سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ اديب شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پاران چونڊ انگريزي شاعري جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”عجيب جواھر“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ انگريزي شاعريءَ مان اخلاقي ۽ اصلاحي شعرن کي سنڌي شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي. جن مشھور شاعرن جي شاعري شامل آھي تن ۾ شيڪسپيئر، پوپ، وليم ڪوپر، والٽر اسڪاٽ، گولڊ سمٿ، جان ڊرائڊن، بائرن، ڪالرج، برنس، ورڊس ورٿ، فرانسز، ڊگلس، ايليٽ، ڪوڪ، وليم جوبس ۽ شامل آھن. ڪتاب ۾ ڪل 140 عنوان شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1915ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1967ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي