شخصيتون ۽ خاڪا

حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان

سٺ جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادب جي کير ڌار ظاھر ٿي ھئي، جن مان حميد سنڌي پڻ ھڪ ھيو. ھو ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار، وطن پرست ايڊيٽر، پرجوش مقرر ۽ بھترين منتظم ھيو. ھن اينٿالاجي مالھا جھڙي ڪتاب ۾  سندس ٽي خاص انٽرويوز، 4 چونڊ ڪھاڻيون، ھڪ ناٽڪ، 8 مقالا ۽ مضمون،، 2 چونڊ مھاڳ، حميد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ فن تي لکيل تاثر ۽ مضمون ، حميد سنڌي جا لکيل تعزيتي تاثر ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير مرزا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي چونڊ ڪھاڻين، مضمونن، مقالن، انٽرويوز، مھاڳن ۽ سندس شخصيت تي ھمعصر ليکڪن جي لکيل تاثرن تي مشتمل ڪتاب ”حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نصير مرزا آھي.
سٺ جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادب جي کير ڌار ظاھر ٿي ھئي، جن مان حميد سنڌي پڻ ھڪ ھيو. ھو ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار، وطن پرست ايڊيٽر، پرجوش مقرر ۽ بھترين منتظم ھيو. ھن اينٿالاجي مالھا جھڙي ڪتاب ۾  سندس ٽي خاص انٽرويوز، 4 چونڊ ڪھاڻيون، ھڪ ناٽڪ، 8 مقالا ۽ مضمون،، 2 چونڊ مھاڳ، حميد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ فن تي لکيل تاثر ۽ مضمون ، حميد سنڌي جا لکيل تعزيتي تاثر ۽ ٻيو مواد شامل آھي.
ھيءُ ڪتاب سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي