مھاڳ
”جاڳ“ جي ” آ ڳ “ فرد جي جيون کي ھر وقت ”متحرڪ“ رکي ٿي. جاڳ کيس ڪائنات جي گھڻ پاسائين سونھن کان آشنا ڪرائي ٿي، فرد اُن آشنائيءَ جي موٽ ۾ تخليق واري عمل ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ تخليق جو عمل ته ”انفراديت جي خول“ جا سمورا درد ڄڻ ته مُسرتن جي راھن جا ”مانجھادا“ ٿيندا آھن. فرد جو ڪردار انفراديت کي نِيچ سمجھي، اجتمائيت جي جي ڇٽيءَ ۾ پناھه وٺندو آھي، اجتماعيت زندگي، سماج، قوم ۽ پوري جڳ جي سونھن کي سَرس ڪري ٿي. ان اجتماعيت جي حوالي سان ماڻھو مسئلن جا نوان رخ ڏسي ٿو، انھن جي وسعتن جا دائرا ڳولڻ بجاءِ محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ان جھد ۾ لڳي وڃي ٿو ته ھن ڪائنات جي گلشن کي ” رنگن ۽ خوشبوئن “ جي ڪائنات بڻائڻو آھي، جنھن ۾ ڪوبه ” بي موت “ نه ماريو وڃي، ڪابه ڪَلي کِڙڻ کان اڳ چيڀاٽي نه وڃي، ڪوبه ڪبوتر اڏامندي گوليءَ جو بک نه ٿئي، ڪوبه ” پوپٽ “ مھڪار کان محروم نه رھي، ڪابه آس ڪاريءَ وانگر ماري نه وڃي ۽ ڪابه قوم پنھنجي فطري حق، پيدائشي حق، ” آزادگي “ کان وانجھي نه وڃي- ۽ آزادگي ته نالو ئي آھي ھزارين آدرشن جو- ڌرتيءَ جي آزادگي- قوم جي آزادگي- انسانن جي آزادگي- معاشرتي حقن جي آزادگي- احساسن ۽ اظھار جي آزادگي- ۽ اسان محسوس ٿا ڪريون ته ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ انھن مڙني آزادگين جي حاصلات جي چاھنا رکندڙ ۽ ان چاھت جي حصول لاءِ جدوجھد ڪندڙ ھڪ سچي سپتي تخليق آھي، اھڙي تخليق جنھن ۾ ھڪ طرف زھر جا ڪڙا ڍُڪ آھن ته ٻئي طرف آبشارن جي شفاف وھڪرن جھڙا خوبصورت ۽ ڪومل جذبا. سنڌ جي ھزارين ورھين جي اتھاس جي دز ۾ لٽجي ويل سچ جي سامين جا پيرا ڄڻ ته اُجرا اُجرا ٿي ڏسجڻ لڳا آھن ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ ۾.
ھيءُ دور جتي پاڻ سان گڏ ھزارين روشنايون، رعنايون کڻي آيو آھي، ھن جھان جا منڌل سُٽ سلجھائي اسان جي آڏو ظاھر ٿيو آھي، اتي ھن دور جي جرڪندڙ راتين ۽ روشن ڏينھن ۾ اٻوجھه انسانن سان ۽ قومي جبر جي ٽياس تي ٽنگيل ماڻھن سان پاڻ کي ” ڏاھا ۽ مھا ڏاھا “ سڏائيندڙ ڪيڏا نه ڪِيس ڪن ٿا جو ھو علاءُ الدين خلجيءَ جي ٽولي ۾ بيھي به پاڻ کي دودي جا وارث ٿا سڏائين. ان صورتحال کي سنڌ جو ھاڃو چئجي يا انھن مھا ڏاھن جي غداري- سڄو سنڌي لوڪ پنھنجي حيثيت متعلق مڪمل آگھي حاصل ڪري چڪو آھي، پر ان لوڪ جي ھڪ رواداري به آھي ته ھو ھر ڪنھن جي ڳالھه ڏاڍي سڀاءُ ڀرئي سليقي سان ٻڌندو آھي ۽ اسان جا ” ڏاھا “ ان سليقي واري ورتاءَ کي ھاءِ جيڪ (HIJACK) ڪري چون ٿا ته سنڌ جو ماڻھو پنھنجو ھزارين ورھين وارو مڪمل ۽ الڳ آزاد تشخص بحال ڪرائڻ نه ٿو چاھي پر ھو ته صرف بورزوا جمھوريت چاھي ٿو؟- ( جنھن ۾ ڪنھن به باغيرت ۽ باضمير ماڻھو جي عزت، عظمت، عصمت سلامت نه رھي آھي- تجربو ) ان ڪري ته ڀٽائيءَ چيو ھو ته:
وڍيس ويڄن ............!
ٻين انيڪ سارن مسئلن سان گڏ اسان جي ھن ديس جو ھڪ وڏو مسئلو اھو به رھيو آھي ته ھتان جي مسئلن کي گھڻو ڪري يا ته حقيقتن کان ڪٽي جدا ڪري، ڪن مخصوص زاوين کان ڏٺو ويو آھي يا وري رومانوي ۽ تصوراتي انداز ۾- ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ۾سنڌ، تاريخ ۽ پوري جڳ جي حوالي سان ڪجھ واقعن ۽ مسئلن کي تخليقي ۽ ” حقيقت پسند “ انداز ۾ کنيو ويو آھي- انھن مسئلن کي ضروري ناھي ته سڀيئي ماڻھو ايئن ڏسن، جيئن ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ جو ليکڪ ڏسي ٿو. پوءِ به ھي ڪتاب سنڌ جي مسئلن تي سوچڻ لاءِ نيون راھون ضرور کوليندو. ( ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل لاءِ اھو ضروري ناھي ته ھر ننڍي وڏي ڳالھ تي ڪو وڏو ليڪچر يا ٿيسز لکي وڃي ). ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ ۾ ڪافي اھڙيون شيون به آھن جيڪي سنڌي ماڻھن کي سياسي دانشور سڏائيندڙن سان سندن رشتن ۽ لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ مجبور ڪنديون- ھن ڪتاب جو ليکڪ شروع کان عدم تشدد جو حامي رھندو اچي پر ھن ميڙاڪي ۾ آيل سندس کوڙ تخليقون پڙھندڙن کي گھٽ ۾ گھٽ ” جوابي تشدد “ جو مظھر محسوس ٿينديون. اھا صورتحال سنڌ جي سموري تاريخي مزاج جي محاصل آھي. ھن ليکڪ جي لکڻين ۾، ٿَر جي ويراني آھي، سنڌ جا ڏک آھن، سندس لکڻين ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڊگھي سفر ۾ شھيد ٿي ويل سورمن جي محبوبائن جون ڳايل وڇوڙي جون وايون آھن. ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ جي لکڻين ۾ سنڌ واسين جون اکيون کرڙيءَ جي شھيدن جو ڪيڏارو ڳائيندي محسوس ٿين ٿيون. انھن اکين ۾ آزاديءَ جون مسرتون ۽ امنگون رقص ڪندي محسوس ٿين ٿيون. لفظن جي تاثر مان جيڪي رنگ ٺھن ٿا، انھن رنگن پٺيان بي رنگ زندگيءَ جا عڪس به آھن ته ڪارونجھر جي ڪور تي ٽَھوڪا ڪندڙ مور جا سنھري پر به آھن. ظاھر ظھور ته شايد ائين ٿئي جو لفظن جي خوبصورت جڙاءُ ۾ اسان جون نظرون، رڳو تصور جي سونھن ۾ اٽڪي پون پر- ڏِسڻو اسان کي ڪاڇي ۽ ڪارونجھر جي گود ۾، ڀالوا جي ڀِٽ تي، کاروڇاڻ جي پٺ تي بي رنگ زندگي گذاريندڙ مارو ماڻھن جي جھوپڙن ۽ چؤنرن ۾ آھي. ھي لفظ، ھي چانڊوڪيون ۽ ھي چيٽ سموري سنڌ جون، سموري غلام دنيا جون، ۽ سموري چوٿين دنيا جون، ڪيھون/ رڙيون آھن. بيمار ماڻھو آھن، تعليم کان محروم ٻار، روزگار کان وانجھيل نوجوان، ۽ بُک جھولين ۾ کڻي ھلندڙ عورتون آھن- چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ۾ درد سمايل آھي راھه جي رھزنن ھٿان مارجي ويل مالڪ شھيد، ذڪريا ميمڻ، مٺو بليدي، امان الله وسطڙي، رضا بنگلاڻي، ڪمال راھمون، ھيمون ڪالاڻي ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مڙني سنڌ جي شھيدن جو.
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ پوري انسانذات جي تاريخ جي اُرھه مان گوھا ڪري وھي نڪتل تخليق جو وھڪرو آھي ۽ ھر تخليق تي تنقيد ضرور ٿيندي آھي ۽ تنقيد عام طور تي ان تخليق جي مڃتا برابر ھوندي آھي. اسان سنڌ جي ڏاھن مان پُراميد آھيون ته اھي سنڌ جي مسئلن ڏانھن تخليقي رويو اختيار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو ته ” سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل اُن معصوم ٻار وانگر آھي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آھي ۽ کيس اھا خبر ئي ناھي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ ھو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو. “
ناز سھتو
27 اپريل 1987ع
حيدرآباد سنڌ