سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين قادر مگسيءَ جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”ٿڪيائي ٿرٿيل“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو مرتب سارنگ شاھہ آھي.
ھي ڪتاب سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين قادر مگسيءَ پاران پارٽيءَ جي سالياني ڪانگريس جي اجلاس ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ وطن جي سياسي، سماجي، طبقاتي، انساني، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال بابت پيش ڪيل تجزين ۽ تقريرن تي مشتمل آھي. ھنن تقريرن ۾ ترقي پسند پارٽيءَ جي ڪيل جدوجھد ۽ ڪارڪردگيءَ جو پڻ جائزو ورتو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ شھيد دلدار شاھہ اڪيڊمي، ٽنڊو محمد خان پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي