرڻا جڏهن ڍنڍ جي مٿاڇري سان ٽڪرائي چمڪيا ٿي تہ آئون حيران ٿي ويس ٿي. ڪيڏو نہ خوبصورت نظارو لڳو ٿي. مڇين جي رنگ سج جي ڪرڻن ۾ چمڪي عجب نظارو پيش ڪيو ٿي. ڍنڍ جي ڀر ۾ بيٺل وڻن ۽ جبلن جو عڪس ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ تمام سٺو لڳو ٿي ۽ اهي سڀ قدرتي نظارا پسي مون کي ڏاڍو مزو آيو ٿي.
”ڪڏهن ڪڏهن تہ آئون ترندي ترندي ڍنڍ جي ڪناري تي پھچي ويس ٿي ۽ ويجھڙائيءَ کان لنگهندڙ ماڻھن جا آواز منھنجي ڪنن ۾ آيا ٿي. مون پنھنجي زبان ۾ هنن کي ڪجهہ چوڻ چاهيو ٿي پر هنن کي ڀلا ڪٿي ٿي منھنجي زبان سمجهہ ۾ اچي. هنن کي ڪھڙي خبر تہ هڪ مڇي ڇا چئي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي پاڻيءَ ۾ ننڊ بہ اچي وئي ٿي ۽ پوءِ ڪو ٻيڙيءَ وارو ڀر مان لنگهيو ٿي تہ هن جي چپوئن جي آواز تي منھنجي اک کلي پئي ٿي ۽ آئون ان ئي وقت اتان تري پري هلي ويس ٿي. رات جو چانڊوڪيءَ جو مزو ورتم ٿي. گهڻو مينھن وسڻ تي هيٺ تري ۾ هليو ويس ٿي. هزار هزار فوٽن تائين هيٺ هليو ويس ٿي ۽ اتي کيڏندو رهيس ٿي.
”ٽن ڏينھن تائين آئون زندگيءَ جو ڀرپور مزو وٺندو رهيس. ٽن ڏينھن جي ڊڪ ڊوڙ، راند روند ۽ ترڻ جي ڪري منھنجو پيٽ خالي ٿي ويو ۽ سخت بک محسوس ڪرڻ لڳس. اهو سوچي آئون ڪناري جي ويجهو اچي نڪتس. ڇو جو اتي مڙيئي ڪجهہ کائڻ جي شيءِ ملڻ جو آسرو هو. ان ئي ڏينھن بنشي مھاڻي پنھنجي مڇين ڦاسائڻ جي ڏور ڪنڍي سميت ڍنڍ ۾ وجهي رکي هئي.
”آئون بک ۾ پاھہ ٿي رهيو هوس ۽ بنشيءَ جي ڪنڍيءَ ۾ هڪ ننڍڙي مڇي لڳل هئي. مون کي هڪدم خيال آيو تہ ’پاڻيءَ جي بادشاهه‘ مڇيءَ کائڻ ۽ مھاڻي جي ڄار يا ڪنڍي جي ويجهو وڃڻ کان منع ڪئي هئي. ان کان علاوه مھاتما گوتم ٻڌ جو چيلو هجڻ ڪري مون لاءِ مڇي کائڻ حرام آهي. ان ڪري مون کي اوڏانھن هرگز نہ وڃڻ کپي. اهو سوچي آئون اتان لنگهي ويس پر ڪجهہ فاصلو هلڻ بعد مون کي بک اڃان بہ وڌيڪ ستايو ۽ ايڏي تہ تڪليف محسوس ڪيم جو بيان نٿو ڪري سگهان. مون سوچيو تہ جيڪڏهن آئون بنشيءَ جي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسي بہ پيس تہ ڪهڙي وڏي ڳالھہ آهي. بنشي تہ پنھنجي گهٽيءَ جو ماڻھو آهي. هو مون کي سڃاڻي ان ئي وقت ڇڏي ڏيندو.
”دوست! ان وقت منھنجو دماغ بلڪل خراب ٿي چڪو هو، مون کي ذرو بہ خيال نہ آيو تہ بنشي پنھنجي پاڙي جي پوڄاريءَ کي هن نئين روپ ۾ ڪيئن سڃاڻي سگهي ٿو. بھرحال ٿيو قصو کٽائڻو. آئون وري واپس آيس ۽ هڪ ئي چڪ ۾ بنشيءَ جي ڪنڍي ۾ لڳل مڇي هڙپ ڪري ويس. پر تنھن هوندي بہ بک ختم نہ ٿي ۽ ساڳي وقت مون پنھنجو پاڻ کي ڦاٿل ڏٺو. ان ڳالھہ مون کي پريشان ڪري وڌو. بنشيءَ مون کي جهلي، ڇڪي کڻي ٽوڪريءَ ۾ وڌو. مون وات پٽي هن کي چيو: “اڙي چريا! آئون پاڙي جو پوڄاري آهيان. تون مون کي سڃاڻي نٿو. مون کي ڇڏ. مون کي ڇڏ.“
”آئون رڙيون ڪري هن کي ٻڌائيندو رهيس پر لڳي ٿو تہ بنشي کي منھنجو اکر بہ سمجهہ ۾نٿي آيو. هن ٽوڪرو مٿي تي کنيو ۽ توهان جي گهر ڏي روانو ٿيو. تو پنھنجي گهرجي ڏاکڻي ڪمري ۾ ويٺي راند کيڏي ۽ تنھنجي نوڪر بيٺي ناسپاتي کاڌي. جيئن ئي هن مون کي_ يعني چمڪندڙ مڇيءَ کي ڏٺو تہ هن جي وات ۾ پاڻي اچي ويو ۽ يڪدم بنشيءَ مھاڻي کان منھنجي قيمت ڪٿائي. توهان ٻنھي نوجوانن ورانڊي ۾ اچي مون کي ڏٺو. مون بيحد جوش ۾ اچي رڙ ڪئي: “ خدا جي واسطي مون کي ڇڏايو. آئون مڇي نہ پر پاڙي جو پوڄاري آهيان. ڇا توهان منھنجي شڪل نٿا سڃاڻو؟“
”توهان بہ منھنجي آواز ڏي ڪو ڌيان نہ ڏنو ۽ تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظھار ڪيو ۽ آخرڪار بورچيءَ جي حوالي ڪيو ويس. هن مون کي رڌڻي ۾ کڻي وڃي هڪ ڊگهي ميز تي رکيو جتي هڪ وڏو ڪات بہ رکيو هو، جنھن سان گوشت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪبو آهي. ڪات ڏسي آئون ڊڄي ويس.
”بورچيءَ ڪات کنيو ۽ منھنجي ڌڙ جا ٻہ حصا ڪري ڇڏيا. ان وقت مون کي ايڏي تڪليف رسي جو آئون بيان نٿو ڪري سگهان. ان سور کان منھنجيون اکيون کلي ويون ۽ ڏٺم تہ آئون هڪ جنازي جي صوررت ۾ بستر تي پيو آهيان.“
اها حيرت انگيز ڪھاڻي ٻڌي سڀ هڪ ٻئي جو منھن تڪڻ لڳا ۽ پوءِ سوڪيءَ چيو:
”مھاراج! اسان کي توهان جي ڳالھہ تي پورو پورو يقين آهي ۽ آئون سمجھان ٿو تہ توهان پاڻيءَ جي طلسمن جو جيڪو بہ سير ڪيو آهي، اهو بلڪل سچ ۽ صحيح آهي. جنھن مھل کان اسان اها مڇي ڏسڻ شروع ڪئي اسان کي هن جو وات واقعي چُرندو نظر آيو ۽ لڳو ٿي تہ هوءَ ڪجهہ ڳالھائي رهي آهي پر اسان کي ڪا بہ ڳالھہ ٻڌڻ ۾ نہ آئي. انھن ڳالھين مان لڳي ٿو تہ توهان واقعي مڇيءَ جي حالت ۾ هئائو.“
ان بعد پوڄاريءَ حڪم ڏنو تہ مڇيءَ جو باقي حصو ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. ان جي حڪم موجب بورچيءَ کان مڇيءَ جو باقي حصو وٺي وري پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويو.
پوڄاري هاڻ روز بروز صحتمند ٿيڻ لڳو ۽ ان بعد هو وري مڇين جون پھرين کان بہ بھتر تصويرون ٺاهڻ لڳو. مڇين سان گڏ گڏ سامونڊي دنيا جا اهي خوبصورت نظارا پڻ جن جا هن کي ديدار نصيب ٿيا هئا.
چيو وڃي ٿو تہ پوڄاري جي مرڻ بعد هن جي ٺاهيل تصويرن جو وڏو ذخيرو هڪ اتفاقي حادثي ۾ ڍنڍ ۾ ڪري پيو ۽ ڪاغذ ۽ ريشم جي ڪپڙي تي ٺھيل جيڪي تصويرون مڇين جون هيون، اهي اتان غائب ٿي يڪدم پاڻيءَ سان وڃي مليون ۽ جيئريون ٿي هيڏانھن هوڏانھن ترڻ لڳيون.

(جپاني ڪھاڻي ”پوڄاري“ پوجتسيو مونو گاتري ڪتاب تان ورتل آهي. جيڪو ڪتاب جپاني ادب ۾ الف ليليٰ وانگر دلچسپ سمجهيو وڃي ٿو. ”پوڄاري“ ڪھاڻي جپاني ادب لطيف جو هڪ نادر نمونو آهي).

هائڪو ۽ هائڪو نما

شروع ۾ ڪجهہ هائيڪو تي لکي چڪو آهيان_ جپاني ۽ سنڌي هائڪو ٻنھي تي. هتي اهو بحث ڪرڻو ناهي تہ سنڌيءَ ۾ هائڪو جو بنياد ڪنھن وڌو. ٻين شاعرن کان علاوه هائيڪو نعيم دريشاڻي پڻ ڪافي لکيو آهي. مون کي شاعري سان ايتري دلچسپي ناهي، پر ياد اٿم تہ تعليم دوران چٽگانگ ۾ منھنجو جڏهن بہ نعيم دريشاني سان سندس ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ ملڻ ٿيندو هو تہ هو گهڻو ڪري ”هائڪو“ ۽ ”هائڪو نما“ بابت ٻڌائيندو هو. اها سن 64_1963ع جي ڳالھہ آهي. يعني هو بہ انھن شروعاتي شاعرن مان آهي، جن هائڪو سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو. بلڪ نعيم جي چوڻ مطابق هائڪو نما تہ ايجاد ئي سندس آهي: ”هائڪو نما صنف سخن، مون پھريائين 1963ع ۾ ايجاد ڪئي. هائڪو نما هڪ مڪمل نظم آهي.“ هائڪو نما ٽن سٽن جو ٿئي. هي نہ علم عروض تي آهي ۽ نہ ڇنڊ وديا تي. وزن لفظن جي تعداد تي منحصر ٿئي. پھرين ۽ ٽي سٽ ۾ ست لفظ ٿين ۽ ٻيءَ سٽ ۾ پنج لفظ .پھرين ۽ ٽي سٽ هم قافيه آهن. جھڙوڪ:

“پن انڌا، پن ٻوڙا، پن بنا زبان
تہ بہ سندن رڳن ۾
پيا تڙپن ڪيترا ڳجهہ ڪيترا نوان گيان”
(اوندھہ جو ٻيٽ_ نعيم دريشاڻي).

ڊاڪٽر نعيم جا ٻہ ٽي ٻيا هائڪو نما شعر جيڪي چٽگانگ (بنگال) جي ڏينھن کان وٺي اڃا تائين ياد اٿم:

(1) دريءَ تي کڙڪو ڪيو رات اچي چانڊاڻ
ڇا ٿو پڙهين؟ پيٿولاجي، ڀوڪ!
اچ ٻاهر ڪريون ڪا سڪ ڀري رهاڻ.

(2) لڏيو هتان اي ڪاپڙيو، ڪو ڳوليو آسمان
هن ڌرتيءَ تي مرڪ پاپ
هن ڪلجڳ ۾ جيئڻ پڻ آهي بھتان.

(3) پنھنجا سبيا ويا ساھہ ڪھڙي ڌاڳي سان
اکيون نہ ڏسن ڪو ڳنڍ
تہ بہ ٽوپا پڪا، رهندا ابد تاڻ.

(4) اڇي، چٽي، اجري، جيئري بنگلا جي چانڊاڻ
جهونگاري چپن ۾ روز ڇا
ڪير سندس ميت، هيءَ چري ڪنھن ڪاڻ.

(بنگلا مان مراد بنگال جي سر زمين آهي يعني تن ڏينھن جو مشرقي پاڪستان ۽ هاڻ بنگلاديش آهي، جتان شاعر MBBS ڪئي. نعيم دريشاڻي ءَ هائڪو بہ لکيو آهي، پر سندس هائڪو جي بيھڪ مختلف آهي. پھرين ۽ ٽي سٽ ۾ ٽي لفظ ۽ ٻيءَ ۾ رڳو هڪ لفظ ڏنو اٿس. جھڙوڪ:

اکيون ڏين ڏنڀ.
سڙيا
خوديءَ جا کنڀ.

سنڌي ۾ هائڪو غياث جوڻيجي ۽ پير محمد پرواني پڻ چڱو خاصو لکيو آهي. جيڪڏهن “سھڻي” رسالي جا اٺن نون سالن جا پرچا ڪڍي ڏسبو تہ لڳندو تہ سڀ کان گهڻو هائڪو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي. ڪجهہ دلچسپ شعر جي هن وقت ياد اٿم يا پاڻ سان گڏ ڊائري تي لکيل آهن، سي هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان. ان ڪري بہ تہ جيئن هتي جپان ۾ رهندڙ سنڌي اسان جي هائڪو کي جپاني هائڪو سان ڀيٽي نہ فقط حظ حاصل ڪري سگهن پر پنھنجن جپاني دوستن کي پڻ ترجمو ڪري ٻڌائي سگهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جا ڪجهہ ”هائڪو“

(1) نظر جي ڪا هِير
منھنجي من پيھي ويئي
سيني کي ڏيئي چير.

(2) دنيا آهي ڌوڙ
ذرڙو جنھن ۾ سچ جو
گهڻو آهي ڪوڙ.

(3) ۽ هي هڪ چونڪ پڻ عبدالجبار جوڻيجو جو آهي

مون مات ڏني آهي
تو سوڀ لڌي آهي
هت ڏينھن جي دلبي ۾
مون رات ڏٺي آهي.

زبيده ميتلو جا ڪجهہ هائڪا/ ٽي سٽا

(1) تنھنجي سُندرتا
آندي منھنجي جيءَ ۾
ڪيڏي جاڳرتا.

(2) اچ پرين تون
ڪوريون پنھنجي قلب مان
سارو ڪوڙ ۽ ڪچ.

ان کان علاوه ڪجهہ غياث جوڻيجو ۽ پير محمد پرواني جا هائڪو:

(1) چنڊ بہ ڪيڏو ڏور
پري پنھنجي پرين کان
مون وانگيان مجبور.

غياث جوڻيجو هتي جپان ۾ چڱو عرصو رهي ويو آهي. لڳي ٿو اهو مٿيون شعر هتي جپان ۾ لکيو هجيس يا ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ جپان مان موٽڻ بعد پاڪستان وڃي لکيو هجيس. سندس هڪ ٻيو هائڪو:

(2) اللھ ان کي آڻ
جنھن کي ڏسڻ سان ٿئي
اندر ۾ چانڊاڻ.

۽ پير محمد جو هڪ هائڪو جو هن وقت نہ فقط ياد اٿم پر پسند پڻ:

وڻ جهليا ٻور
آئي مند بھار جي
پر نہ ويا سور.

هائڪو کان علاوه سنڌ ۾ ”ٽيڙُو“ بہ مشھور آهي، جنھن لاءِ نعيم دريشاڻي جو چوڻ آهي تہ ٽيڙو امداد حسينيءَ جي ايجاد آهي. ٽيڙوءَ جي بيھڪ هائڪو نما سان تمام گهڻي ملي ٿي. لفظن جي تعداد تي ڪا بہ بندش ڪانہ آهي:

امداد حسينيءَ جا ڪجهہ ٽيڙو:
(1) ڳالھين جو گهمسان
ويھندي ئي هن ڪيو
ٽيپ رڪارڊر آن.

(2) گڏ سمھين هيڪر
تو جھڙي ڪوتا
لکي سگهان جيڪر.

(3) اگهيو ڪائو ڪچ
ٻليون پوندءِ ڪانچ ۾
جي تون چوندين سچ.

(4) هي جيون ڇا آهي؟
ڪتي جي ڳچيءَ ۾
وڍي پئي آهي.

مٿئين قسم جي شعر ”ٽيڙوءَ“ تي سنڌ ۾ ڪيترن ئي طبع آزمائي ڪئي آهي، آخر ۾ ڪجهہ ٽيڙو جيڪي هن وقت هتي جپان ۾ مون وٽ موجود ڪجهہ رسالن ۽ ڪتابن مان ڪڍيا اٿم:

(1) نسورو نادان
پاڇولن جي پوئتان_
ويچارو انسان!

(2) ڇوري جا ببا
ڳوٺ جي.... جا_
جھڙا ڪر قبا!

اهي ٻئي مٿيان ٽيڙو نور گهلوءِ جا آهن ۽ هي هيٺ ڏنل ٻہ ٽيڙو اسان جي ڳوٺائي شاعر سوز هالائي جا آهن.

(1) ڪين وفائون ڪن
ڪنھن سان ڀلجي ڪڏهين
چانڊوڪي، جوڀن.

(2) ڪڻڪن ڳڀ جهليا
”آڀون“ ڏسي ان ۾،
سندم انگ لڇيا.

۽ ڪجهہ جپاني شاعري

ڪازو شيرانو
واري نو ڪو ڪورو نو
ڪيزا هاشي وو
هاتا فوتاسو متسيو
ڪاري يا نوبوريشي

”منھنجي دل تائين پھچڻ لاءِ
ڪئين انيڪ ڏاڪن مان
هن شايد چڙهيا
فقط ٻہ يا ٽي.“

_يوسانو اڪيڪو.

اڃا نہ جاڳ

ڪن ماڻھن جو ايڏو ميرو اندر
ڏينھن تتي جو، دريءَ جي
مٽي لڳل شيشن وانگر
خيالن ۽ سوچن بنا خالي خولي

ڪو نوجوان پگهر ۾ شل، کونگهرن منجهه
سندس هيڊا ڏند وات کان ٻاهر نظر پيا اچن

اونھاري جو سج دريءَ جي شيشن مان
هن جي وارن سان ڀريل ٽنگن تي چمڪي رهيو آهي،
۽ ڀر ۾ هڪ ٻگهي پئي سري
اڃا نہ جاڳ، اڃا نہ جاڳ
جيسين سج نہ لھي،
جيسي تنھنجي زندگيءَ جي شام نہ ٺري
جيسين ڪنھن سھڻي عورت جو کلڪو نہ اچي.

_اشيڪاوا تاڪو بوڪو

منھنجا گيت

جيئن تہ منھنجا گيت ننڍا آهن
ماڻھو سمجهن ٿا تہ مون لفظ لڪايا آهن
دل جا سڀ لفظ گيتن کي ڏنا اٿم
وڌيڪ ڳنڍڻ لاءِ پاڇي ڪجهہ بہ نہ اٿم.

_يوسانو اڪيڪو

اِشي هتاتسو

“ساڪو وو ڪودارو گا
گوتو ڪو ني مو
واري ڪيو نو هي ني
اتاريتسو ڪيتارو”

هڪ پٿر جيان
جيڪو ڪنھن ٽڪريءَ تان رڙهڪندو آچي،
اڄ ائين آئون تو در اچي پھتو آهيان.

_اشيڪاوا تاڪو بوڪو.

تنھنجي اکين ۾ پڪ آهي

“تنھنجي اکين ۾ پڪ آهي،
انڊپين جھڙي
مشينري
جو هر وقت ڳوڙها ڳاڙيندي رهين ٿي .

(شاعر جي خبر ناهي)

“آرميءَ ۾”
وقت کي واپس سڏڻ يا عمر لاءِ روئڻ اجايو آ
اڃان بہ چنڊ يا گلن جي قافئي کي ڳولڻ بھتر
جيڪڏهن اڄ ڪو ڪئمپ ۾ اچي منھنجو پڇي،
تہ چئجانس تہ جنرل اڄ پي ستو آهي تہ وري نہ اٿيو آهي.

_فوجيتا ڪوشيرو.

ڪجهہ ڪارٽون

اڄ کان 300 سال اڳ (1703) جو ڇپيل هڪ ڪتاب هن وقتبہ جپان جي لئبريرين ۽ بڪ اسٽالن تي ملي ٿو جنھن ۾ ڪارٽون آهن ۽ انھن جي هيٺان انھن بابت مختصر احوال. زياده تر ان ۾ گنديون ڳالھيون ۽ چرچا آهن، پر اهو مڃڻو ٿو پوي تہ ڪارٽون ٺاهڻ وارو تمام سٺو آرٽسٽ آهي، جنھن چند ليڪن ۾ جسم جي صحيح بناوٽ ۽ چھرن جي ڪيفيت جو اظھار ڏيکاريو ويو آهي. نموني خاطر هتي ٻہ چار قابل اشاعت ڪارٽون ڏيان ٿو. هڪ ۾ لومڙ کي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ جو ڏيکاريو ويو آهي. ڪجهہ ڳوٺاڻن هڪ بدمعاش لومڙ کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪو جوٽيو. لومڙ روزانو نہ فقط سندن پاليل ڪڪڙيون چورائي ٿي ويو پر سندن زالن تي ڪامڻ بہ ڪيا ٿي (جپاني جهوني ڪلچر ۾ لومڙ جاعورت تي جادو ڪري پاڻ تي عاشق ڪرڻ پڻ هو جيئن ملائيشيا پاسي باندر، آفريقا ڏي چراخ ۽ اسان وٽ مَمَ جا قصا ڪھاڻيون مشھور آهن.)
بھرحال هنن همراهن ڪوڙڪو ٺاهي هڪ هنڌ گاھہ ۾ رکي پاڻ لومڙ جي ڦاسڻ جو لڪي انتظار ڪرڻ لڳا. ٿوري دير ٿي تہ لومڙ زنانن ڪپڙن ۾ عورت بنجي اتان اچي لنگهيو. ڳوٺاڻن جي اڳواڻ هن کي نہ سڃاڻي رڙ ڪئي:



”چاچي! سنڀالي وک کڻجانءِ. لومڙ کي ڦاسائڻ لاءِ اسان اتي ڪوڙڪو جوٽيو آهي.“
مڙسالن کي مھرباني چوندي هن پنھنجو پڙو مٿي کنيو ۽ وڏي ناز سان پنھنجو پاڻ کي بچائي ڪوڙڪو ٽپي ويو. لومڙ جي وڃڻ بعد ٽُلي ۾ موجود هڪ نوجوان خفتيءَ چيو: ”ان پوڙهي مائيءَ جي ٽنگن تي ڪيڏا تہ وار هئا.“
ان تي ٻئي چيو: ”آئون قسم کڻي چوندس تہ ان چاچيءَ کي پڇ بہ هو.“
ٽولي جي اڳواڻ دڙڪو ڏيندي کين ماٺ ڪرائي. ”هاڻ بس ڪريو ڇورا. توهان نوجوانن جي دماغ ۾ بہ فقط گنديون ڳالھيون آهن. هاڻ عورتن جي ٽنگن ۽ پڇ جي ڳالھہ دماغ مان ڪڍي لومڙ جي ڦاسڻ جو انتظار ڪريو.“
هي همراھہ يعني اڳواڻ ڳوٺ جو ڏاهو بہ سمجهيو ويو ٿي. افسوس جو لومڙ کي ڦاسائڻ ۾ ڪامياب نہ ٿيا. ان مان اهو سبق ملي ٿو تہ ڪڏهن ڪڏهن عورتن جون ٽنگون ڏسڻ ۾ ڪيترائي فائدا لڪل آهن.


ضروري ناهي تہ گلن جي ٺاھہ جوڙ ۾ رڳو گل ئي رکيا وڃن. هڪ همراھہ گلن ۽ پنن جي ٽارين بدران کٿل ٻھارا، چمپل، ڀڳل چَپون، ڪچري جي ٽوڪري ۽ سُپ رکي ٻين کان دد وٺڻ لڳو. ڪنھن چيس تہ گل تہ لڀني ئي ڪونہ ٿا. چوڻ لڳو اهي ڏسڻ واري جي دل ۾ هجڻ کپن.


ڇھہ کن مھاڻن مڇي ڦاسائڻ واري ڄار کي ڇڪڻ شروع ڪيو. هن جي وزن مان هنن کي لڳو تہ اڄ ڪيتريون ئي مڇيون ڦاٿيون آهن پر پوءِ جڏهن ڄار کي ٻاهر ڪڍيائون تہ ان ۾ ڪکن مان ٺھيل هڪ وڏو چمپل هو. ايڏي وڏي سائيز جي چمپل تي سڀني کي تعجب لڳو ۽ فيصلو ڪيائون تہ اهو چمپل ڳوٺ جي ماڻھن کي ڏيکارجي.


هڪ چيو تہ هيئن ڪجي جو جتي ڳوٺ جون عورتون ڪچھريءَ لاءِ اچي گڏ ٿين ٿيون اتي هي چمپل لڙڪائي ڇڏجي جيئن هو عبرت حاصل ڪن ۽ اهو سوچي گهوپي بند ڪن تہ جيڪي جوتا اسين کين هڻو ٿا انھن کان بہ وڏا جوتا ٿي سگهن ٿا.
ٻئي همراھہ چيو: ”آئون تہ نٿو سمجھان. گهٽ ۾ گهٽ منھنجي زال تہ ڪجهہ ٻيو ئي سوچيندي.“
ٽئي همراھہ چيو: ”هائو. اهو ئي تہ جنھن ماڻھوءَ جا پير ايڏا وڏا آهن تہ هن جا ٻيا عضوا بہ آفت ئي هوندا.“
اهو ٻڌي ڇھن ئي مھاڻن وري نئينءَ سنئينءَ سوچڻ شروع ڪيو ۽ آخر سڀني يڪراءِ اهو ئي فيصلو ڪيو تہ ان چمپل کي پنھنجين زالن کي ڏيکارڻ بدران دفن ڪري ڇڏجي تہ اهو بھتر آهي.
ڪنھن تر جو وڏيرو درياھہ جي ٻي پار پنھنجي دوست وٽ گهمڻ ويو. موٽڻ مھل همراھہ کي هڪ ڌاڙيل ڦري آيو ۽ کانئس هر شيءِ گهرڻ لڳو. سونو خنجر، پئسن جو ٿيلھو، ويندي ڪپڙا ۽ بوٽ پڻ. هو هڪ هڪ ڪري هر شيءِ ڌاڙيل کي ڏيندو ويو. آخر ۾ هن جي جسم تي جڏهن وڃي فقط ڪڇو ۽ ڳاڙهي رنگ جو ٽوپلو بچيو تہ هٿ ٻڌي ڌاڙيل کي چيو “مھرباني ڪري مون کي اهڙي حال ۾ ڇڏ جو ڳوٺ ۾ منھن کڻڻ جھڙو تہ ٿيان ۽ هونءَ بہ هر ماڻھو پنھنجي جسم جا ڪجهہ راز ٻين کان لڪائڻ چاهي ٿو.”

”چڱو ڀلا،“ لالچي ڌاڙيل ڪجهہ نرم لھجو اختيار ڪندي چيو، ”جي اها ڳالھہ آهي تہ ڪڇو مون کي ڏي ۽ باقي اها مسخرن واري ٽوپي مٿي تي ئي رهڻ ڏي.“
وڏيري دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو تہ پنھنجا راز لڪائڻ لاءِ هن کي ڪا شيءِ تہ ملي. ڏسڻ وارن ڏٺو تہ اهو وڏيرو جيڪو وڏي شان سان دوست سان ملڻ لاءِ نڪتو هو، اهو الف اگهاڙو ٿي موٽيو۽ سندس خانداني پڳ (ٽوپي) مٿي تي هجڻ بدران اڳيان ٻڌل هئي.
اهڙي طرح هن جي خانداني عزت جو بچاءُ بہ ٿي ويو تہ سندس جسم ج خاص عضون جو ڍڪ بہ ٿي ويو.

هڪ مھاڻي کي سندس دڪان جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ ڪنھن مددگار ڇوڪري جي ضرورت هئي. هن وٽ ان ڪم لاءِ ڪيترائي اميدوار آيا پر انھن مان چونڊ ڪرڻ هن بھتر نہ سمجهيو. ان بدران هن ڇا ڪيو جو دڪان ۾ اهڙي هنڌ تي سڪل مڇيون رسيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيون جتي ايندڙ ويندڙ جي نظر پئجي سگهي ۽ هن جي دل چورائڻ تي چوي. ”هاڻ رات ٿيڻ تي آئون هڪ ڪنڊ ۾ لڪي وهندس، مڇيون چورائڻ لاءِ چور کي ماڻھن جي ڏاڪڻ ٺاهڻي پوندي ڇو جو اهي تمام مٿي ٻڌل آهن ۽ پوءِ جيڪو بکايل سڀ کان هيٺ هوندو ان کي آئون پاڻ وٽ رکندس جو منھنجي لاءِ سڀ کان بھتر اهو رهندو. ان ۾ هڪ ئي وقت ٽي خاصيتون هونديون. هو سڀ ۾ مضبوط هوندو جو جنھن جي مٿان ٻہ يا ٽي ڄڻا چڙهي بيھندا. هو چئيوان ۽ ڪم جو مڙس ماڻھو هوندو پر عقل جو سادو هوندو. يعني جيڪو ڪم ٻيا چوندس اهو ئي ڪندو ۽ ٽيسڀ کان اهم ڳالھہ اها تہ جيئن تہ هو هيٺ آهي ان مان ثابت ٿو ٿئي تہ هو مڇي کائڻ جو ڪو خاص شوقين ناهي ۽ مون لاءِ مڇيءَ جو دڪان هلائڻ لاءِ اهڙو ئي ماڻھو صحيح ٿيندو.

صحيح معنيٰ ۾ پھلوان اهو آهي جيڪو ڪنھن بہ طريقي سان مقابلو ڪري بازي جيتي، باقي ٺلھو ويھي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻڻ تہ آئون هيئن بہ ڪري سگهان ٿو، هونءَ بہ ڪري سگهان ٿو، اجايو آهي. اهو آهي هن ڪارٽون جو مفھوم.

ڪھاڙي

هڪ همراھہ برفباري واري ڏينھن پنھنجي دوست سان ملڻ ويو. ٻاهر جي سوجهري مان جھڙو اندر ڪمري ۾ گهڙيو تہ هن کي پھرين ڪجهہ بہ نظر نہ آيو. هڪ ٻہ قدم کنيائين تہ ڪا شيءِ سندس پيرن وٽ محسوس ٿي. کنيائين تہ ڪھاڙي هئي_ جيڪا هن کي ڪيترن ڏينھن کان کتي ٿي. سو اوندھہ جو فائدو وٺي کڻي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ وڌائين. پر پوءِ جڏهن سندس اکيون اندر جي اوندھہ تي ٺھي ويون ۽ آهستي آهستي ڪمري جي هر شيءِ صاف ۽ چٽي نظر اچڻ لڳي تہ هن کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو تہ هن کي ڪمري ۾ ويٺل سڀني ماڻھن، ڪھاڙي لڪائيندي ڏسي ورتو هوندو. پر هاڻ ڇا ڪري. جي ٻاهرڪڍي ٿو واپس ڪري تہ ويتر اها ڳالھہ پھرين کان بہ ڳري. هاڻ تہ ماڳھين سيکت ۾ اچي ويو.
ايتري ۾ هڪ ٻيو ماڻھو اندر ڪمري ۾ آيو ۽ گهڙڻ سان چوڻ لڳو: ”ڇا تہ اوندھہ ڪانڀار آهي!“
۽ هن ان جو فائدو وٺي کيسي مان يڪدم ڪھاڙي ڪڍي کيس ڏيندي چيو:
”ادا! اچي هيءَ وٺ. ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ وجهڻ سان سوجهرو ٿي ويندءِ.“

ٻانھن واري بدڪ

هڪ گهوٽ جيڪو عقل ۾ ڏاڍو سادو هو. پنھنجي سس سھري سان ملڻ ٿي ويو. پر هن چاهيو ٿي تہ جيئن تہ پھريون دفعو آهي، سو پنھنجو سٺو نقشو ڏئي سگهي.
ڪنھن دوست سمجهايس: ”رڳو ماٺ ڪري نہ وهجانءِ. ڪجهہ نہ ڪجهہ ڳالھائڻ بہ ضروري آهي. ٻيو نہ تہ کيڪار کڙي يا خير عافيت ئي کڻي پڇجان.“
”ها اها ڳالھہ آهي.“ هن چيو ۽ ساهرن ڏي روانو ٿيو. جڏهن اتي پھتو تہ ماٺ ڪري ويھي رهيو. شروع کان جو چپ ڪيائين تہ وڃي آخر ٿي. نيٺ اٿڻ وقت دل ٻڌي پنھنجي سھري کي چيائين:
”توهان ڪڏهن ٻاهن واري بدڪ ڏٺيآهي؟“
”نھ؟!“ سھري وائڙو ٿي وراڻيس. ”ڇا تو ڏٺي آهي؟“
”نہ وري ڪا مون ڏٺي آهي.“ پاڻ جواب ڏنائين.

دفنيل دولت

هڪ ماڻھو پنھنجي رقم زمين ۾ دفن ڪري، چيو:
”مون کان سواءِ جي ٻيو ڪو توکي ڏسي تہ نانگ بلائون ٿي پئجان.“
ڪو شاهينگ سندس اها گفتگو ٻڌي رهيو هو تنھن هن جي وڃن کانپوءِ پئسا کوٽي ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪجهہ نانگ بلائون پوري ڇڏيا.
ڪجهہ وقت کانپوءِ، جنھن جا پئسا هئا، واپس اچي زمين کوٽي، تہ پئسن بدران نانگ بلائون!
”اڙي آئون آهيان. ڇا منھنجي شڪل ايترو جهٽ وسري ويانوَ؟“
ڪا دير هو منھن مٿو پٽي اهو ئي چوندو رهيو.

جونءِ جيڪر ڳائي سگهن

ڪجهہ ٻار پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رهيا هئا. هڪ چيو: ”چڱو جو جوئون ڳائي نٿيون سگهن. جي ڳائين تہ مون کي تہ جيڪر ماڻھن وچ ۾ رهندي شرم اچي. هو ماٺ ۾ ئي رهن ٿيون ان ڪري ڀر ۾ ويٺل کي بہ خبر نٿي پوي.“
”آئون تہ اهو ئي گهران ٿو تہ جيڪر هو ڳائين تہ سٺو. گهٽ ۾ گهٽ مٿي ۾ چڪ پائڻ کان تہ فرحت ملي ويندي.“

هنڌ کٽولو

ڪو ملھہ پھلوان (سامورائي) هڪ گهر ۾ مھمان ٿي آيو. هو اهڙيون اهڙيون ڳالھيون ڪرڻ لڳو جو ڄڻ هن جھڙو ڪو ٻيو اڪابر ٿيندو ئي ڪونھ. گهر جو مالڪ بہ هن مان چڱو متاثر ٿي پيو ۽ پھلوان جي تعريف جون آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ کڻي پليون ٻڌائين. سامورائي پھلوان پنھنجي واکاڻ ٻڌي ويتر ٽيڙيءَ ۾ اچي ويو. سمھڻ وقت سخت سيءَ ڪري گهر جي مالڪ کيس گرم گاديلو ۽ هڪ بدران ٻہ کن سوڙيون آڻي ڏنيون، پر پھلوان اهي واپس ڪندي چيو:
”نہ بابا نھ. آءٌ آهيان جنگي جوڌو، اهڙا سيءَ مون کي ڇا ڪندا! مون تہ سڄي ڄمار ان کان بہ وڌيڪ سيءَ ۾ راتيون گذاري ڇڏيون آهن.“
اهو چئي بنا هنڌ بستري جي اڱڻ ۾ پٽ تي ڊگهو ٿي سمھي رهيو. پر جيئن رات جا پويان پھر ويجها ٿيا ۽ سيءُ پنھنجو زور ڏيکاريو تہ پھلوان کي اچي ساھہ سان لڳي. پر عزت جو بہ تہ سوال هو۽ مالڪ تي وهاريل رعب جو ڀرم ڪيئن رکجي.
نيٺ سيءَ اهڙو اچي ڏڪايس جو مالڪ کي رڙ ڪري سڏيائين:
”اڙي هي گهرجي ڪوئن جا پير ڌئاريا نہ ويا آهن ڇا_؟“
”نہ سائين. اسان وٽ ڪوئن جا پير تہ ڌوتا نہ ويندا آهن.“ مالڪ تعجب مان جواب ڏنس.
”تہ پوءِ تہ توهان کي ڪجهہ هنڌ بسترا ڏيڻا پوندا نہ تہ منھنجن ڪپڙن جو تہ خانو خراب ٿي ويندو، جو توهان جي گهر جي ڪوئن جا پير صفا ڌوتل نہ آهن ۽ ميرن پيرن سان منھنجي مٿان پيا ڊوڙن.“

ڀولڙي جھڙو يا نواب جھڙو

هڪڙو هو نواب. بيحد ڪوجهي شڪل جو. تنھن پنھنجي خدمتگار کي سڏي چيو: ”مون ٻڌو آهي تہ ماڻھو مون لاءِ ٿا چون تہ ڀولڙي جهرو ٿو لڳان؟ اهو سچ آهي؟“
خدمتگار اڻ ڄاڻائيءَ جو اظھار ڪندي چيس: ”نہ سائين. اهڙي غلط ڳالھہ ڪير ڪندو. خبر ناهي توهان کي اهو ڪنھن ٻڌايو آهي. ماڻھو تہ پاڻ چوندا آهن تہ ڀولڙا توهان جھڙا ٿا لڳن.“
اهو ٻڌي نواب چيو: ”ائين چئه نہ، ۽ ائين ئي تہ چوڻ کپي.“
۽ پوءِ نواب پنھنجي پر ۾ خوش ٿيڻ لڳو.

غلط بندوبست

مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ عورت جو يار هن سان ملڻ هليو ايندو هو. هن ڏاڪڻ رکي ڇڏي هئي، جنھن رستي يار ڇت تي اچي وهندو هو ۽ اڳواٽ جي بندوبست لاءِ هن کي چئي ڇڏيائين تہ جي سندس مڙس اوچتو اچي نڪري ۽ پڇي وٺي تہ ڇت تي ڇا هي تہ يڪدم ٻليءَ جي طرحان (نقل) ڪجانءِ.
هڪ ڏينھن بنا اطلاع جي مڙس اڳواٽ اچي نڪتو ۽ پڇيائين: ”ڇت تي ڇا جو آواز آهي_؟ جھڙو ڪر ماڻھو هجي.“
جوڻس چيس: ”نہ نہ اها پڪ ڪا وڏي ٻلي ماڻھوءَ جيڏي هوندي.“
عورت جي يار جون وايون بتال ٿي ويون ۽ ٻليءَ جو نقل _“ميائون ميائون” ڪرڻ بدران سنھي آواز ۾ چوڻ لڳو:
”آئون تہ فقط عام ٻلي آهيان.“

ٽنگ واري ڇٽي

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ هڪ ماڻھو جيڪو ڄائي ڄم کان غائب دماغ هو، ڪيڏانھن وڃي رهيو هو تہ رستي ۾ اچي مِينھن کنيس. سو ڇٽيءَ لاءِ لنگهي ويو دوست جي گهر_ جنھن جي گهر جي ڀت تي ڪيتريون ئي ڇٽيون ٽنگيل نظر اچي رهيون هيون پر پنھنجن ئي خيالن ۾ ڇٽيءَ بدران ٽنگيل ٻھارو لاهي ان کي ڇٽيءَ وانگر جهلي هلڻ لڳو.
رستي تي هڪ ٻيو بہ پاڻ جھڙو دوست گڏيس. هن چيس: ”خوشيءَ جي ڳالھہ آهي جو هھڙي مينھن ۾ تون ڇٽيءَ سان ملي وئين نہ تہ آئون مينھن ۾ پُسي ڀت ٿي وڃان ها.“
”مڙئي خير آهي ادا، اچ منھنجي ويجهو ٿي هل.“ کيس ان لقاءُ ۾ ڏسي رستي تي ماڻھو کلڻ لڳا. پر هنن کي ڪا پرواھہ نہ . آخر پاڻ مان ئي هڪڙي ٻئي کي چيو : ”يار ڪمال آهي. ڇٽي هوندي بہ پاڻ پسون پيا.“
ٻئي وراڻيو: ”ها يار، الائي ڇو، شايد ڇٽيءَ ۾ ٽُنگ هجڻ ڪري پاڻي ڳڙيو پيو اچي.“

ان قسم جي ڪھاڻين جي پاڻ وٽ بہ کوٽ ناهي. اها ڳالھہ تہ هر هڪ ٻڌي هوندي تہ هڪ غائب دماغ ماڻھو گهر اچڻ وقت سوچيندو آيو تہ گهر پھچڻ سان جوتا لاهي کٽ هيٺ رکندس. ڇٽيءَ کي ڪنڊ ۾ ۽ پاڻ سڌو ٿي هنڌ تي ليٽي پوندس. پر گهر پھچڻ تي پنھنجن ئي خيالن ۾ ڇٽي کڻي کٽ هيٺيان رکيائين. بوٽ لاهي کٽ تي سڌا ڪري رکيائين ۽ پاڻ وڃي ڪنڊ ۾ بيھي رهيو.
هڪ ٻي ڳالھہ بہ مشھور آهي تہ هڪ غائب دماغ پروفيسر هٿ ۾ ڪتاب کڻي بس ۾ پئي ويو. وهڻ جي جاءِ نہ مليس، سو هڪ هٿ ۾ ڪتاب جهليائين ۽ ٻئي هٿ سان بس جي ڏنڊي کي جهلي بيٺو. ٽڪيٽ وارو آيو تنھن چيس ٽڪيٽ لاءِ پئسا ڪڍ.
کيسي مان پئسا ڪڍڻ لاءِ ڀر ۾ بيٺل کي ڪتاب جهلڻ بدران چيائين: ”يار هن ڏنڊي کي تہ ٿور جهلجانءِ تہ کيسي مان ٽڪيٽ لاءِ پئسا ڪڍي وٺان.“

ٻين جي مھربانيءَ سان

هڪ دفعي هڪ ماڻھوءَ پنھنجي گهر کي نئينءَ سنئينءَ ٺھرائي تمام گهڻو سجايو ۽ پاڙي وارن کي ساڪي (جپاني چانورن جي شراب) جي دعوت ڏني. سڀني گهر جي ڏاڍي ساراھہ ڪئي پر زال نئڙت ۽ نيازمنديءَ سان سڀني جي ٿورائتي ٿيندي چيو: ”اها توهان پاڙي وارن جي مھرباني آهي جو ان ڪم ۾ توهان مدد ڪئي.“
پاڙي واري هڪ همراه ”يوساڪو سَان“ گهر موٽيو تہ پنھنجي زال سان هن جي اچي تعريف ڪيائين تہ ڪھڙي تہ سگهڙ ۽ عقل واري زال هئي. وڏائي تہ بنھہ نہ هيس. ماڳھين اسان کي پئي چيائين تہ توهان پاڙي وارن جي مھرباني آهي، جن جي مدد سان هيءُ گهر ٺھيو.
يوساڪوءَ جي زال کي سندس مڙس واتان ٻي ڪنھن عورت جي ساراھہ نہ وڻي، سو منھن ٺاهي کيس ماٺ ڪرايائين تہ اها تہ ڪا وڏي ڳالھہ ناهي، ائين تہ هرڪو چئي سگهي ٿو.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِنئين ٻار ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ يوساڪو وارن پاڙي وارن جي دعوت ڪئي.
مھمانن چيو: ”توهان کي مبارڪون هجن، هھڙي سھڻي ٻار ڄڻڻ جون.“ ايتري ۾ يوساڪوءَ جي زال بہ اندران نڪتي ۽ اهو ٻڌي ٺھہ پھہ وراڻيائين:
”نہ سائين اهو ٻار منھنجي مڙس جي اڪيلي سر جي همت ناهي پر توهان سڀني پاڙي وارن جي مھرباني آهي جن ان ڪم ۾ مدد ڪئي.“

1968ع ۾ ”تسويو ڪارو“ ڪوچي_ باناشي نالي ڪھاڻين جو مجموعو پنجن جلدن ۾ جپان ۾ ڇپيو هو، جنھن جو ليکڪ تسويو نوگورو آهي. ان دور جون هي بھترين ڪھاڻيون سمجهيون وڃن ٿيون. نموني طور هيٺ چار کن ڏجن ٿيون. هي دور سنڌ ۾ مخدوم ضياءُ الدين جو هو. (ولادت 1671 ۽ وفات 1711) جنھن جو فقھي مسئلن جو مشھور ڪتاب ”سنڌي ضياءُ الدين“ جي نالي سان آهي.
هيٺيون جپاني ڪھاڻيون سمجهو تہ سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالھه“ کان ڏيڍ سو سال کن اڳ جون ڇپيل آهن. جيڪا 1855۾ هنديءَ مان ترجمو ڪئي ويئي هئي_ ان کان بہ سال کن اڳ 1854 ڌاري غلام هسين قريشيءَ جي لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھه“ آهي، جيڪا هن پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان وٺي سنڌي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پيش ڪئي.

طرف

ننڍو زميندار جڏهن پنھنجي جاگير تي پھتو تہ سڀ هاري ناري اچي هن جي چوڌاري گڏ ٿيا. هن کانئن پڇيو: ”هتي الھندو ڪھڙي پاسي آهي؟“
هاري ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳا: ”توهان جي مرحيات پيءُ جي ڏينھن ۾ تہ هي پاسو الھندو هو ۽ هو اڀرندو. هي اتر هو ۽ هو پاسو ڏکڻ. سائين اسان تي رحم ڪريو ۽ موڪل ڏيو تہ هي پاسو ڏکڻ ئي رهي.“

باقي بچيل گانو

هِگاشي جبل تان گهمي گهر ڏي موٽڻ وقت پيءُ بيحد سٺي موڊ ۾ هو ۽ ڳوٺ ۾ گهڙڻ سان ڪو راڳ شروع ڪيائين. ڳائيندي ڳائيندي گهر بہ اچي ويو پر گهر ۾ گهڙڻ بدران اڳتي هلندو ويو. تنھن تي پٽ چيس: ”بابا گهر تہ اچي ويو.“
پيءُ پرواھہ نہ ڪندي کيس چيو: ”اها تہ مون کي بہ خبر آهي، پر گانو اڃا اڌ مس ٿيو آهي، انھي کي سڄو پورو ڪرڻ لاءِ ڪجهہ پري تائين هلڻ ڏي.“

نہ ڳالھائڻو آهي

ٽن ماڻھن فيصلو ڪيو تہ آڌاي رات تائين پاڻ مان ڪنھن کي بہ ڳالھائڻو ناهي ۽ ماٺ ڪري چنڊ کي ويھي ڏسڻو آهي.
پر ٿوري دير کانپوءِ هڪ چيو: ”اهو تہ تمام ڏکيو ڪم آهي تہ ڪو لفظ بہ نہ ڳالھائجي.“
ٻئي جهٽ چيس: ”تون ماٺ ڪرڻ بدران ڳالھائين پيو.“ تنھن تي ٽئي يڪدم چيو: ”پاڻ ٽنھي ۾ آئون ئي هڪڙو آهيان جو ماٺ ڪري ويٺو آهيان.“

هن جھڙي سنڌيءَ ۾ ڪھاڻي ”شڪر جو مون نہ ڪڇيو“ تمام مشھور آهي پر اهو چئي نٿو سگهجي تہ ڪيتري پراڻي آهي ۽ ڪڏهن ڇپي.

ٻوڙو فقير

هڪڙو ٻوڙو فقير ڪشتو هٿ ۾ کڻي پاڙي مان پني رهيو هو. ڪنھن چيو مون کي لڳي ٿو تہ هي ٻوڙو ناهي.
ٻئي گهر جي مالڪ چيو: ”پاڻ کي اهڙي ڳالھہ ڪرڻ نہ کپي جو هڪ عذر واري کي اجايو ڏک ٿئي.“
هن جي ائين چوڻ سان ٻوڙو فقير جيڪو دراصل ٻوڙو نہ هو سو ايترو تہ خوش ٿيو جو کانئس بہ واتان نڪري ويو: ”ها. واقعي.“
خير اها تہ ٿي جپاني ڪھاڻي. ڪوڙن فقيرن جون ڪھاڻيون ڪيترن ئي قسم جون جتي ڪٿي مشھور آهن. هڪ اهڙو انڌو فقير جيڪو در اصل انڌو نہ هو ڏھہ رپين جو سوال ڪري رهيو هو.
هڪ ڪنجوس ماڻھوءَ فقير کي غور سان ڏسندي دوستن کي چيو يار هي تہ انڌو ڪونھي. لڳي پيو هي هڪ اک سان ڏسي پيو.
فقير امالڪ وراڻيو: ”چڱو ڀلا پوءِ پنج رپيائي کڻي ڏي.“

جپاني ڪھاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ستن جلدن ۾ آهي، جيڪو پھرين 1698 ۾ ڇپيو ۽ ”هستو نيگو سا هناشي تائيڪان“ نالي مشھور آهي. منجهس ڪھاڻيون کڻي اهڙيون دلچسپ ۽ کلائيندڙ نہ آهن ۽ اڄ جي دور ۾ ان کان وڌيڪ سٺاچرچا، ڳالھيون ۽ ڪارٽون آهن، پر تڏهن بہ انھن ڪھاڻين کي ان ڪري بہ اهميت ڏئي سگهجي ٿي تہ اهي پراڻي دور جون آهن.

جپان جي ڊيگهہ ويڪر

ٻہ ڳوٺاڻا پيءُ پٽ پنھنجي جابلو ڳوٺ کان ڪيوٽو شھر گهمڻ آيا (انھن ڏينھن ۾ ڪيوٽو جپان جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ هينئر ٽوڪيو آهي.)
هميشہ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙپھريون دفعو هيڏي وڏي شھر ۾ پھتا ۽ شھر جون رونقون، دڪان، وڏيون عمارتون، ماڻھن جا انبوھہ ۽ ڊگهيون گهٽيون ڏسي وائڙا ٿي ويا. پٽ پيءُ کان پڇيو:
”بابا هيءُ ڪھڙو هنڌ آهي جتي هيترا ماڻھو ۽ دڪان آهن. ڇا هي آهي جپان_؟“
پيءُ وراڻيو: ”ڄٽن جھڙيون ڳالھيون تہ نہ ڪر. ماڳھين ماڻھو ٿو کلائي مون کي شرمندو ڪرين. جپان هن کان ٽيڻو اٿئي ٽيڻو.“

غيبات

جپان ۾ جنن ڀوتن جون ڪھاڻيون بہ مشھور آهن، جھڙي نموني اسان وٽ چوندا آهن تہ ماڻھوءَ کي جِنُ پيو آهي تيئن جپان ۾ اهو عقيدو آهي تہ غيبات بگهڙ جي شڪل ۾ ايندي آهي ۽ ڪو وڦليل ڳالھيون ڪندو تہ چوندا تہ هن کي بگهڙ پيو آهي.
جپان جي ڪاگوشيما شھر ۾ هڪ سائيڪلن واري جو دڪان مين روڊ جي چؤواٽي تي آهي. دڪان جي پويان سندس گهر آهي.هوسڄو ڏينھن پاڻ ۽ سندس پوڙهي زال دڪان ۾ ويٺا هوندا آهن. اسان جھازي نيون ۽ سيڪنڊ هئنڊ سائيڪلون ان کان ئي وٺندا آهيون ۽ اڌ گابري ترجمي جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ منھنجا جھازي ساٿي مون کي وٺي هلندا آهن. پاڻ ۽ سندس زال ڪھاڻين جا ڪتاب آهن. خاص ڪري جنن ڀوتن جي ڪھاڻين جا. ان کان علاوه ڪو بي (Kobe) شھر جي بازار(موتو ماچي) ۾ فوٽ پاٿ تي وهندڙ هڪ هٿ ڏسندڙ جوتشي کان ٻڌل ڪيتريون ڳالھيون ۽ لطيفا هن ۾ شامل آهن. ڪوبي جپان جو مشھور بندرگاھہ آهي ۽ اسان جا پاڪستاني جھاز هتي اڪثرايندا رهن ٿا. هن ڪتاب ۾ ٻنھي ڌرين جا فوٽو شامل آهن.

گذريل ڏھہ سالن ۾ هڪڙو هنن کان، ٻيو جپان جي اتراهين شھر حاچينوهي ۾ هڪ جپاني فئمليءَ کان جنن ڀوتن، پرين ۽ ڏائڻين جون ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌيون هوندم. انھن مان ڪيتريون هنن کي سندن ڏاڏين نانين ٻڌايون آهن. يعني خبر نٿي پوي تہ اهي ڪڏهن جون آهن.
هيٺين ڪھاڻي تمام پراڻي آهي. منجهس جِنَ يا بگهڙ پوڻ جي تہ ڳالھہ ناهي پر هڪ ڳريءَ جاءِ جي ڳالھہ آهي، جنھن ۾ غيبات جو اثر هو.

غيبات

ڪنھن زماني ۾ هڪ ڳري جاءِ هئي، جنھن تي غيبات جو اثر هو ۽ منجهس ڪير بہ رهي نٿي سگهيو. هڪ همراھہ ’جبودايو‘ نالي کي پنھنجي پھلواني جسم تي ڏاڍو ناز هو تهو هو ان جاءِ ۾ رهي سگهي ٿو ۽ ڪير بہ هن جو وار ونگو نٿو ڪري سگهي.
گهر جي مالڪ گهڻو ئي چاهيو تہ هو نہ رهي پر هن جي ضد ڪري، کيس ڇڏي ڏنائين تہ ڀلي وڃي رهي. سو جبودايو پنھنجي خانداني خنجر سان ان جاءِ ۾ وڃي ٽڪيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو تہ ڇا ٿو ٿئي.
رات جو ٻي بجي تائين ڪجهہ نہ ٿيو ۽ جبودايي سمجهيو تہ غيبات کانئس ڊڄي وئي آهي۽ هاڻ نہ ايندي سو مڪر ڪري سمھي رهيو. ايتري ۾ ڇا ٿو ڏسي تہ گهر جي ڪنڊ مان هڪ وڏي منھن واري عورت ظاهر ٿي، جيڪا وات مان ساھہ بدران باھہ جا الا ڪڍي رهي هئي.
جبودايو اکيون کولي چوڻ لڳو: ”اهي تنھنجا ڪم مون کي ڊيڄاري نہ سگهندا. اها پراڻي ڳالھہ آهي.“
ان بعد غيبات ٻيا نمونا ڪري کيس ڊيڄاريندي رهي. هڪ دفعي تہ شيطان جي ٻانھن بڻجي ڇت مان نڪتي پوءِ ميڻ بتي ٿي پني ۾ ويڙهجي ويئي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ورانڊي جي ٿنڀ کي ٻہ اکيون ۽ نڪ لڳي ويو. پر هي همراھہ هر ڳالھہ ٿيڻ تي چوندو رهيو: ” اها بہ پراڻي اٽڪل آهي.“
غيبات آخر اٽڪلون ڪري ڪري ٿڪجي پئي ۽ غائب ٿي وئي.
جڏهن صبح ٿيو ۽ سج اڀريو تہ ان وقت هڪ همراھہ گهر جي مالڪ طرفان نياپو کڻي آيو:
”توکي مبارڪون هجن، جبودايو. رات توکي غيبات جي ڪا بہ ڳالھہ بيوقوف بڻائي نہ سگهي. ان خوشيءَ ۾ توکي شھرين طرفان وڏا انعام اڪرام ڏنا ويندا.“
اهو ٻڌي جبودايو جي واڇ گودو ٿي وئي ۽ خوشيءَ وچان جهڪي چيائين: ”مھرباني، وڏي مھرباني. انعام لاءِ آئون تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ۽ خوشي اٿم تہ غيبات مون کي بيوقوف نہ بڻائي سگهي.“ ۽ پوءِ جھڙو ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين تہ سامھون ڪو پکي پکڻ بہ نہ هو. هي وائڙو ٿي ويو. اتي ڇت مان غيبات جو آواز آيو: ”هاڻ ڪر خبر. ڇا اها بہ پراڻي اٽڪل آهي_؟“

نوڪر کي جِنُ پوڻ

ڪنھن مالڪ وٽ آيل نوڪر کي اچي بگهڙ پيو_ يعني جِنُ پيو. (ڇو جو جپان ۾ بگهڙ پوڻ ائين آهي جيئن پاڻ وٽ جِنُ پوڻ. ان جو ذڪر شروع ۾ ڪري چڪو آهيان).
دعا، ڳنڍا تعويذ ۽ دوا درمل بعد مس مس بگهڙ (جِنُ) سندس جان ڇڏي. پر ان هوندي بہ هو ڪڏهن ڪڏهن منجهيل ۽ موڳو رهڻ لڳو. هڪ دفعي مالڪ ڪاوڙ مان چيس: ”توکي چڱو بگهڙ پيو، ويندي وقت بہ پنھنجو اثر ڇڏي ويو آهي.“
اتي انھيءَ گهڙيءَ بگهڙ (جِنَ) پنھنجو منھن دريءَ کان ٻاهر ڪڍي چيو:
”مون تي ڏوھہ نہ مڙهه. تنھنجي انھيءَ نوڪر جا پھرين کان ئي اهي ڪرتوت هئي.“

(مٿين آکاڻي 1730 ڌاري جي آهي ۽ جپاني ڪتاب زاڪيو بانا شيءَ تان کنيل آهي.)

کوهه

ھيٺين آکاڻي جناتي ڪتاب ”فوڪو نوڪادو“ تان آهي ۽ 1730جي آهي.

کوهه

”ڀائو!نئون کوھہ پيو کوٽين ڇا؟ پوءِ پراڻو کوھہ تہ تنھنجي ڪنھن ڪم نہ ايندو. سو اهو مون کي کڻي ڏي؟“
”ها. پر تنھنجي ڪھڙي ڪم اچي سگهي ٿو؟“
”آئون ان ۾ ڏاڪڻ رکندس.“

اهو ڪو ٻيو آهي

”ادا گوروبي گهر ۾ تہ آهين؟“
”ها، ڇو خير؟“
”بس يار هينئر هينئر ڪوجيماچي (بازار) مان پئي لنگهيس تہ رستي تي ڪو ماڻھو آخري پساهن ۾ مليو. سندس چوڌاري ماڻھن جا ميڙ هئا. ليئو پائي ڏٺم تہ جھڙو تون. آئون ڏڪي ويس. انھيءَ پيرين تو وٽ پڳس تہ پڪ ڪريان تہ تون تہ گهر سلامت آهين نھ.“
اهو ٻڌي گوروبيءَ نہ جواب ڏنو ۽ نہ ٻيو ڪجهہ پڇيو. وٺي بازار ڏي ڀڳو، جتي اهو ماڻھو مرڻينگ حالت ۾ هو. اتي پھچي ان ماڻھوءَ کي ڏسي وري سڌو واپس گهر موٽيو ۽ اچي پنھنجي دوست کي چيائين: ”ادا فڪر نہ ڪر. اهو ڪو ٻيو اٿئي. آءٌ نہ آهيان.“
ان قسم جون موالين ۽ غائب دماغين جون ڳالھيون ننڍي کنڊ ۾ بہ کوڙ. هڪ ٻہ هن وقت ڌيان ۾ اچي رهيون آهن.
ڪو موالي نشي ۾ پڪي رستي تي ئي ڊگهو ٿي سمھي رهيو. کيس گهيرٽ ۾ ڏسي ڪو بشني سندس پيرن ۾ پاتل نوان بوٽ چورائي ويس. صبح جو هڪ ٽانگي واري جي دانھن تي اک کليس جيڪو رڙيون ڪري خبردار ڪري رهيو هوس تہ ابا پير هٽاءِ ڪٿي ٽانگو نہ پير چپي وڃئي.
مواليءَ پنھنجن پيرن ڏي ڏٺو تہ پير اگهاڙا هئس. ٽانگي واري کي چيائين: ”ابا ڀلي ٽانگو چاڙهي وڃ، اهي ڪنھن ٻئي جا پير اٿئي.“
ان کان بہ وڌيڪ موالي ۽ پوليس جي ڳالھہ آهي، جيڪي ڪنھن سراءِ ۾ اچي رات لاءِ ٽڪيا. مواليءَ کي صبح جو سوير ئي پنڌ کي ڇڪڻو هو، سو مسافر خاني جي مالڪ کي پارت ڪري ستو تہ پوليس وارو ڀلي ستو پيو هجي، پر مون کي سوير اٿارجانءِ.
مالڪ مواليءَ کي پرھہ ڦٽي مھل ئي اٿاريو. پر موالي جلديءَ ۾ پنھنجي ٽوپي پائڻ بدران پوليس واري جي پائي هٿ منھن ڌوئڻ لاءِ اٿيو. سامھون ٽنگيل آرسيءَ ۾ پاڻ کي پوليس واري جي ٽوپيءَ ۾ ڏسي چوڻ لڳو: ”مالڪ کي ڪيڏو سمجهايم تہ صبح ساڻ مون کي اٿارجانءِ، تنھن هوندي بہ هن پوليس واري کي اٿاري ڇڏيو آهي.“
پنھنجي مالڪ جي بيوقوفين جون ڳالھيون ڪندي هڪ نوڪر ٻئي کي چيو:“ منھنجو سيٺ بہ عجيب بيوقوف آهي. ڪالھہ دڪان تي ويٺي ويٺي مون کي ٿو چوي تہ ”ڇورا وڃ، وڃي گهر ڏسي اچ تہ آئون گهر ۾ آهيان يا نھ.“ ٻئي ٽھڪ ڏيندي پڇيس: ”پوءِ ڀلا تو ڇا چيس؟“
”مون چيومانس تہ سيٺ صاحب عقل کان ڪم وٺو. مون غريب کي هروڀرو ڇوٿا پنڌ ڪرايو. ٻہ ٻہ ٽيليفون اڳيان رکيا اٿانوَ. گهر جو نمبر ملائي کڻي زال کان پڇو تہ آئون گهر ۾ آهيان يا نھ؟“

ڊاڪٽر جي تعريف

هڪڙو هو ڊاڪٽر، جيڪو رڳو پنھنجي تعريف ڪندو هو تہ هن ذري گهٽ مئل ڪيترن ماڻھن کي بچايو. ڏکين ڏکين ڪيسن جو علاج ڪيائين جن لاءِ ٻين ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو.
سندس هڪ ويجهي دوست چيس: ”اهو تہ فقط پنھنجي زباني پيو ٻڌائين، جنھن ۾ رڳو تنھنجي ڪاميابي جي ڳالھہ آهي. ڇا تو ڪڏهن ڪنھن مريض کي ماريو نہ هوندو؟“
ڊاڪٽر جواب ڏنو: ”ان قسم جون ڳالھيون منھنجن گراهڪن (مريضن) جي گهرن ۾ ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪري مون کي اهڙين ڳالھين ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت.“

ڊڄڻو سامورائي

ڪارو ڪوچي تائيڳائراڪو نالي جپاني آکاڻين جو ڪتاب 1763 ۾ ڇپيو. هيٺين ڪھاڻي ان وقت جي آهي:

ڊڄڻو سامورائي

ڪنھن زماني ۾ هڪڙو ڊڄڻو سامورائي (جنگي جوڌو) رهيو ٿي. هڪ دفعي هن کي سج لٿي کانپوءِ جهنگ جو خيال ٿيو. ڪاڪوس گهر کان ٻاهر ڪجهہ پري هو، جيڏانھن هن کي اڪيلو ويندي ڊپ ٿي ٿيو. سو پنھنجي زال کي چيائين تہ ڏِيوکڻي مونسان گڏ هل.
ڪاڪوس مان اندران هن پنھنجي زال کي آواز ڏنو:
”ڊڄين تہ ڪانہ ٿي _؟“
”ڊڄڻ جي وري ڪھڙي ڳالھہ آهي؟“ جوڻس ٻاهران وراڻيو.
سامورائي خوشي مان ٻھہ ٻھہ ٿيندي چيس:
”شاباش تون واقعي هڪ جنگي جوڌي جي زال ٿيڻ جي لائق آهين؟“

اوهاري شھر جي مُوري

هڪ پوڙهو جيڪو ويجھڙائي ۾ اوهاري شھر مان گهمي آيو، تنھن ڳالھہ ڪئي تہ هن اتي هڪ اهڙي مُوري ڏٺي جنھن جي ڊيگهہ ڇھہ فٽ ۽ ويڪر ٽي فٽ هئي.
”اها تہ واھہ جي موري چئبي. ان جو جيڪر ٻج ملي وڃي تہ واھہ واه!“ ڪنھن چيس.
”ڇو؟ تون ڇا ڪندين؟“ پوڙهي ماڻھوءَ پڇيو.
”آئون اهڙي موريءَ کي پوکيندس. پوءِ زمين مان ڇڪي ڪڍڻ وقت ان کڏ کي کوھہ طور استعمال ڪندس.“

مٿين قسم جون خيالي ڳالھيون ۽ ٻٽاڪون اسان وٽ سنڌ هند ۾ بہ جام آهن.

هڪ ڇوڪري ٻئي کي چيو: ”منھنجي ڏاڏي وٽ ايڏو وڏو وٿاڻ هو جو تازو ڄاول ڦر ان وٿاڻ جي هڪ ڪنڊ کان پنڌ ڪري ٻيءَ تائين پھچندي پھچندي پوڙهو ٿي ويندو هو.“
ٻئي چيو: ”۽ منھنجي ناني وٽ ايڏي وڏي لٺ هئي جو هن کي جنھن وقت وڻندو هو تہ مينھن پوي تہ ان سان ڪڪرن کي وٺي ڌُوڻيندو هو.“
”ايڏي وڏي لٺ تہ ٿي نٿي سگهي،“ پھرئين رد ڪد ڏنس،”ڀلا ايڏي وڏي لٺ رکندو ڪٿي هو؟“
”تنھنجي ڏاڏي جي وٿاڻ ۾ تہ رکندو هو.“ ٻئي ٺھہ پھہ جواب ڏنس.

پنھنجو پاڻ کي ٻوڙڻ

جپان ۾ گهڻو ڪري رستن ۽ پلين تان لنگهندي وقت ٻنھي پاسن جو هڪ ئي وقت محصول ڏيڻو پوي ٿو. ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي تان ويندي وقت ٻارهن رپيا هڪڙا ڏبا آهن ۽ ايندي وقت ٻارهن رپيا ٻيا. پر هتي جپان ۾ هڪ ئي وقت ٻنھي پاسن جا پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ موٽ تي گاڏي يا ماڻھوءَ کي ترسڻو نٿو پوي. هيٺين ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن پل تان لنگهڻ جا ٻہ سڪا مسواڙ/ ٽئڪس آهي، جنھن ۾ موٽ جي في بہ شامل آهي.

پنھنجو پاڻ کي ٻوڙڻ

هڪ ٽيھن ورهين جي عورت هڪ پل تي آئي ۽ جلدي جلدي ۾ ٻن سڪن بدران فقط هڪڙو اڇلي پل تي ٿي چڙهي.
پل وٽ ٽئڪس وٺندڙ چوڪيدار ٻانھن کان جهلي چيس: ”ٻيو سڪو واپسيءَ جو بہ تہ ڏي.“
عورت جواب ڏنو: ”جيئن تہ آئون وچ پل تي پھچي خودڪشي ٿي ڪريان ۽ واپس موٽڻو نہ اٿم سو موٽ جو ٻيو سڪو ڇو ڀريان؟“

شاديءَ جو تحفو

هڪ همراھہ پنھنجي دوست جي شاديءَ جو ٻڌي هن کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ گهر کان نڪتو. رستي تي مارڪيٽ مان هڪ سٺي وڏي مڇي کيس تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ورتائين.
”هيلو! هاچي ڪو! مون ٻڌو آهي تہ تو شادي ڪئي آهي. آئون توکي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان.“
”اها تہ تنھنجي مھرباني،“هن وراڻيو،”پر مون ڪالھہ جوءِ کي طلاق بہ ڏئي ڇڏي.“
”اها تہ ڏاڍي ٻڌايئي، آئون تہ مڇي بہ وٺي آيس تہ توکي تحفي ۾ ڏيندس، پر هاڻ ٺھيو. هڪ ٻئي دوست جي بہ ويجھڙائيءَ ۾ شادي ٿي آهي. ان کي ٿو وڃي ڏيان.“ اهو چئي هو اڳتي روانو ٿيو.
”اباگون شيچي در تہ کول. ڪنھن خبر ڪئي تہ تو شادي ڪئي آهي. مبارڪ هجنئي.“
”پر هوءَ ڪالھہ مون وٽان ڀڄي وئي.“ دوست وراڻيس ۽ هي دلشڪستو ٿي مڇي هٿ ۾ کڻي واپس گهر ڏي موٽڻ لڳو. رستي تي سوچيائين تہ هاڻ هي زال کي ٿو هلي ڏيان تہ گهر ۾ رڌي کائي.
گهر پھچڻ سان در تان ئي دانھن ڪيائين:
”ڀاڳن ڀري. هي ڏس تہ مون تو لاءِ ڇا آندو آهي.“
اندران جوڻس جو آواز اچڻ بدران نوڪر نڪري آيو ۽ اچي ٻڌايائينس:
”سائين مالڪياڻي هينئر هينئر پنھنجي يار سان گڏ هميشہ لاءِ ڀڄي وئي.“
”منھنجا مولا هاڻ خير ڪر. هن مڇيءَ جو ڇا ٿيندو. ڪنھن جا هلي گهر ڦٽايان.“

مٿين قسم جي ڪھاڻيءَ سان ٿورو ملندڙ ڪھاڻي بنگلاديش جا منھنجا بنگالي دوست ٻڌائيندا هئا تہ هڪ همراھہ ٻئي شھر ڏي ڪم سان نڪتو. پٺِ جي پارت نوڪرن چاڪرن کي ڪري ويو. ٽن ڏينھن بعد آيو تہ نوڪر رستي تي ملي ويس، جن کان گهر جي خيريت پڇيائين: ”سائين توهان جي وڃڻ کانپوءِ چور گهر ۾ ٽپي آيا هڙ سامان چورائي ويا، باقي سڀ خير آهي.“ هڪ ٻڌايس.
ٻئي نوڪر چيو: ”۽ ٻار خرڪار اغوا ڪري ويو، باقي سڀ خيريت آهي.“
ٽين نوڪر چيو: ”۽ سائين توهان جي زال ٻئي سان ڀڄي وئي، باقي سڀ خيريت آهي.“
۽ چوٿين چيس: ”۽ سائين گهر کي ڪالھہ اهڙي اچي باھہ لڳي جو سڙي رک ٿي ويو آهي، باقي سڀ خيريت آهي.“

۽ اهڙي قسم جو هڪ ٻيو سنڌ جو واقعو

بس جي ڦر بعد همراھہ گهر پھتو تہ جوڻس وائڙي ٿي پڇيس: ”تنھنجي قميص؟“
”ڌاڙيل لاهي ويا، ماڻھن جا بصر پٽاٽا بہ نہ ڇڏيائون.“
”۽ تنھنجي واچ_؟“ زال پڇيس.
”نڙي تي رکيائون بندوق، خوشيءَ سان لاهي ڏنيمان.“
”۽ شاديءَ جي منڊي_؟“
”هٿ ٻڌي معافي پئي ورتي مان. نظر پين منڊيءَ تي، لاهي ورتائون.“
”اڙي گهوڙٽ، پوءِ باقي بچيو ڇا؟“
مڙس خوشيءَ مان ٻھڪندي ور مان ڀريل پستول ڪڍيو ۽ چيو: ”شڪر ڪر هي بچائي آيو آهيان.“

چور

زال پنھنجي مڙس کي ننڊ مان اٿاري آهستي ٻڌايو تہ ”چور گهر ۾ ٽپي آيو اٿئي ۽ رڌڻي ۾ پيو کڙڪا ڪري.“
مڙس ٽپ ڏئي وڃي چور کي سوگهو ڪيو، پر چور بہ ڪو سگهارو هو سو مقابلو ڪندو رهيو. آخر ڪلاڪ کن جي ويڙھہ بعد چور ساڻو ٿي پيو ۽ مالڪ کيس دسي مٿان چڙهي ويٺو ۽ زال کي هڪل ڪري چيائين:
”پياري هاڻ پاڻيءَ جو گلاس تہ پيار اڃ کان ساھہ ٿو نڪري.“
چور هيٺيان سھڪندي چيو:
”ڀاڄائي هڪ گلاس مون کي بہ پيارجانءِ.“

جپان جي شھر يوڪوهاما ۾ ”ڪوبي ساڙهي شاپ“ هڪ سنڌي هندوءَ جو آهي. سندس سڄو نالو تہ خبر ناهي ڇا آهي پر مائٽ مٽ ۽ اسين سندس گراهڪ کيس ”پمون“ سڏيون. پمون عمر ۾ اسان کان ويھارو کن سال وڏو ٿيندو. دڪان هلائڻ کان وڌيڪ کيس وي سي آر تي فلمون ڏسڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جو شوق آهي. ويجھڙائيءَ ۾ پاڻ هڪ چرچو ٻڌايائين جيڪو مٿين ڪھاڻي ”چور“ سان ٺھڪي ٿو.
هڪ موالي ٽائيپ همراھہ دهلي يا شايد بمبئيءَ ۾ ڪا عشقيه فلم ڏسي نشي جي خمار ۾ ڪنھن پرائي گهر جو در کليل ڏسي اندر گهڙي ويو ۽ سامھون ويٺل پرائي زال سان فلمي ڊائلاگ ڳالھائي ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. زال وٺي دانھون ڪيون ۽ ڀر واري ڪمري ۾ ستل سندس مڙس نڪري آيو ۽ مواليءَ کي ٺونئشن ۽ مُڪن سان ورائي ويو. زال ڪنڊ ۾ بيھي مڙس جي همٿ افزائي ڪرڻ لڳي.
”شاباس، هڻينس هڪڙو ٻيو ٺؤنشو. چڱو ٿو ڪرينس. نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ، آيو آهي پيار ڪرڻ.شرم بہ نٿو اچيس...” وغيره وغيره.
ايتري ۾ موالي جا هوش جاءِٿي ويا ۽ موچڙا کائيندو ڏسي وائڙو ٿي ويو پر پوءِ يڪدم پنھنجو بچاءُ ڪرڻ سان گڏ مڙس تي حاوي ٿي ويو ۽ ان تي ٺونئشن جو وسڪارو ڪري ڏنو.
زال هاڻ مڙس کي موچڙا کائيندو ڏسي ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ مڙس بدران مواليءَ جي همٿ افزائي ڪرڻ لڳي.
“شاباس! واھہ جو ٺؤنشو هنئين. هڻيس هڪ ٻيو بہ ٺؤنشو.نہ پاڻ ٿو پيار ڪري نہ ڪنھن ٻئي کي ڪرڻ ٿو ڏئي....”

موت تي شعر

هڪ پراڻو چور آخر جهلجي پيو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي.
ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهڻ کان اڳ جلاد کي چوڻ لڳو ٿوري گهڙي ترس تہ آئون پنھنجي موت تي ٿوري شاعري ڪري وٺان.

”هن وقت،
هيءَ دنيا ڇڏڻ لاءِ،
ڪيڏو تہ پڇتائي رهيو آهيان،
پر ڇا مون کي پھرين خبر نہ هئي
تہ هڪ ڏينھن مون کي هتان لڏڻو آهي.“

ٻڌندڙن واھہ واھہ ڪرڻ بدران دانھن ڪري چيس:
”اڙي اهو شعر تہ اوتا ڊوڪان جو آهي.“
چور ڪنڌ هيٺ ڪري چيو: “هائو. منھنجا ڀائرو!
۽ اها منھنجي آخري چوري اٿانوَ.“

(اوتا ڊوڪان جپان جو مشھور جنگي جوڌو ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ڄم جو سال اٿس 1432 موت جو 1476).

عام استعمال ۾ ايندڙ جپاني پھاڪا...

”تاماگو چي ڪائي واڪداڪي يا سوئي.“
بيضا ۽ باسون (وعد) جلدي ٽٽيو پون.


”ڪون يانو شيرو باڪاما“
_ رنگريز پاڻ اڻ رڱيل ڪپڙا پھرين. (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ ڪنڀار جي گهر ۾ سڄو ٿانو نہ ملندو).

”بِمبو هِي ما ناشي“
_ غريب ماڻھوءَ لاءِ ڪھڙي وندر (يعني هن جو سڄو ڏينھن پورهئي ۾ ئي گذري ٿو.)

پھرين شرابي کي هضم ڪري ٿو. پوءِ شراب کي شراب هضم ڪري ٿو . ۽ آخر ۾ شراب شرابيءَ کي ڳڙڪايو ڇڏي.

”هو توڪي، نو، ڪائو مو سان_ دو“ _ ٽيو دفعو گار ڏيڻ تي گوتم جي مجسمي کي بہ ڪاوڙ اچيو وڃي. (يعني صبر جي بہ هڪ حد ٿئي ٿي.)

”ڇڻيل گل ٽارين ۾ واپس نٿا وڃن. ڀڳل آرسي وري صحيح عڪس نٿي ڏئي.“

”ڪيوٽو ڪيدا اوري، اوساڪانو ڪُئي دا اوري.“ ڪيوٽو جا ماڻھو ڪپڙي پٺيان پئسو وڃائين ٿا. اوساڪا جا ماڻھو کاڌي پويان.

”انا زُو رُو يوري اومُوگا يا سُوشِي“_ ويم ايڏي تڪليف نٿو ڏئي جيترو ان کان اڳ ان جو فڪر.

”تانڪي وا سونڪي“_ گهڻي چڙ گهر جو ڇيھو.

ڇنل رسي بہ ڪم ۾ اچيو وڃي.

”اوئتي، واڪونِ شييتا گائي“ _ پيريءَ ۾ اولاد جي ڳالھہ مڃڻ ئي عقلمندي آهي.

“هي اوهيتي، شيري تِسُو بومي” ٽِٽ نڪرڻ کانپوءِ ٽنگون ڀِڪوڙڻ مان ڪهڙو فائدو.

”ڪوئي سيڪي تو واڪاڪو سارينُو“.... عشق ۽ کنگهہ لڪائڻ سان نہ لڪي.

لوڪ ڪھاڻيون 

هر قوم کي پنھنجيون لوڪ ڪھاڻيون هونديون آهن. اهي ڪھاڻيون ماڻھن جي دلين تي هڪ خاص اثر ڇڏين ٿيون ۽ ان قوم جي ايندڙ نسلن جو ڪردار ٺاهين ٿيون.
اڳيان ڏنل چند جپاني لوڪ ڪھاڻيون اهي ڪھاڻيون آهن جيڪي جپان ۾ تمام گهڻيون مشھور آهن ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي تائين هلنديون اچن. کانئن هڪيدي کان اوڪيناوا تائين جپاني ٻچو ٻچو واقف آهي ۽ اهي جپاني ماڻھن جو گڏيل ورثو آهن.
ان قسم جون ڪھاڻيون جپاني ماڻھن کي سمجهڻ لاءِ مددگار ثابت ٿينديون.

چنڊ کان آيل شھزادي

گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهو ماڻھو رهيو ٿي، جنھن جهنگ مان ڪانا وڍي انھن کي وڪڻي پيٽ گذر ڪيو ٿي. هڪ لڱا هو ڪھاڙيءَ سان ڪانا ڪٽي رهيو هو تہ ڪنھن ڪاني جي پاڙ ۾ هن کي سوجهرو نظر آيو. حيرت مان ان جي ويجهو پھچي جان کڻي ڏسي تہ هڪ تمام ننڍڙي نينگري چيچ جيڏي ڪاني جي هڪ پوري گُري ۾ ويٺي آهي ۽ روشني پڻ اتان اچيرهي هئي.
جيئن تہ پوڙهي ماڻھوءَ ۽ ان جي زال کي ڪو اولاد نہ هو، سو هي ان ننڍڙي ڇوڪريءَ کي گهر کڻي آيو ۽ ان کي ڌيءَ وانگر پالڻ لڳو. ان واقعي کانپوءِ هن کي ڪانن جي پاڙن مان گهڻو ڪري سونا سڪا ملڻ لڳا، جنھن مان هن جي گهر جو خرچ پکو تمام سٺي نموني هلڻ لڳو ۽ هو جلدي سُکيو ستابو ٿي ويو.
هٿ جي آڱر جيڏي پتڪڙي ڇوڪري ٽن مھنن اندر نہ فقط وڌي وڃي عام عورتن جيڏي ٿي پر سڀني ۾ هوءَ وڌيڪ جوان ۽ سھڻي ٿي پئي. پوڙهي زال مڙس لاءِ هيءَ اهڙي تہ وندر ۽ پياري شيءِ ٿي پئي، جو هن کي ڏسي پيا ٺرندا هئا ۽ پنھنجي اگهائي، ڏک، غم ۽ تڪليفون سڀ وسري وين. هنن پنھنجي ڌيءَ جو نالو بہ سندس سونھن مطابق شھزادي ڪاگويا (جرڪندڙ) رکيو.
شھزادي ڪاگويا جي سونھن جي هاڪ اڄ هتِي سڀان هُتي_ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ هن سان شادي ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ٺاهوڪا جوان اچڻ لڳا، پر هن هر هڪ کي انڪار ڪري موٽائي ڇڏيو. نيٺ پنج ڄڻا اهڙا بہ اميدوار آيا، جن کي ذري ذري موٽائڻ جي باوجود هو وري وري ڀاڳ آزمائڻ آيا تہ من شھزادي ڪاگويا ڪنھن نموني سان راضي ٿي وڃي ۽ اهي سڀئي پنھنجن پنھنجن علائقن جا شھزادا هئا.
پوڙهي پيءُ گهڻو ئي چاهيو ٿي تہ سندس ڌيءُ شھزادي ڪاگويا انھن پنجن ڄڻن مان ڪنھن کي گهوٽ چونڊي. پر هنن تي راضيٿيڻ بدران شھزاديءَ کين شرط وڌا تہ جيڪو هن جا ٻڌايل ڪم پورا ڪري ايندو، ان سان هوءَ شادي ڪندي ۽ انھن ڪمن مطابق هر هڪ کي شھزاديءَ لاءِ ڪجهہ خاص سوکڙيون_ جن جو لڀجڻ ناممڪن ڳالھہ هو، آڻڻيون هيون. انھن شين ۾ هڪ تہ اهو ٺڪر جو پيالو هو جيڪو گوتم ٻڌ ڪتب آندو هو. ٻي سوکڙي وڻ جي اها ٽاري هئي، جيڪا هورائي جبل تي آهي ۽ اهو جبل سمنڊ جي ٻيءَ ڪنڊ تي هڪ ٻيٽ تي آهي. ان ٽاريءَ جون پاڙون چانديءَ جون آهن، ٿڙ سون جو ۽ منجهس اڇا هيرا جواهر ڦٽن ٿا. ٽي سوکڙي جنھن جي شھزاديءَ گهر ڪئي، اهو ڪپڙو هو جنھن کي باھہ نہ لڳي سگهي ۽ چيو وڃي ٿو تہ چين ولائت ۾ باھہ جا ڪوئا ٿين، انھن جي کل مان اهو ڪپڙو اُڻيو وڃي ٿو. چوٿين شيءِ ريو راڪاس جي مٿي تي رکيل ڦڻ جنھن جي هيري مان پنجن رنگن جي روشني نڪري ٿي ۽ پنجين شيءَ هئي ابابيل پکيءَ جو کير.
انھن شين جي ڳولا ۽ شھزادي ڪاگويا کي ماڻڻ جي شوق ۾ ڪجهہ شھزادن تہ پنھنجو تخت تاج بہ قربان ڪري ڇڏيو. سفر ۽ ڳولا ۾ هڪ شھزادو پنھنجي جان بہ ڏئي ويٺو، پر ڪنھن کي بہ ڪجهہ هڙ حاصل نہ ٿيو_ اهو ان ڪري بہ جو جيڪي شيون شھزادي ڪاگويا گهريون ٿي، انھن جو هن دنيا ۾ وجود ئي نہ هو.
ان دوران شھزادي ڪاگويا جي حسن جي هاڪ ملڪ جي بادشاھ تائين وڃي پھتي تہ هوءَ ڪنھن سان بہ شادي نٿي ڪري. بادشاھہ جي بہ اهڙي شيءِ لاءِ دل گهري ۽ پوڙهي پيءُ ڏي نياپو موڪليائين تہ ان شھزاديءَ سميت اچي حاضر ٿئي. پوڙهو تہ ڏاڍو خوش ٿيو تہ جيڪر اهو سڱ ڪنھن بہ حالت ۾ ٿي وڃي پر شھزادي ڪاگويا چيو: ”آئون شادي هرگز نہ ڪنديس ۽ جي مون تي زور آندو ويو تہ آءُ پاڻ کي ماري ڇڏينديس.“
هن جي انڪار ماڳھين بادشاھہ جي چاهت جي باھہ کي وڌيڪ هوا ڏني.
هڪ ڏينھن شڪار جي بھاني بادشاھہ پوڙهي جي گهر گهڙي آيو ۽ شھزادي ڪاگويا کي پنھنجي محلات ڏي وٺي هلڻ لاءِ جھڙو ئي ٻک وڌو تہ هوءَ غائب ٿي وئي. اتي بادشاھہ محسوس ڪيو تہ هيءَ ڪا عام رواجي عورت ناهي ۽ شاديءَ جوارادو لاهي پنھنجي محل ڏي موٽيو.
ان ڳالھہ کي ٽي سال بہ اچي ٿيا ۽ شھزادي ڪاگويا انھيءَ دوران اڃا بہ وڌيڪ سھڻي ٿي پيئي. هڪ سال بھار جي موسم ۾ جڏهن راتيون چانڊوڪي واريون هيون تہ شھزادي ڪاگويا اوچتو ئي اوچتو بيمار ٿي پيئي ۽ ڪنھن نامعلوم سبب جي ڪري سندس منھن تي خوشيءَ بدران ڏک جا آثار نظر اچڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن خاص ڪري چنڊ ڏي نھارڻ وقت سندس ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي آيا ٿي ۽ سندس غم وقت سان گڏ وڌندو رهيو.
پوڙهي پيءُ کان شھزادي ڪاگويا جو اهو حال هاڻ ڏٺو نٿي ٿيو. سو نيٺ هڪ ڏينھن کانئس پڇيو:
”تون چنڊ ڏي ڏسڻ سان پريشان ڇو ٿي ٿيو وڃين؟“

هن اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو: ”اها ڳالھہ ٻڌائڻ لاءِ آءٌ پڻ گهڻي عرصي کان آتي آهيان. پر هيستائين دل نٿي ٻڌي سگهيس.“ ۽ پوءِ هن آهستي آهستي هيٺين ڳالھہ ٻڌائڻ شروع ڪئي:
”حقيقت اها آهي تہ آءٌ هن ڌرتيءَ جي نہ پر چنڊ جي رهواسي آهيان. مون کان اتي هڪ خطا ٿي وئي، جنھن جي ڏوھہ جي سزا ۾ مون کي هتي هن ڌرتيءَ تي ڪجهہ عرصو ٽڪڻ لاءِ موڪليو ويو هو ۽ هاڻ اهو وقت اچي پورو ٿيو آهي ۽ ٻئي مھيني جي چوڏهينءَ تي چنڊ کان ڪجهہ ماڻھو اچي مون کي واپس وٺي ويندا. سو مون کي هاڻ توهان کان سگهو ئي موڪلائڻو پوندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو آءٌ ڏکويل آهيان.“
اهو ٻڌي پوڙهو پيءُ وائڙو ٿي ويو ۽ چيو: ”توکي تہ مون ائين ئي لڌو ۽ جڏهن پالي نپائي هيڏو وڏو ڪيو تہ هاڻي توکي مون کان ڪو کسي رهيو آهي.“

پوڙهي ڏک ۽ ڪاوڙ مان ملڪ جي بادشاھہ کي وڃي دانھن ڏني. بادشاھہ سلامت پڪو پھہ ڪيو تہ ڪنھن ريت شھزاديءَ کي چنڊ تي وڃڻ نہ ڏنو وڃي. سو پنھنجي فوج جي ٻن هزار سپاهين کي حڪم ڪيو تہ چنڊ جي جڏهن چوڏهين ٿئي هت هن پوڙهي جي گهر تي چڱيءَ طرح پھرو ڏنو وڃي.
گهر جي سڀني ڇتين ۽ باغيچن ۾ تير ڪمانن سان سپاهي بيھي رهيا ۽ آسمان ڏي چتائي ڏسڻ لڳا تہ جيئن ئي ڪا شيءِ اتان ايندي نظر اچي تہ تيرن سان هڻي ڊاهي رکجي ۽ ساڳئي وقت گهر اندر هڪ ڳجهو ڪمرو ٺاهي، شھزادي ڪاگويا کي حفاظت هيٺ رکيو ويو.
آخر اها رات آئي ۽ آڌيءَ مھل اوچتو اهو گهر ۽ سڄو پاڙو روشن ٿي ويو، جھڙوڪر ڏينھن ٿي ويو هجي. پوءِ آسمان جي هڪ ڪنڊ مان، هڪ عجيب پوشاڪ ۾ ماڻھن جو ٽولو ڪڪرن ذريعي هيٺ لھڻ لڳو. بادشاھہ جي سپاهين کين تير هڻڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر سندن وڙهڻ جي همت ئي ختم ٿي وئي.
پوءِ جيئن ئي سپاهي پنڊ پھڻن وانگر بيٺا هئا تہ هي ٽولو هيٺ لھي گهر جي ڳجهي ڪمري ۾ گهڙي ويو ۽ شھزادي ڪاگويا کي آندل ڏولي منجهہ وهاري چنڊ ڏي وٺي ويو. ڏوليءَ اندر شھزادي ڪاگويا ڌرتيءَ جي ڊريس لاهي نئين پوشاڪ پھري جيڪا ان ٽولي آندي هئي. ڌرتي ڇڏڻ وقت، هميشہ جدائي ڪري شھزادي ڪاگويا ڏک منجھان گهڻو ئي رُني پر ڪو ڪجهہ ڪري نہ سگهيو. ٻہ هزار سپاهي بہ ماٺ مٺوڙي ۾ ڏسندا رهيا. پوڙها پيءُ ماءُ بہ رڳو اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا.

(مٿين ڪھاڻي نائين صديءَ جي آهي ۽ فئنٽسي جي دنيا جي اوائلي ڪھاڻين مان هڪ آهي، جنھن جي بنياد تي پوءِ جپاني ليکڪن ناول لکيا).

نڪ وڏو

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن ملڪ ۾ گينگورو نالي هڪ ماڻھو رهيو ٿي. هڪ ڏينھن نديءَ جي ڪناري تان هو لنگهي رهيو هو تہ کيس هڪ جادوءَ جو دهل ملي ويو، جنھن جو ڪمال اهو هو تہ جنھن وقت بہ ان تي ڏونڪو هڻي چوندو هو: ”اِنگهي وڃ نڪ، انگهي وڃ نڪ.“ تہ هن جو نڪ يڪدم ڊگهو ٿي ويندو هو ۽ جڏهن چوندو هو،”سُسي وڃ نڪ، سُسي وڃ نڪ.“ تہ نڪ ننڍو ٿي ويندو هو. ڪيڏو تہ عجيب دهل هو. گينگورو خوشي ۽ حيرت منجھان، اهو دهل کڻي گهر ڏي روانو ٿيو ۽ پنھنجي هڪ گهاٽي دوست سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد هو ٻئي ان دهل کي کڻي سفر تي روانا ٿيا.
هلندا اچن، هلندا اچن، اچي هڪ ڳوٺ ۾ پھتا، جتي کين هڪ سھڻي عورت نظر آئي، جا واٽ وٺيو پئي وئي. گينگورو هڪ پاسي لڪي چپن ۾ ڀڻڪيو: ”ان ڇوڪريءَ جو نڪ اِنگهي وڃي“ ۽ دهل کي آهستي آهستي وڄايو. ڏسندي ئي ڏسندي ڇوڪريءَ جو نڪ ڊگهو ٿي ويو. اهو ڏسي هوءَ ڊڄي وئي ۽ شرم کان منھن ڍڪي انھي پيرين وٺي گهر ڏي ڀڳي.
ڳوٺ جي شاهوڪار ڪٽنب جي هيءَ اڪيلي ڌيءَ هئي. هن جي ماءُ پيءُ جڏهن پنھنجي پياري ڌيءَ کي هن حال ۾ روئندو ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سندس هيڏو ڊگهو نڪ_ جيڪو پٽ تي وڇايل توريءَ تي پکڙيو پيو هو، ڏسي اچرج پڻ ٿيو. هن بيماريءَ مان کيس ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هنن سڄي ڳوٺ جا کڻي ويد حڪيم ۽ جادوگر گڏ ڪيا. پر، ڪنھن جي بہ علاج ڪو ذرو بہ اثر نہ ڏيکاريو ۽ نڪ اوتري جو اوترو. ڇوڪريءَ جا مائٽ ڏک ۽ افسوس ۾ هر ايندڙ جي واٽ ڏسندا رهيا تہ من ڪنھن جي دوا يا دعا مان فائدو ٿئي. ايتري ۾ گينگورو شنتو ٻائي جي روپ ۾ اچي سھڙيو ۽ دعا پڙهي ڇوڪريءَ جي مائٽن کي ٻڌايو: ”هيءَ هڪ عجيب بيماري آهي، جيڪا نہ شنتو ڌرم جو ٻائو نہ ٻڌ ڌرم جو ڪو بکشو يا ڪو ڊاڪٽر حڪيم ڇٽائي سگهي ٿو. سو آءُ توهان کي صلاح ڏيندس تہ سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو وڃي ۽ هن جي علاج ڪرڻ لاءِ وڏا انعام آڇيا وڃن.“
جيئن تہ پھاڪو آهي تہ ٻڏندڙ کي ڪک جو سھارو بہ چڱو. سو مائٽن هن جي صلاح تي يڪدم عمل ڪيو ۽ ڇوڪريءَ جي چاق ٿيڻ تي وڏي رقم ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
ڏينھن ٻن کانپوءِ گينگورو پاڻ ويس بدلائي هڪ حڪيم جي روپ ۾ اچي نڪتو. مائٽن خوشيءَ سان هن جي بہ آڌرڀاءُ ڪئي ۽ اندر گهرايو.
ڇوڪريءَ جو نڪ ذري گهٽ ڇت کي ڇھي رهيو هو. جيڪو ڏسي گينگورو وڏي رعب سان مائٽن کي ٻڌايو: ”جيتوڻيڪ بيماري پراڻي ٿي چڪي آهي، ۽ سندس اثر ايڏو تہ گهرو ٿي چڪو آهي جو هاڻ علاج ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، پر تنھن هوندي بہ آءٌ ڪوشش ڪندس تہ هيءَ چاق چڱي ڀلي ٿي وڃي.“ ان کانپوءِ هو هڪ چادر ٽنگي ان جي پويان ٿي ويٺو جيئن کيس ڪو ٻيو ڏسي نہ سگهي ۽ پوءِ آهستي آهستي دهل وڄائڻ سان گڏ ”نڪ سُسَڻ“ لاءِ چوندو ويو ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ ڇوڪريءَ جو نڪ بہ سُسَڻ لڳو.
پر گينگورو ٿوري دير کانپوءِ دهل وڄائڻ کڻي بند ڪيو ۽ هڪ ئي وقت سڄو نڪ ننڍو ڪرڻ بدران هن ڄاڻي واڻي ست ڏينھن لڳايا. بھرحال ڇوڪريءَ جي چاق ٿيڻ تي سندس مائٽ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ کيس وڏا وڏا انعام ڏنائون، جيڪي هو وٺي دوست سان گڏ واپس پنھنجي شھر موٽيو ۽ اچي آرام جي زندگي گذارڻ لڳو.
هڪ ڏينھن هو ائين ئي اڱڻ ۾ ستو پيو هو تہ هن کي خيال آيو تہ ڇو نہ وندر خاطر اهو ڏسجي تہ نڪ ڪيڏو ڊگهو ٿو ٿئي. هن پنھنجي دوست کي لڳاتار دهل وڄائڻ لاءِ چيو ۽ سندس نڪ ويو وڌندو، ويو وڌندو_ جبلن کان بہ مٿي، پوءِ ڪڪرن کان بہ مٿي ۽ پوءِ تہ نڪ ايترو ڊگهو ٿي ويو جو سندس مٿيون حصو تہ نظر ئي نٿي آيو.
هاڻ ڇا ٿيو، جو اتفاق سان ان وقت هڪ واڍي آسمان تي وهندڙ نديءَ تي پل ويٺي ٺاهي (جنھن کي مغرب جا ماڻھو Milky Way ٿا سڏين ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو ۽ هتي جپان ۾ ”اما_ تو_ گاوا“ يعني آسمان جي ندي). گينگورو جو نڪ وڌندو اچي اتان نڪتو ۽ اتي ڪم ڪندڙ هڪ واڍي ان کي چپر سمجهي، کڻندي ڪوڪو ان کي پل جي باقي ڪاٺ ۾ ٺوڪي ڇڏيو.
گينگورو کي ان جي ڪا خبر ئي نہ پئي ۽ پوءِ جڏهن سندس دوست دهل وڄائي ”نڪ سسڻ“ جو منتر پڙهيو تہ نڪ هيٺ لھڻ بدران گينگورو پاڻ مٿي کڄندو ويو. ڇو جو نڪ جو مٿيون حصو تہ ڪوڪي لڳڻ ڪري مٿي ڦاسي پيو هو. گينگورو ويو مٿي ڇڪبو، مٿي ڇڪبو ۽ وڃي آسماني ندي جي پل سان لڳو. گينگورو جي دانھن ڪوڪن تي اتان لنگهندڙ هڪ ديوتا جھڙو اهو ڪوڪو ٻاهر ڪڍيو تہ گينگورو اچي هيٺ ڦھڪو ڪيو۽ سڌو اچي “اومي” علائقي جي ”بيوا“ ڍنڍ ۾ پيو.
ماڻھو اڄ بہ چون ٿا تہ بيوا ڍنڍ ۾ جيڪي مڇيون آهن، سي گينگورو جو اولاد آهن.

(مٿين ڪھاڻي جپان جي دلچسپ ڪھاڻين مان هڪ آهي، جنھن ۾ جادو جو دهل نڪ کي ڊگهو ۽ ننڍو ٿو ڪري. جپان جي مختلف حصن ۾ اها ڳالھہ مختلف نمونن سان ڪئي وڃي ٿي، جھڙوڪ شڪاڪو ٻيٽ يا انھن جپاني علائقن ۾ جتي ريشم جو پٽ ٺھي ٿو، اتي دهل بدران اهو ڪم ائٽ ڪري ٿو. ائٽ جي نرانڊيءَ تي ڌاڳو چاڙهڻ وقت نڪ وڌي ٿو ۽ لاهڻ وقت نڪ سسيو وڃي.
ڪن جپاني ماڻھن جي واتان ساڳي ڳالھہ ۾ ٻڌو ويو تہ گينگورو ڇوڪريءَ جي علاج ڪرڻ کانپوءِ هن سان شادي ڪئي، بھرحال ان قسم جون مختلف ڳالھيون ڪجهہ ڦيرڦار سان سنڌ ۾ بہ مشھور آهن. ڪھاڻيءَ جو مفھوم ساڳيو ملندو، ٿر ۾ هڪ نموني سان اها ڪھاڻي ٻڌائي ويندي تہ ڪوهستان ۾ ڪجهہ ٻئي نموني سان ۽ لاڙ ۾ ان ڪھاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ ڦيرڦار هوندي تہ اتر ۾ ٻئي هنڌ.
هڪ ٻي ڳالھہ بہ تہ جپان ۾ در اصل ٻہ ڌرم / فلسفا مشھور آهن. هڪ ٻڌ ڌرم جنھن جو باني گوتم ٻڌ هو ۽ ٻيو شنتو ڌرم، جنھن مطابق ماڻھو پنھنجن وڏن_ خاص ڪري مري ويل مائٽن کي پوڄين. سندن روحن کي چانورن جا ڪيڪ ۽ ٻيون شيون آڇين ۽ انھن لاءِ دعا گهرن.
هڪ ٻي ڳالھہ مٿين ڪھاڻي بابت. ڪي ڪي جپاني پھاڪا بہ ساڳيا آهن، جيڪي اسان وٽ هنڌ سنڌ ۾ آهن يا يورپ آمريڪا جي انگريزي ادب ۾_ جيئن تہ مٿين ڪھاڻي ۾ استعمال ٿيل پھاڪو: ٻڏندڙ کي ڪک جو آسرو.

مھمان ڪونج جي ڪھاڻي

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ جپان جي هڪ ڳوٺڙي ۾ هڪ ايماندار نوجوان رهندو هو.
هڪ ڏينھن جھڙو هو پنھنجي ٻنيءَ تي هر ڪاهي رهيو هو تہ هڪ ڪونج پکي اچي سندس اڳيان ڦھڪو ڪيو. هن جو اڇيرو رنگ هو ۽ کنڀپڻ تمام سھڻا هيس. ائين ٿي لڳو، تہ هن کي ڪو سنڌائتو ڌڪ لڳي ويو هجي. ان ڪري هوءَ اڏامڻ بدران پٽ تي اچي ڪري ۽ هاڻ رڳو رڙهي رهي هئي. هن همراھہ ڪونج کي هٿن ۾ کڻي هن جي کنڀن کي ڏٺو، جن ۾ هڪ ننڍڙو تير لڳل هو.
”ويچاري ڪونج انڪري هاڻ اڏامي نٿي سگهي.“ اهو چئي هن نوجوان هن جي کنڀن مان تير ڇڪي ڪڍيو ۽ ڦٽ کي اگهي صاف ڪيو. ٿوري دير بعد ڪونج سامت ۾ آئي ۽ خوشيءَ مان پرڙا هڻي اڏامڻ لڳي.
”هاڻ،“ نوجوان ڪونج کي چيو، ”پنھنجو چڱي طرح خيال رکجانءِ، جيئن ڪنھن شڪاريءَ جي نظر نہ چڙهين.“
اهو ٻڌي ڪونج، هن نوجوان جي مٿان ٽي دفعا ڦيرا ڪيا، ڄڻ هن جو ٿورو مڃي رهي هجي ۽ پوءِ خوشيءَ مان سنھيون ڪيڪون ڪندي آسمان جي بلندين ۾ گم ٿي وئي. نوجوان بہ پوءِ پنھنجي پورهئي ۾ جنبي ويو. هو بيحد خوش هو تہ هن هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو.
رات ٿيڻ تي هي ڪم ڇڏي گهر ڏي روانو ٿيو. پنھنجي گهر وٽ پھچي هي وائڙو ٿي ويو جڏهن هن ڏٺو تہ هڪ بيحد خوبصورت نوجوان عورت سندس در وٽ بيٺي آهي. هن کي کيڪاري چوڻ لڳي: ”سڄو ڏينھن پورهيو ڪري تون ٿڪجي پيو هوندين.“
تعجب مان هن غور سان ڏٺو ۽ کيس ائين لڳو، ڄڻ هو ڪنھن پرائي گهر اچي نڪتو هجي. پر عورت کيس مرڪندي چيو: ”هي تنھنجو ئي گهر آهي ۽ آءُ تنھنجي ڪنوار آهيان.“
”مون کي اعتبار ئي نٿو اچي،“ نوجوان دانھن ڪري چيس، ”آءٌ ايترو تہ غريب آهيان جو ڪا بہ عورت مون سان شاديءَ جو سوچي بہ نٿي سگهي. مون وٽ تہ کائڻ لاءِ فقط ايترو ڀت مس آهي، جو هڪ ماڻھوءِ لاءِ پورو ٿي سگهي!“
”مڙيئي خير آهي،“ هن سھڻي عورت وراڻيو،”مون پاڻ سان چانور آندا آهن.“ اهو چئي، هن پنھنجي ٿيلھي مان چانور ڪڍيا ۽ رڌڻ لڳي.
نوجوان اهو چئي آخر ڳالھہ مڃي تہ ”تنھنجي مرضي جي تون منھنجي زال ٿي رهڻ چاهين تہ ڀلي رھہ ۽ جيئن وڻئي تيئن گهر کي هلاءِ.“
۽ پوءِ اها عورت، هن غريب نوجوان جي زال ٿي رهڻ لڳي. تعجب جي ڳالھہ اها بہ هئي تہ ان چانورن جي ٿيلھي مان ڪيترا بہ چانور ڪڍڻ تي کٽا نٿي ۽ نڪا ٿيلھي خالي ٿي ٿي ۽ هي جوڙو خوشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو.
وقت پنھنجي رفتار سان گذرندو رهيو. هڪ ڏينھن هن عورت پنھنجي مڙس کي چيو تہ ڇو نہ اُڻڻ جو هڪ آڏاڻو هڻجي. هن مڙسالي ڪجهہ پئسا اُڌارا هٿ ڪري هڪ ڪمرو ڌار ٺاهيو، جتي آڏاڻو هڻي هن عورت اُڻڻ شروع ڪيو، پر هن پنھنجي مڙس کي ايترو چتاءُ ضرور ڏنو :”جڏهن بہ آءٌ اُڻڻ شروع ڪريان تہ تون اندر ڏسڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ.“
پورا ست ڏينھن راتيون هوءَ بند ڪمري اندر اُڻندي رهي. ستين ڏينھن جڏهن هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪتي تہ سندس منھن تي ٿڪ جا آثار هئا. سندس ڪڇ ۾ هڪ خوبصورت ڪپڙي جو تاڪيو هو.
”هاڻ،“ هن چيو، ”هي ڪپڙي جو تاڪيو مون اُڻيو آهي. تون شھر جي مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻي اچ. هن جا توکي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ يين (جاپاني ناڻو) ملندا.“ (پراڻي زماني جو جپاني سڪو_ جنھن جو تمام وڏو اگهہ هو). ٻئي ڏينھن هي همراھہ ڪپڙو بازار ۾ کڻي ويو، جنھن جي هن کي تمام وڏي قيمت ملي ۽ خوش ٿي سگهو ئي گهر موٽيو.
گهر واپس پھچڻ تي هن ڏٺو تہ سندس زال ٻيو تاڪيو بہ اُڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ڇو جو ڪوٺيءَ مان اُڻڻ جو آواز اچي رهيو هو. هن کي تعجب لڳو تہ سندس زال اهڙو سٺو ڪپڙو ڪيئن ٿي اُڻي، سو بہ بنا ڌاڳي جي. هن کي ايترو تہ تجسس ٿيو جو هن اهو معلوم ڪرڻ چاهيو. اهو سوچي هن پنھنجو واعدو ڀڃي ڪوٺي جي دري کولي اندر ليئو پاتو. ڇا ڏسي تہ هن جي موچاري زال تہ اندر ٺھي ڪانہ، ان بدران هڪ ڪونج پنھنجي بدن تان سنھا سنھا پر ڪڍي ان مان ڪپڙو پئي اُڻي. ڪونج کي بہ محسوس ٿي ويو تہ ڪو هن کي ڏسي رهيو آهي. سو يڪدم اُڻڻ بند ڪري هن کي مخاطب ٿي:

”منھنجا پيارا مڙس، جيئن تہ هاڻ تو هر ڳالھہ ڏسي ورتي ۽ تون سمجهي ويو آهين تہ آءٌ ڪير آهيان، سو هاڻ مون کي افسوس آهي جو مون کان هتي هڪ پل بہ ترسيو نہ ٿيندو. آءٌ اها ئي ڪونج آهيان، جنھن کي تو بچايو هو. تنھنجي خدمت جي بدلي ۾ اوجورو ڏيڻ لاءِ آءٌ تو وٽ عورت جي شڪل ۾ ٿي آيس. پر هاڻ اڄ ڏينھن کان پوءِ هي اڌ گابرو اڻيل ڪپڙو منھنجي ياد خاطر پاڻ وٽ نشاني رکجانءِ.“
اهو چئي ڪونج باقي بچيل پرن سان آسمان ڏي اڏامي وئي ۽ وري واپس نہ آئي.

پوڙهو ۽ پٽ

هڪ دفعي جو ذڪر آهي تہ ڪنھن ملڪ ۾ هڪ چئيوان پٽ رهيو ٿي، جنھن پنھنجي پوڙهي پيءُ جي بيحد گهڻي خدمت ڪئي ٿي. چون ٿا تہ انھن ڏينھن ۾ ان ملڪ ۾ اهو قانون هو تہ جنھن جو بہ پيءُ پوڙهو ٿيو ٿي ۽ وڌيڪ پورهيو نٿي ڪري سگهيو تہ ان کي ان جو پٽ جهنگ ۾ ڇڏي آيو ٿي.
هن لائق پٽ جو پيءُ بہ آخر پوڙهو ٿي پيو ۽ هن کان هاڻ ڪو بہ ڪم نٿي پڳو. سو کيس سندس پٽ پٺيءَ تي رکي جهنگ ڏي روانو ٿيو. جهنگ ڏي ويندي وقت هن پوڙهي پيءُ جنھن پڻ پنھنجي پٽ کي ڏاڍو پيار ڪيو ٿي، رستي تي لڳل وڻن وٽان لنگهندي وڻن جون ٽاريون پٽي اڇليندو ويو، جيئن سندس پٽ گهر ڏي واپس ويندي رستو نہ ڀلجي.
جهنگ ۾ پھچي پٽ، پنھنجي پيءُ لاءِ هڪ منھہ اڏيو ۽ پٽ تي پنن ۽ گاھہ جو هنڌ ٺاهيو، جيئن آرام سان سمھي سگهي ۽ مينھن ۽ اس کان هن جو بچاءُ ٿي سگهي.
”هاڻ منھنجا پيارا پيءُ،“ هن چيو، ”آءٌ توکان موڪلائڻ چاهيان ٿو.“
ان تي سندس پيءُ چيو: ”ها پٽ تون ڀلي گهر وڃ، آءٌ هيڏانھن ايندي وقت سڄي واٽ تي وڻن جون ٽاريون پٽي اڇليندو آيو آهيان، جيئن اهي تنھنجي رهنمائي ڪن ۽ تون صحيح سلامت گهر پھچي وڃين.“
پيءُ جي اها ڳالھہ ٻڌي پٽ کي ويتر ڏک ٿيو تہ سندس پيءُ جدائي وقت بہ هن لاءِ سٺائيءَ جو سوچي ٿو. نيٺ پٽ کان اڪيلو موٽيو نھٿيو ۽ پيءُ کي واپس گهر وٺي آيو، پر بادشاھہ جي ڊپ کان هن گهر جي پٺين حصي ۾ غار وانگر جاءِ ٺاهي، پيءُ کي اتي لڪائي ڇڏيو _ ڇو جو بادشاھہ جي حڪم موجب پنھنجي پوڙهي پيءُ کي جهنگ ۾ ڦٽو نہ ڪرڻ تي ٻنھي کي ڦاسي ڏني وڃي ها. پٽ پنھنجي پيءُ کي ان غار ۾ ماني بہ لڪائي پھچائيندو هو. ڪڏهن ڪا خاص شيءِ ملي ويندي هيس تہ اها بہ آڻي پنھنجي پوڙهي پيءُ کي ڏيندو هو.
هڪ ڏينھن بادشاھہ ملڪ جي مختلف حصن ۾ پڙهو گهمايو تہ ڦلھير مان رسو وٽي کيس ڏنو وڃي. اهو ڪم اهڙو هو جو ڪنھن کان بہ ٿي نٿي سگهيو. ڀلا ڦلھير مان بہ ڪو رسو وٽي سگهبو آهي! جنھن ڳوٺ ۾ هي لائق پٽ رهندو هو، ان مان بہ ڪير وٽي نہ سگهيو.
بادشاھہ جو اهو حڪم ٻڌي پوڙهي پيءُ پٽ کي چيو : ”ڪو رسو کڻي ان کي ڪنھن ٿانءُ ۾ رکي باھہ ڏي.“ پٽ ائين ئي ڪيو ۽ باھہ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڦلھير جو رسو وڃي بچيو جيڪو هو بادشاھہ وٽ کڻي ويو. بادشاھہ هن جي ڏاڍي تعريف ڪئي تہ هن هڪ وڏي ڳالھہ ڪري ڏيکاري آهي.
ان ڳالھہ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ بادشاھہ هن کي هڪ ڪاٺيءَ جو ڏنڊو ڏنو، جنھن مان ڪا بہ خبر نٿي پئي تہ اصل ڪاٺي ڪيئن هئي. بادشاھہ پڇيس تہ اهو ٻڌاءِ تہ هن ڏنڊي جي ڪھڙي پاسي پاڙون هيون ۽ ڪھڙي پاسي ٽاريون.
پٽ اهو ڏنڊو کڻي گهر پيءُ وٽ آيو تنھن ٻڌايس تہ هيئن ڪر جو هن کي کڻي پاڻيءَ ۾ وجهه، جيڪو پاسو ٿورو مٿڀرو تري اهو هلڪو آهي ۽ ان پاسي ٽاريون هونديون ۽ جيڪو پاسو هيٺ ڀرو تري_ يعني پاڻي اندر ٿورو وڌيڪ وڃي اهو پاسو ڳرو آهي ۽ پاڙون ان پاسي هيون.
بادشاھہ کي اها ڳالھہ ٻڌائڻ تي هن هڪ ٽيون سوال ڪيو ،جيڪو پھرين ٻن کان بہ وڌيڪ منجهائيندڙ هو. بادشاھہ پٽ کي حڪم ڏنو:”هڪ اهڙو دهل کڻي اچ جنھن مان ڏؤنڪن بنا آواز اچي.“
پٽ وري پيءُ کان صلاح وٺڻ آيو. تنھن چيس: ”اها تہ سڀ کان سولي ڳالھہ آهي. دهل لاءِ چمڙو هٿ ڪري اچ ۽ هڪ ڀريل ماکين جو مانارو پڻ جنھن کي دهل اندر وجهي ٻاهران اها کل چاڙهي ڇڏ.“
پٽ اهڙي طرح دهل ٺاهي بادشاھہ وٽ کڻ آيو. بادشاھہ جھڙو ئي دهل کي هٿ لاتو تہ ماکي جون مکيون اندر اڏامڻ لڳيون ۽ ڪڏهن هڪ پاسي تہ ڪڏهن ٻئي پاسي دهل جي کل سان ٽڪرائجڻ لڳيون ۽ دهل منجھان آواز نڪرڻ لڳو.
پٽ کي مبارڪون ڏيندي بادشاھہ پڇيس تہ اهو ٻڌاءِ تہ هھڙن ڏکين ٽن سوالن جا جواب تو ڪٿان هٿ ڪيا.
پٽ وراڻيو: ”عقل ۽ تجربي کان منھنجي عمر تہ ڪجهہ بہ نہ آهي. سو آءٌ پاڻھي تہ هڪ سوال بہ ڪري نہ سگهيو آهيان. پر حقيقت اها آهي تہ انھن مڙني سوالن جا جواب مون پنھنجي پوڙهي پيءُ کان پڇيا_ جيڪو وڏي عمر ڪري تجربي ۽ عقل ۾ مالامال آهي.“
۽ پوءِ روئي بادشاھہ کي سڄي ڳالھہ ٻڌايائين ۽ چيائين: ”آءٌ پنھنجي پيءُ کي اڪيلو جهنگ ۾ ڇڏي نٿي سگهيس. سو مون کيسگهر ۾ ئي لڪائي رکيو آهي.“

پٽ جي ڳالھہ مان بادشاھہ متاثر ٿيندي چيو:
”مون کي تہ اها خبر ئي نہ هئي تہ پوڙها ماڻھو بہ ڪنھن ڪم جا ٿي سگهن ٿا. اڄ ڏينھن کانپوءِ ڪو بہ پنھنجي پوڙهي پيءُ کي جهنگ ۾ اڇلڻ نہ ويندو.“
ان کانپوءِ چيو وڃي ٿو تہ ان شھر ۾ پوڙها ماڻھو بہ پنھنجن ننڍن پٽن سان گڏ خوش خو ش زندگي گذارڻ لڳا.

پوڙهي عورت ۽ سندس پٽ

گهڻو زمانو اڳ جي ڳالھہ آهي تہ جپان جي ڪنھن شھر ۾ ٽي ڀائر رهندا هئا. سندن پيءُ گذاري ويو هو ۽ سندن ماءُ کين نپائي وڏو ڪيو، جنھن سان هنن ٽنھي کي ڏاڍو پيار هو.
بدقسمتيءَ سان ماءُ سخت بيمار ٿي پئي. هنن هن جو تمام گهڻو علاج ڪرايو، مھانگي ۾ مھانگي دوا وٺي ڏنائون ۽ تمام گهڻي خذمت چاڪري ڪئي، پر ڪو بہ فرق نہ آيو. ويتر سندن ماءُ موت جي ويجهو ٿيندي وئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي جيئڻ جا ڏينھن پورا ٿي ويا هجن. اها حالت ڏسي هڪ ڏينھن ٽنھي پٽن پنھنجي ماءُ کان پڇيو: ”تون ڪا بہ اهڙي شيءِ کائڻ چاهين تہ اسان کي ٻڌاءِ.“
جهيڻي آواز ۾ سندن ماءُ وراڻيو: ”آءٌ نارا ناشي کائڻ چاهيان ٿي، جيڪا ڊگهن جبلن تي ٿئي ٿي.“
اهو جواب ٻڌي ٽئي ڀائر ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. هنن ضرور ٻڌو هو تہ نارا ناشي هڪ تمام مٺو ميوو ٿئي ٿو، پر انھن جبلن تي هڪ ديو رهيو ٿي ۽ اڄ تائين ان ميوي پٺيان جيڪو بہ ماڻھو ويو ٿي تہ واپس نٿي موٽيو. ان هوندي بہ ماءُ جي سڌ پوري ڪرڻ لاءِ هو وعدو ڪري نڪتا تہ نارا ناشي ضرور آڻيندا.
سڀ کان پھرين وڏو پٽ تيار ٿيو، جنھن جو نالو تارو هو. هو هڪ وڏو کارو کڻي جبلن ڏي روانو ٿيو. هو ڪجهہ عرصو هڪ جابلو رستي تان هلندو ويو. آخر هڪ وڏي ٽڪر وٽ اچي پھتو جتي هڪ پوڙهي مائي ويٺي هئي. پوڙهيءَ هن کان پڇيو_ ”اي جوان مڙس تون ڪيڏانھن ٿو وڃين_؟“
جواب ۾ تارو ٻڌايس: ”آءٌ پنھنجي پوڙهي ماءُ لاءِ نارا ناشي کڻڻ ٿو وڃان، پر مون کي اها ڄاڻ ناهي تہ اهو ميوو ڪٿان ملي سگهندو؟“
پوڙهيءَ خطري کان آگاھہ ڪندي ٻڌايس: ”شايد توکي خبر نہ هجي تہ انھن جبلن تي هڪ ظالم ديو رهي ٿو. جيڪڏهن تون اوڏانھن ويندين تہ بي رحم ديو توکي ماري ڇڏيندو. ان کان سٺو آهي تہ گهر موٽي وڃ.“
تنھن تي تارو وراڻيس: ”نھ. بنا ميوي جي موٽڻ ڏکيو آهي. آءٌ پنھنجي ماءُ سان وعدو ڪري نڪتو آهيان.“
تنھن تي پوڙهيءَ ڪجهہ سوچي کيس چيو:”جيڪڏهن اها ڳالھہ آهي تہ پوءِ منھنجي ڳالھہ ٻڌ. هتان کانپوءِ ڪجهہ فاصلي تي رستو ٽن پيچرن ۾ ورهائجي ويندو، اتي ٽي سر جا ڪانا پوکيل هوندا. تکي هوا ۾ جنھن طرف هو لڏي رهيا هجن، تون اهو رستو وٺجانءِ.“
پوڙهيءَ کان موڪلائي تارو جبلن ڏي هلڻ لڳو. پوڙهيءَ جي چوڻ مطابق هڪ هنڌ واقعي رستو ٽن راهن ۾ ورهائجي ويو. اتي ڪيترائي سر جا ڪانا لڏي رهيا هئا، پر جنھن رستي ڏي اهي جهڪي رهيا هئا، سو تمام سوڙهو هو، ڏنگو ڦڏو ۽ کڏن کوٻن وارو هو. تارو کي پوڙهيءَ جي ڳالھہ ياد هئي پر هن دل ۾ سوچيو: ”آءٌ کڻي ڪھڙو بہ رستو اختيار ڪريان، ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي. سٺو تہ اهو ٿيندو جو ڪنھن صاف سٿري رستي تي هلان.“ سو هو ان رستي تان هلڻ لڳو، جيڪو ٻين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ کليل هو. انھيءَ وقت هڪ ڪانگ اڏامندو مٿان اچي لنگهيو ۽ تارو کي چوڻ لڳو: ”تو لاءِ بھتر ٿيندو تہ هن رستي تان نہ هل.“ پر تارو، ان ڏي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو ۽ انھيءَ رستي تي هلندو هليو. جلد ئي هو هڪ اهڙي وڻ وٽ اچي نڪتو جيڪو ڳالھائي رهيو هو. هن تارو کي چيو: ”تارو! جيڪڏهن تون هن رستي تان هلندين تہ توکي پڇتائڻو پوندو.“ تارو وڻ جي نصيحت تي بہ عمل نہ ڪيو ۽ اڳتي وڌندو هليو. اڃا هو ٿورو ئي پري مس ويو تہ ڇا ڏسي تہ هڪ تلاءُ آهي، جنھن جو پاڻي بلڪل ماٺو آهي، جنھن جي ٻي ڪنڊ تي نارا ناشي جو وڻ بيٺو آهي.
تارو خوشي وچان تلاءُ جو ڪنارو ڏئي، ان وڻ ڏي ڊوڙڻ لڳو، پر جيئن ئي تارو جو پاڇو ان تلاءُ ۾ پيو تہ ان سان گڏ بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. وڏيون وڏيون لھرون ۽ ڪُن ٺھي پيا. پوءِ هڪدم هڪ ديو جيڪو ان تلاءُ جو چوڪيدار هو، پاڻيءُ مان ٻاهر نڪري تارو کي ڳڙڪائي ويو.
هوڏانھن تارو جا ڀائر ڪيترن ڏينھن تائين تارو جو انتظار ڪندار هيا. انتظار ڪري ٿڪجي پيا تہ پوءِ ٻنھي فيصلو ڪيو تہ هاڻ ٻيو ڀاءُ، جنھن جو نالو جيرو هو، اهو جبلن ڏي وڃي ۽ نارا ناشي آڻي، جيتوڻيڪ جيرو پنھنجي سفر تي روانو ٿيو، پر بدقسمتي سان ان سان بہ ساڳيون حالتون پيش آيون، جيڪي تارو کي اچي چڪيون هيون. هن بہ پوڙهيءَ جو چيو نہ مڃيو ۽ نيٺ ديو کيس ڳڙڪائي ويو.
آخرڪار سڀ کان ننڍو ڀاءُ سفر لاءِ تيار ٿي نڪتو. هن جو نالو سابورو هو. هو بہ انھن جبلن ڏي روانو ٿيو، رستي تي کيس ساڳي پوڙهي ملي، جنھن کي هن ٻڌايو تہ هھڙي طرح سندس ٻہ ڀائر ماءُ لاءِ ناراناشي ميوو آڻڻ لاءِ نڪتا هئا، پر واپس نہ آيا. تنھن تي پوڙهيءَ ٻڌايس _ ”هنن منھنجو چوڻ نہ ورتو. ان ڪري انھن سان هي حال ٿيو. تو لاءِ بھتر ٿيندو تہ منھنجي ڳالھہ تي عمل ڪر.“ اهو چئي هن سابورو کي هڪ تلوار ڏني ۽ رستن بابت سمجهائي کيس روانو ڪيو.
سابورو جڏهن ان جاءِ تي پھتو جتان ٽي رستا ڦٽا ٿي، تہ جنھن طرف اهي ڪانا جهڪي رهيا هئا، ان سوڙهي ۽ ڏکئي رستي تان هلڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ڪانگ پري کان اڏامندو آيو ۽ هن جي اچي رهنمائي ڪئي تہ متان رستو نہ ڀلجي، ائين هلندي هلندي هو هڪ چشمي وٽ اچي پھتو، جنھن مان نارا ناشي جو هڪ ميوو وهندو نظر آيس. اهو ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس همت وڌي، هو چشمي جي پاڻيءَ سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. تان جو هن کي نارا ناشي جاڪيترائي وڻ نظر آيا، جنھن جي پٺيان هڪ تمام وڏو تلاءُ هو، جنھن جو پاڻي صفا ماٺو هو.
سابورو خوشيءَ وچان نارا ناشي جي وڻن ڏي ڊوڙڻ لڳو تہ هوا سوساٽ ڪندي کيس ٻڌايو: ”جيڪڏهن تون اتر طرف کان وڻ تي چڙهندين تہ تنھنجو پاڇو تلاءُ ۾ پوندو ۽ تلاءُ جو چوڪيدار ديو توکي ڳڙڪائي ويندو. پر جيڪڏهن ڏکڻ پاسي کان چڙهندين تہ ڪير بہ تنھنجو نالو نہ وٺندو.“
سابورو اهو ٻڌي ڏکڻ پاسي کان وڻ تي چڙهي ويو ۽ ڍير نارا ناشي ميوو پٽي ورتو، پر جنھن وقت هيٺ لھي رهيو هو تہ ڀُل ۾ هن هڪ اهڙي ٽاري تي پير رکيو، جنھن جو پاڇو تلاءُ تي پيو ٿي. ۽ پوءِ لھرن منجھان هڪ ديو ٻاهر نڪري آيو. هي تارو ۽ جيرو وانگر سابورو کي بہ ڳڙڪائڻ وارو هو تہ جلدي ۾ سابورو پوڙهيءَ واري تلوار ڪڍي ديو کي وهائي ڪڍي. ديو زخمي ٿي پيو ۽ دانھون ڪرڻ لڳو. ٿوري دير ڦٿڪڻ بعد هو هميشہ لاءِ ماٺ ٿي ويو. هن جي مرڻ سان پاڻي پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي ويو.
جڏهن ديو مري ويوتہ سابورو کي سندس پيٽ مان ڪجهہ آواز ٻڌڻ ۾ آيا، هن اڳتي وڌي ديو جو پيٽ چيريو تہ منجهائنس سندس ڀائر تارو ۽ جيرو ٻاهر نڪري آيا. سابورو ٻنھي ڀائرن سان ملي خوش ٿيو ۽ پوءِ پنھنجو پنھنجو کارو نارا ناشي ميوي سان ڀري ٽئي ڄڻا گهر ڏي روانا ٿيا. گهر پھچي هنن نارا ناشي جو کارو پنھنجي بيمار ماءُ اڳيان رکيو ۽ جيئن ئي هن نارا ناشي کاڌو تہ سندس بيماري ختم ٿي وئي ۽ هوءَ چاق چڱي ڀلي ٿي پيئي. ان کانپوءِ هو ٽئي وري پنھنجي ماءُ سان گڏ کل خوشي ۾ رهڻ لڳا.

ڀولڙي جي چالاڪي

ڳالھہ ٿا ڪن تہ ڪنھن زماني ۾ سمنڊ جي خوفناڪ بلائن (اجگرن) جي ديوتا جي ڌيءَ بيمار ٿي پيئي. هن ديوتا جي هيءَ اڪيلي ڌيءَ هئي، جنھن کي هو تمام گهڻو ڀائيندو هو. هن جي بيماري ڪري هو منجهي پيو تہ ڇا ڪجي. دوا درمن گهڻوئي ڪيائين، پر ڪجهہ بہ هڙ حاصل نہ ٿيو. گهڻائي ڊاڪٽر ۽ دوائون بدليائين پر ڪجهہ بہ فائدو نہ ٿيو. آخر نجومين کي گهرايو ويو.
هڪ نجوميءَ سوچي حساب لڳائي ٻڌايو:”سائين بادشاهه! ڇوڪريءَ جي بيماري جو فقط هڪ ئي علاج آهي_ هيءَ ان سان ئي چاق چڱي ڀلي ٿي سگهي ٿي.“
”اهو ڪھڙو علاج آهي__؟“ بادشاھہ پڇيو.
”توهان جي ڌيءَ جي شفا ڀولڙي جي تازي ۽ ڪچي جيري کائڻ ۾ آهي.“
اهو ٻڌي بادشاھہ سلامت حڪم جاري ڪيو تہ جتان بہ ٿي سگهي تہ ڀولڙي جو جيرو حاضر ڪيو وڃي، جيئن منھنجي ڌيءَ ان کي کائي چاق چڱي ڀلي ٿي وڃي.
هاڻ ڳالھہ اها هئي تہ ڀولڙي جو جيرو ڪٿان حاصل ڪيو وڃي_؟ سامونڊي نانگن بلائن جي ملڪ ۾ ڀولڙو ڀلا ڪٿان اچي. ان بابت پاڻ ۾ صلاح سولي ڪئي وئي ۽ آخر ديوتا ان ڪم لاءِ هڪ ڪتي کي حڪم ڏنو تہ جتان وڻنئي اتان هڪ ڀولڙي کي هٿ ڪري اچ. جيئن ان کي ڪھي ان مان سندس جيرو ڪڍي وٺجي.
ڪتي ڪنڌ جهڪائي اهو ڪم سر انجام ڏيڻ جي هامي ڀري ۽ ڀولڙي جي ڳولا لاءِ روانو ٿي ويو.
ڪتو سفر ڪندو هڪ ڏورانھين ٻيٽ کان وڃي نڪتو. اتي پھچي هو ڳولا ۾ لڳي ويو تہ من ڪٿي ڀولڙي تي نظر پئجي وڃي. هن هيڏانھن هوڏانھن جبلن ۾ ڳوليو، وڻن تي ڏٺو. گاهن گهٽين ۾ جانچيو، آخر سندس محنت سجائي ٿي_ هڪ هنڌ کيس هڪ ڀولڙو ويٺل نظر اچي ويو. ڪتي هن سان ملي عليڪ سليڪ ڪئي ۽ پوءِ ڳالھين ڳالھين ۾ هن کي چيو :
”يار ائين ڇو نہ ڪجي، جو ڪجهہ ڏينھن مون سان منھنجي وطن هلي گذار.“
ان کانپوءِ ڪتي پنھنجي سامونڊي علائقي جي وٺي ايڏي واکاڻ ڪئي، جو ڀولڙو هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ ڪتي کان پڇڻ لڳو: ”پر تنھنجي ڳوٺ آءٌ هلي ڪيئن سگهندس؟“
ڪتي وراڻيس: ”اها تہ ڪا وڏي ڳالھہ آهي ڪانھ. مون کي ترڻ اچي ٿو. تون منھنجي بدن تي چنبڙي پئجانءِ ۽ اکيون بند ڪري ڪجهہ دير بعد وري کوليندي تہ اتي پھچي بہ ويا هونداسين.“
۽ پوءِ ٿيو بہ ائين ئي، هو سگهو ئي سامونڊي نانگن بلائن جي ملڪ ۾ سمنڊ جي تري ۾ پھچي ويا. ڀولڙو جيئن ئي اتي پھتو تہ هو بادشاهي مھمان ليکيو ويو ۽ سندس ڏسندي ئي ڏسندي اهڙي خذمت چاڪري ٿي، جو هو خوشي ۾ نہ پئي ماپيو. هو ڪڏهن سوچي بہ نٿي سگهيو تہ هن جي ڪا ايڏي آڌرڀاءُ ٿيندي.
اڃا ڀولڙي کي ٻہ چار ڏينھن مس گذريا تہ سمنڊ جون هڪڙيون ٻہ مڇيون هن وٽ پھتيون ۽ ٻڌايونس: ”شايد توکي خبر ناهي تہ توکي هتي ڇو آندو ويو آهي.“
”ڇو آندو ويو آهي_؟“ ڀولڙي وائڙو ٿيندي پڇيو. ”حقيقت ۾ توکي هتي ان لاءِ آندو ويو آهي، جيئن ديوتا جي بيمار ڌيءَ تنھنجو ڪچو جيرو کائي چاق چڱي ڀلي ٿي وڃي.“
ڀولڙي جو اهو ٻڌو تہ هن جون وايون بتال ٿي ويون. ڏاڍو پڇتائين تہ هي ڇا ٿي ويو ۽ هاڻي پنھنجي جان ڪيئن بچائجي. ڀڄي بہ تہ نٿي سگهيو. پر هن پنھنجو مونجهارو انھن مڇين سان بہ نہ سليو. هو پنھنجي منھن اٽڪلون سوچيندو رهيو ۽ مڇين کي چيو:
”اها تہ ڪا وڏي ڳالھہ آهي ئي ڪانھ. اها تہ پاڻ مون لاءِ خوشقسمتي ۽ عزت جي ڳالھہ آهي تہ منھنجي جيري مان ديوتا جي ڌيءَ چاق چڱي ڀلي ٿي وڃي، پر آءٌ هڪڙو ڪچو ڪم ڪري ويٺو آهيان.“
”اهو ڪھڙو _؟“ هنن پڇيو.
”مون کان هڪ بيوقوفي ٿي وئي آهي، جيئن تہ مون کي ان ڳالھہ جي خبر نہ هئي، ان ڪري پنھنجو جيرو گهر ئي وساري آيو آهيان.“
ڀولڙي جي اها اٽڪل ڪامياب ٿي وئي، جيئن ئي ديوتا اها ڳالھہ ٻڌي، هن ڀولڙي کي چيو:
”جيڪڏهن تون واقعي پنھنجو جيرو گهر وساري آيو آهين تہ پوءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واھہ ڪانھي تہ تون واپس موٽي وڃي کڻي اچ.“
ان سان گڏ ڪتي کي بہ حڪم ڏنو تہ ڀولڙي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ، جيئن هو پاڻ سان پنھنجو جيرو کڻي اچي.
ڪتي انھيءَ وقت ديوتا جي حڪم جي پوئواري ڪئي. ڀولڙو پھرين وانگر ڪتي کي چنبڙي پيو ۽ ڪتو ڏسندي ئي ڏسندي هن کي واپس ٻيٽ تي وٺي آيو جيئن هو ٻيٽ تي پھتو تہ ڀولڙي ڪتي کي چيو:
”تون هتي ترس_ آءٌ پنھنجي گهر وڃي پنھنجو جيرو کڻي ٿو اچان ۽ پوءِ ٻئي گڏجي ٿا هلون.“
ڪتو اتي ئي ترسي پيو ۽ ڀولڙو وٺي ڀڳو تہ وري نظر نہ آيو. ۽ ڪتو افسوس ڪندو رهيو.

نيڪ پير مرد

ڳالھہ ٿا ڪن تہ جپان جي ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪنھن زماني ۾ هڪ تمام غريب پر، نھايت ايماندار ماڻھو رهندو هو. هڪ ڏينھن پنھنجي ڳوٺ جي عبادت گاھہ ۾ عبادت ڪري رهيو هو تہ ٿڌي هوا لڳڻ ڪري هن جي اک لڳي وئي. خواب ۾ هن ڏٺو تہ هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ هن جي اڳيان اچي بيٺو آهي ۽ هن کي چئي رهيو آهي :
”اي پير مرد! جيئن تہ تون تمام ايماندار ۽ محنتي آهين، ان ڪري توکي هڪ تمام سٺي شيءِ ڏيان ٿو.“
اهو چئي هن پير مرد کي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ٽوپي ڏني جيڪا هن جي ڳچي تائين آئي ٿي ۽ چيو:
”جڏهن بہ تون هيءَ ٽوپي پائيندين تہ توکي پکين ۽ وڻن ٽڻن جون ڳالھيون ائين سمجهہ ۾ اچي وينديون، جيئن ماڻھن جون ڳالھيون.“
بزرگ ايترو چيو ۽ پوءِ غائب ٿي ويو. پير مرد ننڊ مان اٿيو تہ اهو ڏسي حيران ٿي ويو تہ تہ خواب ۾ ڏٺل ساڳي ٽوپي سندس جهوليءَ۾ پئي آهي. هن ان ٽوپي کي ڇنڊي ۽ پوءِ ويڙهي پنھنجي پھراڻ جي اندرين کيسي ۾ لڪائي ڇڏي. تازو ڏٺل خواب هن جي اکين اڳيان رکي رکي ڦرڻ لڳو ۽ هو ان جو سوچي خوشي ۾ نٿي ماپيو. ڪجهہ دير بعد هو اٿي بيٺو ۽ پنھنجي گهر ڏي روانو ٿيو. گهر سندس پري هو، سو رستي تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ وڻ هيٺ آرام ڪرڻ لڳو.
پير مرد کي وڻ هيٺان ويٺي اڃا ڪجهہ دير بہ نہ گذري هوندي ايتر ي ۾ اولھہ کان هڪ ڪانگ اڏامندو اچي ان وڻ تي ويٺو. اڃا هو ويٺو ئي مس تہ اوڀر کان هڪ ٻيو ڪانگ آيو ۽ اچي ساڳي وڻ تي ويٺو. ان کانپوءِ ٻئي ڪانگ ڪان ڪان ڪري پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا. پير مرد اهو لقاءُ ڏسي هڪدم کڻي ڳاڙهي ٽوپي پاتي ۽ اهو ٻڌي حيران ٿي ويو تہ هو ڪانگ جون ڳالھيون ايئن سمجهڻ لڳو ڄڻ ماڻھو پيا ڳالھائين. اوڀر پاسي کان آيل ڪانگ ٻئي کان پڇڻ لڳو:
”ادا اولھہ وارا ڪانگ گهڻي عرصي کانپوءِ پنھنجي گڏجاڻي ٿي آهي. ڀلا پنھنجي ڳوٺ جي ڪا نئين تازي خبر تہ ٻڌاءِ.“
جواب ۾ ٻئي ڪانگ چيو: ”يار اوڀر جا ڪانگ! چئين تہ سچ ٿو. هونءَ تہ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا خاص شيءِ نہ ٿي آهي، پر ڳوٺ جو وڏيرو ڪجهہ عرصي کان سخت بيمار آهي. هن کي اها بيماري نانگ جي پِٽَ کان لڳي آهي، جيڪو هن جي گدام جي ڇت جي ڪام ۾ ڦاٿل آهي. جڏهن وڏيري اهو گدام ٺھرايو هو تہ اهو نانگ ان ڪام هيٺ اچي ڦاسي پيو هو ۽ اڃا تائين ڦاٿل آهي ۽ اڄ ڪلھہ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ آهي.“
ڪانگ ٿوري دير ترسي وري چوڻ لڳو: ”انسان بہ ڪيڏي بيوقوف مخلوق آهي. هن جي دماغ ۾ ايتري ڳالھہ بہ نٿي اچي. خير تون ڪر خبر پنھنجي ڳوٺ جي؟ اتي جي ڪا خبر چار ٻڌاءِ؟“
”اتي جي فقط اها خبر آهي ته،“ اوڀرجي ڪانگ ڳالھہ ڪئي، ”اڄ ڪلھہ اسان جي ڳوٺ جي رئيس جي نينگري چاق ڪانھي. ٿيو ائين هو تہ اسان جي رئيس جڏهن ’چانھہ جي دعوت‘ جو ڪمرو ٺھرايو هو تہ پاسي کان بيٺل سرءُ جي وڻ کي ڇانگائي ان ڀرسان ڀت کڻائي هئائين. هاڻ هر سال بھار جي موسم ۾ جڏهن وڻ نوان پن ٿو ڪڍي تہ انھن کي ڀت جي آڏ ڪري اڳتي وڌڻ جي جاءِ ئي نٿي ملي. ان ڪري اهو وڻ نہ تہ چڱي طرح سائو آهي ۽ نہ سڪل. سو ان جي پِٽ پاراتي رئيس جي نينگريءَ کي بيمار ڪري رکيو آهي.“
ايترو چئي ڪانگ ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ افسوس ڪندي چيائين، ”يار انسان ڪيڏو تہ بيوقوف آهي. هن کي ايتري ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ نٿي اچي.“
”ها يار اهو ئي تہ مون کي بہ اچرج آهي.“
ٻئي ڪانگ ٻيون بہ هيڏانھن هوڏانھن جون خبرون ڪري اڏامي ويا. پير مرد ٻنھي جون ڳالھيون ڏاڍي غور سان ٻڌيون. جڏهن ڪانگ اڏامي ويا تہ پير مرد ٽوپي لاهي کڻي پنھنجي چوغي ۾ وڌي ۽ پنھنجي گهر روانو ٿي ويو.
ٻئي ڏينھن هي پير مرد تيار ٿي اولھہ واري ڳوٺ کان اچي نڪتو. وڏيري جي گهر ٻاهران بيھي زور زور سان هوڪو ڏنو: ”آءٌ قسمت جو حال ٻڌائي سگهان ٿو. آءٌ هر ماڻھوءَ جو مستقبل ڄاڻان ٿو.“
پير مرد کي هڪدم اندر گهرايو ويو، جتي وڏيرو بيمار حالت ۾ کٽ تي ليٽيل هو.
”هي گهڻن ڏينھن کان بيمار آهي؟“ ان جو جواب ڪو کيس ڏئي. ان کان اڳ ئي پاڻ چيائين: ”بيماري تہ پراڻي ٿي لڳي. ڇا توهان ويجھڙائي ۾ ڪو گدام ٺھرايو آهي؟“
”هائو سائين! اسان جي وڏيري ڪجهہ ڏينھن اڳ اهو ٺھرايو آهي.“ نوڪر ٻڌايو ۽ پير مرد اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿيو تہ ڪانگن جيڪا ڳالھہ ڪئي، اها نسورو سچ آهي. هن نوڪرن کي چيو:
”جڏهن توهان اهو گدام ٺھرايو هو، تہ ان وقت ان جي ڪام هيٺان هڪ غريب نانگ ڦاسي پيو هو، جو اڃا تائين آهي تہ جيئرو پر ڪام جي چپ ڪري وڏي تڪليف ۾ آهي. هن ويچاري کي هڪدم اتان آجو ڪيو وڃي، جيئن توهان جو وڏيرو نوبنو ٿي پوي.“
نوڪرن انھي وقت وڃي گدام جي ڇت لاٿي تہ واقعي هڪ ڪام هيٺ هڪ نانگ ڦاٿل ڏسڻ ۾ آين. جيئن ئي هن کي آزاد ڪيائون تہ وڏيرو بستر تان اٿي هلڻ چلڻ لڳو، ڄڻ هو ڪڏهن بيمار هو ئي ڪونھ.
وڏيري خوش ٿي پير مرد کي وڏا انعام اڪرام ڏنا، جيڪي کڻي هو خوش ٿي گهر ڏي موٽيو.
ٻئي ڏينھن پير مرد وري تيار ٿيو ۽ هن ڀيري اوڀرواري ڳوٺ ۾ اتي جي رئيس جي گهر اڳيان اچي بيٺو ۽ ساڳي صدا بلند ڪئي.
هتي بہ فقط سڏ ٿيڻ جي ديرهئي جو کيس هڪدم گهر اندر گهرايو ويو ۽ رئيس چيس: ”اي نيڪدل پوڙها! منھنجي ڌيءَ تمام گهڻو بيمار آهي. اسان گهڻو ئي علاج ڪرايو آهي، پر ڪو فائدو نہ ٿيو آهي، ڇا تون ان بابت ڪجهہ ٻڌائي سگهندين؟“
”آءٌ ڪوشش ڪندس تہ توهان کي ڪجهہ ٻڌائي سگهان، پر ان لاءِ مون کي توهان وٽ رات ٽڪڻي پوندي.“
”اسان کي تنھنجو هر شرط منظور آهي.“
تنھن تي پوڙهي هنن کي چيو تہ کيس ’چانھہ جي دعوت‘ جو اهو ڪمرو ڏيکاريو وڃي، جيڪو هينئر ويجھڙائيءَ ۾ ٺھرايو ويو آهي. جڏهن هن اهو ڪمرو ڏٺو تہ واقعي اتي هڪ ٽارين ڪپيل وڻ جو فقط ٿڙ بيٺل نظر آيو.
”آءٌ رات هن ڪمري ۾ ئي سمھندس.“ پير مرد جي چوڻ تي ان ئي وقت هن جي سمھڻ جو بندوبست ان ئي ڪمري ۾ ڪيو ويو. جڏهن رات ٿي تہ پير مرد سمھي پيو پر ننڊ نہ ڪيائين. آڌي رات جو جيئن وڻن ٽڻن مان هوا جھڙا آواز نڪرڻ لڳا تہ هن ڳاڙهي ٽوپي چوغي مان ڪڍي کڻي پاتي. ٽوپي پائڻ سان هو وڻن جي ڳالھائڻ جا آواز بلڪل چٽي طرح سمجهڻ لڳو ۽ ڳالھين مان کيس پڪ ٿي وئي تہ ڪانگ سچ پئي چيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو پيرمرد رئيس کي ٻڌايو: ”جيڪڏهن تون چاهين تہ تنھنجي ڌيءَ وري چاق چڱي ڀلي ٿي وڃي تہ هن وڻ کي اتان ڪڍي ٻاهر باغ ۾ ڪنھن کلي جاءِ تي لڳراءِ.“
رئيس ان ئي وقت پنھنجي ڪمين ڪاسبين کي حڪم ڪيو جن اتان وڻ کي هڪدم ڪڍي ٻاهر کلي جاءِ تي لڳايو.ائين ڪرڻ سان رئيس جي ڌيءَ ائين چاق ٿي وئي ڄڻ ڪو معجزو ٿي وڃي. رئيس ڏاڍو خوش ٿيو. ان ئي وقت سڄي ڳوٺ جي ماڻھن جي کڻي دعوت ڪيائين. پير مرد کي نہ رڳو پئسا ڏوڪڙ پر ڪپڙا لٽا ۽ اناج سان پڻ ڀري ڇڏيائين. اهي شيون کڻي پوڙهو پنھنجي ڳوٺ ڏي ورانو ٿيو ۽ زندگي جا باقي ڏينھڙا آرام ۽ سک سان گذارڻ لڳو.

مھاڻو ۽ ڪڇون

اڄ کان صديون اڳ جي ڳالھہ آهي تہ جپان جي ڪنھن علائقي ۾ هڪ مھاڻو رهندو هو، جنھن جو نالو يوراشيما هو.هو تمام گهڻو غريب هو. هو صبح جو سوير ئي مڇيون ڦاسائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ۽ شام تائين جيڪي ڪجهہ مڇيون سندس ڀاڳ ۾ اينديون هيون، سي وڪڻي پنھنجو پيٽ گذر ڪندو هو.هو جيتوڻيڪ هو غريب هو، پر تمام گهڻو نيڪ ۽ رحمدل هو.
هڪ ڏينھن جي ڳالھہ آهي تہ هو ڄاري ڪلھي تي رکي سمنڊ ڏي وڃي رهيو هو تہ رستي تي ٻارن جو هل هنگامو ٻڌائين، جيڪي هڪ ڪڇونءَ کي رسي ٻڌي ڇڪي رهيا هئا. ڪي ٻار تہ ان کي وڏا وڏا پٿر پڻ هڻي رهيا هئا. ڪڇون ويچارو ڦٿڪي رهيو هو ۽ پنھنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر ٻار کيس ان حال ۾ ڏسي رحم کائڻ بدران ٽھڪن مٿان ٽھڪ ڏئي رهيا هئا.
هن غريب مھاڻي ٻارن کي گهڻو ئي سمجهايو، پر ٻارن ماڳھين کيس چيو: ”تنھنجو ڇا وڃي. اسان جي مرضي.“ مھاڻي هنن کي نصيحت ڪئي تہ جانورن کي ائين تنگ نہ ڪرڻ کپي، پر ٻارن هن جي ڳالھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. پوءِ مھاڻي کي جڏهن لڳو تہ هي هن جي ڳالھہ هرگز نہ مڃيندا تہ پنھنجي کيسي ۾ پيل جيڪي ڪجهہ پئسا هئا، سي ڪڍي ٻارن کي ڏيندي چيائين: ”ڀلا هي پئسا کڻو پر هن غريب ڪڇونءَ کي کڻي ڇڏيوس.“
ٻارن پئسن جي لالچ ۾ اچي مس مس ڪڇون کي ڇڏيو. يوراشيما اڳتي وڌي، ڪڇونءَ جي پھرين رسي کولي، جنھن سان ٻارن هن جا پير ٻڌا هئا. پوءِ هن مان وهندڙ رت پنھنجي ڪپڙن سان اگهي صاف ڪيو: ”منھنجا پيارا ڪڇون! هاڻ تون هنن ڏنگن ٻارن جي ور هرگز نہ چڙهجانءِ ۽ سڌو پنھنجي گهر هليو وڃجانءِ.“
جواب ۾ ڪڇونءَ پنھنجيون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون ٻہ چار دفعا پوريون پٽيون ۽ پوءِ سمنڊ جي ڪناري طرف پٿرن ۾ لڪي ويو.
ان ڳالھہ کي گذري ڪئين ڏينھن ٿي ويا. هڪ ڏينھن هي مھاڻو پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ مان مڇيوڻ ڦاسائي رهيو هو تہ اوچتو کيس محسوس ٿيو تہ ڪا شيءِ آهي جا ٻيڙيءَ سان ٽڪرائي رهي آهي. ليئو پائي کڻي ڏسي تہ ساڳيو ڪڇون ٻيڙي ڀرسان تري رهيو آهي ۽ پنھنجي پٿرائين پٺي ٻيڙي جي ڪاٺ کي هڻي رهيو آهي.
مھاڻي چيس:
”ننڍڙا دوست ڪھڙو حال اٿئي؟“
ڪڇون وراڻيو: ”مھربان مھاڻا! تو مون کي ان ڏينھن ٻارن کان بچايو، ان لاءِ مان تنھنجو شڪر گذار آهيان.“
اهو چئي ڪڇون اڃا بہ ٻيڙيءَ جي ويجهو ٿيو ۽ چيو: ”در اصل اڄ مان توکي پاڻ سان رويوگو وٺي هلڻ لاءِ آيو آهيان.“
”ريوگو_ ؟! “ مھاڻي تعجب مان چيو.
”ها ريوگو، هيءَ سمنڊ جي تھہ ۾ هڪ تمام سھڻي جاءِ آهي. تو اڄ ڏينھن تائين اهڙي جاءِ نہ ڏٺي هوندي. ڏسي تون ضرور خوش ٿيندين.“
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪڇون قد بت ۾ ايڏو وڏو ٿي ويو، جيڏي ٻيڙي ۽ يوراشيما کي چيو: ”اچ. تون منھني پٺيءَ تي ويھہ تہ توکي هڪدم ريوگو وٺي هلان.“
هن جلدي جلديپنھنجا چَپون ٻيڙيءَ ۾ رکيا ۽ ڪڇون جي مٿان چڙهي ويٺو. يوراشيما کي ريوگو بابت ڪجهہ خبر نہ هئي. هن رڳو قصن ڪھاڻين ۾ ٻڌو ۽ پڙهيو هو تہ سمنڊ جي تري ۾ اها هڪ تمام سھڻي جاءِ آهي. جتي هڪ خوبصورت شھزادي رهي ٿي، جنھن جي حسن جو ڪو بہ جواب ناهي ۽ هميشہ جوان ۽ سھڻي رهي ٿي. وقت جا نشان بہ ان تي اثرانداز نٿا ٿين.
اهو سوچي يوراشيما خوش ٿي رهيو هو. ڪڇون ڪجهہ وقت ترڻ بعد هڪ هنڌ سمنڊ ۾ کڻي ٽٻي هنئي ۽ سمنڊ جي تري ڏي وڌندو ويو، رستي تي ڪئين قسمن جا جانور، مڇيون، گاھہ ٻوٽا، پٿر، سپيون مليا. پوءِ آخر هڪ محل وٽ ڪڇون اچي پھتو، جتي يوراشيما جي آڌرڀاءُ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون قطار ٺاهي بيٺيون هيون. يوراشيما هھڙيون خوبصورت مڇيون ۽ ٻي رونق اکين سان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو_ جنھن لاءِ هن اڄ تائين فقط ٻڌو هو. کيس پوءِ محل اندر وٺي هليا، جتي هڪ حسين شھزاديءَ کيس کيڪاريو ۽ پاڻ سان اندر وٺي هلي. سندس نازڪپڻي، سونھن، وارن جي نموني ۽ ڪپڙن جي ڇا ڳالھہ ڪجي! هن پنھنجي سريلي آواز ۾ يوراشيما کي چيو:
”پيارا يوراشيما! تو منھنجي ڪڇونءَ تي مھرباني ڪئي آهي. ان لاءِ آءٌ تنھنجي ٿورائتي آهيان. ڇا تون ڪجهہ ڏينھن هن محل ۾ مونسان گڏ رهندين؟“
يوراشيما ”مھرباني“ چئي جھڙو هيٺ لٿو تہ هو پوڙهي مھاڻي مان هڪ خوبصورت جوان مرد ٿي پيو. سامھون لڳل آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ان روپ ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ خوش پڻ. هن جا تہ وارا نيارا ٿي ويا. شھزاديءَ هن کي پاڻ سان وٺي محل جو سير ڪرايو. قسمن قسمن جي کاڌن سان سجايل ٽيبل تي وهاري ماني کارائي.
”هتي توکي ڪنھن قسم جي تڪليف نہ ٿيندي. تنھنجي سھولت لاءِ هر شيءِ موجود آهي ۽ هي مڇين جي شڪل ۾ ڪم ڪار واريون ٻانھيون تنھنجو هر وقت خيال رکنديون.“
ريوگو جي دنيا ۾ اچي يوراشيما خوشي ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لڳو. هن کي هتي هر شيءِ ملي ٿي ان کان علاوه شھزادي بہ هر وقت هن سان گڏ هوندي هئي. اهڙين خوشين ۾ هن کي وقت جو تہ احساس ئي نہ رهيو ۽ ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا ويا. پوءِ مھنا ۽ پوءِ ڪيترائي سال لنگهي ويا، پر ايترو سو هو تہ يوراشيما ڪڏهن بہ پنھنجن دوستن کي وساريو ڪونھ. هو هر وقت هنن کي ياد ڪندو رهيو. آخر هن کي ايڏي سڪ لڳي، جو هو هاڻ ان سڪ ۾ غمگين گهارڻ لڳو. آخر هڪ ڏينھن پنھنجي دل جي ڳالھہ شھزاديءَ سان ڪئي، جا پڻ اڳھين سمجهي وئي هئي ۽ هن جي خوشيءَ لاءِ کيس واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
وڃڻ وقت شھزاديءَ کيس جپاني نموني جي ڪاري رنگ جي ننڍڙي دٻي ڏيندي چيو: ”يوراشيما! تون جيڏانھن بہ وڃين تہ هيءَ دٻي پاڻ سان رکجانءِ. هيءُ تولاءِ تمام قيمتي ثابت ٿيندي.“
ان بعد ڪڇونءَ کي گهرايو ويو، جيڪو يوراشيما کي وري ساڳين رستن تان ڦيرائيندي اچي سمنڊ جي ڪناري تي ڪڍيو.
”مھرباني منھنجا ڪڇون دوست.“
”سايونارا، يوراشيما.“
ان بعد ڪڇون سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو. يوراشيما شھزاديءَ کان مليل دٻلي سوگهي جهلي گهر ڏي روانو ٿيو. گهر پھچي هو وائڙو ٿي ويو تہ ايترن سالن گذرڻ ڪري سندس گهر صفا ڊهي ويو هو. چوڌاري گاھہ ۽ ڪنڊا اُڀري آيا هئا. هر شيءِ مٽي سان ڀرجي وئي هئي ۽ جيڪي ماڻھو اتان لنگهي رهيا هئا، سڀ ڌاريان ٿي لڳا. ڪو بہ ڄاڻ سڃاڻ وارو نہ هو. هن کي ائين لڳو ڄڻ پاڻ پراڻي زماني جو ماڻھو هن نئين د‍ؤر ۾ اچي ويو هجي.
يوراشيما کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪجي. هو هڪ هڪ کي جهلي پڇڻ لڳو تہ يوراشيما جيڪو مھاڻو هو ان کي توهان مان ڪو سڃاڻي؟ سڀني انڪار ڪيو، پر هڪ پوڙهي ماڻھوءَ ٻڌايو تہ ان نالي وارو هڪ مھاڻو ڪنھن زماني ۾ رهندو هو، جيڪو هڪ دفعي سمنڊ تي مڇيون ماريندي غائب ٿي ويو هو.
اها ڳالھہ ٻڌي يوراشيما سمنڊ ڏي واپس موٽڻ لڳو. هاڻ تہ هن جو نہ ڪو دوست نہ سڃاڻو رهيو هو. ڪناري تي پھچي هو هيڏانھن هوڏانھن چڪر هڻڻ لڳو. اوچتو کيس اها دٻي ياد آئي، جيڪا هن کي شھزاديءَ ڏني هئي، پر ان کي کولڻ لاءِ شھزاديءِ کيس جهيلو هو. هن ڪجهہ دير سوچي دٻي کي کوليو تہ ان مان ڪونج پکيءَ جو کنڀ نڪري آيو. ان کانپوءِ اڇي رنگ جو دونھون نڪتو، جيڪو هن کي سڄو وڪوڙي ويو ۽ پاڻ اڳ جھڙو پوڙهو ٿي ويو. ان بعد اهو ڪونج جو کنڀ اڏامي اچي سندس پٺي تي لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو ماڻھوءَ مان ڪونج ٿي پيو ۽ آسمان ڏي اڏامڻ لڳو. ان ئي وقت اهو ڪڇون بہ پاڻي مان ٻاهر نڪري اچي ان ڪونج کي ڏسڻ لڳو.
چيو وڃي ٿو تہ اهو ڪڇون، جنھن جي هن پوڙهي مھاڻي ٻارن کان جان بچائي هئي، سو ساڳي شھزادي هئي، جيڪا سمنڊ جي تري ۾ هن کي ملي.

جوانيءَ جو چشمو

هي ڪيتريون ئي صديون اڳ جي ڳالھہ آهي، جڏهن جپان جي ڪنھن ڏورانھين علائقي ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو جنھن جو نالو يوشيدا هو. هو پنھنجي پوڙهي زال فيومي سان گڏ زندگيءَ جا ڏينھن گذاري رهيو هو. هي ٻئي هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ اڪيلا رهندا هئا. اها ڳالھہ نہ هئي تہ هنن کي ڪو اولاد نہ هو. هنن جا ڪيترائي ٻار هئا پر ڇوڪريون وڏيون ٿي شادي ڪري پنھنجن مڙسن جي گهرن ۾ هليو ويون هيون، ڇوڪرا وڏاٿي ٻين شھرن ڏي پورهئي جي ڳولا ۾ نڪري ويا هئا. هنن پنھنجي پوڙهي پيءُ وانگر سڄي عمر ڪاٺيون گڏ ڪري وڪڻڻ جي تڪليف واري زندگي گذارڻ نٿي گهري. اهڙي طرح هاڻ هي پوڙها ماءُ پيءُ بلڪل اڪيلا رهجي ويا هئا ۽ زندگيءَ جو گاڏو اڪيليگهلي رهيا هئا. پوڙهو يوشيدا وڏي عمر جي باوجود صبح جو سوير اٿي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏي روانو ٿيندو هو ۽ جيڪي ڪجهہ ڪاٺيون گڏ ڪري سگهندو هو سي وڪڻي پنھنجو پيٽ قوت ڪندو هو.
انسان جيڪڏهن جوان آهي تہ هن کي ٻاروتڻ جون ڳالھيون ڏاڍو ياد اچن ٿيون ۽ جي پوڙهو ٿيو وڃي تہ پوءِ هن کي جوانيءَ جا ڏينھن هر وقت اکين اڳيان ڦرندا رهن ٿا. يوشيده ۽ فيومي جي بہ اهائي حالت هئي، هنن ٻنھي ڄڻن گذريل زماني کي ياد ڪري ٿڌا ساھہ ٿي کنيا. اهو سھڻو زمانو جڏهن هنن جي نئين نئين شادي ٿي هئي. ان وقت يوشيده هڪ سھڻو ۽ تندرست ڇوڪرو هو. هن جي ٻانھن ۾ ايڏي سگهہ هئي جو ڪھاڙيءَ سان ڪنھن وڻ کي اچي وٺندو هو تہ يڪ ساهي وڍي ڪاٺين جو ڍير ڪري رکندو هو. ان زماني ۾ بہ هن جو اهو ئي ڌنڌو هو. صبح جو سوير اٿي ڪھاڙي ڪلھي تي رکي جهنگ ڏي روانو ٿيندو هو. ٿوري ئي دير اندر هو ڍير ڪاٺين جو وڍي وٺندو هو ۽ پوءِ ڪاٺين جي وڏي لَڏ ڪلھي تي رکي واپس موٽندو هو. محنت ڪرڻ تہ خير سندس هڪ عادت هئي پر جواني جي زور ڪري بہ هو گهڻي محنت ڪري سگهيو ٿي. هي اهي ڏينھن هئا جڏهن سندس زال فيومي بہ جواني ۽ حسن جي دولت سان مالامال هئي. هن جي انگ انگ ۾ مستي هئي. سج جا ڪرڻا سندس گلاب جھڙي چھري تي پوندا هئا تہ هوءَ سون جيان چمڪندي هئي. هوا جي جهوٽن ۾ سندس واسنيگن جھڙا وار لُڏندا رهندا هئا. رات جي وقت ائين لڳندو هو ڄڻ چنڊ بہ هن جي حسن کي تڪي رهيو هجي_ پر اهي مڙئي ڳالھيون ان زماني جون هيون، جڏهن هو جوان هئا. هينئر ٻڍاپي کين بلڪل بدلائي ڇڏيو هو. جواني، حسن، صحت_ سڀ ڄڻ تہ هڪ خواب هئا ۽ گذري ويا. هاڻ هنن جي منھن تي گذري ويل وقت ڪانگ پير جھڙا گهنج ٺاهي ڇڏيا هئا. هاڻ فيوميءَ جو فقط اهو ڌنڌو هو تہ هوءِ جيئن تيئن ڪري گهر جي ڪم کي پورو ڪري. ٿانوَ ٿپا ڌوئڻ، ماني پچائڻ، ٻھاري ڏيڻ ۽ ٻي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ جھڙا ڪم بہ هن کي ڏکيا ٿي لڳا. باقي وقت رڳو ويٺي گِڏندي هئي ۽ هوڏانھن يوشيدا جي حالت اها هئي جو پيريءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري هن جي چيلھہ ئي چٻي ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ هينئر بہ هو اڳ وانگر ڪھاڙي ڪلھي تي رکي ڪاٺين لاءِ نڪرندو هو پر سندس اڳئين چال ۽ اڄ جي ۾ فرق اچي ويو هو. هاڻ هو صبح جو سوير اٿڻ بدران ڪافي دير سان اٿندو هو. وڻن جا وڏا وڏا ٽار ڪپي ٿوري ئي دير ۾ ڪاٺين جا ڍير ڪرڻ هاڻ هن جي همت کان پري هو. هو نہ تہ جلدي ڪاٺيون ڪري سگهندو هو نہ وري جلدي گهر پھچي سگهندو هو. هاڻ هو وڏن وڏن وڻن جا وڏا ڏار ڪپڻ بدران ننڍيون ننڍيون ٽاريون وڍيندو هو. صبح کان شام تائين جيڪي ڪجهہ ڪاٺيون هو ميڙي چونڊي سگهندو هو، سي جيئن تيئن ڇڪي گهر تائين پھچندو هو. اهڙي طرح هي ٻئي جيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
هر سال بھار اچڻ تي فيومي پنھنجي عادت ۽ دستور موجب رنگدار گلن سان ڀريل ڪا ٽاري پَٽي ايندي هئي. هيءَ اهڙي ٽاري جواني جي ڏينھن ۾ پٽي ايندي هئي، تہ هن جي دل ۽ جسم جا گل بہ کڙي پوندا هئا. ڇا تہ شوق هوندو هو ان زماني ۾... ڇا ڇا تہ تمنائون هيون انھن ڏينھن ۾. پر هاڻ تہ هوءَ ويچاري پوڙهي ٿي وئي هئي ۽ آهستي آهستي پير گسڪائي رڙهندي ويندي هئي ۽ اهڙي طرح وري موٽندي هئي ۽ پوءِ اها گلن واري ٽاري پتل جي هڪ گلدان ۾ سجائي ان ديوتا جي مورت اڳيان اچي رکندي هئي جنھن کي جپاني صدين کان پوڄيندا اچن. ٻين ماڻھن جيان يوشيدا ۽ فيوميءَ جو بہ اهو ئي خيال هو تہ ديوتا هنن کي هر قسم جي مصيبت کان نجات ڏياري ٿو. هنن جو خيال رکي ٿو ۽ سار سنڀال لھي ٿو ۽ هر ڪا آفت اچڻ تي هو هنن جون دانھون ڪوڪون پڻ ٻڌي ٿو.
فيومي گهر جو ڪم ڪار ڪندي وقت ۽ يوشيدا ايندي ويندي وقت، ٻئي پنھنجي جواني جا ڏينھن ياد ڪري ٿڌا ساھہ پيا کڻندا هئا. فيومي ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي:
”ڪاش! پاڻ وري جوان ٿي وڃون.“
جواب ۾ يوشيدا بہ چوندو هو:
”ها واقعي جيڪر ائين ٿي وڃي.“
ڏهاڙي جڏهن بہ هو واندا ٿي گڏ وهندا هئا تہ ان ئي قسم جون ڳالھيون ڪندا هئا. هنن جو ديوتا هنن جون اهي سڀ ڳالھيون ٻڌندو هو. هن سمجهيو ٿي تہ پوڙهي ۽ پوڙهيءَ جي دل ۾ وري جوان ٿيڻ جي سڌ آهي. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو کين ڏکويل ڏسي پاڻ بہ اداس ٿي ويندو هو ۽ دل ئي دل ۾ دعائون گهرندو هو تہ هنن پوڙهن کي هڪ دفعو وري جواني ملي وڃي.
خدا جي قدرت، هڪ دفعي صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان يوشيدا کي ائين لڳو ڄڻ ڪو سڏي رهيو هجي. هن غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڪو چئي رهيو هو:
”هن ئي وقت اٿي جهنگ ڏي روانو ٿي. اتي تولاءِ هڪ تمام ڏي خوشخبري انتظار پئي ڪري.“
اهو عجيب آواز ٻڌي پوڙهو پھرين تہ ڏڪي ويو. هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي. هو سوچڻ لڳو تہ اهو آواز ڪٿان پيو اچي. پوءِ نيٺ ڪپڙا بدلائي جهنگ ڏي رونو ٿيو.
يوشيدا جڏهن جهنگ ۾ پھتو تہ سج نڪري رهيو هو ۽ سندس ڪرڻا چوڌاري ڌرتيءَ تي پکڙي رهيا هئا. هن کي سامھون هڪ وڏو وڻ نظر آيو. هن دل ئي دل ۾ سوچيو تہ هي عجيب ۽ خوبصورت وڻ پھرين تہ هتي نہ هو. هي آهستي آهستي هن وڻ جي ويجهو اچي بيٺو جتي هن ڏٺو تہ هڪ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جو چشمو وهي رهيو هو. هن کي اڃ لڳي هئي، سو پاڻي پي جڏهن بس ڪيائين تہ اوچتو سندس نظر پاڻيءَ ۾ سندس منھن جي اولڙي تي پيئي. هو اهو ڏسي وائڙو ٿي ويو. هن کي يقين ئي نہ پئي آيو تہ اهو سندس منھن جو عڪس آهي. هن وري غور سان ڏٺو تہ هن جي گهنجيل منھن بدران هڪ جوان ۽ خوبصوت ماڻھوءَ جو منھن هو. هن گهٻرائجي پنھنجو جائزو ورتو تہ کيس پڪ ٿي وئي تہ اهو خواب نہ پر هڪ حقيقت آهي. تہ هو واقعي جوان ٿي ويو آهي. هن کي اها خبر ئي نہ هئي تہ هن هڪ عام چشمي بدران جوانيءَ جي چشمي جو پاڻي پي ورتو آهي ان ڪري هو وري جوان ٿي بيٺو آهي. خوشيءَ وچان هو سڌو گهر ڏي ڀڳو. فيومي بہ تيسين ننڊ مان اٿي چڪي هئي، هوءَ هڪ جوان کي پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيندو ڏسي وائڙي ٿي وئي.
سندس مڙس کيس سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي ۽ اهو ٻڌندي ئي پوڙهي فيوميءَ بہ نڪا ڪئي هم نڪا تم. ڪپڙا بدلائي جهنگ ۾ سڌو ان چشمي وٽ اچي پھتي. هوڏانھن سندس مڙس يوشيدا گهر ۾ ئي ويٺو رهيو تہ اجهو ٿي فيومي بہ اچي چشمي جو پاڻي پي جوان ٿي اچي. هو دل ئي دل ۾ سوچيندو رهيو تہ فيومي جي اچڻ کانپوءِ هو ٻئي گڏجي گهمڻ لاءِ نڪرندا ۽ سڄو ڳوٺ کين ڏسي تعجب ۾ پئجي ويندو.
”پر هيءَ فيومي اڃا موٽي ڪانھي. ڪيڏي دير ٿي وئي آهي.“
هو وري ٿوري دير انتظار ڪرڻ لڳو، نيٺ فيومي کي ڳوليندي ڳوليندي اچي چشمي وٽان نڪتو پر هوءَ ڪٿي بہ نہ ملي. باقي چشمي وٽ هڪ تمام ننڍڙي نينگري ويٺي هئي. در اصل ائين ٿيو جو لالچ ۾ اچي فيومي گهڻو پاڻي پي وئي هئي_ ايترو گهڻو جو ماڳھين جوان ٿيڻ بدران ننڍڙي ٻار ٿي پئي.
يوشيده کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ هاڻ ڇا ڪجي. آخر پريشاني جي حالت ۾ هن فويمي کي ڪڇ تي کنيو ۽ گهر ڏي روانو ٿيو. گهر پھچڻ تي بک جي ڪري اها ننڍڙ ي نينگري روئڻ لڳي. نيٺ هتان هتان کير هٿ ڪري يوشيدا کيس پياريو ۽ سوچڻ لڳو تہ هيءَ ٻارڙي جيڪا منھنجي زال آهي، ان جي نگهباني ڪير ڪندو.
”منھنجا مولا مان ڇا ڪريان.“ يوشيدا مٿي تي هٿ رکي سوچڻ لڳو. پوءِ اٿي وري ديوتا کي منٿون ڪرڻ لڳو تہ مون کان بي وقوفي ٿي جو اهڙي سڌ ڪيم. ان کان تہ اسان پوڙها ڀلا هئاسين. هو ديوتا جي پيرن تي مٿو رکي روئي روئي سمھي رهيو.
ٻئي ڏينھن يوشيدا جي اک کلي تہ هن کي ائين لڳو ڄڻ هو خواب مان جاڳيو هجي. پھرين هن پنھنجي ٻانھن ڏي نھاريو تہ اهي هڪ پوڙهي ماڻھوءَ جون ئي لڳي رهيون هيون. هو هڪ دفعو وري پوڙهو ٿي چڪو هو. پاسي کان ڏٺائين تہ سندس پوڙهي زال فيومي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهي هئي ۽ هوءِ کير پياڪ ٻار نہ هئي. هن اٿڻ سان يوشيدا کي چيو:
”مون بہ ڪيڏو نہ عجيب خواب ڏٺو.“
پوءِ ٻئي هڪ ٻئي کي ساڳئي خواب جي ڳالھہ ٻڌائڻ لڳا ۽ يوشيدا فيوميءَ کي چيو:
”منھنجي خيال ۾ ديوتا اسان کي سبق ڏنو، جيئن اسان هر وقت بيوقوفيءَ جون سڌون نہ ڪريون.“
فيوميءَ چيو: ”ها، اسان کي اها شيءِ هرگز گهرڻ نہ کپي جيڪا حاصل نہ ٿي سگهي.“
ان ڏينھن کانپوءِ يوشيدا ۽ فيومي، ٻئي زال مڙس کلندي ڪڏندي زندگي گذارڻ لڳا. ان ڏينھن کان پوءِ هنن پنھنجي ٻڍاپي جي دانھن نہ ڪئي.

اهي ڪھاڻيون پڙهڻ بعد پڙهندڙن کي ايتري آئڊيا ضرور ٿي هوندي تہ انھن ڪھاڻين ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالھيون آهن، جيڪي اسان وٽ جنن ڀوتن جي ڪھاڻين ۾ پڻ آهن. ڏسيل رستي مان ٻہ ٽي راهون ڦٽڻ، پوءِ صحيح رستي بدران غلط ۽ ڏکيو اختيار ڪرڻ، جادو جي ٽوپي يا تلوار ملڻ، جا مٿي تي پائڻ يا هٿ ۾ جهلڻ سان ٻين جي نظرن کان لڪي وڃڻ، يا جانورن پکين جون ٻوليون سمجهي سگهڻ. ڪنھن ڏيڏر جو شھزادو ٿي وڃڻ ۽ پوءِ معمولي ڳالھہ تي وري ساڳي شڪل اختيار ڪري رسي وڃڻ. پوڙهي مان جوان ٿي وڃڻ ۽ وري جوان مان پوڙهو ٿيڻ وغيره وغيره.

ٽن بيوقوفن جو ٽولو

ڳالھہ ٿا ڪن تہ ڪنھن زماني ۾هڪ پوڙهي مائي جپان جي شھر اوساڪا ۾ رهندي هئي ۽ سندس پٽ جپان جي گاديءَ واري شھر ايڊو ۾ رهيو ٿي، جنھن کي اڄ ڪلھہ ٽوڪيو سڏيون ٿا. پٽ پنھنجي ماءُ کي خط لکيو. خط حاصل ڪري ماءُ ڏاڍي خوش ٿي پر جيئن تہ هوءَ پڙهيل نہ هئي، ان ڪري گهر جي ٻاهران اچي بيٺي ۽ ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ جي لنگهڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، جيڪو ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل هجي جو هن جي پٽ جو خط هن کي پڙهي ٻڌائي.
ٿوري دير بعد هن هڪ سَمورائي جنگي جوڌي کي پنھنجي خوبصورت لباس ۾ لنگهندي ڏٺو. هن قدم وڌائي ان سَمورائي پھلوان کي عرض ڪيو: ”جيڪڏهن مون کي هي خط پڙهي ٻڌائيندين تہ آئون تنھنجي ٿورائتي رهنديس.“
جنگي جوڌي خط کي پنھنجي هٿن ۾ ٿوري دير جهلي پوءِ ڪجهہ ٻڌائڻ بنا اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو. سَمورائي پھلوان جو اهو حال ڏسي پوڙهي مائي پريشان ٿي وئي تہ هي ٿيو ڇا. ”ڳالھہ ڪھڙي آهي، جو پھلوان تون روئين ٿو. آخر منھنجي پٽ خط ۾ ڇا لکيو آهي؟ مھرباني ڪري مونکي حقيقت کان آگاھہ ڪر.“
جواب ڏيڻ بدران سمورائي پھلوان روئندو ئي رهيو. پوڙهي مائي سمجهي وئي تہ ضرور ڪا وڏي ڏک جھڙي ڳالھہ ٿي آهي ۽ هوءَ هر ممڪن حادثي جو سوچي روئڻ لڳي. سَمورائي پھلوان ۽ پوڙهي عورت روئي رهيا هئا تہ هڪ گاڏي وارو اتان اچي لانگهائو ٿيو. هنن کي رئندو ڏسي آخر هن پڇيو:
”توهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ توهان ٻنھي کي ڪھڙو ڏک رسيو آهي، جنھن جي غم ۾ توهان سڏڪا ڀري رهيا آهيو؟“
ٻنھي مان ڪنھن جواب نہ ڏنو، ويتر زور زور سان روئڻ لڳا. اهو حال ڏسي گاڏي واري کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سمجهي ويو تہ هنن کي ڪو وڏو صدمو رسيو آهي. هو بيحد نرم دل ۽ همدرد طبيعت جو هو. هن کان هنن جو ڏک سٺو نہ ٿيو. پنھنجي شين جو گاڏو ڀر ۾ بيھاري پاڻ بہ هنن ٻن ڏکويلن سان گڏ روئڻ لڳو.
ڀرپاسي کان لنگهندڙ هنن کي روئندو ڏسي کانئن پڇڻ شروع ڪيو تہ آخر ڪھڙي ڳالھہ آهي جنھن توهان کي هھڙو غم رسايو آهي. پر جيئن تہ ڪنھن کي بہ روئڻ جي سبب جي خبر نہ هئي ان ڪري هو ڪنھن بہ قسم جو جواب ڏئي نہ سگهيا ۽ ماڻھو جواب نہ ملڻ تي هنن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا ٿي. آخر ڪو ويو سو وڃي علائقي جي چڱي مڙس کي وٺي آيو. هن اچڻ سان گاڏي واري کي چيو: ”هاڻ گهڻو ٿيو، هر ڳالھہ جي هڪ حد ٿيندي آهي. روئڻ بند ڪر اهو ٻڌاءِ تہ ڪھڙي ڪارڻ تون روئي پنھنجون اکيون سڄائي رهيو آهين؟“
گاڏي واري کي هاڻ ڪنھن بہ صورت ۾ جواب ڏيڻو پئجي ويو جو سوال پڇڻ وارو علائقي جو سردار هو. هن هٿ ادب جا ٻڌي چيو: “سائين منھنجا! در اصل ڳالھہ هيءَ آهي تہ مون کي پنھنجي شاديءَ لاءِ ڪجهہ ڏوڪڙن جي ضرورت هئي. ان لاءِ ڪجهہ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهي ٽوڪريءَ ۾ وجهي، مٿي تي رکي شھر ڏي وڪڻڻ لاءِ تکو تکو وڃي رهيو هوس تہ رستي تي منھنجو پير ترڪي پيو ۽ سڀ ٿانوَ ڪرڻ ڪري ڀڄي ڀري پيا. منھنجي سڄي سال جي محنت، کن پل ۾ برباد ٿي وئي ۽ منھنجي شادي جي خواهش اڻپوري رهجي وئي. ان وقت کان نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ شھر ۾ ڀاڄي ڀُتي وڪڻي رهيو آهيان ۽ سڄو ڏينھن ايڏو مشغول رهان ٿو جو مون کي پنھنجي نقصان لاءِ ماتم ڪرڻ جو ئي وقت نٿو ملي. اڄ هن جوڙي کي روئندو ڏسي مون کي پنھنجو نقصان ياد اچي ويو. مون سوچيو تہ هي سٺو موقعو آهي پنھنجي نقصان ۽ شادي نہ ٿيڻ لاءِ ماتم ڪرڻ جو ۽ هنن سان گڏ مون بہ روئڻ شروع ڪري ڏنو.”

(سمورائي پھلوان خط پڙهڻ بدران اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو...)
علائقي جي سردار هاڻ پوڙهي مائيءَ ڏي مخاطب ٿي چيو: ”هاڻ تون مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڇو روئي رهي آهين؟“
پوڙهي مائيءَ سڏڪا ڀرڻ بند ڪري چيو: ”سائين مون کي اڄ صبح جو پنھنجي پٽ جو خط مليو. جيئن تہ مون کي پڙهڻ نٿو اچي، سو مون سمورائي پھلوان کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. هن ڪجهہ دير خط هٿن ۾ جهلي پوءِ روئڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي آئون سمجهي ويس تہ منھنجي پٽ سان ڪا وڏي ويڌن ٿي آهي ۽ مون بہ روئڻ شروع ڪري ڏنو.“
علائقي جو سردار هاڻ سمورائي پھلوان ڏي وڌيو:
”جنگي جوڌا! تون ٻڌاءِ تہ تون ڇو روئي رهيو آهين؟ توکي ڪھڙي ڳالھہ ڏک پھچايو آهي؟“

هن وراڻيو: ”ننڍپڻ ۾ منھنجو پيءُ مون کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سمجهائيندو هو پر آئون ڪڏهن بہ اسڪول نہ ويس. نتيجي ۾ آئون جاهل سو جاهل رهيس. اڄ جڏهن هن عورت مون کي تعليم يافتہ سمجهي خط پڙهڻ لاءِ ڏنو تہ مون کي ڏاڍو افسوس ۽ شرم ٿيو تہ ڪاش آئون پنھنجي پيءُ جو چيو مڃيان ها تہ اڄ مون کي هي ڏينھن نہ ڏسڻو پوي ها. هاڻ آئون ڪھڙي منھن سان هن پوڙهي مائيءَ کي سمجهايان تہ جنھن کي تون پڙهيل ڳڙهيل سمجهي رهي آهين اهو حقيقت ۾ اڻ پڙهيل ڄٽ آهي. اهو سوچي آئون روئي رهيو آهيان.“
اهو ٻڌي عورت روئڻ بند ڪيو ۽ هِتان هُتان جيڪي ماڻھو اچي مڙيا هئا اهي پنھنجن گهرن ڏي روانا ٿي ويا.

رولاڪ ٽئڪسي ڊرائيور

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ جپان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ’ڪازوهڪو‘ نالي هڪ ٽئڪسي ڊرائيور پنھنجي زال سان گڏ رهيو ٿي. هنن جي شاديءَ کي ڏھہ سالن کان بہ مٿي عرصو ٿي چڪو هو. هن جي زال بيحد سادي ۽ شريف طبيعت جي هئي، جنھن جي زندگيءَ جو مقصد گهر جي صفائي ۽ مڙس جي خذمت کان علاوه ٻيو ڪجهہ نہ هو. هوءَ سڄو ڏينھن گهر جي ڪم ڪار ۾ اهڙو رُڌل رهي ٿي جو هن کي پنھنجو پاڻ کي ٺاهڻ جوڙڻ جو بہ وقت نٿي مليو ۽ هميشہ گهر جي پراڻن ۽ سادن ڪپڙن ۾ رهي ٿي.
ڪازوهڪو ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪم جي نوعيت ڪجهہ اهڙي هئي جو هن کي هر وقت سھڻن ويس وڳن ۽ ميڪ اپ وارين عورتن کي ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي جيڪي هن جي ٽئڪسي ۾ چڙهي دعوتن ۾ يا ساهيڙين جيڏين سان ملڻ ويون ٿي. ڪازوهڪو هاڻ آهستي آهستي هنن واندين ۽ ٺاهوڪين عورتن سان پنھنجي سادڙي ۽ گهر ۾ مڙس جي خذمتگار زال سان ڀيٽڻ لڳو. هن اهو هرگز نہ سوچيو تہ سندس زال پنھنجي مڙس جي ڪيڏي خذمت ڪري ٿي ۽ ان جي مقابلي ۾ سندس ٽئڪسيءَ ۾ وهندڙ عورتن نہ پنھنجي گهر ٻار کي ٿي ڏٺو نہ پنھنجي مڙسن جو ڪو خيال ٿي رکيو. سڄو ڏينھن وتيون ٿي پنھنجي ٺاھہ جوڙ ڪنديون ۽ مڙسن جو پئسو کپائينديون. بھرحال هن کي پنھنجي زال اڻوڻندڙ ۽ بور محسوس ٿيڻ لڳي. هاڻ هو ڏينھون ڏينھن پنھنجي زال سان گهٽ وقت گذارڻ لڳو. آخر ڪار هڪ ڏينھن هن کان وڌيڪ صبر نہ ٿي سگهيو ۽ پنھنجي زال کي سڏي چيو:
”ڳالھہ هيءَ آهي تہ تون مون کي بنھہ نٿي وڻين. آئون توکي ٻين جي زالن سان ڀيٽيان ٿو تہ تون مون کي هڪ نوڪرياڻيءَ کان وڌيڪ نٿي لڳين. ٻيون ڳالھيون تہ ٿيون پوءِ جون، مون کي تنھنجي شڪل ئي نٿي وڻي، مھرباني ڪري منھنجو گهر ڇڏي وڃ.“
پنھنجي مڙس جي واتان اهو ٻڌي هوءَ وائڙي ٿي وئي ۽ پنھنجو پاڻ کي لاچار ۽ بيوس سمجهڻ لڳي. سواءِ پوڙهي پيءُ جي هن جو ٻيو ڪو مائٽ مٽ نہ هو جنھن وٽ موٽي وڃي ۽ سندس ماءُ پيءُ شھر جي ٻي ڪنڊ ۾ رهيا ٿي. هن پنھنجي هوشن حواسن کان جاءِ رکندي چيو: ”جيڪڏهن تنھنجي اها ئي خواهش آهي تہ آئون ان ۾ بہ راضي آهيان. آئون پنھنجي ماءُ پيءُ ڏي هلي ٿي وڃان.“ اهو چئي هوءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿي.
گهر ڇڏڻ جي فيصلي ڪرڻ سان هن پنھنجو پاڻ کي گهر جي جوابدارين کان آجو محسوسڪيو. هاڻ گهر صاف ڪرڻ، مڙس لاءِ ماني تيار ڪرڻ جهڙن ڪمن کان جو هن کي فڪر نہ هو سو وڏي آرام سان وهنجي سھنجي، ويس وڳا پائي عطر عنبير ۽ لاليون سرخيون هڻي پنھنجو پاڻ کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. سندس مڙس ڪازوهڪو جڏهن کيس ميڪ اپ ۽ سھڻي ڪموني (وڳي) ۾ ڏٺو تہ هن کي پنھنجي غلطي محسوس ٿي تہ مار منھنجي زال بہ ڪا گهٽ سھڻي نہ آهي. هن جي دل ۾ آيو تہ هن کي منٿ ميڙ ڪري جيڪر چئجي تہ ”اوڪُوسان (پياري زال) هاڻ نہ وڃ ۽ مون سان پرچي وڃ.“ پر هاڻ پاڻي مٿي کان چڙهي چڪو هو ۽ هاڻ هوءَ ڪڏهن بہ هن جي ڳالھہ مڃڻ واري نہ هئي۽ پوءِ جھڙو هن گهر کان ٻاهر قدم رکيو تہ مڙس چيو: ” آئون ٿو توکي تنھنجي ماءُ پيءُ جي گهر ٽئڪسي ءَ ۾ وٺي هلان.“
هن مڙس جي اها پيشڪش قبول ڪئي ۽ ٽئڪسيءَ ۾ ٿي ويٺي. سندس ماءُ پيءُ جو گهر چڱو پري هو ۽ جڏهن هو منزل تي پھتا تہ ڪازوهڪو جي زال جهڪي مڙس جو ٿورو مڃيو:
”مون کي ٽئڪسيءَ ۾ هيستائين پھچائڻ جي مھرباني.“
پر ٽئڪسيءَ مان اڃا هن قدم مس ڪڍيو تہ مڙس چيو:
”ڇا ڀاڙو نہ ڏيندينءَ؟“
”تون مون کان ڀاڙي جي گهُر ڪري رهيو آهين؟ ڇا تون پنھنجي زال کي بہ ڀاڙو معاف نہ ڪندين؟“ هن جي زال پڇيو.

(هن جي مڙس جڏهن هن کي ميڪ اپ ۽ سھڻي ڪموني ۾ ڏٺو تہ هن کي حيرت لڳي.... )
” تون صحيح ٿي چوين تہ تون منھنجي زال آهين پر اهو نہ وسارج تہ توکي طلاق ڏيڻ لاءِ هتي آندو آهي. سو اهڙي صورت ۾ آئون توکان ڇو نہ ڀاڙو وصول ڪريان؟ مھرباني ڪري مون کي ٽڪئسيءَ جو ڀاڙو ڏي.“ هن حڪم ڪيو، جيتوڻيڪ هن سمجهيو ٿي تہ سندس زال وٽ ڀاڙي جي اڌ جيترا بہ پئسا نہ آهن.
هوءَ عجيب مونجهاري ۾ پئجي وئي ۽ ڪا واھہ ڳولڻ لاءِ سوچي رهئي هئي تہ مڙس چالاڪيءَ سان هڪ راءِ پيش ڪيس.
”جيڪڏهن تون ڀاڙو نٿي ڀري سگهين تہ مھرباني ڪري مون سان گڏ واپس گهر هل.“
۽ پوءِ زال جي جواب ڏيڻ کان اڳ ڪازوهڪوءَ کڻي ٽئڪسي پٺيان موڙي ۽ زال کي واپس پنھنجي گهر وٺي آيو. ان بعد هن دل ئي دل ۾ پڪو پھہ ڪيو تہ آئينده اهڙي قسم جا رول ۽ واحيات خيال ڪڏهن بہ دل ۾ نہ آڻيندس. ساڳئي وقت زال بہ محسوس ڪيو تہ خوشحال گهرو زندگيءَ لاءِ رڳو گهر جي صفائي ۽ مڙس جي خذمت چاڪري سڀ ڪجهہ نہ آهي پر پنھنجي ٺاھہ جوڙ ۽ هار سينگار بہ ضروي آهي.

جادوءَ جو ٽوال

ڳالھہ ٿا ڪن تہ ڪنھن زماني ۾ جپان جي هڪ شھر نشونوميا ۾ ڪميڪو نالي هڪ غريب پر خوبصورت ڇوڪري رهي ٿي. هن شھر جي هڪ وڏيري جي گهر ۾ ڪم ڪيو ٿي. هن جي مالڪياڻي يعني وڏيري زال طبيعت ۾ ڏاڍي ڏنگي هئي ۽ ماني بہ نٿي کارائي ۽ آرام لاءِ بہ ٿورو وقت ڏنو ٿي.
هڪ دفعي وڏيري جي زال کي ڀر واري ڳوٺ ۾ پنھنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ وڃڻو پيو. ڪميڪو کي ان ڳالھہ جي خبر پيئي تہ هوءَ بيحد خوش ٿي _ ڇو تہ ڪيترن ڏينھن کان هن جي دل ۾ اها خواهش هئي تہ ڪنھن طرح مالڪياڻي گهر ۾ نہ هجي تہ هوءَ موڪل ڪري ڳوٺ جي ٻائي سان مندر ۾ ملي اچي ۽ هاڻ سندس اها خواهش پوري ٿي رهي هئي.
جيئن ئي وڏيري جي زال ماءُ سان ملڻ لاءِ گهران نڪتي تہ ڪميڪو جلدي جلدي گهر جو ڪم ڪار لاهي مندر جي ٻائي سان ملڻ لاءِ رواني ٿي. ٻائو ڪميڪو جي غمگين، گهٽ کاڌي خوراڪ ڪري هيڊي پر خوبصورت چهري کي ڏسي سمجهي ويوتہ هيءَ غريب ڇوڪري بيحد ڏکويل آهي. هن ڪميڪو جي دلجوئي ڪئي ۽ همٿ ڏيڻ سان گڏ دعائون بہ ڪيون ۽ وڃڻ وقت ڪجهہ چانورن جا مٺا ڪيڪ بہ ڏنا. ڪميڪو ڏاڍو خوش ٿي ۽ خوشيءَ مان سندس چھرو ٻھڪڻ لڳو ۽ في الحال هن پنھنجا سڀ ڏک سور وساري ڇڏيا. ان بعد هوءَ تحفي طور مليل سڀ ڪيڪ کڻي گهر ڏي موٽي. رستي تي هن هڪ اڌ ڪيڪ کاڌو باقي ڪيڪ پنھنجي کٽ جي وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيا. ان بعد هوءَ وري پنھنجي روز مره جي ڇنڊ ڦوڪ، صفائي، رڌ پچاءُ ۽ ٻين ڪمن ۾ لڳي وئي. شام جو جڏهن وڏيري جي زال گهر پھتي تہ هن کي هر شيءِ صحيح ۽ نارمل حالت ۾ لڳي ۽ هن کي ذرو بہ محسوس نہ ٿيو تہ ڪو ڪم رهيل آهي ۽ نوڪرياڻي گهر ڇڏي وئي هئي. بھرحال هن جي اچڻ بعد غريب ڪميڪو لاءِ وري اهي ئي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ۽ پورهيو شروع ٿي ويو.
ٻئي يا ٽئي ڏينھن وڏيري جي زال جھڙو ڪميڪو جو وهاڻو کنيو تہ ان هيٺان رکيل ڪيڪ کيس نظر آيا. ڏسندي ئي هوءَ ڪميڪو تي باھہ ٿي وئي. ”هي ڪيڪ تو ڪٿان آندا آهن؟“ هن ڪميڪو کان پڇيو. پنھنجي مالڪڻ کي هيڏي چڙ ۾ ڏٺو تہ هن جو ڊپ کان ساھہ ئي سڪي ويو. ڏڪندي ڏڪندي وراڻيائين:
”سانئڻ ڳوٺ جي ٻائي مون کي اهي ڪيڪ ڏنا هئا.“
” چڱو هاڻ ڪيڪ کڻ ۽ هينئر جو هينئر ان ٻائي کي واپس ڪري اچ.“ وڏيري جي زال حڪم ڪيس.
ڪميڪو ڏکويل دل سان ڪيڪ کڻي ٻائي وٽ پھتي ۽ کيس ڪيڪ موٽائي ڏنا. ٻائو سمجهي ويو تہ ڳالھہ ڇا ٿي آهي ۽ بنا ڪنھن سوال پڇڻ جي چيائين:
”جيڪڏهن وڏيري جي زال توکي کائڻ جون شيون وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي تہ هي ٽوال وٺ. ٿي سگهي ٿو هي تنھنجي ڪم اچي سگهي.“ ٽوال حاصل ڪري ڪميڪو کي بيحد گهڻي خوش ٿي ۽ يڪدم گهر ڏي موٽي. هن ٽوال کي وڏي خيال سان پنھنجي وهاڻي هيٺان رکيو ۽ پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ جنبي وئي.
ٻئي ڏينھن روز مره وانگر ڪميڪو صبح جو سوير ننڊ مان اٿي. اوندھہ پھر ۾ ئي اٿڻ ڪري هن جي ننڊ پوري نٿي ٿي ۽ اٿڻ ۾ هن کي روز ڏکيائي ٿي ٿي. دل چوندي هيس تہ ستي پئي هجان،پر مالڪياڻيءَ جي ڊپ کان سوير ئي اٿي کڙي ٿيندي هئي ۽ ڪم ۾ لڳي ويندي هئي. اڄ بہ هوءَ ٿڪل حالت ۾ اٿي. ٻاهر اڃا اوندھہ هئي. هن هٿ منھن ڌوتو ۽ پنھنجي ڪموني (جپاني وڳي) جي ڪنڊ سان پنھنجو منھن اگهڻ بدران ٻائي کان مليل ٽوال سان اگهيو. هن کي تعجب لڳو تہ ان ٽوال سان منھن اگهڻ سان هن کي تازگي محسوس ٿي ۽ هونءَ گهٽ ننڊ ڪري جيڪا هن کي ٿڪاوٽ ٿيندي هئي سا هڪدم غائب ٿي وئي. هاڻ هن کي روز صبح جو اٿي ان ٽوال سان منھن اگهڻ جو انتظار رهيو ٿي، جو ان جي استعمال بعد هن کي تازگي ۽ فرحت محسوس ٿي ٿي. هر روز ٽوال سان منھن اگهڻ ڪري هاڻ هوءَ وڌيڪ سھڻي بہ ٿي پئي هئي ۽ سندس منھن سڄو ڏينھن ٻهڪندو رهيو ٿي. جيتوڻيڪ هن کي کائڻ لاءِ بہ اهو ئي گهٽ مليو ٿي ۽ ننڊ بہ اڻپوري رهيس ٿي. اهو سڄو ڪمال ان ٽوال جو هو جنھن ڪري ڪميڪو سھڻي ٿي پئي هئي ۽ سندس سونھن هر هڪ جو ڌيان ڇڪائڻ لڳي.
هن جي خوبصورتي ڏسي گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي نوڪرياڻي کان رهيو نہ ٿيو ۽ ڪميڪو کان پڇيو: ”ڪميڪو! اهو تہ ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڪرين جو تنھنجي چھري جو رنگ نکري پيو آهي ۽ بيحد ڪشش واري ٿي پئي آهين؟“
”سچ پڇين تہ ڪجهہ بہ نھ.“ ڪميڪو تڪڙو تڪڙو جواب ڏنو جو هن کي گهر جي ڪم کان ڪا واندڪائي نہ هئي جو ويھي ٻين جا چرچا ٻڌي.
”ائين نہ سمجهجانءِ تہ ڪو آئون چرچو ڀوڳ پئي ڪريان. تون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي هڪ دفعو ڏس تہ سھي.“ اهو چئي ان نوڪرياڻيءَ ڪميڪو کي آرسيءَ ڏي ڌڪو ڏنو. ۽ مار! ڪميڪو آرسيءَ ۾ کڻي ڏسي تہ هوءَ واقعي نوڪرياڻي نہ پر راڻي لڳي رهي هئي. سوچڻ لڳي تہ آخر اها ڪھڙي ڳالھہ آهي جنھن هن ۾ اها تبديلي آندي آهي. ۽ پوءِ هن کي يڪدم ڌيان ۾ اچي ويو تہ روز مره جي زندگيءَ ۾ فقط ٽوال سان منھن اگهڻ ئي هڪ نئين ڳالھہ ٿي آهي جنھن هن جي شڪل و صورت ۾ تبديلي آندي آهي. پڪ اها ڪرامت ٻائي کان مليل ٽوال جي آهي، جنھن جي استعمال سان هوءَ تازگي محسوس ڪري ٿي ۽ ڏينھون ڏينھن سھڻي ٿيندي وڃي.
هن وهاڻي هيٺان ٽوال ڪڍي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏيکاريو ۽ چيو : ”اهو جادو پڪ هن ٽوال جو ئي هوندو جيڪو مون کي ڳوٺ جي ٻائي ڏنو آهي.“
”اوهه! هي تہ واھہ جو آهي.“ نوڪرياڻيءَ ٽوال جي ساراھہ جا ڍڪ ڀريندي چيو.
وڏيري جي زال هنن کي ڳالھائيندي ٻڌي ورتو ۽ ڪميڪو کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”ڇا مون توکي منع نہ ڪئي هئي تہ ان ٻائي کان ڪا بہ شيءِ نہ وٺجانءِ. ؟ ايڏو بي چيو ٿيڻ جي توکي همت ڪئين ٿي؟ سڄو ڏينھن توهان رڳو بڪ بڪ پيون ڪريو ۽ ڪم ڪار جو ڪو فڪر نہ اٿانوَ. توهان جي ڪچھري ڪنديون رهنديون تہ توهان جي پاران گهر جي هاج ڪير ڪندو؟“
”سانئڻ، هيءَ مون کي فقط هي ٽوال ڏيکاري رهي هئي، جيڪو هن کي ڳوٺ جي ٻائي تحفي طور ڏنو آهي.“ ٻي نوڪرياڻي وڏيري جي زال کي ٻڌايو.
”چڪر ڇا آهي جو اهو نڀاڳو ٻائو هر ٻئي ڏينھن ڪميڪو کي سوکڙيون ٿو ڏئي؟“ وڏيري جي زال شڪي نموني سان چيو.
نوڪرياڻيءَ جواب ۾ چيو: ”سانئڻ، هي ڪو عام رواجي ٽوال ناهي. هن ٽوال جو جادو تہ ڪميڪو جي چھري تي ڏسي سگهين ٿي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪميڪو جي چھري تي آيل سونھن سوڀيا کي وڏيري جي زال ڪيترن ڏينھن کان نہ فقط محسوس ڪيو هو پر دل ئي دل ۾ هن کان سڙي پچي بہ رهي هئي پر کيس ان جي راز جي اڄ خبر پيئي تہ ان حسن جو راز اهو ٽوال آهي ۽ هاڻ ان راز جي خبر پوڻ سان هن ڪميڪو جي هٿن مان اهو ٽوال کسي ورتو.
وڏيري جي زال جيتوڻيڪ اڌڙوٽ عمر جي ٿي چڪي هئي پر ان هوندي بہ هن چاهيو ٿي تہ جيڪر هوءَ دنيا جي حسين ترين عورت بڻجي وڃي. ٽوال ملڻ بعد هن شام جو وهنجي سھنجي هڪ سھڻو ڪمونو پھريو ۽ پوءِ منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي ڪميڪو واري ٽوال سان پنھنجي منھن کي اگهي پنھنجي مڙس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. هن اها ئي اميد رکي ٿيتہ سندس مڙس هن کي اوچتو سھڻو ڏسي وائڙو ٿي ويندو. هن جو مڙس جڏهن ڪم تان موٽيو تہ پنھنجي زال جي سونھن جي تعريف ڪرڻ بدران کِل ۾ کيرو ٿي ويو ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي بہ سڏڻ لڳو تہ اچي هي لڪاءُ ڏسو. پوءِ جيڪو ٿي ڪمري ۾ آيو ان ٽھڪ ٿي ڏنا.
وڏيري جي زال وائڙي ٿي وئي تہ ڳالھہ ڇا آهي، جنھن کان کڻي پڇي تہ اهو جواب ڏيڻ بدران ٽھڪ پيو ڏئي. آخر پاڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هوءَ پنھنجي ڊريسنگ روم ڏي ڊوڙي ۽ اچي آرسيءَ اڳيان بيٺي. آرسيءَ ۾ ڏسڻ سان هوءَ مايوس ٿي وئي تہ هن جو منھن وڌيڪ سھڻو ٿيڻ بدران گڏھہ جھڙو ٿي پيو هو.
۽ هاڻ هوءَ ڪجهہ بہ نٿي ڪري سگهي.

(هن اهو ٽوال ڪڍي پاڻ سان ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏيکاريو ۽ چيو؛ ”اهو جادو پڪ هن ٽوال جوئي هوندو ....“)

هڪ ظالم پوڙهي مائي

جپان جي هڪ شھر نگويا ۾ هڪ پوڙهي مائي رهي ٿي جنھن جو مڙس گذاري ويو هو ۽ کيس ڪو ٻار ٻچو بہ نہ هو. هن هڪ سادگيءَ جي زندگي گذاري ٿي. هڪ دفعي هوءَ تمام گهڻي بيمار ٿي پيئي ۽ کيس پڇڻ لاءِ سندس اڪيلو ڀاءُ آيو جيڪو ڀر واري شھر ۾ رهيو ٿي. ڀيڻ جي تمام خراب حالت ڏسي هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ چيو: ”پياري ڀيڻ هتي اڪيلي رهڻ بدران مون وٽ ڇو نٿي هلي رهين؟ توکي هر وقت ڪنھن ماڻھوءَ جي ضرورت آهي جيڪو تنھنجي خذمت چاڪري ڪري ۽ دوا درمل ڏئي. منھنجي گهر ۾ رهڻ سان منھنجي زال تنھنجي خذمت ڪري خوشي محسوس ڪندي.“
هن جي زال ڪازومي جيتوڻيڪ سٺي عورت هئي پر هن پوڙهي عورت کي بنھہ نٿي وڻي ۽ هر وقت هن جي خلاف رهي ٿي ۽ هينئر بہ پنھنجي ڀاءُ جي گهر وڃڻ تي دل نٿي چاهيس. ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي هوءَ پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ڪازومي جي گهر اچي رهي. پوڙهي مائيءَ جي ڀاءُ ۽ ڪازوميءَ دل جان سان سندس خذمت ڪئي، پيار ڏنو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هوءَ چاق چڱي ڀلي ٿي وئي. پر پنھنجي ساڙ سڙي طبيعت جي ڪري پنھنجي ڀاڄائي ڪازوميءَ کي تڪليفون ڏيڻ لڳي. هوءَ ڪازوميءَ جي زندگي زهر ڪرڻ لڳي پر ڪازومي ايڏي صبر واري هئي جو هن ڪڏهن بہ ان جي دانھن پنھنجي مڙس يا پاڙي وارن کي نٿي ڏني. ڪازوميءَ جو اهو ڏهاڙيءَ جو وهنوار هو تہ گهر جو ڪم لاهڻ بعد هوءَ مندر ۾ وئي ٿي. پوڙهي مائيءَ کي ان تان بہ خار لڳي ٿي تہ هوءَ ڇو مندر وڃي ٿي. هن ڪنھن بہ صورت ۾ نٿي چاهيو تہ سندس ڀاڄائي ڪازومي ڪو ويھي آرام ڪري يا ڪيڏانھن گهمڻ ڦرڻ وڃي. هن کي مندر ۾ ويندو ڏسي پوڙهيءَ هن کي ڪونہ ڪو ڪم ڏئي ٿي ڇڏيو، پر ڪازو ميءَ اهو ڪم بہ جهٽ پٽ لاهي ٿي ورتو ۽ ان بعد مندر ۾ وڃي پوڄا پاٺ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ گهڙيون ڪڍي ورتيون ٿي. ان ڳالھہ تان پوڙهي مائيءَ کي ويتر گهڻي باھہ ٿي لڳي. کيس تہ ڪو ڪم ڪار هوندو ئي ڪونہ هو سو سڄو ڏينھن ويٺي بور ٿيندي هئي يا ٻين کي تنگ ڪرڻ جو سوچيندي هئي. هن پنھنجي ڀاڄائي ڪازوميءَ کي نہ ڪم ڪار ۾ مدد ٿي ڪئي نہ وري هن کي سڪون سان ڪم ڪرڻ ٿي ڏنو. هن هر وقت اهو سوچيو ٿي تہ ڪازوميءَ کي ڪھڙيءَ ريت مندر وڃڻ کان جهلجي.
ٻئي ڏينھن پوڙهي عورت ڀرواري مارڪيٽ ۾ وئي ۽ منھن تي چاڙهڻ جو هڪ ڊيڄاريندڙ کوپو (Mask) وٺي آئي. ۽ پوءِ جيئن ئي ڪازومي مندر ڏي رواني ٿي تہ هيءَ پوڙهي مائي پٺئين در کان نڪري باغ جي گهاٽن ٻوڙهن ۾ وڃي لڪي ويٺي، جيڪي مندر جي رستي تي هئا. سج لھڻ وارو هو ۽ ڪازوميءَ جي موٽڻ وقت بلڪل اونداھہ ٿي وئي. جيئن ئي ڪازومي ان باغ وٽان لنگهي تہ پوڙهي مائيءَ اهو ڪاغذ جو کوپو منھن تي چاڙهي ٻوڙهن مان نڪري آئي ۽ ڪازوميءَ کي ڊڄارڻ لڳي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪازوميءَ کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ تمام گهڻو ڊپ ٿيس پر پوءِ پنھنجو پاڻ جائتو ڪندي تکي تکي لنگهي ويئي ۽ اچي گهران نڪتي. پوڙهي مائي بہ پوءِ جهٽ جهٽ گهر ڏي رواني ٿي ۽ گهر جي پوئين در کان اندر گهڙي سڌو بستر ۾ داخل ٿي وئي.
ٻئي ڏينھن صبح جو جڏهن پوڙهي مائيءَ جي اک کلي تہ هن کي محسوس ٿيو تہ تڪڙ ۾ هوءَ کوپي (ماسڪ) سميت سمھي رهي هئي. هن کان اهو لاهڻ وسري ويو هو. ۽ هاڻ هن کي لاهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر لھي نہ سگهيو. ايتري ۾ ڪازومي جيڪا نيرن تيار ڪري آئي هئي تنھن هن کي نيرن لاءِ سڏ ڪيو:
”ڀيڻ! نيرن تيار آهي. اٿي کاءُ.“
”ٽيبل تي رکي ڇڏ، آئون ٿوري دير ۾ اچي ٿي کان.“ پوڙهيءَ جواب ڏنو ۽ ان سان گڏ منھن تان ماسڪ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو منھن تي اهڙو چھٽي چڪو هو ڄڻ جسم جو حصو هجي. پوڙهي مائي ڄڻڏاهي ڪانگ وانگر ٻہ ٽنگي ڦاسي وئي. هونءَ منٽ اڌ دير ٿيندو هو تہ پوڙهيءَ جي ڪُر ڪُر شروع ٿي ويندي هئي پر اڄ ٻہ دفعا سڏڻ بعد بہ اڃا نہ آئي هئي. ”ٿي سگهي ٿو هوءَ چاق نہ هجي،“ ڪازوميءَ سوچيو. ”طبيعت ٺيڪ نہ هجي ڀيڻ تہ ماني اندر ڪمري ۾ ڏئي وڃان. هاڻ تہ ٺري ٿي وڃي.“

(جيئن ئي هوءَ باغ وٽان لنگهي تہ سندس مڙس جي پوڙهي ڀيڻ منھن تي ڀوائتو کوپو چاڙهي هن کي ڊيڄاريو...)

“نہ ٻاهر ٽيبل تي ئي رکي هجي. بس اچان پئي”. اهو چئي پوڙهيءَ هڪ دفعو وري زور لڳايو تہ اهو ماسڪ سندس منھن تان لھي وڃي تہ سٺو نہ تہ ان ماسڪ سان هوءَ ڪازوميءَ جي سامھون ڪيئن اچي سگهندي. هن جا تہ سڀ راز فاش ٿي ويندا. پر جڏهن ڪوشش جي باوجود ماسڪ نہ لھي سگهيو تہ هوءَ مجبور ٿي ان ماسڪ سميت ٻاهر نڪتي. ڪازومي هن کي ماسڪ لڳل چھري کي ڏسي هڪ دفعو وري ڇرڪي وئي. هن دفعي ڊپ مان نہ پر حيرت مان تہ ڪالھہ گهاٽن ٻوڙهن ۽ اونداھہ ۾ جنھن جِنُ بڻجي مون کي ڊيڄاريو پئي، اها منھنجي مڙس جي پوڙهي ڀيڻ آهي.
پوڙهي پڇتاءُ ۽ افسوس واري لھجي مان ڪازوميءَ کي چيو: ”آئون توسان خراب هلندي رهي آهيان. اها آئون ئي آهيان جنھن ڪالھہ توکي باغ ۾ ڊيڄاريو. قدرت ان جو بدلو مون کان هن ريت ورتو آهي ۽ مون کي اهڙي سزا ڏني آهي جو سڄي عمر ڪنھن جي اڳيان منھن کڻي نٿي سگهان. ماڻھن جي اڳيان ذليل ٿيڻ لاءِ ماسڪ منھنجي منھن تي چھٽي پيو آهي ۽ لھي ئي نٿو.“
”منھنجي ڀيڻ، تون فڪر نہ ڪر. آئون تو لاءِ دعا گهرنديس.“ ڪازوميءَ چيو ۽ پنھنجي مڙس جي ڀيڻ لاءِ سچي دل سان دعا گهرڻ لاءِ مندر ڏي رواني ٿي.
مندر کان جڏهن موٽي تہ هن ڏٺو تہ ماسڪ اڃا تائين هن پوڙهي عورت جي منھن تي چھٽيل هو. هوءَ ان کي لاهڻ لاءِ چرين وانگر پٽي رهي هئي.
”تون ڇڏ تہ آئون لاهڻ جي ڪوشش ڪريان.“ ڪازوميءَ چيو. هن ماسڪ کي موڙي سَٽَ ڏني تہ اچي هٿن ۾ پيو. پوڙهي مائيءَ سڪون جو ساھہ پٽيو ۽ ڪازوميءَ کان سچي دل سان معافي گهري ۽ وعدو ڪيو تہ آئنده هوءَ انسان کي تہ ڇا پر پکي پکڻ يا جانور کي بہ تڪليف نہ رسائيندي.

آرسيءَ جا ڪمال

گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي تہ جپان جي ڪنھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ سابُورو نالي هڪ نوجوان رهيو ٿي. هن سان گڏ سندس زال ميگومي ۽ پوڙهو پيءُ پڻ رهيو ٿي، جيڪو هر وقت بيمار رهيو ٿي. سابوروءَ پنھنجي پيءُ جي ڏاڍي خذمت چاڪري ڪئي، پر هن جي صحت سڌري نہ سگهي۽ ڏينھون ڏينھن ويو پوئتي ٿيندو. آخر هڪ ڏينھن ويچارو گذاري ويو.سابورو کي پنھنجي پيءُ جي وفات جو ڏاڍو صدمو رسيو، ماڻھن گهڻو ئي ڏڍ ڏنس پر هن جي دل اهڙي ٽٽي پئي جو هن کي ڪنھن بہ شيءَ مان مزو نٿي آيو. ايتريقدر جو هن ڪم تي وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو. سندس زال ۽ مائٽن مٽن ڏاڍو سمجهايس پر هن تي ڪنھن جو اثر نہ ٿيو.
هڪ ڏينھن هن کي سندس پاڙيسريءَ چيو: ”سابورو، هل تہ ڀرواري شھر جي مارڪيٽ مان ٿي اچون. مون کي ڪجهہ خريداري ڪرڻي آهي ۽ تنھنجي بہ دل وندري پوندي.“ چڱي دير سمجهائڻ بعد آخر سابوروءَ پنھنجي پاڙيسريءَ جي ڳالھہ مڃي هن سان گڏ هلڻ لڳو . شھر جي مارڪيٽ تمام وڏي هئي. سابورو پھريون دفعو شھر ۾ آيو هو ۽ هيڏا وڏا دڪان، عمارتون ۽ ماڻھو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. هو هڪ دڪان جي اڳيان ٺھيل شيشي جي وڏي دريءَ وٽ اچي بيٺو، جيڪا سڄي شين سان ڀريل هئي. هو هڪ هڪ ڪري سڀ شيون ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ هن کي پنھنجو عڪس ان دريءَ ۾ رکيل آرسيءَ ۾ نظر آيو، جيئن تہ هن ان کان اڳ ڪڏهن آرسي نہ ڏٺي هئي، سو هن سمجهيو تہ هو پنھنجي پيءُ کي ڏسي رهيو آهي جنھن جا مھانڊا سابورو سان تمام گهڻو مليا ٿي. پنھنجي پيءُ کي ڏسي هن رڙ ڪئي: ”اوياجي (پيارا پيءُ)! توهان هتي ڪيئن اچي ويائو؟“ هن جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. يڪدم اها آرسي کنئي ۽ ڏاڍي سڪون سان پنھنجي پيءُ کي ڏسڻ لڳو. آخر هن ان آرسيءَ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دڪاندار هن کي دٻي ۾ بند ڪري ڏني. هن وڏي خيال سان اهو دٻو پنھنجي ٿيلھي ۾ وڌو ۽ سڌو اچي گهران نڪتو.


(آرسيءَ ۾ عڪس ڏسي هن سمجهيو تہ اها ڪا ٻي عورت آهي...)
گهر پھچي هن بئگ مان دٻو ڪڍيو ۽ پنا ۽ ڏوريون کولي دٻي کي حفاظت سان رکي ڇڏيو. سابورو هاڻ هڪ نارمل ماڻھو ٿي ويو. هن کي پنھنجي وڇڙيل پيءُ جو ڏک هو اهو هاڻ هن کي ملي ويو هو. هو هاڻ پھرين وانگر هر روز ڪم تي وڃڻ لڳو ۽ ڪم تي وڃڻ کان اڳ هو دٻي کي کولي ان مان آرسي ڪڍي پنھنجي عڪس کي ڏسندو هو. ان بعد آرسيءَ کي دٻي ۾ بند ڪري بيحد سڪون ۽ خوشيءَ مان ڪم لاءِ روانو ٿيندو هو. هن کي خاطري هئي تہ هن جو پيءُ هاڻ هن سان گڏ آهي. هوڏانھن هن جي زال ميگومي هن کي روز وڏي حب ۽ اڪير مان دٻو کولي ان مان ڪا فريم نما شيءِ ڪڍي ڏسندو ڏسي شڪ ۾ پئجي وئي تہ اها ڪھڙي شيءِ آهي، جنھن کي هو ايڏي پيار سان ڏسي ٿو. هڪ ڏينھن جيئن ئي هن جو مڙس ڪم تي روانو ٿيو تہ هن اهو دٻو کولي ان مان آرسي ڪڍي ڏٺي ۽ ان ۾ پنھنجو عڪس ڏسي هن سمجهيو تہ اها ڪا ٻي عورت آهي، جنھن کي سابورو روزانو وڏي چاھہ سان ڏسي ٿو. در اصل ميگوميءَ جي زندگي ۾ پڻ اهو پھڙيون دفعو هو جو هن آرسي ڏٺي. هن کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي نہ آئي تہ اهو ڪو سندس عڪس آهي. هن تہ سمجهيو تہ اها ڪا ٻي عورت آهي، جنھن کي سابورو پسند ڪري ٿو. اهو سوچي ميگومي پريشان ٿي وئي تہ سندس مڙس سابورو جنھن تي هن کي وڏو اعتماد هو، سو سندس جيئري ئي ٻي عورت کي وٺي ايندو. ساڙ ۽ چڙ جي احساس کان سندس زال سڄو ڏينھن ماني بہ نہ کاڌي.
ان رات جيئن سابورو دير سان گهر موٽيو تہ هن ڪاوڙ وچان پڇيس: ”سڄو ڏينھن ڪٿي عيش ڪندو رهئين؟ ڇا ان ئي عورت سان موجون ماڻيندو رهئين جنھن کي آڻي دٻي ۾ رکيو اٿئي؟ هاڻ مون کي ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ تون ڏينھن رات ڇو مشغول ٿو رهين.“
”هي تون ڇا چئي رهي آهين؟ ان دٻي ۾ تہ منھنجو پيءُ آهي . توکي مون سان اهي ڳالھيون ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي؟“ سابورو چيو.
”مون کي بي وقوف بنائڻ جي ڪوشش نہ ڪر. آئون ڪا ٻار نہ آهيان ۽ خدا جي واسطي پنھنجي پيءُ کي هن ڳالھہ جي وچ ۾ نہ آڻ. مون پنھنجين اکين سان هن دٻي ۾ عورت ڏٺي آهي.“ هن ڪاوڙ مان چيو.
”هل هلي دٻو کول تہ خبر پونئي تہ ڪير سچو آهي_ آئون يا تون.“ اهو چئي سابورو پنھنجي زال ميگوميءَ کي اندر ڪمري ۾ وٺي هليو جتي اها دٻي رکيل هئي.
ميگوميءَ ضد ڪيو ۽ چيو: ”آئون تو تي ڪيئن ٿي يقين ڪري سگهان، جڏهن مون پاڻ پنھنجين اکين سان ان عورت کي پاڻ ڏي طنزيه نظرن سان گهوريندي ڏٺو؟“
سابورو تنھن هوندي بہ دٻو کولڻ لاءِ ضد ڀريو ۽ پنھنجي زال کي ڀر ۾ بيھاري دٻوکوليو تہ وائڙو ٿي ويو. هن ڏٺو تہ سندسپيءُ هڪ نوجوان عورت جي ڀرسان بيٺو هو، جنھن جي شڪل هوبھو هن جي زال ميگوميءَ جھڙي هئي. هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ چيو: “لڳي ٿو تہ منھنجي پيءُ ڪنھن جوانڙيءَ سان شادي ڪري ورتي آهي ۽ بيحد خوش آهي. ٺھيو هاڻ هن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪو ساٿي تہ آهي.”
پنھنجي پيءُ کي ساٿي ملڻ تي سابورو پاڻ کي وڌيڪ هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو تہ هاڻ سندس پيءُ اڪيلو ناهي. هن خوش ٿي زال کي چيو: ”آئون قسم کڻي توکي ٻڌايان ٿو تہ مون پنھنجو پيءُ شھر مان ورتو آهي، جڏهن آئون پنھنجي پاڙيسريءَ سان گڏ ويو هوس. جيڪڏهن تون اڃا بہ مطمئن نہ آهين تہ هي دٻو کڻ ۽ هلي درياھہ ۾ ڦٽو ڪر.“ هن ميگوميءَ کي اهو دٻو ڏنو. ان کان پوءِ هنن ٻنھي ڪڏهن بہ ان واقعي جو ذڪر نہ ڪيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينھن خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳا.

رحمدل پوڙهي

ڪنھن زماني جي ڳالھہ آهي تہ ٽوڪيو جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهي اڪيلي سر رهندي هئي. هن جو نالو فوجيتا هو. هن وٽ جيڪو بہ ضرورتمند پھچندو هو تہ ان جي دل وجان سان مدد ڪندي هئي. سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي خبر هئي تہ هوءَ بيحد نيڪ عورت آهي ۽ هر وقت ماڻھن جا ڪم ڪندي رهي ٿي. هڪ ڏينھن هن کي پنھنجي اڱڻ واري باغ ۾ ڪنھن جهرڪيءَ جو آواز ڪنن تي پيو. اهو ٻڌي هوءَ ڏڪي وئي تہ هن معصوم پکيءَ کي ڪھڙو اهنج رسيو آهي. هن يڪدم جهرڪي وٽ اچي ڏٺو تہ ڌڪ لڳڻ ڪري هن جي پٺي زخمي ٿي پئي آهي، جنھن ڪري هوءَ اڏامي نٿي سگهي. فوجيتا کي هن تي ڏاڍو قياس آيو ۽ هٿن تي کڻي اندر ڪمري ۾ آئي. ان بعد هوءَ جهرڪيءَ لاءِ هڪ تيلن وارو نرم پڃرو خريد ڪري آئي ۽ ڏينھن رات هن پکيءَ جي خذمت ڪرڻ لڳي. جهرڪيءَ جي ٽھل ٽڪور ٿيڻ تي هوءَ تندرست ٿيڻ لڳي. ڪجهہ ڏينھن بعد اها ڪجهہ وکون کڻي هلڻ لڳي ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي باغ ۾ هيڏانھن هوڏانھن چرڻ پرڻ لڳي. پوڙهي عورت فوجيتا جي هاڻ ان جهرڪيءَ سان دل ٻجهي وئي هئي ۽ هر وقت هن سان گڏ پئي هلندي هئي.
ڏسندي ئي ڏسندي جهرڪي بلڪل مڪمل طرح صحتياب ٿي وئي ۽ هاڻ اها بنا ڪنھن رنڊڪ جي اڏامي سگهي ٿي. هڪ ڏينھن فوجيتا جي اک کلي تہ هن کي پڃرو خالي نظر آيو ۽ جڏهن هن کي ڪٿي بہ جهرڪي نظر نہ آئي تہ هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن سڄو ڏينھنجهرڪيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪيو پر پوءِ جڏهن رات ٿيڻ تائين جهرڪي نہ موٽي تہ هن کي تمام گهڻو افسوس ٿيو ۽ هن جي موٽڻ جي اميد لاهي ڇڏيائين.
ٻئي ڏينھن صبح ساڻ ڪنھن پکيءَ جي تکي لات تي هن جي اک کلي وئي. هوءِ ڊوڙ پائي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي تہ ڏسي تہ سڄو اڱڻ ڪدوءَ جي ٻجن سان ڀريو پيو آهي. فوجيتا خوش ٿي اهي ٻج چونڊيا ۽ پٺئين حصي واري باغيچي ۾ پوکي ڇڏيا. هوءِ انھن کي روزانو پاڻي ڏيندي رهي. آخر هڪ ڏينھن انھن مان سلا ڦٽيا، ان بعد پن ۽ پوءِ مکڙيون. ڪجهہ ڏينھن بعد مکڙيون گلن ۾ بدلجي ويون ۽ پوءِ گلن مان ڪدو ٿيندا ويا ۽ ڇا تہ ڀلا ڪدو هئا. هڪ هڪ ڪدو مٽ جيڏو ٿيندو ويو. فوجيتا اهڙو سٺو فصل ڏسي پاڻ بہ ٽڙي پئي. هن ڪدو پٽي اڳيان اڱڻ ۾ سڪڻ لاءِ رکيا. اس لڳڻ سان اهي تکو تکو پچڻ لڳا ۽ آخر هڪ ڏينھن پھريون ڪدو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو ۽ منجانئس نڪتل اڇي رنگ جا ٻج ڇڻ ڇڻ ڪري پکڙجي ويا. فوجيتا کي ڏاڍو تعجب لڳو تہ هي چانورن جھڙو ٻج ڇا جو آهي. هن ان ٻج کي چڱيءَ طرح ڏٺو تہ اهي واقعي چانور هئا ۽ چانور بہ ديسي جپاني نھ_ جيڪي تمام سادا ٿين ٿا، پر ولائتي. هن هڪ هڪ ڪري سڀ ڪدو ڀڳا ۽ هر هڪ مان چانورن جا ڍير نڪرندا ويا. ايترا چانور حاصل ڪرڻ تي هوءَ بيحد خوش ٿي. هن ان ئي وقت ڪجهہ ديڳڙيءَ ۾ وجهي رڌيا. انھن جي خوشبوءِ ۽ سواد تمام سٺو نڪتو. ٻئيڏينھن هن چانورن جون ننڍيون ٿيلھيون ٺاهي پاڙي ۾ ورهايون. پاڙيوارا بہ انھن کي رڌي کائي ڏاڍو خوش ٿيا. فوجيتا هڪ ڳالھہ ڏٺي تہ هن جيترا بہ چانور رڌا ٿي تہ اوترا ٻيا اچي ويا ٿي ۽ کٽا نٿي. هن انھن کي هڪ گنديءَ ۾ وجهي رکيو هو. ڳوٺ جا ماڻھو هلي ملي فوجيتا کان چانور خريد ڪرڻ لڳا ۽ سڀني کي اهي ڏاڍا پسند آيا. هاڻ هوءَ چانورن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ پھرين کان وڌيڪ مشھور ٿي وئي. هن جي ناموس جو ٻڌي سندس پاڙيسري عورت هن تي سڙڻ لڳي ۽ پنھنجي پاڻ تي وس نہ هلڻ ڪري هوءَ هڪ ڏينھن فوجيتا وٽ پھچي وئي ۽ هن کان انھن چانورن جو راز پڇيو. فوجيتا پنھنجي پاڙسري عورت سان سڄو سربستو احوال ڪيو.
هن جي پاڙيسرڻ سڄو قصو ٻڌڻ شرط نڪا ڪئي هم نڪا تم، سڌو جهنگل ۾ پھچي وئي۽ ڪنھن نموني سان جهرڪي سوگهي ڪري ورتي. ان بعد ان غريب جهرڪيءَ کي چيلھہ ۾ ڌڪ هڻي چيلھہ ڀڃي معذور ڪري رکيو ۽ پوءِ ان جهرڪيءَ کي گهر کڻي اچي پڃري ۾ رکيو. ان جي ڪا خاص خذمت چاڪري نہ ڪئي. ياد پوندو هوس تہ پاڻيءَ ڍڪ ۽ اَن ڪڻا پڃري ۾ کڻي رکندي هئي نہ تہ سڄو سڄو ڏينھن گذري ويندو هو بہ جهرڪيءَ جو ڌيان نہ رکندي هئي. جهرڪي سڄو سڄو ڏينھن بک ۽ سور کان رڙيون ڪندي رهندي هئي. ڪجهہ ڏيھن بعد آخر پرڙا هڻي هڻي هن پنھنجو پاڻ کي هن قيد مان آزاد ڪيو.

(هن جهرڪيءَ کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو)
هاڻ فوجيتا جي پاڙيسرڻ ٻجن جو انتظار ڪرڻ لڳي. ٻئي ڏينھن صبح جو هن کي ڪنھن پکيءَ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. هوءَ خوشيءَ وچان ٻاهر نڪري آئي ۽ اڱڻ تي ڪريل ٻج چونڊڻ لڳي. ٻج چونڊيندي يڪدم هن جي پوئين حصي واري باغيچي ۾ پوکيا. وقت گذرڻ تي ٻج ڦٽي سلا ٿيا. گل نڪتا ۽ ڦل ڏيڻ لڳا. چوڌاري ڪدو ئي ڪدو ٿي ويا، جيڪي هن پٽي اڳيان اس ۾ سڪائڻ لاءِ رکيا. ڪيترائي ڏينھن گذري ويا پر ڪدو اهڙي جا اهڙا رکيا ۽ پچڻ جو نالو نہ ورتائون. هن کان هاڻ وڌيڪ صبر نہ ٿيو سو هڪ ڏينھن نيٺ ڇري کڻي هڪ ڪدوءَ کي ٻہ اڌ ڪيو. هن جيئن ئي ڪدوءَ جا بہ اڌ ڪيا تہ ان مان چانور نڪرڻ بدران نانگ بلائون ۽ ڏينڀو چيلاٽا نڪري آيا. هن ڪيتروئي ڀڄڻ ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن هن کي ڏنگي رکيو. هوءَ سور کان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ دل ئي دل ۾ پنھنجي غلطي پڻ مڃي.

وڏي ڄمار ماڻيندڙ ڇوڪري

هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي تہ اميموتو نالي هڪ مھاڻو جپان جي ڪنھن ڪناري واري ڳوٺ ۾ رهندو هو. هڪ ڏينھن مڇيون ڦاسائيندي هن جي ڄار ۾ هڪ عجيب مڇي اچي وئي، جنھن جو مٿيون حصو ڇوڪريءَ جو هو باقي هيٺيون مڇيءَ جو.
”او! هيءَ تہ جل پري آهي.“ اميموتو خوشيءَ مان رڙ ڪئي. هن ننڍي هوندي پنھنجي نانيءَ ۽ ڏاڏيءَ جي ٻڌايل ڪھاڻين ۾ جل پريءَ بابت ٻڌو هو. ۽ اڄ پنھنجي ڄار ۾ هڪ جل پريءَ کي ڏسي خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپيو.
ڪناري تي پھچي هن اها مڇي ٻين مھاڻن کي بہ ڏيکاري. جل پريءَ کي ڏسي هنن کي پنھنجين اکين تي اعتبار نہ پئي آيو. هر هڪ کي حيرت وٺي وئي ۽ اميموتو کان پڇيو:”هن جل پريءَ کي تو ڪٿان جهليو؟“
هڪ مھاڻي چيو: ”ننڍپڻ ۾ منھنجي ڏاڏي مون کي هڪ آکاڻي ٻڌائي هئي تہ هڪ بادشاھہ پورو لک سال جيئرو رهيو ڇو جو هن جل پريءَ جو گوشت کاڌو هو. ۽ اها ڳالھہ مون ٻين واتان بہ ٻڌي آهي.“
ٻئي مھاڻي چيو: ”بلڪل صحيح ٿو چوين. اها ڳالھہ مون پنھنجي ڏاڏيءَ کان بہ ٻڌي آهي تہ جل پريءَ جو گوشت آب حيات وانگر آهي ۽ اهو وڏي ڄمار بخشي ٿو ۽ کائڻ وارو هميشہ جوان رهي ٿو.“
جل پريءَ جي ڦاسڻ واري ڳالھہ سڄي ڳوٺ ۾ ائين پکڙي وئي جيئن جهنگ جي باھہ ۽ هر هڪ اميموتو جي گهر جل پري ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳو. اميموتو اهو سوچيو تہ جل پري کائڻ سان جي وڏي ڄمار ٿئي ٿي تہ پنھنجي گهڻگهرن کي گهرايو وڃي ۽ سڀني کي کائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. اهو سوچي هن وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ هن پنھنجي سڀني دوستن ۽ مائٽن کي گهرايو. هن ڳوٺ جي امير ترين ماڻھوءَ تڪا هاشيءَ کي پڻ گهرايو. جڏهن سڀ مھمان اچي ويٺا تہ اميموتو پنھنجي هٿ سان هر هڪ کي مڇيءَ جو ٽڪرو کائڻ لاءِ ڏنو. پر ان جي گوشت سان اهڙي تہ خراب ڌپ اچي رهي هئي جو ڪو بہ کائي نہ سگهيو. ٻيا تہ ٺھيو پر اميموتو جنھن پاڻ ان کي رڌو هو. کائي نہ سگهيو. ڪيترن مھمانن تہ ان کي هٿ بہ نہ لاٿو ۽ ائين جو ائين ڇڏي ويا. ڪيترا اهو سوچي تہ ائين ڪرڻ خراب آهي. پاڻ سان کڻي گهر ڏانھن روانا ٿيا تہ گهر وڃي کائينداسين. تڪاهاشيءَ پڻ پنھنجي مڇي ڪيلي جي پن ۾ ويڙهي بئگ ۾ وجهي ٻاهر نڪتو تہ ڪٿي رستي تي اڇلائي ڇڏيندس. پر هو ائين ڪري نہ سگهيو. ڇا ٿيو جو رستي تي هو ڪا بہ اهڙي جاءِ ڳولي نہ سگهيو جتي کڻي اڇلائي. ڇو جو هن اهڙي هنڌ تي اڇلڻ چاهيو ٿي جتي ڪو بني بشر نہ هجي. پر هن جي گهر وارو رستو وچ ڳوٺ مان لنگهيو ٿي ۽ هن کي ڪو بہ اهڙو هنڌ نظر نہ آيو، جتي ماڻھو نہ هجي. گهر پھچي هن ٿيلھي مان مڇي ڪڍي کڻي ناندان ۾ رکي ۽ پاڻ سمھي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ هن جي ڌيءُ جو بند ٿيل لفافو ڏٺو تہ هوءَ سمجهي وئي تہ پڪ منھنجي پيءُ اهو مون لاءِ آندو هوندو. هن لفافو کولي مڇي کاڌي تہ هن کي ڏاڍي وڻي ۽ سڀ چٽ ڪري وئي.
ٻئي ڏينھن تڪاهاشي اٿي ڪم تي هليو ويو. هن کان مڇيءَ جي ڳالھہ ئي وسري وئي هئي. ڪجهہ سالن کانپوءِ تڪاهاشيءَ پنھنجي ڌيءَ جي شادي ڳوٺ جي نوجوان سان ڪرائي ۽ ٻئي گڏ گڏ رهڻ لڳا. کين ڪيترائي ٻار ٿيا. اڄ ننڍا سڀان وڏا ٿي ويا. نيٺ انھن جون بہ شاديون ٿيون ۽ کين بہ ٻار ٿيڻ لڳا. تڪاهاشيءَ جي ڌيءُ جو مڙس هاڻ جهور پوڙهو ٿي ويو هو پر سندس ڌيءُ جنھن جل پريءَ جو گوشت کاڌو هو اها اهڙي جو اهڙي جوان لڳي رهي جيئن شاديءَ وقت هئي. آخرڪار سندس مڙس گذاري ويو ۽ هوءَ اڪيلو رهڻ لڳي. سالن جي اڪيلائي سھڻ بعد هن نيٺ ٻي شادي ڪئي ۽ هن نئين مڙس مان بہ کيس ڪيترائي ٻار ٿيا جن کي هن نپائي وڏو ڪيو ۽ هر هڪ پوڙهو ٿيڻ لڳو پر هوءَ ساڳي جوان جي جوان_ ڄڻ ڪالھہ پھرين شادي ٿي هجيس. هن جي ٻئي مڙس مرڻ تي هن ٽي شادي ڪئي. اهڙي طرح هن ڪيتريون ئي شاديون ڪيون. مڙس پوڙها ٿيو مريو وڃن پر هيءَ اهڙي جو اهڙي. آخرڪار هوءَ شادين، ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ ۽ مڙسن جي مرڻ ۽ ٽيجها ختما ڪرڻ مان اهڙو تہ بيزار ٿي پيئي جو گهر ڇڏي جبلن ۾ هلي وئي ۽ ان بعد هوءَ وري نظر نہ آئي.

ڏاهپ وارو فيصلو

جپان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ شاهوڪار واپاري رهيو ٿي جنھن کي هڪ تمام سھڻي ڌيءَ هئي. هن جو پنھنجي ڌيءَ سان تمام گهڻو قرب هو ۽ جتي بہ گهمڻ نڪرندو هو تہ هن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو ۽ هن کي ڳوٺ جي هڪ هڪ ماڻھوءَ سڃاتو ٿي. هڪ دفعي هن کي سندس پيءُ ٻيڙيءَ جي سير تي وٺي هليو. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ جيئن ئي هن قدم رکيو تہ پير ترڪي ويس ۽ پاڻيءَ ۾ ڪري پيئي. پاڻيءَ جو وهڪرو تمام تکو هو ۽ هن کي يڪدم ڪناري کان پري ڇڪي ويو. واپاري ڌيءَ کي ٻڏندو ڏسي روئڻ لڳو ۽ رڙيون ڪري چيو: ”بچايو! مھرباني ڪري منھنجي ڌيءَ کي بچايو. مد د ڪريو.“
واپاريءَ جون رڙيون ٻڌي ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا پر ڪنھن کي بہ پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيڻ جي همت نہ پئي ٿي، ڇو جو پاڻيءَ جي وهڪ تمام تکي هئي ۽ ڇوڪريءَ کي ڪنھن اهڙي پاسي لوڙهي وئي هئي، جو ڪا خبر نٿي پيئي. واپاري لاچار ۽ مجبور ٿي پيو. آخر ٻيو ڪو چارو نہ ڏسي هن اعلان ڪيو تہ ”جيڪو منھنجي ڌيءَ کي ٻڏڻ کان بچايئندو ان کي نہ فقط انعام ڏنو ويندو پر هن سان شادي بہ ڪرائي ويندي.“
ماڻھن جي گڏ ٿيل ميڙ ۾ هڪ نجومي بہ هو. هن چيو: ”آئون توهان کي اهو ٻڌائي سگهان ٿو تہ ڇوڪري ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ڏي وهندي پئي وڃي.“ اهو ٻڌي هڪ نوجوان جيڪو نجوميءَ جي ڀرسان بيٺو هو تنھن کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ ان طرف ڏي ترڻ لڳو. هو تکو تکو ترڻ لڳو ۽ پاڻي جي ڇتين لھرن سان ويڙھہ ڪندو نيٺ ڇوڪريءَ تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن کي ڪناري تائين کڻي آيو. سڀني سک جو ساھہ کنيو.
جيئن تہ ڇوڪريءَ جي پيٽ ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي هليو ويو هو سو هوءَ هوش ۾ نہ پئي آئي ۽ پوءِ ان ميڙ مان هڪ ماڻھو جنھن پاڻ کي ڊاڪٽر ٿي سڏايو. اڳيان وڌيو ۽ ڇوڪريءَ کي اونڌو ليٽائي پيٽ ۽ ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ۽ وات ذريعي ساھہ ڦوڪيو ۽ هوءِ کڙي تڙي ٿي وئي. نجوميءَ اڳيان وڌي واپاري کي چيو ته،”انعام ۽ ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو حقدار آئون آهيان جو مون صحيح ڏس ڏنو تہ ڇوڪري ڪھڙي پاسي آهي. آئون جي نہ ٻڌايان ها تہ هھڙي پاڻيءَ ۾ ڪو بہ ڇوڪري ڳولي نہ سگهي ها.“


(۽ واپاريءَ جي ڌيءَ جي شادي نوجوان سان ٿي وئي ۽ ٻئي ڄڻا خوشحال زندگي گذارڻ لڳا...)

نوجوان ڇوڪري دخل اندازي ڪندي چيو : ”هرگز نھ. نجومي ڪيئن ٿو پاڻ کي حقدار سمجهي. انعام ۽ ڇوڪريءَ جو حقدار آئون آهيان. اهو آئون هوس جنھن ٻڏڻ جي بہ پرواھہ نہ ڪندي پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ ڇڏيو. ڇوڪريءَ جي شادي مون سان ٿيڻ کپي.“ ۽ پوءِ ڊاڪٽر،جنھن ڪنھن بہ صورت ۾ ٻين کان پٺيان رهڻ نٿي چاهيو چيو: ”پر جيڪڏهن آئون هن جي مدد نہ ڪريان ها تہ هوءَ اڄ ڪڏهن بہ جيئري نہ هجي ها. هن ڇوڪريءَ کي در اصل مون بچايو آهي، سو انعام اڪرام جو سچو حقدار آئون آهيان.“
ٽنھي ڄڻن جو پاڻ ۾ سخت بحث هلندو رهيو ۽ ڪو بہ فيصلو نہ پئي ڪري سگهيو تہ هنن ٽن ۾ سچو حقدار ڪير آهي ۽ هاڻ تہ ڳالھہ ماڳھين مار مارا تي پھچڻ واري هئي. واپاريءَ کي اوچتو هڪ همراھہ ياد اچي ويو جيڪو ان قسم جي جهيڙن جا فيصلا ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ مشھور هو. هي سڀ ان وٽ پھتا ۽ واپاريءَ هن کي سڄو قصو ٻڌايو. پوڙهي ماڻھوءَ سڄي ڳالھہ ٻڌي چيو: ”انعام ۽ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو حقدار اهو نوجوان آهي جنھن پنھنجي زندگي جوکي ۾ وجهي ڇوڪريءَ جي جان بچائي. ان ڪري صحيح معنيٰ ۾ ڏٺو وڃي تہ نوجوان هن ڇوڪريءَ کي بچايو.“
واپاري ان فيصلي مان بيحد مطمئن ٿيو ۽ هن پنھنجي ڌيءَ جي شادي نوجوان سان ڪرائي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا خوشيءَ سان زندگي گهارڻ لڳا.

چالاڪ ڀاءُ

اوساڪا شھر جي ڀر واري ڳوٺ ۾ تومونوري ۽ ٽانڪورو نالي ٻہ ڀائر رهندا هئا. تونو موري، جيتوڻيڪ وڏو ۽ شاهوڪار هو پر عقل جو سادو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ ننڍو ڀاءُ ٽانڪورو پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ کٽل هو پر وڏو چالاڪ ۽ مڪار هو. هن جي دماغ ۾ هر وقت اهي اٽڪلون گشت ڪنديون رهيون ٿي تہ ماڻھن کي ڪيئن بيوقوف بڻائجي. نتيجي ۾ ماڻھن هن تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هن جي وڏي ڀاءُ تونوموريءَ هن کي ڪيترائي دفعا سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جي نصيحتن ڪجهہ بہ اثر نہ ڪيو، ڇو جو ٽانڪورو نود بنجي چڪو هو ۽ سڌو ٿي هلڻ کان هن هر وقت انڪار ڪيو ٿي.
هڪ ڏينھن تانڪورو گهر جي پٺيان اڱڻ ۾ پاڻي گرم ڪري رهيو هو، جڏهن پاڻي ٽھڪڻ لڳو تہ هن ڏٺو تہ سندس وڏو ڀاءُ تومونوري سامھون کان سندس گهر اچي رهيو آهي، هن يڪدم ٽھڪندڙ پاڻيءَ جو ديڳڙو کنيو ۽ گهر جي اڳئين حصي ۾ ڇٻر تي اچي ويٺو. جڏهن تومونوري گهر ۾ اندر داخل ٿيو تہ هن ڏٺو تہ ٽانڪورو ديڳڙي اڳيان ويٺو آهي. جڏهن هن ڏٺو تہ بنا باھہ جي ديڳڙيءَ ۾ پاڻي ٽھڪي رهيو آهي تہ هن کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن ٽانڪورو کان پڇيو:
”بنا باھہ جي پاڻي ڪيئن ٽھڪي رهيو آهي؟ مون کي تہ ديڳڙي هيٺان ڪا بہ باھہ نظر نہ پئي اچي.“
چالاڪ ڀاءُ ٽانڪورو اهو ئي سوچي رهيو هو تہ هن جو بيوقوف ڀاءُ تومونوري اهو ئي سوال پڇندو. هن اهڙي نموني سان جواب ڏنو ڄڻ اها ڪا عام ڳالھہ هجي: ”هي تہ ڪجهہ ناهي. هي ديڳڙو در اصل جادوءَ جو ديڳڙو آهي. جيڪو مون هڪ هاريءَ کان ڪالھہ خريد ڪيو آهي. ان جي اندر ڪجهہ رمل آهي، جنھن جي زور تي باھہ بنا پاڻي ڪوسوٿيو وڃي.“
عقل جو سادو هجڻ ڪري تومونوري پنھنجي ڀاءُ جي ڳالھہ تي وسھجي ويو ۽ جيئن تہ هن کي اهو ديڳڙو وڻي ويو هو سو کيسي مان ڏھہ سونا سڪا ڪڍي تانڪورو کي اهو ديڳڙو وڪڻڻ لاءِ ڏنا. ننڍي ڀاءُ تہ اهو ئي چاهيو تہ ڪنھن نموني سان ٻہ چار سونا سڪا ملي وڃن تہ ڪجهہ ڏينھن وقت سٺو گذري وڃي ۽ هتي تہ يڪا سارا ڏھہ سڪا ملي رهيا هئا. آخر هن ٿوري دير نہ نہ ڪري ديڳڙو پنھنجي وڏي ڀاءُ کي وڪڻي ڏنو.
تومونوري ديڳڙو حاصل ڪري بيحد خوش ٿيو ۽ سڌو گهر ڏي موٽيو. گهر پھچي هن دڳيڙي کي چڱيءَ طرح ملي صاف ڪري پاڻيءَ سان ڀريو ۽ پوءِ باھہ ٻارڻ بنا اهو ديڳڙو چلھہ تي رکيو. ڪلاڪ گذري ويا پر پاڻي ڪوسو نہ ٿيو سو نہ ٿيو. ٽھڪڻ اپڙڻ تہ ٿي پوءِ جي ڳالھه. هن کي ڏاڍو فڪر ٿي پيو تہ پاڻي ڇو نٿو گرم ٿئي. هن پنھنجي ڀاءُ جي گهر پنھنجين اکين سان ڏٺو تہ بنا باه جي پاڻي ٽھڪڻ لڳو هو ۽ هاڻ پنھنجي گهر هن ائين ئي ڪيو هو جيئن ننڍي ڀاءُ ٻڌايو هوس. اڌ ڏينھن گذرڻ بعد بہ جڏهن هن ڏٺو تہ پاڻي گرم نہ پيو ٿئي تہ هن کي ڏاڍي باھہ لڳي ۽ سمجهي ويو تہ پڪ سندس ننڍي ڀاءُ تانڪوروءَ هن کي بيوقوف بڻايو آهي. هو ان ئي وقت ديڳڙي سميت پنھنجي ڀاءُ جي گهر پھتو.
”سچ سچ ٻڌاءِ تہ منھنجي گهر هن جادوئي ديڳڙي ۾ پاڻي ڇو نٿو ڪوسو ٿئي جڏهن تہ تنھنجي گهر بنا باھہ جي پاڻي ٽھڪڻ لڳو هو.“
چالاڪ ۽ مڪار هجڻ ڪري تانڪورو اڳھين جهيڙي لاءِ تيار هو. هن کي پڪ هئي تہ سندس سادڙو ڀاءُ ضرور ان قسم جو سوال اچي ڪندو. سو هن اڳواٽ ئي ان لاءِ جواب ٺاهي رکيو هو. هن تومونوريءَ کي چيو:
”بس آئون سمجهي ويس. منھنجي خيال ۾ هن ديڳڙي کي تو پڪ مَلي صاف ڪيو هوندو، جنھن ڪري ان تي لڳل سمورو جادوئي پائوڊر لھي ويو هوندو. اهوئي سبب آهي جو تنھنجي گهر پاڻي گرم نہ ٿيو. نہ تہ هن ديڳڙي جي جادوءَجي هجڻ ۾ تہ ڪو شڪ ناهي. تو پاڻ ڏٺو تہ منھنجي گهر ان ديڳڙي ۾ پاڻي ٽھڪي رهيو هو.“
تومونوريءَ قبول ڪيو تہ هن واقعي ديڳڙي کي کرڙي کرڙي صاف ڪيو هو. هو پنھنجو ئي ڏوھہ سمجهي چپڙي ڪري اچي گهران نڪتو ۽ پنھنجو پاڻ کي پٽون پاراتا ڏيندو رهيو تہ مون ڇو ديڳڙي کي ڌوتو.
ڪجهہ مھنن بعد ٽانڪورو وري هٿين خالي ڦڪڙ ٿي ويو ۽ ڀاءُ مان پئسا ڪڍڻ لاءِ اٽڪلون سٽڪلون سوچڻ لڳو. هن هڪ ڏٻرو مرضيل قسم جو گهوڙو ۽ ڪجهہ سونھري رنگ جا بال خريد ڪيا. هن اهي بال گهوڙي جي آس پاس پکيڙي ڇڏيا ۽ پنھنجي ڀاءُ جي اچڻ جوانتظار ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينھن تومونوريءَ کي اوساڪا شھر وڃڻو پيو سو سوچيائين تہ ٽانڪورو جي گهران ٿيندو وڃان. جيئن ئي تومونوري پنھنجي ننڍي ڀا ءُ ٽانڪورو جي گهر پھتو تہ اڱڻ ۾ هڪ ڏٻرو ۽ بکايل گهوڙو نظر آيس. اهڙي مرضيل قسم جي گهوڙي کي ڏسي هو پڇڻ لاءِ مجبور ٿي ويو تہ هي هتي ڇا پيو ڪري.
ٽانڪورو جواب ڏنس: ”عزتمآب منھنجا ڀاءُ، گهوڙي جي شڪل شبيھہ کي نہ ڏس. هي هڪ ناياب جنس جو گهوڙو آهي جيڪو آئون وڏي مشڪل سان خريد ڪري آيو آهيان. هر ٻئي ڏينھن هو لڏ بدران سونا بال ٿو لاهي.“
اهو ٻڌي تومونوريءَ چيس: ”ڇڏ يار چرچا. اهو ڪنھن ٻئي کي بيوقوف بڻاءِ.“
ٽانڪورو جواب ڏنس: ”مانوارا ڀاءُ، ٿورو گهوڙي جي ويجهو وڃي تہ ڏس توکي خود نظر اچي ويندو. ٿي سگهي ٿو اڄ هن جو لڏ لاهڻ جو نہ پر سونا بال لاهڻ جو وارو هجي ۽ ڪجهہ لاهي ورتا هجنس.“ تومونوري گهوڙي جي ويجهو ويو ۽ اهو ڏسي هو واقعي حيرت ۾ پئجي ويو تہ گهوڙي جي پيرن وٽ لڏ نہ پر سونا بال هئا. هو موٽي ٽانڪورو وٽ آيو ۽ معافي وٺندي چيو: ”مون کي معاف ڪر، ٽانڪورو. مون اجايو توتي شڪ ڪيو. اچي هي پنجاھہ سونا سڪا وٺ هي گهوڙو منھنجي حوالي ڪر. آئون هينئر ئي ان کي وٺي وڃڻ چاهيان ٿو.“

(تومونوري پنھنجي ڀاءَ کان جادوءَ جو ديڳڙو خريد ڪري سڌو گهر موٽيو...)
ٽانڪوروءَ پنھنجو گهوڙو وڏي خوشيءَ سان ڀاءُ جي حوالي ڪيو ۽ تومونوري ان سست ۽ بکايل گهوڙي کي ڇڪي گهر پھتو. هن گهر پھچي گهوڙي لاءِ هڪ اصطبل ٺاهيو ۽ هن کي چڱي طرح کارايو ۽ پوءِ انتظار ڪرڻ لڳو تہ گهوڙو ڪڏهن ٿو سونا بال لاهي. پھرين ڏينھن تہ هن کي لاهڻي ئي لڏ هئي سا لاٿائين ٻئي ڏينھن سونن بالن لاهڻ جو وارو هو هو. پر ٻئي ڏينھن بہ لڏ لاٿائين. ٽي ڏينھن بہ لڏ ۽ جڏهن چوٿين ڏينھن بہ لڏ ئي لاٿائين ۽ سونن بالن جو ڪو نالو نشان ئي نظر نہ آيو تہ هو سمجهي ويو تہ سندس ننڍي ڀاءُ ٽانڪورو هن کي وري بيوقوف بڻايو آهي. هو سخت ڪاوڙ ۾ ٽانڪورو وٽ پھتو ۽ زور زور سان دانھون ڪري چيو: ”تو مون کي وري ٺڳيو آهي جنھن لاءِ آئون توکي ڏسي رهندس ۽ تون سڄي عمر پڇتائيندو رهندين.“
پر ٽانڪورو بہ ڪو اهڙو تھڙو ٺڳ نہ هو. هن جي سڄي ڄمار انھن اٽڪل بازين ۾ گذري هئي. وڏي ڀاءُ جي ڳالھہ ٻڌي وڏي ڌيرج سان جواب ڏنو: ”مانوارا ڀاءُ ڀلا آئون توکي ڇو ٺڳيندس؟ تو پڪ گهوڙي کي کلئي اڱڻ ۾ بيھارڻ بدران اصطبل ۾ بيھاريو هوندو. ان ڪري گهوڙي تي ديوتائن جو اثر نہ ٿيو هوندو ۽ هو سونا بال ڏيڻ بدران عام گهوڙي وانگر لڏ لاهڻ لڳو هوندو. ڇو جو هن تان اهو جناتي اثر لھي ويو هوندو.“
تومونوريءَ کي هن دفعي پنھنجي ٺڳ ڀاءُ تي اعتبار بلڪل نہ آيو ۽ پڪو فيصلو ڪيو تہ آئيندي هو ڪڏهن بہ ٽانڪورو سان ڪنھن بہ قسم جو وهنوار نہ رکندو. اهڙي طرح ٽانڪورو پنھنجو ڀاءُ وڃائي ويٺو ۽ وڏي ڀاءُ بنا هن جي باقي زندگي بيحد ڏکي گذرڻ لڳي.

جادو ءَ جي آرسي

جپان جي ڪنھن ڏورانھين ڳوٺ ۾ سابورو نالي هڪ شخص پنھنجي زال ۽ ڌيءُ سان گڏ رهيو ٿي. هي تمام شريف، سادي طبيعت جو ۽ محنتي ماڻھو هو. سڄو ڏينھن هن کي ٻني ٻاري تي ڪم ڪرڻو پيو ٿي ۽ شام جو موٽي وري زميندار جي گهر ۾ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ايترو پورهيو ڪرڻ کانپوءِ بہ هن غريب جي گهر جو خرچ پکو نٿي هلي سگهيو ۽ پورت ڪرڻ لاءِ کاڌي خوراڪ کي گهٽائڻو پيو ٿي. سابورو کي پنھنجو هي حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ٿي. هن ڪيترن جي واتان اهو ٻڌو هو تہ مٿي جبلن ڏي هڪ مندر آهي ان ۾ جيڪو وڃي ٿو ان جي من جون مرادون پوريون ٿيو وڃن. هن اوڏانھن وڃي پنھنجي ۽ پنھنجي ڪٽنب جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.
آخرڪار هو مٿي جبلن تي ٺھيل مندر ۾ پھتو ۽ ڏينھن رات دعا گهرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هو سڄي ڏينھن ۾ فقط هڪ دفعو کاڌو کائڻ لاءِ مندر کان ٻاهر نڪتو ٿي ۽ هن کاڌي ۾ ڪجهہ ڀاڄيون ۽ ميوو جيڪو مندر جي اوس پاس ۾ پوکيو ويو ٿي اهو کاڌو ٿي. ڏھہ ڏينھن گذري ويا پر ڪجهہ بہ نہ ٿيو. هن جي زال ۽ ڌيءُ سخت پريشان ٿي ويون ۽ هن کي هيڏانھن هوڏانھن ڳوليندي ڳوليندي آخر جبل تي پھتيون ۽هنن سابورو کي منٿون ڪيون تہ هو مھرباني ڪري واپس گهر هلي جو هاڻ هو بک ۾ پاھہ ٿي رهيا آهن. پر سابورو ديوتا سان ملڻ بنا موٽڻ لاءِ انڪار ڪيو. هي مندر ۾ رهي دعا گهرندو رهيو. بنا ڪنھن نتيجي جي ڪجهہ هفتا گذري ويا پر سابورو دل شڪستو نہ ٿيو ۽ هو سچي دل سان دعا گهرندو رهيو. هن جي زال ۽ ڌيءَ هر ٻئي ٽئي ڏينھن هن کي سمجهائڻ لاءِ اينديون رهيون تہ هو ان ضد کي ڇڏي گهر موٽي هلي جو مندر ۾ ويھي دعا گهرڻ مان ڪجهہ نہ ورندو. پر سابورو تي سندس زال ۽ ڌيءَ جي نصيحتن جو ڪو بہ اثر نہ ٿيو. آخرڪار چوڏهينءَ جي چنڊ واري رات تي جڏهن سابورو کي ويٺي ويٺي اک لڳي وئي تہ هن کي خواب ۾ نظر آيو تہ چوڌاري دونھون ٿي ان مان ’رحم جي ديوي‘ ظاهر ٿي. هوءَ بيحد همدرد ۽ مھربان نظر اچي رهي هئي. هوءَ اڳيان وڌي سابورو وٽ آئي ۽ هن کي هڪ آرسي ڏني. حيرت مان سابورو ان آرسيءَ کي ڏٺو پر سمجهہ ۾ نہ آيس تہ اها ڪھري ڪم اچي سگهي ٿي. رحم جي ديويءَ هن کي چيو:
”هيءَ آرسي هر انسان جي صحيح سڃاڻپ ڪري ٿي. اهاپاڻ وٽ قابو رک ۽ تنھنجي لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي.“ اهو چئي هوءَ هلي ويئي.
سابورو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ تي خواب جو سوچڻ لڳو. هن پنھنجي ڀر ۾ ڏٺو تہ آرسيءَ جو ٽڪرو پيو آهي. هن ان کي کڻي صاف ڪري کيسي ۾ وڌو ۽ پوءِ آخري دفعو پوڄا پاٺ ڪري مندر کان ٻاهر نڪري گهر ڏي روانو ٿيو. هو جڏهن گهر پھتو تہ هن ڏٺو تہ سندس زال ۽ ڌيءُ اڱڻ ۾ چانور ڪُٽي رهيون آهن. هنن کي پنھنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ بنا کيسي مان آرسي ڪڍي زال ۽ ڌيءُ جو عڪس ڏٺو تہ هن کي عورتن بدران ڪڪڙيون نظر آيون. هن پنھنجو پاڻ کي چيو: ”لڳي ٿو تہ منھنجي زال ۽ ڌيءُ جيڪي ظاهري طرح انسان نظر اچن ٿيون حقيقت ۾ ڪڪڙيون هجن.“ انھن جي اصليت معلوم ڪري سابورو کي عجب لڳو ۽ دل ٽٽي پيس. هو ٻنھي کي اڱڻ ۾ چانور ڪُٽيندو ڇڏي ٻليءَ پير آهستي آهستي ٿي گهر کان ٻاهر نڪري آيو. ڪنھن کي بہ خبر نہ پيئي تہ هو ڪو مندر مان موٽي آيو آهي.
گهر مان نڪري هي هلندو رهيو، هلندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو تہ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ سندس زال ۽ ڌيءَ حقيقت ۾ ڪڪڙيون آهن. هلندي هلندي آخر ٿڪجي پيو. بک بہ ڏاڍي لڳي هيس سو هڪ هوٽل ۾ گهڙي ويو، جيئن ڪجهہ کائي پي سگهي. ڪيترا ڏينھن ٿي ويا هئا جو هن سٺو نہ کاڌو هو ۽ نہ وري پيٽ ڀري. هو هڪ ٽيبل تي ويھي بئري کي غور سان ڏسڻ لڳو جيڪو ڪڏهن هن گراهڪ ڏي وڃي رهيو هو تہ ڪڏهن هُن ڏي. آخر هن ڏي بہ آيو. سابورو کيسي مان آرسي ڪڍي ان ۾ بئري کي ڏٺو تہ ان ۾ هن کي بئرو ماڻھو بدران ڄاهو نظر آيو. حيرت مان هن بئري کي گهوري ڏٺو ۽ تعجب کائڻ لڳو تہ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي تہ هھڙو سُھڻو ۽ قداور نوجوان اصل ۾ ڄاهو هجي.
هڪ گراهڪ کي ايتري دير کان پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي بئريکي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ هن کان پڇيو تہ ڇا ڳالھہ آهي.
”ڪجهہ نھ. ڪجهہ نھ. بس تون پنھنجي ڪم کي لڳو رهه. خوبصورت ڄاها.“ سابورو چيو.

(هوءَ بيحد نرم دل ۽ مھربان نظر اچي رهي هئي. هوءَ اڳيان وڌي سابورو وٽ آئي ۽ هن کي هڪ آرسي ڏني...)

”ڇا چيئي؟ تو مون کي ڄاهو سڏيو.“ بئري چيو ۽ پوءِ تہ ٺونشن جي آزاد ڏي وٺ شروع ٿي وئي هنن کي وڙهندو ڏسي هوٽل جو مالڪ پھچي ويو ۽ هنن کي ڇڏائيندي پنھنجي بئري کي چيو: ”ڪنھن بہ گراهڪ سان توکي وڙهڻ نہ کپي. جيڪڏهن توکي ڪا شڪايت آهي تہ تنھنجو ڪم مون کي ٻڌائڻ آهي.“ ان بعد هن سابورو کان معافي ورتي.
بئري کي ايڏي چڙ هئي جو هن پنھنجي مالڪ جي ڪا بہ ڳالھہ ٻڌڻ نٿي چاهي ۽ رڙ ڪري مالڪ کي چيو: ”توکي ڇا دانھن ڏيان، هي ماڻھو مون تي بنا ڪنھن سبب جي نالا ٿو رکي. هينئر بہ هن مون کي ڄاهو سڏيو.“
مالڪ حيرت مان سابورو کي ڏسندي چيو: ”توهان پاڻ کي ڇا ٿا سمجهو؟“
”مار تہ سھي! مون پنھنجو پاڻ کي تہ رسيءَ ۾ ڏٺو ئي نہ آهي تہ منھنجي اصليت ڇا آهي؟“ سابورو دل ئي دل ۾ چيو ۽ پوءِ آرسيءَ کي پنھنجي منھن اڳيان جهلي مالڪ کي ان آرسيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ چيو. مالڪ بنا ڪنھن سوچڻ جي تہ سابورو هن کي ڇا پيو چوڻ چاهي. آرسيءَ ۾ ڏٺو تہ هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي آرسيءَ ۾ سابورو بدران ”ڀاڳ جي ديوتا“ جوعڪس نظر آيو. هو يڪدم سابورو اڳيان عزت سان جهڪيو. سابورو هن کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي. هوٽل جي مالڪ هاڻ سابورو کي_ يعني ڀاڳ جي ديوتا کي گهر وڃڻ کان جهليو. سابورو هاڻ مزي سان هوٽل ۾ ئي رهي پيو ۽ سندس فقط اهو ڪم هو تہ ماڻھن جي سڃاڻپ ڪري مالڪ کي ٻڌائي. هوٽل پھرين کان وڌيڪ سٺي هلڻ لڳي. مالڪ جي خوب ڪمائي ٿيڻ لڳي. سابورو کي بہ چڱو ناڻو ملڻ لڳو پر هن ڪڏهن بہ پنھنجي زال ۽ ڌيءُ کي پئسو موڪلڻ نہ وساريو. هر هفتي هنن ڏي هنن جي ضرورت کان وڌيڪ موڪليندو رهيو ٿي.

برفاني نينگري

جپان جي اتراهين ٿڌي ٻيٽ هڪيدو ۾ ڪنھن زماني ۾ نوبورو نالي هڪ نوجوان رهيو ٿي. هڪ ڏينھن صبح جو جيئن هو ڪم تي وڃي رهيو هو تہ ڏٺائين تہ ٻاهر ڳڙن جي صورت ۾ برفباري ٿي رهي آهي. جيئن ئي هن ڪمري جو در کوليو تہ اڱڻ ۾ ڍير ڳڙن جو نظر آيس. برف جي هيترن ڳڙن کي روشنيءَ ۾ چمڪندو ڏسي هن کي ڏاڍو مزو آيو. ڪي ڳڙا روشني پوڻ ڪري انسانن جي شڪل جا لڳي رهيا هئا. نوبورو جي دل ۾ خيال آيو ”جيڪڏهن اهي برف جا ڳڙا انسان هجن ها تہ انھن مان هڪ سان آئون ضرور شادي ڪريان ها.“ انبعد هو گهر کي تالو هڻي ڪم تي روانو ٿي ويو ۽ شام جو جڏهن موٽيو تہ هن ڏٺو تہ برف اڃان تائين وسي رهي هئي ۽ صاف ظاهر هو تہ اچڻ واري رات اونداهي ۽ طوفاني هوندي. نوبورو هاڻ سمھڻ وارو هو تہ در تي ٺڙڪو ٻڌائين. هن پھرين سمجهيو تہ هوا آهي پر پوءِ جڏهن لڳاتار ٺڪ ٺڪ ٿيندي رهي تہ هن اٿي در کوليو. هن کي اهو ڏسي حيرت لڳي تہ سامھون هڪ جوان ڇوڪري بيٺي هئي. هن پاٻوھہ مان چيو: ”مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪر. آئون هن ٿڌي موسم ۾ ڄمي برف ٿي رهي آهيان. مھرباني ڪري مون کي ٿوري دير لاءِ اندر اچڻ ڏي نہ تہ آئون ٿڌ ۾ مري وينديس.“
ڇوڪري سيءَ کان اهڙو تہ ڏڪي رهي هئي جو نوبورو کي هن تي رحم اچي ويو ۽ هن کي گهر ۾ اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ کيس ٻرندڙ باھہ جي ڀر ۾ ويھي پاڻ سيڪڻ لاءِ اجازت ڏني. هن باھہ ڀرسان اچڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”ٻاهر ٿڌ مان ٿي يڪدم باھہ اڳيان وهڻ صحت لاءِ صحيح ناهي.“ ان بعد هوءَ رڌڻي جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺي ۽ ٿوري دير کانپوءِ هن کي اهڙي تہ گهاٽي ننڊ اچي وئي جو کونگهرا هڻڻ لڳي.
ٻئي ڏينھن صبح جو نوبورو جي جڏهن اک کلي تہ هن کي ائين لڳو ڄڻ خواب ۾ ڪنھن هن جي گهر جو در کڙڪايو هجي ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ اندر باھہ جو سيڪ وٺڻ لاءِ چيو هجي. پر تازن رڌل چانورن جي خوشبوءِ هن کي احساس ڏياريو تہ اهو خواب نہ پر حقيقت هئي تہ هڪ ڇوڪري سندس گهر ۾ آئي هئي. هو رڌڻي ڏي وڌيو تہ رات وار ي ڇوڪري ڀت رڌيندي نظر آيس. هن کي تمام گهڻي حيرت ۽ خوشي ٿي. ڇوڪريءَ چيو: ”تون ضرور بکايل هوندي. مون تولاءِ ڀت رڌيو آهي. اميد تہ توکي پسند ايندو.“
نوبورو کي هن جي هٿ جو رڌل ڀت ڏاڍو وڻيو ۽ هن ڇوڪريءَ ۾ ايتري دلچسپي ورتي جو ڪجهہ ڏينھن اندر هن ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي مان هيڪاندا خوش هئا ۽ نوبورو جو رهڻ جي طور طريقو ئي بدلجي ويو. هاڻ هن پيٽ ڀري وقت تي ماني کاڌي ٿي. صحيح ۽ سٺا ڪپڙا پاتا ٿي_ ڇو جو هن جي زال هاڻ هن جو تمام گهڻو خيال ڪيو ٿي. گهر جي هر شيءِ صحيح جاءِ تي رهڻ لڳي ۽ نوبورو کي تعجب لڳو تہ هيڏي عمر بنا زال جي هن ڪيئن گذاري. هاڻ هن کي پاڻ رڌ پچاءَ يا گهر جي صفائي نٿي ڪرڻي پيئي. سڀ ڪجهہ سندس زال کي ڪرڻو پيو ٿي. هوءَ تمام سٺي رڌ پچاءَ ڪري سگهي ٿي، پر هن هڪ ڳالھہ ڏٺي تہ هن ڪاٺ جون ڏوئيون استعمال ڪيون ٿي جيڪي هن هڪ واڍي کان خاص آرڊر تي ٺھرايون هيون ۽ ٻي ڳالھہ تہ هوءَ باھہ جي ويجهو بلڪل نٿي آئي. شايد اهيڊگهيون ڏوئيون بہ ان ڪري ٺھرايون هئائين، جيئن هوءَ باھہ کان پري بيھي رڌ پچاءُ ڪري سگهي. هوءَ باھہ جي گرميءَ کان هر وقت پري ڀڄندي رهي ٿي. پر نوبورو ڪڏهن بہ پنھنجي زال کان ان جو سبب پڇڻ مناسب نہ سمجهيو.
هڪ دفعي نوبورو جو هڪ دوست پنھنجي ٻارن ٻچن سان هن وٽ گهمڻ لاءِ آيو. هن جو پٽ تمام ڏنگو هو ۽ هن سڄي گهر ۾ ڊوڙون پائيندي نوبورو جي زال جون ڏويون ڀڃي ڇڏيون. ڪنھن بہ ان تي ڌيان نہ ڌريو. شام جو جڏهن نوبورو ڪم تان موٽيو تہ هن پنھنجي دوست کي پاڻ سان وهاري ’ساڪي‘ (جپاني شراب جيڪو ٿورو گرم ڪري پيتو ويندو آهي) پيئڻ شروع ڪيو. نوبورو پنھنجي زال کي چيو تہ شراب کي ٿورو وڌيڪ گرم ڪري ڏي. هوءَ رڌڻي ۾ وڃي ڪاٺ جون ڊگهيون ڏوئيون ۽ چمچا ڳولڻ لڳي جنھن سان شراب کي گهمائي گرم ڪري سگهي. پر چمچا هجن تہ ملن. جيئن تہ هن شراب کي اڳواٽ ئي چلھہ تي چاڙهي ڇڏيو هو سو اهو گرم ٿي ٽھڪڻ لڳو. هوڏانھن سندس مڙس کان صبر نہ پئي ٿيو ۽ رڙ مٿان رڙ لڳائي ڏني هئائين تہ اڃان ڪيتري دير آهي.

(هن کي رات واري ڇوڪري ڀت رڌيندي نظر آئي...)
زال وراڻيس: ”بس اچان پئي. منٽ ترس.“ ۽ ان دوران هوءَ وري پنھنجا ڊگها چمچا ڳولڻ لڳي. هن ٽيبل جا سڀ خانا ڏٺا. ڪٻٽ جي پٺيان ڏٺو، اسٽور روم ۽ گدام ڏٺو پر هن کي ڪٿي بہ اهي ڊگها چمچا نظر نہ آيا.
نوبورو تيستائين بنھہ هٿن مان نڪري چڪو هو ۽ رڙ ڪري چيو: ”آخر ڇا مصيبت آهي؟ شراب آڻين ٿي يا نھ؟“
کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ هاڻ ڇا ڪجي ۽ مونجهاري جي حالت ۾ کڻي گرم ديڳڙي کي هٿن ۾ کنيو. ان بعد هن جي فقط هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي:”بچايو. مران ٿي. منھنجي مدد ڪريو.“ نوبورو رڌڻي ۾ ڊوڙيو پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي. رڌڻي ۾ ڪير بہ نہ هو. چلھہ جي ڀرسان هن جي زال جو فقط آلو ڪمونو (وڳو) پيو هو.
درا صل هن جي زال برف جي ڳڙن مان ٺھيل هڪ برفاني نينگري هئي جيڪا گهڻي گرمائش ڪري وٽڙي پاڻي ٿي وئي.

سن بوشي_ (جپان جي هڪ لوڪ ڪھاڻي)

جپان جي ڪنھن علائقي ۾ هڪ زال مڙس تمام خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، پر بدقسمتيءَ سان هنن کي ڪو اولاد نہ هو. هڪ ڏينھن هو مندر ۾ ويا ۽ دل سان ٻاڏائي دعا گهري: ”اي مالڪ! پنھنجين رحمتن مان اسان کي هڪ ٻار عطا ڪر، پوءِ کڻي اهو آڱر جي هڪ ڳتري جيڏو هجي.“
ڪجهہ عرصي بعد هنن جي گهر ۾ هڪ خوبصورت ٻار ڄائو. پر هن جو قد بالغ ماڻھوءَ جي آڱر کان بہ ننڍو هو. ان هوندي بہ هن جي ماءُ پيءُ هن کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو_ ڄڻ تہ هو هنن جي اک جو تارو هجي.
ڇوڪرو تمام گهڻو ذهين ۽ اخلاق وارو هو... پر هن جي قد ۾ واڌارو نہ ٿيو. پاڙي پتيءَ جا ماڻھو بہ هن سان محبت ۽ پيار سان پيش آيا ٿي ۽ هن کي سن بوشي جي نالي سان سڏيائون ٿي. جپاني لفظ ’سن‘ هڪ ماپ آهي جيڪو اٽڪل ٽي سينٽي ميٽرن برابر ٿئي ٿو ۽ ‘بوشي‘ ٻائي کي سڏجي ٿو.
پراڻي زماني ۾ ٻارن جا مٿا مندر جي ٻاون وانگر ڪوڙيا ويندا هئا جن کي بوشي سڏبو هو. آهستي آهستي اهو ٻارن جو مشھور نالو ٿي ويو.
هڪ ڏينھن سن بوشي جپان جي تن ڏينھن واري گاديءَ جي شھر ڪِيوٽو وڃڻ جو ارادو ڪيو جيئن هو زندگيءَ ۾ ڪو وڏو مقام حاصل ڪري سگهي. هن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو: ”پياري امان ۽ پيارابابا آئون ڪيوٽو وڃڻ چاهيان ٿو. اتي آئون پڙهندس لکندس ۽ وڏو ماڻھو ٿيندس. مون کي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پھرين تہ هن جي ماءُ پيءُ ڪجهہ نٽائڻ جي ڪئي پر جيئن تہ هنن کي پنھنجي پٽ جي ذهانت ۾ اعتماد هو ان ڪري هن کي خوشيءَ سان موڪل ڏيئي ڇڏي. هنن هڪ سون جي تلوار ٺاهي ۽ ڪکن جي مياڻ ۾ وجهي سن بوشيءَ جي ڪلھي ۾ لڙڪائي ڇڏي. ان کان علاوه هن کي هڪ پيالو ۽ هاٿيءَ جي ڏندن مان تيار ڪيل ٻہ تيليون بہ ڏنيون جن کي هو چمچن طور استعمال ڪري سگهي.
سن بوشي پنھنجي ماءُ پيءُ کان موڪلائي سفر تي روانو ٿيو. ڪيوٽو ڏي هڪ درياھہ ويو ٿي. هن پيالي کان ٻيڙيءَ جو ڪم ورتو ۽ عاج (هاٿي جي ڏندن) مان ٺھيل تيلين کي چپن طور استعمال ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين درياھہ جي وهڪري سان گڏ گڏ ان ٻيڙيءَ ۾ ويندو رهيو. آخرڪار ڪيوٽو پھچي ويو.
سن بوشي ڪِيوٽو شھر ۾ داخل ٿيو تہ هن کي هڪ وڏو ۽ خوبصورت محل نظر آيو. هيءُ هڪ با اثر وزير جو گهر هو. دروازي وٽ پھچي سن بوشي رڙيون ڪرڻ لڳو: ”ڪو آهي، اڙي بابا ڪو آهي؟“ اندران هڪ نوڪر ڊوڙندو آيو پر هن کي ڪجهہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. هو واپس وڃڻ لاءِ مڙيو ئي مس تہ هن کي وري سڏڻ جا آواز ڪن تي پيا. هن غور سان ڏٺو تہ دروازي جي ڪنڊ وٽ بندري سن بوشي تي نظر پيس.
”منھنجو نالو ’سن بوشي‘آهي. آئون هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. مھرباني ڪري مون کي وزير جي خادمن ۾ کڻي رکو.“
نوڪر هن کي جهلي کڻي هٿ جي تريءَ تي رکيو ۽ وزير جي آڏو وٺي آيس. سن بوشيءَ احترام سان ڪنڌ جهڪايو ۽ سلام ڪيو. اهو ڏسي وزير ۽ هن جا صلاحڪار بيحد خوش ٿيا، ۽ هن کي محل ۾ رهڻ جي اجازت ملي وئي.
جيتوڻيڪ سن بوشي بندري قد جو هو. پر بيحد ذهين هجڻ ڪري هن هر ڪم سٺائي ۽ صفائي سان ڪيو ٿي. هن جي سڀ کان سٺي ڳالھہ اها هئي تہ هر هڪ سان خوش اخلاقيءَ سان مليو ٿي. ان ڪري هن کي ماڻھن ڏاڍو پسند ڪيو ٿي. خاص ڪري وزير جي ڌيءُ وزيرزاديءَ جي دل هن موهي رکي هئي ۽ هن هر وقت سن باشيءَ کي پاڻ سان گڏ گڏ رکيو ٿي.
هڪ ڏينھن وزيرزادي ڪينن (جپانين جو شنتو ڌرم موجب رحم جي ديوي) جي عبادت گاھہ ۾ وئي. سن بوشي بہ هن سان گڏ هو. واپسيءَ تي ٻن ڏائڻين وزيرزاديءَ تي اوچتو حملو ڪيو. هنن وزيرزاديءَ کي کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تہ ايتري ۾ سن باشي وزيرزاديءَ جي ٻانھن جي ڪفن مان نڪري آيو. جتي هو لڪي ويٺو هو. هن تلوار تاڻي ڏائڻين کي چيو : ”خبر اٿانوَ آئون ڪير آهيان؟ آئون وزيرزاديءَ جو محافظ آهيان.“ هڪ ڏائڻ هن کي هٿ ۾ جهلي ڏاڍي مزي سان ڳھي ڇڏيو.
سن بوشي قد بت ۾ ايترو ننڍو هو جو ڏائڻ جي عدي ۾ هلي چلي سگهيو ٿي . هو پنھنجي ننڍڙي تلوار ذريعي معدي ۾ ٽُنگ ڪرڻ لڳو . تنگ اچي ڏائڻ اوڳرائي ڏني ۽ سن بوشي ٻاهر نڪري آيو. اتي ٻي ڏائڻ سن بوشءِ ڏي وڌي پر هن بندري ماڻھوءَ سَٽ ڏيئي تلوار جي چھنب کڻي هن جي اک ۾ هنئي. اڃا هن پنھنجا هوش ئي مس سنڀاليا تہ سن بوشيءَ ٻي اک بہ ڦاڙي وڌيس. سور کان چيچلائيندي، ٻئي ڏائڻيون مٿي تي پير رکي وٺي ڀڳيون.
جڏهن هو وزيرزاديءَ سان گڏ گهر ڏي موٽڻ لڳو، تہ هن جي نگاھہ ۾ هڪ لٺ ئي بيٺي هئي جيڪا ڏائڻ کان ڀڄڻ وقت رهجي وئي هئي. هي ڏائڻين جو خزانو_ يعني جادوءَ جي لٺ هئي. ان کي هوا ۾ لوڏڻ سان هر شيءَ حاصل ٿي سگهي ٿي. وزيرزاديءَ لٺ ڏسي چيو: ”پيارا سن بوشي، هيءَ جادوءَ جي لٺ آهي، توکي جيڪا شيءَ کپي گهري سگهين ٿو.“
”نہ مون کي دولت جي ضرورت آهي نہ چانورن مڇيءَ جي،“ سن بوشيءَ چيو، ”منھُنجي اها خواهش آهي تہ منھنجو قد ڊگهو ٿي وڃي.“
وزيرزادي جادوءَ جي لٺ کي هوا ۾ لوڏيندي چيو: ”سن بوشيءَ جو قد وڌاءِ، وڌاءِ“ ۽ ان سان گڏ سن بوشيءَ جو قد وڌڻ لڳو. ايتريقدر جو هو هڪ خوبصورت جوان ٿي ويو.
ان کان پوءِ سن بوشيءَ جي شادي وزيرزاديءَ سان ٿي وئي ۽ هو ماءُپيءُ سان گڏ کل خوشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو.

Foreward

I would never imagine that Altaf would chase me to Honolulu (Hawaii) for writing a few words for his book “Ghalliyoon Japan Joo’n” (Talks of Japan). When I returned to the Lincolon Inn the place where I am staying, on the eveining of 10th June at Honolulu, a lagre packet was waiting for me at the reception. It was a letter from Altaf Shaikh along with the manuscript of the book asking me to write a few words on his latest work. Why he selected me for this job; he only knows.
What a coincidence Dr. Allana of Sindhology (writer of the forewards in Sindhi for this book) stayed in Tokyo for five days, I did too besides my total stay of five months, but my observations about the Japanese Language, literature, art, culture and traditions of Japan can never match his (Allana’s) for obvious reasons that Dr. Allana is himself a great figure in this area, whereas, I am only a student of the dry science of economics.
Nevertheless, the longer stay however provides an opportunity to know about everything. For instance, when I found myself un- wrapped in Sauna bath .. هن حمام ۾ سڀ ....., it would never occur to a person taking bird’s eye view that it was not for fun sake or pleasure that Japanese go for Sauna bath but it is the space squeeze which compelled Japanese to provide community baths rather than have the luxury of attached baths in the house.
Nor would an occasional traveler in subway (Chikatetsu) be able to understand why every body around was quite, sleepy with closed eyes. My first impression was that because Bhuddism was their religion (though `Shintoism` is also equally popular), therefore they were all meditating. It was only when I visited the Toyota city and saw the line production of cars where in a few minutes a person has to fix a particular part within certain distance reach. A remarkable match of man with machine. It was here that I learned that how an average Japanese works for more than a twelve hours a day under severe stresses and strains, and thus the period while they are commuting between their homes and place of work they seek the opportunity to have short rest and relaxation after a hard day’s labour. No less than meditation.
Dr. Allana in his forewords for this book (in Sindhi) has pointed out to the interest of Japanese in anthropology and it reminds me of Mr. Jero Kawakita who is also author of “K. J. methods of solving the problems by systematic approach of constructing a problem tree.” He was also an anthropologist who stayed for many years in Nepal and while I was seeking training at United Nations’ centre for the regional development at Nagoya (to prepare a regional plan for Sindh, Pakistan), he gave a lecture on the culture of Sindh and its resemblance with that of Japan. He also was of the view that the common heritage lies in being Asian and in Bhuddism which Dr. Allana says was official religion of Sindh for a very long time. In Japan also the Bhuddist shrines at Kyoto and Nara, and the Pagodas at many places are the ones one must see.
Altaf- the author of this book, through the Japanese folk tales, humour, and poetry portraits the picture of different section of Japanese population in the traditional form. I am sure the next book of Altaf would be on modern tales and mechanical life which today’s Japanese is into.But one thing is quite obvious that modern Japan has retained its culture and tradition quite well. This reminds me of my Japanese friend Yogo San who one day took me to a farm near Nagoya to participate in the completion of their house roof which was always done by family friends, neighbours and co-workers.
The family was very happy to see a foreigner among them participating in the completion of the house which was followed by a great celebration with `Sake` (Japanese wine).
Long after I returned to Pakistan I received a letter from the daughter of the man whose house was completed thanking me for helping them provide the shelter, though I had put only five nails in the roof.
One can write so much on Japan but Altaf would surely not like a competitor. I must thank him for providing me an opportunity to recall my memories about the land of the rising sun from where I learned hard work, patience and endurance-the qualities all average Japanese possesses.


NAZAR MEMON
Lincoln Honolulu
HAWAII- U.S.A
19-6-1982.

This Book….

Japan is known as a technological giant in the world. No doubt it is. With the sleek motor cars popular all over the globe, cameras, television, V.C.Rs, watches and so many other transisterised products and gadgets it has not surprisingly earned a name as a contemporary country with a robot like efficiency and precision progress. But Japan is not only that; it is much more too.
A classical eastern country, it possess a rich heritage which forms the basic of achievements in the various fields of the arts. The Japanese folk tales are as exciting as its toys are pretty; its jokes slick and spontaneous, proverbs meaningful for all times, verses charming whenever you read them and stories as readable as the best anywhere in the wolrd. This book is a view, admittedly a limited view, of the Japan of the achievements but from my knowledge of the country, an honest and genuine view which seeks to inform readers that there is much more to the country and its people than only technological and scientific progress.
During the last ten years, it has been my previlege to visit Japan more than once as a marine engineer. I have travelled by sea and by land from Hachinohe to Moje, from Nagoya to Wakayama, in fact almost all over the country. During these visits, I have had occasion to come in contact with a cross section of Japanese people and realize that it is a friendly and affectionate nation, full of the old eastern charm which is fading away from other places of Asia. I was first surprised, then excited and finally impressed by their humaneness.
This book comprises selections from such Japanese literature that I had a chance to read and gather. Some knowledge and information is from my readings but most of the material has been collected through conversation with my Japanese friends. I have simply put these togethers in the from of a book to present a view of the country which is different from the known image of Japan.
I hope that the book will be accepted as it is a genuine effort to capture the spirit of Japan and read as such both in Pakistan and Japan and seen in the later country as a picture drawn by a friendly visitor.

Altaf Shaikh
IHI Shipyard, Tokyo
1980

JAPAN & JAPANESE

For fifty years now, the world has been hearing - without widely comprehending-the rumble of great cultural, social, and economic explosions in modern Japan. Japan has advanced from a war-end standards of living to its affluence of today, which measures ahead of most Europe, and not far short of the United States.
Yet if what is new in Japan is astonishing, what is old contains even greater wonders and marvels. At some quiet, still, central place in the Japanese psyche, the people of Japan hold, without concession, to aesthetics, ideals, and societal bonds unchanged in twenty centuries. More than any other nation of the East, Japan has remained to itself. Japan has confidence that its past is valid in the present.
Japan is a mountainous country consisting of the four main islands of Honshu, Hokkaido, Shikoku and Kyushu, and numerous minor islands. The islands of Japan extend for about 1300 miles from north to south and have width of 170 miles at the widest point.
In 1637, after a bloody revolt, the Shimbara uprising, Japan was hermetically sealed off from the outside wrld. It created one of the many Iron Curtains of history, much more savage and effective than Stalin’s was at the height of his paranoia. No Japanese was allowed, under pain of death, to leave the country, and any Japanese who was foolish enough to return from abroad was executed in a rather unpleasant manner. Foreigners were not permitted to enter the country at all; if they did, they were beheaded.
Although geographic isolation has made Japanese very conscious of borrowings from aboard, it has also led them to develop one of the most distinctive to be found in any civilized area of comparable size.
The Japanese are always strongly conscious that they are Japanese and that all other people are foreigners. Isolation has made them painfully aware of their difference from other peoples and has filled them with an entirely irrational sense of superiority.
For Japan’s defeat was as novel as the Atom-bomb. She had never experienced either. It is true that Commodore Perry forced America’s will upon the country but that was no military defeat. All Perry did was to deliver a letter from President Fillmore to Shogun, in the summer of 1853, demanding the opening of trade relations. Before leaving, he made a show of force by sailing up Yedo (Tokyo) Bay in defiance of Japanese government. The Japanese had never seen a steamship before and were duly impressed. Japan benefited from this lesson so effectively that half a century later she was able to inflict a resounding defeat of land and at sea on one of the greatest and most dreadful military powers of the world. In the First World War she was not one of the major belligerents but with her navy she was an exceedingly useful ally.
In any case, the beginning of the Second World War confirmed the legend of Japanese invincibility. Having nearly knocked out the U.S. Navy at Pearl Harbour, Japan advanced and occupied South East Asia including the impregnable fortress Singapore; sank two British Ships; invaded New Guinea; bombed Australia; threatened Indian – and all this with a speed that made the German Blitzkrieg look like a boy scout’s war-game.
The Japanese public knew all about the victories; it knew little about the subsequent reverses. When defeat came it seemed even more crushing because it was unexpected.
The devastation, horror and inhumanity of the bomb were unspeakable and I am not trying to diminish its effects, neither am I trying to be frivolous when I say that, in the long run, the bomb had certain beneficial effects on the Japanese psyche. It rid them of guilt. It surely tilted the moral balance in their favour. They deserved sympathy not condemnation. Japanese, so ingenious and eager to learn, absorbed the lesson as they saw it: nuclear bombs are not to be copied but avoided as evil. Japan has turned away from aggressive military chauvinism and has embraced a substitute nationalism: economic glory.
Japan has not been a major creative force in world history, at least until recent times. The slender arc of islands gave rise to no classic civilization of its own that could impose its style upon surrounding people. The Japanese achievements has been more confined. It has been the particular destiny of the Japanese that they lived within two contrasting great traditions (Chinese and Westerns), and it has been through their genius that, while accommodating to both, they have achived some stature and distinction in each. From the sixth century until the middle of the nineteenth century, Japan has immersed in the Chinese zone of civilization: after 1854, hurried modernization assimilated Japan within the expanding frontiers of western influence. In each of these contexts, Japan played an important, thought not commanding, role. In East Asia, from atleast the eighth century, Japan ranked high among the countries surrounding China in its political and cultural achievements. The Japanese absorbed many elements of Chinese civilization- the written language, techniques of government, styles of architecture and art, and systems of philosophy had learned, and thus retained a cultural style of their own. A thousand years later Japan led the way among East Asian countries in adjusting to western civilization. But again as any visitor to Japan must agree, the resulting cultural fusion is something that bears the distinct stamp of Japan’s own historical heritage.
Japan is remarkable country and the Japanese an extra ordinary people. Their life styles are fascinating blend of ancient traditions with the most advanced technologies and modes of contemporary urban life. Their land is small but varied and beautiful. Man and nature have conspired to make it a visual wonderland. On the one hand there are rugged mountains, majestic coastlines and pleasing patterns of a garden like agriculture, the stately monuments of a rich cultural past and the dynamic sprawl of a vigorous industrial society.
It’s a delightfully mixed up country- where many things seem to operate in reverse. Before going to Japan I was warned by many people who knew the country well that one should never ask a straight question in Japan; if one does, one never gets a straight answer. Personal questions are even more out than in England. One cannot form friendships, and one cannot even get on reasonably close terms with a Japanese, and one cannot – most definitely not – joke with them. Imagine, then, my disappointment when I kept finding interesting, responsive people every where I went: open hearted and broad minded men and women, ready to discuss my public or private problems - so long as they felt that my questions were promoted by real interest and not by idle or offensive curiosity. And quite a few of them were amusing and witty.
This seems to point to the fact that the Japanese are human beings like the rest of us, but they want to be different. They are determined to be puzzling, quaint and unfathomable; they insist on being more Japanese than most of us.
Life in Japan seems to be full of opposites: one washes before getting into the bath tub. Department store `bargain basements` are on the top floor. Papers are stapled in the upper right hand corner, romance and inspiration are associated not with sunsets but with the rising sun. On St’ Valentine’s day, women give the gifts. Stand up comedians don’t stand for their monologues, they kneel. Wine is taken warm while the fish (sashimi) is taken raw without cooking. Towels are used for wetting not drying. The word ‘san’ is used for ‘Mr’ as well as for ‘Miss’ and ‘Mrs’. A foot-note is written on the top not in the bottom.
The Japanese have the habit of absolute and almost religious courtesy in their social relations. The habit of courtesy is embedded in the very language they speak. And there are no foul curse words in the Japanese language. A quarter of an hour in Japan will convince you that you are among exquisitely well mannered people. Among the people of the Far East, the Japanese are practically unique in their fondness for taking baths. Their passion for cleanliness is, in fact stronger than that of almost any other race in the world.
The Japanese cherish custom. It give them a sense of security and identity and history. True, some old rituals are dying. Hospitals no longer give a new mother a small paulowina-wood box containing the umbilical cord of her baby, to be kept as the `uncontrovertible bond between mother and child`. But the Japanese remain the heirs and defenders of a great body of other customs. The Japanese eat and drive and dress and wed and give and shop in thoroughly Japanese ways.
Japanese are competitive people and they want to shine; they want to be first in every field; they want admiration. The Japanese want to beat Americans at base baru (base ball). They want to produce better keki (cakes) & cars, better photo-graphic cameras & teribee (televisions) better transistor radios and VCRs, they produce more flavours of ice-creams than the United States, the nation hitherto generally revered as the greatest ice cream nation on earth.
Japan is still, and always will be, an exotic country. Japan has, and always will have, sublime Fuji-yama, exquisite calligraphy, the beautiful geishas, gorgeous cherry blosssoms, moon viewings, chop sticks, gargantuan Sumo wrestlers, begging monks and polished cedar. Japan is the country of Koinobori (Fish shaped flags flown on boy’s day), Karakasa (oiled paper umbrellas), Sana kobachi (cermic cups and bowls) Sento (public baths), Sake (rice wine), Take (bamboo), Ikebana (flower arrangement), Harakiri (suicide), Origami (folded paper toys) and Soroban (wooden calculator).

Altaf Shaikh
Osaka Port-Japan.