شاعري

اکين جا پنڌ

آزاد مري سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مقبول شاعر آهي.. سالن جي سفر هن جي لفظن کي اهڙي مڻيا ڏني آهي، جنھن کيس پختي شاعر جي روپ ۾ نروار ڪيو آهي. هن وقت هو سانگهڙ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.  ھن ڪتاب ۾ سندس غزل ۽ نظم شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اکين جا پنڌ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر آزاد مريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکين جا پنڌ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
آزاد مري سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مقبول شاعر آهي.. سالن جي سفر هن جي لفظن کي اهڙي مڻيا ڏني آهي، جنھن کيس پختي شاعر جي روپ ۾ نروار ڪيو آهي. هن وقت هو سانگهڙ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.  ھن ڪتاب ۾ سندس غزل ۽ نظم شامل آھن.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ رومي ڪتاب گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، ٿورائتا آھيون آزاد مري ۽ رومي ڪتاب گهر جي سرواڻ احسان لغاريءَ جا جن ھي ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

پنهنجي عظيم والدين جي نانءِ

جن جي دعا، محبت  ۽ شفقت سان

آئون هن منزل تائين پهتو آهيان.

۽ 

ارپيم انهن عظيم استادن جي نانءِ

جن علم جهڙي زيور سان  نوازيو.

اداري پاران

اداري پاران


رومي ڪتاب گهر پاران سانگهڙ جي نوجوان شاعر، محترم آزاد مريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪندي نهايت سرهائي محسوس ڪريان ٿو. سنڌ ۾ شاعريءَ جو هڪ وسيع جهان آهي، جنهن ۾ هرڪو پنهنجي وس ۽ وت آهر قدم وڌائي رهيو آهي. ڪنهن تي ڏات ديوي مهربان آهي، ته ڪو شهباز جي پرواز ۾ آسمان جا سير ڪري رهيو آهي، ڪو سمنڊ کي سوجهڻ ۾ رڌل آهي ته ڪو محبوب جي جدائيءَ ۾ ٽياس تي ٽنگيل نظر اچي ٿو، ڪو ميلاپ جا مڌر گيت پيو ڳائي ته ڪو وطن جي سرفروشن تي پيو لکي. هن وڏي جهان ۾ ڪن کي سالن جي سفر کان پوءِ به مناسب موٽ ناهي ملي سگهي، پر ڪن کي تمام سٺي موٽ ملي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آزاد مري سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مقبول شاعر آهي. مون کيس ڪيترن سالن کان شعر چوندي ٻڌو ۽ ڏٺو آهي، سالن جي سفر هن جي لفظن کي اهڙي مڻيا ڏني آهي، جنهن کيس پختي شاعر جي روپ ۾ کيس نروار ڪيو آهي. هن وقت هو سانگهڙ جي بهترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. اميد آهي ته هو شعر جي جهان ۾ پنهنجا پير اڃان به وڌيڪ پختا ڪندو.
احسان علي لغاري
رومي ڪتاب گهر،
حيدرآباد

مهاڳ : چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾

مهاڳ : چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾


شاعري شعور جو نچوڙ آھي. مختلف وقتن تي مختلف محققن، ليکڪن جي مختلف راءِ رهي آھي شاعري تي بحث ٿيا آھن، شاعري کي هر پاسي کان ڏٺو ويو آھي.
شاعري هر اينگل کان نرالي نظر آئي آھي. شاعري جا طور ماپا به ٿين، شاعري جا گهاڙيٽا به ٿين،شاعري جا ڪارب به ٿين،شاعري جا واڍا به ٿين ته شاعري جا راکا به ٿين ريشمي تاڪين ۾ ويڙهيل خيال کي ئي شاعري چئبو آهي.
خيال کي ويڙھڻ جي ترتيب به هجڻ گهرجي ته کولڻ جي ترتيب به هجڻ گهرجي مطلب لکڻ جي ترتيب ۽ پڙھڻ جي ترتيب پڻ ھجڻ گهرجي.
شاعري نفيس جذبن جو آواز آھي ته درد جي دانھن به آھي دنيا جي ارتقا کان وٺي هن مهل تائين مختلف دور رهيا آھن انهي سموري دؤرن ۾ ڪهڙيون حالتون رهيون آھن ۽ ماڻهو ڪهڙي حالتن ۾ جيئرو رهيو آھي؟
شاعر يا تخيلقڪار انهيءَ سموري سماجي متڀيد ڏک اهنج تڪليف جو آئينو هوندو آھي.
شاعري سماج کي ماپڻ جو پيرا ميٽر آھي، جنهن سان سماج جا پير اکيون دُن ۽ پيٽ به ماپي سگهجي ٿو سماج جي سموري اُگهاڙپ نفاست ۽ خوبصورتي شاعر ٻن سٽن ۾ ئي بيان ڪري ويندو آھي، پر انهي خيال کي پرکڻ ۽ سمجهڻ لئه به صحتمند ذھن جو هجڻ لازمي آھي. هن سماج جي ڪارب ۾ ڇا ڇا فٽ ٿيل آھي ۽ ڇا ڇا ٺھي جُڙي راس ٿي ويو آھي هر دؤر جون حيرت ڪندڙ ايجادون اسانجي سامهون پيون آھن ۽ ھن دور جون سموريون ڪاوشون به پاڻ سان گڏ روان دوان آھن. هڪ شاعر هڪ تخليقڪار هن سماج کان مٿاهون سوچيندڙ هوندو آھي، ان کي ننڍي کان ننڍي شئي به وڏي چُڀندڙ محسوس ٿيندي آھي بي ترتيب بيٺل شين کي ترتيب ڏيارڻ لئه آواز اُٿارڻ هڪ تخليقڪار جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
وقت جي وهڪرن ۾ لُڙھندڙ ماڻھو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هليا ويندا آهن، پر ايندڙ سوين صدين تائين اُھي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري سڃاتا ويندا آھن ڪويتائن جي ديس ۾ به ڪروڙين گُل ٽڙي ۽ مُرجهائجي ويا پر اُنهي گلن جي خوشبو سان اڃان به ڏيهه واسيل آھي. ادب هڪ وڏي مالها آھي، جنهن ۾ مختلف گل پوئل آھن، جن جا ڪردار ۽ ڪويتائون اسان ۽ اوهانجي سامهون آھن اڃان به ڪويتائن جي ديس ۾ ڪي گل ٽڙن پيا ۽ ڪي ڪچين ڪلين جي شڪل ۾ آھن اُھي سڀ جا سڀ کڻي خوشبو نه ئي ڏين پر سڃاڻپ وري به گل طور ئي ٿيندي آھي ۽ گل هوندا ئي خوبصورت آھن. شاعري جي ڏيهه جا رهواسي پنهنجي من ۾ ڪنول جا گل پوکيندا آھن شاعر جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي پر شاعر جي شاعري تي فني فڪري حوالي سان ڳالهائي سگهجي ٿو ڪويتائن جي ديس جو ڳڀرو آزاد مري پنهنجي من جي پاند ۾ ڪهڙن خيالن کي رکي ٿو اهو اندازو سندس ڪويتا مان ڪري سگهجي ٿو.
آزاد جنهن وٽ ڪنواري اکين جا خواب آھن ۽ انهي خوابن جي ساڀيائن لئه ڪيل التجا به آھي. آزاد مري جي ڪويتائن جو ڪتاب ”اکين جا پنڌ“ جو مسودو پڙھڻ کان پوءِ اچرج ٿيو آهي ته هي اناڙي چينچل ڇوڪرو ايترو نفيس ۽ نازڪ خيال ڪيئن ٿو رکي سگهي.! سندس غزل ۽ نظم ڇرڪائيندڙ نه به هجن پر سڌي ڳالهه سندرو ٻڌي ڪيل آھي.
جيڪڏھن محبوب سان مخاطب آھي ته محبوب جي پيرن ۾ ڪنڌ جهڪيل اٿس جيڪڏھن دشمنن سان ڳالهه آھي ته دشمنن جي اکين ۾ اکيون آھن آزاد مري جي ڪويتا جا ٻه پاسا ڀرپور رهيا آھن.
هڪ محبوب ۽ ٻيو مٽي آزاد مري محبوب لاءِ ڇا ٿو چوي سندس شاعري جا ڪجهه خيال پڙهي ٿا ڏسون:
تنهنجي در تان تڙيل ماڻهو ڪهڙو هوندو،
در در آخر ڀٽڪيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

مان ته رلي ويو تو لاءِ آھيان ويرانين ۾،
تنهنجي ٻک ۾ ٻکيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.
يا ائين ته:
تو مٿان جي وارجي پئي هي حياتي،
ڀل کڻي پو ھارجي پئي هي حياتي.
آزاد پنهنجي اندر جي پيڙاءُ کي ذيان ناهي ڪيو پر سموري تڪليفن کي لفظن جو روپ ڏئي پنن تي آڻي اسان ۽ اوهان آڏو پيش ڪيو آھي.
حال کي حال تائين لاهجي،
پيار کي پاتال تائين لاهجي.

ايترو ان کي ته ويجهو آڻجي،
سوچ کانپوءِ خيال تائين لاهجي.
يا هي خيال به ڪيڏو خود داري وارو ۽ حوصلي وارو آھي.

درد کي دربدر ڪري ڏسجي،
بند دل جو هي در ڪري ڏسجي.

چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾،
رات تي ڪو سحر ڪري ڏسجي.

آزاد مري پنهنجي نظم ۾ چوي ٿو:

ٺٽي جي ٺار جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون،
سمنڊ جي سار تو ۾ ٿي رهي ۽،
سمنڊ جي سار جهڙي ٿي لڳين تون.

آزاد مري پنهنجي محبوب کي سنڌ سان ڀيٽيندي لکي ٿو:

تو ۾ سنڌ سموري آھي،
تنهنجو جهومڪ جهوڪ لڳي ٿو،
تنهنجي بنديا المنظر ڄڻ،
تنهنجون ڳالهيون ڪينجهر جهڙيون.

انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪويتائن جي ڪتاب ”اکين جا پنڌ“ ۾ آزاد مري پنهنجي محبوب جي ياد ۾ ڪيترو ڀوڳيو آھي ۽ جڏھن محبوب مليو آھي ته سندس دل جي دانهن مان هي آواز به نروار ٿيو آھي.

مُرڪ جاني ته پو موڪلائي وٺان،
تنهنجي چپ تي چميون ڪي سجائي وٺان،
هن سان واعدو ڪيل آ ملڻ جو فقط،
موت موڪل جي ڏين مان نڀائي وٺان،

ته محبوب جي مُرڪ کان ويندي محبوب جي ڳوڙھن تائين ڪيئن نه لُڇيو ۽ تڙپيو آھي.

اوهانجي دڳن تي نگاهون رکي،
اسان پي رناسين وفائون رکي.

آزاد پنهنجي شاعري ۾ وزن بحر جو به انتهائي باريڪ نظر سان خيال رکيو آھي، ڪٿي ڪو اڻ لکو جهول نظر اچي سگهي ٿو، باقي مجموعي طرح خيال ۽ وزن سان ڀلي ريت نڀايو اٿس.
سندس شاعري جو ٻيو پاسو جيڪو انتهائي جاندار ۽ سگهارو نظر ٿو اچي اُھو پاسو پنهنجي مٽي جا درد ۽ مٽي سان محبت جو اظھار به آھي ته مٽي تي رهندڙ ماڻھن جي وارتا به آھي.
انهيءَ پنڌ ۾ آسوند اکين جا سپنا ڪيئن مري ٿا پون ۽ ڪيئن مائرن جا ڪونڌر ڳڀا ڳڀا ٿي ٿا پون.
اُنهي سموري پيڙاء کي آزاد مري پنهنجي ڪويتا ۾ ائين به بيان ڪيو آھي، هن نظم جون ڪجهه سٽون انهي ڳالهه جون گواهه آھن ته آزاد مري وٽ مٽي لئه وڏو مان آھي ۽ مٽي تي ٿيندڙ وار تي ڪيئن نه ڇرڪ ڀري اُٿي ٿو پوي.
نظم جا بند:

جوءِ به ساڳي جهنگ به ساڳيا،
ديس به ساڳيو دنگ به ساڳيا،
نينهن به ساڳيو مينهن به ساڳيا،
رات به ساڳي ڏينھن به ساڳيا،
هر ڪا ٿيندي ٻاگهل ٻائي،
هوندي سڀ ڪا سنڌ جي ڄائي،
هيسيل ناهي هرڻي ڪائي،
مائون ڄڻينديون پُٽ به ساڳي.

آزاد هن غزل ۾ به ڌرتي سان محبت جو اظھار ڪيڏي نه خوبصورت طريقي سان ڪيو آھي.

روز پيو ٿو درد ڌرتي مان ڄمي،
ڇو نٿو ڪو مرد ڌرتي مان ڄمي.

ظلم ڌرتي جي ڌڻين تي پيا وڌن،
سور ڪو ٿو ذرد ڌرتي مان ڄمي.

وحشتن جي ڪنڌ کي ٽوڙي وجهي،
ڪو ته اهڙو فرد ڌرتي مان ڄمي.

سندس نظم به مظلومن جو آواز آھن ته مظلومن جي آٿت به آھن، هي نظم آھي، انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اٿئي ڄڻ سج جي ويجهو،
اٿئي ڄڻ بک ۾ ڪوڪون،
اٿئي ڄڻ ڌُوڙ جون ٻڪون،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي.

هن غزل جا ڪجهه شعر پڙھي ڪري ايمان تازو ٿيو ٿو پوي ته ڪويتائن جا ڪوڏيا پنهنجي مٽي تي ساهه ڪيئن ٿا ڏين.
ڌرتي سرتي ساهه سمائي جيئان ٿو،
سونھن سموري سنڌ اکين سان پيئان ٿو.

آزاد مري جي ڪتاب ”اکين جا پنڌ“۾ اُھي اکين جا پنڌ بيان ڪيا ويا آھن، جن پنڌن ۾ پير پٿون به ٿين ٿا ته پير ڪپجي به پون ٿا، مٽي ۽ محبوب کي ڀيٽا ڏنل هي سموريون ڪويتائون مٽي جا عاشق ۽ محبوبائن جا عاشق پڙھي پنهنجي پاڻ کي آٿت ۽ ڏڍ ڏئي سگهن ٿا.
آزاد مري جي ڪتاب اکين جا پنڌ اوهان تائين پھچي پنهنجو سفر پورو ناهي ڪيو پر اڃان به ٻيا تخليقي مجموعا اوهان ۽ اسان تائين پهچندا، آزاد مري لئه اهڙي پنڌ ڪرڻ تي نيڪ تمنائون اميد ته سندس پنڌ اهڙي طرح روان دوان هجي ۽ پاڻ اھڙي طرح ئي ڪويتائن جا ڪتاب ارپيندو رهي.
مٺو سانگهڙائي
03456071114

هي دلين جو پنڌ آھي

هي دلين جو پنڌ آھي
آزاد مري شاعري ڪئي ناھي پر ھن کان پاڻ مرادو ٿي وئي آھي تڏھن ته ھن رواني سان پنن تي پنهنجي دل کي اظھاريو آھي. ھن جو تخليقي پورھيو اسان کي پر اسرار ۽ خاموش به لڳي ٿو ته انهي ۾ اھڙو شور به آھي جيڪو ڪن نٿا ٻڌن دليون ٻڌنديون آھن. ھن جي شاعري ۾ جيڪا نغمگي ۽ رڌم آھي اھو ھرڻين جو پهاڙن تي ڪيل پهرين پنڌ جهڙو آھي پنهنجي شاعري ۾ ھي مونکي ڪٿي به پيچيده ۽ مبهم نٿو نظر اچي ھن جي شاعري ۾ دائيميت آھي يا نه!؟ اھا روايتي آھي يا غير روايتي!؟ انهن سوالن کي ڇڏي آئون اھو ٿو ڏسان ته ھن جيڪا پنهنجي ڪائنات جوڙي آھي اھا ڪيتري گهڻ پاسائين آھي مونکي ته اھا چئني ڏسائن ۾ ڦهليل ٿي نظر اچي ۽ اھا انفرادي ھوندي به ھڪ اجتماعي آواز آھي توڻي جو اھا گهڻي ڀاڱي داخليت تي مبني آھي پر ان ۾ جيڪي خارجي پاسا آھن اھي به ھن شدت سان بيان ڪيا آھن
ھن جي ڊڪشن جو دائرو توڻي جو محدود آھي، پر ان ڳالهه جو ساکي آھي ته اھو ڪنهن کان اڌارو ناھي ورتل پر ھن جو پنهنجو آھي آزاد مري جا احساساتي وھڪرا اسان کي سندس شاعري ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا، اھي سندس شاعراڻي سفر جو نچوڙ به محسوس ٿين ٿا، مجموعي طور ائين چئي سگهجي ٿو آزاد مري جيڪي پنهنجي دل سان ڳالهايو آھي. اھو ھن ڪتاب ۾ موجود آھي ۽ ھي ڪتاب مونکي اکين جي پنڌ کان وڌيڪ دلين جو پنڌ ٿو لڳي.
فراق ھاليپوٽو
ٽنڊوباگو
03462917484

منفرد منزلون

منفرد منزلون

زندگي ھڪ اھڙي سفر جو نالو آھي، جنھن سفر ۾ ھر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو پنڌ ڪري ان منزل تائين پهچڻ چاھي ٿو، جتي سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ باوجود انسان هميشه لئه امر ٿي ويندو آهي، ان امرتا ماڻڻ لئه انسان کي زندگي ۾ ئي کوڙ سارين تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو.
ھن ڌرتي تي کوڙسارا اھڙا به انسان آيا، جن پنهنجو پاڻ کي دنيا ۾ پيڙائون ڏئي کوڙ سارن دردن جو بار دل تي کڻي پاڻ کي امر بڻايو آھي جن جي قبرن جا قطبا ڀلي اڄ سلامت نه ھجن پر نالا اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ زندہ آھن ۽ سدائين انهن جي مٿان محبت ۽ مڃتا جي گلن جي چادر چڙھندي رهي آھي انسان کي زندگي ۾ ايترو ڪرڻ کپي جو مري وڃڻ کان پوءِ ھڪ خال ڇڏي وڃجي جيڪو صدين تائين نه ڀرجي سگهي، کوڙ سارين دلين ۾ ائين جڳهه ٺاھجي جيئن اسان جي پياري دوست آزاد مري اسان سڀني جي دلين ۾ ٺاهي آهي، آزاد مري شاعري وسيلي مڃتا جون منفرد منزلون ماڻي پيو. سندس قلم سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ جبر ۽ ظلم کي بيان ڪري ٿو، هو جڏهن به شاعري ۾ ڏکايل دلين جا درد بيان ڪندو آھي ته احساس ڀرين اکين مان لڙڪ لڙي ٿا پون.
اڄ جتي دليون نفرتن جي دز ۾ دٻجي ويون آھن ۽ محبتن جو موت ٿي چڪو آھي اتي پيار جا انيڪ احساس آزاد جي شاعري ۾ پڙھڻ لاءِ ملن ٿا، آزاد نفرتن جي ڀريل بازار ۾ ”اکين جا پنڌ“ ڪري لاوارث ٿي مري ويل محبتن جا پيرا کنيا آهن شاعري ۾ هن اهڙا املھه احساسن جا گلاب پوکيا آهن، جن جي خوشبوءِ ڪڏهن به مرڻي ناهي.

’راز‘ ربنواز لغاري
سانگهڙ

شاعريءَ جي آسمان جو ستارو

شاعريءَ جي آسمان جو ستارو
شاعري جي وسيع ڪائنات ۾ ڪير ڪيترو روشن ستارو ٿي سگهيو آهي، اهو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو، پر پاڻ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا ته جيڪو به ستارو اڀري ٿو، اهو ڪڏهن به پنهنجو وجود نه ٿو وڃائي، ان جي روشني ته هر دؤر ۾ رهي ٿي. آزاد مري به شاعري جي انڊلٺي آسمان جو روشن ستارو آهي، ٿوري وقت ۾ اڀري آيل هن دوست ڪويتا ۽ ڪمپيئرنگ ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي، اها ڀاڳوند ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. آزاد مري وٽ جتي ٻولي جو نج پڻو آهي، اتي سادگي به آهي، اها سادگي جيڪا درد کي ڪنهن شوڪيس ۾ سينگاريل رانديڪو نه پر يتيم اک جو ڳوڙهو ڪري پيش ڪري ٿي. آزاد جي شاعري جي حسناڪي ڪنهن مصنوعيت جي محتاج ناهي ڇو ته هن ۾ حقيقت جا هزارين رنگ سمايل آهن ۽ اهي رنگ ئي آزاد جي شاعري جي سڃاڻپ آهن.
حبيب لغاري
ــــــــــــــــــــــ

هٿڙا کڻي

هٿڙا کڻي
سنڌ جي سهڻي ۽ سرسبز شھر سانگهڙ جي مٽي مان ڪيترن ئي اديبن دانشورن ۽ شاعرن جنم ورتو آهي، جنهن ۾ شاعر آزاد مري به هڪ آھي، آزاد فڪري فني ۽ سنجيدگي سان تخليق جي عمل ۾ سرخرو آھي. هن جي غزل ۾ به اهو جنون ۽ گهرائي موجود آھي جيڪا غزل جي گهڻي اهم ضرورت آھي، سندس نظمن ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪائنات جا خوبصورت ستارا سمايل هجن جن تائين پهچڻ لاءِ ھن تخليق جا صحرا جهاڳيا آهن سندس غزل جتي فڪري لوازمات جو هڪ سٺو مجسمو رهيو آھي، اتي اهو فني حوالي سان به پختو رهيو آهي، شاعر آزاد مري لاءِ رب در هٿڙا کڻي دلي دعا آھي ڏک اوهان کان ۽ اوهين ڏکن کان ڪوهين ڏور هجو، خوشيون اوهان جا قدم چمن.
شاهنواز صاحباڻي

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

ڪافي ماڻهو ساھُ کڻي جيئرو رهڻ کي زندگي سمجهندا آهن، ڇو ته انهن زندگي کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي ته زندگي ڇا آهي ۽ زندگي ڪهڙي ڪرڀ اذيت ۽ درد جو نانءُ آهي زندگي جو سفر طويل هوندي به ڏاڍو مختصر هوندو آهي.
ان مختصر سفر ۾ انسان جيئڻ جا جتن ڪندي ڪندي آخر ان منزل تي رسندو آهي جنهن کي عام طور تي مري وڃڻ ئي چئبو آهي.
مري وڃڻ ڪا عام ڳالهه ناهي ڇو ته اهو سلسلو صدين کان جاري وَ ساري آهي ۽ ائين ئي رهندو.
بھرحال عام طور تي گهڻا ماڻهو زندگي کي محبوب جي مرڪ به سڏيندا آهن ته زندگي کي محبوبه به سڏيندا آهن، پر ائين ناهي جو زندگي محبوب هجي زندگي ته آهي بيوفا جيڪا نيٺ ڇڏي ويندي ۽ موت ئي محبوب ٿيندو، استاد بخاري به ڪيڏو نه خوب چيو آهي:
”زندگي تي ناهي ڪو ڀروسو حسن کي پوڄي وٺو، پوڄي وٺو“
حسن ۽ فطرت کي پوڄڻ به زندگي جو خوبصورت لمحو آهي، جنهن ۾ ڌرتي ۽ سرتي سان وچن واعدا نڀائي سگهجن ٿا، پر اهو به تڏهن جڏهن موت مھلت ڏي.
هن سان وعدو ڪيل آ ملڻ جو فقط،
موت موڪل جي ڏين مان نڀائي وٺان.
زندگي انسان کي موقعو ڏيندي رهي ٿي ته انسان پنهنجو ڪو ڪردار ڪو اهڙو نيڪ ڪم ڪري وڃي جو ان جو نالو زنده رهي سگهي، باقي موت کان زندگي جي خيرات گهرڻ به ائين آهي، جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، صرف ساھُ کڻي جيئرو رهڻ وارا جيڪي صرف ڄمڻ ۽ مرڻ کي ئي زندگي سمجهن ٿا ته انهن کي اها ڄاڻ به ضرور هئڻ گهرجي ته زندگي جا هزارين رنگ روپ هوندا آهن، زندگي جي هر رنگ روپ جي پنهنجي شڪل شبيهه ۽ معنى مطلب هوندو آهي ائين به ناهي جو زندگي جا مڙئي رنگ روپ شبيھه هڪ جهڙا ئي هجن.
زندگي حسين روپ رکڻ سان گڏ ڀيانڪ چهرا به رکي ٿي جيڪي ماڻهو کي وڏي ڪرڀ ۽ پيڙاءُ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، زندگي جي روپن کي پاڻ کڻي ڪيترا ئي نانءُ ڏيون پر زندگي دلڪش هئڻ سان گڏ هڪ ڀيانڪ سفر پڻ آهي.
زندگي کي پيار جو گيت چئون يا درد جو نوحو اميدن آسرن جو ڪشڪول سمجهون يا اڌاري کنيل رقم جيڪا واپس به ڪرڻي پوندي آهي، زندگي کي لڙڪن جو سيلاب چئجي يا ٽهڪن جي ڇير يا کڻي کي زندگي کي مٺي پاڻي جو چشمو سڏيون يا اهڙو کوههُ جنهن ۾ کاري پاڻي کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه به هجي، زندگي اها راند آهي، جيڪا موت جي ٻکن ۾ اچڻ کان پوءِ لڇي ۽ ڦٿڪي به ناهي سگهندي.
زندگي حساب جي ان سبجيڪٽ جيان آهي، جنهن ۾ ونڊ ڪٽ جوڙ ضرب الجبرا ۽ اڻپور جهڙيون مشڪل مشقون هونديون آهن، جنهن کي حل ڪندي ڪندي انسان پاڻ حل ٿيو وڃي، زندگي کي جيڪو جئين سوچي لوچي سمجهي، پر مون زندگي کي هن نظم وانگر پرکيو آهي.


حياتي يار اهڙي اٿئي،
لڳي ٿي لار ماکي جي،
هجي ڄڻ هار گلڙن جو،
هجي ڄڻ نڪ جو ڪوڪو،
هجي ڄڻ سونهن کي ڀاڪر،
هجي ڄڻ اک جو سرمو،
مگر مون آ ڏٺي گهاري،
سموري زندگي اهڙي،
اٿئي ڄڻ چيڙھُ وارن جو،
اٿئي ڄڻ اک ۾ ڪوڪو،
اٿئي ڄڻ جُونَ ۾ واري،
اٿئي ڄڻ سونهن ڪا ڪاري،
اٿئي ڄڻ سج جي ويجهو،
اٿئي ڄڻ بک ۾ ڪوڪون،
اٿئي ڄڻ ڌُوڙ جون ٻڪون،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي،
زندگي هڪ اهڙو حادثو پڻ آهي، جيڪو زندگي جي معنى مطلب ۽ مفهوم کي تبديل ڪريو ڇڏي، اهڙي ڀيانڪ حادثي کان پوءِ انسان جي اندر جي سرزمين تي ڪو گلشن آباد ٿيڻ بدران انسان جي اندر جي علائقي ۾ خيالن جا خوفناڪ حادثا پڻ انسان کي اندر جي آغا خان ايمرجنسي وارڊ تائين منتقل ڪيو ڇڏين.
انسان جي اندر جي احساسن تي جڏهن ايمرجنسي لاڳو ٿيندي آهي ته اهي احساس لڙڪن جو روپ ڌاري ڳلن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيندا آهن ۽ پو سدائين اکين جي اڀ تي وسندڙ ڪڪر گجندا رهندا آهن ۽ انسان جي اندر جي علائقي ۾ سور سڏڪا آهون، دانهون، اُڌما، اُلڪا روز نئين سج سج نوان ٿي اڀرندا آهن.
بھرحال آءٌ به ان سماج جو حصو آهيان، جنهن سماج جو مونسان ۽ منهنجو ان سماج سان رشتو رهيو آهي، ان سماج جي رشتن ۾ ڪنهن سان رت جو ته ڪنهن سان ڀت جو رشتو رهيو آهي ته وري ڪنهن سان روح جو رشتو، پر آءٌ استاد کي رت جو رشتو سمجهي پنهنجي والدين وانگر سمجهان ٿو، ڇو ته اولاد جي پهريون مڪتب ماءُ جي هنج کان پوءِ استاد ئي آهي، جن مونکي علم عقل فهم فضيلت ادب اخلاق نياز نوڙت جهڙن زيورن سان نوازي ماڻهو مان انسان بنايو.
روح جو رشتو ڏاڍو نازڪ ۽ نفيس هوندو آهي، جيڪو غلطي ته پري پر غلط فهمي جي ڪري به ٽٽي پوندو آهي پر سچ پڇو جڏهن روح جو رشتو ٽٽندو آهي ته زندگي وڏو ڪرڀ لڳندي آهي اکين جا بند ٽٽي پوندا آهن اکڙيون بي مندائتي مينهن وانگر وسي پونديون آهن ۽ روح پياسو ٿر بڻجي پوندو آهي.
بند ٽوڙي ڇڏيان اکين جا سڀ،
۽ اکين کي پو جر ڪري ڏسجي.
۽ وري جڏهن سار جا پکي اڏري ساڻان ٿي ذهن جي لامن تي لٽڪي ويهندا مس آهن ته ڪا مٺڙي ياد ان سار جي پکين کي ٽاھُ ڏئي اڏاريندي آهي ته چپن تي هلڪي مسڪراهٽ سان گڏ اکيون به جر بڻجي پونديون آهن ۽ پو اهي يادون سموري زندگي جو سرمايو بنجي ذهن جي الماري ۾ سانڍجي وينديون آهن. ياد ته ياد ئي هوندي آهي ياد به پهرين پيار وانگي ڪڏهن پراڻي نٿي ٿي سگهي.
اک ڀي هوريان هوريان برسي پئي آهي،
تنهنجي ياد هينئين تي ترسي پئي آهي.
مون ڪوشش اها ئي ڪئي آهي ته آئون هر رشتي سان نڀائي سگهان رت جي رشتن ۾ عزيز و اقارب، مٽ، مائٽ، ۽ سماجي رشتن ۾ دوست يار سنگتي ساٿي اچي وڃن ٿا ۽ مونکي تمام گهڻن سٺن سچن دوستن جو ساٿ مليو، منهنجي زندگي جي ڪل قيمت ۽ سڄو سرمايو منهنجا اهي دوست ئي آهن جن ۾ راجا رضوان جلباڻي، ساحل بلوچ ، غلام سرور جلباڻي، محمد اسحاق سنجراڻي، زاهد حسين جلباڻي،شيوا رام سکاڻي، لالچند راءِ وشناڻي، سائين ڪريم شاھُ شيرازي، سليم ستار لغاري، محمد سليم ڪيريو، پنهل ڪنڀار، درياء خان لغاري، محمد صديق جلباڻي، عبدالله جروار، خدا بخش جروار، غفار جروار، مير اڪرم ٽالپر، اظهار نظاماڻي، پنهل ڪنڀار، ناز فقير محمد جلالاڻي، مصطفىٰ شر بلوچ ، عزيز لغاري ۽ ٻيا شامل آهن.
منهنجي خوش نصيبي اها آهي ته زندگي جي سفر ۾ امان ابي جهڙن عظيم رهبرن جي ڇپر ڇانءُ ۾ مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ امان ابي جي دعائن محبتن ممتا ۽ شفقت سان اڄ آءُ اهڙي سماج جو حصو آهيان جيڪو سماج جهڙي تهڙي مطلب اٻوجهه مسڪين ۽ غريب ماڻهن کي ليکي ئي نٿو:
پيءُ جي شفقت رنگ لڳائي،
ماءُ جو مٺڙو دڙڪو ھُوندو.
منهنجي شاعري تي ٻه اکر لکندڙ پيارن ۾ سائين ادل سومرو صاحب، سائين علي دوست عاجز صاحب، سائين فراق هاليپوٽو صاحب، سائين سارنگ نظاماڻي صاحب ،سائين حبيب لغاري صاحب، ۽ سائين شاهنواز صاحباڻي ۽ راز ربنواز لغاري صاحب جا وڏا وڙ جن منهنجي ادبي پورهي تي نهار وڌي ۽ مانُ ڏنو.
مِٺُو سانگهڙائي جا وڏا وڙ جنهن ”اکين جا پنڌ“ تي مُھاڳ لکيو مون کي سوشل ميڊيا تان به تمام گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ هڪ آر جي طور ريڊيو نيٽورڪ جهول ۽ ريڊيو نيٽورڪ سانگهڙ تي ٽي سال پروگرام ڪيا ان بعد ڀيڻ پارسائي بتول، سائين عامر وساڻ صاحب، سائين عمران هنڱورو صاحب، ڀيڻ سويرا، جن جي مهرباني سان ايف ايم ايڪانوي ٽنڊو آدم تي پروگرام ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ايف ايم ايڪانوي ٽنڊو آدم تي هڪ سال پروگرام ڪرڻ بعد سائين علي هنڱورو صاحب، ناز چاڪراڻي صاحب، ادا عمران خاصخيلي صاحب، ۽ سائين نواز ڪنڀر صاحب، جن جي مهربانين سان هاٽ ايف ايم سانگهڙ جي ٽيم جو حصو آهيان.
ادب جي دنيا ۾ مون ڪتاب ” ڳوڙهن سندو ڳوٺ“ جي مصنف استاد مٺو سانگهڙائي جي آڱر جهلي وکون کنيون ۽ استاد مٺو سانگهڙائي منهنجي رهنمائي رهبري حوصلا افزائي ڪئي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نانءُ ڏنو ان کان علاه معزز مانائتي انسان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر سائين سارنگ نظاماڻي جنهن پڻ منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي جيڪو مون لاءِ ادبي استاد جي حيثيت رکي ٿو رومي پبليڪشن جي پوري سٿ ۽ احسان لغاري جا وڏا وڙ جنهن ڪتاب ڇاپي اوهان سڄڻن تائين پھچايو.

آزاد مري
واٽس ايپ نمبر ، 03412872884
موبائيل نمبر، 03343166553
Email:azadazam2015@gmail.com
سانگهڙ

غزل

---

اسان عاشقي جي ڊگهي رڙ منجهان،

اسان عاشقي جي ڊگهي رڙ منجهان،
اوهان جي صحيفن کي لاتو ڳلي.

صفون سونهن جون سڀ اڳيان مون ھيون،
اماڻيل عقيدن کي لاتو ڳلي.

ثنا تنهنجي لبڙن جي جنهن ٿي ڪئي،
انهن ئي خطيبن کي لاتو ڳلي.

نياپن جو مقصد نڀايو پئي،
اسان سڀ خليفن کي لاتو ڳلي.

لکيو تو هيو ڇا الائي مگر،
لکيل مون نصيبن کي لاتو ڳلي.

اوهان جي رضا ڪاڻ ’آزاد‘ ھو،
سمورن رقيبن کي لاتو ڳلي.

دل ڌار لڇي منهنجي اک ڌار ٻري آهي،

دل ڌار لڇي منهنجي اک ڌار ٻري آهي،
ڪاٿي ته وڃائي مون هُو سونهن پري آهي.

دنيا ته محبّت ۾ ٿي ٽَنگَ اڙائي ڇو،
ڪو ڪنهن لئه چريو آهي ڪا ڪنهن لئه چري آهي.

ٿي ڳوٺ ۾ ڳالهه ھُلي هڪ ڪچڙي محبت جي،
هڪ سورهن سالن جي نينگر ته کري آهي.

هُو ڳوٺ مان ڇا پرڻي مان ڳوٺ ڇڏي ويس پو،
مون آهي ٻڌو اڄ هُو سا ڳوٺ وري آهي.

تون ائين نه سزائون ڏي ڪجهه قياس به رکندي ڪر،
ٿو پيار ڪري توسان معصوم مري آهي.

اکڙيون ساڻيون توڏي آيون،

اکڙيون ساڻيون توڏي آيون،
نيٺ اڏاڻيون توڏي آيون.

تنهنجي سونهن جو راز پڇڻ لئه،
ساريون راڻيون توڏي آيون.

سڏڪي ھاڻ اميدون منهنجون،
لڙڪن هاڻيون توڏي آيون.

منهنجو ڀاڳ اکين جا ڳوڙها،
خوشين کاڻيون توڏي آيون.

مون ڏي آيون ٻرندڙ ڳالهيون،
روح رهاڻيون توڏي آيون.

ساڻ کڻي ’آزاد‘ گلائون،
سڀ سنگتياڻيون توڏي آيون.

هٿڙا کڻي دعائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو،

هٿڙا کڻي دعائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو،
پنبڻن ۾ سڀ وفائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو.

توسان ته هاڻ پنھنجي ڪائي به ھوڏ ناهي،
توساڻ هون انائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو.

تنھنجي پُڄاڻان ھاڻي ڪھڙا هي خواب ڏسنديون،
پنھنجون اهي نگاهون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو.

پيرن جي جهانجهرين کي ڪامڻ لڳي وئي آ،
پيرن سنديون پُڇائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو.

’آزاد‘ زندگي کي قيدي ڪجي به ڇا لئه،
سوچي اهي! سزائون ويڙھي رکي ڇڏيان ٿو.

وقت پنهنجو تون وار پورو ڪر،

وقت پنهنجو تون وار پورو ڪر،
زندگي! اچ تون مار پورو ڪر.

مان چريو ٿي رلان، رڙان تو لئه،
پيار ۾ پنهنجو خار پورو ڪر.

جي وڃين ٿي ڇڏي ڀلي وڃ تون،
مونکي ڇڏ پنهنجو پيار پورو ڪر.

تون ذرا ئي ذرا ڪري ڀي ڇڏ،
ٿي تون خوش، مون کي يار پورو ڪر.

کوڙ معصوم ويو ڳهي آهي،
ڏيهه کي هاڻ ٻار پورو ڪر.

اکّ جو آگم وڏو،

اکّ جو آگم وڏو،
ٿو هڻي ڪو دم وڏو.

ٿو جهان کي هڪ ڪري،
پيار جو آ ڪم وڏو.

دل جي هن پاسي منجهان،
آهي نڪتو غم وڏو.

نفرتن کي مارجي،
ٺاهجي ڪو بم وڏو.

سِرَ کڻي ٿو ڪيترا،
عشق جو جوکم وڏو.

زندگي! بيخبر ڪٿي آهين،

زندگي! بيخبر ڪٿي آهين،
هاڻ اچ ڏي خبر ڪٿي آهين.

رات جو ٽيون پهر هلي پيو ٿو،
درد آ پُرُ اثر ڪٿي آهين.

پاڻ وٽ هاڻ ڪجهه رهيو ناهي،
ڪونه آ آب و زر ڪٿي آهين.

ايترو ڏور ڇو وَيو آهين،
ھاڻ ور هاڻ ور ڪٿي آهين.

ساھَ کي ٿيڙ آ ڀلا ڇا جي،
ذهن آ مُنتشر ڪٿي آهين.

تون ڪٿي تو پٺيان رُليو آهيان،
مون ڇڏيو آهي گهر ڪٿي آهين.

اھڙيون هيون بلائون سمجهي سگهيس نه آئون،

اھڙيون هيون بلائون سمجهي سگهيس نه آئون،
مرنديون رهيون صدائون سمجهي سگهيس نه آئون.

تنهنجي مٺين کان پرتي منهنجي ئي ڀاڪرن کي،
ماري ويون وبائون سمجهي سگهيس نه آئون.

نانگن جي ڏنگ وانگي ھرھر ڏنگي وجهن ٿيون،
تنهنجون اهي ادائون سمجهي سگهيس نه آئون.

ھر ھر جهڪي کڄن ٿيون ھرھر کڄي جهڪن ٿيون،
تنهنجون اُهي نگاهون سمجهي سگهيس نه آئون.

معصوم ٻار جهڙي، منهنجي حياتڙي کي،
بي ڏوھُ هي سزائون سمجهي سگهيس نه آئون.

’آزاد‘ ربط ناهي ڇڙواڳ ٿي گهمن ٿيون،
ھن شهر جون هوائون سمجهي سگهيس نه آئون.

تنهنجي در تان تڙيل ماڻهو ڪهڙو هوندو،

تنهنجي در تان تڙيل ماڻهو ڪهڙو هوندو،
در در آخر ڀٽڪيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

وکريل هوندو تڙپيل هوندو ڇرڪيل هوندو،
نظرن مان جو ڪريل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

مان ته رلي ويو تو لئه آهيان ويرانين ۾،
تنهنجي ٻک ۾ ٻکيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

مٺڙو هوندو ڪوڙو هوندو ڪهڙو هوندو،
تنهنجي چپ جو چکيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

روز ڪندو هو درشن تنهنجي صورت جا ڪي،
تنهنجو نوڪر رکيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.

ڇهڻ سان به ڇا لاءِ ڇلين ڇو نٿي،

ڇهڻ سان به ڇا لاءِ ڇلين ڇو نٿي،
اچان ٿو مان توڏي ملين ڇو نٿي.

بنديل ٿي رھين پاڻ ۾ ايتري،
چمين سان به آخر کلين ڇو نٿي.

اکيون ٿيون سڙن ڄڻ صفا رڃ جيان،
ڏکڻ ھير بڻجي گهلين ڇو نٿي.

ھلي اچ چري بي لبادي صفا،
اسان سان اچي تون جهلين ڇو نٿي.

وڄايان سُرن ۾ ڪري بانسري،
مگر تون الائي وڄين ڇو نٿي.

رلائي اسان کي وئين پاڻ ۾،
اسان ۾ مٺي تون رلين ڇو نٿي.

شوق پنھنجو نيٺ پاري وئين هليو،

شوق پنھنجو نيٺ پاري وئين هليو،
گور• ۾ مونکي سمهاري وئين ھليو.

اک سندو ڳوڙهو سڪي ئي ڪونه ٿو،
هانءُ تي تون هجر هاري وئين هليو.

ڀاڳ جي بس پاند ۾ ٽانڊا ھئا،
پاند ڏي تون واءُ واري وئين هليو.

پاڻ ساحل تان وري واپس وئين،
سمنڊ ۾ مونکي اتاري وئين هليو.

ڪونه هئي منهنجي کرڻ جي مند پر،
مند منهنجي کي تون کاري وئين هليو.

قيد زلفن ۾ رکين ھا ھو چڱو،
تون ڪري ’آزاد‘! ماري وئين ھليو.

منهنجي دل جا نازڪ رستا،

منهنجي دل جا نازڪ رستا،
تنهنجا پٿر پير الا ڙي.

ڊڪندي ڊڪندي تون ته ڇڏي وئين،
منهنجي دل ۾ ڇير الاڙي.

روز ٽُڪي ٿو منهنجي ننڊ کي،
جاڳائي ٿو ڪير الا ڙي.

آڌي ٿي آ هوءَ نه پڳي آ،
ٿي وئي آهي دير الا ڙي.

تنهنجا رستا روز نهاري،
هينئڙي کي آ هير الا ڙي.

ڇو ٿي تون ’آزاد‘ پري وئين،
هڪڙو ڀڃ تون ڀير الا ڙي.

نيري ندي ۾ ھوندي آلاڻ ۾ ڪٿي هان،

نيري ندي ۾ ھوندي آلاڻ ۾ ڪٿي هان،
تنهنجي ٻکن ۾ آهيان مان پاڻ ۾ ڪٿي هان.

منهنجو بدن وسي ٿو ويران ڪنهن دڙي تي،
تنهنجي شهر کان پرتي رت ڇاڻ ۾ ڪٿي هان.

توکي ڇڏيان مان پائي توکي ڇڏيان مان اوڍي،
ننگو بدن آ منهنجو پهراڻ ۾ ڪٿي هان.

ضم ٿي سڄو ويو هان سنڌوءَ جي مٽي ۾،
مونکي پيو ٿو ڳولين مهراڻ ۾ ڪٿي هان.

’آزاد‘ مان مري ويس ڇوٿا کنڀي کڻو پو،
سنڌو مٽيءَ جو آهيان ٻي کاڻ ۾ ڪٿي هان.

نڪتو نيٺ وڇوڙو نڪتو،

نڪتو نيٺ وڇوڙو نڪتو،
ڦل ته وفا جو ڪوڙو نڪتو.

عشق اکين سان ڪونه هو جانان،
عشق انڌو ۽ ٻوڙو نڪتو.

پاڙي وارن کوڙ ستايو،
آھي گهر کان جوڙو نڪتو.

وڙهندي وڙهندي طوفانن سان،
نيٺ ڪنڌي تي هوڙهو نڪتو.

تون ته رڱي وئين پنهنجا هٿڙا،
منهنجي اک مان ڳوڙهو نڪتو.

منهنجو پيار ڪشادو، تنهنجي،
دل جو رستو سوڙھو نڪتو.

تو مٿان جي وارجي پئي هي حياتي،

تو مٿان جي وارجي پئي هي حياتي،
ڀل کڻي پو هارجي پئي هي حياتي.

مان وچن پنهنجا نڀائڻ ٿو گهران اڄ،
شل ڪٿي بس پارجي پئي هي حياتي.

مون آ ڀوڳيو درد سان ڪافي گهڻو بس،
تنهنجي ٻانهن گهارجي پئي هي حياتي.

هي بدن پيو ٿو ٻري ڀڙڪا ڪري ڄڻ،
روز نئي سر ٻارجي پئي هي حياتي.

روز ڇو ظالم ٻڌا! ’آزاد‘ جي ھت،
تنهنجي قدمن مارجي پئي هي حياتي.

آغاز اهڙو آهي،

آغاز اهڙو آهي،
انداز ڪهڙو هوندو.

محبوب جي بدن جو،
سر ساز ڪهڙو هوندو.

اکڙيون ۽ زلف ڪارا،
ٻيو ناز ڪهڙو هوندو.

هن جي حسن جو هن وٽ،
ها راز ڪهڙو هوندو.

ھينئڙو ڪڍي ٿو کائي،
سو باز ڪھڙو ھوندو.

پيرين ته مان پيو ھان،
ايلاز ڪھڙو ھوندو.

حال کي هن حال تائين لاهجي،

حال کي هن حال تائين لاهجي،
پيار کي پاتال تائين لاهجي.

ايترو ان کي ته ويجهو آڻجي،
سوچ کان پو خيال تائين لاهجي.

پاڻ سان جوڙي رکان ان کي ائين،
سال کي ٻئي سال تائين لاهجي.

نور سان ٺاھيان پرين جو مان بدن،
سونهن کي سرتال تائين لاھجي.

عشق ۾ ’آزاد‘ پنهنجو پاڻ کي،
ڪنهن چريي جي چال تائين لاهجي.

نظم گنگنايون غزل گنگنايون،

نظم گنگنايون غزل گنگنايون،
مگر تنهنجو پهرين ڪجل گنگنايون.

پرين زلف ڇيڙيون سدا آڱرين سان،
ملي وقت جيڪر بڪل گنگنايون.

هجر جي هٿن ۾ اسان پاڻ ليڪن،
پري کان رھي ٿا وَصلُ گنگنايون.

وٺن نانءُ جانان هي گستاخ چپڙا،
اسين پاڪ آيت مثل گنگنايون.

نه رستو نه منزل نه ئي راھَ باقي،

نه رستو نه منزل نه ئي راھَ باقي،
ٽنگيل آ اوهان ۾ اڃان ساھ باقي.

بدن هي ڀُريو ۽ ڇڻيو سور ۾ آ،
سُڪي ياد ۾ ٿيو صفا پاھ باقي.

وڙهون ٿا ڇڄون ٿا اسان ڀاڪرن ۾،
ڪڏهن شال پرچون رهي ٺاھ باقي.

پٽي ڪجهه مون ڌاريا ڪڍيا پاڻ ٻاهر،
اڃان غير وارو رهيل لاھ باقي.

نه تو آ ڪنايو اسان جي سڏن کي،
مري هڪ هينئين ۾ ٽڪيل آھ باقي.

غم غزل جو روپ ڌاري آ لٿو،

غم غزل جو روپ ڌاري آ لٿو،
آ ٻريو ۽ مونکي ٻاري آ لٿو.

نيڻ نيڻن ۾ لٿا ها روبرو،
مونکي خود ۾ هو اتاري آ لٿو.

هو اڏامي آ پڳو بس جهٽ اندر،
منهنجي هڪڙي ئي اشاري آ لٿو.

هِن جهان جون سڀ خوشيون جنهن جي ڪري،
سو سڄي ڌرتي ٻھاري آ لٿو.

تنهنجي دل ۾ جو لٿو ’آزاد‘ آ،
منهنجي دل کي سو ئي ماري آ لٿو.

درد کي دربدر ڪري ڏسجي،

درد کي دربدر ڪري ڏسجي،
بند دل جو هي در ڪري ڏسجي.

بند ٽوڙي ڇڏيان اکين جا سڀ،
۽ اکين کي پو جر ڪري ڏسجي.

چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾،
رات تي ڪو سَحَر ڪري ڏسجي.

آسمان ڀاڪرن ۾ آڻجي،
ڌر تتيءَ ۾ سفر ڪري ڏسجي.

هن جي نيڻن ۾ بس لهي وڃجي،
تن ۾ پنهنجو ئي گهر ڪري ڏسجي.

بي ملهي ٿي پئي وفا آهي،
ھي وري زيان زر ڪري ڏسجي.

مون تي ڪوئي ڄار ويو اڇلي،

مون تي ڪوئي ڄار ويو اڇلي،
ويندي هڪ نيهار ويو اڇلي.

پاڻ مري هو نيٺ کپي ويو،
دنيا ۾ تڪرار ويو اڇلي.

ماري پوءِ ڀي ڪون مڙيو ھو،
ٽڪرا ٽڪرا ڌار ويو اڇلي.

نيٺ اچي هو قرب ۾ هاري،
مون آڏو تلوار ويو اڇلي.

مان ته ٿيان ’آزاد‘ مگر ڪيئن،
مون تي هو ڪم ڪار ويو اڇلي.

خودڪُشيءَ جي خيال مان نڪري وياسين،

خودڪُشيءَ جي خيال مان نڪري وياسين،
ٿيو چڱو هن سال مان نڪري وياسين.

آزمائش جون گهڙيون هون کوڙ ليڪن،
عشق جي هر سوال مان نڪري وياسين.

نينهن ۾ ھڪڙي ندي جيئن تار ھئاسين،
پاڻ پر پاتال مان نڪري وياسين.

وقت ايندڙ ڏي اڏارون ٿا رکون بس،
ڏس مري هن حال مان نڪري وياسين.

پاڻ ٿي ’آزاد‘ دنيا ترڪ ڪئي آ،
هن جهان جي ڪال مان نڪري وياسين.

پير ويا آهن ڊهي سج اڀرڻ کان اڳي،

پير ويا آهن ڊهي سج اڀرڻ کان اڳي،
هانءُ اڪريو آ گهڻو ساھ نڪرڻ کان اڳي.

ڇو ٿڪن ئي ڪو نه ٿا پير دردن جا ڀلا،
سور پهچي ٿا وڃن پيار پهچڻ کان اڳي.

تو ڪهڻ لئه آ کنيو ڪات هٿڙن ۾ جڏهن،
پاڻ ڪسجي هان ويو ڪات پهچڻ کان اڳي.

عرش تي پيا ڇو کڙن، هي ستارا ڏس وري،
سڀ ڪري پوندا پرين تنهنجي مرڪڻ کان اڳي.

حال گلشن جو بيان ڇا ڪجي تنهنجي اڳيان،
ٿا پون سارا مري گل جي مهڪڻ کان اڳي.

ڀلا خوشي ڪا نصيب ٿي پئي،

ڀلا خوشي ڪا نصيب ٿي پئي،
اچي هُو منهنجو حبيب ٿي پئي.

ڏجي به غيرن ميار ڪهڙي،
سندو ئي جيڪر رقيب ٿي پئي.

خوشيون ونڊڻ سان خوشيون وڌن ٿيون،
نٿو ڪو ماڻهو غريب ٿي پئي.

وڻي پيو ڏاڍو پري کان سهڻو،
خدا ڪري هُو قريب ٿي پئي.

اچي ھو مونسان ملي ته جيڪر،
سمو سو مون لئه عجيب ٿي پئي.

دل جي دلبر در تي تون هئين، مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين،

دل جي دلبر در تي تون هئين، مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين،
ظاهر ڌرتي ڌر تي تون هئين مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين.

آڏو ڀي هئين منهنجا سائين ويجهو هوندي ڏور ڀي تون هئين،
منهنجي اک جي تر تي تون هئين مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين.

ساهيڙين سان ويٺل تون هئين آڏي اک سان مون به ڏٺو پئي،
جاني المنظر تي تون هئين مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين.

گهرِي سوچ فڪر سان بيٺي جانچو گهرَي پاڻي کي تو،
هيڪل ئي ڪينجهر تي تون هئين مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين.

ڪير هيو هُو جنهن کي تڪندي ڪونه ٿڪين پئي پيار منجهان تون،
جهڙو ڪر مون ڀر تي تون هئين مونکان ڇا لئه پرتي تون هئين.

الفت جي ادارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ،

الفت جي ادارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ،
اکڙين جي اشارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ.

مون رات سڄي ڳوليو ڌرتي تي مليو ناهي،
اڀ جي ته ستارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ.

محبت سان ملڻ لاءِ گهر کان جو هيو نڪتو،
هن پوھَ جي پارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ.

ڪنهن سونهن ڏنو جهلڪو هڪ روڊ تي ويندڙ کي،
بنگلي جي نهارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ.

تاريخ جي ورقن کي مون کوڙ ڦلوريو آ،
سنڌو جي ڪنارن ۾ ڪو شخص ٿيو گم آ.

آزاد زندگي جو هڪڙو ئي فسانو آ،

آزاد زندگي جو هڪڙو ئي فسانو آ،
هڪ زهر حياتي آ ٻيو موت بهانو آ.

محبّت کي نٿو سوچي محبّت کي نٿو پرکي،
هي ڪُندُ• ذهن جو ۽ بيڪار زمانو آ.

هڪ رڻ آ وڏو سامهون آ رڻَ ۾ هرڻ هيڪل،
ٻيا کوڙ شڪاري هن هڪ هرڻ نشانو آ.

دنيا جي ٻکن ۾ ته آ ڌوڙ ڀريل ڪيڏي،
ڀاڪر ۾ ڀرين تون سو ڀاڪر ئي سهانو آ.

’آزاد‘ جو پڇين ٿو آزاد مري آھي،
آزاد آھي روڳي آزاد يگانو آ.
¨

دلبرن کي دلبريون ناهن وڻيون،

دلبرن کي دلبريون ناهن وڻيون،
۽ اسان کي مخبريون ناهن وڻيون.

هون سنڌو جي لوڏ جهڙيون سڀ مگر،
سنڌ کان پو ڇيڳريون ناهن وڻيون.

تو پڄاڻان بس اوجاڳن ۾ رهيون،
پاڻ کي پنهنجون اکيون ناهن وڻيون.

هو محبّت ۾ رکي ٿو محل پيو،
سو اسان جون ھي جهڳيون ناهن وڻيون.

پاڻ سادا هون ازل کان او مري،
هن جهان کي سادگيون ناهن وڻيون.

آ جڏهن کان ويو هليو ’آزاد‘ آ،
ڏيهه جون پو روشنيون ناهن وڻيون.

طبيعت تار ٿيندي ٿي وڃي ھو،

طبيعت تار ٿيندي ٿي وڃي ھو،
صفا بيزار ٿيندي ٿي وڃي ھو.

ٽڙي ٿي روز گلڙن وانگيان هو،
گل و گلزار ٿيندي ٿي وڃي ھو.

محبّت ۾ ضديري ايتري آ،
ننڍي ڪا ٻار ٿيندي ٿي وڃي ھو.

جهان ۾ خوب کان ڀي خوب تر آ،
وڏو شهڪار ٿيندي ٿي وڃي ھو.

رلان ’آزاد‘ ٿي مان ھت اڪيلو،
سڄو سنسار ٿيندي ٿي وڃي ھو.

رڳن ۾ جوالا ٿي ٿيندي وڃي،

رڳن ۾ جوالا ٿي ٿيندي وڃي،
نوان هو حوالا ٿي ٿيندي وڃي.

هئي سون جهڙي مگر سنڌ هي،
ڏسو پيا ڏيوالا ٿي ٿيندي وڃي.

اُنهيءَ جي عبادت اُنهي جي ته پوڄا،
مندر ۽ شوالا ٿي ٿيندي وڃي.

وڃي ڪو ته سمجهائي ان کي ڀلا،
اسان لئه ڇو ڀالا ٿي ٿيندي وڃي.

اها چيٽ جهڙي چري سانوري،
اکين جا اجالا ٿي ٿيندي وڃي.

سَڀئي رَازَ وَيڙَهي رَئَي ۾ رَکيائين،

سَڀئي رَازَ وَيڙَهي رَئَي ۾ رَکيائين،
سندم دِل اُکَيڙَي رَئَي ۾ رَکيائين.

نِھارِئين جو مُرڪِي گُلن تان اُڏاڻا،
سي پوپٽ به مَيڙَي رَئَي ۾ رَکيا ئين.

کِلي واٽ وِيندڙ ڇَڏيائين مُنجهائي،
اُنهَن کي به ڇَيڙَي رَئَي ۾ رَکيائين.

اسان پَوکَ ٿِياسُون اسان کي لُدَائين،
ٻَني تي کِنڊَيڙَي رَئَي ۾ رَکيائين.

ھُئي جام جهڙي خوابن جي راڻِي،
پِيارَي ۽ ٿَيڙي رَئي ۾ رَکيائين.

جڏهن کان راڄ راڻي ٿي وئي آ،

جڏهن کان راڄ راڻي ٿي وئي آ،
اسان جي دل نماڻي ٿي وئي آ.

پڇين ٿو زندگاني جي حقيقت،
اها ڄڻ ڪا ڪهاڻي ٿي وئي آ.

ڏئي هر روز ٿي هُو سور مونکي،
لڳي ٿو هو سياڻي ٿي وئي آ.

اوهان جي ياد ۾ گهاري حياتي،
رڙي جندڙي به ساڻي ٿي وئي آ.

اڇن وارن وڪوڙيو آ اچي هاڻي،
جواني لوڻ پاڻي ٿي وئي آ.

مري ’آزاد‘ ٿي ويا هون اسين جاني،
اسان جي اڄ پڄاڻي ٿي وئي آ.

دل ڌار ٻڏي آهي اک ڌار ٻڏي ويندي،

دل ڌار ٻڏي آهي اک ڌار ٻڏي ويندي،
هي ٻيڙي جيون جي ٿي تار ٻڏي ويندي.

هي وار سڄا ويڙهي ٿي قيد ڪرين خوشبو،
گلشن ته سموري جي مهڪار ٻڏي ويندي.

سر گيت مري ويندا تون ٽوڙ هي خاموشي،
تو ڇير ڇڏي لاهي ڇمڪار ٻڏي ويندي.

هن سمنڊ مٿان جاني هر رات نه ويندو ڪر،
ھو چنڊ ٻڏي ويندو چمڪار ٻڏي ويندي.

ٿي لهر وري ايندي منهنجي ته حياتيءَ ڏي،
مان پاڻ ٻڏي ويندس ھوءَ ڌار ٻڏي ويندي.

چانِهن جو چڪر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان،

چانِهن جو چڪر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان،
صيحت جو فڪر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان.

هت پيار جي پيالي ۾ اوتي نه سگهان شايد،
نفرت جو نگر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان.

مان پي ته وٺان پيارا پر خوف ٿئي ٿو پيو،
بيحد جو شگر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان.

پارو به لهي منهنجو، ڪجهه ھيٺ ويو آھي،
ٿيو هن جو ذڪر آهي کنڊ ڌار کڻي اچجان.

ڪوڙاڻ گهڻي آهي هن شهر جي ماڻهن ۾،
لهجو به زھر آھي کنڊ ڌار کڻي اچجان.

وقت ڪنهنجو يار ناهي،

وقت ڪنهنجو يار ناهي،
هن لڌي ڇو سار ناهي.

پيار جا ڇيڙا ٿين ڀل،
عشق جو پر پار ناهي.

تون جڏهن کان ڌار ٿيو هان،
من اندر ماٺار ناهي.

پيو جهڪي هر هنڌ ويٺو،
پيار ۾ ڪو بار ناهي.

سڀ رکن محبوب ٿا پر،
منهنجو ڪو دلدار ناهي.

جيڪڏهن ’آزاد‘ ڪن ٿا،
پاڻ کي انڪار ناهي.

اوهان ساڻ ملبو نئين سال ۾،

اوهان ساڻ ملبو نئين سال ۾،
وڇوڙن کي وڍبو نئين سال ۾.

اڪيلو ئي گهاريو گهڻو پاڻ آ،
سنگت کي ئي سڏبو نئين سال ۾.

اهي جي نه آيا ته ڀي خير آ،
انهن ڏي ئي هلبو نئين سال ۾.

ڏبو ھانءُ ڪوري حبيبن کي اڄ،
سڄو درد چئبو نئين سال ۾.

اسان جي ٻُڌي ڪونه ڪنهن آ ڪڏهن،
اوهان کي ئي ٻُڌبو نئين سال ۾.

رات جو ڪي فرد جاڳي ٿا پون،

رات جو ڪي فرد جاڳي ٿا پون،
۽ سمورا درد جاڳي ٿا پون.

رات جو ڪنهن ڇير جي آواز تي،
ڳوٺ جا سڀ مرد جاڳي ٿا پون.

مان سمهان ٿو منهنجي سيني جي مٿان،
نينهن وارا گُرُد• جاڳي ٿا پون.

پيار جي پوڄا ڪيان ٿو مان مگر،
ڪات ڪيئي ڪُرُدَ جاڳي ٿا پون.

ڪيترو ’آزاد‘ روڪيان پاڻ کي،
ھن زبان تي ورد جاڳي ٿا پون.

وڏي ڇنڊڇاڻ ۾ آهيان،

وڏي ڇنڊڇاڻ ۾ آهيان،
لٿو مان پاڻ ۾ آهيان.

الائي ڪير ٿو سوچي،
متل مانڌاڻ ۾ آهيان.

چمان ٿو چنڊ جو چهرو،
سڄو چانڊاڻ ۾ آهيان.

ڪٿي هن درد کي ڇوڙيان،
انهي ڇڪتاڻ ۾ آهيان.

خدائي سونهن ۾ آهي،
رڳو واکاڻ ۾ آهيان.

اکين مان آب ٿو هاريان،
اڃان آلاڻ ۾ آهيان.
¨

سمنڊ ڪناري هڪڙو هوڙو بيٺل هو،

سمنڊ ڪناري هڪڙو هوڙو بيٺل هو،
ڀرسان ان جي شخص ڪو پوڙهو بيٺل هو.

سنڌڙي جي آ ڌرتي ساري بنجر ٿي،
هاري سان گڏ خالي جوڙو بيٺل هو.

هينئڙي تي ها سنجيل ڪيئي سالن کان،
سڪ جي دڳ تي درد جو گهوڙو بيٺل هو.

عيدن پويان عيدون آيون وينديون ويون،
هن جي در تي هائي وڇوڙو بيٺل هو.

کوڙ رڙيو ايوان مگر هن ڪونه ٻُڌو،
پنهنجو ماڻهو گونگو ٻوڙو بيٺل هو.

عصمت جا هر روز کڄاڻا لاش مگر،
گهر جو پر چپ چاپ هي لوڙهو بيٺل هو.

ايندي ايندي دير ته ٿيندي،

ايندي ايندي دير ته ٿيندي،
رات جي آهه سوير ته ٿيندي.

مان ته يڪو جي جيڪر ٿيندس،
منهنجي راڻي ڪير ته ٿيندي.

چن ڇن ڇن ڇن سڏڪو ٿيندو،
سڏڪو سڏڪو ڇير ته ٿيندي.

تون ته چمي وئين ڳلڙا منهنجا،
توکي منهنجي هَير ته ٿيندي.

تون جي هن ’آزاد‘ کان ويندي،
هيءَ حياتي غير ته ٿيندي.

ٿورو ڌيان ته تون ڌر مون ۾،

ٿورو ڌيان ته تون ڌر مون ۾،
هاڻ ڀلا پو تون ور مون ۾.

مان ته اڃارو ٿر وانگر هان،
ڪونه رهيو آ ڪو جر مون ۾.

تون آن ڪو شهڪار خدا جو،
ڊڀ ڪانڊيرا ۽ سر مون ۾.

مون ۾ ڪيڏي ٻاٽ آ ڏِسُ تون،
ميڻ بتي جيئن تون ٻر مون ۾.

بارش وانگي مون ۾ وسي پئو،
پوءِ اچي تون ڀل تر مون ۾.

اک کان ٿيندي اک ۾ لَھه تون،
هوريان هوريان تون ڍر مون ۾.

محبّت محبّت محبّت ڪجي،

محبّت محبّت محبّت ڪجي،
محبّت جي ڪهڙي وضاحت ڪجي.

سندن سان سڃاڻپ بندي جي ٿئي،
مِٽن ساڻ ڪهڙي عداوت ڪجي.

خدا جي بندي کي نه ايزائجي،
غريبن تي هر پل عنايت ڪجي.

زمانو ڏئي ٿو نئون حادثو،
سدائين انهي تي ملامت ڪجي.

سمورن ڪمن کان ٿي ’آزاد‘ ۽،
سدا سونهن تنهنجي عبادت ڪجي.

ڪنهن جي خوابن ساڀيان ماڻي،

ڪنهن جي خوابن ساڀيان ماڻي،
ڪنهن جا خواب اڌورا ٿي پيا.

تنهنجي سونهن سراسر سامهون،
سڀ مهتاب اڌورا ٿي پيا.

تنهنجا نيڻ ته لکندي لکندي،
سارا باب اڌورا ٿي پيا.

چنڊ تڪي پيو تنهنجو چهرو،
سونهن نقاب اڌورا ٿي پيا.

تنهنجي مرڪڻ کان پوءِ جاني،
سڀ ته گلاب اڌورا ٿي پيا.

چاهه چولي مٿان ۽ ٽڪون پيار جون،

چاهه چولي مٿان ۽ ٽڪون پيار جون،
ساهه سولي تي هو ۽ وکون پيار جون.

هار مون هئي مڃي پير تنهنجي پيم،
پر نه تو هون ٻکيون ڪي ٻکون پيار جون.

عشق بازي گهڻي هئي اوکي مگر،
منهنجي سامهون رکيون تو ڇڪون پيار جون.

آءُ چپڙن مٿان ڪي چٽيون پيار سان،
ساريون ڳالهيون چپن سان لکون پيار جون.

آئون ڀاڪر لئه تڙپيو گهڻو هان مري،
دل هي کائي پئي ڪي سٽون پيار جون.

سمورا پنڌ سوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن،

سمورا پنڌ سوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن،
رڳو دوکا ئي دوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن.

هلين ٿو هانءُ جي ڏڍ تي مگر ڪجهه سوچ ڪر عاشق،
جفائن جا به جوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن.

اهي زلفن سنديون ڇائون ادائون ئي ادائون پر،
ڏکيائن جا به ڏوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن.

متان تون سِير ۾ لاهين اهي نيڻن سندا ھُوڙا،
ٺلها خالي سي کوکا هن اکين جا پنڌ اوکا هن.

درد به اھڙا نڪتا سائين،

درد به اھڙا نڪتا سائين،
ڏاڍا پختا نڪتا سائين.

منهنجي هانءُ کي کوٽيو جنهن پل،
تنهنجا الڪا نڪتا سائين.

دنيا ۾ ڏس محبت جا ئي،
اونچا رتبا نڪتا سائين.

آڌيءَ ٽاڻي ياد اوهان جي،
ڳوڙها سڏڪا نڪتا سائين.

ايڏا ڳورا ماڻهو ڀي ھت،
ڪيڏا هلڪا نڪتا سائين.

دل جي دنيا جا هي رشتا،
ابتا سبتا نڪتا سائين.

چاھَ جا ٽوڻا ڪنهن ته ڪيا ها،
دل مان ڪوڪا نڪتا سائين.

پاڻ جڏهن ’آزاد‘ ٿياسين،
دل مان ڌوڪا نڪتا سائين.

دکي حياتي بهار ڀانيم،

دکي حياتي بهار ڀانيم،
ڏنئي جي صدما قرار ڀانيم.

اجاڙ اک لئه سرور سپنا،
هينئين تي هر پل ملهار ڀانيم.

مڃيم محبّت آ لفظ هڪڙو،
مگر انهي کي هزار ڀانيم.

اوهان جي مرڪن خريد ڪيو آ،
گهٽي اوهان جي بزار ڀانيم.

اسان کي ڪوري ڪپي ويون ھن،
اوهان جون اکڙيون ترار ڀانيم.

چڪ چمين ۾ چس ڪٿي آ،

چڪ چمين ۾ چس ڪٿي آ،
هاڻِ مٺين ۾ رس ڪٿي آ.

اک اشارا ڪاڏي ڪيا ٿئي،
ساڳي محبت ڏس ڪٿي آ.

چنڊ چمي ٿو چهرو هن جو،
هاڻ هو منهنجي وس ڪٿي آ.

يار تون ڪهڙي پار هليو وئين،
توکي ڳوليان گس ڪٿي آ.

ٽهڪ ۽ تاڙيون تنهنجون مونسان،
پيار ۾ ساڳي کَس ڪٿي آ.

ڪونه پريون پئي آيون اڀ تان،

ڪونه پريون پئي آيون اڀ تان،
درد ڀريون پئي آيون اڀ تان.

پو ڀي منھنجو منّ اُڃارو،
مينھن ڪڻيون پئي آيون اڀ تان.

تنھنجون يادون منھنجي دل تي،
کوڙ ڇڻيون پئي آيون اڀ تان.

رات اسان وٽ چنڊ لٿل ھو،
چار چميون پئي آيون اڀ تان.

پاڻ ڪُٺاسين ڪيئن خدا کان،
تيز ڇُريون پئي آيون اڀ تان.

ساھَ جون لهرون منهنجي دل تي،
جي به ھُريون پئي آيون اڀ تان.

ٿيندا آهن جيئن نمازي؟

ٿيندا آهن جيئن نمازي؟
مان ڀي ٿيندس تيئن نمازي.

سونهن عبادت پيار به پوڄا،
آھ اسان جو نينهن نمازي.

ڪربل ۾ خود پاڻ ھو مولا،
ڏس ته علي جو شينهن نمازي.

روز ڪري ٿو توکي سجدا،
ٿي پيو آهي ڏينهن نمازي.

بادل کنوڻيون ڄڻ ته رڪوع ۾،
برسي پيو ٿو مينهن نمازي.

پاڻ ته ھون ’آزاد‘ ائين ئي،
هوندو آهي جيئن نمازي.

وقت ويري به آ وقت قاتل به آ،

وقت ويري به آ وقت قاتل به آ،
وقت آزاد ۽ وقت ڦاٿل به آ.

وقت جي جسم تان ڏس لهو ٿو ٽمي،
وقت مرهم به آ وقت گهايل به آ.

وقت غم جون وڏيون ڪي ٿو ڇوليون هڻي،
وقت جهانجهر به آ وقت پايل به آ.

ڪير ممتا سندي ڳالهه مونکان پڇي،
وقت جيجل به آ وقت آيل به آ.

وقت هڪ ٻيٽ ۽ وقت پاڻي رڳو،
وقت ڏاتار ۽ وقت سائل به آ.

وقت محبوب ڪيڏا جدا ٿو ڪري،
وقت ڀاڪر چمين تي ته ڇانيل به آ.

وقت آتش فشان ٿي ٻري ٿو ڪٿي،
وقت ٺاريل ڪٿي وقت ٻاريل به آ.

لڙڪ هن ڳالهه جي ٿا گواهي ڏين،
وقت ميڙيل ڪٿي وقت هاريل به آ.

وقت پنهنجي هٿن ۾ نٿو جي اچي،
وقت هن جي هٿن جو ئي کاريل به آ.

تون اڃان ڀي پڇين ٿو اٿم ياد ڇا،
وقت تنهنجو مري مونکي ساريل به آ.

من سان توکي ويٺو ساريان،

من سان توکي ويٺو ساريان،
توتي ڪيڏو پاڻ کي واريان.

آڳ الاءُ هيءُ جيون منهنجو،
ڪيڏو ساڙيان ڪيڏو ٺاريان.

ڌرتي جيڏي ماٺ رکي مون،
تڙپي ڪيڏو پار اڪاريان.

اک جو ڳوڙهو سمنڊ ڀري ٿو،
سمنڊ پيان يا سمنڊ کي ھاريان.

سوچان ٿو مان ساهه پيان يا،
پاڻ کي هاريان پاڻ کي ماريان.

تنهنجون ڪجهه تصويرون آهن مون وٽ آهن،

تنهنجون ڪجهه تصويرون آهن مون وٽ آهن،
چپ لڳل تحريرون آهن مون وٽ آهن.

تون بس پنهنجا وار کڻي ئي ويندي آهين،
وارن ۾ جي ھيرون آهن مون وٽ آهن.

تنهنجي بت ۾ لچڪو آهي ڀل ته هجي سو،
لچڪي جون تدبيرون آهن مون وٽ آهن.

آزاديءَ جي نالي تي اڄ بحث هلي پيو،
پيرن ۾ زنجيرون آهن مون وٽ آهن.

وقت تي سُرهاڻ تون آن،

وقت تي سُرهاڻ تون آن،
مونکي پاتل پاڻ تون آن.

رات اک ۾ خواب سُڏڪيا،
نيڻ جي آلاڻ تون آن.

هي مٽي ٿي پئي سھاڳڻ،
موج ۾ مهراڻ تون آن.

منهنجي سوچن جو ته محور،
منهنجي ساري ڄاڻ تون آن.

هانءُ تي هڪ هجر آھي،
هجر جي پيلاڻ تون آن.

مان ڀلي ’آزاد‘ آھيان،
مونکي واڻيل واڻ تون آن.

روز پيو ٿو درد ڌرتي مان ڄمي،

روز پيو ٿو درد ڌرتي مان ڄمي،
ڇو نه ٿو ڪو مرد ڌرتي مان ڄمي.

ظلم ڌرتي جي ڌڻين تي پيا وڌن،
سور ڪو ٿو زرد ڌرتي مان ڄمي.

وحشتن جي ڪنڌ کي ٽوڙي وجهي،
ڪو ته اهڙو فرد ڌرتي مان ڄمي.

هن ڪنڊن کي باھ ۾ اڇلي به ڪو،
۽ نئون ڪو وَردُ• ڌرتي مان ڄمي.

پاڻ سڀ ’آزاد‘ ٿيون هيڪر وري،
التجا آ گُردُ• ڌرتي مان ڄمي.

ڌرتي سرتي ساھَ سمائي جيئان ٿو،

ڌرتي سرتي ساھَ سمائي جيئان ٿو،
سونهن سموري سنڌ اکين سان پيئان ٿو.

منهنجي من ۾ محشر آهي ڀل ته هجي،
هن کي ڀاڪر پائي هر هر ڦٿڪان ٿو.

هن جا نيڻ اسان کي گهائي اُڏري ويا،
هن جي يادن ۾ مان هر هر وچڙان ٿو.

مان ته اڪن کي پنهنجا درد سڻايان ٿو،
پاڻ اڪن سان روئان سڏڪان مرڪان ٿو.

پاڻ مري ’آزاد‘ رهي ھي ڀايان ٿو،
خالي اڏندڙ پن وانگي ڄڻ کڙڪان ٿو.

ڀاڪر مونکي پائيندين يا هٿ ڏيندين،

ڀاڪر مونکي پائيندين يا هٿ ڏيندين،
ڳل سان ڳل کي لائيندين يا هٿ ڏيندين.

ماڻهو هوندا ماڻهن سامهون خيال ڪجان،
اک سان نيڻ ملائيندين يا هٿ ڏيندين.

منهنجي سامهون پنهنجن سان تون ملندين جي،
مونکي پئي تڙپائيندين يا هٿ ڏيندين.

مان ڀي تنهنجي ڀرسان بيٺو آهيان ڏس،
ٻي سان پئي ڳالهائيندين يا هٿ ڏيندين.

مان ڀي توسان عيد ملڻ لئه آيو هان،
ويٺي کاڌا کائيندين يا هٿ ڏيندين.

چيلھه وٽان ئي تنهنجو ڀاڪر گهرجي ٿو،
ڏَس تون چانھن پچائيندي يا هٿ ڏيندي.

مونکي ٿي ’آزاد‘ ڪرين تون پاڻ وٽان،
ڀاڪر مان اڇلائيندي يا هٿ ڏيندي،
¨

عيد ايندي ۽ وري ويندي هلي،

عيد ايندي ۽ وري ويندي هلي،
هوءَ ايندي ۽ ملي ويندي هلي.

سوڳ سارو منهنجي جهولي ۾ وجهي،
مرڪندي ۽ هو کلي ويندي هلي.

آ ته ڀاڪر ۽ چمي جو آسرو،
لوڪ سامهون آ ٺلهي ويندي هلي.

پاڻ هونداسين خوشين ۾ او پرين،
هيءَ دنيا پر جلي ويندي هلي.

آ انهيءَ بس ڳالهه جو ’آزاد‘ ڏک،
مشڪڻي هوءَ منچلي ويندي هلي.

مرڪ جاني ته پو موڪلائي وٺان،

مرڪ جاني ته پو موڪلائي وٺان،
تنهنجي چپ تي چميون ڪي سجائي وٺان.

هن سان وعدو ڪيل آ ملڻ جو فقط،
موت موڪل جي ڏين مان نڀائي وٺان.

تنهنجو سنهڙو بدن جي ٿئي بانسري،
توکي چپ تي رکي مان وڄائي وٺان.

منهنجي گوڏي مٿان تون ستل جي هجين،
سينڌ تنهنجي سنواري سجائي وٺان.

روح منهنجو اگهاڙو گهمي ٿو پيو،
تون بدن پنهنجو ڏي توکي پائي وٺان.

مان ها ’آزاد‘ ڌرتي جا ماڻهو مگر،
پيٽ جو ھر ڳڀو ٿو ليلائي وٺان.

اوھان جي دڳن تي نگاهون رکي،

اوھان جي دڳن تي نگاهون رکي،
اسان پئي رناسين وفائون رکي.

اسان جي ڪلهن تي سندو ڪنڌ لاڙي،
ويو وار ويڙهي ادائون رکي.

سڄي بد دعا هيءَ حياتي لڳي،
مگر ڪو ويو آ دعائون رکي.

اسان روز شامن جو واٽن مٿي،
پڇون ٿا اوهان جون پڇائون رکي.

اسان جي فقيري ڀري آشيان تي،
الئه ڪير ويو آ بلائون رکي.

تنهنجي جاڳ اکين کي جهاڳيو،

تنهنجي جاڳ اکين کي جهاڳيو،
منهنجي نيڻن ننڊ نه ماڻي.

ڪهڙي ويلي ٺاپر ٿيندي؟
آڳ اکين کي آھِ پراڻي.

هاڻ اسان کي ڪير سڌاري،
هوءَ ته ٿي پئي آهي سياڻي.

جيون ڀور مٽي جو آهي،
نيٺ ته کٽندي هي آکاڻي.

ڳوٺ سڄو ئي سُرهو ٿي پيو،
ڳوٺ ۾ نينگر آهي ساماڻي.

هن جو ٽوڙيو ڌار نه ٿياسين،

هن جو ٽوڙيو ڌار نه ٿياسين،
ڪنهن لئه ڀي تڪرار نه ٿياسين.

تنهنجو پيار ته ڳالهه پري جي،
ڪنهن به ڳچي جو هار نه ٿياسين.

پنهنجو پاڻ تي کوڙ سَٺو سين،
ڪنهن لئه پر آزار نه ٿياسين.

جيون جي هن عمر سڄي ۾،
ڇا لئه ٻيهر ٻار نه ٿياسين.

پاڻ اڪيلا ويراني جئين،
ڪنهن لئه ڪو سنسار نه ٿيا سين.

اونداھي سان کوڙ وڙهياسون،
باک ڦٽيءَ تي وار نه ٿياسين.

اک ڀي هوريان هوريان برسي پئي آهي،

اک ڀي هوريان هوريان برسي پئي آهي،
تنهنجي ياد هينئين تي ترسي پئي آهي.

منهنجي موت جو ڪارڻ منهنجا پنهنجا ها،
ھاڻ قبر تي منهنجي ورسي پئي آهي.

منهنجي پاسي منهنجو ساھُ به ڪونه هيو،
هن جي پاسي ڪيڏي سرسي پئي آهي.

ڇو ٿي تڙپين سردي ۾ ئي هيڪلڙي،
منهنجي بت جي تو لئه جرسي پئي آهي.

هڪڙي ٽيبل چانهه جو ڪپ سگريٽ اٿم،
سامهون خالي خالي ڪرسي پئي آهي.

تنهنجي سونهن کي پيئجي تو مان پيار ڀري،
تنهنجي چپ جي خالي چَرسِي• پئي آهي.
¨

سڙي ٻري ٺري پئون،

سڙي ٻري ٺري پئون،
هڪل ڪرين وري پئون.

اوهان تي ٿيون ائين فدا،
وري وري مري پئون،

اٿون ته ٿي جبل پئون،
جهڪون ته ٿي ذري پئون.

اوهان اندر ٻڏي پئون،
اوهان منجهان تري پئون.

سنڀال ساٿ سان سکي،
ائين نه ٿي کري پئون.

اچين ها ته اک جون انائون وڃن ها،

اچين ها ته اک جون انائون وڃن ها،
ملين ها ته دردن ڪٿائون وڃن ها.

ڇڏين ها جي پنهنجي بدن مان بهارون،
ڀنل موسمن جون ادائون وڃن ها.

اسان جي هٿن کي ڪپيو ويو انهي لئه،
خدا وٽ اسان جون دعائون وڃن ها.

اسان جي اکين تي رکيون ويون ترارون،
لُڏون ها ذرو کن نگاهون وڃن ها.

ڀريم ڀاڪرن ۾ تڏهن هي بچي پيون،
رُلي نه ته هي ساريون وفائون وڃن ها.

ڪنهن کي ڀاڪر، پائي ملجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي؟

ڪنهن کي ڀاڪر، پائي ملجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي؟
ڪنهن سان پنهنجو سور هي سلجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي؟

تون ته الائي ڪاٿي آهين، تنهنجون يادون هينئڙي ڊوڙن!
ڪنهن کي سڏجي،ڪنهن کي ٻڌجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي؟

ڪنهنجي ڀر ۾ ڏس تون آهين؟ ڪنهنجي ڀاڪر ۾ تون آهين؟
پنهنجي پاڻ کي ڏس ڪيئن پلجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي!

پنهنجون راهون ويرانيون ۽ پنهنجا سڏ هوا ۾ ڦاٿل!
هاڻ اڪيلو ڪيسين هلجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي!

قسمت کي چئون، دنيا کي چئون، توکي چئون، يا پنهنجو ڏوهه آ؟
وڇڙڻ جو هي وقت نه ڪٽجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي!

سڏڪن جا سُسراٽ هوا ۾، اک جا ڳوڙها ڳل ته چمن ٿا،
ڪيسين پنهنجو هينئڙو جهلجي، ڪنهن کي عيد مبارڪ چئجي؟
¨

ڇو ڌڪين ٿي ڏور تون مان پيار هان پاسي ۾ رک،

ڇو ڌڪين ٿي ڏور تون مان پيار هان پاسي ۾ رک،
مان صدين کان سوڳ جو تهوار هان پاسي ۾ رک.

ايترو کوٽين ! ٿي ڇا لئه کوٽ جي ميڙي سگهين،
مان ازل کان سنڌ جو آثار هان پاسي ۾ رک.

خيال سان تون کڻ اسان کي،خيال سان ڪپجين نه تون!
مياڻ ۾ قابو ته ڪر تلوار هان پاسي ۾ رک.

ھن زماني سور مونکي ايترا آھن ڏنا،
مان نسورو درد جو سنسار هان پاسي ۾ رک.

ايترا ڇو دائرا ٿي تون ڪڍين ’آزاد‘ لئه،
پرک ڪر تون پيار ۾ ٽمٽار هان پاسي ۾ رک.

هڪڙو هلڪو چڪ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين،

هڪڙو هلڪو چڪ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين،
ڀاڪر ڀرندي ڌڪ لڳو ۽ ڪاوڙ جي پئين.

مان ۽ هن سان پيار ڪيان ٿو ڪير چوي ٿو،
توکي ٿورو شڪ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين.

مون ته خوشي ۽ مستي ۾ پئي توڏي اڇليو،
توکي پاڻي ٻُڪ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين.

نخرا ايڏا ڇو ته ڪندي تون آھين جانان،
نخرن ۾ آ نڪّ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين.

او محبوبا ٿورو ڪجهه برداشت به ڪر تون،
پاسو توکي هڪّ لڳو ۽ ڪاوڙجي پئين.

هن مُڪي تصوير آ پازيب جي،

هن مُڪي تصوير آ پازيب جي،
مون اکين تي آ رکي پيرن سميت.

منهنجي دل جون در دريون کڙڪي پيون،
هو اچي دل ۾ لٿي ڇيرن سميت.

هو ڪري ها وار ڪو الڪو نه هو،
مون مٿان هن وار ڪيا غيرن سميت.

ڪونه ڏاگهن کي به ها ڏانوڻ لڳل،
ڏوھُ تنهنجو ڀي ته آ ڏيرن سميت.

مان سڙيس منهنجا سڀئي ويا انگ سڙي،
باھ ساڙيو مونکي آ جيرن سميت.

مرڪ جا ايئن مڻ ته آڇيندي نه ڪر،

مرڪ جا ايئن مڻ ته آڇيندي نه ڪر،
۽ اکين جا ٿڻ ته آڇيندي نه ڪر.

آ چريو هڪ ڳوٺ جو هو ڇوڪرو،
او ڌنارڻ ڌڻ ته آڇيندي نه ڪر.

رات جو ايئن آسمان کي هيڪلي،
تون بدن جو رڻ ته آڇيندي نه ڪر.

ها پوي ڪکجي ڪٿي عاشق متان،
تون چَڳنُ جا ڦڻ ته آڇيندي نه ڪر.

ٿي ڄڻين تون سي سڀئي گُل خوب هن،
سي ٻين کي ڄڻ! ته آڇيندي نه ڪر.

توسان منهنجو پيار آهي ڇا ڪجي،

توسان منهنجو پيار آهي ڇا ڪجي،
ڏيهه سان تڪرار آهي ڇا ڪجي.

تون پري ھن پار ۽ ھن پار مان،
درميان سنسار آهي ڇا ڪجي.

پاڻ کي جنهن آ وڇوڙيو ڇا چئون،
بي رحم ڏاتار آهي ڇا ڪجي.

جسم جي واپار جو ھي دور آ،
پيار ٿي پيو گار آهي ڇا ڪجي.

مان به ٿي ’آزاد‘ آخر ويس مري،
زندگي ٿي بار آهي ڇا ڪجي.

تنهنجو ڀاڪر ڀرڻ آ وڏو معجزو،

تنهنجو ڀاڪر ڀرڻ آ وڏو معجزو،
چاههُ چڪ ۾ جهلڻ آ وڏو معجزو.

باهه ۾ سڀ ٻري ٿا پون ها مگر،
هيج• ۾ ئي سڙڻ آ وڏو معجزو.

سمنڊ سولا سڀئي هو تري ٿو وڃي،
تانگھه ۾ ڪو ترڻ آ وڏو معجزو.

پنهنجي شائق سموري ڇڏي ڏيهه کي،
تنهنجو مون کي تڪڻ آ وڏو معجزو.

مان هان ’آزاد‘ توڏي اڏامي اچان،
تنهنجو مونکي ڪهڻ آ وڏو معجزو.

هجر آهي وفائون کائي ٿو،

هجر آهي وفائون کائي ٿو،
درد آهي دوائون کائي ٿو.

آخري حل اهو ئي نڪتو بس،
موت ساريون شفائون کائي ٿو.

منهنجي اک جو ڏسڻ صفا پاڳل،
هن جون ساريون ادائون کائي ٿو.

ڇو ڀلا هي چريو نٿو سڌري،
توڙ کان ئي سزائون کائي ٿو.

يار آهي تڏهن ته منهنجون سڀ،
جي ملن ٿيون گلائون کائي ٿو.

چمين تي بندشون به ڇو اوهان جون رنجشون به ڇو،

چمين تي بندشون به ڇو اوهان جون رنجشون به ڇو،
ڪيون ٿا پيار يار سان لڳن ٿيون تھمتون به ڇو.

ڪيو ٿا سنگسار ڇو اسان جي عشق کي اوھان،
ڀريل منافقي سان پُر اوهان جون عادتون به ڇو.

کنيون ته ڪو نه ٿي ڪڏهن اوھان تي آڱريون اسان،
اسان مٿان اوهان جون ھي ڀلا ملامتون به ڇو.

ڪيون ٿا پيار اوترو گهرو ٿا چاھُ جيترو،
رکو ٿا پوءِ اسان جي لئه ڀلا عداوتون به ڇو.

سٺو آ سنڌ ڪيترو اوهان کي پاڻ تي گهڻو،
ڪيو ٿا سنڌ سان ڀلا اوهان بغاوتون به ڇو.

ڪنهن جي دل ۾ رھيس ڪنهن وساري ڇڏيو،

ڪنهن جي دل ۾ رھيس ڪنهن وساري ڇڏيو،
ڪنهن رکيو هانءُ تي ڪنهن اتاري ڇڏيو.

منهنجي دل جا ھئا ويڪرا پيچرا،
مونکي پنهنجي اميدن ئي ٻاري ڇڏيو.

ڪنهن کي ڪهڙيون ڏجن ھت ميارون پرين،
تنهنجي در تي پڳس تو ڌڪاري ڇڏيو.

پنهنجي دردن ۾ ذرڙو ڪمي ڪانه ٿي،
درد اکڙين ۾ اوتي ۽ هاري ڇڏيو.

کوڙ دڙڪا ۽ ٿاٻا مليا هن مري،
وقت جهڙو به آيو گذاري ڇڏيو.

سر آھيان مان نسري پوندس،

سر آھيان مان نسري پوندس،
واءُ گُهلڻ سان وکري پوندس.

درد هينئين تي ٽھڪي پيو ٿو،
ٻار نه ايڏو اُٻري پوندس.

تو ۾ پاڻ لٿو مان آھيان،
تو مان آخر اُڀري پوندس.

ڳوڙھو بڻجي تنهنجي اک مان،
روڪيندين پر نڪري پوندس.

تو ۾ آخر رڪبو ڪيسين،
وقت جيان مان گذري پوندس.

اک جا ڳوڙها ڪير ٿو ڄاڻي،

اک جا ڳوڙها ڪير ٿو ڄاڻي،
درد وڇوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

ٿر کي گهرجي بادل بارش،
واء واچوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

توکان پوءِ هاءِ ھٺيلي،
هاءِ گهوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

مان ته وفا جي دڳ تي آھيان،
وعده ڪوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

شيشن واريون چوڙيون چمڪن،
چاندي چوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

ڪمپيوٽر جو دور اچي ويو،
هاڻي کوڙا ڪير ٿو ڄاڻي.

مونکي مون مان ميڙي رکجان،

مونکي مون مان ميڙي رکجان،
خاموشي سان ويڙهي رکجان.

ديس ۾ اڳ ئي کوڙ کٽي آ،
الفت کي تون کيڙي رکجان.

پيار جي مڌ کي جيءَ ۾ اوتي،
جذبا جانب ٿيڙي رکجان.

روح اڃاري ٿر وانگر آ،
نينهن جو نلڪو گيڙي رکجان.

سُرَ ڪي ھوريان ناچ نچن ٿا،
ساز نوان ڪي ڇيڙي رکجان.

سنڌو جو ڇوڙ تو ۾،

سنڌو جو ڇوڙ تو ۾،
سارو اروڙ تو ۾.

سازن ۾ تون رهين ٿي،
سرگم جو توڙ تو ۾.

ڪاڇو ڪڏي ٿو تو ۾،
ٻانڌي ۽ دوڙ تو ۾.

نفرت جا نانگ رستا،
محبت جا موڙ تو ۾.

مونکي ٻکي رکي ٿي،
ڪهڙي ولوڙ تو ۾.

’آزاد‘ ڪٽ ٿئي ٿو،
ليڪن آ جوڙ تو ۾.

جانان ڪجهه ته ڪُڇاڻي ڏي،

جانان ڪجهه ته ڪُڇاڻي ڏي،
پنهنجي هٿ جو پاڻي ڏي.

اي رب تنهنجي در تي هان،
مونکي هاڻ وراڻي ڏي.

موکي مٽ اگهاري ڏي تون،
ڪا ته شراب پراڻي ڏي.

کوڙ سڙيو هان سورن ۾ مان،
سورن کي ته پڄاڻي ڏي.

پيار ڪيون ’آزاد‘ مري ٻئي،
اهڙي ڪا ته ڪهاڻي ڏي.

نينهن ۾ نکري رنگ ڪيوسين،

نينهن ۾ نکري رنگ ڪيوسين،
تو مان اُڏري دنگ ڪيوسين.

چين گھڙي کن ڪون مليو ھَئي،
توسان ڪھڙو سنگ ڪيوسين.

ماکي مصري لفظن لارون،
چاھَ کي چوري چنگ ڪيوسن.

تات ۾ تڙپي ڏات لڇي ٿي،
پاڻ کي ڏاڍو تنگ ڪيوسين.

پيار پکِيئڙو ڪالهه مري ويو،
مور به ھاڻي ڪَنگَ ڪيوسين.

پيار ڪٿائون ڪونه کپن ٿيون،

پيار ڪٿائون ڪونه کپن ٿيون،
هاڻِ وفائون ڪونه کپن ٿيون.

کوڙ اڃان ڏي زخم نوان تون،
روڪ! شفائون ڪونه کپن ٿيون.

هاڻِ ته پن ڇڻ پنهنجي ڪنڌ ۾،
ڇانءَ گهٽائون ڪونه کپن ٿيون.

تون ته پري آن توبن سهڻا،
ڪي به دعائون ڪونه کپن ٿيون.

پنهنجو سجدو آهي مٽيءَ کي،
ٻيون ته عطائون ڪونه کپن ٿيون.

هاڻِ سمورو ٿر ته سڙي پيو،
گرم هوائون ڪونه کپن ٿيون.

ٿي ته خطا ’آزاد‘ مري پيو،
ھاڻ خطائون ڪونه کپن ٿيون.
¨

ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ته ڇڻي پيو،

ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ته ڇڻي پيو،
درد اڃان ڀي ساھُ کڻي پيو.

تاسو هوندي پوءِ ڀي ڏِس تون،
ٿر جو منظر خوب وڻي پيو.

ڪونه ٿڪي ٿو عرش تڪيندي،
ويٺي ويٺي ڪجهه ته ڳڻي پيو.

ريزه ريزه روح ٿيو آ،
عشق جي پو ڀي هام هڻي پيو.

سار جي تسبيح سوري سوري،
ڪهڙا منڊ اڃان به مڻي پيو.
¨

اُلڪا اُلڪا عيد اسان جي،

اُلڪا اُلڪا عيد اسان جي،
سڏڪا سڏڪا عيد اسان جي.

نينهن نچايو ميران وانگي،
ڇمڪا ڇمڪا عيد اسان جي.

دردن جي آ مار اسان تي،
ڦٽڪا ڦٽڪا عيد اسان جي.

پنڌ اڙانگهو واري ڀايان،
سهڪا سهڪا عيد اسان جي.

عشق اسان ۾ روز ٻري ٿو،
ڀڙڪا ڀڙڪا عيد اسان جي.
¨

گهر گهر ۾ هي ھوڪو ھوندو،

گهر گهر ۾ هي ھوڪو ھوندو،
پيار جي ڳالهه ۾ ڪوڪو ھُوندو.

پيءُ جي شفقت رنگ لڳائي،
ماءُ جو مٺڙو دڙڪو ھُوندو.

ڌار سڄڻ کان جيڪو ٿيندو،
تنهن عاشق جو پِٽڪو ھوندو.

تون ته وڃين ٿو ڏور وطن کان،
گھر ڀاتين کي کُٽڪو ھوندو.

ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڀڙڪي،
ماڻھون سوئي ھلڪو ھوندو.

خاموشي سان وقت گذاريون ڇا ته ڪيون،

خاموشي سان وقت گذاريون ڇا ته ڪيون،
تو ته ڏنا ها سور نه پاريون ڇا ته ڪيون.

تنهجي ياد اڪيلائي ۾ سڏڪون ٿا،
اکڙين مان جي لڙڪ نه هاريون ڇا ته ڪيون.

اونداھي کي گھر مان آخر ڪڍڻو آ،
پنھنجو رت ڏيئن ۾ ٻاريون ڇا ته ڪيون.

هن جي محفل ۾ ها سارا هن جهڙا،
هيڪل ويهي توکي ساريون ڇا ته ڪيون.

آزادي جي ڳالهه ڪيو ’آزاد‘ سڀئي،
ويٺي ويٺي قول نه پاريون ڇا ته ڪيون.

مٺي جي ڀرسان ڀٽن جون ڳالهيون،

مٺي جي ڀرسان ڀٽن جون ڳالهيون،
ڪڙن ۾ قابو وطن جون ڳالهيون.

چپن تي ڌيمو ذڪر هليو پئي،
اچاريون ڪنهن ٿي اکين جون ڳالهيون.

چمي چمي جي چپن تي آنديون،
مٺيون مٺيون سي ڳٽن جون ڳالهيون.

نڪن ڦلين ۽ سڳين ۾ آهن،
ڪنڊي مريڙي اڪن جون ڳالهيون.

گهڙا ڀڄي پيا ٿڌي جرن جا،
ٻڌون ڪٿان کان مٽن جون ڳالهيون.

اکين جا ٿيا اڱڻ آلا،

اکين جا ٿيا اڱڻ آلا،
ڳلنُ جا ڳوٺَ ويا ٻڏندا.

وڇوڙي آ سٽيو اهڙو،
دلين جا ڪوٽ ويا لڏندا.

پڪاريو سنڌ جي ڌرتي،
گهڻا ئي گهوٽ ويا ڪڏندا.

اوهان مرڪي ڏٺو جنهن پل،
گلن تان ڀوئنر ويا اڏندا.

سڏيو ’آزاد‘ لبڙن سان،
گهڻن جا گهر ويا ڌڏندا.

رت پنهنجو اسان آ ولوڙيو گهڻو،

رت پنهنجو اسان آ ولوڙيو گهڻو،
رب ٿو ڄاڻي اسان آهي لوڙيو گهڻو.

پيار تنهنجو اسان آهي پاتو مگر،
هار ٻانهن سندو تو آ ٽوڙيو گهڻو.

تو ڇنو آهي الفت سندو جي سڳو،
تنهن سڳي کي اسان آهي جوڙيو گهڻو.

مرڪ تنهنجي مٿان گهور دنيا ڪيان،
پنهنجي پر ۾ ڀي مون آ پتوڙيو گهڻو.

تير نظرن سندا چاڪ سينو ڪيئي،
ماس هڏڙن مٿان تو آ روڙيو گهڻو.

تنهنجي خاطر مري مان ته بدنام ٿيس،
تير طعنن سندو تو آ کوڙيو گهڻو.

مندر جي ڪنڊ ۾ ڏيئن کي ٻاري هلي وڃي ٿي،

مندر جي ڪنڊ ۾ ڏيئن کي ٻاري هلي وڃي ٿي،
سنجها جي ٽاڻي پکي اڏاري هلي وڃي ٿي.

ڇنڊي ٿي گيسو حنا کي پنهنجي اڳيان ويهاري،
هوا ۾ سارا عطر هو هاري هلي وڃي ٿي.

اچي ٿي مون ڏي ملي ٿي مونسان ڪري ٿي ڳالهيون،
لهي ٿو سج ۽ وري اڀاري هلي وڃي ٿي.

ڪڏهن هو پنهنجي ڪڏهن پرائي بڻيل رهي ٿي،
اکين ۾ سپنا مگر اٿاري هلي وڃي ٿي.

اسان هون جاهل اسان کي ڪهڙو پتو مري آ،
وفا جا ٿورا هو گر سيکاري هلي وڃي ٿي.

اسان ڏي وڇوڙو وڏو تيز آيو،

اسان ڏي وڇوڙو وڏو تيز آيو،
بدن کي مروڙو وڏو تيز آيو.

جڏهن چاھَ ۾ هن ڏنو ڪوئي طعنو،
اکين مان هي ڳوڙهو وڏو تيز آيو.

رڳو هن اشارو ڪيو هو پري کان،
ڳڀي ڪاڻ پوڙهو وڏو تيز آيو.

پرين ساڻ پهتس مان سنڌو ڪناري،
اسان ڏي پو هوڙهو وڏو تيز آيو.

اسان کي پتو ئي ذرو ڪونه پيو هو،
مري! موت گهوڙو وڏو تيز آيو.

پنهنجي سيني تي ڪنهن هن سمهاريا نه پڇ،

پنهنجي سيني تي ڪنهن هن سمهاريا نه پڇ،
درد پنهنجا نه پڇ درد ڌاريا نه پڇ.

آهي پنهنجي حياتي ڊگهي ڪا ڪٿا،
پنهنجي هينئڙي تي ڪنهن مڱ ڏاريا نه پڇ.

پاڻ معطر تڏهن کان ٿياهون مري،
وار ڪنهن ها اسان جا سنواريا نه پڇ.

عشق حضرت اسان جي اندر ۾ رهي،
هانءُ جيرا جگر ڪئين ٻاريا نه پڇ.

مان هان ’آزاد‘ هُو پر ته مجبور هو،
واعدا پنهنجا هن ڇو نه پاريا! نه پڇ.

گلاب چونڊيم ته خار اٽڪيا،

گلاب چونڊيم ته خار اٽڪيا،
اوهان جا نخرا ۽ آر اٽڪيا.

محبّتن ۾ رسڻ ۽ پرچڻ،
لڳي ٿو ننڍڙا ڪي ٻار اٽڪيا.

اوهان پري جو ڪيو اسان کي،
هتي پو ماڻهو هزار اٽڪيا.

چمڻ جو چاهيم اوهان جا ڳلڙا،
گهڙي گهڙي ٿي هي وار اٽڪيا.

رقيب سارا ڏسي کليا پئي،
اسان سان پنهنجا ئي يار اٽڪيا.

اوهان پڄاڻان اسان رناسين،
ڇپر اکين جا ٿي تار اٽڪيا.

پرڀرو پرڀرو ٿو رهين،

پرڀرو پرڀرو ٿو رهين،
ڇو ڀلا اوپرو ٿو رهين.

جيئن زمين آسمان ٿا رهن،
تون پري اوترو ٿو رهين.

فاصلا فاصلا ٿي وئين،
سمنڊ جيئن موڪرو ٿو رهين.

ياد ٿي ٿو ٻرين دل اندر،
من اندر سوجهرو ٿو رهين.

روز پيو وقت ٿو ڪر کڻي،
عشق تون ڀرجهلو ٿو رهين.

تون ڏنل آن پرين جو تڏهن،
درد تون دادلو ٿو رهين.

وک وک تي هي گهايل ماڻهو،

وک وک تي هي گهايل ماڻهو،
ڪنهنجي نيڻن مايل ماڻهو.

ڪنهنجو ڪجهه ڀي ڪونه آ ليڪن،
ڪنهنجي پير جي پايل ماڻهو.

منهنجي هانءُ تي هٿ رکي ٿو،
منهنجي رُوحَ تي ڇانيل ماڻهو.

هُو به لڳي ٿو پاڳل هوندو،
ڪنهن جي ڪُک مان ڄايل ماڻهو.

نيٺ ته هي ’آزاد‘ آ ٿيڻو،
تنهنجو منهنجو ٺاهيل ماڻهو.

نظم

---

هڪڙو ڳل آ سيوهڻ تنهنجو

هڪڙو ڳل آ سيوهڻ تنهنجو

تو ۾ سنڌ سموري آهي،
تنهنجو جهومڪ جهوڪ لڳي ٿو،
تنهنجي بنديا المنظر ڄڻ،
تنهنجون ڳالهيون ڪينجهر جهڙيون،
تنهنجون پنبڻيون پياسو ٿر آ،
هڪڙو ڳل آ سيوهڻ تنهنجو،
ٻيو ڳل ڄڻ آ ڀٽ ڀلاري،
سونهن ته سانگهڙ جهڙي تنهنجي،
نيڻ به ننگر جهڙا آهن،
ساڌ سکر جو ٻيلو تو ۾،
دل تنهنجي آ دادو جهڙي،
تنهنجو مرڪڻ ماڳ مکي جو،
تنهنجي ماٺ مٺي ڄڻ آھي،
تنهنجو قرب ڪراچي وانگي،
تنهنجي وارن جي جهوڙي ۾،
ڪوٽ ڏجي ڀي ويڙھيل آھي،
تو آ لوڏ سنڌو کان ورتي،
لاڙ ۽ ڪاڇو تو ۾ سارو،
تو ۾ سنڌ سموري آھي،
تو ۾ سنڌ سموري آھي.

محبت ناچڻي ديوي

محبت ناچڻي ديوي

اکين جي دڳّ کان ٿيندي،
هينئن ۾ هٿ وڌو آهي،
محبّت ناچڻي ديوي،
محبّت ڪامڻي ڪوئل،
اسان جي روح تي اڏري،
اسان جي روح تي ٻولي،
محبّت سينڌ ۽ سرمو،
چپن جي ڄڻ ته آ لالي،
اسان تي رنگ ٿي هاري،
سمورا ڍنگ ٿي هاري،
نشو آھي صدين جهڙو،
ازل کان عشق ۾ آھيون،
محبّت نيڻ کان ٿيندي،
هينئن کي ٿي ڪري قابو،
ائين ئي ٿي ڪري قابو.

سونھن کي ڀاڪر

سونھن کي ڀاڪر

حياتي يار اهڙي ٿئي،
لڳي ٿي لار ماکي جي،
هجي ڄڻ هار گلڙن جو،
هجي ڄڻ نڪّ جو ڪوڪو،
هجي ڄڻ سونهن کي ڀاڪر،
هجي ڄڻ اکّ جو سرمو،
مگر مون آ ڏٺي گهاري،
سموري زندگي اهڙي،
اٿئي ڄڻ چيڙھُ وارن جو،
اٿئي ڄڻ اک ۾ ڪوڪو،
اٿئي ڄڻ جُونَ ۾ واري،
اٿئي ڄڻ سونهن ڪا ڪاري،
اٿئي ڄڻ سج جي ويجهو،
اٿئي ڄڻ بک ۾ ڪوڪون،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي.

سور ٿو سوري

سور ٿو سوري

عشق ٻوڙي ٿو وجهي،
روح روڙي ٿو وجهي،
درد جا ڪجهه قافلا،
هانءُ تي ڊڪندا اچن،
سور ٿو سوري گهڻو،
بيقراري ڀاڪرن ۾،
ڄڻ ڀڪوڙي ٿي گهڻو،
ڄڻ ڪڍي ٿو ساھ کي،
ڪوس ٻوڙي جسم مان،
ڄڻ ته ويا حاذق مري،
ڪون ٿو دارون لڳي،
درد سان ٿو جهيڙجي
ڪو فنا ٿي ٿو پوي،
عشق جي ٿي جيت ٿئي،
سا پراڻي ريت آ،
راھ ساڳي جي مٿان،
اڳ به آهن ڪئي ڪٺا،
ڪو نچو سولي چڙهي،
ڪو ٿيو آهي قلندر،
۽ فنا ٿيا هن سڀئي،
جو بچو سو عشق هو،
جو بچو سو عشق ھو.

لاڙ جهڙي

لاڙ جهڙي

ٺٽي جي ٺار جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون،
سمنڊ جي سار تو ۾ ٿي رهي ۽،
سمنڊ جي سار جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون.

سنڌو کي ڀاڪرن ۾ ٿي ڀڪوڙين،
اکين سان چنڊ کي تون ٿي نچوڙين،
رکين ٿي حسن کي ڇڙواڳ ڏاڍو.
قداور ڪونج جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون.

ڪرين ٿي قيد ڪارونجهر اکين ۾،
رهن بادل به ٿا تنهنجي سڳي ۾،
لڳن تارا به ٿا تنهنجي چني ۾،
رئي ۾ روح کي قابو ڪرين ٿي تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون،

مٺي ۾ ٿي رکين ماٺار پنهنجي،
رکين ٿي ڇاڇري ۾ ڇير پنهنجي،
ننگر ۾ نينهن کي رولي ڇڏين ٿي،
نچائين ديو ۽ راقاص کي ٿي،
خدا جي پار جهڙي ٿي لڳين تون،
ٺٽي جي ٺار جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون.

ڀاڳ ڪري پيو

ڀاڳ ڪري پيو
دنيا جو ھان ڏتڙيل ماڻهو،
ابتو سبتو وکريل ماڻهو،
ڄار ۾ آهيان جڪڙيل ماڻهو،
صدين کان هان ڀٽڪيل ماڻهو،
پاڻ کي رولي ٿڪجي پيو هان،
توکي ڳولي ٿڪجي پيو هان،
ديدن ساڻ ڏسان ها توکي،
عيدن منجهه پسان ها توکي،
ها پر توکي ڪون ڏٺو سو،
مون تي ڄڻ ويراڳ ڪري پيو،
منهنجي هٿ مان ڀاڳ ڪري،
پنهنجي ننڍ ڦٽائي تو لئه،
مون آ جند لٽائي تو لئه،
ھلندي راھ کٽائي تو لئه،
مسجد نکّ پُسائي تو لئه،
سور سمورا کائي تو لئه،
ساري ڳالهه ٻڌائي توکي،
پو ڀي منهنجو ڪونه ٿئين تون،
مون تي ڄڻ ھو ماڳ ڪري پيو،
منهنجي ھٿ مان ڀاڳ ڪري پيو.

ٻاگهل ٻائي

ٻاگهل ٻائي

جُوءِ به ساڳي جهنگ به ساڳيا،
ديس به ساڳيو دنگ به ساڳيا،
نينهن به ساڳيو مينهن به ساڳيا،
رات به ساڳي ڏينهن به ساڳيا.

جاٿي ڪاٿي هوشو ڏسندين،
دودو سورھيه دولھه ڏسندين،
روپي جي به ڳالهه پئي هلندي،
ڏاٽا بڙڇيون ڏند به ساڳيا،
لڻبا غيرن ڪنڌ به ساڳيا.

هرڪا ٿيندي ٻاگهل ٻائي،
هوندي سڀ ڪا سنڌ جي ڄائي،
هيسيل ناهي هرڻي ڪائي،
مائون ڄڻينديون پٽ به ساڳيا،
ننگ به ساڳيا سنگ به ساڳيا.

سيوهڻ سنڌ ۾ آھ ڀٽائي،
زنده رهندي شاھَ جي وائي،
نوري مومل سهڻي مائي،
تند به ساڳي ساز به ساڳيا،
چاھُ به ساڳيو چنگ به ساڳيا.

پٽڪو ٽوپي مانُ وڏو آ،
اجرڪ جو هت شان وڏو آ،
لوئيءَ جي هت لڄ به رهندي،
چولي ساڳي گج به ساڳيا،
رقص به ساڳيو رنگ به ساڳيا.
ديس به ساڳيو دنگ به ساڳيا،
جُوءِ به ساڳي جهنگ به ساڳيا.

عشق جي امانت

عشق جي امانت

هر ڳالهه ڳالهه تنهنجي،
هر ڳالهه آ حوالو،
تون سنڌ جو اجالو،
تون گيت تون جمالو،
تنهنجي هلڻ ۾ آهي،
سنڌو سندي رواني،
تون عشق جي امانت،
تون پيار جي نشاني،
تون آسمان جو تارو،
تون چنڊ جي جواني،
هر روپ ۾ وسين ٿي،
هر رنگ ۾ رهين ٿي،
مون ۾ به رنگ ڀر تون،
مون ساڻ سنگ ڪر تون،
مون ساڻ سنگ ڪر تو.
¨

اچ ڀاڪر ۾ توکي

اچ ڀاڪر ۾ توکي

هر نظم تنهنجي نالي،
هر گيت تو حوالي،
تون شاعري جو سندر،
ڪوئي رڌم لڳين ٿي،
تون زندگي جي معنىٰ،
تون عشق جو اجالو،
هر ورق تي حوالو،
تنهنجو ڏنل ڏٺو مون،
ھر لفظ لفظ توکي،
سجدا پرين ڪري ٿو،
ڪاغذ قلم به تنهنجي،
واکاڻ ۾ رڌل ھن،
تون نينهن جي ننگر جي،
ڪا ناچڻي نرالي،
او آسمان جي ديوي،
توتي ته منهنجو هينئڙو،
ٿي پيو فدا گهڻو آ،
اچ ڀاڪرن ۾ توکي،
مان پاڻ ۾ لڪائي،
جيون سڦل ڪيان مان،
جيون کي جل ڪيان مان،
جيون سڦل ڪيان مان.

ايڏو به وڻين ڇوٿي

ايڏو به وڻين ڇوٿي

محبّت جي نگاهن جا ٿو رنگ پسان تو ۾،
ڌرتي جي بدن جا سڀ ٿو دنگ پسان تو ۾،
چپڙن جي چمي جا سڀ ٿو چنگ پسان تو ۾،
نانگن جا ته زهريلا ٿو ڏنگ پسان تو ۾،
دل ٿي هي چوي جانان هيڪر ته وسان تو ۾،
ايڏو به وڻين ڇو ٿي.

قدرت جي نگاهن جا سڀ راز لڪل تو ۾،
پوپٽ جي پرن جا هن انداز لڪل تو ۾،
ساھن جي سرن جا سڀ هن ساز لڪل تو ۾،
محبّت جي ڊگهي رڙ جا آواز لڪل تو ۾،
هيڪر ته ٻڌي ڇيرون مان پاڻ نچان تو ۾،
ايڏو به وڻين ڇو ٿي.

دنيا ته سٺي آهي پر ڇا ته ڪيان جانان،
تون پاڻ ھلي اچ ھت ڪا بات ڪيان جانان،
ھي نيڻ به جاڳن پيا پرڀات ڪيان جانان،
هن ساري جيون کي هڪ رات ڪيان جانان،
مان پاڻ مري توتي برسات ڪيان جانان،
ٻڌُ ڀاڪر کولي رک آزاد اچان تو ۾،
ھي سونهن سڄي تر جي ايڏو به رکين ڇو ٿي،
ايڏو به وڻين ڇو ٿي،
ايڏو به وڻين ڇو ٿي.

قصو آ نرالو

قصو آ نرالو

خوابن جي دنيا جو اهڃاڻ آهين،
حقيقت جي ڏِسبي ته تون پاڻ آهين.

مرڻ جا ڄمڻ جا قصا ڇا ٻڌايون،
ٿيا ڪيترا هِن حصا ڇا ٻڌايون،
ڪبيون ڪي جي ڳالهيون ته تڪرار ٿيندا،
۽ مرندا هي ماڻهو ته آزار ٿيندا،
عجب زندگيءَ جو قصو آ نرالو،
کڻون ساھُ ٿا پر وڏو آ ڪشالو،
اسان جي ڪهاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ آهين،
تون خوابن جي دنيا جو اهڃاڻ آهين،
حقيقت جي ڏِسبي ته تون پاڻ آهين.

اچي تنهنجي پيرن جهڪائي ھي سرڙو،
ڪا معافي به گهربي ۽ هٿڙا به ٻڌبا،
سڄا ڏوھَ پنهنجا قبولي به ڇڏبا،
اڳيان نيڻ تنهنجي هي کولي به ڇڏبا،
مڃائي پرين پو وري ساڻ کلبو،
جي چوندين ته ڀاڪر ٻٽا پائي ملبو،
هي دنيا کي ڏَسبو اسان ساڻ آهين،
تون خوابن جي دنيا جو اهڃاڻ آهين،
حقيقت جي ڏِسبي ته تون پاڻ آهين.

غمن ۾ گذارا ڪجن ڪيستائين،
لڪي ڪي اشارا ڪجن ڪيستائين،
هلي آءُ هاڻي ته سرعام ملجي،
پلي پاڻ کي پاڻ ڪيڏو ته پلجي،
هي ڪاوڙ ڀلي پيو ته سنسار کائي،
اٿي پئون زمانو ڀلي خار کائي،
اسان جي حياتي ۾ سرهاڻ آهين،
تون خوابن جي دنيا جو اهڃاڻ آهين،
حقيقت جي ڏسبي ته تون پاڻ آهين.

اڃارو روح

اڃارو روح

اڙانگا پيچرا آهن،
اسان پر پنڌ ۾ آهيون،
مگر تون ڏور آن ڏاڍو،
اندر ۾ حوصلو آهي،
سڏيو جو تو پرين آهي،
اسان جي هاڻ سيني ۾،
ندي ٿي سڪّ جي ڇلڪي،
اڃارو روح آ سارو،
گهري ٿو روح هي آٿت،
ملي جي ٿورڙي محبت،
محبت مڌ وانگي آ،
اوھان ڏي پنڌ وانگي آ،
خماري ٿي جسم سارو،
اکين ۾ ننڊ وانگي آ،
ڪٿي آ پنڌ جو ماپو،
ڊڪڻ ۽ ڊوڙ توڏي آ،
سڄي جاکوڙ توڏي آ،
سڄي جاکوڙ توڏي آ.

وڇوڙو

وڇوڙو

وڇوڙو ول جيان آهي،
وڇوڙو روح روڙي ٿو،
وڇوڙو وڻ ته ناهي جو،
وڇوڙي کي وڍي ڇڏجي،
وڇوڙو اک منجهان نڪري،
وڇوڙو ڳل به روڙي ٿو،
وڇوڙو هانءُ تي هوندي،
وڇوڙو هانءُ ٻوڙي ٿو،
وڇوڙو درد ڏي ٿو ۽،
وڇوڙو ناؤ ٻوڙي ٿو،
وڇوڙو رڻ تتل آهي،
وڇوڙو پير ساڙي ٿو،
وڇوڙو باھِ جا ڀڙڪا،
وڇوڙو وڄ جيان آھي،
ڪري ٿو ھانءُ تي ڪڙڪا،
وڇوڙو سير ڪاتي جي،
ڪهي ٿو حسرتون ساريون،
سڙي ماڻهو سڄو سارو،
وڃي سگريٽ وانگر ٿو،
وڇوڙو آ وڏو قاتل،
وڇوڙو نيٺ ماري ٿو،
وڇوڙو نيٺ ماري ٿو.

ٿڙان ٿو مان

ٿڙان ٿو مان

عمر جي پنڌ ۾ آئون،
کڻان ٿو ساھَ اڻپورا،
۽ تنهنجي تانگھه کي وڌندي،
ڏسان ٿو پنهنجي هردي ۾،
وڃين ٿي تون وڏي ٿيندي،
وڏيري وک به تنهنجي هر،
کڄي ٿي جيئن ڌرتيءَ تي،
ته ڌرتي ساھُ کڻندي آ،
صدين کي تون پئي جهاڳين،
ٽڪيل تو وٽ زمانو آ،
محبّت جو مگر ڪوئي،
نه تو وٽ آبيانو آ،
پرين تو پاند مان مونکي،
جڏهن کان آ ڇڏيو ڇوڙي،
اڳيان بس تون وڃين ٿي پئي،
اچان پيو تنهنجي پويان مان،
ڪران ٿو ۽ ٿڙان ٿو مان،
ٿڙي ڪرندي اٿان ٿو مان،
الائي ڇو ڀلا هاڻي،
وئي ٿي بي وڙي آهين،
ڪيان ٿو التجا توکي،
ٻڌان ٿو هٿ اڳيان تنهنجي،
مڃين تون ڪونه ٿي ڇا لئه،
محبّت ڏي پرين تنهنجو،
وڏو احسان ٿي پوندو،
مڙي ايندين ملي هلندين،
سفر آسان ٿي پوندو،
سوا تنهنجي حياتي جو،
وڏو نقصان ٿي پوندو،
سوا تنهنجي حياتي جو،
وڏو نقصان ٿي پوندو.