شخصيتون ۽ خاڪا

آپگهات جا البم

امرتا پريتم ھونئن تہ پنجابي زبان جي ليکڪا آھي پر ھن جون لکڻيون قوم، ذات، ٻوليءَ کان مٿاھيون صرف سماج لاءِ آھن. ھي ڪتاب سندس اردو ۾ لکيل ڪتاب ”ايڪ اداس ڪتاب“ جو سنڌي ترجمو آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي انھن نامور اديبن جو ذڪر آھي جن يا تہ آپگهات ڪيو يا کين حالتن ھٿان مجبور ڪري مارايو ويو.  امرتا پريم سندن زندگيءَ جي خاڪن سان گڏ ھنن جي لکڻين جا نمونا ۽ نظم پڻ شامل ڪيا آھن.

Title Cover of book آپگهات جا البم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور ليکڪا امرتا پريتم جي لکڻين تي مشتمل ڪتاب ”آپگهات جا البم“  اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو انمول نظاماڻيءَ ڪيو آھي.
امرتا پريتم ھونئن تہ پنجابي زبان جي ليکڪا آھي پر ھن جون لکڻيون قوم، ذات، ٻوليءَ کان مٿاھيون صرف سماج لاءِ آھن. ھي ڪتاب سندس اردو ۾ لکيل ڪتاب ”ايڪ اداس ڪتاب“ جو سنڌي ترجمو آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي انھن نامور اديبن جو ذڪر آھي جن يا تہ آپگهات ڪيو يا کين حالتن ھٿان مجبور ڪري مارايو ويو.  امرتا پريم سندن زندگيءَ جي خاڪن سان گڏ ھنن جي لکڻين جا نمونا ۽ نظم پڻ شامل ڪيا آھن.
ھي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌ بوڪ ڪلب پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي