ڪھاڻيون

ڪارو ڪارونڀار

عبدالحق عالماڻي 1965ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان بڻائڻ جون تحريڪون عروج تي پھچي چڪيون هيون. عالماڻيءَ پنھنجي قومي امنگن جي اظھار جو وسيلو مختصر ڪھاڻين کي بڻايو ۽ ڪن ڪھاڻين ۾ قومي بيداري آڻڻ لاءِ هن آئيڊيل ڪردار تخليق ڪيا. ھو ھڪ قومپرست ليکڪ ھو، سندس خيالن جو ڪعبو سنڌ ھئي. سندس فن ۾ نج ڳوٺاڻو ماحول ۽ رومانوي عنصر نظر اچي ٿو. سندس اوچتي موت سنڌي افسانوي ادب کي گهڻو نقصان رسايو. 

Title Cover of book ڪارو ڪارونڀار

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار عبدالحق عالماڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪارو ڪارونڀار“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
عبدالحق عالماڻي 1965ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان بڻائڻ جون تحريڪون عروج تي پھچي چڪيون هيون. عالماڻيءَ پنھنجي قومي امنگن جي اظھار جو وسيلو مختصر ڪھاڻين کي بڻايو ۽ ڪن ڪھاڻين ۾ قومي بيداري آڻڻ لاءِ هن آئيڊيل ڪردار تخليق ڪيا. ھو ھڪ قومپرست ليکڪ ھو، سندس خيالن جو ڪعبو سنڌ ھئي. سندس فن ۾ نج ڳوٺاڻو ماحول ۽ رومانوي عنصر نظر اچي ٿو. سندس اوچتي موت سنڌي افسانوي ادب کي گهڻو نقصان رسايو. 
ھي ڪتاب 1976ع ۾ سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن  جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان  اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي