سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل سفرنامو ”ڪويت ڪنارا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ لڳ ڀڳ سڄي دنيا گهميو آھي ۽ سندس واکاڻ جھڙِي ڳالھ اھا آھي تہ ھن اھي سڀ سفر ڪتابي صورت ۾ اسان کي پڙھايا آھن. ھن ڪتاب ۾ ڪويت جي ڪنارن، ڪويت جي ماڻھن، ڪويت جي ترقي ۽ اتان جي مشھور واقعن کي معلوماتي ۽ دلچسپي واري انداز ۾ لکيو آھي.
ھي ڪتاب 1980ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ورسٽي سنڌي پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي