سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس ڏانھن ھند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ مھربانن جي لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”آريجن کان الھاسنگر“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ تاجل بيوس آھي.
ھن ڪتاب ۾ اديبن، شاعرن، ڏاھن، ڏات ڌڻين، ليکڪائن ۽ پيار ڪندڙن جا تاجل بيوس ڏي لکيل خط شامل آھن. ھنن خط لکندڙن مان وِيھہ 20 اديب ڀارت جا آھن ۽ ٻيانوي 92 سنڌواسي آھن. اھي خط 1980ع کان وٺي 1997ع جي تخليقي سفر کي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺا آھن.
ھي ڪتاب 1997ع ۾ تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي