شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران استاد اِمن آزاد مانجهيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”غزل جھڙي جواني“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سھيڙيندڙ استاد حبدار علي چانگ ۽ سنواريندڙ غلام عباس چانگ آھي.
اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.
هي ڪتاب اڃا تائين ڪنھن بہ اداري پاران ناھي ڇپايو ويو اسان. ٿورائتا آهيون استاد حبدار علي چانگ جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ

نــالـو....................................... غزل جھڙي جَواني !
شاعر............................................ اِمن آزاد مانجهي.
مرتب................................اُستاد حُبدار علي چانگ.
ڇـاپـو.................................... پھرون.
تعداد......................................... 500
ســال.......................................... 2024ع
سھڪار ڪندڙ..................................... مُلازم حُسين چانگ،
حُسين بخش چانگ،
غلام الدين چانگ
ڇپائيندڙ............................................................................. اُستاد حُبدار علي چانگ 03013410189
ڪمپوزنگ ۽ ڊزائيننگ................................................. غلام عباس چانگ 03013787392
پُروف ريڊنگ....................................................................... حُبدار علي چانگ، محمّد سليم
قـيـمـت...................................................................................... 500
قلمي نُسخي کي سھيڙيندڙ.............................................اُستاد حُبدار علي چانگ

ڳوٺ صاحب خان چانگ لڳ ڀنگو بهڻ
تعلقه فيض گنج ضلع خيرپور ميرس (سنڌ)


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر

ارپنا

اُستاد امن مانجهي جي اُنھن تحريرن جي نانءُ :
جيڪي رُوحاني علم سان محبوب جو جلوو پَسائن ٿيون.
جيڪي مارُو ماڻهن ۽ ڌرتي ڌڻين جي درد کي اُجاگر ڪن ٿيون.
جيڪي وقت جي يزيد ، ظالم وڏيرن کان دُور رهڻ جو ڏَس ڏين ٿيون.
جيڪي پيار ڳولڻ لاءِ در در تي رُليون آهن.
جيڪي ڪنھن گُم ٿيل وجود کي ظاهر ڪرڻ جي قوت رکن ٿيون.
جيڪي فطرت سان پيار ڪندڙن ۽ درد سھندڙن لاءِ لکيون ويون آهن.
جيڪي پنھنجي ساھہ ۾ صدين کان ڌرتي جي حُب الوطني جي سِڪ سان ڀريل آهن.
جيڪي سدائين غزل جيان جَوان آهن.

(اُستاد حُبدار علي چانگ)

استاد امن آزاد مانجهي جن جي زندگي جو مختصر احوال

ولادت باسعادت:
اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ 04 آڪٽوبر 1969ع تي جنم ورتو، سندن پيءُ جو اسم مُبارڪ تاج محمّد هيو.

استاد امن مانجهي جو بچپن ۽ جَواني:
اُستاد امن مانجهي جي پيدا ٿيڻ کي اڃان پنج مھينا مس گُذريا تہ سندس والدہ ماجدہ نانگ جي ڪکجڻ سبب فوت ٿي وئي ۽ پاڻ والدہ جي شفقت کان ننڍپڻ ۾ ئي محروم ٿي ويا. معصوم کير پياڪ ٻار کان جڏهن ماءُ جي عظيم گود ۽ مِٺڙين ٻولين جو پيار ۽ ماءُ جي اوجاڳن واري اجهراڻي کسجي وڃي تہ ان ٻار وٽ ڪجھ بہ ناهي بچندو، سائين امن مانجهي وٽان بہ سڀ سھارا ان ڏينھن کسجي وِيا هُئا جنھن ڏينھن سندس ماءُ جي زندگي جا ڏينھن اچي پورا ٿيا هُئا، جنھن جو ذڪر هُو خود پنھنجي شاعري ۾ بہ ڪري ٿو؛
غريب ويچارا اڪانۡ تي پالا، ڇورڙا ٻال آهم،
نھين ميڪون ڪنھن دا سھارا، قُرب دي لئي سِڪدا.
جڏهن ماءُ جي ٿڃ کان محروم ٿيا تہ ڳوٺ يا اوڙي پاڙي جي عورتن کان ٿڃ وٺڻ لڳا، ٻالڪپڻ ۾ ئي هو پنھنجي ماءُ جي جهولي کي ڳوليندا رهيا، پر اها ان کي ڪٿان بہ آسيس نہ ملي سگهي. استاد امن آزاد مانجهي اُن ماءُ کي اڪيلا ئي پُٽ هئا، اُن جي فوت ٿين بعد ان جي پيءُ ٻي شادي ڪئي جنھن مان کيس هڪ پوٽ غلام الدين (غلام) ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون. استاد امن آزاد مانجهي جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هُئا تہ سندن ٻانھن ڀڄي پئي، اُن آزار بہ هن کي ڪافي وقت تائين جهنجهوڙِيو.
اُستاد پنھنجي بچپن يا جواني ۾ پنھنجي ماءُ جي اُن گم ٿيل پيار کي ڳوليندا رهيا، تانۡ جو اُن گهمڻ ڦرڻ ۽ آلاپ ڪرڻ جو گس ورتو، ڀِٽن جا دڙا هُجن يا گرميون هُجن، يا سخت سرديون هُجن، راتيون هُجن يا ڏينھن هُجن، هن جي انھي گم ٿيل پيار کيس کي ڏاڍو بيتاب ڪيو. هُن دُنيا مان ان گم ٿيل پيار ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، اُن کي ان سفر ۾ مُسافر تہ گهڻائي مِليا پر ان باوجود بہ انھن ولرن وڳرن هوندي هُو پنھنجي اڪيلائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو؛
آهيان مان مُسافر، سفر ۾ اڪيلو،
وڳر ۾ اڪيلو، ولر ۾ اڪيلو.
ويڳاڻو هن شھر ۾ بيگانو بڻيس مان،
آهيان ڄڻ تہ هيڏي شھر ۾ اڪيلو.
هِڪ نظر سان ڏِسجي تہ جِتي اُستاد امن مانجهي گهڙي پل ويھندا هُئا تہ اُتي ڪچھرين جا منڊل مچي ويندا هُئا، هن جا جيڏا ساٿي بہ گهڻا هُوندا هُئا، پر اُن باوجود بہ هُو خود کي اڪيلو محسوس ڪندا رهيا. اُن کي جنھن پيار جي تلاش هُئي، جنھن ماءُ جي ممتا رُوح لاءِ تڙپ هُئي، اُهو اُن کي نہ ملي سگهيو. هُو ان تلاش ۾ پنھنجو بچپن ۽ پنھنجي جَواني قُربان ڪري چُڪا هُئا شاھہ سائينءَ جي هِن بيت جِيان تہ؛

سنجرِيس تانۡ سور، ساماڻيس تان سُک ويا،
اِهي ٻئي پُور، مون نِماڻيءَ نصيب ٿيا،

تعليم:
غريبيءَ ۽ ڏُکئي حال ۾ پڙهڻ بہ هڪ وڏي جھاد مِثل هوندو آهي، اُستاد امن مانجهي جي وڏڙن جا تمام غريبي حال هُئا، جنھن ڪري هُو ظاهري اعليٰ تعليم تہ نہ پِرائي سگهيا، پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ پنھنجي نانا اُستاد لعل محمّد چانگ وٽان حاصل ڪيائون. مئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول ڀنگوبهڻ مان 1984ع ۾ حاصل ڪيائون. انٽر سکر ڪاليج مان پِرايائون، کيس کي سُھڻن اکرن جي قُدرتي ڏات مليل هُئي جا کين کي باقاعدي طور مڃتا مِليل هُئي جيڪا هن جي سڃاڻپ هئي. پاڻ پنھنجي اُنھيءَ هُنر جو ذڪر شاعري ۾ ڪيو اٿائون تہ؛

اٿم منھنجو هُنر، اکر صاف سُھڻا،
خِطاطي هٿن تي تہ سِکندا وڃو ها!

جڏهن پاڻ سکر ڪاليج ۾ پڙهندا هُئا تہ ان وقت ڪاپيون وٺي ڪري اِنڊن جي صورت ۾ لکي کپائيندا هُئا ۽ پنھنجي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪندا هُئا. زياده غربت سبب هُو وڌيڪ ظاهري تعليم حاصل نہ ڪري سگهيا.

تخلص جو اصل راز:
سندن جو اصل نالو امام الدين هُئو، پر ڳوٺ ۾ هِتي هُتي اِمن جي نالي سان مشھور هُئا، سندن جو شاعري ۾ تخلص اِمن آزاد مانجهي استعمال ٿيل آهي، ڪِٿي ڪِٿي هُن تخلص سادہ دل بہ استعمال ڪيو آهي. ادب جي دُنيا ۾ مانجهي اِمن جي نالي سان گهڻو سُڃاتا ويندا هُئا، سندن جو پاڙو مانجهي (منجهاڻي) هُيو، اُن ڪري هِن وٽ پنھنجي پاڙي جو لِحاظ هُيو، ان ڪري اُنھن اِهو تخلص استعمال ڪيو.

اُستاد امن مانجهي جي شاعري جي شُروعات:
مان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چُڪو آهيان تہ هُو ٻالڪپڻ کان وٺي ماءُ جي شفقت کان محروم رهيا، هُو جڏهن اُن پيار جي ڳولا ۾ محُو ٿيا تہ سندس سان ڳوٺ جو همعصر اُستاد سُلطٰن علي چانگ (گدا)
ساڻس اُن سفر ۾ رَليا، قُدرتي طرح اُهي بہ اُستاد امن مانجهي وانگر ماءُ جي پيار کان محروم هُئا، ٻئي درديلا جڏهن هڪ ٻئي سان ويھي درد جو احوال اوريندا هُئا تہ اُهو درد آلاپ جي صورت ۾ سِٽن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو، جيڪو آهستي آهستي هڪ شاعري جي ڏات جي شُروعات بڻجي وِيو
شروع ۾ ڪنھن بہ قِسم جي ڪابہ سِکيا نہ هُئي پر اُنھن ٻنھين کي فِطرت جي طرفان سِکيا ملي هُئي سا تہ ڪمال جي صُورت اختيار ڪري وئي ۽ پاڻ ٻئي درد جي آواز کي اڳتي اورڻ لڳا.
سندن جي شاعري جي شُروعات 1982ع کان ملي ٿي، جڏهن هُو اٺين ڪِلاس جا شاگرد هُئا،
انھيءَ مان اندازو ٿئي ٿو تہ اهو درد ئي هُيو جنھن هن کي ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ تي مجبور ڪيو.
پاڻ شروع ۾ بحر وزن جو علم 25 جنوري 1996ع بروز خميس تي اُستاد مرحوم محمد وارث چانگ کان حاصل ڪيائون، پوءِ پنھنجي نانا اُستاد لعل محمّد کان بہ سِکيا ورتائون، اُستاد لعل محمّد چانگ پاڻ بہ وڏي پائي جا شاعر هُئا.

سندس همعصر ۽ شاگرد
پاڻ خوش مِزاج، کِلڻا مِلڻا ۽ يار ويس شخصيت هُئا، ڪڏهن ڪنھن سان ٻاڙو ڪونہ ٻوليائون سواءِ انھن وڏيرن جي جن غريبن جو مال لُٽيو، کاڌو ۽ ڦُريو هجي. ان ڪري سندن جي زندگي ۾ سندس همعصر بہ تمام گهڻا ئي هُئا پر پوءِ بہ انھن همعصرن جا نالا ڏجن ٿا جن جو ذڪر هُو پنھنجي شاعري توڙي نثري تحريرن ۾ ڪندو رهيو آهي.

اُستاد سُلطان علي چانگ گدا (شاعر)،
اُستاد سيال حيات (شاعر)
ظفر علي شر (شاعر)
فياض علي شر فدا (شاعر)
امر شر (شاعر)
اُستاد شاهنواز سولنگي (فنڪار)

مٽن مائٽن، ڳوٺ وارن سڀني هڪ جيڏن سان سندن جو جيءُ هميشہ ائين جڪڙيل هوندو هيو جيئن پوپٽ جو گُلڙن سان!

سندن جا هونئن تہ تمام گهڻا شاگرد آهن، جيڪي سائينءَ جن کان تعليم جھڙي زيور سان مالامال پئي ٿيا يا سھڻن اکرن جھڙي ڏات سان نوازيا ويا پر هِتي صرف شاعري جي حوالي سان شاگردن جا نالا ڏجن ٿا.
سندن جو ڀاءُ غُلام الدين چانگ (غُلام)
نادر علي چانگ (نادر)
اعجاز علي چانگ (عاجز)
حُبدار علي چانگ (حُبن).

سندس معاشري ۾ اُستادي ڪِردار
پاڻ کي ڪا سرڪاري نوڪري وڏين ڪوششن باوجود بہ نہ ملي سگهي، پاڻ تعلقي فيض گنج ۾ سڀ کان پھريائين پرائويٽ وسيم ڪوچنگ سينٽر 1995ع ۾ شروع ڪيائون، پاڻ پرنسيپال جي حيثيت سان ڪم سر انجام ڏنائون، اُن کان بعد 1998ع ۾ فيض گنج جي اندر جڏهن پرائيويٽ ادارو فيض گنج پبلڪ اسڪول پڪا چانگ جو پٿر رکيو ويو تہ پاڻ اُتي اُستاد جي حيثيت سان پڙهائڻ شروع ڪيائون، زندگي جي آخري گهڙين تائين پاڻ ان اداري سان وفا نڀايائون. پاڻ هڪ اعليٰ قسم جا اُستاد هُئا، اڄ تائين علائقي جا سڀئي شاگرد تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوھہ سان ياد ڪندا آهن. پاڻ اڪثر طور تي سِنڌي ۽ اردو پڙهائيندا هُئا، سندن جي هٿ اکري ايتري تہ پياري هوندي هُئي جو اڄ تائين علائقي جي اندر مثال ڏِنا ويندا آهن. پاڻ هڪ ڊرائنگ جا بھترين اُستاد هُئا، قُدرت جي هر سنسار کي ليڪا ڪڍندي جوڙي وٺندا هُئا. مُعاشري ۾ تمام عزت جي نِگاھ سان سُڃاتا ويندا هُئا.

سندن جو تڪيہ ڪلام
پاڻ دُنيا کان ڏاڍو آزاريل هُئا، هن کي دُنيا مان هميشہ ڪٺي ڪرڻ لاءِ صرف شايد درد ئي مليا هُئا، هونئن بہ صوفين ۽ اوشاقن لاءِ هي دُنيا جيل خانو مثل هوندي آهي. شايد اُن ڪري سندن اڪثر تڪيہ ڪلام هوندو هيو تہ؛
”هيءَ دُنيا دردن جي ماءُ آهي.“

اُستاد امن مانجهي جي پسند جا شاعر
اُستاد امن مانجهي هميشہ هر وقت مُطالعي ۾ مصروف رهندا هُئا، پاڻ شاھہ جو رِسالو ڏاڍو پڙهندا هُئا، ان کان پوءِ سچل سرمست جا وڏا شائق هُئا، اُستاد بخاري، شيخ اياز، حمل فقير لغاري، سائين اعجاز شاھ، ناظم منگي، فقير خوش خير محمّد کي تمام گهڻو پڙهندا هُئا. انھن جي شاعري جو اُستاد امن مانجهي جي شاعري تي تمام گھڻو اثر آهي.

اُستاد امن جي پسند جا فنڪار ۽ گَوِّيا
پاڻ جو ڪُجهہ لِکندا هُئا، اُن کي آلاپ جي صورت ۾ آڻي طرزون ٺاهيندا هُئا، پاڻ ڪافي وقت اُستاد رضا حُسين وِسطڙو کان ڳائڻ جي سِکيا بہ ورتائون ۽ پاڻ طنبوري جي تار سان سُر ڇيڙي ڪمال ڪري وجهندا هُئا، تانَ هڻڻ ۽ سرگم ٻُڌڻ سان ڏاڍو پيار هُوندو هُين، پاڻ هِڪ بھترين آواز جا مالڪ هُئا پر وقت جي لھرن اُن اڏام ڪندڙ لغڙ جي تند کي ٽوڙي وِڌو ۽ لغڙ حالاتن جي ڦيري ۾ گهمندي گهمندي، بولاٽيون هڻندي، نيٺ زندگي جي ڄار سندس اُميدن کي پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيو. هِتي اُستاد امن مانجهي جي پسند فنڪارن جا نالا پڙهي محسوس ٿيندو تہ هن وٽ حد کان وڌيڪ ڄاڻ هُئي پر غريبي کيس کي اڳتي اُڀرڻ نہ ڏِنو، پاڻ چئي ٿو؛
قِسمت ۾ غربت الائي ڇو اچي وئي؟
هُئاسون برادر ۾ اُٿڻ ۽ ويھڻ جھڙا ماڻھو.

سندس جي لکت مطابق هيٺيان سنڌ ۽ هند جا اُستاد خان صاحب ڳائڻا تمام گهڻو پسند هُئا.
اُستاد خير محمد خان، اُستاد بڙي غلام علي خان، اُستاد بيبو خان، استاد عاشق علي خان، استاد مِٺو ڪلھوڙو،اُستاد الهڏتو نوناري، اُستاد اميد علي خان، استاد منظور علي خان، وڏو اُستاد برڪت علي خان (تان جو بادشاھ)، تان ڪپتان اُستاد فتح علي خان، استاد عطا محمد خان، استاد امير حسين خان، لتا، محمد رفيع، لليتا ديول، يشونت ڀٽ، اي _ آر اوجها، موهن تارا تالپڙي، سھيش، سريش، پارو ديوي، محمد جُمن، محمد يوسف، مڪيش، طلعت محمود، سلامت علي خان، شرافت علي خان، مھدي حسن (غزل گائيڪ بادشاھ)، مراد فقير، ٻُڍو فقير، مائي ڀاڳي، محمد ابراهيم، حبيب ولي محمد، غلام فريد قوال، نُصرت فتح علي خان، شاهو موتڪ، بينا ٻائي مڪرجي، حميدہ بانو، پشپاهنس ٻائي، جيوڻي ٻائي، مُولي ٻائي، ڪرن ديون، ڪندن لال سهگل، اميران ٻائي، زهران ٻائي، بي اين بالي، للت، سرندر ڪونپل، ڪنور ڀڳت، موٽڻ ڀڳت، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ، نور جهان.

شاعريءَ جون صنفون
پاڻ حمد، نعت، غزل،ڪافي، وائي، سہ حرفي، رُباعي، ٻہ سِٽا، ٽہ سِٽا، بيت، نڙ بيت، اوراڻو ۽ بغير نقطي شاعري تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سنڌي سرائيڪي ۽ اردو ۾ سندس شاعري ملي ٿي. سندس شاعري ۾ فارسي ٻولي جو بہ ڪافي ذڪر آهي.

اُستاد امن جي شاعري
اُستاد امن آزاد مانجهي جي شاعري سونھن جي تلاش جو وجود آهي، اُن سونھن جي تلاش جو وجود هن ماءُ جي گود ۾ ڳولڻ جي بھاني شروع ڪيو، جيڪا هُن کي اها گود ملي نہ سگهي.
پوءِ هُن ان سونھن جي وجود کي در در ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، هو پنھنجي زندگيءَ ۾ چئوياري، سنگت ساٿ ۽ مھمانوازي جو تمام گهڻو خيال رکندا هُئا پر پوءِ بہ هو اڪيلا رهيا ۽ اُن باطني اڪيلائي ۾ سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي. تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو لکيائون:

دغائن ۽ دوکن اهڙو تہ دل کي ڌوڏيو،
جو حشر ۾ بہ اهڙو قھر ڪونہ ٿيندو.

1985، 1986 ۽ 1987 ع ٽي سال زندگي جو طويل عرصو بيمار رهيا پر بيمار بہ بيھوش مثل رهيا، کيس کي عشق وڏي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو هُئو ۽ اُن وقت قلم ئي پنھنجي پاڻ کان پري نہ ڪندا هُئا، رات ڏينھن هڪ ڪري پنھنجي اُن عشق جي اظھار کي ظاهر ڪندا رهيا. اُن وقت بيماري جي حالت ۾ حڪيم فقير علي نواز هيسباڻي ( لڳ درگاھ فقير خوش خير محمد هيسباڻي ) وٽ رهيا، فقير علي نواز هيسباڻي تمام سياڻا حڪيم هُئا، اُن چيو تہ هي ڪُجهہ وقت لاءِ اسان فقيرن وٽ رهي، هِن کي عشق جي انتھا چوٽ لڳل آهي. اگر هيءَ هتي نہ رهندو تہ پاڻ کي سنڀاري نہ سگهندو. فقير شايد اُنھي حساب سان چيو تہ تقريبن هر ٻئي ڏينھن تي راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي هُئي، جِتي اُستاد امن مانجهي بہ ويھي پنھنجي دل کي پلڻ جي ڪندا هُئا، پر دل پلجڻ جي ڪِٿي هوندي آهي، تڏهن تہ پاڻ بي وس ٿي چيائون تہ:

هي دل گر وس ۾ هُجي، ڇا حشر هن سان ڪيان؟
بي وس بڻجي چُپ ٿو ڪيان، ڳالھيون مڙئي ڪُل ڳڻي.

هيسباڻين فقيرن وٽ هن پنھنجي ڪَشتي جا رُخ تصوف جي سمنڊ جي ڇولين ڏانھن ڪيو، جِتي وڃي هن پنھنجي اندر ۾ ئي اِسرار جا علم پڙهيا،تڏهن تہ چيائون:

سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾، جن ڪَشتي ڪُن ڏي ڪاهي،
جيئن ڇوليون ڇڪين ڇوھہ مان، تيئن راھ اُنھيءَ راهي،
تن کي سوز سدائين سفرو، هُو ساهان ڪن نہ ساهي،
امن چوي الاهي، پَسيائون علم اِسرار جا.

اڪثر طور تي پاڻ شاھہ جو رسالو تمام گهڻو پڙهندا هُئا پر حصو شاھہ صاحب جي رسالي جو تمام گهڻو حصو ياد هُوندو هُين.
پاڻ هڪ فطرت گو شاعر هُئا، تڏهن تہ هُو پنھنجي علائقي جي ڀِٽ تي ٿيندڙ ساوڙن ٻُوٽن کي بہ وِساري نہ ٿا سگهن، تڏهن تہ چيائون:

کِپن ۽ ٻُوھن جو وهوا ٻُور سھڻو،
سون ۽ چاندي جيان، چِمڪ ڏس چوڌاري.

اندر ۾ اها سِڪ ۽ اها اُڻ تُڻ سندس کي حُب الوطني جي انتھا تي پھچايو ڇڏي ٿي، هُن کي سِنڌ ۾ مارئي هڪ نظر نہ ٿي اچي پر هر عورت ۾ ان کي مارئي جي ڪِردار جي جهلڪ نظر اچي ٿي:

مارو مارو جنھن ملھايا، مُلڪ ۾ مارئي هڪ ناهي،
تون قيد کي کولي ڪَڙَ ڀلي، سئو قيد تنھنجا ڪُل ڪٽڻا هن.


ان حب الوطني، مارن ۽ غريبن جي تڙپ کي محسوس ڪندي هُو وڏيرن کان نفرت ڪن ٿا ۽ پنھنجن مارن جون جهوپيون مُستقبل ۾ خوش ڏسڻ چاهي ٿو:

هي منھنجيون جهوپيون ۽ هي مارو منھنجا ٿر جا سانگي سانوڻ ۾،
شل خوش هجن آباد هجن، تون تن کي بتاوا ڇو ٿو ڏيئين؟

شادي نہ هُئڻ جي حقيقت
پاڻ پنھنجي علائقي يا ڳوٺ ۾ تقريبن گھڻن جا ٿڃ پياڪ ڀاءُ ٿي ٿيا، ان ڪري سندن جو رِشتو مِٽن مائٽن سان نہ پئي ٿي سگهيو، هلندي هلندي ڪافي وقت کان بعد سندن کي آڪٽوبر 2000ع ۾ منڱايو ويو، پاڻ اپريل 2008ع ۾ شادي ڪرڻ ٿي چاهيائون پر شادي ڪرڻ کان اڳ ئي هُو پنھنجي حقيقي ڏيھ ڏانھن روانا ٿي ويا.

سندن وفات
پاڻ آخري وقت ۾ صحتياب هُئا پر وفات کان هڪ ڏينھن اڳ سندس کي گيسٽرو جي بيماري اچي وڪوڙيو، اُن بيماري پنھنجي ڪَرَ ڪھڙي طريقي سان کنئي، اُن بيماري ڪھڙي سبب شُروعات ڪئي، پر هِڪ ڏينھن جي اندر سھڻي ڌرتي تي هلندڙ گهمندڙ سھڻي نوجوان کان 11 مارچ 2008ع بروز اڱاري جي شام جو حياتي کسي ورتي.
(انا لله و انا اليه راجعون).

سندن تدفين 12 مارچ 2008ع تي پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي ٿي.



(اُستاد حُبدار علي)

مُھاڳ

اِمن آزاد مانجهيءَ جي شاعري جو ڪتاب ”غزل جھڙي جواني“ محترم حُبدار علي چانگ طرفان لکڻ لاءِ مليو. اڄ سڀاڻي ڪندي ڪافي وقت گذري ويو. مھاڳ لکڻ جي معاملي ۾ مان اِلاهي ڪيٻائيندو آهيان جنھن جا ڪي ئي ڪارڻ آهن.
”اِمن آزاد مانجهي“ جي شاعراڻي ڪتاب تي مھاڳ لکڻ کان آئون ڪنڌ ڪينَ ڪڍائي سگهيس؛ پر ايئن چوندي وڌاءُ ڪون ٿيندو تہ سندس ڪتاب جو مھاڳ لکڻ تي منھنجي دل پڻ ايئن ئي چاهيو پئي تہ جيڪر اِمن آزاد مانجهيءَ جي ڪتاب جو مھاڳ لکڻ گهرجي ڇاڪان تہ سندس شخصيت قابلِ تعريف ۽ قابلِ احترام آهي. پاڻ پنھنجي ذات ۾ تمام انوکي مزاج جا ماڻھو رهيا. اڄ جيتوڻيڪ اِمن آزاد مانجهي اسان جي وچ ۾ جسماني طور موجود ناهي پر سندس خُلوص، نماڻپ، مثبت ڪردار، سچائي، ايمانداري ۽ اتم ماڻھپي جھڙا گُڻ ۽ سندس خوبصورت شاعري هر باشعور شخص جي روح ۾ رچيل رهي آ ۽ رهندي.” آس نہ پر احساس اتم آ ڇا ڪتري ڇا ويش“ اِمن ازاد مانجهي سندر احساس ڀريو مھڪندڙ گلشن ٿي رهيو. پاڻ سٻاجهو ۽ سلڇڻو انسان هو. ڪنھن انسان تہ ڇا پر ڪنھن جيت جڻي کي بہ ايذاءُ رسائڻ سندس وهم گمان کان ڪوهين ڏور هيو. سندس قول ۽ فعل ۾ اچرج جي حد تائين هم آهنگي پَسجي ٿي جيڪا باقي شاعرن ۾ تمام گهٽ ملي ٿي.
”غزل جھڙي جواني“ سندي اردو ۽ سرائيڪي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب آهي. سندس شاعراڻو تخيل تمام اعليٰ پائي جو آهي. اصلاح ڀري شاعريءَ سان مالامال سندس هي هڪڙو ئي ڪتاب کيس امرتا بخشي ٿو. مون جيئن جيئن سندس شاعري تي گھري نظر رکي تيئن تيئن حيرت آڪاش کي ڇُھڻ لڳي. لفظن ۽ خيالن جي چونڊ پڻ ڪمال جي آهي، سندس غزل جو هڪ مصرع پڙهو.
فقيري اجائي رُلڻ ۽ پِنڻ جي،
اهڙي پِٽ ذِلت کان حيا پيا ڪنداسون.
سندس مٿيون شعر روايتن کان بغاوت جو اهڃاڻ آهي. پاڻ ڏيک ويک جي فقيراڻي ويس جو انڪاري آهي ۽ اهڙي رُلڻ ۽ پنڻ هيچ ۽ نِيچ ٿو سمجهي. فقيري ڪنھن ويس ڏيک ۽ ويک جي محتاج ڪانھي فقيري هڪ اعليٰ مزاج جو معراج آهي فقيري سلڇڻي ڪردار، سٻاجهي سوچ ۽ ڪِرت، نماڻپ ۽ اتم ماڻھپي جو نانءُ آهي. پاڻ سندس شاعري ۽ زندگي تي جڏهن غور وَ فڪر ڪنداسين تہ معلوم ٿيندو تہ اِمن آزاد مانجهي واقعي هڪ فقير مزاج ماڻھو هئو. اوڙي پاڙي مِٽ مائٽ سنگت ساٿ ۽ پنھنجن توڙي پراون سين پُر خلوص پيار ڀريو رويو ساکي آهي تہ امن آزاد مانجهي ڇا تہ ڪمال ڪردار جو امين رهيو. اِمن آزاد مانجهي جيتوڻيڪ اسان کان ڄمار ۾ وڏو هيو پر جڏهن بہ ساڻس ملاقات ٿي ڪچھري ٿي دل ۾ پيھي ويندو هيو سندس ڏاڏو چاچو خان محمد پڻ اتم وڙائتو انسان هيو. اڪثر اسان جي اوطاق سندس اچڻ ۽ رهڻ ٿيندو هيو. چاچي خانڻ سان ڊگهيون صوفياڻا ڪچھريون رهيون. گفتي جو پڪو، اخلاق ڀريو ۽ ماڻھپي جو اعليٰ ڪردار انسان! سچ پچ تہ اهڙا ڪردار تمام گهٽ ٿا ملن. ڪائينات جي ڄڻ تہ ڪا سونھن هجن ٻئي ڏاڏو پوٽو. اڄ بہ اڪثر کين ياد ڪندي جيءُ جهري پوندو آهي. اڄ بہ اڪثر کين ياد ڪندي دل درد سان سرشار ٿي ويندي آهي.
اچو تہ وري امن آزاد مانجهي جي شاعري ”غزل جھڙي جواني“ ڏانھن مُڙون. سندس غزل جا ڪجهہ مصرع هن ريت آهن؛
ڪچرا رنگ جوڀن جا، سادا جذبا يادون ڍير،
پوپٽ جا پر کولي ڏسجان، خط م هوندئي ٻيا ڪُل خير.
پاڻ هئاسون ڄاڻ سڃاڻپ، ڪھڙي پنھنجي پيارا سائين،
ڌنڌلو تصور خيال هيو ڪو، اُڀ جيئن ڪا اڇڙي مَير.

جوڀن ڀريا جمالياتي جذبا ۽ سندس شاعراڻي انداز ۾ هيئين لفظن جي چِٽسالي پڙهي آساني سان طئي ڪري سگهجي ٿو تہ امن آزاد مانجهي ڪلا جي ڪائنات جو ڪيڏو پارکو ڪَوي آهي. سندس ڪُل شاعري ۾ ڪاٿي بہ عُرياني، بي حيائي ۽ حوس جو ڪو بہ اهڃاڻ ڪونہ ٿو ملي. پاڻ زندگيءَ ۾ پڻ حيا، غيرت ۽ وڏماڻھپي جهڙن اُتم گُڻن جا ساکي رهيا ۽ اهڙي ئي جهلڪ سندس شاعري ۾ پڻ پسجي ٿي. سندس شاعري ڏات ۽ ڏانءُ جو سندر سنگم آهي، رواني ۽ خيال جي اُڏام کي نمايان حيثيت حاصل آهي سندس غزل توڙي بيت ۾؛
لک ڪو غزل تون اهڙو، جنھن جو عمل ٿئي اهڙو،
هر هڪ حَسين ٻُڌي جيئن، هر دل ۾ حُل ٿئي اهڙو.
ماري وري تون هٿ سان، زنده ڪري ڏيکارين،
اهڙي طرح مسيحا! ڪر تون قتل ٿئي اهڙو.
منھنجا خُدا کي سجدا ۽ تنھنجي حُسن جي اچرج،
مشڪل اوهان برابر، نعم البدل ٿئي اهڙو.
ڇا تہ خيال آهي، ڇا تہ اُڏام آهي، ڇا تہ گهرائي آهي. ڪيترائي غزل لکجن ۽ پڙهجن پيا، پر امن آزاد مانجهي ڪنھن عام روايتي غزل جو قائل ڪونھي، پاڻ عام رواجي سوچ جو ساکي ڪونھي، سندس خيال موجب ڪو اهڙو غزل لکجي ڪا اهڙي سِٽ سرجي جا جيءَ اندر جايون ٺاهي. جا دل جي دنيا ۾ داخل ٿي ڪنھن ڪُنڊ پاسي نہ بيھي رهي پر دل جي دنيا ۾ حُل ٿي وڃي. دل جي دنيا جو اٽُوٽ عنصر ٿي پوي پنھنجا اڻ مِٽ اثر ڇڏي. اهڙي غزل، اهڙي سِٽ جو ڳولائو رهيو آهي امن آزاد مانجهي. پاڻ ڀٽائي جي هن سِٽ جو ڄن تہ چِٽو ڪردار هجي.
”لوڪ وڃي لنہ وارو، تون اوچو وڃ اوڀار“
امن آزاد مانجهي واقعي ڪو عام رواجي انسان بنھ ڪونہ هيو ۽ ائين ئي سندس شاعري پڻ ڪا عام رواجي خيالن جو ڍير ڪانھي. سندس شاعري ڏات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ جو سندر گلدستو ٿي ڀائنجي.
چنڊ تارا ڪن ٿا اِشارا، اُٿو اُٿو غفلت ڇڏيو،
درد کي منھن مُڙس ٿي ڏيو، ڇاجي شامت يقين ٿم.
ڇا تہ جذبو آهي، ڇا تہ جنون آهي، ڇا تہ همٿ ۽ حوصلو آهي. امن آزاد مانجهي پنھنجي وجود کي، پنھنجي خيال کي ۽ پنھنجي عمل کي فطرت سان جوڙي رکي ٿو ۽ فطري نظارن مان متاثر ٿيندي همٿ ۽ حوصلو ماڻي ٿو. جت عام رواجي شاعر ادسين ۽ مايوسين کي پنھنجو مقدر سمجهي ماتم ڪندا رهن ٿا ات امن آزاد مانجهي درد کي پڻ درمان بڻائي اڳتي ئي اڳتي وڌڻ جو ڏس ۽ گس ڏيندو رهي ٿو. ” ڪڏهن ماڪوڙي ڪڏهن ڪِيهر شينھن“ جھڙو خيال پڻ انساني زندگي ۾ معنيٰ رکي ٿو پر ڪنھن ليکڪ، شاعر ۽ سماج سڌارڪ جو شعوري فرض آهي تہ مڙني مشڪلاتن ۽ اهنج ڀرين حالتن باوجود سماج کي ڪا نئين اميد ڪو نئون ڏس گس ۽ ڪو اتساهيندڙ نئون نياپو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ دنيا اميدن تي قائم آهي. امن آزاد مانجهي سچ ۽ سونھن جو علمبردار ساکي ۽ سرواڻ رهيو. هونئن بہ سرجڻهار تي سونھن سدائين حاوي رهي ٿي. سونھن کي سائي هيٺان ئي کيس پيار پاٻوھہ ۽ پناھہ ملي ٿي. جان ڪيٽس جي شاعري مطابق ” سونھن سچائي آهي ۽ سچ ئي سونھن آهي“ سونھن ۽ سچائي هڪ ئي سِڪي جا ٻہ پاسا آهن. سونھن سچائي ۾ آهي ۽ سچائي ۾ ئي سموري خدائي سمايل آهي. امن آزاد مانجهي سندس ڪَلا توڙي سندس ذاتي زندگي ۾ پڻ سچ ۽ سونھن جي سُڻڪ جو سونہ ون ۽ ساکي ٿي رهيو. سندس هي غزل پڙهو..

سچ چوڻ مجبوري منھنجي،
ڪوڙَي جڳ کان دوري منھنجي.
ڪات بہ ڪنڌ تي حق جا نعرہ،
موج ڏسو منصوري منھنجي.
مون کي آ هن کي پڻ هوندي،
چِنتا نيٺ ضروري منھنجي.

اهڙي شاعري ڪاٿي آ جا اڄڪلھہ جا روح گرمائي رکي، جيڪا منصوري مام سان جڙيل هجي. پاڻ ڄڻ تہ ڪنھن مقتل ۾ بيٺل هجي.، بلڪہ ڄڻ تہ ڦاهي گهاٽ تي چڙهيل هجي، جلاد ڄڻ قھري ڪات سندس ڪنڌ مٿان اولاريون بيٺو هجي پر پوءِ بہ سندس منصوري مام للڪار مقتل جا ڪُل قھر ڀريا قيد ڪڙول ڪات ۽ جلاد جي منھن ۾ نہ اري مرڪي اڳتي وڌي اجل جي ڌار کي چُمي ڏئي ” اناالحق“ جو نعرو بلند ڪري منصوري مام جو جام پي سرخرو ۽ سوڀارو ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. پاڻ اهڙي شاعري ۽ اهڙن شاعرن جي ضرورت آهي جيڪي روح کي جهنجهوڙي ڪو نئون پيغام اجاگر ڪندي انقلابي واٽون تلاشڻ ۽ تراشن ۾ مددگار ثابت ٿين. امن آزاد مانجهي جا لکيل بيت پڻ سنڌي بيت جي هيئيت ۽ بيهڪ جا امين آهن.
پاڻ پروڙج پاڻ ۾، جي ڳولڻو رب نہ ڳول،
ليئا پائي لوڪ ۾ رليا پاڻ نہ رول،
ڍاٽي اندر ٿيا ڍول، جي اکيون پورين اوپريون.
امن آزاد مانجهي پنھنجي من اندر جي ڪائنات ۾ لُڇن ۽ لوچڻ تي ترجيح ڏئي ٿو. پنھنجو ماڳ ۽ مارڳ ٻاهر نہ پر پنھنجي اندر منھنجان ماڻڻ جو قائل آهي. سندس اهڙو صوفياڻو رنگ سنڌو تهذيب، تمدن ۽ پرچار جو اصلوڪو اهڃاڻ عيان ڪري ٿو. امن آزاد مانجهي جو نظم فني توڙي فڪري لحاظ کان الاهي پختو لڳي ٿو. سندس هڪ نظم منجهان ڪجهہ سِٽون هيئن آهن.
محبت هڪ سخاوت آ، ڌراوت آ شرافت آ،
هر ڪو ڌرم هن سان هلي، سندء سھڻي سعادت آ.
محبت ۾ مرڻ گهرجي محبت ۾ جيئڻ گهرجي،
عمر ساري محبت ۾ نِمائي سر هلڻ گهرجي،
ملي هٿ سان زهر قاتل پياسو ٿي پيئڻ گهرجي،
الفت ۾ عداوت کي ڪڏهن نہ جاءِ ڏين گهرجي،
محبت هڪ رجاوت آ محبت هڪ ڪرامت آ.
امن آزاد مانجهي محبت کي نہ رڳو پنھنجي شاعري، پنھنجي وجود بلڪہ پوري ڪائنات جو محور سمجهي ٿو ۽ ايئن آهي بہ. محبت ئي ڪائنات جي واحد ضمانت آهي.

ہزاروں چاند تاروں کے مداروں ميں حسيں گردش،
بقا وایومنڈل کے بس کشش پہ منحصر لاگی۔

(راج)

امن آزاد مانجهي جي سرائيڪي شاعري پڻ ڪمال جي آهي. اچو تہ سندس ڪجهہ سرائيڪي شاعري منجهان سُرور پرايون.
ايڏيان بي پرواهيان ڀورل سائين، باھہ لِڱان ڪون لا ڇوڙيئي،
ستاست روز اُڻ تُڻ جهڻڪان ڏي دل مٽا ڇوڙيئي،
امن قريب رقيب ڪل قرب نہ ڏيون ملڪ مين ڪنون فٽا ڇوڙيئي.
امن آزاد مانجهي لاءِ ٻوليءَ جون پابنديون ڄڻ تہ ڪا معنيٰ ئي ڪونہ ٿيون رکن. پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي سان گڏوگڏ اردو ٻولي ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي اچو تہ سندس اردو شاعري پڙهون؛
ميت ہو گئی دفن ميری وه بهی مقام پر آئے ہيں،
کيا تھا واعدا اُس نے اُسی انجام پر آئے ہيں.
جيتوڻيڪ امن آزاد مانجهي سان زندگيءَ ڪو گهڻو ساٿ ڪونہ نڀايو پر پوءِ بہ پان مختصر زندگيءَ ۾ پنھنجي ڪردار ۽ ڪَلا جي سندر ٻج سماج جي ذهنن ۾ ڇٽي ويو آهي سو هڪ ڏينھن ضرور لاڀائتو ٿابت ٿيندو ۽..........مھانتا ۽ امرتا ارپيندو. امن آزاد مانجهي جي ڪتاب ”غزل جھڙي جواني“ جي سھيڙڻ ۽ ڇپائڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار محترم هبدار علي چانگ جن جو آهي جيڪو تمام گهڻو ساراھہ جوڳو عمل آهي.

(راج راڄپر)
25/01/2024

سھيڙيندڙ پاران

پرِھہ فُٽي سان ئي پکڙين جون مختلف ٻوليون سُرور بخشينديون هجن يا شام جي پاڇولن ۾ رات جي اونداهي پنھنجا پر پکيڙيندي خاموشي کي امر بڻائيندي هُجي يا آڪاش تي ڪڪرن جا منڊل متل هجن يا اوهيرن مان وَل ڇَل ڪري مينھن وسڪار لائيندو هجي يا تيز رُخ طوفانۡ واري جي ذرڙن کي ڪنھن اڻ ڄاتل منزل طرف روان دوان ڪندو هجي يا تارن جي ٽِم ٽِم سُتل من کي جاڳائيندي هجي يا تيز هوا ۾ وڻن جي پنڙن جي ڇڻڪار جو آواز هجي يا ڪن اڱڻن تي ڪي ميلا متل هجن يا محفلونۡ سُرن سان ڀريل هجن يا اڪيلائي ڪنھن وجود جو اندر کائيندي هجي يا اسڪولن ڏانھن هٿن ۾ ڪتاب کڻي ويندڙ ٻارڙن جي قطار هجي يا ڌرتي تي ڪن تپندڙ ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن جو آواز هجي، اِهي سڀ نظارا هجن يا اُن کان وڌيڪ اڃا ڪي ٻيا نظارا جيڪا منھنجي اک جنھن پل بہ جتي پَسندي آهي، هر نظاري ۾ مون کي هر پل ۾ پنھنجي اُستاد اِمن آزاد مانجهي جي وجود جي جهلڪ نظر ايندي آهي.
مان يقين رکان ٿو تہ اڄ بہ اُن جو روح باطني يا ظاهري هر روپ ۾ مون ساڻ گڏ هوندو آهي، ڀل پوءِ مان اُن وقت نہ ٺھن دڙ سِٽن کي پوئيندڙ هُجان يا ڪلاسن ۾ شاگردن جي ذهنن کي اُڻيندو هجان يا ڇو نہ مان دنيا جي گردشن ۽ ڦيرن ۾ڦيراٽيون کائيندڙ هُجان، ڀل ڇونہ پوءِ منھنجو وجود واري جي ذرڙن جيان طوفانن ۾ اُڏامندڙ هُجي پر اُستاد امن مانجهي هر روپ ۾ هر مھل ۾ مون ساڻ گڏ آهي، هُو مان کان هڪ پل نہ جُدا آهي، ڇو تہ مون جيڪا بہ هي ڪاوش ڪئي آهي، منھنجي ان سڄي ڪاوش جي پُٺيان ان جو ئي وجود آهي، جنھن جو وجود ٻين کي ظاهر ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي نہ تہ ايتري ڪاوش ڪرڻ منھنجي وس جي ڳالھہ ئي نہ هئي.
اُستاد اِمن مانجهي جو وجود منھنجي وجود ساڻ تڏهن رلمل ٿيو جڏهن آءُ ٽئين ڪلاس جو شاگرد هيس. اُن وقت کان وٺي هُن منھنجي اڻ گهڙيل وجود کي اُڻڻ جي ڪوشش لاتي. ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس هُن جو وجود منھنجي وجود کان دنيا جي نظرن آڏو دور ٿيو، ليڪن اُن جي وجود منھنجي وجود کي ايترو تہ مضبوط اُڻي ورتو هيو جو غُربت هوندي بہ پنھنجي تعليم کي جاري رکيو ۽ اُستاد اِمن مانجهي جو خواب پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪاوش بہ اُن اُستاد اِمن مانجهي ڏانھن وڃي ٿي تہ مان معاشري ۾ اُستاد جي حيثيت سان سُڃاتو وڃان ٿو. اگر هو اِها ڪاوش نہ ڪري ها تہ مان ڀٽن جي دڙن تي ڌنار بنجي رُلندو رهانۡ هانۡ پر سندس جا ٿورا اڻ ڳڻيا مون تي رهيا آهن. هُن مون کي اِنھي جي قابل بنايو تہ مان سندس جي تحريرن کي محفوظ ڪري وٺان پر وقت جي لھرن ۽ حالاتن جي ڦيرن مون کي ايترو تہ مصروف رکيو جو ڪافي وقت گذرڻ باوجود مان اُنھن تحريرن کي منظرِعام تي نہ آڻي سگهيس، پوءِ اُستاد اِمن مانجهي جا دوست منھنجي اُها مغروري سمجهن يا لاپرواهي سمجهن پر اُها صرف منھنجي مجبوري ئي هئي.
مون سندس جي مواد کي سھيڙيو آهي، ڪافي دوستن جي صلاح بہ هئي تہ اُن جي سڄي مواد کي بحر وزن جي صورت ۾ آڻي پيش ڪجي پر مون اِها بہ خيانت ٿي سمجهي ۽ اُن جي خيال کي محفوظ رکيو. سندس مواد ۾ فني رُخ بہ نظر اچي ٿو تہ اُن کان زياده فِڪري خيال نظر اچي ٿو. هُن هر موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي، هُن پنھنجي اندر جي اِمام عِشق کي هر رُخ ۾ ظاهر ڪيو، ڪڏهن تصوف جي رنگ ۾ رلجي ويا تہ ڪڏهن کيس کي مجاز ولوڙي وڌو.

هو آزاد قسم جا شاعر هئا هُن جا خيال آزادانہ هيا تڏهن تہ سندس جي شاعري ۾ آزادانہ خيال ملن ٿا، هُن پنھنجا ننڍا وڏا سڀ خيال پيش ڪيا آهن ۽ مون سڀني خيالن کي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون چونڊ ڪرڻ کان ڪِنارا ڪش ڪئي آهي ڇو تہ مون لاءِ سندس جي هر تحرير وڏو وجو رکي ٿي، چاهي هِن ڪتاب اندر پيش ٿيل گهڻين تحريرن سان گهڻائي شاعر متفق نہ هُجن پر مان مانجهي جي هر خيال کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مون ڪوشش ڪئي آهي تہ اُن جو سڄو نظمي مواد هِن ڪتاب اندر اچي وڃي پر اُن باوجود بہ ڪافي شيون مون کان رهجي ويون هونديون، جيڪي مون وٽ نہ پھچي سگهيون هونديون. اگر ڪنھن بہ دوست کي ڪو بہ مواد اُستاد اِمن مانجهي جو هٿ اچي تہ هو مون وٽ پھچائي، آءُ سندس جا ڳُڻ ڳائيندس.
مان ٿورائتو آهيان اُنھن دوستن جو جن مون سان هِن ڪاوش ۾ ساٿ ڏنو خاص طور تي اُستاد سُلطان علي (گدا) ۽ محمد سليم چانگ جو جن مون کي هِمٿايو ۽ ساٿ ڏِنو.
مان وڌ ۾ وڌ پنھنجي شاگرد غلام عباس چانگ (ادل) جو ٿورائتو آهيان جنھن مون سان گڏجي هن ڪِتاب کي ڪمپوز ڪيو، ترتيب ڏِني ۽ پنھنجي ڪم کي بھتر کان بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن باوجود اگر هِن ڪتاب ۾ ڪنھن کي ڪا بہ ڪمي اُوڻائي نظر اچي تہ سندن جي اِصلاح جو منتظر رهندس. مان بي حد ٿورائتو آهيان راج راڄپر صاحب جو جنھن مون کي هن ڪتاب ”غلز جھڙي جواني“ جو مھاڳ لکي ڏنو ۽ استاد امن آزاد مانجهي جي خيالن کي پنھنجي سنھري لفظن جو ويس ڍڪايو.


اُستاد حُبدار علي چانگ (حُبن)
هاءِ اسڪول پڪا چانگ
03013410189

مُلازم حُسين چانگ جا تاثرات

اُستاد اِمن آزاد مانجهي منھنجا رشتي ۾ ڀائيٽا هئا، پاڻ عِلم جا وڏا ڄاڻو، پارکو ۽ اديب قسم جا نوجوان هئا. سندن کي هميشہ ننڍڙن ٻارڙن جي پڙهائڻ جو اُلڪو هوندو هُين، سندن وٽ دشمن سڄڻ جي تمام گهڻي سُڃاڻ هوندي هئي، تمام سخي مرد ۽ مھمانواز هئا.
ننڍڙي عمر ۾ اٺين ڪلاس کان وٺي ايترو سارو مواد لکڻ سندن شخصيت کي اُجاڳر ڪري ٿو، اِنھي ڳالھہ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ هُن کي پنھنجا ذاتي درد وِرثي ۾ تمام گهڻا مليا هئا پر اُن باوجود بہ هُن پنھنجي شاعري جو پايو پاڪ اِمامن عليہ السلام جن جي غم تي اچي بيھاريو آهي، پاڻ لکيو اٿئون:
اٿم غم شھيدن جو علي اصغر ۽ علي اڪبر جو يارو!
بيھوشي جي عالم ۾ شاعري دل وَ جگر سان لِکڻي پئي.
هُن کي ڄڻ تہ ٻيا غم ۽ درد نظر ئي نہ آيا هئا هُن وٽ صرف ارمان الله ۽ علي عليہ السلام جي ياد نہ اچڻ جو ئي هيو، چون ٿا:
اڏ تي اوطاقان اڏين مھمان کنوائين، برابر جذبا تيڏا جُوان اي،
مگر الله علي دي ياد نھينۡ وڏا اِهو ارمان اي.
سندن جو سڀ مواد اسان لاءِ قومي اثاثي جي حيثيت کان گهٽ نہ آهي جيڪا اسان لاءِ سال صدين جي تاريخ آهي. اُن تاريخي مواد کي سھيڙڻ جو هڪ انوکو ڪم اسان جي نوجوان اُستاد حُبدار علي چانگ جن ڪيو آهي، جن کي آءُ جس بہ ڏيان ٿو ۽ مبارڪباد بہ پيش ڪيان ٿو.
اُن سان گڏوگڏ اِنھيءَ مواد کي ڪمپوز ڪرڻ ۽ سنوارڻ ۾ منھنجي پُٽ غلام عباس (ادل) جو بہ ساڻن ساٿ رهيو آهي، اُنھيءَ کي بہ مبارڪباد ڏيان ٿو.
مان اُستاد حُبدار ۽ ادل ٻِنھين کي تلقين بہ ڪيان ٿو تہ اهڙن تاريخي ڪمن ۾ هو پنھنجو پاڻ نِڀائن ۽ اُستاد اِمن آزاد مانجهي جي بقايا نظمي توڙي نثري مواد کي اڳتي آڻين. اسان جون اکيون جيئن پھرن ڪتاب جي ڇاپي لاءِ منتظر هُيون ايئن ئي ٻئين ڪتاب جي ڇاپي لاءِ منتظر رهنديون.
منھنجو ساڻن شروع کان وٺي ساٿ بہ رهيو آهي ۽ اڳتي لاءِ بہ هميشہ رهندو. دُعا آهي تہ اسان جا نوجوان پنجتن پاڪ جي سائي هيٺ رهي اهڙا تاريخي ڪم ڪندا رهن.


والسلام
مُلازم حُسين چانگ
(سب انسپيڪٽر)

شاعر جي همعصر اُستاد سُلطان علي چانگ (گدا) جا خيال

اڄ آءُ اُن شخصيت مُتعلق ٻہ لفظ لکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو جيڪي ڪنھن تعارف جا محتاج ڪونہ هئا فقير صفت ماڻھو کلڻا مِلڻا سدائين ٻين کي خوش ڪندڙ ڪمال درجي جا سخي مرد مانجهي اِمن ٻالڪپڻ کان وٺي مون سان گڏ راند روند ڪندڙ ۽ ٻالڪپڻ کان وٺي جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پِڙهندا هئاسين اُن وقت کان وٺي شاعري لکڻ جو شوق هو ۽ لکندا رهندا هئاسين. اُن وقت نہ قافيہ نہ رديف جي ڪا ڄاڻ هئي پر اندر جو آواز هڪ ٻئي کي ٻُڌائيندا هئاسين.
جڏهن تہ عملي طرح ڪنھن کان اصلاح وٺڻ کان سواءِ 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي سون. اڄ هو اسان وٽ نہ آهي پر اُن جون يادون اسان وٽ رهجي ويون آهن. جڏهن بہ مان اُن سان مِلڻ ايندو هيس تہ سندس جي هٿ ۾ يڪتارو هوندو هيو ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڳائيندا آلاپ ڪندا رهندا هئا. اوطاق ۾ هيٺ نُک وڇايل هوندي هئي اُن تي ويھي ڪمال جو سُر پيا آلاپيندا هئا؛
اي رمتا ! تون تند تار وڄاءَ ڪا تان لڳاءَ ڪو تن تڳي،
توکي سِر گهرجي هي سِر حاضر مون کي سُر گهرجي ڪا سوز ارپ.
هُن جي خوبي اِها هئي جو پنھنجي جسم تي پاتل ڪپڙا لاهي ٻين کي پارائيندا هئا، پاڻ چادر (لوئي) ويڙهي گهر اچي پھچندا هئا. ٻي عظيم خوبي هوندي هين جو ڳوٺ وارن کي پڙهائڻ لاءِ پاڻ هڙئون وڙئون جتن ڪندا هئا. چوندا هئا تہ دنيا چنڊ تي پھتي آهي اڃان اسان اتي ئي آهيون. ڪچھري هلندي بہ هُن جو قلم پيو هلندو هو نظم هُجي يا نثر ٻِنھي ڪمن ۾ ڪو بہ ناگو نہ پوندو هو.
راڳ جا پارکو ۽ ڪلاسيڪل راڳ ٻُڌڻ جا وڏا شوقين هوندا هئا. ڪڏهن ڪنھن سان مذاق ڪندي کِل ڀوڳ بہ ڪري وٺندا هئا پر وري آُن ماڻھو کان وڃي معافي وٺندا هئا. ڪچھري جو ڪوڏيو، رات جو گهڻو وقت جاڳڻ، ۽ صبح جو وري سائيڪل ڪاهي فيض گنج پبلڪ اسڪول پڪا چانگ وڃڻ سندن جو معمول هوندو هو.
بحرحال هي هڪ عظيم انقلابي انسان، شعور پيدا ڪندڙ، ٻين لاءِ جئيڻ جو سبق ڏيندڙ بھترين انسان، صوفي عزم رکندڙ انسان اڄ اسان وٽ تہ نہ آهن پر اُن جي ڇڏيل مقصد کي اڳتي کڻي ايندڙ نوجوان هاءِ اسڪول پڪا چانگ جو هڪ بھترين اُستاد، اُستاد حُبدار علي چانگ (حُبن) اُن جي ڇڏيل پيغام کي سھيڙي ترتيب ڏئي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ ساڃاھہ ۽ سوجهري جو ڪم ڪيو آهي.
اُستاد حُبدار کي جس آهي جنھن هيڏي محنت ڪري، وڃايل ورق سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ گُم ٿيل ايڏي وڏي انسان کي وري زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو تہ هُن جي ڇڏيل مواد کي ماڻهن تائين پھچائڻ جو سهرو اُن اُستاد حُبدار مٿان وڃي ٿو جنھن رات ڏينھن محنت ڪري مانجهي جو مواد ڳولي هٿ ڪيو جيڪو دفن ٿي چُڪو هو.
اُستاد حُبدار کي ايڏي وڏي محنت ڪرڻ تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو جو هُن هڪ تاريخي ڪم ڪري اسان جي ڳوٺ علائقي کي صدين تائين روشن ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي بھتر ڪاوش تي اُستاد اِمن مانجهي جو پيارو شاگرد هزارين جس لھڻين. مون کي اڃا اُن ۾ اُميد آهي تہ جيڪو بہ مانجهي صاحب جو مواد نثري توڙي نظمي باقي رهيل آهي، اُن کي ڳولي تحقيق ڪري اُن کي سھيڙي ڪتابي شِڪل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. منھنجي دُعا آهي اهڙي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪثر ڪونہ ڇڏيندو.

(گدا) سُلطان علي چانگ
27-05-2021

ڪمپوز ڪندڙ جا خيال

اُستاد حُبدار علي چانگ منھنجا بھترين اُستاد بہ رهيا آهن ۽ سائين جن منھنجا رشتي ۾ سئوٽ بہ آهن. هڪ دفعو جڏهن اُستاد مانجهي جي مواد سنوارڻ جو ذِڪر ڪيائون تہ مان سندن سان ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ پوءِ اُهو ڪم چند ڏينھن بعد دل وَ جان سان شروع ڪيو. اُستاد اِمن آزاد مانجهي جي شاعري جي مواد کي مون ڪمپوز ڪندي محسوس ڪيو تہ مانجهي تمام وڏي خيال ۽ وڏي سوچ وارا شاعر هئا.
آءُ کيس صرف ڪنھن علائقي يا ڪنھن ڳوٺ جو شاعر تسليم نہ ٿو ڪيان پر هو تہ سنڌ جا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا هڪ عظيم شاعر هئا. مون کي اڄ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي تہ اسان پنھنجي تاريخ کي منظرِعام تي آندو آهي، اِهو ايڏو وڏو تاريخي ڪم اُستاد حُبدار علي چانگ جن ڪيو آهي جن کي آءُ تمام گهڻي مبارڪباد ڏيان ٿو.
آءُ سندن تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو اُنھن مون کي پنھنجي پاڻ سان هِن تاريخي ڪم ۾ گڏ کنيو. اميد تہ هو هميشہ اهڙن موقعن تي مون جھڙن شاگرد کي ياد ڪندا رهندا.


غلام عباس چانگ (ادل)
(ڪمپوزر ۽ ڊزائينر)

شاعري

---

پري توکان اِمن مانجهي ڏٺم هر اک رُني آهي

پري توکان اِمن مانجهي ڏٺم هر اک رُني آهي،
غمن منجهہ هر دُکايل دل ڪري دانہ ون دُکي آهي.

ظفر شاعر ڏٺم ڏاڍو اُداس هيڪلو ۽ چُپ،
چيائين يار سورن سان اچانڪ دل ٽُٽي آهي.

فِدا غمدل وِڳاڻا سڀ پيا بڻجي سوا تنھنجي،
قطب ناچيز بزمي ۽ رنو پڻ سولنگي آهي.

حسن محمود وارث هي ٿيا بي حال سڀ ساٿي،
رنو هر ڪو ڀري سڏڪا سندن قسمت رُٺي آهي.

ستائي ياد تنھنجي ڪا عطا عاجز نجب کي پڻ،
رون تڙپن چون ٿا سڀ اسان کي سڪ لڳي آهي.

شمن رستم ڪن ٿا ياد توکي خاص محفل ۾،
قسم هردم خداسون جو صرف تنھنجي ڪمي آهي.

نِماڻو هي بہ ويچارو ڀري سڏڪا پيو هرهر،
پسائي ڪپھہ لڪڻ سان ڪنھن ورائي ڄڻ ڪُٽي آهي.

عطن ياسين نادر نيڻ تن جا هي نٿا جهلجن،
هنجون هاري رون ڏاڍو جدائي هي ڏکي آهي.

ٺھي ڪڪري مٿي اُڀ تي گدا توکي سدا ساري،
سخن ور سانوڻي ۾ تو وِڌي ايڏي وِٿي آهي.

ٿيا ڏاڍا ڏکارا لال ۽ حسنين صاحب بي،
سڙي دل کي سوين صدما وري هاڻي فٽي آهي.

ڇڏي ڇو تون وئين جلدي اداري کي زندگي ڀر،
جتي آزاد مانجهي تو عمر ساري ڪٽي آهي.

خدا توکي جنت ۾ جاءِ ڏئي ڪا واسطي محمد،
دُعا هردم حُبن اها خدا آڏو رکي آهي.

حمد

خـــدا پــاڪ آڏو، مـنھنـجـي زات پــوڄــــا،
نـالو ٿـم نــمائــي، ســـندم ڏات پــوڄــا.

جـو مـاري جــياري، روزي پــڻ رسـائــي،
ڪــجـي ان جي سـيوا ۽ ڏينھن رات پوڄـا.

مــون کي خـوب خـلـقي، بـندو جنھن بـڻايــو،
حـــڪــم ان جـــو حـــاوي، تہ هــر بـــات پـوجــــا.

خُــــدا جـــي وڏائــــي، فھم کــان مـــٿي آ،
فـــڪــر ۾ ٿــي فــانـــي تہ مــرڻ مـــات پـــوڄـــا.

ســج چــنـڊ تــارا، بــحــر بــــر اِمـــن هـــي،
پــکـــــي جـــيــت جــڻـــيا، طـلـــب تـــات پــوڄــــا.

نعتون

---

يا مُحمّد مُصطفي آهين مون لاءِ آڌار تون،

يا مُحمّد مُصطفي آهين مون لاءِ آڌار تون،
ٻيا سھڻا لک ليکجن، تن جو سدا سردار تون.

ڪٽ ڪفر ڪاراڻ جا بادل هيا ڇانيل ڪيڏا،
هر خِطي ۾ خون ۽ ظالم ۽ قاتل ڪيڏا،
سي ڪٺا ڪيئي قرب سان، آهين اکين جو ٺار تون.

تنھنجي آمد ساڻ دنيا ٿي وئي جنت برين،
روز رحمت جون سُکائون مير مرسل ٿو ڪرين،
مون جهڙن ڏوهي ڏڏن جو، غرق ٻيڙو تار تون.

جنھن جو توسان پيار ٿيو، سو پلڪ هڪ پلجي نہ ٿو،
مدهوش ۽ بيھوش ٿي، جيءُ بہ جهلجي نہ ٿو،
اهڙي پتنگ پروان عاشق جو، سدا سينگار تون.

جنھن جو توسان پيار ٿيو، سو پلڪ هڪ پلجي نہ ٿو،
مدهوش ۽ بيھوش ٿي سندس جيءُ بہ جهلجي نہ ٿو،
اهڙي پتنگ پروان عاشق جو سدا سينگار تون.

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان هن سنڌ ۾ سڪندو وتان،
من مديني کي ڏسان ڏينھن رات ٿو لڇندو وتان،
هن جڏڙي بي ذر امن جي لھ سڄڻ ڪا سار تون.

منھنــجي مــحــبوب مــدنــي جــا، تــرن تــصــور آمھون ســامھون

منھنــجي مــحــبوب مــدنــي جــا، تــرن تــصــور آمھون ســامھون،
اٿــان ۽ گھــمــان ڦــران لــيڪــن، آهـن اڪــثر آمھون ســـامھون.

لھي ڪــا ڪـس مــنھنــجي دل تــان، مديــني جــو پــيان پــاڻــي،
خــدا مــون کي ڏيـکارج تـون، روضــئه اطـهر آمھون ســامھون.

هن جـڳ ۾ مـرڻ ۽ جــيئڻ نـبي جـي نــام هــجي جــيڪــر،
وڃي ٿي پــير هيــٺان پاڻــي، جــبل ۽ ٽــڪــر آمھون ســامھون.

ڏيــنھن هـڪ ۾ تـون، هـڪ ڀــيرو پــڙھہ صــلوات ســيد تــي،
خـــدا جــو قــسم مــزو ڏس تــون، هــيرا گـوهــر آمھون سـامھون.

هــي جــهــان جُــڙيـو ڇــالاءِ، راتــيون ۽ ڏيــنھن چـــنڊ تـــارا،
کولــي قــرآن پـــڙھہ پـــيارا، ايــندئي ســو اکــر آمھون ســامھون.

گــھــڙي پــل جو مــيلو آ، نہ ٿــئي ڪــا ڪاڻ حـوس انڌ ۾،
سـجهي ٿي ڪــان ادا تـوکــي، قــبر ۽ قــصر آمھون ســامھون.

مـــٺي مــحـــبوب مـدني جــو، مـحـشــر ۾ سھارو آ،
ويندو ڪــٽجي پنڌ پــيادل، ڪـٺن هي سفر آمھون سامھون.

اِمن مانجهي ساري ٿو، شھر هن ۾ سيد توکي،
اچو جي خواب سپني ۾، ٿـئي ڪـو گـذر آمھون سـامھون.

چوي دل ٿي منھنجي اڄ اچان مان مديني

چوي دل ٿي منھنجي اڄ اچان مان مديني،
آقا تنھنجو روضو اچي ڏسان مان مديني.

هتي هر ڪو ماڻھو ڌِڪا ڏئي ڌِڪاري،
رُئان ٿو اڪيلو وڇوڙو ٿو ماري،
سيّد تون ٿي ساڻي شل وسان مان مديني.

ڏاڍا ڏُک مليا ٿم نيڻينۡ ننڊ فِٽي وئي،
سُڪي ساھہ ويو آ حياتي کُٽي وئي،
پنھنجو ساھہ جيڪر اچي ڏيان مان مديني.

ڏُکيو هانۡ ڏُکن ۾ ڏولاون ڏُکايو،
مِٺا تنھنجي محبت وڏو مچ مچايو،
ڇڏي شھر پنھنجو اچي وسان مان مديني.

اِمن هي ويچارو ڪري عرض مولا،
محمّدﷺ جي صدقي سفر ڪر تون سولا،
کنيو سِڪ وڃان پيو شل مرانۡ مانۡ مديني

دُعا (بغير ٽُبڪي جي)

دراصـــل درد اول، درڪـــــار دل آرام گــــــاه،
هـر هـر ســدا، دل درد آ، هــرکــر وصـــل هــروار آ.

ڪا ڪھل ڪر، سار ڪر، مـولا مــدد امــداد ڪــر،
ســردار ســـرور، ســر سھارا، حــــال هـم هموار آ.

راھہ رڻ هـمـراھہ رس، ڪــو دم دلاسـو ڪــو رسا،
معصوم دل، سر سور سرما، ور دلاور سـو ســدا.

احـــد واحـــد وحـــدہ، علـــــحـــدو ڪـــر روگ رس،
راھہ ســا ســـردار ســـالم، ســـک ســـڻاوا ســـار ســـا.

غزل

---

غزل جھڙي جواني، تنھنجي ڪنول جھڙي جَواني

غزل جھڙي جواني، تنھنجي ڪنول جھڙي جَواني،
ڪجي خوب اُن تي، آهي عمل جھڙي جَواني.

غيرن سان نِوايون، اسان سان وڏايون،
پٿر دل ٿيو ٿا، اٿوَ جبل جھڙي جَواني.

منھنجو جيءُ جيون، توسان نِيت آهي،
ڏِس ڪيئن ٿي تڙپي، منھنجي ڪھل جھڙي جَواني.

اِمن سان گهمي ڏس، اِمن سان رهي ڏس،
واندو گهم نہ پيارا، اٿوَ وِصل جھڙي جَواني.

دوزخ جــــو ڊپ لھي ويــــو، تـــنھنـــجـي اچـــــڻ کــــان پـــــوءِ،

دوزخ جــــو ڊپ لھي ويــــو، تـــنھنـــجـي اچـــــڻ کــــان پـــــوءِ،
مــون کـي خـدا مــلي ويــو، تــنھنــجي اچـڻ کـان پـوءِ.

دنــيا ۾ مــوت ايـندي، مـحــشر ۾ مــوت ڇاجي،
مــرندي بہ مــوت آخــر، منھنـجي مــرڻ کـان پـوءِ.

هـر پـل ۾ تنھنجي عـشق جـو، گهرو زخـم مـلي ٿوءِ،
جــنت ۾ هــوندو آهــيان، صدمي سھڻ کان پوءِ.

واعظ! تنھنــجي هي تقويٰ، منزل ڪڏهن ماڻيندي،
پنھنجو صنم ڏسان ٿو مان، هڪ ڍڪ پئڻ کان پوءِ،

مانجهي اِمن ولــر مــان، پکڙي تہ ويو اڏامي،
پرڏيھہ جو مــسافر، نہ آيــو وڃـڻ کــان پــوءِ.

مـٺڙن مـٺڙن لــفـظـن جــا، اڄ سـونھن ســـان ســــودا ڪــرڻا هــن،

مـٺڙن مـٺڙن لــفـظـن جــا، اڄ سـونھن ســـان ســــودا ڪــرڻا هــن،
خــالي ذهــنن جـي نـقــشن تــي، سـڀ رنــگ حــسن جــا ڀـرڻا هن.

ســونھن ســڳــوري سـر گــهرجـئي، ڇــا گهرجئي؟ دل گهرجئي،
ڪا يا ڪائــنات ٿــي گــهرئــي، گــهر تہ مـٺا مــانجهي اٿــڻا هــن.

سســئي ٿــي اڄ ســانگ ڪــري،پــنھنجي پُـنہ ل جي پيري سان،
ويري ويري پــيار جــا ويــري، پــوءِ بہ ڏونــگر ڏرڻـا هــن.

سھڻي مــيھر مــحــبوب جــي پــويــان، ترهــي تـرهي تـار تـري،
تــانـگهہ پـــاڻـي دم دريــاء ۾ ٻڏندي تہ هــٿڙا هــڻـڻــا هن.

مــارو مـارو جـنھن مـلھايا، مـلڪ ۾ مـارئي هڪ ناهي،
تـون قـيد کي کولي ڪڙ ڀلي، سو قيد تنھنجا ڪل ڪٽڻا هن.

سـونھن سان سودو سر جو هلڪو، سونھن کي سر تہ سڀ ڪو ڏيندو،
دين ڌرم ايــمان ٿو آڇيان، عشق ۾ هٿڙا ڌرڻا هن.

اي ســونھن تـوسـان مــخاطـب هـان، تـون آهـين ڪـٿان جي، ڪاٿان آئين؟

اي ســونھن تـوسـان مــخاطـب هـان، تـون آهـين ڪـٿان جي، ڪاٿان آئين؟
سونھن چيو رب ڳول پنھنجي رنگ توکي منھنجا ڏسڻا هـن.

توکـي تـئو اچــي ۽ دانھن ڪــرين، اهــو ســونھن ســان ســودو سســتو آ،
ڪوه طور جــو تــجــلو وقــتي هــو، تنھنجا دوڳ ديــڳــن ۾ ڪــڙهــڻا هن.

اي قــلــم رنـگــين ڪجهہ لـک تہ لـکون، ڀــل رڪـجون ڇـو؟ ۽ رهــجــون ڇـــو؟
جـــو حــال هــجي ســو بِــسمِ الله، اڻ مــٽ ڪـي نــشان هــت ڇـــڏڻا هــن.

تــون ڌيــري ڌيـــري خـــار کـــي آخـــر، گُــــل بــڻاء، بـــي مُــــلـــھہ بـــڻاءَ،
ســــخـــت زُبــان کــي نـــرم وارا، پــيار جــا پــنا پـــڙهـــڻا هـــــن.

اي مـــانــجــهــي امــن پــيار جــا ويــري، غــير بــحــر ۾ ٻــڏنــدا پـــيا،
پـــيار جـــا پـــرتـــا پــيار ونـــڊيـــنــدا، تـــوڪــل جــا تـــرهــا تــرڻــا هـــن.

هــي روح جــزيـرو، جــيون ڦـــارون، تــن تـــسي ۾ تـــانـگهہ تڙپ،

هــي روح جــزيـرو، جــيون ڦـــارون، تــن تـــسي ۾ تـــانـگهہ تڙپ،
تنھنجي جيءُ ۾ جـاءِ گــهڻي، تــون پنھنجـي حُــسن سـان ڀــــــر ڪـا ڀــرپ.

اي رمــتا! تـون تـند تـار وڄـاءِ، ڪـا تان لـڳا ڪا، ڪـو تن تڳي،
تـوکي سِر گهرجي، هي سر حاضر، مون کي سر گهرجــي، ڪــا ســوز ارپ.

تـون فــرق نہ رک منھنــجــي اُلــفت ۾، اڄ پھرون چــڪر ۽ آخــر تــا،
تنھنجي سونھن سـرپ جـي پُــوڄــــا ڪـندس، مــن شـرف مــنھنــجي جــي رهجي رهپ.

مان پنھنجي منھن ٿو تڙپان لـڇان،تــون پنھنجــي مــنھن ٿــو يـــاد ڪــريــن،
هي سســتو ڪـم تہ ڪـــونھي ســڄــڻ، ڪــم ڪــانہ اينـدي اڄ ايــڏي ڍرپ.

اڄ ســاقــي ڏي ڪــا ســوائي ســخي، هــي ڇُــلـڪــي ٿــو مــئي جـام بـــريــن،
ڪو پــيغ ڀـــري ڏي نــاز ڪــري، هــن مــحــفل ۾ بِــنا مــاڻ مـــرپ.

بــرکـــا رت ۾ سِــر جــي بــجـــاءِ، ٿـــي دل جُــهڪي هــنن قدمن تــي،
هـن چــمــڪ دمــڪ چــانــڊاڻ چــاسيــنگي، مــنھنجي ڪــئي آ جــان جـــهــڙپ.

چــانـــگ مانجهي امــن اُجــهـاڳ بــحــر تــون، پــيار پٺـــيان ڪــر ســير ســفــر،
هـــــي جــــانـــي لاءِ ٿــــو جـــيءُ جُـــکي، جــنــد جـــان جِــــسم ۾ نـــاهــي سھپ،

عـــــــدو جـي چـــوڻ تـــي عـــدالـــت ڇـــڏئـــي ڇـــــو؟

عـــــــدو جـي چـــوڻ تـــي عـــدالـــت ڇـــڏئـــي ڇـــــو؟
نــــمـــاڻـــي نـــرالـــــي نـــــــزاڪـــت ڇــــــڏئـــي ڇـــو؟

جـــــنگـــين ۾ جـــوانـــن جــــوانـــيون وڃـــايــــون،
اُنھن جــــي وســاري شـــجاعــــت ڇـــڏئــي ڇـــو؟

ٿـــريــن خـــوب ٿـــوهـــر ۽ جـــهوپـــا جـهـنـگــن ۾،
لـــڱـــين لاهـــي لـــوئـــي ثـــقـــافـــت ڇــــڏئـي ڇـو؟

بــــــــــحـــر ۽ وزن ســـان نہ مـــطـــلـب اســان جـــو،
حـــلـــيـــمت ۾ شــامـــل ڪــرامـــت ڇــڏئــي ڇـــــو؟

تـــنـقــيد ٽــــوڪــون گـــــهرن ٿـــــيون هـــيســائـــڻ،
سـُـجــاڳـــي بـــيداري جـــي حـــالـــت ڇڏئـــي ڇــــو؟

قـــــديــــــمي پـــــراڻـــو ادب ڪــــيــئن ڇـــــڏجـــي،
ســـــنــڌي ٿــــي دلـــيري ڌراوت ڇــــــڏئـي ڇــــو؟

اســــــان اڄ اوهــــان لاءِ اکــــڙيــــون پـــسايـــــون،
اِمــــن چــــئــي اچـــــڻ جــــي عـــنـــا يــــت ڇـــــڏ ئــــي ڇـــــــو؟

دنـــيا جـو مـطلـب بـي سُـود سمجهہ، سھڻي محبوب صنم جي بنا

دنـــيا جـو مـطلـب بـي سُـود سمجهہ، سھڻي محبوب صنم جي بنا،
صــنم جــي ڪرم سان فھم بي مليو، هــوند حيوان هجان ها علم جي بنا.

هُــجي آدم ۽ نہ هــجي غــم، ســو نــاهي آدم، آهــي بــي جــان،
خُــــدا بــي غــم نــاهــي ڏيـندو، پـنھنجـي رحــمت ڪـرم جــي بِــــــنا.

پـــيدا ڪـــري ســـگـهــيو ٿــي مالـــڪ، بِـــنا مــاءُ جــي مســيحـــا پــر،
رتـــبو مــســيحي مــلي هـــا ڪــيــــئن ذاتــي دم مـــريـــم جـــي بِـــنا.

صــورت ۾ ڪــو هُـــجـــي احـــسن، ســـيرت نــقلــي جـــعلي ويـــس،
اُهــــو انـــسان نــاهــي انــسان، حــقــــيقي شــــعور شـــرم جـــــــي بِــنا.

اُڀ ۾ سِـج ٿــو اڀــري، لھي تہ چــنڊ تارا ٿــا چـــمڪن چـــوڌاري،
گــر ڏيــنھن رات ناهن تــانُ بــي نــور چــراغ ڀــرم جي بــنا.

اکـــــين جــــي نـــــاز جـــا نــســتر، ڪــري ڪڙڪـاٽ ٽپـيا هــانُ ۾،
تنھنجا گهاءُ محبوب مــزو ٿـا ڏيــن، چـِڪن ٿــا فٽ مرم جي بِنا.

ڄــمــڻ ســان قــلم لاڳــو آ، قــبر تـائين شــاهد سِر سان سنوان،
منھنجا ڏوھہ لـڪن ڪــاٿــي، تـنھنـجـي وسـيع عريـض رحـم جــي بنا.

زنــدگــي ۾ بــندگــي فـــطـرتـي عــمل آهـي اي مــانـجـهي اِمن.
اهــڙي عـــبادت بــي فــيـض، نــاهــي قـبــول فھم جـي بِــنا.

لالائــــي ذارِعـُــروس گُلـــنار بــادِصــبا بھار مــان گــذران ٿـــو،

لالائــــي ذارِعـُــروس گُلـــنار بــادِصــبا بھار مــان گــذران ٿـــو،
هـر هــڪ حـــسين جــي نـــازستھہ انوکــي وار مــان گــذران ٿــو.

سُــست سمـجــهو يــا مجاهــد قِــيس سمجـهو يــا ڪه مـــجـنون،
غــــيرن رقـــيبن جــي مـــيڙ مـــلي يــا ديـــوار مـــان گـــذران ٿـــو.

خـــنــجـــر لـــڳــي ڀــالو لــڳي بــڙڇـــي لـــڳي يـــا تـــلوار تـــيـــــغ،
ســـر سھائـــي ٿـــــي بھادر ســــــائ تـــلوارمــان گـــذران ٿـــو.

گــــل مـــٿي بـــلـــبل چـــري ۽ شـــمع مـــٿي پروان پتنگ،
عـــــشــــــق آتــش تـــابــــش، حُـــسن جـــــي نــــار مــان گـــذران ٿــــو.

بــــــزدل ســمــجــهو يــا بھادر دلــير ســـمـــجــهو يـــا دلـــگـــير،
نشو چڙهــيل آ نــيـــنھن جـــو ڪــنھن خمــار مـــان گـــذران ٿــو.

1 ســـــيال صـــــاحـــــب ۽ 2 امـــر ۽ ٻــــــيا ســڀــئي ساٿــي سنــدن،
گڏجــي گــهڙن هــٿ وٺــي، بــحـر عميــق تـار مان گــذران ٿـو.

اِمن عشق مون کي آ سيکاري، هي مشقِ سُخن جي گفتگو،
تــنقيد ٽوڪون ڇاجون ڇــنڀڻ، وڏي ڪــنھن مـار مان گذران ٿو.

1 سائين محمد حيات سيال (شاعر)،
2 امر شر (شاعر)،

مـــــوچــــــارا مـــوچارا مکـــڻ جھڙا ماڻھون،

مـــــوچــــــارا مـــوچارا مکـــڻ جھڙا ماڻھون،
مـــري ويا هليا ويـــا رهــڻ جھڙا ماڻھون.

حقيقت کان واقف، قـــــبـــر ۾ بہ هــوندس،
ناهــيون خُــدارا، مــرڻ جھڙا مــاڻھون.

بــرقــعو مــٽائي، لــڏي جــي ويـــاســون،
تصور جـــي دنــيا ۾ تــرڻ جھڙا ماڻھون.

ادب هـو، عجب جـــو اهـــل بہ هياسـون،
دشمن جــي آڏو اچــڻ جھڙا مــاڻھون.

قــســمت ۾ غُــربــت الائـــي ڇــــو اچـي وئي،
هـــئاســون ڏيــڻ ۽ وٺــڻ جھڙا ماڻھون.

نہ ٿــــي شــادمـــانــي شــرم ٿــو ٿـــئي پـر،
بــرادر ۾ اُٿــڻ ۽ ويھڻ جھڙا ماڻھون،

تـــوهــــان ۾ تــوهــان جـــو اِمـن بہ هيو ڪو،
ائـــــين چـــئي چــريا ٿــيا رئــڻ جھڙا ماڻھون،

زخم ٿــــيا زور ضــعيفن کــي، زوراور زور ڪـــاپــاري،

زخم ٿــــيا زور ضــعيفن کــي، زوراور زور ڪـــاپــاري،
لـڳا جــي تـير تــن من ۾، بِـــرھہ جــي بــات بِــنہ ه بــاري.

انـــدر جــا وڍ، وڌ ۾ وڌ، وڌي ســـي واڌ ووُکــــا ٿـيا،
وري گهائن مٿان جي گــهاءُ، تــانءُ کــان ســاھہ تُم تــاري.

نينان جي ناز نزاڪت ســان، نـپٽ نــادان نــظر ٿــيا جــي،
ويھن در جـي اڳــيان عـــاجـز، اِلاهـــي آھہ تـن زاري.

سٽن ٿا ساس سيني ۾، ســـمورا پـــاپ ســندن سِـــر تــي،
ڪٽي ڪـــيري ڪُــهن ڪــجليون، ڪُهڻ جي ڪار ڪم ڪاري.

جَهٽي جــهٽ پٽ، فــٽي بـحري، ڪپي ڪــوري ڪــليجي کي،
بدن ڀورا ڀڃي ماري، انوکــا داغ دُکــداري.

اِمن جي آس اندر ايڏي، چوان ڪيڏي سا رب ڄاڻي،
حُـــسن جــي هانءُ ۾ هاءِ هلچل، حقيقت حال همـواري.

جُـهـنجهڙي واءُ جو ٿڌڙو جـــهونــڪو، صدائن جا گل ڏٺئي اکين ۾،

جُـهـنجهڙي واءُ جو ٿڌڙو جـــهونــڪو، صدائن جا گل ڏٺئي اکين ۾،
ســـنــڌو ڪِــناري، سـارون ســلھاڙيــل، چئنچل ڌارا رکيئي اکيــن ۾.

سُندر سھانا، ســـپنا مـيــڙي، سـادو پوتر اُتــساھہ اُٿــيو آ،
رقص ڪــري ٿــا نــيڻ گهمن هي، عذاب ڪهڙو اُٿيئي اکين ۾.

ياد جا بند هي پاڻهي ٽــٽي پــيا، سيلاب دنيا جي اُٿل پُٿل ۾،
اڌ صدي جو منظر هي اڄ، ڪھڙي طرح ڪيئن ڪـٿــيئ اکــين ۾.

خودڪــشي جو خدشو آ، تون گُـــل نــڇاور ڇــو ٿــــو ڪــرين پيو؟
شبِ هــجر، وصــل گــمانــي، مئي ڪش رُو جو مــــٽيئي اکين ۾،

زور ســان چــنبڙي روئــي ڏنـئي، ويو سُڏڪو هوا کــي آلو ڪري سو،
لاش غريبان آڻي آڏو، بــي سُـرتو ٿي سـٽيئي اکين ۾.

پنھنجي خيال ۾ پيارا سائـين،مانجهي اِمـن کـــي ڪيــئن ٿو ڀــائين،
ظاهر مظھر ڪرين نہ ڪـــريــن، پــر پـــنھنجي ڀــيري ڪُٺئي اکين ۾.

سـيني ســـنوان ســـينگارئـــي،پـــيڪــان پـــنــبــڻــين جـــا،

سـيني ســـنوان ســـينگارئـــي،پـــيڪــان پـــنــبــڻــين جـــا،
هــــــڻــنــدي گُـــــٿا نہ هــــڪدم، نِـــــشــان پــنــبــڻــين جـــا.

لِــــڪ لِـــڪ ۾ عــشق مـنھنــجـــو، آخــــر لِــڪو نہ ٿــيو،
سھنــجـــئون ســـــٽن فــــٽـن هــي، زنـــدان پــنـبـڻـين جــا.

ذر ذر ۾ ذوق تـــنھنجو، ۽ تــوکـــي نہ مــنھنجو اُلڪو،
افــــسوس! ڪـــــون سـمــجهــيم اِمـــڪان پــنـبـڻـين جـــا.

جــو اکــيون پـڙهي ٿــو پُـرجهي، عالم علم جو چئجــي،
انـــســان اهـــڙو ڄـــاڻـي طـــوفــــان پـنـبـڻـــين جـــــا.

پنبڻين ڇِــنڀــڻ سـان ڇُٽـڪيا شَھہ تير سامھان سامھان،
اِمـــن سَــــٺا سـي ڪــاري، ڪُــل ڪــان پنــبــڻــين جـــا،

اصل ۾ سـونھن آهي ڇا؟ چمڪ ڇاهي؟ اهو ڪو نور آ اهڙو،

اصل ۾ سـونھن آهي ڇا؟ چمڪ ڇاهي؟ اهو ڪو نور آ اهڙو،
ڪـــشش اڙي، اهـــڙي مــــوهــــت، دِلــــي ڪـــــو سُـــرور آ اهــڙو.

ڀــــلا ســــامھون اکـــــڙين ۾، ڇِـــڪــــڻ ۽ ڇــــوھہ ڇـــــاجــــي آ،
اهـــــــو اســــــرار آهــــــــي ڪــــــــو، حُـــــســـن مـــــــغرور آ اهـــــڙو.

دُکــــي دل بـــــاھہ جـــا ڀـــڙڪـــا، شـــوڪــــارا شــــور آهـــون هـــن،
ذهـــــــن ۾ ســـــوچ جـــــا جهـــــڳــــڙا، مـــــنڌل مـــذڪـــور آ اهـــڙو.

نـڪو آ خــيال روزي جـــو، نـــڪي ڳـــڻتي ڪـــا ٻــــچـــڙن جــــي،
جــگــر ۾، هـــانءُ ۾ مـــايــوســي، نيـــنھن جـــو نـــاصـــور آ اهــــڙو.

ويــــــســارو ٿـــــم ڀُــــل چُـــــڪ ۾، وســـــاري پـــــاڻ ويـــٺو هـــــان،
ڳــــولـــــيان ٿــــو، لـــــڀان مـــشــــڪـــل، جــــنونـــي پـــور آ اهــــــــڙو.

اِمـــن مـــانــجــهي حُــسن آڏو، مانــجــهي ڪُســـندا وري اُٿــــندا،
هـــــر هـــــر مـــــعاف ٿـــيندو پــــيو، عـــشق جـــــو قــــصور آ اهـــــڙو.

وڪـــڙيـــل گــــيســــو ورن وســــيھر، وار گـــــهـــنـــا ۽ گـــــهـــــــاٽــــــا،

وڪـــڙيـــل گــــيســــو ورن وســــيھر، وار گـــــهـــنـــا ۽ گـــــهـــــــاٽــــــا،
قــــــاتــــــل ڪـــــجـــــلــي اک ڏســــي،لـــــک نـــــاز ڪــــندڙ ڏس ڦـــــاٿـــــا.

تـــوکي مــون کـــي خـــبر ڪهڙي، هـــنــن ڪــارن وارن پـــيارن جــي،
حـــــــسين دنـــــــيا جـــــــا هـــــــزار ڍريـــــــا ٿــــــي، درشــــــن دم لاءِ آتــــــــا.

مـــان ٿـــو چــاهـــيان چــاهت مـنھنـجـي، مـــون ڏي چــري ٿـــي مــوٽـــي،
انـــــداز انـــــوکــــا پــــاڪ حُــــسن جـــــــا، نـــــــاز نـــــــوان رنـــــــگ لاتــــــا.

تنھنـــجي حُـسن تي مــور چــريا ٿـــيا، جهر جهنگ آهون آس رکن ٿا،
ڪـــوئــــل قُــمـــري ســــونھن ســــوڀــــيا تي، گــيت غــزل گـــڏ ڳـــاتــا.

پـن پــن، گل گل، شاخون چمن ۾، ســونھن ڏســڻ لاءِ سـر ڪــوشــان،
مـــــاڪ ڦــــڙن جـــــي دل ٿـــي ڌڙڪــــي، رنـــگ راض ڏســــــو دل ڀـــاتــا.

غــــــريـــب فـــــقـــير، اســـــير اٻــــــوجـــــهه، ٻــــــاجھہ ڪـــــــري دل لاتــــــئي،
مـــانــــجهــي جھڙا ســــادا دل، اڄ پــنھنـــجــي صـــنـــم سُـــڃـــاتـــــا.

هـــم زبـــان ۽ هــم ســفر تـلخِ زنــدان گــريـــان ڏســـي،

هـــم زبـــان ۽ هــم ســفر تـلخِ زنــدان گــريـــان ڏســـي،
ويــا لـنوائي همدرد سڀ سي، سوزِ غم ۾ عيان ڏسي.

ويــران ســحر ۾، جــنت عــدن ٿـــي پــوي چاهـين اگـــــر،
بـــالـيقـين بــي هــمت نہ ٿــي، تــيز رُخ طــوفــان ڏســــي.

هيچ پرتو ناهين تون، تون چراغِ شغف جو جُنجهاڪڙو،
خـرام خــوش نـسيم سـحـر ۾، ڪـو لُـطف نـاروان ڏســي.

تــون شــاھہ ڌن هـٿ ۾ رکــين لال جــوهـر ســنگِ ريــز،
مـون همسري نہ برابـري، پـري نہ ٿـي اڄ پـروان ڏســي.

ذُلف ڪاڪل ڪــسنا ڇــڏيــو، شھيدِ غـمـزد غـرق ٿــيا،
مـينا بـرسـي، بـربـرق بـادل، وارن سـندا وَ روان ڏســي.

وامــــق ڏســـــيو وادي ۾ مـجــنـون، ٿـــو چـــوي لام لــــيليٰ،
عـــــشق در غــــذاب ڪـــيڏو، چــــــئو عَــــذُر بــــيان ڏســـــي.

اي رفـــوگـــر ڪـــر گُـــريـــز، ڪـــر لـــب لــبا سـاغـر بِــجُــز،
هـــي خــون نـيا دل مـان ٽُٽي، تــير سامھان سـنوان ڏسـي.

ڀُـون مـٽي تي ڪچ ڪــيڏو، ڪــاڻ ڪِــنھن جــي ڪـان پر،
هي ڪاڄ ڀـي سانـڀـين نہ ٿـو، دلـڪـش رهــي دنــيا ڏســي،

ٺــٺ ٺـانـگــر ڀــات ڀــاتــون، ڄــم ڄــــمائـــون راس بـــرتــــا،
اي اِمـــن جُـــگــــنو نہ ٿـــــي، پـــاڻ جـــوڌو جــــوان ڏســي.

زمـــانـــي ۾ نہ آهــي کــوٽــي، چـــڱــا مـــاڻھون، اڃــــان پـــــيا هـــــن،

زمـــانـــي ۾ نہ آهــي کــوٽــي، چـــڱــا مـــاڻھون، اڃــــان پـــــيا هـــــن،
بُـــرن ســـان جـــي ڀـــلايـــون ڪــن، ڀـــلا ماڻھون اڃــــان پـــيا هـــن.

لــکــين سھڻــــيون لـــکــين مــيھر، لــکين لـک ڄـام لــک نوريون،
ســونہ اري ســـــنڌ ۾ ســــوريهه، ۽ سُـــٺا مــاڻھون اڃــان پــــيا هـــــن.

دُکــــي دل کــــي دلاســـــــا ڏئــــي، ڀـــڳي دل کــي ســـڄو جـــي ڪـــن،
اهـــڙا سھڻا ســڄــڻ مــانــجهــي، مِــٺا مــاڻھون اڃــان پــيا هـن.

ســـــويــــن عــاشـــق پــــتــنگ پـــــروان، مــــحـــبــت ۾ وتــن ڪُــــسندا،
غـــريـــبن لاءِ سِـــــر گــــهورِون، اهـــــڙا مــاڻھون اڃــــان پـــــيا هـــــن.

ڪَــسون کـــائي اچــن جــي ڪــم، ٻــــين ســــان ڪـــن رڳـو ٻـاجـهون،
اِمـــن ايـــــمــان اڃــــا آهـــي، ســـــچــا مـــــاڻھون اڃـــان پــيـــا هـــــن.

رُڳـــــــو رات هـــــڪـــــڙي تہ ٽِــــڪــــــندا وڃـــــــو هـــــــا،

رُڳـــــــو رات هـــــڪـــــڙي تہ ٽِــــڪــــــندا وڃـــــــو هـــــــا،
غــــــــريــــــبن جــــا ڪــــــکــــــڙا تہ ڏِســـــندا وڃــــو هــــــا.

مـــون ڇـــڏيـا شــوق شــاهـي تــنھنـجــي ذوق خــــاطـــر،
مــنھنـــجـــو روڄ رودن تہ پُــــڇــــــندا وڃـــــــو هــــــــــا.

اٿـــــم هــــڪ هُــــنر، مُــنھنــجــا اکـــر صـــاف سھڻا،
خــــطاطـــــي هـــٿـــــن تـــــي تہ سِـــــکـــــندا وڃـــــو هـــــــا.

ڪــڪر جـــي تہ ڪُـــک مـان، مـون ڀريا ٻُڪ اوهان لاءِ،
ٿـــــــــڌو پــــــــــــاڪ پــــــاڻـــــــي تہ پــــــيــئــندا وڃـــــو هــــا.

دل جــــــي ڪــــــــاغـــذ تـــــي ســـٽون ٻہ ســـورن جـــيون،
اِمــــــــــن جــــي غـــــزل مـــان تہ لِــکـــــندا وڃـــو هـــــا.

ادب ۽ ســاهـــت سھيڙي ٿــو، شــهشــير قـلم جي صــداقت ڏِس،

ادب ۽ ســاهـــت سھيڙي ٿــو، شــهشــير قـلم جي صــداقت ڏِس،
فــڪر وُ ذِڪــر عــلــم رُوحــي، عــمــل ڪـــشـف ڪــرامـــت ڏِس.

تـــــــحـــريــــر ادب لــطــاــفــــت ۽ حـــقــيــقــت جــــي وڏي خـــــوبــي،
ســــلاســت ۽ فـصــــاحــــــت ســــان، اصـــل عــــبــــدي عــــبادت ڏِس.

خِـــلـــوت ۾ فـــــراوانــــي ۽ انــــــدر ۾ آ تـــــو ســـــڄـــــڻ جـــــي لاءِ،
ائـــيــــن اُپـــٽــــــار وجــــدانـــــي، فــــطـــــرت جـــــي فــــراخـــــت ڏِس.

مـــحبـــت جـــون مـــوجــون مــن ۾،مــوتــٿ مـاڻڪ لال وَ مــرجــان،
بـــــنـــــاوت ۽ نـــــــقـــل نــــاهــــي، نــــقــــشِ رس جــــو روابــــت ڏِس.

جــــــف الـــــقـــــلــــــم قــــســــمـــت ۾، ڀــــريـــو آ رُوپ اُلـــفـــت جـــــو،
نـــــســــب ذاتـــيـون، ريـــتـــون رســـمــون، اجــائي هــي بــناوت ڏِس.

مــنھنـجـي هِــن ضِـف عُــنوان ۾،غـزل سمجهين نہ تون سمجهين،
نسـيم بــري کــان پُــڇي وٺــجان نہ منھنـجــي خــط وَ ڪتابــت ڏس.

اٿــــم هِـــن عــــشـــق جــــو عــنصــر، جــيون ۾ رنــگ ويــچــارن جــو،
ها! بِـــــنا وس ٿــــر تـــان ٽـــپي بادل، اِمـــن ان جـــي عــنايـــت ڏس

دنـــيا جـــون اُڀــــاريــــون لھواريــــون ڏٺــــــيون ٿــــم،

دنـــيا جـــون اُڀــــاريــــون لھواريــــون ڏٺــــــيون ٿــــم،
دشــمـــنــيون دوســـتـــيون ۽ يــــاريــــون ڏٺــــيون ٿــــم.

وڇــــــوڙي غــــــمـــــن ۾ گـــــهاريــــم ڪـــڏهـــن پـــئي،
ڪــــڏهــن عــيـش عــيدون بھاريــــون ڏٺـــــيون ٿـــم.

بُــــکايـــل، بــيـــگــــانہ غــــــريــــــبــــن جــــــا ٻـــــــچـــــڙا،
غـــــريـــــبن جــون دلـــيون ڏکـــاريـــون ڏٺـــيون ٿـــم.

مـــــانـــي ڳــــڀـــي لاءِ، ســــڪــن اڄ ٿـــا ســانـــگـــي،
نہ ٿـــر ۾ وُٺـــي جــــون ولھاريـــون ڏٺـــيون ٿـــــم.

ڪـــڏهــن پــــــنڌ پـــــيادل، مـان راهــي هـــان رڻ جـــو،
ڪــڏهــن وِڄ جــون ويھي، ســواريون ڏِٺــيون ٿــم.

وٺــــــن روپ ظـــــالــــــم، مـــــظلـــــوم جــــــــو اڄ ٿــــــا،
خـــــــطــرنــــاڪ، خــــلـــل ۽ خُــــواريــــون ڏٺــــيون ٿــــم.

عـــــــــدالـــــــــت، ادب ۽ عــــــــــــزت، مــــــــــان اڻ لــــــــڀ،
پـــراون ۽ پــنھنــجــن ۾ گــــهــاريـــون ڏٺـــيون ٿــــــم.

هــــــيـــــڻي تــــــــي هـــــــــــر دم ڪـــــــــري ڪـــــــاه ڏاڍو،
قــاتــل جــي ڪُـلھي تـــــي ڪُــهاڙيــون ڏٺـــيون ٿـــم.

مــســـڪـــين مـــاڻھون جـــيـــئڻ لاءِ عـــو جـــا چــــــي،
وڏيـــرن جــــا بـــنــــگلا ۽ مـــــــاڙيـــــــون ڏٺـــــــيون ٿـــــم.

اِمـــن چــانگ مــانـجهي، عــجـــب تـــر زمــانــــو،
مُــــرڪــــون کـــــيـــڪـــارون، اڌاريـــــون ڏٺـــيون ٿـــم.

تــــون زنـــده قــوم جـــي ٻـــچــڙي کــي، دهـــمــان ۽ دڙڪـا ڇـو ٿـو ڏيــئــيـن؟

تــــون زنـــده قــوم جـــي ٻـــچــڙي کــي، دهـــمــان ۽ دڙڪـا ڇـو ٿـو ڏيــئــيـن؟
تــون طاقـت سـان هِـن حـق ســچ کــي، بــاطــل جــي پــرکــا ڇــو ٿــو ڏيــئـيـن؟

اي زوراور تـــــون وڌنــــدو وڃ، هـــيءُ انـــــت عــــجــــائــــب ڏِســـنديـــن ڪـــو،
انــصـاف جـي تـور ۾ تـرنــديــن تـون، هـي طـعنا طُــنـقــا ڇــــو ٿــــو ڏيـئــيـــن؟

تـنھنجـي ڏاڍ ۽ مســتي کــان تہ ڊِڄــان، اِهــا نسـل ۾ سسـتي ڪــانھي ڪــا،
فِــــرعــون تــوکـي لـلـڪـاريــو ٿــم، تــون بــاھہ جــا ڀـــڙڪـا ڇــو ٿــو ڏيـئــين؟

تـــــون رئــيس آهـين تنھنجـو شــان مــٿي، ۽ مُلـڪـين تـنھنـجـو مــان هُــجـي،
پـــر ٻئي جــي عــزت کــي خــاڪ ڪــري تـون ٽِلـي ۽ ٽهــڪا ڇــو ٿــو ڏيئـين؟

هـــي منھنجيـون جهـوپـيون ۽ هي مـارو منھنجا ٿــر جـا سـانگـي ســانــوڻ ۾،
شــــل خـــوش هُــجــن آبــاد هُــجــن، تــــون تـــن کـــي بــتاوا ڇــــو ٿــو ڏيــئــــين؟

تــــون راڄ ڌڻـــــي يــا رهـــبــر نـــاهـــــيــن، رهـــــزن آهـــيــن تــــون بـــــد نــــظــــر،
زبـــــان مِــــٺــي شــــل ڏنــــدن ۾ وڍجــئي، انـــدر جــا دوکـــا ڇـــو ٿـــو ڏيــئــيــن؟

اســـان جـــي طـــاقـــت اســــان تـــي اُلاريــن، بــاغــي ٿــو ســمجهـــين بــد نِـــيــت،
جن اڳتي ڪري توکي ڇـائـون ڏنــيون تــون تـن کي تِــڙڪــا ڇـو ٿـو ڏيـئـيـن؟

اســان ســڀ ڪجهہ هـــاڻــي ڪــري ٿــا ســگهــون، لـڙ تہ تــوســان لــڙنـداســـين.
پـر تـنھنـجي وڏيــرپ تـو تــائــين اِمـن، ســڀ کـي سٽـڪا ڇــو ٿــو ڏيـئـــين؟

سُــــڪــــا ٿـــي ويــــا فـــصــل ســـاوا، ٻُـــٽ ڌرتـــي نہ بـــارِش ٿــي،

سُــــڪــــا ٿـــي ويــــا فـــصــل ســـاوا، ٻُـــٽ ڌرتـــي نہ بـــارِش ٿــي،
هـــاڻـــوڪــي هـــيل سـانـــوڻ ۾، ڪـــڪــرن کــي ڪــا آرس ٿـي.

اُڏامـــــي ٿـــــي رڳـــــو واري، خُـــشـــڪ ســــالــــي آ سُـــــڃ ســــاري،
وِلھين جـــو واهــــرو يـــا ربّ، غـــريـــبن جـــو تــــون وارث ٿـــي.

ٿـــــــر وارا ســـــادا مــــاڻھون، گُــــذارو آ مـــال تــــي جــــن جــــو،
ڏُڪــــر ۾ ٿــــي مُـــئا ڏوڙا، نہ قُــــرب بــــنـــدي نہ ڪــــا رس ٿـــــي.

جـــــن مــاڻــهــن ڪــــيو آ بـــند، پـــاڻــي مـــــحــــبوب مــــارن جــــــو،
آهِ غــريـــبان َهـــر خُــدائــي، سُــخـــن گـــــوئـــي هـــي پــــارس ٿــــي.

ڪــڪــر ڪــارا ڪيـئن ايـندا هـا، وســي وسـڪـار گجن گــوڙون،
ٿـــــــــڌا ســـــارا ٿــــر ٿـــــوهــــر، ويــــنـــدا هـــــا مـــــال مـــــارس ٿـــــي.

ڏيــــو پـــاڻـــي ڏيـــو پـــاڻـــي، پــچــي ڪـــا پـــوک پــنہ ــوارن جــي،
وٺـــــو دل مــــــان دعــــائـــــون ڪـــي، ڏاڍي ڪـــا تــاب تــارس ٿـــي.

اِمــن مـــانــجهـي زمــانـو هــي، ويــنـدو گــذري بھادر ٿــيو،
جي مـون پـارا مِــٺا ماڻھون،تہ ويـــندي چـــويــاري چـــورس ٿــي.

عـــجــــب مــــحــــبــوب ڏاڍو ٿـــــم، ڪــريـن ايـــڏي جـــفـــاداري،

عـــجــــب مــــحــــبــوب ڏاڍو ٿـــــم، ڪــريـن ايـــڏي جـــفـــاداري،
دُنــــيــا فــــانـــي، پـــرايـــو دم، ڪـــر مـــــون تــــي رحـــمــــداري.

پـــکــــي پــــرديــــس کـــان آيـــــو، ويـــٺـــو ٿــو وڻ مــٿان ٻــولـي،
نہ هــڪ ڏيـنھن پـکي هــونــدو، نــڪــا وڻ جــي سـاڳــي ٽــاري.

چــمـن ۾ گُــل گُــلابــي تــون، وڏي هِــڪ نــاز ســان جُهـومـين،
هــــي چـــنــد ڏيــنھن بھاري آ، ســدا رهـــندي نہ گُــلــڪـــاري.

جــلــي ٿــي شــمــع پـل پـل پــريــن جــي خــوب مــحـــفـــل ٿـــئي،
مـگــر مــقـبول وڃــجـي ڪـيـئــن، ڪــانھي ڪـائــي قـــدرداري.

چـــمـــن جـــو رنـــگ آ سھڻــو، مـــٿـــان بـــادل بہ بــــرســـيـــل آ،
ٽِـــــڙيــــــل غُـــنـــــچه بــــاغـــيــچــــن ۾، ڏاڍو آ چــــــاھہ چـــــوڌاري.

ڇــڏائـڻ جـي ڪـريـن ڪـوشـش، اِمـن ڦتـڪڻ سـان ڦـاسين ٿو،
هـڪ رقـــيــبن جـــي رنـــجـــش ڏاڍي، حــيلا ڪـــن ٿــا هـــرواري.

اِهــــڙو دنـــــيـــا ۾ ويـــــو آ دور اچــــي، ســــچــــا يـــار ســـڄـــڻ وفـــادار ڪـــٿي؟

اِهــــڙو دنـــــيـــا ۾ ويـــــو آ دور اچــــي، ســــچــــا يـــار ســـڄـــڻ وفـــادار ڪـــٿي؟
پـنھنـجي مـطـلـب جــا ســڀ يـــار آهــن، دلــي دوســـتي جـــو وهـــنوار ڪـــٿي؟

ڪـو ڪنھن سـان ٺھي ، ڪو ڪنھن سان ٺھي ، هر ڪنھن جا پنھنجا مفاد اڙيل،
اڄ عـشـــق جـا ســاڳــيا آزاد ڪِــٿي، اُهــي سُــونھن جــا دِل ســان ديـــدار ڪِـــٿي؟

ڀاءُ ڀاءُ سـان ڀــيڙو ڪـونھي ڪــو، پُـــٽ پـــيءُ جــي چــوڻ تــي هــلي ئـــي نـــٿو،
اوڙي پـــاڙي ۾ ســـاءُ ســـاٿ ڪــونھي، اُهـي سـاڳــيا سُـڪـون ۽ قـرار ڪِـــٿي؟

اڄ ڪلھہ جــا پــڙهـيل جــي جـاهـل ٿــيـن، پــوءِ اڻ پــڙهيل ڏسـيو ڪــاڏي وڃــن؟
ڪـم جــائــز هــجــي ۽ ڪــامــورا نہ ڪــن، پــوءِ شــرم حـياءُ جـــي پــچـار ڪـٿي؟

چـــــڱـــــا چـــــور هُــــجــــن ۽ چـــــورن جــــون،ڪــــن پُــٺ ڀـــرايـــون طـاقـت ســـان،
زوران زوري حــــق کـــلـــيو کـــايـــو وڃـــن، پـــوءِ حـــق وٺــڻ جـــو اعتبار ڪٿي؟

اڄ ڏاڙهـــي اڇـــي ۾ لــــوفـر ڏس، ڪــندا ٻــين جـون گِـلائـون ۽ ڪِــن ڪِــچــرو،
اهــا عــمــر اجـــائــي مــانـجهـي اِمـن اهـڙي عـمـر ۾ ڪـا بہ ســنوار ڪــٿي؟

مــــان تـــنھنـــجـي شھر ۾ گُــــل هُـيس، تــو خُـوشـبو جـــي واس ورتـــي ڪـــانہ ،

مــــان تـــنھنـــجـي شھر ۾ گُــــل هُـيس، تــو خُـوشـبو جـــي واس ورتـــي ڪـــانہ ،
هـــي تنھنجـي ڪـري، منھنجـي مـوسـان دل، هـن پــيار جـي عــيوض پرتـي ڪــانہ.

مـــون عِــــلــــم ڏِنـــا، مــون قـــلـــم ڏِنـــا، مـــون ڪـــاغــذ ڏنــا، ڪجهہ لِـــک ۽ پـــڙهه،
پـــــر پــــيارا ســـائــــيـــن ڄـــــاڻـــي نہ ڄــــاتـــئــي، ٻــــالــــڪ دل تــــو پـــــرکــــي ڪـــــانہ.

مـــون ســـال صــــديـــون ۽ ڪـــي وقـــت زمـــانـــا، نــقــش ڇــڏي ويـــس اُلــفــت جــــا،
تــــون تــن جـــو قــــدر اڄ ڇـــا ٿـــو ڪــريــن، ڇــا تـو ۾ ڪــشف ڪــا تــرسي ڪـانہ ؟

مـنھنــجـــي مــــارُن ۽ ٿــــــر وارن کـــي، مُــنھنـــجـــــا ســــلام ڏِجــــان اَي اوٺِـــي ادا،
تــون تـن کــي سـامھان ســلام ڏئــي چـئـجــان بــارش ٿـــر ۾ ڇــــو بــرســـي ڪـــــانہ ؟

ٿــــــر تـــــتــــيءِ ۾ ڌرتـــــتــــيءِ جـــــو، ايـــنــــدس مـــــان تــــوهـــــان خــــيــــال ڪـــــجـــــو،
مــان نہ آهــيان پـــري، تــوهــين ساڻ آهـــيو، ســوا سـانگـين دل هـي سـرجـي ڪانہ.

ڪجهہ کــاٽي کـڻو ڪجهہ، ڪجهہ هر ڪـاهيو، يا ڪو ڪتاب پڙهو پر ڪجهہ تہ ڪيو،
ڀـــلا عــالـــم ٿـــيــو يـــا فـــن سِــکـو، اڃــا تـــائــيــن ڪــيــوَ ڪـــا خـــاص تـــرقــي ڪـــانہ.

تــــاريــــــخ جــــي لــــفــــظــــن ۾ مـــنھنجــو نــــالـــــو کـــڻــي تـــــــون نہ ــــــار مـــــٿي،
مانجهـي عـرش ۽ تــارن کــي بہ چــيم، مــنھنجــي قوم جي عظـمت مـرندي ڪانہ.

چـــري دل ســاگــر مــان تہ بـچــي بـنــد ٿـي ڀــيڙي،

چـــري دل ســاگــر مــان تہ بـچــي بـنــد ٿـي ڀــيڙي،
گلـن جـي ڀـنوّر ۾ تہ ٻــوڙيـئي مـنھنـجـي ٻيڙي.

مِـــٺــا مُــرڪ تـنھنــجــي مُـــلايـــم يـــا ريـــشم،
چُـــمي ڏئـي چـپن تـي، چــاهت چـس تـو ڇـــيڙي.

چــالاڪـي نــگاهــن جــي، وئـي آ ڏُور بــڻـــجـــي،
ٻــڌي روح مُــسافـر، ڪري ڪئين پئي ميڙي.

مِـــٺا خـــاڪــيسر تـنھنجي پـيرن جـي مِــٽي آ،
چــــکــــڻ لاءِ پـريــن مــون، پُــڙي ۾ آ ويــڙهـي.

دوکــيـبـاز دشــمـن جــي لھان پــيو ساروڻي،
اِمــن اُن جــي آ پـوري ڪــهاڻــي سھيڙي.

ظـــالـم وڏيـرا ڌمڪيون تنھنجيون، تــنھنــجـا داٻـــا مــڃــبـا ڪــونہ ،

ظـــالـم وڏيـرا ڌمڪيون تنھنجيون، تــنھنــجـا داٻـــا مــڃــبـا ڪــونہ ،
اٽــل اِرادا آهـــن مُـــنھنـجـا، عــــهـــد ٻـــــڌا ٿـــــم، ڀــــڃـــبـــا ڪــونہ.

مِــٺي زُبــان سـان رت ٿـو چُـوســين، وات ڳــاڙهـا تون قـاتـل قھري،
تــــوســان مـنھنجـي جــنــگ آ جــاري، هــٿ وڌا ٿـــم ڪــڍبــا ڪــونہ.

تـنھنـجـا چــيلا دال جا تــاتــيل، اچــي وڙهــــن ڀــــل مــوڪـــل ٿـــن،
پـــرائــــي در تــــي ڪُــتي وانــگـر کــائيــندا ليــڪــن لــڙنــدا ڪــونہ.

تــنھنـجـو جـنھن ۾ مـقـصـد آهــي، ڪــم اُهــو ٿــو بھتر سمجهين،
غـــريـــب ويـــچــارا تـــڙپــن ســڙڪــن، آخــر اهـي توسـان ٿُڏبـا ڪـونہ.

ڪــر اُهـــو سُــڀان سھي ســگهــين، ڪــم ظــرف ڪـــمـيـڻا بــد نظر،
گهــوگهــو تــــوکـي ضــرور ايــندو، ڪُـــوڙا مــحـل ڪُــل اڏبـا ڪونہ.

اسـان جــي غـلـطـي اِهـا آهي جـو، چـونـڊي تـوکــي ڪيوسين اڳتي،
ڪــم ڪـــم جـــي مـــاڳ رهــي پـــر ڦـــاهـــا ورائــي وِجهــبــا ڪـــونہ.

مــانـجهـي اِمــن ٿو سمجهين اڪـيلو، نہ نہ وڏيرا الله آهي،
هـــمــٿ آهــي سڀــڪجهہ ٿيــندو، پـــانــد پــيا ٿــيـندا ڇـڏبــا ڪــونہ.  

قدم سِر منھنجي تي ڌري ڪونہ سگهندين

قدم سِر منھنجي تي ڌري ڪونہ سگهندين
اسان سان جُٺون هي ڪري ڪونہ سگهندين.
هڻي ڪوڙ چُغلي ۽ بھتان بُڇڙا،
هي نقصان ايڏا ڀري ڪونہ سگهندين.
وڙهين ٿو ڪري ساڙ، سڙي نيٺ ويندين،
ڪيني قدّورت ڪڙي ڪونہ سگهندين.
کڻين کڏ اسان لاءِ ڪِري پاڻ پوندين،
مٿان جادو منھنجي جڙي ڪونہ سگهندين.
اي دغاباز دُشمن تون دُشمن تہ آهين،
ڪوڙا ڪيس مون تي مَڙهي ڪونہ سگهندين.
ڄاڻي سُڃاڻي ٿو سڄو لوڪ مون کي،
چڱي کي ڪِنو چئي تڙي ڪونہ سگهندين.
ڏسي ڌن اجائي ڪرين ڪم شيطاني،
منھنجون واٽون راهون گهڙي ڪونہ سگهندين.
سڄي راڄ توکي ڇڏي آ ڏنو پر،
سڀ ڪنھن جي لڄ کي تري ڪونہ سگهندين.
امن چئي اسان جي واري ۾ اچي وئين،
موت کان ڀڄي ٿي پري ڪونہ سگهندين.

مــــوکــان تــــون ٿـــو رُســـين پــيارا، دنـيا بہ رُســي ٿــي وڃـي،

مــــوکــان تــــون ٿـــو رُســـين پــيارا، دنـيا بہ رُســي ٿــي وڃـي،
مــايــوس مــان ٿــي ٿــو پــوان ۽ نــظــر بہ جُهــڪي ٿــي وڃــي.
پئي ٿي چِڻنگ دُکـي جِهـمڪي، مُـنھنـجـو گهــر بہ غــريــباڻــو،
هــــوريــــان هــــوريـــان ٿــي هــوا هــلي ۽ بــاھہ مـچـي ٿـي وڃـي.
ڪــمــزور آهــيــان ڏاڍو، ســـــــڄـــــو ســــــارو بـــــــدن ســــــاڻـــــو،
رهــندو رنــج رُسـامـا تنھنـجـا، رت سُـونھن سُـڪي ٿـي وڃـــي
خــــــيــــرات حُـــســـن جــــي تـــــون، ســـــرِ عـــــام هـــلائـــيـــن ٿــو،
افــسوس ٿــئي ٿــو مــون کــي، رهـجـي دل هـي بُکي ٿي وڃي.
اِمــن چــانــگ مـانـجهي دِل جــو دســتور نِـــرالـــــو آ،
ڏِسي ســونھن صـنـم تــنھنجـي، ٿــي ڏاڍي خــوشــي ٿــي وڃــي.

سِـــتـــــم ســــو وار سھڻـا پــيـا، ڏوراپــا ڪـــيــنَ ڏيـــڻــا پــــيا،

سِـــتـــــم ســــو وار سھڻـا پــيـا، ڏوراپــا ڪـــيــنَ ڏيـــڻــا پــــيا،
گهــڙي جي گهــيڙ ۾ پــياســين، وٽـا وِھہ جـا هـي پــيــئڻا پــيا.
ٻــارن کــي خــبر ڪـــهـــڙي، چــاري رِڻ ۽ چــڪــر هــن جـــي،
بــــرِ صـحــرا جهــنـگل بــن ۾ جهـونـگاري گـيت چــوڻـا پــيا.
گـلـشـن ۾ مـون بُـل بُـل کي مـٿـان گُـل جــي ڏٺــو آ ڪـــالهه،
لــڳــي دل يا هي بي ادبي، ڏٺم گُل کي سو ڏنـڀ سھڻا پيا.
ســـڙي دل کـــي ســويـــن سُــهــمـا، ڌِڪــا ٿــاٻـا مِـليا ڏنڀ جي،
دِمـــاغــي ســـوچ ۽ سِـــر ۾، الائـــي ڪــهــــڙا هـي ڦــرڻـــا پــيا.
1 گدا کي غين سان لکجي، اِمـن کــي عــين سـان لِــکــــجي،
چـــوي هـــر ڪــو غــلــط ٿـــيــندو، اُنھن جــا چـپ چُــمـڻا پيا.

1 شاعر جو ننڍي لاڪون کان پرين پيارو دوست
۽ رشتيدار، اُستاد سُلطان علي چانگ
تخلص گدا، پاڻ هڪ بھترين شاعر آهن.

اڄ نــــاز ٿــــو ڪـــــريــــن تـــــون دلــــبر گهــــڻا گهــڻا،

اڄ نــــاز ٿــــو ڪـــــريــــن تـــــون دلــــبر گهــــڻا گهــڻا،
عــــاشــــق ڪُــٺــل ڏِٺــــا ٿــــم اڪــــثــــر گهــــڻا گهـــڻا.
تـنھنجـن اکـين ڪُهـي لک مھمير ڪي ئي ماريا،
خــــــونــــي اکـــين کُـــپايـــا، خـــنـــجـــر گهـــــڻا گهـــــڻا.
هـڪ مان نہ تـنھنجـو خـــادم، مـحـتـاج مــلڪ سارو،
جُهــڪــندي ڏِٺـــــم سِـــڪـــندر، هـــن در گهــڻا گهـــڻا.
وارن سَـــندي ڪَـــــڙي ۾، ڪــڙجـي ويــا جـــي قـــيدي،
ائـيـن پــنھنـجـي عــمــر ڏئــي ويـا، گـوهـر گهـڻا گهـڻا.
مــانجهي اِمـن اسان کي، ماريو صنم جي ماڻي،
اُٿـــلـــي پـــون ٿـــا عِــــــشـــق جــــا اوٻـــــر گهـــڻا گهــــڻا.

حــــڪــيــمــن جــي حــيـلـي دوا ڪــانہ ٿــيــندي،

حــــڪــيــمــن جــي حــيـلـي دوا ڪــانہ ٿــيــندي،
ســوا تنھنـجـي، مـنھنجـي شِـفـا ڪـانہ ٿـيندي.
ڏِسـان تنھنجو چھرو، مـون لاءِ بس ڪافـي آ،
خُـــــدا کــان جــنــت جـــي صــدا ڪـــانہ ٿـــيـنـدي.
ڦـــتـڪـي ڦِــري ٿـي، لُــڇــي دل ڪُــــسـي ٿـــي،
اڙي دل اوهـــان کـــان، جُـــدا ڪــانہ ٿــــيــــنـــدي.
تنھنجي سـونھن سـوڀــيا، نــزاڪــت نِــــرالـــي،
تـــوکــي نـــور چــئــبــو، وڌاءُ ڪـــانہ ٿــيـــنــــدي.
زنــــدگــي جــا پنھنــجــا، ســڀـئي پُــور پـــلـــبا،
شِـــڪــايــت يــا شِـڪـوه، گِــلا ڪــانہ ٿــيـنـــدي.
عـشــق جـــي اثــر ۽ حُـــسـن جــي قھر جــــي،
آهــــي ڳــالـــھہ اهــــڙي صــفــا ڪــانہ ٿــــيــــندي.
حُـسن جي ڪشش کان، ٽُــٽـي دل ٿـي ٽُـڪـــرا،
چـــويــن ٿـــو اِمــن دل حِــصـا ڪــانہ ٿـيــنـــدي.

وقــــــت زمـــــانـــــــو ردوبــــــدل ۾، پـــاڻــهــي ڦِـــرنــــدو ايــــنـــدو،

وقــــــت زمـــــانـــــــو ردوبــــــدل ۾، پـــاڻــهــي ڦِـــرنــــدو ايــــنـــدو،
ٻــيــڙو مـنھنـجـو تــار دريــــاء ۾، پــــاڻـــهـــي تــــرنــــدو ايـــنـــدو.
هر ڪو ماڻھو، هر ڪو ڄاڻُو، خيال رکي ٿو پنھنجو پنھنجو،
تــنھنجــو جــذبــو، تـنھنـجــــو جـــيون، پاڻــهـي ورنـــدو ايـــندو.
مندر ڪونھي، مسـجـد ڪــونھي، ڪــونھي مــون وٽ مـذهـب،
جــنھن جـــي دل جــــو جــــذبــــو مـون کـي پــاڻهـي گُهرندو ايندو.
عـــيــش خُــوشــي ۽ تـعــصــف داري، جــانِــب داري ڪـانھي ڪــا،
مطلـب مــقــصـد گهــر ڇــڏي هو، ڪـو نہ ڪو پاڻهي رهندو ايندو.
اِمـن مانجهي غـزل اسان جو، بِنا سوچڻ جي پڙهڻ ڇڏي ڏي،
ٺــاهــيـان ٿـــو مــان اڳــتـــي جــيڪــــر، پـــاڻــهــي ٺھن ـــدو ايـــنـــدو.

سڄڻ سامھون نِــگـاهــون ڌر، نــمــي هـي نــواب جُهــڪــي پــونــدا،

سڄڻ سامھون نِــگـاهــون ڌر، نــمــي هـي نــواب جُهــڪــي پــونــدا،
بـي حــس قــمــر ۽ شـمـس ۾، شُــعاع جــا شــتاب جُهـڪي پـــونـــدا.
نـــــازڪ هــــــن، نِـــمــاڻــــا هـــن، بِنـــا مُـــلھہ جـــــــي وِڪــــاڻــــا هــــــن،
مُـــٺا ســـڀ مــاٺ ٿــي پــونــدا، آڏو هـــي عــذاب جُهــڪي پـــونــــدا،
تـنھنـجــو چھرو ڏسـي پــيارا، پـڙهـــان ڪـــا ســـونھن جــي آيــت،
ڪجي ڪـو وِرد جِـي وِرلــي، عِـلـم جــا ڪــتاب جُهــڪــي پـــونـــدا.
تـنھنجـي هن سونھن جو ڪاٿو، نہ ٿيو ڪنھن کان اسان ڇا چئون،
ڪـــيون ٿــا حِســاب ويھي جــي، انــگن جــا حسـاب جُهــڪي پــوندا.
رُڳــــــــو لالاڻ لـــــبــــڙن جـــي، شـــغـــف ڳــــاڙهــــاڻ ڏس تہ صـــحـــيـح،
مـثالن سـان مُـــنــجهـي ٿـــا پــئون، گُــل ۽ گُــلاب جُهـــڪي پـــونـــدا.
تنھنجيون اکــــڙيـــون مـــاشـــاءالله، تــجـلـن ســان گُهــمن گُهــورن،
زاهــــد جــــي زُهــــد ۽ تـــقـويٰ، سمـــورا ثـــواب جُهـــڪـي پـــونـــدا.
ڪرين تـون جــي ڪُـــٺــلـــن جـــون، مـسيحا ٿـــي مـــلــــم پــٽــيون،
چــوان ٿـو سـچ اِمـن مـانجهي، سـڀئي صدبــاب جُهــڪي پوندا.

تون تہ سمجهين نہ ٿو، پنھنجي پاڻ کي ڇو؟ تـنھنـجـي پـيدا ٿـيڻ جو ڇـا مقـصـد؟

تون تہ سمجهين نہ ٿو، پنھنجي پاڻ کي ڇو؟ تـنھنـجـي پـيدا ٿـيڻ جو ڇـا مقـصـد؟
تـــقـــديـــر مـــٿان تـــحـــريــر لــٿي، تُــنھنــجــي جــيــئــڻ مـــرڻ جـــو ڇــــا مــقــــصــد؟
تنھنجي خاڪي بُت ۾ ڪنھن جو روح رليو، توکي فھم مليو توکي علم مليو،
تـــوتـي فـــلـــڪ زمــــين جـــو ســـير جُهــلــيو، انھي ڏات مِــلــڻ جـــو ڇــا مــقــصـد؟
جــــنھن ٺــــاهـــيـــو ٿــــئي ۽ اُپـــايــــو ٿـــئي، تِــنھن نـــام نِـــشـــان ٻــڌايــــو ٿـــئي،
ســـــو ســـاڻ وســـيءَ جــنھن جــو ســايــــو ٿــئي، رُکـئه رُلـڻ پِـنـڻ جــو ڇــا مـقـصـد؟
تـــون پــان آهــين پـنھنـجـو پـــاڻ بِــنـا، پـنھنـجـو روح روحـــاني رنــگ ۾ ڄـــمــاءُ،
ڇـــــڏ دُنـــــيا ســـندي هــــي پــوڄــاطـمـا، ڪـنھن سـان رُسـڻ ٺــهــڻ جــو ڇــا مـقـصـد؟
چــانــگ مـانـجهــي اِمن محبوب سوا، هي بوتو جسم ڪھڙي ڪم جو ڀلا؟
سِــڌي ڳــالھہ مـنہ ـجـي، مـنھنـجـا قــول سِــڌا، بــاقــي چـــوڻ ٻُـــڌڻ جـــو ڇـــا مـقـصـد؟ 

قــــدوَقامــت، شــاخِ طــوبـيٰ، شــاخِ گُــل شـمـشـاد چــئو،

قــــدوَقامــت، شــاخِ طــوبـيٰ، شــاخِ گُــل شـمـشـاد چــئو،
زُلــف سُـنـبـل، سـياهِ ڪـاڪُــل، رات تــي سـرشـاد چــئو.
رات گُـــگهہ انـــڌاري ڏِســـو، ۽ هــي ڏِســو ڪـــارا ابـــر،
چهبُڪ ڪنڍا، هي ور وِڌل، ٿــا دل گُهــريــا دِلـشـاد چئو.
ڏنــد مـوتــي، دُردُنــارا، شـــب ۾ تـــارا، لال وَ مـــرجـــان،
الـمـاس گـوهر، ياسمين، ڏاڙهون جي ڪڻ ڪلماد چئو.
سـج چـراغـي، چـانديـا، چـانــدي سندو مُـصـحـف مـــنڌم،
طـــور جـــو تـجـلـو چــوان، زهـره بــدر، وَجھہ واڌ چـــئو.
اي اِمـــن هـــي بَــردوبـــاران، رشــقِ گُــل رشــقِ مــيـنا،
نــفــيس نــازڪ مـخـمـــلــيــن، نــــاز وَ ادا آبـــاد چــــئو.

جو دل ۾ جاءِ جوڙي، قِــسمت سـان مِــلي ٿــو اهــڙو مھمان ڪــوئـي ڪــوئــي،

جو دل ۾ جاءِ جوڙي، قِــسمت سـان مِــلي ٿــو اهــڙو مھمان ڪــوئـي ڪــوئــي،
ماڻھون تہ لکـين گُهـمن ٿا،انھن مـان اڪـثر ٿــو ڏِسجــي انسان ڪوئي ڪوئي.
احســـــاس، جـــــذبــــا، خــــوبـــيون، خـــــامــــوش فِـــطــرتـــون ۽ دل جــون قُـــوتــون،
اُڀــاري اُجــاگر ٿـــو ڪــري، دنــيا ۾ عــالــٰي ظــرف قـــدردان ڪــــوئي ڪـــوئــــي.
جِـنھن کــي ســونھن تـي نــاز آ،ســو حســين خــود کـي الائــي ڇـا ٿو سمجهي؟
ڪـــري ٿــــــو دل جــو درمــان ۽ وفــا سـو آ مـحـبـتي مھربــان ڪــوئي ڪــوئــي.
قِـــصــا ٿــا پــڙهــجــن،عِــلـم ٿــا پــڙهـجـن، ڪـــتابــن ســـان ڏس گـــرم خــــوشـــي،
ٿــــــڌي دل وَ دمــــاغ ســــان، ٿــــو مــــومــــن پــــڙهـــي قـــرآن ڪـــوئــي ڪــــوئـــي.
عِـشق جـو وڃي نالو رهيو، اڄ ڪوڙيون ڪهاڻيون ڏس قُرب جون مانجهي،
ڪــــچ ڪــــوڙ ٿــــو وِڪـــامــي رڳـــو، آهـــي ســچ جـــو داســتان ڪــوئي ڪــــوئي.

هــڪ هو حسين آ، خنده رو دلڪش، بي تڪلفي کان بِنہ ه هو برتر،

هــڪ هو حسين آ، خنده رو دلڪش، بي تڪلفي کان بِنہ ه هو برتر،
سو سامھون آ ســـرســــري ۾، آ نـــظــر ۾ ٿـــو پـــسان اُن جـــو اثـــر.
مھڪ خُـوشــبو، مُـشڪِ سُڳنڌ گُلِ رنگ، شبزه شجر، وَڪو تپل،
لالـــــئه زار، شــــفـــقِ ثُـــريـــا، انــوارِ قــمــر، رشــق تــرهــي تــــصــور.
نـــظــمِ ضـــبــط ســـمِ دُشــنا، جـــان وّ جــســـم چـــشــم چــاسـينگي،
ٿو ڪري قھر قـاتل، قھر ۾ قھر ڪُـبريٰ قھر نـاپي ٿــو نــســتر.
ڦـاٿـل جـو ٿـياسـون ٿـو ڦـيري حـاڪـم حُـڪـم پُــر ضــربِ حُسن،
غُــلام نـوڪـر ناتـوان مـان، گهـرجـي جـي سـر هـر وقــت حـاضـر.

خــونـي شــهــباز نــظــرن جــو، ڏِســو جــادو هــي وٽ ســت تـــي،

خــونـي شــهــباز نــظــرن جــو، ڏِســو جــادو هــي وٽ ســت تـــي،
نِـگاهــن جــي نِــشــانـــي ســان، ڪِـــريـــا قــنـــڌار اُفـــٽ پــٽ تـــي.
ڪِـــريـــا تـــارا اُڀـــي اُڀ کــــان، ڪـــايــــا قـــائـــنـــات قـــــدمــــن ۾،
اٽــــل آڏو نِـــپــيا نــــســـتر، کـــڄــي ويــــا خـــون ســـو کـــٽ تـــي.
وريـــــــا جــــــي وار، واري ســــــان، وري آنــــــڌي انــــڌُوڪــــاري،
قيامـت ســان بہ قھر ٿـــيــندو، قــيامــت ٿـــي ڪــنــبي ڀــٽـڪـي.
گـــرم مـــوســـم مُـــنـد مــٽــجــي، ٿـي وئــي ٿــڌڪــار ٿــر بـــر ۾،
گُــــل بـــن بـــاغ بــاغــن ۾، گِهـمـيـل شـبــنـم مــــري چـــٽ تــــي.
چـمـڪ چـــانـڊاڻ چھري جــي، پـــئي چــقـمـق ڇِــڪـي دل کــي،
ڏِسڻ سـان ڏُک ڏنـجهـا پـاسـي، ٿـئي ٿــي ٿـڌاڻ چِڪـيل فٽ تي
پــريـن پـيارا هـي سـالـن کـان، سـفــر مـنھنجـو اوهان سانگي،
ســتايــل جـون سَڌون سَيڌي، وجهو ست ساھہ پھرن سٽ تي.
حسن جو تون حـقــي مـالـڪ، ڪــري ٿــو طــواف تــوکـي هــو،
ٿــيا مـسـتان اِمــن عـــاشــق، مُـــٺا مھمـــيــر هـــن ڇــــٽ تــــي.

ڇٽ؛. سائين شاھہ مردان شاه ٿاني المعروف ڇٽ ڌڻي. 

ڦِــڦـڙ ڦـٽـجـي پـــيا ڦــٽ ٿــي، ڦــٽـڻ جــي ڪـــا اٿـــئي اٽــڪــل،

ڦِــڦـڙ ڦـٽـجـي پـــيا ڦــٽ ٿــي، ڦــٽـڻ جــي ڪـــا اٿـــئي اٽــڪــل،
کڻــين ديـدون، ڏِسـين سـامھون، وڍڻ جـي ڪـا اٿـئي اٽـڪل.
ڪــجـل پـــائــين ڪــجــل ســان جــو ٺھن ديــدون زخــم آور،
بِــنا ڪــنھن ديـر جــي هـرهـر، ســٽڻ جـي ڪـا اٿـئي اٽــڪل.
اچـــي ڪـــوتـــير تـــابــش مــان، هــٿان دشـمـن لــڳي دل تــي،
انھي کــان وڌ زخـم زاري، چُــٽــڻ جــي ڪــا اٿــئي اٽڪل.
وريــئي جـي وري واريــن، وسـيھر هــي ڪُـنڍا ڪــاڪــل،
ڪري وارا ڪٽن ڪپ سان، ڪـپڻ جـي ڪـا اٿـئي اٽـڪـل.
ٿــيو آ ســت سُــتــت ســـاڻــو، نہ ڪــر مـون سـان صـنم مــاڻو،
اِمــن عاشق ڪُٺو بي مُــلهه، ڪُهڻ جي ڪا اٿئي اٽڪل.

يـــــــــــار اســــــان وٽ ايـــــنــــدو آهـــــي، دل جــــــي آس وڌائـــــڻ ڪــــاڻ،

يـــــــــــار اســــــان وٽ ايـــــنــــدو آهـــــي، دل جــــــي آس وڌائـــــڻ ڪــــاڻ،
پـــيـار جــي مُــرڪ پـــيــاري ســــوائي، پِــرتــئون پــياس وڌائــڻ ڪــاڻ.
هــــيـــرن، مـــوتـــيــن، چـــانــديــــــن جــهــڙا، لال گُــــلابــــي پـــيـــلا ڳــــل،
تــوکـــان رنـگـت خــوشــبو وٺــن ٿــا، پـنھنـجـــو واس وڌائــــڻ ڪــــاڻ.
مـنھنجـو جـيئڻ ۽ ميرڻ آ اُلفت، ڪُلفت سان منھنجو ڪجهہ نہ وڃي،
ڄـائـــو ۽ نِــپــيو اِنھي لاء آهـيان، سِـــڪ کــــي خــــاص وڌائــــڻ ڪــــاڻ.
ڌَرتـــتي جــو ٿــر ۾ بــــادل، وس ڪـــري ٿـــو ولھاريـــون ڪــري،
اُڃ اُســـــاٽـــــون ٿــــو لاهــــي لـــيــڪــن، ويـــــتــــر تــــــاس وڌائــــڻ ڪـــاڻ.
تصور تنھنجو، مـنظر تنھنجو، مانجهي اِمن سڀ تـنھنجــا رنــگ،
ذِڪــــر فِــــڪــــر ۽ روح ۾ تـــون آن، روح جــي راس وڌائـــڻ ڪـــاڻ.

دل بــي سُــڪــون رهــجــي، ديـــــــدار ٿــــــيو تہ ڇـــــا ٿــــــيو؟

دل بــي سُــڪــون رهــجــي، ديـــــــدار ٿــــــيو تہ ڇـــــا ٿــــــيو؟
اڻ لــــڀ وفـــــا آ جــنھن ۾، دِلـــــــدار ٿــــيو تہ ڇـــــا ٿـــــيو؟
ڪـجــي اڳــيان تــون ســکــڻا، سِــر ٿــو جُهـــڪائـــين ڇــــالاءِ؟
دل نہ جُهـــــڪــــي، زبــــــانـــي اِقـــــرار ٿـــيــو تہ ڇــــا ٿــــــيـــو؟
مـــــــاريــــن نہ نـــفــس نــــادان، پــــهــــلـــوان ٿــــو ســـڏائـــين،
تــنھنــجــي ڏهـــيــسري جــو ڏهـــڪـــار ٿـــيو تہ ڇـــا ٿــــيو؟
ڪر صاف ســودو سِــر جــو، هِـــن ســونھن ســـان ســراســر،
دُنــــيا جـــي ڏيــتــي لــيـــتـــي، وهـــــنــوار ٿــــيو تہ ڇــــا ٿــــيو؟
ڪر ڪم اُهو جو ڪم اچي، ٻيو ڪم ڇڏي ڏي ڪم عقل،
ســـــچ جــي بِــنا هـي ڪــوڙو، ڪــم ڪــار ٿــيو تہ ڇــا ٿــــيو؟
ڪر حال دل جـــو اُن سـان، ڳــوڙهــا اُگهـــئي جـــو ڳـــل تـــان،
بــــــــي درد ســــــاڻ دل جـــــــو، اظھار ٿـــــيـــو تہ ڇـــا ٿــــيو؟
مــانــجهــي اِمــن تــون هــر هــر يـــارن جــو يــار ٿــي رهه،
دُشــمــن تہ ســـو ٿــيو دُشــمـن، جـنھن جـو بـار ٿيو تہ ڇا ٿيو؟

نـيـڻن تـنھنجن نِـمايو، گُهـنڊ گهور گهائي دل کي،

نـيـڻن تـنھنجن نِـمايو، گُهـنڊ گهور گهائي دل کي،
هـر تـير جــو نِـــشــانــو، ويــو آ پــار پــائــي دل کــي.
دُک درد دل جــــا، ســـاجـــن گُــفــتـــار ســـاڻ ٽــــارج،
غـم سُـور ڪــر ڪي هلڪا، دل ساڻ لائي دل کي.
مُشڪڻ سان موت ٽارين، دوزخ جــنــت ۾ بــدلي،
صورت هي صاف سھڻي، هــر بـار ڀائي دل کـــي.
حِــيلا ڪـــيم وســيلا، مِــنـتـن ســان دل مُــڙي نــا،
محـبوب اڄ اچـي مـن، مـڃ ڪـا مـڃـائـي دل کــــي.
مـانجهي اِمن جو مطلب، محبوب سان مُـدامي،
تـن من ۾ جيءُ ۾ جنھن جي تند تار تائي دل کي. 

ڀَـــيــري ڀَــيري خُــواب اوهــان جــا، خــيال اوهـان، جـا سُوال اوهان جا،

ڀَـــيــري ڀَــيري خُــواب اوهــان جــا، خــيال اوهـان، جـا سُوال اوهان جا،
ڀـــڙڪ بــِرھہ جــي، هِــير وُٺــي جـــي، هــــوا ڏِسـي ٿـي حــال اوهــان جا.
جـــوانــي وئـي، اڄ پــيـري آئــي، پــيــري اهــــڙي ضِــــديـــري نِــڪـــتــي،
سونھن جي شوق ۾ ڪاني ڪُٺي کي، هانۡ مان نڪتل نال اوهان جا.
ٻِـــٽـڙا ٻِــٽــڙا ڀــاڪُــر تــنھنــجــا، يــــاد پـــون ٿـــا ڇِـــرڪ ٿــا نِــڪــرن،
نــيــڻ نِـمــاڻه وار واســيــنگي، لالــي ســــان لـــبــــڙا لال اوهـــــان جــــــا.
ڀَڄان ڦِران يـا ڊُڪـان ڊوڙان پـر، جـيءُ ۾ جــڪـڙيــل ڄـار اوهـان جـا،
هـوش هـمـت جـي جـاءِ نہ جاتي، سـونھن سـان سـونھن تال اوهان جا.
اِمــن مــانـجهـــي تـــــوري مِـــٺـــڙا ســـاز ٽُــٽــل، ســنــسار ڦِـــٽـــل،
تـــو ســواءِ تـنھنـجـي جـاءِ ۾ جـاني، ڪـير ڀـريـندو خـال اوهـان جــا.

اَي ســـمـــــجھہ وارا سھڻـــــا، سُــــــڻ ڌِيـــــان ســــــڀ ڌري،

اَي ســـمـــــجھہ وارا سھڻـــــا، سُــــــڻ ڌِيـــــان ســــــڀ ڌري،
تـو بِن سري تہ ڪئـين ســري، تنھنجي نہ ڀر ڪــوئي ڀري.
هـڪ تو سڄڻ سھڻي ڪــري، ڪـنھن ســان نـٿو ڪُـڇـان،
سـڀ کــان آهـــيـان هـــيـــڻو پِــريــن، ســڀ کــان پـــري پــري.
ڪھڙي طـــرح تـــاريـــخ ۾، نــــالــــو پـنھنـجــو ڇڏيــون،
اهــــڙو ڪـــجـــي ڪــــو پــــيـار جـــــو، ٻُــــڌنـــدڙ ٻُــڌي ٺــري.
هـــــــي بــــــــاغ بـــــــــاران ۽ بھارن جــــا ڀــــريــــل بـــادل،
ڇــڇــڪــو اوهــيــرو شـــام جــــــو ول ڇـــــل ڪـــــري وري.
اي اِمــــن مــــحــبــوب ٿــــو مــــرضــــي پـنھنــجــي رکـي،
ڦــــاٿــــــا ســــين ڦــــاســــڻ لاء، ڇـــڏائـــڻ دل نـــٿي گُهـــري.

طــــوفــــان جــــي رُخ کــــــي مــــٽــــائـــي وڌوســــين،

طــــوفــــان جــــي رُخ کــــــي مــــٽــــائـــي وڌوســــين،
وڏي هـــــن جـــــبــــل کــــــي هـــــٽـــائـــــي وِڌوســـــين.
اٽـــل پــنھنـجـي ڪــوشـش عـجـب رنـگ ڏيکاريا،
ٻــــيـن لاء پــنھنــجــو سِــــر ڪـــٽـــائـــي وِڌوســـين.
ســـــاحِــــل ســــان ڪـــشـــتـــي اچـــي پــــار پھتــي،
ســــلامــــــت يــــارن کـــــي بـــــچـــــائــــي وِڌوســــين.
هـــمــٿ هُـــن عــطا ڪــئي وري ڪجهہ دُعــا ٿـــي،
ســـچ ســچــائي سـان مُــڙيــل مـچ مـچـائي وِڌوسين.
وارن ۽ نـــيـــڻــــن جــــي حُـــســـن تــــي بـــحـــث ٿيو،
بـــحــث ۾ غـــــيــــرن کــــــي کُــــٽـــائــــي وِڌوســـــين.
مــلــيو هــو اوهــان جــي هــٿان مــون کـــي ڌوڪـــو،
اوهـــــان کـــان زخــــم ســــو ڇُــــٽــــائــــي وِڌوســـــين.
هــاڻــي ڪجهہ چُــمــڻ ڏي ڳِــــٽـــا لال پــنھنــجـــا،
تـنھنـجـي پــويـــان خُـــود کــــي وِڃـــائــي وِڌوســين.
اکــــــيـــــــون وِجھہ اکــــيـــن ۾ مــــــزو آ وڏو ڪــــو،
عـــــــرفـــــــان عـــــــقـــــــل کـــــــي رُلائــــي وِڌوســـــين.
اِمـن چـانگ مانجهي اسان واري ٿر جا رهاڪو،
شھر جــي مـاڻـهــن کــي مُــنــجــهــائــي وِڌوســـــين.

اکــــــــڙيــــــن کـــــي روڪ پـــــيارا، نُــقــصــان ٿــــو ٿــــئي،

اکــــــــڙيــــــن کـــــي روڪ پـــــيارا، نُــقــصــان ٿــــو ٿــــئي،
اِنـــسان جــي مـــان جـــان هــــان، وڏو زيـــــان ٿــــو ٿــــئي.
ڪـاڏي وڃـان دنيا ۾ مان، جنھن لاءِ مران ماري ٿــو سـو،
ڪــــيو هـــــاءِ هـــــاءِ هــــــانّ جِهـــــڄـــــي، ارمـــان ٿـــو ٿـــئي.
نازڪ نيڻن جـي نـاز سـان، اُلـجهي ڪِران ٿـو هـر دفـــعو،
پِــنبـڻين ڇِـنـڀـڻ ســان هــر هــڪ، قھري ڪــان ٿــو ٿـــئي.
آهـون پُـــڄــن ٿـيون عـرش تــي، ڦُــونـــدا ٿـــيو ڦــاٽي فـلـڪ،
جــــــڏهــــن فــــــرش تــــي دُکــــي ڪـــو، اِنــســان ٿــــــو ٿـــئي.
مُـرڪــي نہ ــــاري مــــون ڏي پــنھنـجــو ڪـــري وتــــئي،
مانجهي اِمـــن تـــــي هـــي ڪـــيڏو، احـــسان ٿــو ٿـــئي. 

تنھنجي ســونھن کان گر مـنھنـجــو ڌيـان بـدلـجـي وڃــي،

تنھنجي ســونھن کان گر مـنھنـجــو ڌيـان بـدلـجـي وڃــي،
مُــنھنـجـو خُــــدا، رهـــبر ۽ ڀـــــڳــــوان بـــــدلــــجــــي وڃــــي.
زنــدگـي ۾ بــندگـي تـنھنـجـي ڪـــندس ۽ جـيـئـنـدس مِــٺا،
ڀلي خـان ســـڀ مـون تـي کِـلن ۽ خــانــدان بــدلــجـي وڃــي.
رت ڦُــڙهــو هـــونــدو جــسم ۾، غــيرت ســان گُـنگاھہ جنگ،
جنگ عدو سان جوڙي جـوٽـيم، بــي ايــمــان بــدلـجي وڃــي.
دوزخ جــو ڊپ ڪــون ٿـــم، تـنھنـجــو هُـجـان ۽ دڙڪـا ملن!
رُڳو مُرڪ صـنم، غــم الــم دل جــو ارمــان بــدلـجــي وڃــي.
چـــــوي ڪــــيـــر ڪــــوئــــي دعــــــويٰ ڪــــري تہ ڏنـــڊ ڏيـــان،
تون ڪرين دل کي نشانو نظر جـو ۽ نشان بـدلـجي وڃـي.
سـامھون ڪــٿي ٿــو اچـي، اچـي تہ ڀُـلائـڻ تـان هـٿ کڻي،
اِبـلـيس ٿـي مـومـن پــوي شِــر کــان شـيـطان بدلـجـي وڃي
هـــر جــاءِ آهــي جــنــت بــريــن، فــرش و فـلـڪ تـازه ترين،
گُـــلــڙن ســـندي رونــق وڌي، بــر بـئـيـبان بـدلـجـي وڃــي.
ســتارن جي ســونھن وڌي پــوي، چنڊ کي بہ چاهت ملي،
فھم سان اچــي عقل مانجهي، ۽ انسان بدلجي وڃي.

گُـــل بــاغ بہ ويـــو، گُــــلــشـــن آ ڪـــٿـــي، بُــلــبُل نہ رهـــي، دل دل نہ رهــــي،

گُـــل بــاغ بہ ويـــو، گُــــلــشـــن آ ڪـــٿـــي، بُــلــبُل نہ رهـــي، دل دل نہ رهــــي،
جن جِهـڻـڪـون ڏِنـيون، جـــن طــعــنا ڏِنــا تــن يــارن ســان کِـــل کِــل نہ رهــي.
افــســوس اســان کــي تــن يـــارن جــو، جــن يــارن ســان ڪــو حِــساب نہ هـو،
تـــن يــارن يــــاري ڪــانہ مـلھائـي، اڄ اڄ نہ رهــيو، ڪلھہ ڪلھہ نہ رهــي.
ڏيـنھن اڄـــوڪـــو يـــاد ڪــجــان، تنھنـجـو در بہ ڇـڏيـم ۽ شھر بہ ڇــڏيـــم،
هــن ڇــرڪ جــي نــفــرت غــالـــب ٿـي، ڪـنھن ســاڻ ڪــڏهن رلـمل نہ رهـي.
تــون دولــــت تــي ڀـــلي نـــاز ڪــجــان، ٻــيو حُـسن اٿـئي ســو ســاڻ هُـــجـئـي،
اســـــــان فـــقــــيــــر نِـــــمـــــاڻـــــا دردر جــــــا، ڪــــــا دنــــــيـــا ۾ دخـــــل نہ رهــــــي.
مـــــرڻ جـــــي يـــــاد آ جــــنھن کـــــي، دنــــيــــا جـــــي لــــذت تـــنھن آ ڇــــڏي،
هــــي کــــيل گهـــڙي کـــن ڏس پــــيارا، هِـــت ســـوچــڻ لاءِ هــڪ مھل نہ رهـي.
تـــــــون مــــاٺ تہ ڪــــر اي ٻُـــڌڻ وارا، تــنھنـجـي طـبـعـت ۾ ڪجهہ ڦـــيرو آ،
هـــــــن ڳــــالــــھہ ٻُـــڌڻ جـــــي طـــاقـــت ٿــئي، يـــا نـــفـــسِ نـــادان اهـــــل نہ رهـــــي.
خُـدا جو قسم مان سچ ٿو چوان، ڪـير يــارڪـنھن جــو هــتي ڪـــونھي ڪــو،
دنـــــيـــا جـــــي انـــــدر ســــوچــــي ڏس، ڪـــا ٽـڪَي پئـسي جــي ڪھل نہ رهـــي.
آزاد اِمن ٿو گُهمين زماني ۾ حُباب روان، تون ڇا ڄاڻين جهيڙن جهڳڙن مان،
ٻہ چــار صــديــون اڳــي جــو ڪجهہ هــو، اُن نـقـشـي جـــي اڄ شــڪــل نہ رهـــي.

اُلــــڪــا آســـــون پِـــياســـون پـــيارا، جــذبہ اُڌمــا بِـکـري پــيا هــن،

اُلــــڪــا آســـــون پِـــياســـون پـــيارا، جــذبہ اُڌمــا بِـکـري پــيا هــن،
ڪـچــڙي جـوڀـن، آهـٽ اُلـجــهـن، تـصـور تـنھنـجا اُڀـري پـيا هـن.
ڪـيـنـجهـر جـهـڙيــون نـيـنـون نـــازڪ، بـکـمـل جھڙا لــب لمينا،
اُڀ منجهان جـيـئـن اُلٽي مـيــنا، گــڏجــي بــادل وکـري پــيا هــن.
ابــــر ســـياحــي نِـسـبـت تـنھنـجي، ڪـــارن وارن پــــيـارن جــي،
جـيون مـئـي ڪـش ٿـي ڪـشـيـده، ڪـيـفـي سپـنا اُکڙي پيا هن.
شبنم کـي گُهـرائي، بادصـبا جــي ٿــڌڙي جهــونــڪـي آنــدو پــر،
بُلـبُـل کــي ورائـي شـفـق شـفـا ٿـي، گُــلابــن ۾ نِـکـري پـيا هـــن.
غـزل گـوئي ۾ غضب ڪيو تو، سُخن سُخـني ۽ سُـخـن روان ۾،
چــار اکــر پــر عــجــب روانــي، ســـنڌ ســـڄــــي ۾ اُسـري پـيا هـن.
اِمـن مانجهي غور ڪري ڪو، پيار مـنجـهـاران ڀــاڪــر ڀــر،
مـاشـاءالله رب خــير ڪـرئـي ٿـــڪ انـــدر جــا نـڪــري پــيا هـــن.

مِـــلــي نـــٿـــي اهـــڙي خُوشــي، جھڙي مــلـــي عـــذابـــن ۾،

مِـــلــي نـــٿـــي اهـــڙي خُوشــي، جھڙي مــلـــي عـــذابـــن ۾،
ڇــــا ٿــــو پُـــڇــيــن ڇــاڇــا چـــوان ســـوالــــن ۽ جـــــوابــــن ۾.
جـنھن کـان جـانِــب، ڪـري ويــو الـوداع مـــون کــي ڇـــڏي،
اُن ڏينھن کـان هـر پـل ڳــڻـيان، هــر پــل گـهـڙي حِــسابـن ۾.
مــون بـنـدگـي جــــا هــي نـتـيـجـا، ڪـــيـن هـــا ڄــــاتـــا مــــگـــر،
قِـسـمت ســــندا اُبـتا چـڪـر، زيـنـت بـڻـيا مـنھنـجي بــابن ۾.
مــون چـــــيو چھرو چُــمــان، تــوســان رهــان پــر پــوءِ پــريــن،
افــــســــــوس آ، آقـــــا رهـــيو نــوڪــر کـــان نِـــت نـــقـــابـــن ۾.
ڏي جـــام تـون ساقي ڀري، هي مست مئي ڪش پُر ڪشش،
جھڙو نـــشـو دلـــبـــر ڏِٺــــي، اهــــڙي نہ شَــــھہ شـــرابــــن ۾.
کِــلــــندي مــلــين خــوابـن ۾، سـانـڀيان سڄڻ سرڪش رهين،
هـــــي فــيــصــلو ٿــيــندو اِمن، قــيامــت ســـندي قـــيامـــن ۾.

هـــو ڌِيــــان نـــــٿــو ڌاري، مــــان کـــــولـــــي ٻُــــــڌايـــــان ڇـــــو؟

هـــو ڌِيــــان نـــــٿــو ڌاري، مــــان کـــــولـــــي ٻُــــــڌايـــــان ڇـــــو؟
هُــــــو مـــئي بہ نــــٿــو پــــياري، مــــان پِـــياس لــڪـايــان ڇــو؟
قـــــانــــــون جـــــي دائـــــري ۾ هــــو مـــون کـــان اُتــــم آهـــــي،
ڏِســــي مــاڙي وڏي ٻـئي جــي، پـنھنجـو جهوپو ڊاهيان ڇو؟
قـــســـمــت جــــو چـــڪـــر آهــــي، مــــوســان ڀـــاڳ نــٿو ڀـــالي،
ســڀ پـنھنـجـا آهــن مــون کـي، ڪـنھن کـي غير بنايان ڇو؟
هـــــــو زهـــــــر ڀــــــــري پـــــــيـــاري والله مـــــــــزو ســـــرڪــــــش،
ڍُڪ آبِ ڪــوثــر جــــو، پـنھنـجــي مـنھن تــان هـٽـايــان ڇـــو؟
جهــلي دنــيا مـون کـي لـيـڪـن، آهــي ضمـيـر مـنھنجو مون سان،
جـنھن کـي هــر ڪــو ڌِڪــاري ٿــو، مــان اُن کــي هـٽايــان ڇــو؟
هـي مـانـجهي اِمـن ڪـنھن کـان ڪڏهن ڪينَ سُڃاتو ويو،
جــيڪو سامھون سُڃاڻي نٿو، پنھنجي منھن کي لڪايان ڇو؟

نہ زنــدگـي ۾ بــندگــي، نہ لُــطـف نہ مــزو ڪــو مـنـٺار کــان ســواءِ،

نہ زنــدگـي ۾ بــندگــي، نہ لُــطـف نہ مــزو ڪــو مـنـٺار کــان ســواءِ،
اڌُوري، اجـــائـــي، اوپــري، ڄـــڻ آ واري عُـــمـــر آ يـــار کــان سـواءِ.
اڄ زنــــدگـــي جـــي شـــهـــادت، ٿــــو ســونھن جـــي نــالـــي ڪـــيان،
مــگــر چـــوان ٿــــو نہ اچــي مــوت، صــنـم جـــي ديـــدار کــان ســواءِ.
مــڃــان ٿـــو غـــريـــب هـــــان پـــــر، هــــانّ ٺـــريــــل ٿـــم امـــير هــــــان،
ڪم ڪار ٻـيو نہ ڄــــاڻـــان، هـــن عـشــق جــي وهـــنوار کـــان ســـواءِ.
نہ دُشــمــن جــي هـــٿـان مـرنـدس، نہ غـير ٿـو ڪجهہ بگاڙي سگهي،
مــــاري تہ ڪـــــو پـــــيار ســــان، نــــٿو گــــذر ٿـــئي پـــيار کــان ســـواءِ.
هــــي چــنـــڊ هـــي چــانـــڊوڪـــي هــــي بــــاغ هـــــي گُـــلــــن جــي هـــڳــاءُ
سڀ رِڻ بر ٿـي ويـندا، تــنھنـجـي ســـيـــنڌ جـــي ســـنوار کــــان ســـــواءِ.
گُـــــل هُــــجــــي تہ بُــل بـــل بہ هُــجــي، يــار هُــجــي تہ پـرسـتار بہ هـجي،
خـــبــر ٿــــــئو گُــــــل بہ گُـــــل نـــاهــي، خــطــرنــاڪ خـــار کــــان ســــــــواءِ.
چـلي ٿو هلي ٿـو دنيا جو چرخو، چاهت ۽ رنگت روحانيت ۽ رســائي،
ســڀ رنگ ۽ ڍنـگ ويندا وِکري ۽ بِکري تنھنجي کيڪار کان ســواءِ.
ڄايس ۽ نپنس محـبت ۾ مانجهي، وڏو ٿي جواني بہ ماڻي ڇــڏيم،
نہ سمجهيم نہ ڄاتـم، نہ ٻُــڌم، ڪـابہ ٻـولي مِــيٺ ۽ پــيار کــان ســواءِ.

ڏِسي ناز نوان هي تنھنجا، منھنجي دِلڙي ٽُٽي پـوندي،

ڏِسي ناز نوان هي تنھنجا، منھنجي دِلڙي ٽُٽي پـوندي،
هــــر روز اهــــڙي حـــالــــت، جِــند جــانَ جُهــڪي پــونـــدي.
ڪـــا ٿـر جــــي مـٿان، ڪڪـري هــر وقــت ٺھي ٿــي ڊهــي،
معـلوم ٿــئـي ٿـو مـون کــي، ڪـنھن وَيـل وسـي پـونـــدي.
ڏاڍي دل ڀـــــري آ مُـنھنـجـي، تــوســان مـلـڻ اچــان هـــا پــر،
گـــڏ غـير هـونــدئي ڪــو، ڏســي جِــنــدڙي جُــکــي پــونــدي.
هـــــر گُــــل جــــي مـــٿان پـــوپــــٽ، ڀِري ڀــنئور ڏيـن ڀــيرا،
ســڀ ســـونھن جــي پـــوڄــا ڪـــن، نہ ويــل وِٿـــي پونـــدي.
جـــو گــــذريـــــو اِمـــن گــذريو، ســو وقـت وري نہ ايــندو،
هــڪ ڏيـنھن اهـــڙو ايـــنــدو جـــو عُــمــر کُــٽي پـــونــدي.

جا جيون آ واري لڳي، هر پل سا پياري لڳي،

جا جيون آ واري لڳي، هر پل سا پياري لڳي،
بِنا سبب ۽ بي مطلب، ائين بس اُڌاري لڳي.
غير جي محفل سجائڻ خاطر، ڪلھہ رات وڃي جو ويٺو هو،
ڇا ڳالھہ ڪجي اي هم ساٿيو! سا رات ساري آزاري لڳي.
هِن هُن مون کي سمجهائڻ چاهيو، راھہ پنھنجي تان هٽائڻ چاهيو،
هر ڳالھہ تي منھنجي نہ ڪر ٿي وئي، من موج اهڙي ڪا معياري لڳي.
هن جا دلاسا هن جون ڳالھيون، مون سيني اندر سي ئي پاليون،
ڪوڙيون نڪتيون سڀ سموريون، برپا قيامت ڪاري لڳي.
ڪا رات اٿم اڄ ياد وري، ڌُنڌلي بادل بارش واري،
سُتل من جا جذبہ جاڳيا، گُلڙن ۾ گُلڪاري لڳي.
مانجهي اِمن ڪا پل گهڙي، سوا يارن جي اڄ تنہ ا گُذاريم،
هر گهڙي سا مونجھہ اندر۾، خوب کٽي ۽ کاري لڳي.

نہ تون ڇيڙ مون کي، مان خاموش آهيان،

نہ تون ڇيڙ مون کي، مان خاموش آهيان،
نشيلي وهي آ، مان مدهوش آهيان.
منھنجي زخم کي، کُليو رک ڇڏي ڏي،
آلي فٽ زخم جي، آغوش آهيان.
ذهانت رکان ٿو ۽ دور انديشي،
مگر مئي قدي ۾ مان مئي نوش آهيان.
دشمن کي منھنجي طرف کان سلامي،
انھيء جي بيزاري جو جگر گوش آهيان.
اي بادِصبا تون وڃي چئو سڄڻ کي،
تہ ڪلھہ کان وٺي مان بيھوش آهيان.
اِمن چانگ مانجهي حقيقت کي ڄاڻج،
هن جي حُسن جو عجب جوش آهيان.

ڪا ياد اچي وئي ايندي ايندي، مجنون پاڳل ٿيندي ٿيندي،

ڪا ياد اچي وئي ايندي ايندي، مجنون پاڳل ٿيندي ٿيندي،
رات ساري وئي سُن ۾ سرندي، درجو سائل ٿيندي ٿيندي.
هٿ مَليان ٿو خون ڪري اڄ، پنھنجي دل جو پنھنجي هٿ سان،
بي خودي ۽ سرڪشيءَ ۾، گهاءُ جو گهايل ٿيند ٿيندي.
دنياداري، موج بھاري، کيپ خُماري ۽ غِفلت طاري،
اهڙي هالت غير مواقف، تنھن کان تايل ٿيندي ٿيندي.
غير مليو اڄ راھہ ويندي،کُلي ڳالھہ سڄڻ جي ذُلفن جي،
ڊهندي ٺھن دي ٺھي وياسون، قرب ۾ قائل ٿيندي ٿيندي.
پنھنجي منھن ۽ تنہ ا بر ۾، ياد جا راڄ رُلائي ويٺُس،
مانجهي اِمن اڄ مُشڪل ڇاجي؟ سچ ڏي مائل ٿيندي ٿيندي.

ڪنڊن تي موسم جو اثر ڪونہ ٿيندو،

ڪنڊن تي موسم جو اثر ڪونہ ٿيندو،
ڦِري گل ڪڏهن بي پٿر ڪونہ ٿيندو.
شمع جي تہ دل ۾ رهي خوش پتنگو،
هِن اڻ گس عاشق کان صبر ڪونہ ٿيندو.
گُلن جي هي گهورِي، ٿي گهورَي سير گُلن تان،
سواءِ گُل جي بلبل جو گذر ڪونہ ٿيندو.
پيارين تہ پيارا آهي آبِ ڪوثر،
زهر تنھنجي هٿ جو زهر ڪونہ ٿيندو.
دغائن ۽ دوکن اهڙو دل کي ڌوڏيو،
جو حشر ۾ بہ اهڙو قھر ڪونہ ٿيندو.
مانجهي اِمن جي هُجئي يار پارت،
اوهان کان پري ساري عُمر ڪونہ ٿيندو.

تُنھنجي اک جي نِشاني سان، هي ظلم ٿيو برپا،

تُنھنجي اک جي نِشاني سان، هي ظلم ٿيو برپا،
جيڪا قيامت اچڻي هئي، تِنھن کان اڳ ئي ٿي ويا سٽڪا.
تُنھنجي نازڪ نيڻن جا، هي ناپ ڇُپيا نستر،
هر وار جا زخم ايئن، جيئن ڏنڀ جا هُجن چٽڪا.
مون کي پيارين تہ اڄ پيارين،سُڀان ساقي هجان نہ هجان،
هڪ پيالو ڏي ٻيو ڏي، ڪي مئي جا هجن مٽڪا.
ور ور هي وارن جا، هيءَ وڪڙ ۽ وروانۡ ڏس،
هي ڪڙيل ڪُنڍا ڪاڪل، ٿا ڪُهن ڪري ڪٽڪا.
هي ڪڪر ڪارا اُڀ تي، جهڪ جهڪڙ اُٿيو طوفان،
گهن گهور گهٽائون ٿيون، وڄ اُڀ کان ڏِنا ڪڙڪا
چانگ مانجهي اِمن منزل دُشوار بہ ٿي ٿي سگهي،
هر موڙ کان نڪري هليس، سئو وڪڙ ڪري وٽڪا.

سانوڻ هن ۾ ساجن سائين، ساٿ ڏجو من دل ڪا ٺري،

سانوڻ هن ۾ ساجن سائين، ساٿ ڏجو من دل ڪا ٺري،
توبِن بوندون ابر بھارون، ساڙِن پيون ٿيون سوڪ ڪري.
ساوڪ سبزه تازي رنگت، سُڳنڌ هوائون، سُڳنڌ فِضائون،
هاءِ هينئين کي سي نہ سِيباڻيون، ٻارڻ اهڙو ٻر ٿو ٻري.
ڪچڙا ڪچڙا غونچ وڻن جا،گُل جهليو ٿا مُرڪي چون!
شفقت تُنھنجي جُهڙ ڦُڙ جهڙي، تو بِن ڏس ڪيئن ٿي سري.
فرحت ڏاڍي، چاهت ڏاڍي، روح جون رمزون رس ڀريل،
پيار جا پاڇا تُنھنجا دل ۾، عڪس اکين ۾ تر ٿو تري.
مانجهي اِمن کي پيارا سائين، ساھہ ۾ سانڍي ياد ڪجو،
مون کي هر دم ياد آهيو پر، گڏ هجئون شل دل ٿي گهري

جيڪو وقت توسان گذاري سگهياسين

جيڪو وقت توسان گذاري سگهياسين
گهڙي پل پهر سو نہ وساري سگهياسين
چيو دل چُمي ڏيان صنم جي لبن تي،
اِهو سج اولھہ کان نہ اُڀاري سگهياسين.
جيئڻ ڪاڻ مون جيڏيون وڏا وس ڪيا پر،
لکيل انگ ازل جو، نہ ٽاري سگهياسين.
تاريم تار مان ٻيڙي، سا ڪناري جي ڀر سان،
ٻُڏي وئي هٿن مان، نہ تاري سگهياسين.
مرڻ کان پوءِ زندگي من ڪا ملي پئي،
جيئرو جيءُ دنيا ۾، نہ جِياري سگهياسين.
اِمن چانگ مانجهي هن ٻرڻ درد ٻاريا،
ٻرياسين گهڻو پر، نہ ٻاري سگهياسين.

گُذري ٿو وقت جدائي جو پر، اهنجو ۽ ابتر ٿو گُذري،

گُذري ٿو وقت جدائي جو پر، اهنجو ۽ ابتر ٿو گُذري،
ڪروٽ بدل ۾ سنگدل، نظر ۾ پٿر بستر ٿو گُذري.
ها تُنھنجي خبر توکي سڄڻ ۽ توسان تنھنجو حُسن بي،
۽ خيال تنھنجا توساڻ پر، گمان غير جو بدتر ٿو گذري.
هي مسافر جيون سندو، جو هلي ٿو راھہ سان،
ڪو مُسافر دلجبين، تنھنجي تہ خاطر ٿو گذري.
جنھن ڏينھن ٿو مون سان ملين، سامھون کڻين ديدون سڄڻ،
رب جو قسم سو ڏينھن ڄڻ، ها حجِ اڪبر ٿو گذري.
جو جدا مون کان گذارين، ڏينھن سو روزِ جزا،
سو ڏينھن سارو ماهِ لقا، اهڙو تہ احقر ٿو گذري.
جي غير کان پاسو ڏئي، تون ٿو گذارين ناز سان،
هو بي وسي ۾ منھن ورائي، ڪم ظرف ڪنڌ ٿر ٿو گذري.
آهي بھارن م مزو ۽ بُرج بادل بنايا هن،
اڄ ڀانئيان محشوق منھنجو، جانِ جان جِگر ٿو گذري.
ٿو چوين هن اِمن کان ڇا مليو مون کي ادا،
منھنجو نياپو هي نينھن جو، سو تہ در در ٿو گذري.

تنھنجي سادگي اي دلجبين، دل کي وڻي ٿي خوب تر،

تنھنجي سادگي اي دلجبين، دل کي وڻي ٿي خوب تر،
تُون مِٺو ماکي مثل، تون ساھہ سھارو سربسر.
تو بِن جيون اٻاڻڪو ۽ تو سوا ڇا روح رنگ،
تو بِن دل گهريو دلدار منھنجو، تنھنجو جلوو با اثر.
وار تنھنجا سياهِ ڪارا، اي پيارا دلنشين،
تيغ ابرو ٿا ڪُهن، سي تيغ توانا ۽ تبر،
غير ڀي نہ غير آ، پنھنجا تہ نِوائن سيس سِر،
تو ۾ ڪو اهڙو شڪر، جو ٿو چکي تنھن کي چڪر.
تون ٿو وسين جي بر مٿان، رحمت برين بنجي ڪڪر،
تہ سونھن ساوڪ ٿر اندر، هر مرض جو شفاءِ ابر.
ڪون ٿو ڄاڻي اسان جي مايوس دل جي صد دُعا،
رفتہ رفتہ ڪش دلي ۾، ڪا بہ ناهي ڪا ڪثر.
پاڻ م ٿو تضاد ٿئي ۽ غير ڇو آباد ٿئي؟
خير گهر اي خير وارا، آباد ٿئي پنھنجو شھر.
شادماني جو مزو، سڏ ڀت ۾ ڇاجو ڇا ڀلا؟
ڪنھن ڪُنڊ ۾ ڪونھي مزو، جيَ پيار جي ناهي وهر.
اي اِمن يار سادو پِيار سادو ۽ شعر بي سادو اٿم،
ناهي ثمر ۽ هي سفر، ڪاٽڻو تہ آهي هي ٽــڪر.

اچن جي سور سِر نِسري، صبر هر حال ڪرڻي پئي،

اچن جي سور سِر نِسري، صبر هر حال ڪرڻي پئي،
دنيا جي حِرص و حوس کان، توبھہ توبھہ چوڻي پئي.
جنين کي سُک مُليا سارا، دنيا جي دور گردِش ۾،
انھن جي ريس کان پاسي، جهنگل صحرا ۾ سرڻي پئي.
ڏِسو پاڻي مٿاهين کان، لھي ٿو هيٺ هيٺاهين ڏي،
اِنھي هٺ هوڏ وڏائيءَ کان، سزا ڪُن گوش ڪرڻي پئي.
وهي سطڀ ساٿ ويندا پر، وکر وٺجي ڪو محبت جو،
پلنگ و پوش تختن کان، خِزان جي ياد رهڻي پئي.
حسينن جو هزارن تي ظلم زوري ۽ جفا دم دم،
اِها سڀ ريت اوشاقن کي ڇڏي دل تي سھڻي پئي.
اگر مون کان پُڇيو ويندو، تو خُدا جي ياد وساري ڇو؟
مليو وارو چئي ڏيندس ڪارڻ سوز مزاج ۾ صلاه عقل جي نہ مڃڻي پئي.

اٿم غم شھيدن جو علي اصغر ۽ علي اڪبر جو يارو!

اٿم غم شھيدن جو علي اصغر ۽ علي اڪبر جو يارو!
بيھوشي جي عالم ۾ شعري دل و جِگر سان لکڻي پئي.
اگر جي هت دنيا اندر ڪيان ٿو پيار حُسن ڪارڻ،
دکائن ۽ ستائن ٿا مگر سِر سلامت کڻڻي پئي.
نمبر ٻي ڳالھہ ٻُڌو ڪن ڏئي حُسن واري يتيمن جي قيامت ۾،
حشر جي ڏينھن سچي هڪ ساک ڌرڻي پئي.
حِصو هي ميراث آهي محبت وارن پيرن ۽ فقيرن جو،
سھي بدناميون چڱائي ڪن، چڱي ڄالھہ ڪهڻي پئي.
اِمن مولا محبوب مڪي مدني محمد جو ثنائي ٿئي،
اگر چاهين ملي سڀ ڪجهہ تہ تہ سوز نہ هي سلڻي پئي.

لِک ڪو غزل تون اهڙو، جنھن جو عمل ٿئي اهڙو،

لِک ڪو غزل تون اهڙو، جنھن جو عمل ٿئي اهڙو،
هر هڪ حسين ٻُڌي، جيئن هر دل ۾ حل ٿئي اهڙو.
ماري وري تون هٿ سان، زنده ڪري ڏيکارين،
اهڙي طرح مسيحا! ڪر تون، قتل ٿئي اهڙو.
اکڙيون کڻي جَي مُرڪين، ڪوهِ طور ڇاجيون تجليون؟
قيامت اچي وڃي ۽ خوني خلل ٿئي اهڙو.
منھنجا خُدا کي سجدا ۽ تنھنجي حُسن جي اچرج!
مشڪل اوهان برابر، نعم البدل ٿئي اهڙو.
مانجهي اِمن هي بلبل، گُلشن ۾ گُم رهي پر،
هر باغ واسي هڪ لاءِ، مطلوبِ گُل ٿئي اهڙو.

گهڻن کان گهڻو پري، تنہ ا رهڻو ٿو پوي،

گهڻن کان گهڻو پري، تنہ ا رهڻو ٿو پوي،
غم اوندهه، درد، دُک، صبر سان سھڻو ٿو پوي.
محبت ميٺ، ساءُ مٺو ڳول تہ اڄ آهي ڪٿي؟
بي رواجي سِر بچاءُ لاءِ خوشڪ کلڻو ٿو پوي.
راڄ راڄن سان لڙن، اشرف ٿا اوٽون وٺن،
رهزن اڄ بي خوف آ تنھن کان ٽرڻو ٿو پوي.
جي عدالت ۽ انصاف سان هل تہ پوءِ ٿو هاڃو رسي،
ان ڪري اي ادا، سچ کان اُلڻو ٿو پوي.
عزت وارو لڄ وارو لال ٿو رُلندو وتي،
ڪم ظرف ڪميڻو بي حيا خوش رکڻو ٿو پوي.
سچ کي سچ سمجهون ٿا پر، هڪ لکن ۾ ڇا ڪري؟
بي وسي جي رنگ ۾ آخر، رنگ رلڻو ٿو پوي.

ويا ويچارا وڏا مري، سي ولر وڳر ها محبتي،

ويا ويچارا وڏا مري، سي ولر وڳر ها محبتي،
اڄ ننڍن آڏو اسان کي هٿ ٽنگڻو ٿو پوي.
ايندي ويندي واٽ ويندي هئي پيار جي گُفتگو،
اڄ ٻُڌي فحش پچرون، ذهن بند رکڻو ٿو پوي.
هموار رستو هٿ تہ آيو پر ادا منزل ڏُکي،
بيزار ٿي ۽ بي سبب ڪو، وڪڙ ۽ وٽ وٺڻو ٿو پوي.
ٿي پوي ظالم اگر مظلوم جي ڪنھن روپ ۾،
اهڙي ظالم انسان کان تہ پاسو ڪرڻو ٿو پوي.
بھتان بازي، بدمزاجي ۽ ڏِسو گار گند،
جاهل جهلڻ ڏاڍو ڏکيو پر پوءِ پاڻ پلڻو ٿو پوي.
مظلوم سو مظلوم آ، ظلم سھي ٿو چُپ ڪري،
ڇا ڪري؟ ڪيئن ڪري؟ ڀتين سان سور سلڻو ٿو پوي.
اي مانجهي اِمن هي زمانو آهي اُبتو ۽ ظهير،
جِت آهيون بس اڳتي هڪ ڪک نہ چرڻو ٿو پوي.

سچ چوڻ مجبوري منھنجي،

سچ چوڻ مجبوري منھنجي،
ڪوڙي جڳ کان دوري منھنجو.
ڪات بہ ڪنڌ تي حق جا نعرہ
موج ڏِسو منصوري منھنجي
مون کي آهي هن کي پڻ هوندي،
چِنتا نيٺ ضروري منھنجي.
عشق جي منزل اوکي اڙانگي،
ڪانہ پئي هت پوري منھنجي.
ساري عمر تنھنجي پوڄا ڪئي ٿم،،
ڪانہ ويندي مزدوري منھنجي.
مانجهي اِمن سان اکيون ملائي
دلبر دل هي گهوري منھنجي.

جيڪو دم دنيا ۾ گذاري سگهياسين،

جيڪو دم دنيا ۾ گذاري سگهياسين،
نہ ٻوٽو اسان ڪوئي ٻاري سگهياسين.
زندگي ٿر جي دڙن ۾ وئي دفن ٿي،
افسوس! عمر هي نہ اُجاري سگهياسين.
نہ خوشبوهوا جيان پکڙي پنھنجي،
نہ زلزلو ٿي ڌرتي کي ڏاري سگهياسين.
اجايو دنيا ۾ اچڻ ٿيو اسان جو،
نہ راحت ڏني سين نہ رُواري سگهياسين.
موسمون بدليون، نہ بدلياسين اسان اِمن،
وِساري پاڻ نہ توکي وِساري سگهياسين.

¬

¬
اِجازت ڏيوم دل وارا، ڪري ڊُڪ ڊوڙ پوپٽ پڪڙيان،
اڇي ڏاڙهي ۾ ننڍڙو ٿي، ڌاڳي ۾ ڪو ٻِنڊو جڪڙيان.
ٻاتڙ ٻوليان، هيڏان هوڏان، ڳيرا ڳوليان آکيرن ۾،
ڀري جهوليون پٿرن جون، ککرن کي کڻي کڻيان.
جهلي جيڪو شرارت کان، ڊڄي ان کان ڪيان پاسو،
ٽيڊي اک سان ڏئي پاسا، جيڏن سان جيءُ ڏاڍو جڪلڙيان.
ڪڏهن ڪٻٽي ڪڏهن ملھہ ۽ ڪڏهن ڪم ۾ گينگهايل مان،
وري ڏس راڳ رنگ رس ۾، خوشين ۾ سئو رنگ ڀريان.
پڙهڻ سان مان رکان دل ٿو مگر ٻيا ڪم بہ مِٺا ڏاڍا،
چوان جيڪر هجان واندو، رُڳو کل ڀوڳ تي ڀڙيان.
محبت جي ملي مون کي، هجي دشمن ڀانئيان ساٿي،
ڀوري دل جو عجب ڪم آ، نڪو ٿو ڌيان ڪو ڌريان.
هجي ڀت سڏ ۽ هُلچو ڪو، هجي ڪو ميل ڪڪڙن جو،
نہ شل ملي اهڙو وارو، چري دل کي وڃي پليان.
اِمن ناحق ڪيو مون سان سڄڻ جي بي رُکي برسر
نہ ٿئي ڪو غم هجان ابهم، يا پيالو پيءُ ڪو انت ڪريان.

ڪيئن ڪجن ڪي، قرب جون واري وڏيون وضاحتون،

ڪيئن ڪجن ڪي، قرب جون واري وڏيون وضاحتون،
ڇاڇا چوان ڇا ٿو پُڇين، هن حال جون حڪايتون.
ڪو قال آ، ڪانھي ڪٿي هن پيار جي پيارا پهر،
جن جن تي جان جيءُ ڏنم، سي جل ڏِين جلاوتون.
هن عشق ۾ اُلجهي نہ سو، ڄاڻي نہ جو پُرجهي نہ سو،
هن درد جون ڌراوتون، هن عشق جون امانتون.
هڪ دفعو صورت ڏسي جو ساھہ ۾ سانڍي رکن،
اهڙي طرح عاشق ڏسن الله جون علامتون.
محبوب جي نازُڪ نظر، ٿي اڄ ڪُهي ۽ دل ڪڍي،
اڄ بچائن ڇو نہ ٿيون؟ ڪاڏي ويون ڪرامتون.
مانجهي اِمن تون عام کان پاسي رکي ڏس پاڻ کي،
پاڻ جاچي پاڻ پس ۽ پاڻ ۾ قُرابتون.

فِرعون توکي للڪاريو ٿم ۽ پنھنجو حق سڀ ساريو ٿم،

فِرعون توکي للڪاريو ٿم ۽ پنھنجو حق سڀ ساريو ٿم،
تون تئو نہ ڪر، اهو طيش نہ ڪر، سڀ خوف اندر جو ماريو ٿم.
تون پاڻ کي جيڪو سمجهين ٿو، سو سمجهي ڇڏ، منھنجي سمجھہ ۾ آ،
تون تڪبر ۾ لاغرض نہ ٿي، تنھنجي اک ۾ اک ڏئي نہ اريو ٿم.
تون لوفر آ ڻي گڏ رهاءِ، تون ڌمڪيون ڏي، ڪر ڏکاءِ،
توکي خبر آهي منھنجي نام نسب جي، چيو اٿم سو پاڙيو ٿم.
تون تتڪر، ڪوڙ ۽ کل چٿر، منھنجي خاتي ۾ سڀ قرض لڳاءِ،
اِهو قرض ڪڏهن تہ لاهيندس، توڏي رُک سڄو پنھنجو لاڙيو ٿم.
تون پنھنجي منھن پنھنجي سوڀ فتح ايئن جام جتاءِ بس موڪل ٿئي،
هڪ ڏينھن ذلت تنھنجي نام هوندي، ڍارو اهڙو ڍاريو ٿم.
اڙي وڏيرا ڪم بخت توکي حق ناحق جي ڪل ڪانہ پئي،
منھنجي مزاحمت ڪنڌ ڪپيندئي، آخر مُلڪ سڄو هي ٻاريو ٿم.
اک ۾ ڪنڊو آ، توکي وڏيراهي چانگ اِمن جيسين زنده آ،
مرڻ پُڄاڻي تنھنجي مرضي پوءِ بہ هانۡ نہ هاريو ٿم.

اسان سان خُدا سئون، وڏائي ڇڏي ڏي،

اسان سان خُدا سئون، وڏائي ڇڏي ڏي،
طبعت ٻاراڻي، اجائي ڇڏي ڏي.
کسي دل دغا سان، واپس وري بس،
اٽڪل ٺڳي ۽ ڪُڌائي ڇڏي ڏي،
رُڪياسين اِنھي لاءِ، ملندا وڃون پر،
سامھون چئي ڏنو تو، لُنڌائي ڇڏي ڏي.
ڪچو ٻور خوشبوءَ ڪري پوءِ ڇڻي ٿو،
جُواني جُڙي شل، جُدائي ڇڏي ڏي.
نمونا دنيا جا هي، جاچج سمورا،
تپش يا تڪڙ ۾، توائي ڇڏي ڏي.
غزل ڪيئن لڳو هي، 1 گدا توکي دل ۾،
پِنڻ ٿئي پاراتو، گدائي ڇڏي ڏي.
اِمن چانگ مانجهي بھاري مچي وئي،
روئڻ ۽ رُسڻ يا رنجائي ڇڏي ڏي.
گدا؛ شاعر جو ننڍي هوندي کان دوست 1
نالو؛ سُلطان علي چانگ، تخلص گدا.

حيلا وسيلا هلائي ٿڪاسين،

حيلا وسيلا هلائي ٿڪاسين،
خوشي جا غزل ڳائي ٿڪاسين.
رُناسين رڙياسين کلي بہ ڏٺوسين،
دهل گر بندش ۾ وڄائي ٿڪاسين.
ڪُٺل آهيون ڪنھن جي اکين جي خنجر سان،
طبيبا نجومي گهرائي ٿڪاسين.
فلڪ جي مٿان هي تارن ورکا،
اُڀ سان بہ جيءُ من مُنجهائي ٿڪاسين.
ذهانت پنھنجي ۾ سئوزا نچائي ڪڍيا مون،
رمل ۽ جفر جن ڀڄائي ٿڪاسين.
نہ ٿي ياد تنھنجي لھي هن جگر مان،
اکيون بند ڪري ۽ ڀُلائي ٿڪاسين.
تنھنجو بُرج باري ۽ ستارو بہ اڳنان،
او! لاکيڻا تنھنجي در ليلائي ٿڪاسين.
اسد، شمس تنھنجي پيرن جي پٻن ۾،
تپش ۽ ڏِياءَ کان دل بچائي ٿڪاسين
ٻري ٿي ٻرڻ لاءِ ڪڙي باھہ اندر ۾،
وظيفن سان اڪثر وسائي ٿڪاسين.
اِمن چانگ مانجهي سُريلي حُسن سان،
چري دل گهڻوئي ريجهائي ٿڪاسين.

تاڻ خنجر، بي خوف آهيان، مقدر شهادت يقين ٿم،

تاڻ خنجر، بي خوف آهيان، مقدر شهادت يقين ٿم،
هاءِ هاءِ دل هٿ تي، عشق علامت يقين ٿم.
دل وڍي ڦاڪون ٿئي، فيراق ۾ ڦٽجيو ڦِري،
لاغرض پويان ڇو نہ ٿيندي، ههڙي حالت يقين ٿم.
يار جي ياري سان ڪم آ، دم هجي يا دم وڃي،
ڇا ڪندي اها دعويٰ، تنھنجي ملامت يقين ٿم.
چنڊ تارا ڪن اِشارا، اُٿو اُٿو غِفلت ڇڏيو،
درد کي منھن مُڙس ٿي ڏيو، ڇاجي شامت يقين ٿم.
بي سود منھنجي زندگي، تنھنجي ڪم ۾ جي اچي،
سو سال صديون مظبوط، ٿئي قدو قامت يقين ٿم.
مانجهي اِمن هن پيار ۾ ڪنجوس دنيا ڪنجوسي ڪري،
وقت پيارو پوءِ بہ ايندو، آهي امانت يقين ٿم.

تُنھنجي دغا بہ وفا ٿيڻ لڳي ۽ وِھہ بہ دوا ٿيڻ لڳي،

تُنھنجي دغا بہ وفا ٿيڻ لڳي ۽ وِھہ بہ دوا ٿيڻ لڳي،
جڏهن غم جي انتھا ٿيڻ لڳي تہ دک مان شفا ٿيڻ لڳي.
ڪوڙا ڪچا، پڪا سچا پِڙ ۾ پڌرا ٿيا سڀئي،
سونھن جي صرافن کان، جڏهن سِر جي صدا ٿيڻ لڳي.
خُدا تہ خُدا آ، ۽ آهي بندو برحق عاجز محڪوم،
پر هي سونھن پرور نازني، ڇو خُودي ۾ خُدا ٿيڻ لڳي.
نيڻن تي غزل لکيم ۽ چيم مان اکين جو ليکڪ،
تہ معشوق منھنجي کان، مزاق ۾ وهوا وهوا ٿيڻ لڳي.
چيائين لائيق آ، سچو آ، صحيح آ مون لاءِ مانجهي اِمن،
پرين کي جڏهن پيار لاءِ هر ماڻھو جي اِلتجا ٿيڻ لڳي.

اي خُدا تون بچاءِ، شھر نہ منھنجو ڪنگال ٿئي

اي خُدا تون بچاءِ، شھر نہ منھنجو ڪنگال ٿئي،
مارو منھنجا خُوش هجن، نہ بيمار ڪو بدحال ٿئي.
ساوڪ هجي ساءِ هجي عزت هجي غيرت هجي،
قرآن جي تعليم سان هر گهر مالا مال ٿئي.
علم ۽ اعليٰ عقل سان، اڏجي پون گڏجي رهن،
بدڪارن ۽ بُربن جو، ڪنھن تي نہ ڪو بنبال ٿئي.
عُرس صادق کان وٺي محمود نازن تائين ۽،
لالڻ اِمن شاه محمد سان ڀلو ڪو ڀال ٿئي.
حاجن حاجي گُلبھار ۽ چنيسر تاج محمد،
راڄ تان لاهج ڏُکايون، دشمن منھنجو پئمال ٿئي.
هي حنيفو هي ڏِتل، غريب هن مسقين هن،
دل چاهي ٿي خوش هجن ۽ خوش سندن آل ٿئي.
حڪيم کان رمضان تائين ۽ پريان نِماڻو فقير،
هر وقت عيدون عيش ڪن، پيار ۾ هر ڪو لال ٿئي.
امير بخش، قادر بخش ۽ عنايت علي حُسين،
حيدر بخش حُسين بخش، قُرب جو نہ ڪنھن وٽ قال ٿئي.
دُر محمد عرض محمد خير محمد ۽ دين محمد،
نانو ٽِمن ٿاسين ۽ عطن سندا خوشحال ٿئي.
غلام محمد عطا محمد ۽ نادر علي حسن،
الهداد وڏيرو شمن شينھن هجن سڀ شال ٿئي.
علي گوهر، غلام الدين، گُلزار ۽ حُبدار پڻ،
پڙهن اهڙو سکن اکر جو بي مثال ٿئي.

حُسن جي تئو تپش کان گم، جلي جندڙي عذابن ۾.

حُسن جي تئو تپش کان گم، جلي جندڙي عذابن ۾.
ڪري ٿو ناز تون نڪرين، ويڙهي منہ ڙو نقابن ۾.
گهلن هيرون بھارن جون، وُٺا ويرا وڏي رونق،
شرابي رُت ڀِنل برکا، اڪيلو مان بھارن ۾.
اندر جون سئو اُميدون هي، اُڃيون تو لئي آتيون،
ڪهن ٿيون قرب جون ڪاتيون، متل ماتم وڏامن ۾.
قبر منھنجي اڪيلي ٿئي، ايندو مون ڏي اڪيلو ڪر،
وٺي ڪو ٻيو نہ ايندو ڪر، منھنجو دشمن مقامن ۾.
امن مانجهي اسان تو لئي پنھنجو سر هي سھايو آ،
اڃا پيارا مٺا مونکان رهين ڇو ٿو حِجابن ۾.

ذڪر منھنجو محفل ۾، ڪرڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟

ذڪر منھنجو محفل ۾، ڪرڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟
پڇڻ بي هڪ پيار آ، پڇڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟
شڪايت ۽ شڪوه بي، تعلق پئي ڄاتم،
منھنجي پاران غير کي ڀرڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟
" مرندين تہ کلندس "، آهن لفظ تنھنجا،
کلڻ لاءِ مئس، پوءِ بہ کلڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟
آهيان بي دخل مان، ڪھڙي هج اوهان ۾،
خوابن جي دنيا ۾، ملڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟
ناهي خود امن پوءِ بہ پڇو ٿا امن کان،
هن دنيا ۾ دشمن ۽ سڄڻ ڇو ڇڏي ڏنئي؟

اندر جي ڳالھہ دل وارا، ڇپائڻ دل ۾ ڇو گهرجي؟

اندر جي ڳالھہ دل وارا، ڇپائڻ دل ۾ ڇو گهرجي؟
جيڪو چوڻو هجئي چئي ڏي،پچائڻ دل ۾ ڇو گهرجي؟
وڻي ٿي سونھن توکي، تون ڀلي مون سان نظارو ڪر،
لڪڻ جي عشق شيءِ ناهي، لڪائڻ دل ۾ ڇو گهرجي؟
ڀلي رھ راز پنھنجي سان، اسان جي پيار جو پياسو ٿي،
اجايو وهم ۽ واڌو، وڌائڻ دل ۾ ڇو گهرجي؟
امن جي ذات آ جڏڙي، سنجيده ۽ صفا سادي،
پاڪيزه پيار جو جذبو، وڃائڻ دل ۾ ڇو گهرجي

منھنجي واتان رت پيو وري، تون غير سان گم شم آن،

منھنجي واتان رت پيو وري، تون غير سان گم شم آن،
منھنجي هانء ۾ ٿي باھُ ٻري، تون غير سان گم شم آن.
هر رات اويرو اٿي، پنھنجي رب کي ٿو هٿڙا ٻڌان،
غم ناڪ هي غم ڪو ٽري، تون غير سان گم شم آن.
هيل سانوڻ خوب وُٺو، ساوا ٿر ۾ سلا اُڀريا،
ڏاڍي ٿر جي ٿي رات ٺري، تون غير سان گم شم آن.
ڏاڍو دل کي پڪو ٿو ڪيان، کڻي ياري تنھنجي ڇڏيان،
پر منھنجي نہ ٿي پئي سري، تون غير سان گم شم آن.
رک ياري صنم هڪ سان، هر ڪنھن سان نہ هل هڪ ٿي،
ٻڌ ڌيان امن ڏي ڌري، تون غير سان گم شم آن.

پرين پيار جو ڪو طريقو ٻڌايو

پرين پيار جو ڪو طريقو ٻڌايو
دل جي وٺڻ جو سليقو ٻڌايو
چِلا ٿا ڪڍون تنھنجي چاهت چري ۾،
پوان پار اهڙو، وظيفو ٻڌايو.
وفا يا جفا ۾ تہ رهبو ئي باهم،
ڀڄئون يار ڪاڏي، هم شريڪو ٻڌايو.
لکيو ڪنھن آ نالو تربت منھنجي تي،
مٽايان اهو بي، هم رفيقو ٻڌايو.
آهيون گڏ امن، چئي جدائي ڪٿي آ،
ڪبو ڪنھن سان ڪهڙو، فريقو ٻڌايو.

اڄ پرين ڏس دام دل سان ڪيئن ٺھي و؟

اڄ پرين ڏس دام دل سان ڪيئن ٺھي و؟
پيار منھنجو، ڪھڙي ٽل سان ڪيئن ٺھي و؟
روح ڪيئن ڦاٿو، مٽي جي بوتي اندر،
هي جسم بوتو، ڀُل سان ڪيئن ٺھي و؟
پن،ڪنڊا ۽ گل بہ گڏ، ٽاري هڪا،
آ عجب، هي خار گل سان ڪيئن ٺھي و؟
اڄ ٺهان يا اڄ ڊهان، ها وقت هو!
ڀاڳ ڏس، ڪيڏي گِهل سان ڪيئن ٺھي و؟
راڳ ڳاءِ، من راڳ سان رانول ريجهي،
راڳ جو سرگم مھل سان ڪيئن ٺھي و؟
مون پنھنجي سڄي عمر ڪئي غرق آ،
جو ٺھي و، ڪھڙي عمل سان ڪيئن ٺھي و؟
گهوٽ سونھين، موڙ سان جيئن سيج تي،
اهڙي طرح پوپٽ ڪنول سان ڪيئن ٺھي و؟
عڪس منہ جو غير تي هي ڪيئن پيو امن،
هن جو ذهن منھنجي عقل سان ڪيئن ٺھي و؟

اچرج آهي حيرت مون کي رات سڄڻ ڪا ترسيو ڪونہ ،

اچرج آهي حيرت مون کي رات سڄڻ ڪا ترسيو ڪونہ ،
واچوڙي جيان ڀنواٽي کائي ذهن منھنجي ڪجهہ پرکيو ڪونہ.
مرڪ اڳيان ڇا رات بيھي؟ ڇا گلڙن ۾ چرپر نہ هجي؟
خيال هيو ڪجهہ مرڪي دلبر، ليڪن دلبر مرڪيو ڪونہ
سج لڙيو ۽ سانجهي ٿي وئي پيار جا پاڇا رات ۾ گم،
زلف کليا واسينگ صنم جا، دشمن دل ۾ جرڪيو ڪونہ.
سنڌو صحن ۾ لھرون مست ۽ ڪارونجهر ۾ مور رنو،
هيبتناڪ وڇوٽي ور ۾ نانگ صحرا ۾ سرڪيو ڪونہ.
فطرت گوئي ذات ۾ چئجي عشق جي يا اوساٽ ۾ چئجي؟
چئجي هن کي ڪجهہ تہ چئجي پتنگ باهيئون ٽرڪيو ڪونہ.
جاهل يا داناءُ هجي پر پنھنجي ليکي هرڪو پورو آ،
امن مانجهي تن ويچارن هڪ ٻئي کي ڪجهہ سمجهيو ڪونہ.

بي چين صبر ۽ هي زخم تہ بس ياعلي مدد!

بي چين صبر ۽ هي زخم تہ بس ياعلي مدد!
اڃا دک دل ۾ دکيم تہ بس ياعلي مدد!
ڀڃ ڊاھ، جذبن جو جهڳڙو ۽ خاموشي،
نہ چئي ڪجهہ ڪڇيم تہ بس ياعلي مدد!
تون چئو هي حالت ۽ مان بچي سگهان،
هلندڙ لاش سر سٽيم تہ بس ياعلي مدد!
توکي ڪرڻو اهو تہ هو، جو ڪري ڏٺئي سائين،
تنھنجا غير سان انگل ڏٺم تہ بس ياعلي مدد!
چپ چاپ پئي سٺيون مون، سور جون سوزشون،
امن هڪ اڌ قيامت ڪٽيم تہ بس ياعلي مدد!

چريا ٿي يار پرکياسين، وڏا وينجهار پرکياسين،

چريا ٿي يار پرکياسين، وڏا وينجهار پرکياسين،
سُڃا زردار پرکياسين، ٻڍا ۽ ٻار پرکياسين
پراوا ۽ پرين پنھنجا، پاڙي جا دوست دل وارا،
سچا ڪوڙا ڪلئي پڌرا، دنيا جا پيار پرکياسين.
ڏنوسين ڪجهہ وتوسين ڪجهہ، رلي در در ڏٺوسين ڪجهہ،
روحاني رنگ ۾ رلجي وڏا وهنوار پرکياسين.
اهي ياريون ۽ دلداريون، اهي سارون ۽ من ٻاڙون،
دنيا جون عام ڪم ڪاريون، ڪلئي ڪم ڪار پرکياسين.
ننڍا ٿي ۽ وڏا ٿياسين، وڏا ٿي پوءِ ننڍا ٿياسين،
ڏسي ٻين جا هي گڻ اوگڻ، پنھنجا پرڪار پرکياسين.
ادا مانجهي امن مجلس مچائي عشق ازل کئون آ،
حسن جي ڪشمڪش جلوي سندي ديدار پرکياسين.

سمجهين تہ ماڻھون آهيان مکڻ

سمجهين تہ ماڻھون آهيان مکڻ
بُري ڳالھ تو ۾، بَر آ ڪڇڻ.
تون ٿو ڪرين ڌن تي وڏائي،
انھيءَ کي چئبو نہ آهي کٽڻ.
ٻِلي بہ تنھنجي ڏھ مڻ ڀٽاري،
پاسو ڏئي توکان گهرجي بچڻ
گهر ۾ ويھين ٿو لاڦون هڻين
تہ ايندو اٿم ڪپڻ ۽ ڪُهڻ
وڏيرو، وڏيرو ڇا آهي وڏيرو؟
ڀلا ڙي وڏيرا تنھنجو وٽ تي ورڻ
منھنجو نسل ۽ خود مان لکيڻو،
لکيڻي جا لکان ٿو لوچي لڇڻ
رڳو ڪوڙ وٽ سٽ، اندر جو منافق،
انھي کان ڀلي ٿئي واري ڦڪڻ.
ڪُلھا ڪنڌ پنھنجا ٿو چاڙهي هلين،
پاسيرو کٽ تي سِرڪي سُهمهڻ.
ٻني ٿو گهمين ٻنا ڏئي ٻِٽالا،
وھ وا ٿيو آ فصل جو ڦَرڻ.
چڱو ڪنھن لاءِ سوچي ڀلائي ڪرڻ ۾،
سئو ڏُک سِر تي سھائي سھڻ.
امن چانگ مانجهي اهو ڪجهہ ناهي،
پراون کي پنھنجو قرب ڏئي ڪرڻ.

لالچ رکيئي سنگت ۾، اُلفت نہ ٿي رهي،

لالچ رکيئي سنگت ۾، اُلفت نہ ٿي رهي،
برداش ناهي دل ۾، محبت نہ ٿي رهي.
انصاف جنھن جي دل مان نڪري وڃي سدائين،
اهڙي ماڻھوءَ جي آخر عزت نہ ٿي رهي.
چوري ٺڳي ۾ جيڪا، دولت ڪو گڏ ڪري پر،
اهڙي حرام دولت، دولت نہ ٿي رهي.
پنھنجو خُدا وساري خواهش ڪرين تون پوري،
پر جَي ٿي موت ڪَڙڪي، مھلت نہ ٿي رهي.
رک يار تنھن سان ياري، پختو هجي جو پليل،
داناھ جي دوست ناهي، راحت نہ ٿي رهي.
هت هُت پڙهين نمازون، منزل ائين نہ ملندي،
مُرشد جي جيسين مانجهي صُحبت نہ ٿي رهي

هجي ڪير جو هاڻي توکي چوي، هن لاش کي هٿ ڏئي اُٿار کڻي

هجي ڪير جو هاڻي توکي چوي، هن لاش کي هٿ ڏئي اُٿار کڻي
هن بي وس کي ٿوري ٽيڪ ڏئي، پنھنجي پيرن تي تون بيھار کڻي.
مان آهيان ڇا ۽ ڇا ٿو ٿئي؟ مان ناهيان پوءِ ڪجهہ ناهي مِٺا،
هي جو ڪُجهہ آ، آهي توسان ٻڌل، مُئي دل کي صنم تون جِيار کڻي
هي سج جو هڪ پل اوکو اٿم، سڄو ڏينھن گُذري تہ گُذري ويندم،
هي گُذارو آ ڪو عجيب گُذر، هن رستي تان تون گُذار کڻي.
واتئون رت ٿي وَري، مان ورِي نہ سگهيس جنھن راھ تي مون کي ورڻو هو،
جنھن راھ تي غير کي ڳارَي سگهان، تون پاڻهي ڏي پنھنجو پيار کڻي.
اڃان ڪونہ آئين، هي ڇا آهي ڀلا؟ هي ڇا ٿو ڪرين، هي ڪِهڙو ظلم؟
هي ناحق آ، ڏاڍو ڏاڍ مِٺا، ان کان ڀلو پنھنجي مانجهي امن کي مار کڻ.

ڏکن سورن ۽ صدمن ۾ ڪي ئي سال ڪاٽيا ٿم،

ڏکن سورن ۽ صدمن ۾ ڪي ئي سال ڪاٽيا ٿم،
جڏهن کان دل توسان ڦاٿي، رڳو رنج وَ غم پِرايا ٿم.
ڪڏهن ڪنھن غير جو دڙڪو، ڪڏهن پنھنجن سَتايو آ،
هن عشق وَ مُحبت ۾، قدم جيئن ئي پايا ٿم.
اچن ٿيون ياد اُهي ڳالھيون، روئڻ ٿو اچي هر هر،
طرح ڪھڙي سڄڻ توسان زمانہ گڏ گذاريا ٿم.
پنھنجي ياري ياد ڪر ڪيئن نہ قُرب هوندا ها پنھنجا،
ڪچھريون قُرب واريون امن مانجهي فسانہ سڀ وساريا ٿم.

وڃان ٿو يار ڏي موٽي، گهر پنھنجي ويھڻ ڪونھي،

وڃان ٿو يار ڏي موٽي، گهر پنھنجي ويھڻ ڪونھي،
آرام سڪونَ اصل ڪونھي، خوشي کاڌو کائڻ ڪونھي.
ويو آ يار مون کان اڄ، بھاني ڪنھن رُسڻ جي بس،
چوان مان ڪيان ڪيئن، عرض ان کي ڪُڇڻ ڪونھي.
دنيا جون دولتون دم دم ۽ پائڻ کائڻ جا عيش همدم،
اچي پِيري پير پايا، افسوس ويھڻ ۽ اُٿڻ ڪونھي.
امن جي آس اها هاڻي ڪندو پاڪ مولا پوري،
ڏيئي ٿو ڏيھ کي مولا، ڏئي تہ بس پُڇڻ ڪونھي.

توسان سودو دل جو ٿيو آ، پرين ڌيان ڏيندو ڪر،

توسان سودو دل جو ٿيو آ، پرين ڌيان ڏيندو ڪر،
گڏ غيرن سان تون گهمندي ايڏا گهاءُ نہ ڏيندو ڪر.
اسان در توهان جي دانھين، همدرد ٿي مِٺا،
اسين سائل تنھنجي در جا، دِلي دانَ ڏيندو ڪر.
منھنجيون خوشيون سڀئي تون ساڻ سَي کڻي وڃ،
تون مَيڙي چونڊي پنھنجا ارمان ڏيندو ڪر.
مانجهي امن اوهان کي سمجهي سگهي نہ جيڪو،
تنھن کي دل ۾ دلبر جاني ڪا جاءِ نہ ڏيندو ڪر.

بس خدا جو قسم الائي ڇا ٿو ٿئي،

بس خدا جو قسم الائي ڇا ٿو ٿئي،
ٻئي جي چوڻ تي هُو جُدا ٿو ٿئي.
ڪيڏيون لک ڪمايون ڪيم ٿي پرين سان
لُڙهي ويون سڀئي، بي وفا ٿو ٿئي.
تنھنجي پيار خاطر، هيڻو ٿيس سڀن کان،
تڏهن پيار پنھنجي جو، بچاءَ ٿو ٿئي.
سڄو راڄ مون تي ٺٺوليون ٿو ٺاهي،
ٺاهيان مان ٺٺولي تہ وڌاءُ ٿو ٿئي.
امن چانگ مانجهي تنھنجي پيار خاطر،
مُئس، دوستي جو حق ادا ٿو ٿئي.

هر ڳالھ کي مڃان ٿو، مگر غير سان ڇڏي ڏي گهمڻ.

هر ڳالھ کي مڃان ٿو، مگر غير سان ڇڏي ڏي گهمڻ.
زندگي وڃي ٿي مون کان منھنجي، وِھ لڳي ٿو مون کي جِيئڻ.
تو بِن قسم خدا جو مِٺا، دم نہ ٿو کڄي منھنجو،
افسوس! اڄ جُدائي ڪيئي، ڇو اڃان اچي نہ رُوئڻ.
بي درد توتي مون تي کِلن خوش نصيب هُون،
دل ۾ نہ ڪر انھن جو صنم، غيرن جو ڪم آهي کلڻ.
منھنجو اشارو سمجهين نہ ٿو، چئو مٺا مان ڇا چوان؟
ٿورو نہ سمجھ ٿورو چوڻ، هي گهڻو گهڻو آ چوڻ.
مانجهي امن مري تہ توکي پوءِ قدر پوي ڪو پِرين،
گهر ڪير ايندئي پنڌڙو ڪري، روز مون وانگيان مِلڻ

تنھنجي جفا جي انتھا ٿي وئي،

تنھنجي جفا جي انتھا ٿي وئي،
ڪيئن نہ دِل، دِل کان جُدا ٿي وئي.
تون غير سان گڏجي هليو وئين،
مون لاءِ تہ قيامت برپا ٿي وئي.
عُمر لاءِ وِڇڙي وياسين سڄڻ،
الائي ڪنھن جي بد دُعا ٿي وئي.
توسان هڪ پل گُذارڻ ڪاڻ،
منھنجي سڄي عمر فنا ٿي وئي.
امن زندگي تنھنجي حوالي ڪيم،
پنھنجي هٿان هي دغا ٿي وئي.

پنھنجي پيار جي پيارا پارت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان،

پنھنجي پيار جي پيارا پارت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان،
دوکي باز دنيا جي شرارت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان.
تنھنجي درد اندوھ جي داغ مٺا، وڌو فاني جسم کي شھيد ڪري!
اها عشق تنھنجي جي عنايت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان.
تنھنجي اڱڻ آڳر تنھنجي قدمن ۾، هي اڻ مٽ نشان سڃاڻي تہ ڇڏ،
هي منھنجي قبر جي اڏاوت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان.
ڪڏهن تو نہ پڇيو آزاد امن ڪهڙو حال ٿئي يا خوش تہ آهين،
مون لاءِ قرب جي ڪيڏي قنايت ٿئي، هڪ تون ٿو ٻڌين ٻيو مان ٿو ٻڌان.

ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، جيون جو رنگ بکري ويو،

ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، جيون جو رنگ بکري ويو،
صحرا جي رڻ ٿر بر اندر، ڪڪر جيان وکري ويو
ڪنھن مسافر ماٺ ۾، منزل سندي ٿي پوڄا ڪئي،
ڪاٽي ٽڪر راهي هليو، رستو ڪري اُڪري ويو.
تون وسين يا نا وسين، ٿر ۾ اُڃو تڙپي مُئس،
بي ترس ٿي بادل بيٺين، نيٺ دم نڪري ويو.
منھنجي تُربت تي اچي، خاموش ٿي بيھي تون رھ،
سوچ ڪجهہ تنھنجي راڄ مان، هڪ سادہ دل گذري ويو.

پيار ۾ پرچڻ رسڻ نبريو نہ ٿيو،

پيار ۾ پرچڻ رسڻ نبريو نہ ٿيو،
تنھنجو کلڻ ۽ منھنجو روئڻ نبريو نہ ٿيو.
رات هئي سانوڻ سندي، ٿي ٿي جدا وياسون ملي،
چاھ مان چاهت چمڻ نبريو نہ ٿيو.
مون کان پري، مون کان ڇڄي ۽ تنھنجو مٺا،
غير وٽ ترسڻ، ٽڪڻ نبريو نہ ٿيو.
پيار جي منزل ڏٺم، وئي اڳتي وڌي،
منھنجو وڌڻ ۽ تنھنجو هٽڻ نبريو نہ ٿيو.
تون ٿو چوين آزاد آن مانجهي امن،
جنگ ۾ مٺا جهيڙو ڏيڻ نبريو نہ ٿيو.

هن زمين ۽ فلڪ سان دل وئي ٽُٽي،

هن زمين ۽ فلڪ سان دل وئي ٽُٽي،
سونھن و حُسن جي جهلڪ سان دل وئي ٽُٽي
تو اڏايون ٿي مذاقون مون سان پرين،
پر تنھنجي هڪڙي ٽهڪ سان دل وئي ٽُٽي
تون سڄڻ مون کان ڇڄي وئين ڪجهہ پري،
ٻي دنيا جي خُلق سان دل وئي ٽُٽي
غير سان گڏجي گهمين ۽ مُرڪين مٺا،
بي رواجي مُرڪ سان دل وئي ٽُٽي
اي امن هي پيغ هو قاتل ڪڙو،
ساغر جي هڪڙي ڇلڪ سان دل وئي ٽُٽي.

دلبر جو دل کسي ويو، دلدار ايندي ايندي،

دلبر جو دل کسي ويو، دلدار ايندي ايندي،
سوگهو ڪري ويو سٽ ۾، سرڪار ايندي ايندي.
سيني اندر هي سرڪش گهرا زخم نظر جا،
نرمل هڻي نپٽ ويو، نروار ايندي ايندي.
ترسيو نہ ڪا گهڙي هو، نادار جي اڱڻ تي،
ايندس وري چيائين، هروار ايندي ايندي.
آزاد هن امن کي برباد ويو ڪري هُو،
آزار ويا وڌي اڄ، آزار ايندي ايندي.

دلربا دولاب سان دل کي ڦُري ڇو ٿو وڃين؟

دلربا دولاب سان دل کي ڦُري ڇو ٿو وڃين؟
قرب ڏئي قيدي ڪري پوءِ تون پري ڇو ٿو وڃين؟
تنھنجي خاطر سر تي سٺم جڳ جا طعنا هزار بار،
روگ رودن روح ۾، باهيون ڀري ڇو ٿو وڃين؟
مون ڏٺو سامھون منھنجي غير سان گهمندو رهيئين،
دل مٿان هي درد جي دوزخ ڌري ڇو ٿو وڃين؟
راحت ڀري من رات ڪا، زندگي ۾ هڪ ملي،
ان آسري ۾ امن مانجهي عمر کري ڇو ٿو وڃين؟

تو مون کان ڇڄي، منھنجو نقصان ڪيئي ڪهڙو؟

تو مون کان ڇڄي، منھنجو نقصان ڪيئي ڪهڙو؟
مان تہ اڳ کان بہ اڳرو هان، پريشان ڪيئي ڪهڙو؟
مون کي ياد نہ ٿو بيھي، يا تہ خواب لڌو هوندئي،
ڪو ياد هجئي چئي ڏي، احسان ڪيئي ڪهڙو؟
متان پاپ کڻين سر تي، ڪنھن غير سان گڏجي گهمين،
ائين جي ٿو ڪرين پنھنجو ڀلا شان ڪيئي ڪهڙو؟
منہ مجي مرڻ جي ڏينھن تي تو، هي لفظ اُچاريا ها،
" چلپل جي دُنيا آهي "، ارمان ڪيئي ڪهڙو؟
مون تنھنجي طبيعت ۾ دولاب ڏٺا ڏاڍا،
مانجهي رت ڏئي توکي پاليو، منھنجو مان ڪيئي ڪهڙو؟

پٿر تي پاڻي جو اثر نيٺ ٿيندو،

پٿر تي پاڻي جو اثر نيٺ ٿيندو،
سانوڻ جو اُڀ تي ڪڪر نيٺ ٿيندو
ڀلي غير ٻاري، ساڙي ۽ ستائي،
هر ڪنھن جو پنھنجو سفر نيٺ ٿيندو
منھنجو عشق ساحل تنھنجي سونھن طوفان
بحر جي ڪناري ٽڪر نيٺ ٿيندو
زندگي ۾ چرپر ۽ چاهت اُميدون،
ايندو ڏينھن اهڙو صبر نيٺ ٿيندو
ظفر ۽ فدا کي گدا کي بہ چوندس،
امن جو ٽنھي کي قدر نيٺ ٿيندو

ظفر؛ ظفر شر شاعر،
فدا؛ فياض علي شر فدا شاعر
گدا؛ اُستاد سلطان علي چانگ گدا
(ٽئي اُستاد امن جا بھترين دوست ۽ همعصر هئا، تئي حال حيات آهن،
يقينن ٽنھين کي استاد جي وڃڻ کان بعد قدر تيو هوندو.

سونھن دل تي ڏاڍو اثر ٿي ڪري،

سونھن دل تي ڏاڍو اثر ٿي ڪري،
ڪپي ٿي ڪُهي ٿي قھر ٿي ڪري.
سامھون مان سڪايل اڳيان سونھن سڳوري،
شهباز ساڻ جهرڪي ٽڪر ٿي ڪري.
هيء مندڙي ماڪوڙي ٿي تڪي عرش اُڀ کي،
هي بہ ڏس معراج جو سفر ٿي ڪري.
هي ڪُنڍڙيون اکيون تہ ويڙهاڪ آهن،
هڻن تير، ٽُٽل دل صبر ٿي ڪري.
جهليان ٿو پليان ٿو تہ پلجي نہ ٿي،
امن سان وڏا دل چڪر ٿي ڪري.

ڪيئن ڇني وئين يار ياري مون کان؟

ڪيئن ڇني وئين يار ياري مون کان؟
ڪيئن پري هڪ گهڙي تو گذاري مون کان؟
هيل هير هانء جي مٿان ڪاتيون هڻي،
مينھن ڦڙ ڦڙ وتي آ اُڌاري مون کان
جنھن خزان کي بھارون سڏي مون ڏنيون،
ڪيئن خزان سا کسي وئي بھاري مون کان؟
هاڻ سارون لھڻ تو ڇڏي بس ڏنيون،
نا وري ڪا بہ پڄندي پوئيواري مون کان.
جيڪا فرقت تنھنجي ۾ ٿي ڦتڪي امن،
ڪيئن اها دل ٿئي دم ڌتاري مون کان؟

اک جو اک سان دوبدو سودو نہ ڪر،

اک جو اک سان دوبدو سودو نہ ڪر،
سر جو سودو سونھن سان سستو نہ ڪر.
پنبڻ ڇنڀڻ سان ٿي سگهي قيامت اچي،
دنيا سندو تختو تہ اڄ ابتو نہ ڪر.
هُل هُلاچو غير جو هوندو سدا،
رب تي توڪل، ڪوبہ دل اُلڪو نہ ڪر.
اڌ صدي مون ساھ ۾ آ سڪ سانڀي،
تون رهندو سا باھ ڦوڪي ڀڙڪو نہ ڪر.
جان کان جيئن، جيءُ امن اڏري وڃي،
ايڏو امن تون هانء کي هلڪو نہ ڪر.

تنھنجي اک جو ڪُٺل آهيان، هڪ تار تڳي نہ سگهان

تنھنجي اک جو ڪُٺل آهيان، هڪ تار تڳي نہ سگهان
سڙي خاڪ جگر ٿي ويو، ڪائي پل بہ بچي نہ سگهان
تنھنجي شاه حُسن جو هڳاءُ، ڪيئن دل کي ڪپي ٿو ڪُهي،
افسوس اهو آ رڳو، ڪجهہ چوندي چئي نہ سگهان
مون سان ناز ڪرين ۽ ٺھي ن، منھنجي رُوح ۾ راس رهين،
تنھنجي دام ۾ دل ڦاٿل، ٻئي هنڌ مان ڀڄي نہ سگهان
اي چانگ امن مانجهي ڪيڏي ڪوشش ڪئي مون پر،
ڪجي پيار بہ ڪيئن توسان، پنھنجي وس ۾ پُڄي نہ سگهان.

زماني کي ڏسو جاچي ۽ پنھنجا اتوار پڻ جاچيو،

زماني کي ڏسو جاچي ۽ پنھنجا اتوار پڻ جاچيو،
چئو ٿا ڪجهہ ڪيو ٿا ڪجهہ پنھنجا ڪردار پڻ جاچيو.
برائي جو برائي کان سواءِ، ناهي نتيجو ڪو،
ڪرائي جو توکي رُسوا، ڳولي اغيار پڻ جاچيو.
برائي ۽ ڀلائي جي ڪمي ڪانھي زماني ۾،
لکين وهنوار اوجن تي، پنھنجا وهنوار پڻ جاچيو.
خدا جو خوف رک بنده، خدا کي جان آ ڏيئڻي،
ڪري واعدا ڦرڻ ڦتڪڻ، ڪوڙا اقرار پڻ جاچيو.
ڪڏهن بہ ڪنھن نہ آهي ڄاتو، مٽي آهيان مٽي ٿيندس،
مٽي جي گهوٽ لاءِ ايڏو جعلي سينگار پڻ جاچيو.
فطرت ۾ اهو آدم اصل کان ٿو ڪري تڏرون،
وڏائي ٿي جُڳائي جنھن کي رب سو قهار پڻ جاچيو.
سچيون ڳالھيون امن مانجهي ڪجن جيڪر سڌيون سامھون،
دوزخ جو درد ڄاڻو ٿا، جنت جو قرار پڻ جاچيو.

اڄ بھارون بي ميارون ٿي ويون،

اڄ بھارون بي ميارون ٿي ويون،
چار گهڙيون چاھ واريون ٿي ويون.
جي رُناسين جي رُٺاسين خير آ،
آيون خوشيون غم گذاريون ٿي ويون.
اڄ سڄڻ نالي خدا اوري تہ ٿيءُ
پاءُ ڀاڪر غير گهاريون ٿي ويون.
باغ ۾ گلڙا وري بادل مٿان،
بوند باريون ۽ بھاريون ٿي ويون.
اي امن وڃبو مري دُنيا اندر،
هڪ زبان کان ٻي تي سارون ٿي ويون.

چاندني سان وهجان جيڪر

چاندني سان وهجان جيڪر
تيز ويندي بس رڪجان جيڪر
گل ۽ سبزه زار، ڇانيل ڀُونء تي،
ڳل تي ڳل تون رکجان جيڪر
تارا ٽم ٽم، رات اويرو،
مون ڏي غير کان اچجان جيڪر
درد اوهان جو ماري مون کي،
قھر هي ناحق ڏسجان جيڪر
اڏران مٿي آڪاش مٿان يا،
شبنم گل تي پسجان جيڪر
تنھنجي دل ۾ تصور اهڙو،
جھڙو تو ۾ ڏسجان جيڪر
مان لکيو آ تو لاءِ جاني،
تون بہ فسانو لکجان جيڪر
امن مانجهي رڻ تتي ۾،
مھر ٿي مون تي وسجان جيڪر.

اغيار ڪل اعتبار سان، اڄ يار ٿيندا ٿا وڃن

اغيار ڪل اعتبار سان، اڄ يار ٿيندا ٿا وڃن
مُدعي مٽجي محبت ۾، هنيئن جا هار ٿيندا ٿا وڃن
مھرباني تنھنجي جاني سوڀ ماڻي ٿم مٺا،
ڏنو تو پيار ڏٺم دُشمن دلي دلدار ٿيندا ٿا وڃن
سڀ ڪجهہ ٿيو، لھي ويو غم، ٿيس گد گد،
هئا جي رقيب پنھنجا سڀ، ساھ جا سينگار ٿيندا ٿا وڃن
سوا تنھنجي نہ سانوڻ هو، نڪا ساوڪ نڪا بسنت،
آئين تون خدا ڄاڻي، وسڻ جا وار ٿيندا ٿا وڃن
چيو غيرن نہ ڪر رنجش، تو سان رڳو ڀوڳ چرچا ها،.
چيم سوچي، ڏسو ماڻھوء بي معيار ٿيندا ٿا وڃن
نظر سان رُخ ڏسان تنھنجو، من پُرباش امن ٿي پئي،
ڏسي خوش يار مون کي سي گُل و گُلزار ٿيندا ٿا وڃن

دل اڙئي تہ ڇڏائي وٺ،

دل اڙئي تہ ڇڏائي وٺ،
روح رڙئي تہ ڇڏائي وٺ.
چپ ڪر، نہ ڪُڇ، نہ چئو،بس ڪر،
لُچ لڙئي تہ ڇڏائي وٺ.
ذڪر ڪر، فڪر ڪر، پر پوءِ بہ پرين،
سج چڙهئي تہ ڇڏائي وٺ.
سنبت ڪر، جند ڇڏاء، سُرت ڪر،
ڪو جي تڙئي تہ ڇڏائي وٺ.
پيار ڪر امن پيار ڪر ۽ پيار ڪر،
مُدعي سڙئي تہ ڇڏائي وٺ.

تنھنجا منھنجا خيال ٻاراڻا،

تنھنجا منھنجا خيال ٻاراڻا،
مونکي تون ڄاڻين توکي مان ڄاڻا.
نينھن نشي ۾ غرق ٿا ڏسجن،
پنھنجا چھرا زرد نماڻا.
عشق عمل هڪ اوکو انوکو،
ڪاٿي ٿا سمجهن ماڻھو اياڻا.
سانوڻ هن ۾ ساٿ ڏجو من،
ياد ڪجن ڪي پيار پراڻا.
پنھنجو پاڻ ۾ پنھنجو رشتو،
رهندو امن ڀل گذرن زمانا.

مجبور آهيان، مون کي سڏي، ڇو ڀلا سزا ٿا ڏيو،

مجبور آهيان، مون کي سڏي، ڇو ڀلا سزا ٿا ڏيو،
گڏ غير سان گهمين مان ڏسان، ڇو اها دُعا ٿا ڏيو.
منھنجي خطا اها جو توسان، مون وفا ڪئي،
افسوس ان جي عيوض ۾، ڇو مون کي دغا ٿا ڏيو.
وسڪار ٿر تي ٿاڌل ٿي، دل چري چري آ مٺا،
محبوب مند ۾ تون آ جدا، ڇو اهو ايذاءُ ٿا ڏيو.
پنھنجي بچڻ جي لاءِ مٺا، هٿ تنھنجي ۾ هٿ مون ڏنا،
پر ڇا خبر هئي مانجهي امن هٿ ڍلا ڍلا ٿا ڏيو.

اهي ناز تنھنجا پنھنجي سر تي مان سھندو رهندس،

اهي ناز تنھنجا پنھنجي سر تي مان سھندو رهندس،
ڳالھيون دل جون دل ۾، ٻئي کي نہ مان چوندو رهندس
تنھنجي شوخ ادا ۽ جفا، تنھنجي ڪڙڪ جُواني جدا،
کڻين ناز ڀري جي نظر، پلپل ۾ مان ڪُسندو رهندس.
جيئن تون ٿو ڌنڌولا ڌڪا ڏيئين، هر موڙ تي ڏاڍ ڏيکارين،
پنھنجي مرڻ کان پوءِ بہ مٺا، پنھنجي قبر ۾ ڏڪندو رهندس.
گڏ غير سان تون ٿو گهمين، رڳو مون کان ڪنارا ڪرين،
مون سان ساٿ نہ ڏي تون ڀلي، تولاءِ غزل تہ لکندو رهندس.
چانگ مانجهي امن جاني، جڏهن توکان الڳ ٿيندو،
ڏسان ڪير ٿو توسان گهمي، هر غير کان پڇندو رهندس.

هڪ بار يار ايندين، هر بار آهيان نوڪر،

هڪ بار يار ايندين، هر بار آهيان نوڪر،
سر مال گهر کي گهوريان، سرڪار آهيان نوڪر.
ڪڪرن ڪيون قطارون، وسڪارو وس وري پئي،
هو آمد تنھنجي جو مون کي، انتظار، آهيان نوڪر.
نازڪ نہ ار مُرڪي، جرڪي جيئن ڪي دليون،
دلين تي قبضا ڌر تون، دلدار آهيان نوڪر.
دُنيا نہ مون کي گهرجي، درڪار ناهي ڪائي،
گهرجي تہ تنھنجو درشن، ديدار آهيان نوڪر.
چاهين جتي اُتي مان، خدمت ۾ خاص ٻانہ و،
هن سونھن سر جي صدقي، غم ٽار آهيان نوڪر.
عاجز امن اوهان ريء هت هُت وتي ويڳاڻو،
قيامت ۾ لهجو سيدﷺ، سُڌ سار آهيان نوڪر.

اوهان جي حُسن جو اثر ٿو پوي،

اوهان جي حُسن جو اثر ٿو پوي،
ڏسڻ سان دل ۾ چڪر ٿو پوي.
اچين ٿو تہ زندگي ٺھي ٿي وڃي،
وڃين ٿوڊهي ڄڻ هي گهر ٿو پوي.
جُدائي هي جانب ڏُکي ٿي لڳي،
تڙپان ٿو پل جي پهر ٿو پوي.
ڌنڌولن ڌڪن سان نميو نيڻ ڀرجن،
وسي وڏڦڙو ڄڻ ڪڪر ٿو پوي.
تو هڪ ساڻ محبت تہ دُنيا سڙي ٿي،
ڳچي ۾ سڄو هي شھر ٿو پوي.
امن چانگ مانجهي سوا تنہ جي سکڻو،
زندگي جو ڪٽڻو سفر ٿو پوي.

مُرڪڻ سان پوپٽيون نچائين ٿو سامھون، تہ چمڙين جي موسم ۾ بادل پيو ٿو برسي

مُرڪڻ سان پوپٽيون نچائين ٿو سامھون، تہ چمڙين جي موسم ۾ بادل پيو ٿو برسي،
ڪينجهر ۾ ڪنوارو ڪنول ٿو سُجهين تون، موتيو ماڪ ۾ ڄڻ ڀنل پيو ٿو برسي.
ڪکڙن تي چونتي نہ رک تون اويري، پکيڙي پتنگ پر سر ڏئي هو سڙندا،
اڙي دل ڪا اوچتي، وڌو درد ماري، مون سان سونھن جو هي ڪيئن عمل پيو ٿو برسي.
الا پيو الا پيو غزل گيت ڳايو، کڙيو چنڊ ڪڪرن مان چانڊوڪي چورايو،
وارن جي ورن مان ٿو چمڪي هي چھرو، خدا جو ڪرم ۽ فضل پيو ٿو برسي.
آيو اڱڻ منھنجي امن اڄ صنم آ، مولا جو ڪو مون تي اهم هڪ رحم آ،
ڏسان ٿو دُنيا ۾ هرڪو ڪوٽي ۾، هر جا جڳھ تي بس عدل پيو ٿو برسي.

ڪري ناز سڄڻ ڪيئن نہ اري ٿو،

ڪري ناز سڄڻ ڪيئن نہ اري ٿو،
کسي دلڙي، من کي ماري ٿو.
ڪيف پروڪا، هيل بہ هلچل،
دلبر دل ڌُتاري ٿو.
چُڻ پُڻ، لُڇ لُڇ، تونس لڱن کي،
رهندا گهور اڀاري ٿو.
ميڙ گهڻي ۾ موج نہ من کي،
سر سان سور سلھاڙي ٿو.
غير سان گڏجي رات اويرو،
ڪنڊا لنڊيون لتاڙي ٿو
چوڻ اسان جو هلڪو سلڪو،
ڌيان اصل نہ ڌاري ٿو
منھنجو دُشمن پيارو مون کي،
خاميون ڪميون لنگهہ تاڙي ٿو.
سانوڻ جا هي ڏينھن سھانا،
ڪيئن آزاد امن وساري ٿو.

ڪجهہ بڻجان پيو، بڻجڻ کان اڳي هي پنھنجي بناوت گم ٿي وئي،

ڪجهہ بڻجان پيو، بڻجڻ کان اڳي هي پنھنجي بناوت گم ٿي وئي،
تنھنجي پيار جي پيارا، ڪهاڻي بڻيس ۽ پنھنجي حقيقت گم ٿي وئي.
تنھنجي ذولفن جي ناپيد چڪر، هن منزل جو هسوار ڪيو،
تنھنجي درد اندوھ اهڙا داغ ڏنا، هر پاسي کان راحت گم ٿي وئي.
هي ناز ڪندڙ شھ نين سنوان، جيئن سامھون ڪُهن تيئن شوق مچي،
جان ڪُسي مان ۽ وري مان ڪُسان، هن جيئڻ جي چاهت گم ٿي وئي.
هن روح جي پنھنجي حقيقت آ، آهي مٽي جي جسم جو جامون پر،
هي صورت جي تون سمجهي سگهندين، تان غير غلاظت گم ٿي وئي.
شاه حُسن جي گوناگون سدا، هر گُل کي بھاري بخشي ٿي،
مون کي تنھنجو قسم اي مانجهي امن، پنھنجي غم جي وضاحت گم ٿي وئي.

دل خدا جي واسطي، ڳڻتي نہ ڪر،

دل خدا جي واسطي، ڳڻتي نہ ڪر،
بي وفا جي اڄ بيھي، بندگي نہ ڪر.
هڪ گُمان بي ڪونہ هو اهڙو مون کي،
تو چيو هُج يار جي جلدي نہ ڪر.
يار غيرن جي چڪر ۾ چنبڙي پيو،
اي منھنجي دل هاڻي تون مستي نہ ڪر
منھنجو غزل پڙھ ۽ هي روانگي ڏس،
گدا ڪنھن غزل ۾ سنجيدگي نہ ڪر.
ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان ڪنھن کي چوان،
مجبور ٿي امن ڪڏهن خودڪشي نہ ڪر.

تون پاڻ لاءِ آهين نرم اي ناز وارا ناتوان،

تون پاڻ لاءِ آهين نرم اي ناز وارا ناتوان،
منھنجي لاءِ سخت آهين، جھڙو پٿر اي جان جان.
ڇا ڇا نہ ٿا ماڻھو چون، منھنجي مٿان بنبال بار،
حال اهڙي ۾ مٺا رهندو جي ڇڙٻين ڇا چوان.
انسان ڪري ترقي جي ڪو، پستي پوي تان ال امان،
مان دُعاڳو آهيان ٻنھي لاءِ، ٻيائي ٻولي ٻن پوان.
چرخو هي جڳ جو جيئن چلي، تون راھ وٺ ڪا راهرو،
رستي مسافر آهين ادا، ڪر خيال پنھنجو تون خان خان
محبوب تنھنجي جام مستي ۾ جواني، لال گل آ لاغرض،
درد غم ويو سڀ دفع ٿي، سامھون هجن ساجن سنوان.
هڪ غريبت آهي امن ٻيا مونجهارا پيار جا گهڻا،
ڪاڏي وڃان احساس ماڻھو، سور ڪنھن سان ويھي سليان.

حقيقت پڇي هٽائي ڇڏيو ٿا،

حقيقت پڇي هٽائي ڇڏيو ٿا،
پنھنجي دل اسان کان مٽائي ڇڏيو ٿا
وڌائي وڌائي محبت ڏيو ٿا،
ڪري گهٽ گهڙي ۾ گهٽائي ڇڏيو ٿا
دُشمن سان ويھي سُرڀر ٿو سيرين،
پاڙون اسان جون پٽائي ڇڏيو ٿا
وڌو ساھ مون ۾ خدا پاڪ پرور،
مارون لتون ڏئي لٽائي ڇڏيو ٿا
قھر ڪر ڀلي ڪر ڀلي ساھ نڪري،
کٽيل منھنجي راند کٽائي ڇڏيو ٿا
اي حُسن جا پوڄاري توهان بہ اسان جيان،
واقعي سر سنگت ۾ ڪٽائي ڇڏيو ٿا
مسلسل رکو ٿا سختي ڇو اي سنگدل،
ڏُکي دل ڏُکن ۾ ڏڪائي ڇڏيو ٿا

فضا ۾ ڦيريون ڏيندڙ هڪڙو شِڪرو يا شهباز هجان،

فضا ۾ ڦيريون ڏيندڙ هڪڙو شِڪرو يا شهباز هجان،
پرواز ڀٽن کان ناري تائين ڪو مون کي بڇي مان باز هجان.
ڪنڊي ڪنڊي تي، کبڙ کبڙ تي، جھرڪ جھٽي ۽ ڳيرو کڻان،
هڻ هڻان ۾، وٺ وٺان ۾، گد گد هجان گُداز هجان.
جوڳي هجان جنسار ڏسان در در تي نفليون ڦوڪيان پيو،
فيراق فڪر جو فقير هجان، ڪا سونھن پسان نمان نياز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح ڪو شاھہ هجان يا خان هجان،
چوري ٺڳي سکڻيون ڊاڙون لُڙ لٻاڙون، يا اڻ ڍنگو ساز هجان.
ڪمري ٽوپي رلي ڪُلھي تي ڪُندري ڪڇ ۾ ياعلي مدد ڪندو وتان،
يا ڏاڙهي گوڏي تائين هجي، خلق کلايان، بم هجان بي آواز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح غريب هجان اخلاق هجي ۽ ڪردار چڱو،
عمل چڱا ۽ عزت چڱي، اوڙي پاڙي سان هردم هم راز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح بشني ڀاڙي، مُنھن سادو ۽ شيطان،
هر ڪنھن سان لڙان، ٽوڪ چٿر ۽ عيب ڪڍان ناساز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح مذاق مزي ۾ مشڪري ۽ کل کلان،
ٽهڪ ڏئي ٻيو ٽهڪ ڏيان، وات پٽيل هجي وائي واز هجان.
امن ڇا بي هجان ۽ هيئن هجان يا کڻي ڪيئن بہ هجان،
دُنيا توکي ڪانہ مڃيندي، مُڙس هجان يا مئي ناز هجان.

اوهان ساڻ منھنجي محبت وڌي وئي،

اوهان ساڻ منھنجي محبت وڌي وئي،
دُنيا جي الائي چو نفرت وڌي وئي.
زندگي عبادت کان، خالي رهي پر،
پُرخلوص ٻين لاءِ، نيت وڌي وئي.
ائين ڇو ٿا چئو تہ ڪُلفت گهڻي آ،
چئو سُبحان الله، اُلفت وڌي وئي.
سڀ ڪجهہ صحيح آ، صحيح پاڻ ٿي پئو،
نہ چئو هن جي هاڻي، اهميت وڌي وئي.
ڪري ڪو ظلم، ۽ رياء ڌاڍ تڏرون،
اها سمجھ ان تي ڪا، شامت وڌي وئي.
انصاف حق کي، پاسيري رکڻ سان،
وڏيرا تنھنجي لاءِ، ندامت وڌي وئي.
امن چانگ مانجهي، ٿيو مُڙس ماڻھو،
ڏيو منھن هرڪنھن کي، حالت وڌي وئي.

ڇو راھ پنھنجي تو مون کان، جُدا ڪري ڇڏي،

ڇو راھ پنھنجي تو مون کان، جُدا ڪري ڇڏي،
دوستي ۾ دغا جي تو هڪ انتھا ڪري ڇڏي.
غير وٽ ترسو پر اسان وٽ بہ اچو،
بي وس ٿي اهڙي، مون سدا ڪري ڇڏي.
دولت، جان، عزت مان تنھنجي حوالي ڪيم،
دوستي جي ادائگي مون ادا ڪري ڇڏي.
جنھن سان وفا ڪيم اُن پئي دغا ڪئي پر،
مون هر دغا ڪندڙ کي دُعا ڪري ڇڏي.
نہ وفا ملي نہ وفا ڏٺم نہ وفا جو مزو مليو،
مگر وفا جي اکر تي زندگي فدا ڪري ڇڏي.
هجان ها واپاري، سيٺ يا ڪيمياگر،
پيار جي دنيا ۾ اچي مون خطا ڪري ڇڏي.
مانجهي امن پيار کي پيار ڪري ورهايو اٿم،
پنھنجي ليکي پيار ۾ پيار سان سخا ڪري ڇڏي.

مُئي کي اٿارڻ عجب دلبري آ،

مُئي کي اٿارڻ عجب دلبري آ،
کارائڻ پيارڻ عجب دلبري آ.
مسيحا ٿي وڌئي بُت ۾ ڪيئن دم؟
جھُريل جيءُ جيارڻ عجب دلبري آ.
اهل مماتي کان ڄڻ حياتي مون ورتي،
پرين سان گذارڻ عجب دلبري آ.
ڪيو قرب مون تي پرين پنھنجو پاڻهي،
سڏي سيني لائڻ عجب دلبري آ.
ڊگهي ڳالھ واري ننڍڙو بيان ڪر،
ٿورو چئي کُٽائڻ عجب دلبري آ.
امن چانگ مانجهي سڀن سان رهائج،
نہ ڪنھن سان فٽائڻ عجب دلبري آ.

ڏکن سورن ۽ صدمن ۾ ڪي ئي سال ڪاٽيا ٿم،

ڏکن سورن ۽ صدمن ۾ ڪي ئي سال ڪاٽيا ٿم،
جڏهن کان دل توسان ڦاٿي رڳو رنج وَ غم پرايا ٿم.
ڪڏهن ڪنھن غير جو دڙڪو، ڪڏهن پنھنجن ستايو آ،
ھِن عِشق وَ محبت ۾ جيئن ئي قدم پايا ٿم.
اچن ٿيون ياد اھي ڳالھيون، روئڻ ٿو اچي ھر ھر،
طرح ڪھڙي سڄڻ توسان زمانا گڏ گذاريا ٿم.
پنھنجي ياري ياد ڪر ڪيئن نہ قرب ھوندا ھا پنھنجا،
ڪچھريون قرب واريون امن مانجهي فسانہ سڀ وساريا ٿم.

دوستن ۾ دغا ۽ داغدار دوستي

دوستن ۾ دغا ۽ داغدار دوستي
گهرجي نہ مون کي اهڙي بيڪار دوستي.
ڪنھن کي ڪنھن تي اعتبار ناهي، افسوس ٿم،
ڇا ڪندي بي فيض ۽ بي اعتبار دوستي.
ڏينھن ٿا گذرن ٻہ ٽي، بھتان بازي ۽ گِلا،
پنھنجا پراوا بدنظر، آهي خوب خوار دوستي.
اي امن رک نہ ڪنھن سان گهاٽي قُرابت جي دنيا،
ٿي ڪرائي پوءِ وري ويچارڌار دوستي.

سڪ سور درد غم جي ڪري ڪمزور ٿي ويو آهيان،

سڪ سور درد غم جي ڪري ڪمزور ٿي ويو آهيان،
دل ٿي وئي آ يار سان، مان مجبور ٿي ويو آهيان.
لنوءَ اچي اھڙي لڳي جو موت کان گهٽ اصل نہ آ،
غم جي شدت جي ڪري مان بيمار ٿي ويو آهيان.
دل ٻڌي دلبر اڳيان دانھون ڪندي دارون لاءِ چيم،
دلبر چيو دانہ ون نہ ڪر مان مغرور ٿي ويو آهيان.
مھر نظر محبوب جي مون تي اڃان تہ ڪانہ ٿي،
ھنجي نظر کان شايد امن مان دُور ٿي ويو آهيان.

ٻڌي ٻانہ ون ڪيان دانہ ون، لکيڻا لال هيڏي آ.

ٻڌي ٻانہ ون ڪيان دانہ ون، لکيڻا لال هيڏي آ.
وڃو ٿا ڇو ڇڏي مون کي، ڀلا ڪر ڀال هيڏي آ.
ڪيو جَي قرب هڪ ڀيرو، اچڻ جي ڪر عنايت تون،
سوا تنھنجي جيئڻ منھنجو ٿيو آ جنجال هيڏي آ.
پرين پرڏيھ ويٺين تون، وساري ڇو اسان کي تون؟
لڳا نيزا نظر تيز، آ بچڻ محال هيڏي آ.
امن جي آس ٿئي پوري، ٿين ديدار دلبر جا،
ويھي ويجهو ڏيان دانہ ون، ٻڌايان حال هيڏي آ.

دل جو زخم نہ ٿو ڀرجي، ڇا ڪجي؟

دل جو زخم نہ ٿو ڀرجي، ڇا ڪجي؟
سواءِ تنھنجي نہ ٿي سرجي، ڇا ڪجي؟
غير سان گڏ ۽ مون کان جُدا،
ڀلا جِئجي يا مرجي، ڇا ڪجي؟
هيڏان زندگي هوڏان محبوب،
ڪنھن ڏي ورجي، ڇا ڪجي؟
ڪو ڪيئن چوي تہ ڪو ڪيئن پرين،
ڪهڙو ڌيان ڌرجي، ڇا ڪجي؟
امن پيار تي زندگي نِڇاور آ،
ماڻھو ڦري ڦرجي ڇا ڪجي؟

ساوڪ جي ڳلي لاءِ، خزان جو خنجر تيار نہ ڪر،

ساوڪ جي ڳلي لاءِ، خزان جو خنجر تيار نہ ڪر،
مون کي ڇڏي بي سبب، غير کي پنھنجو يار نہ ڪر.
مون ساري عمر رت ڪڍي تنھنجي ناز پياسَي کي پياريم،
ظلم ڪر پر سنڀالي ڪر، پنھنجو ٿي موت وانگر مار نہ ڪر.
تشوِيش آ، ٿو ڪُهين، اها ڪِرت آندئي ڪاٿئون مِٺا،
بي رحم ٿي بيشڪ مِٺا، پر عمل هي بار بار نہ ڪر.
مانجهي امن ويندو مري، ڪير رهندو ڪيستائين ڀلا،
افسوس آ تنھنجو صنم، جواني تي تڪبر تار نہ ڪر.

توسان هڪ خوشي خاطر عمر گُذري سڄي اهنجي،

توسان هڪ خوشي خاطر عمر گُذري سڄي اهنجي،
ڇِڄي تون ڇا ڪندين پيارا، پڪي دل مان ڪندس پنھنجي.
ٻہ ٽي ڏينھن مٽائي پنھنجي مُنھن گهمان توکان الڳ آجو،
اُڪنڊ ۽ تانگه سڀ ٽوڙي، ڏسان ڪا پل گهڙي سھنجي.
سوين راتيون سوز ۾ سڙندي تنھنجي در تي ويون گُذري،
ڪڏهن بي ڪونہ ليکيو تو، نہ پئي مون تي نظر تنھنجي.
زماني ۾ سواءِ ربّ جي، ٻي سڀ شيءِ بدلبي آ،
ساڳيو اڄ تون رهيو ناهين، نڪي ڪا سُونھن ۾ سرسي.
امن مانجهي وِساري ڇڏ، نڪي تو وٽ وري ايندو،
وڃڻ جَي ڪاڻ وِيو توکان، وڃڻ جِي شي ڪٿان ورندي.

بي وفا جي چال جي تون ڳڻتي نہ ڪر،

بي وفا جي چال جي تون ڳڻتي نہ ڪر،
هيڻي پنھنجي حال جي تون ڳڻتي نہ ڪر.
مون کي ڪُهي هن غير سان تاڙي ڏني،
هن جي هٿڙي لال جي تون ڳڻتي نہ ڪر.
هي دنيا پئي ٿي ٺھي ۽ پئي ٿي ڊهي،
ڌن ۽ ملڪيت مال جي تون ڳڻتي نہ ڪر.
پيا ڏين پنھنجا هتي ڪيئن سئو لک ڌِڪا،
اوپرن جي خيال جي تون ڳڻتي نہ ڪر.
اي امن ڪو وقت هو قُربن ڀريو،
قرب جَي هن قال جي تون ڳڻتي نہ ڪر.

هاڻي ڪابہ حسرت ڪانھي، نفرت ڪانھي محبت ڪانھي

هاڻي ڪابہ حسرت ڪانھي، نفرت ڪانھي محبت ڪانھي
ساھ پِنڊي مان نڪري ويو آ، حال ههڙي تي حيرت ڪانھي.
آيس ڪاڏئون، ڪاڏي وڃان ٿو، ڪرڻو ڇا آهي؟ ڪيو ڇا مون؟
ٺاهيم ۽ ڊاهيم ڇا، افسوس ٿم مون کي ڪا قدرت ڪانھي.
اچان اڪيلو وڃان اڪيلو، ڳُجھ ڳُجهارت ڀڃآن اڪيلو،
پنھنجي نفي ۾ لِڪان اڪيلو، ظاهر ڪائي زيارت ڪانھي.
منھنجي اچڻ تي آڌرڀاءُ ۽ منھنجي وڃڻ تي ڪيڏي مايوسي،
اهائي تہ مون وٽ دولت دنيا، ڇا ٿو سمجهين اُلفت ڪانھي.
وحدت ڪثرت پاڻ ۾ سڀ ڪُجهہ، پاڻ ۾ پنھنجا رنگ رتولا،
هن سان هُن سان آنک مچولي، اهڙي منھنجي طبيعت ناهي.

بي وس بنايو مون کي صنم، مِنٿ ڪا مڃي ئي نہ ٿو،

بي وس بنايو مون کي صنم، مِنٿ ڪا مڃي ئي نہ ٿو،
گهر در جَي سامھون پيرين پوان، پوءِ بہ ڪُجهہ ڪُڇي ئي نہ ٿو.
هر ڪنھن کي مِنٿون دانہ ون ڏنم ڪيئن ڪيان مان سڄڻ،
آئِي سِير، اڌ ڪُٺو ٿو لُڇان، پر پِرين ڏِسي ئي نہ ٿو.
جو ڪُجهہ چوان ٿو، چوي ٿو ٻُڌل آهي منھنجو سڀ ڪجهہ،
دل ۾ چيم تہ هن جو رُسڻ موت آ، مون کي ڇڏي ئي نہ ٿو.
مقدر چوين چڱو جَي ٿئي، دل نہ لاءَ ڪنھن سان تون دلبر،
لاعلاج مرض عشق جنھن جو حِيلو ڪو سُجهي ئي نہ ٿو.
منھنجي تباهي کي تون ڏِسي، ڪُجهہ رحم تہ ڪر پيارا پرين،
بي هوش آهيان، بي سڪون آهيان، دم ساھ امن کڄي ئي نہ ٿو.

زخم چاڪ چِڪندا نہ ڇڏجو،

زخم چاڪ چِڪندا نہ ڇڏجو،
ارمان دِل جا هي ڏُکندا نہ ڇڏجو.
سڙي دل سان سينو لڳاء ٿڌو ڪر،
ستائي ستائي سِڪندا نہ ڇڏجو.
جي اوهان جي ڏُکن جا ستايل هي ماڻھو،
لِڪن جي اوهان ۾، لِڪندا نہ ڇڏجو.
امن چانگ مانجهي ٿي غربت ۾ گُذري،
جي رهي پيا اوهان وٽ، رُڪندا نہ ڇڏجو.

عيب ڏِسي ڍولِيا ڍڪي ڇڏجان

عيب ڏِسي ڍولِيا ڍڪي ڇڏجان
نفرت جون پاڙون پٽي ڇڏجان.
پُڄئي تہ ڪنھن سان مُحبت رک،
ڏاڍي کان رستو مَٽي ڇڏجان.
جو ڦهلائي جڳ ۾ شِرارت،
رستو ان کان ڪَٽي ڇڏجان.
اي دلبر مران جي در تنھنجي،
لاش لوڙ ۾ لٽي ڇڏجان.
امن جو شعر سادو آ پر،
سوچ پنھنجي ۾ رکي ڇڏجان.

ڪر دريافت رُوپ اِلاهي، دِل دي دُنيا آباد رک.

ڪر دريافت رُوپ اِلاهي، دِل دي دُنيا آباد رک.
رب دَي نال پئمال ٿيوين، وقار وحدت سِرشاد رک.
کِل خوشيان عيش عياشي آندي موت فاني سڀ ڪُجهہ،
بي سبب دي بي پرواهي، بات اِهائي برباد رک.
دل ڪون صدمي ڏي، سَڌان ڇوڙ، رک نہ دل دي ٻِيائي،
نال الله دي نينہ ڙا لاءَ تون، عشق ازلي لاحد رک.
ڪيڏا خُدا دا رحم ڪرم هي، ڪيڏا قُرب اِلاهي،
امن عاشق ٿي اُهين دا، دل مولا نال شاد رک.

سچي مُحبت سجائڻ لاءِ ڪيا زماني ظُلم ڪيڏا.

سچي مُحبت سجائڻ لاءِ ڪيا زماني ظُلم ڪيڏا.
مگر سِر تي ئي سھڻا پيا، ستايل کي سِتم ڪيڏا.
نہ طاقت آ، نہ دولت آ، ٻي غيرن جي عداوت آ،
بجاءِ محبت ڏسو مون کي مِليا آهن زخم ڪيڏا.
نٿو اعتبار بيھي ڪو، اسان جي آهَ وَ زاري جو،
رقيبن جَي ڇڏائڻ کان، پَھ پَچائڻا پِيَم ڪيڏا.
ڪٿي ڪوئي ڪٿي ڪوئي ڪري پچار ڪيڏي اٿم
امن غلطي تہ مون کان ٿي، اکئين آزار ڏِٺم ڪيڏا.

بي وفا مظلوم کي مار ڇڏيو تو،

بي وفا مظلوم کي مار ڇڏيو تو،
بِنا ڏوھ جَي ڏُکن سان ڏارَي ڇڏيو تو.
تنھنجي مِٺي مُحبت ۾ ڪڙجي وِيس مان،
جيئن جيل خاني ۾ ڪو قيدي واڙي ڇڏيو تو.
جيئن ڏُور کان آڪاش تي ابرِڪرم ڏسجي،
تيئن اُڀ مٿي اُٻ کي اُڏاري ڇڏيو تو.
ساريون راتيون غيرن سان گڏجي گذارين،
مون جھڙي مسڪين امن کي ماري ڇڏيو تو.

ٻڙڪ ٻاهر نہ ٻُڌائجو،

ٻڙڪ ٻاهر نہ ٻُڌائجو،
نعتو بہ هي نڀائجو.
مان مران تہ هڪ وصيعت،
پنھنجي گهر اڳيان دفنائجو.
ڪاري طوفان ۾ وڻ ڪريو،
رهيل پاڙون نہ وڍائجو.
ٻيڙي ٻُڏي ٿي بحر ۾،
وزن تہ ڪجهہ لھرائجو.
سادي زبان ۾ سادو اثر،
غزل منھنجي نہ ڳائجو.
پاڻ ڳائبو پاڻ ٻُڌبو،
گيت نہ گُن گُنائبو.
مانجهي امن محبت ڀري،
سنگت سان سُر ملائبو.

پاڙون اسان جون، پٽي ٿو وجهين تون،

پاڙون اسان جون، پٽي ٿو وجهين تون،
هڻي نوڪ نيڻن سان، ڪٽي ٿو وجهين تون.
سامھون ٿو کڻين تون، نگاهون اُڇاليون،
هڻي هانء جگر کي، جھٽي ٿو وجهين تون.
هي ڪاڪل قھر جا، کولي ٿو سنوارين،
سر ساھ صنوبر، سٽي ٿو وجهين تون.
هي ڳلڙا هي لبڙا، هث پير سنہ ڙا،
جيئرو قبر ۾، لٽي ٿو وجهين تون.
مرندس تہ تنھنجي.حُسن جي تپش ۾،
کڻي اسان جي دل، کٽي ٿو وجهين تون.
سامھون اسان جي، ٻئي سان سُرڀُر،
سُک ڏئي ڏڏن کي، ڏٽي ٿو وجهين تون.
اها ڳالھ تو مان وئي، ڪانہ ويندي،
امن ضد اسان سان، اٽي ٿو وجهين تون.

ڪا اچانڪ اوچتي وئي دل اڙي،

ڪا اچانڪ اوچتي وئي دل اڙي،
دل گهرئي دلبر سواءِ سڀ ٻن گهڙي.
سوچ جي ساغر ۾ ڪو طوفان اُٿيو،
ڪنھن نہ ٿي آٿت ڏني، ويون ويرون چڙهي.
آسري ۾ ويون بُٺيون ٿي آسون منھنجون،
سال ٿيا سانوڻ نہ ٿيا، وئي ٿر سڙي.
پيار لاءِ گُلشن ۾ بُلبُل پاڳل گهمي،
جنھن مٿي اڄ گُل کليا ٽهڪي ٽڙي.
داغ دل جا ڪيئن نہ جُھرندا جُکندا پرين،
ٿو ڦٽين ڦٽ ٿا ٻڌن جان ڪا اڙي.

ڪچڙا رنگ جوڀن جا، سادا جذبا يادون ڍير،

ڪچڙا رنگ جوڀن جا، سادا جذبا يادون ڍير،
پوپٽ جا پر کولي ڏسجان، خط ۾ هوندئي ٻيا ڪُل خير.
پاڻ هُئاسون ڄاڻ سُڃاڻپ، ڪھڙي پنھنجي پيارا سائين!
ڌُنڌلو تصور خيال هيو ڪو، اُڀ ۾ جيئن ڪا اڇڙي مير.
تنھنجي رت ۽ منھنجي رت ۾ تابش پيو ٿو آڻي غير،
تون ٿو چاهين جنھن کي جيڪر، منھنجو بہ اُن ڏي ٿئي ٿو ڀير.
هاڻ تہ پنھنجي قسمت ۾، بھار جا گُلڙا جاڳي پيا،
خزان جي ڇانو ۾ ننڊ هيس مان، ڪهڙو منھنجو ڪنھن سان وير.
امن مانجهي ناممڪن، اُلڪا تون آزاد ڪرين!
نسبت اهڙي نھ ۾ رهندي، ٻٻرن کان ٿا گهرجن ٻير.

محمّد جي صدقي ڌڻي پاڪ پرور،

محمّد جي صدقي ڌڻي پاڪ پرور،
بيماري کان آجو کلي خوش ٿئي اصغر.
جوانن کي جواني مولا بخشي ڏيندين،
دعائون تون اگهائج ڏينھن جا ڏاتر.
اها تپ بيماري ڀڄئج بدن مان،
لھي مُونجھہ من جي شفا ٿئي سراسر.
امن چانگ مانجهي ڀلايون ٿو ڀانئيان،
ٻُڌي ٿو سدائون اللّه سائين سراسر

چولي تي چترڪاري، غور و فڪر ڪرائي ٿي،

چولي تي چترڪاري، غور و فڪر ڪرائي ٿي،
شمع جو ڪشش اثر ڏس هي، پتنگ پروان گهرائي ٿي.
فرهنگ خانئه ويراني، آسيسُن کان ختم خالي،
سگه ۽ سوچ، سمجھ ساري، دل هٿئون اُڏائي ٿي.
ڀنوائتا ڀاڳ نڀاڳن کان، پُٺيرا ٿيا تہ ڇا ٿيو؟
ڇانئيل اوندھ قسمت ۾، وارا پنھنجا بہ وڄائي ٿي.
تنگيل در ۾ نظر منھنجي رُسي وئي، ننڊ ننڊاکن کان،
نڙي نڙگهٽ اوجاڳن کان، جھيڻو بي سُر ڳائي ٿي.
حُسن تنھنجو امن مانجھي حقيقت ۾ آ ڏسڻ جھڙو،
فطرت ۾ هڪ عادت آ، ازخود سا مڃائي ٿي.

پُڇين ٿو ڏسيان ٿو، ها مان ڏسيندس،

پُڇين ٿو ڏسيان ٿو، ها مان ڏسيندس،
تنھنجي دل توهان کان خُفيا کسيندس،
غيرن کان غداريون ورثي ۾ آيون،
پنھنجو ۽ پرائو پري کان تڪڙو تڪيندس
ماري ٿي اسان کي اک هي خُدارا!!
محشر ۾ توکي حق لاءِ ڇڪيندس.
کُٽائڻ ٿو چاهين، کُٽڻ جو ڪٿي مان؟
اها راند رانول توکان کٽيندس،
مٽبين رنگت کان، ڀلي وڃ تون مٽجي،
پنھنجا رنگ ۽ تصور پيو مان مٽيندس.
امن چانگ مانجهي هڪ ڏينھن ايندو،
داناھ دُشمن ڌڪ سان ڌڪيندس.

مشڪل ۾ دل اچي وئي اجائي

مشڪل ۾ دل اچي وئي اجائي،
محبت ۾ مستي مچي وئي اجائي.
هڪ غربت ڪاٽي، وڏا مس ٿياسون،
ٻيو زنده دل هي رُسي وئي اجائي.
خاصيت حُسن جي پڪ سان سُڃاڻان،
دُکي دل دونھين ۾ دُکي وئي اجائي.
خزان ۾ پنھنجو جوڀن وڃايم،
بھارن جي موسم کُٽي وئي اجائي.
امن چانگ مانجهي مُئاسون جنھن لاءِ،
قسمت سا هٿن مان لڪي وئي اجائي.

گهمين جي غير سان پيو گهم، پنھنجن کي ڇڏي ڏي تون،

گهمين جي غير سان پيو گهم، پنھنجن کي ڇڏي ڏي تون،
اسان جي روڪ ڪانھي ڪا، وهمن کي ڇڏي ڏي تون.
مون سوچيو ۽ سڀ سمجهيو هو، سچائي سچ ڪٿي ڪونھي،
اجايو عهد پڪ پيارا، واعدن کي ڇڏي ڏي تون
وري ورندا ايندا واپس اُهي شل ڏينھن خوشين جا،
هاڻوڪا حال ۽ هُلچا، خوشين کي ڇڏي ڏي تون
وفا تنھنجي جفا تنھنجي ڀلي، تو وٽ رهي هردم،
اسان جو خيال اسان وٽ آ، لفظن کي ڇڏي ڏي تون
امن مانجهي ڪنھن سان ڪو، تعصب ۽ ضد تہ ڪونھي ڪو،
اجايو پوءِ ڇا لاءِ چئجي، جهڳڙن کي ڇڏي ڏي تون

اڄ ڪلھ پيا هن نڪري، فيشن نوان نوان.

اڄ ڪلھ پيا هن نڪري، فيشن نوان نوان.
ريشم نوان نوان ۽ جشن نوان نوان.
نخرا ڪري ٿا ڪنبائن، عاشق جي دل اداسي،
هڪڙا مري کپي وڃن ٿا، ٻيا مرن نوان نوان.
ٽولا ڪري ٿا هلن، بازار ۾ جَي ڀُورلَ،
بازار پئي ٿي جهمڪي، گُل وَ گُلشن نوان نوان.
آتش ناهي طاقت جو ايڏي رکي تابڪاري،
هڪڙا فنا ٿيا عاشق، ٻيا ڦٽجن نوان نوان.
ڳاڙها جُڙتو ٻرن ٿا ۽ فلمي جهانَ ڏِس تون،
امن عاشق پتنگ وانگر مچ ۾ پون نوان نوان

حسرت دل جي ڪينَ ٻُڌا، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.

حسرت دل جي ڪينَ ٻُڌا، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.
حُسن وارن سان دل نہ لڳاء، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.
ماٺ رهڻ ۾ صبر ڪرڻ من جي مراد ۽ مطلب ڪر،
دل ۾ ويھي تون درد پچاء، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.
غريبن سان اميرن سان پئو تون پيش نوڙت سان،
محبت ڪر پوي نہ ڪا لوڪ لکاءَ، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.
وفا ڪر تون وفا جي عيوض، جفا جي عيوض وفا ڪر تون،
ڌڪاري جي ڪو توکي ڪر تنھن کي دُعا، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.
امن مون کي ضرورت آ، پِني پوري سان ڪيئن ٿيندي؟
ياد ڪر پلپل پاڪ خُدا، اٿئي اگر دنيا ۾ رهڻو.

کول کيسو خرچ ڪر نہ تہ ڀڄ حُسن جي بازار کان،

کول کيسو خرچ ڪر نہ تہ ڀڄ حُسن جي بازار کان،
ڪر مزدوري يا ٿيءُ هاري، يا سيٺ ٿي سُرتار سان.
حُسن وارن کي کپي ڌن ۽ دولت عام جام،
جا بجاءِ نوڪر ٿيءُ رھ، سِر نِوائي پيار سان.
هڪ ملامت لوڪ جون، ٻيو لُڙ بکيڙا، گوڙ گُونج،
اهي درد سيني ۾ سَما ڪُل صبر وَ قرار سان.
غلط ڳالھيون غلط افواھ ڪيس ڪوڙا ماڻهن سندا،
ٻُڌي ڪل تون صفا چپ ڪر صبر وَ سھڪار سان.
حُب حسينن جي ڀلي رک ڪينو رک تون ڪينَ ڪي،
بيٺي گُل جو پيو واس وٺجي، ڪُجهہ نہ وڃي پن ڏار سان.
اسان جي هي حقيقت آ، نہ ٿي سَرجي سوائي سھڻن،
عمر ساري گُذر ٿي وئي امن عشق جَي اُپٽار سان.

ساڳيو ڪم توهان جو اسان پيا ڪنداسون

ساڳيو ڪم توهان جو اسان پيا ڪنداسون
سڀئي حق حُسن جا ادا پيا ڪنداسون
ڪنارا ٽُٽي پيا، درياھ جي اُٿل ۾،
اُٿل ۽ پُٿل ۾ خُدا پيا ڪنداسون
جهيڙي ۽ جهٽي ۾ ڳولي پنھنجا پيارا،
غيرن جي چنبي مان جُدا پيا ڪنداسون
فقيري اجائي رُلڻ ۽ پنڻ جي،
اهڙي پٽ ذلت کان حيا پيا ڪنداسون
اُڀ ۾ نظر ڪر، انڌاري ڪيڏي آ،
ڪڪر جهڪ طوفان ۾ دُعا پيا ڪنداسون
کنوڻ پئي ٿي کيڏي ۽ ڌڌڪا وڄُن جا،
هجي سر ۽ ساوڪ، سدا پيا ڪنداسون
امن چانگ مانجهي ڀٽن جو رهاڪو،
توکي ياد هردم تو سوا پيا ڪنداسون

شعر سو جو اچي ڳائڻ، رڌم ۽ سُر ڌُن ۾ هجي

شعر سو جو اچي ڳائڻ، رڌم ۽ سُر ڌُن ۾ هجي
وزن ۽ بحر هجي نہ هجي پر مطلب ادب جي ڪُن ۾ هجي
ڪم ڪهڙو درد وارا، عشق ٽاري اکر ڳوليون!
انھي ٻُڏتر جي سائي ۾، روحي قوت سُن ۾ هجي
بلبل جو ڪم باغن ۾، ۽ پتنگ جو باھ سان ڪم آ،
ناممڪن گُل ٿر ۾ نہ ۽ گُل رڳو گُلشن ۾ هجي
ٺاهيان ٿو صنف هر مان غزل ۽ گيت ڪافي جي،
بحر ۽ وزن لکان ڇا لاءِ، نہ مقصد امن اُن ۾ هجي

رحم جي نظر ڪا عنايت ڪندو ڪر،

رحم جي نظر ڪا عنايت ڪندو ڪر،
غيرن سان گهمڻ ۾ قنايت ڪندو ڪر.
پراون سان گڏجي ٿو قدمد ڏيکارين،
نہ ڪر ير ائين تون، شناخت ڪندو ڪر.
ڪھندين ڪپيندين اسان پارا ماڻھو،
نہ وارن جي اهڙي بناوت ڪندو ڪر.
تنھنجي ڳلن جي ڪھڙي رنگت آ،
چُمي ڏي چوان ٿو سخاوت ڪندو ڪر.
وفا ۽ جفا کي امن ڌار رکجانء،
نہ ماکي زهر جي ملاوت ڪندو ڪر.

هي منھنجو هڏ ماس کان جُدا ڇو ٿو ڪرين؟

هي منھنجو هڏ ماس کان جُدا ڇو ٿو ڪرين؟
مون کان پري ۽ غير سان گڏ، ايڏي دغا ڇو ٿو ڪرين؟
افسوس ! سمنڊ جي تري ۾ رهيم تو لاءِ موتي بنجي،
پوءِ بہ مون لاءِ ڪس ۽ ڪانجهي جي فتويٰ ڇو ٿو ڪرين؟
تو ۾ ڪرامت، تو ۾ معجزو، سونھن جو آ صنم،
مون جهڙي بيمار کي، لادوا ڇو ٿو ڪرين؟
غيرن جو دلاسو داءَ لاءِ ڪافي اٿئي هاڻ،
جعلي ماڻهن جي جهرمر تي وهوا ڇو ٿو ڪرين؟
ڪير مان، ڪير تون ۽ ڇا پنھنجي محبت سڄڻ؟
پوءِ نرم گوئي ٻئي سان مون سواءِ ڇو ٿو ڪرين؟
ڏس دل ڌڙڪي ٿي، زلزلو آيو آ سھڻا،
کسي دل دڙڪا ڏيئين، هي مقرر سزا ڇو ٿو ڪرين؟
امن ٻن ڏينھن ڪاڻ، مھر وفا جي نہ ڪر کوٽ،
سڀ سھان مگر منھنجي غير سان گلا ڇو ٿو ڪرين؟

برق جُگنو مهتاب مُصفيٰ روشني،

برق جُگنو مهتاب مُصفيٰ روشني،
ليل ۾ جرڪي قمر، ڪشش ثقا روشني.
واھ حُسن بي نقاب جرڪي نڪھت گُل و گُلاب،
سر زمين خُوشبوء خطن باشقا روشني.
سردو باران بادصبا، رشق جميع،
بي ضميري لاءِ پڻ فھم و ذڪا روشني.
ظرف تماشو ماهرو لب لال چوري ڪجهہ ٻڌا،
جابجا چشمئہ ڪوثر چُھچا روشني.

چريا ٿي يار پرکياسين،

چريا ٿي يار پرکياسين،
جو عقل نہ هو سو سکياسين
جي هئا راڄ جا ڌڻي،
سکڻا سُڃا ڏٺاسين
نہ پرچايو سھڻي صنم،
وڃي خود پاڻ پرتاسين
ڏينھن ٻہ ڪوڙو رُسي،
کڻي هُج ڪري رُٺاسين
جي کُٽائي نہ ٿي مونکي سگهيا،
تن آڏو خود کُٽاسين
جن ڪنڊا هنيا اکين ۾،
تن تي رحمت جيان وُٺاسين
نہ غير ٿياسين ڪنھن جا،
نہ دشمن پنھنجا تڪياسين
جت خيال هي بيٺا کُپي،
نہ هن حال کان هٽياسين
نہ مروت وفا رهي،
سڀ قرب ڪُل ڪٿياسين
وفا جي عيوض جفا ملي،
وفا ڪري مُٺاسين
امن هي غزل منھنجو امر،
تان تہ ٻيا بہ لک لکياسين

تقدير جو طوفان اهڙو گهليو، ويا دل جي درياء جا ڪنارا ٽُٽي،

تقدير جو طوفان اهڙو گهليو، ويا دل جي درياء جا ڪنارا ٽُٽي،
ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو، ويا پنھنجا پراوا دل وارا ٽُٽي.
جيون جو مُقدر بگاڙيو تو، توکي ڇا مليو جو اُجاڙيو تو،
زندگي جو سفر اڪيلو ٿيو، هر پاسي کان ويا سھارا ٽُٽي.
ٿر جي اُجڙيل رستي تي، ڪنھن موڙ ڀيانڪ اڪيلي تي،
مون کان بيھي مٺا ڇا ٿو پڇين، آڪاش تان ويا سڀ تارا ٽُٽي.
تنھنجي محفل ۾ جو گُذاريو مون، زنده هيس پئي نڀايو مون،
تڏهن توکان دلبر ويس وڇڙي، هن جيون جا ويا ستارا ٽُٽي.
هڪ گل جي ڪارڻ سارو چمن، اُجڙيل ٿو ڏسان خُدا ڄاڻي،
مانجهي امن هن گُلشن مان، هر سونھن جا ويا چارا ٽُٽي.

درد آ دل ۾ مٺا، دلگير دل ٿي لُڇي لُڇي،

درد آ دل ۾ مٺا، دلگير دل ٿي لُڇي لُڇي،
پيچرا پنڌ پيار جا، شب روز پرتئون پُڇي پُڇي.
ڪيئن چوان تان ڪيئن اڙيس قابو قيد ڪھڙي طرح،
ڪيو قلم قسمت جو ڪم ڪير آڏو ڪُڇي ڪُڇي.
ٿو وسي بادل برھ جو گوڙ ۽ گجگوڙ سان،
ڌڌڪار سان نيڻن منجهان وسڪار وس ٿي وسي وسي.
منھنجيون اکيون سامھون تنھنجي، تنھنجو مٺا درشن پسن،
هڪ تر برابر پوي وٿي ڄڻ خدا مون کان ڪو کسي کسي.
تو سوا هڪ پلڪ پل ۾، ٿو ڊهان ۽ ٿو ٺھان،
خيال ۾ گم خيال آ، ڪو تنھنجي اچڻ جو ڏسي ڏسي.
من امن محبوب مون تي، مھر ڪا معافي ڪري،
بي چين آهيان بي مزي، بي غرض پيو ٿو رُسي رُسي.

اسان جي ياد ۾ روئي، اسان کي ڪو سنڀاريندوڌ،

اسان جي ياد ۾ روئي، اسان کي ڪو سنڀاريندوڌ،
مري ويندس مرڻ کان پوء، اسان کي ڇو سنڀاريندو.
اٿم هي حال هيڻا ڏس هزارن کي خبر آهي،
مگر هن کي خبر ناهي، اڄ کان پوء سنڀاريندو.
جڏهن هي جيءُ اجڙيو ٿي، تڏهن تنھن پل وري ها هُو،
اهو لاغرض بي پرواھ، ڀلا تون چئو سنڀاريندو.
مٺا بس ٿي صنم راضي، قسم توکي وسارا ڇڏ،
وسريو ٿي وساري جو، وسارو سو سنڀاريندو.
وزن ڇاجو بحر ڇاجو بھاري وٺ امن دل جي،
چوڻ چارو ڇڏي ڏي تون، نہ تون رڙ رو سنڀاريندو.

سانوڻ ساجن سونھن سنواري، ساعت توري سري نہ ٿي،

سانوڻ ساجن سونھن سنواري، ساعت توري سري نہ ٿي،
پيارا پيار جا پل نہ پلجن، پل پُٺيرو پري نہ ٿي.
گوڙ گونجي ٿي، غنچہ گل ۽ گاھ ڦُٽن ٿا مينھن وُٺي،
مھر خُدا جي موج ملھاري، مستي من جي مري نہ ٿي.
مستي من جي محبت چئجي، تنھنجي سنگت صحبت چئجي،
تو وٽ ڦاٿل دل ويچاري، مون ڏي واپس وري نہ ٿي.
بادل ڀرجن ساڻ سي بنجي، وس ڪري وسڪار وسن ٿا،
کُوءَ منجهان ٿي کنوڻ هي کيڏي، کامي کڄري کري نہ ٿي.
وڄ وراڪو ڏئي وري ٿي، ٺلھا ٺڪاءُ ڏئي ٺرندي آخر،
بوندون برسيون ٿاڌل ٿي وئي دل، امن هي ٺري نہ ٿي.

سچي مُحبت سجائڻ لاءِ ڪيا زماني ظُلم ڪيڏا.

سچي مُحبت سجائڻ لاءِ ڪيا زماني ظُلم ڪيڏا.
مگر سِر تي ئي سھڻا پيا، ستايل کي سِتم ڪيڏا.
نہ طاقت آ، نہ دولت آ، ٻي غيرن جي عداوت آ،
بجاءِ محبت ڏسو مون کي مِليا آهن زخم ڪيڏا.
نٿو اعتبار بيھي ڪو، اسان جي آهَ وَ زاري جو،
رقيبن جَي ڇڏائڻ کان، پَھ پَچائڻا پِيَم ڪيڏا.
ڪٿي ڪوئي ڪٿي ڪوئي ڪري پچار ڪيڏي اٿم
امن غلطي تہ مون کان ٿي، اکئين آزار ڏِٺم ڪيڏا.

بي وفا مظلوم کي مار ڇڏيو تو،

بي وفا مظلوم کي مار ڇڏيو تو،
بِنا ڏوھ جَي ڏُکن سان ڏارَي ڇڏيو تو.
تنھنجي مِٺي مُحبت ۾ ڪڙجي وِيس مان،
جيئن جيل خاني ۾ ڪو قيدي واڙي ڇڏيو تو.
جيئن ڏُور کان آڪاش تي ابرِڪرم ڏسجي،
تيئن اُڀ مٿي اُٻ کي اُڏاري ڇڏيو تو.
ساريون راتيون غيرن سان گڏجي گذارين،
مون جهڙي مسڪين امن کي ماري ڇڏيو تو.

سرن جي سنگن تي، ماکي جي ملھاري،

سرن جي سنگن تي، ماکي جي ملھاري،
ڏسڻ وارا ڏسو ٿا، مٺي مُند موچاري.
ٻيرن، ٻٻرن ۽ انڌڙي جي گُلن تي
ڀنئورن، پوپٽ ۽ ماکي جي آ ماري.
کپن ۽ ٻُوهن جو، وهوا ٻُور سھڻو،
سون ۽ چاندي جيان، چمڪ ڏس چوڌاري.
اڇو ٻور ٻوءَ جو، سونو گُل کپن جو،
چانڊوڪي جو ڀٽن تي، گُلن ڪئي گُلزاري.
ٿڌڙي هوا ۽ پوي ماڪ ڌُنڌلي،
ويتر وري هي ٿڌڙي آهي واري.
امن مند هي سڀ کان وڻي مند مون کي،
سانوڻ کان بہ وڻي ٿي، سونھن ۾ سونہ اري.

مڙئي وتان هم ساھ تڳيندا، لوڪ ڪنون لڪدا،

مڙئي وتان هم ساھ تڳيندا، لوڪ ڪنون لڪدا،
آپ ميڪون تُسان مرا رکيا، نت ڏاڍا آهم ڏُک دا.
بي خبر مين اپڻي منھن هس، ڪھڙي خبر ميڪون،
دُشمن ميڏي مارڻ ڪيتي، پاسا گهنن گس دا.
تيڏي در تي ڌوڻي ڌڪي کا، ايوين ٺلھيندا وتان،
ميڏي قسمت ماشاء مولا، ڏوھ نھين ڪس دا.
وسار ڇوڙو ول ڪونہ مين آسان، يار ياراني ادا،
ڏيک ڇوڙيم تُسان نڀا ڇوڙيا هي، نينھن نعتا لک دا.
غريب ويچارا اڪان تي پالا، ڇورڙا ٻال آهم،
نھين ميڪون ڪو ڪنھن دا سھارا، قُرب دي لئي سڪدا.
مانجهي امن مين منھن تي آکان، رب دي ٽيڪ آهم،
نت الائي ڪڏان تسان ڪھ ڇوڙو ها، لاش ڪٿان لڀدا.

بي درد زماني کان، هي انصاف ٿيندو ويو،

بي درد زماني کان، هي انصاف ٿيندو ويو،
جو ڪين مُناسب هيو، سو صاف ٿيندو ويو.
نہ سُجاڳ رهيا رات، نہ پرڀات اُٿيا هو،
هڪ پرزي ذري مان ڏسو ڪوه ڪاف ٿيندو وي.و
نہ شناس خدا، طرز فڪر نہ غور رهيو آ،
هر پڙ اوتاري جو اڏو، دونہ ون داف ٿيندو ويو.
صوفي سرمست ڏسو ساھ ۾ ٻيو ساھ کڻن ٿا،
هن دعويٰ دليلن ۾ شر شنگاف ٿيندو ويو.
عارف بالله ۽ بزرگي ۾ بات وڏي آ،
هروار هر خيال سندن، شفاف ٿيندو ويو.
اي چانگ امن تصوف جا شائق آهيون بيشڪ،
پر جُڙتو ڳالھين ۾، جيئڻ گندگاف ٿيندو ويو.

سامھون کڻ نظر تون، مرڻ جي گهڙي آ،

سامھون کڻ نظر تون، مرڻ جي گهڙي آ،
مرڻ کان وري پوءِ جيئڻ جي گهڙي آ.
ٺھن دس ۽ ڊهندس مزو آ انھي ۾،
شراب طهورا پيئڻ جي گهڙي آ.
جنت عدن ۾ جيءُ ڪيئن ٿو ريجهي؟
توسان يار گڏجي رهڻ جي گهڙي آ.
ڪڪوريل ۽ ڪيفي ڪڪوهي اکيون ڏس،
ڪُھ تون ڪُسان مان، ڪُسڻ جي گهڙي آ.
قاتل زخم جو ڪڙو ڪو زخم آ،
ڪچي ڦٽ زخم جي، چڪڻ جي گهڙي آ.
نہ چئو ڪجهہ تون مونکي، عليلن جي دنيا،
ستايل سڪن ٿا، سڪڻ جي گهڙي آ.
امن چانگ مانجهي ماري جو جياري،
انھي جي دامن ۾ لڪڻ جي گهڙي آ.

دُکي دل دوڙائي لاشڪ ڏٺوسين،

دُکي دل دوڙائي لاشڪ ڏٺوسين،
خدا آدم جي دل ۾ بيشڪ ڏٺوسين.
بندي مان بانور تڪبر وڃي ٿو،
خُدا جو قسم سو عاشق ڏٺوسين.
جو ڪري ٿو عبادت ۽ ڪري ٿو وڏائي،
دنيا جي فڪر ۾ سو فاسق ڏٺوسين.
سُڃي کي سُکيو ۽ سُکئي کي سُڃو بي،
ڪري ٿو اُهوئي مالڪ ڏٺوسين.
بنا هڏ هلائڻ جي روزي رسائي،
ويلھي تي کارائي رب رازق ڏٺوسين.
امن ٿو ماري جياري جڳن کي،
برحق سو باري خالق ڏٺوسين.

نڀاڳو تون نڀاڳو مان، نڀاڳن جي دنيا جاڳي،

نڀاڳو تون نڀاڳو مان، نڀاڳن جي دنيا جاڳي،
سُتي جا رات وئي گذري، حسابن جي دنيا جاڳي.
ڪمتل ڪم ٿيو ضايع، انڌا ابتا انگل رايا،
نڀاڳي ننڊ سوين گهايا، مذاقن جي دنيا جاڳي.
هڻي هڪڙو اگر هڪ تي، ٽِڪي چونۡڪي لڳي ٻِڪ تي،
ڦڪا ڏاڍا ٿيا فِڪ تي، گلابن جي دنيا جاڳي.
منھنجي ڏاڙهي تنھنجي هٿ ۾، تنھنجي ڏاڙهي منھنجي هٿ ۾،
ڇڪيون ڇينڀون ايڏي سٿ ۾، ستابن جي دنيا جاڳي.
امن مانجهي مزو ناهي، اگر آهي تہ سچ ناهي،
مٽي جو ڳاھ ٿو ڳاهي، گندامن جي دنيا جاڳي.

نڀاڳو تون نڀاڳو مان، سڄي دنيا نڀاڳي آ،

نڀاڳو تون نڀاڳو مان، سڄي دنيا نڀاڳي آ،
سڀاڳو تون سڀاڳو مان، سڄي دنيا سڀاڳي آ.
برو آهين، ڪنو آهين، آهين بدنام تون بڇڙو،
ماڻھو هرڪو اٿئي بڇڙو، مڙئي سڀ ڳالھ ساڳي آ.
چڱو آهين چڱا لڀندئي، چڱائي سڀ ايندئي منھن ۾،
جيڪا پوکين اها لُڻندين، نہ رڪاوٽ گهٻ نہ گهاٻي آ.
جهڙي آ جنس تنھنجي بت جي، اهڙو تصور تنھنجي من ۾،
جهڙي پڄت تنھنجي هٿ ۾، اهڙي هر موٽ آڏي آ.
آهين آدم آهين ڪم جو، اٿئي مرضي ڪرين جيئن تون،
اتي هلندي تنھنجي انجڻ، جتي ورائي ٿو واڳي آ.
امن مانجهي مجلس ۾، محفل ۾ مذاقن ۾،
دردمند دکي دل هي، ويچاري بس ويراڳي آ.

پيار جا معصوم جذبا، رفت حُسن جنھن جي وڻي،

پيار جا معصوم جذبا، رفت حُسن جنھن جي وڻي،
جنھن ڀورل جي ڀاڳ ۾، دل اچي سوئي کڻي.
هي دل گر وس ۾ هجي، ڇا حشر هن سان ڪيان؟
بي وس بنجي چُپ ٿو ڪيان، ڳالھيون مڙئي ڳل ڳڻي.
حيرت اٿم هن جو ڪم، اهڙي طرح اهڙو ڏٺم،
جهڙي طرح چور ڪنھن جي گهر وڃي ڌاڙو هڻي.
مجبوري محبت ۾ وري اهڙي ڏٺم رب جو قس،
جيئن قيد خاني منجهہ قيدي، رب جي طرف هٿڙا کڻي.
دل جي هي ڪيئن دنيا، پئي هلي دنيا مٿي،
مٿو جبل کي آڏو ڏبو، پوءِ بڻي اگر ڪجهہ نہ بڻي.
اي امن مانجهي اسان جو غرض ڪنھن سان آهي ڪهڙو؟
هٿ خالي سکڻا مگر قرب جا مڻ مون وٽ مڻين.

هن عشق و حسن جي جنگ وئي لڳي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو،

هن عشق و حسن جي جنگ وئي لڳي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو،
ٿيا ڌڌڪار وڏا، وئي ڌرتي ڌُٻي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو.
هي مومل سندي محلات ڏسو، هي لشڪر لرزش ڪات ڏسو،
هتي حُسن ڪري ٿو هڏي مان هڏي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو.
هت عشق بھادر بي غرض ڏٺم، آڏو سونھن حُسن جي ڪندي عرض ڏٺم،
هت جادو جهڳڙا ٺڳي ۾ ٺڳي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو.
هت ڪير سنڀالي ڪونہ سگهي، ڪوئي جيون جالي ڪونہ سگهي،
ٿيا سر قتل، تند تان وڳي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو.
مانجهي امن کي ماريو ٿا، ماري ماري وري جياريو ٿا،
ڇڏيو وارن جي ٿا چوٽي چُڳي، ڪوئي ڪاڏي ڀڳو ڪوئي ڪاڏي ڀڳو.

هن جڳ مٿي جيڪي جيا، سي ويا مري نہ آيا وري،

هن جڳ مٿي جيڪي جيا، سي ويا مري نہ آيا وري،
جي ٺھي هت ٺيڪ ٿيا، سي پل پهر ۾ پيا ڀُري.
سئو سئو دفعا تو ٻُڌو ۽ تو ڏٺو آهي فنا،
ڪر اهو جو ڪم اچي، ڀاڪر ٻڌي ڀر ڪا ڀري.
ڪا گهڙي توکي ملي، زنده پنھنجي زندگي،
آخر مري تون مات ٿيندين، سُٺي گذارج سک جي گهڙي.
تون بہ ڏس توکان اڳي، ڪي ئي شھونگر گذري چڪا،
باغ ماڙيون گل گلشن، راه خزان ۾ ويا ڳري.
توکان اڳي باري بھادر، سونھن حُسن جا پرور،
سڀ شھر ۽ ڳوٺ واهڻ، فنا جي ڦند ۾ ويا چڙهي.
اي امن آهي اسان کي هن ڳالھ جي حيرت وڏي،
ڪين ٿا سمجهن سياڻا، علم جا پنڙا پڙهي.

برسات جي ٿڌڙي هوا ۾ ڪا رُوح کي راحت اٿئي

برسات جي ٿڌڙي هوا ۾ ڪا رُوح کي راحت اٿئي
يار پاسي ۾ سُتل ۽ مئي جام جي چاهت اٿئي
پيش پيمانو نہ ڪر، پر عرض سان ڪجهہ اوري تہ ڪر،
پيار تنھنجو ۽ منھنجو توسان، هاءِ مٺي مروت اٿئي
تنھنجي نيڻن جو هي رنگ ڪجهہ گلابي ڪجهہ چٽو،
درد دل مان اوٻر اٿيو، لک مٺا رحمت اٿئي
غير سان محفل اندر دل ئي دل ۾ دُوبدو،
ان جي پاران نہ غير دل ۾، صاف منھنجي نيت اٿئي
هن تيز دنيا ۾ توازن، طلب جو ٽوڙي رکڻ،
هي صاف نيت ۽ نصيب، سچ پڇين سعادت اٿئي
اي ادا مھر و وفا، خوف خلش ۽ روڄ رنج،
کل خوشيون ۽ کيل دنيا،سڀ فنا دولت اٿئي
هڪ ڪن کان ٿو ٻُڌين ۽ ٻئي ڪن کان ٿو ڪڍين،
سچ کي مڃي. نہ ٿو مُڙين، هي ڪھڙي عزت اٿئي
غير سان گڏجي وري شھر بازاريون ٿو گهمين،
توکي خبر ڇا گهٽ گهيڙ جي، ڇا سر مٿان قسمت اٿئي
رات جاڳڻ لاءِ ملي ۽ ڏينھن ڏورڻ لاءِ مليو،
تون ستي ڦوڪا ڀرين، فراغ دل فرحت اٿئي
مون کي پنھنجي رب جو قسم جنھن جوڙيو جامو ڏئي،
سئو سئو پاپ سر جي مٿان نہ دم هڪ دهشت اٿئي
بحر وزن ۾ شعر تنھنجو اي امن اهڙو ٺھي و،
جو قلم ۾ جُنبش اٿئي ۽ ڏات ڏانءُ ڏاهپ اٿئي

پِرتيون بھارون پيار مان، اڄ يار گهر مھمان ٿيو،

پِرتيون بھارون پيار مان، اڄ يار گهر مھمان ٿيو،
گل ۽ غنچہ پن ۽ شاخون، هر هڳاءُ چؤگان ٿيو.
ساز سُرن ڪي سُر بِکيريا، سر جو سودو صاف سُود،
تارن تندن جي تان سان، ڪو جوش جولان ٿيو.
پاڳل جهوٽا ٿڌڙي هوا، گُلبدن کي ڪيئن ڇُهن،
هو تہ خادم خِلوت سندا، اڄ عجب احسان ٿيو.
گُلڙا ڪُڏن ٺاهي قطارون، قيد کان ڄڻ اڄ آزاد،
مُکڙيون مُرڪن شاخون نِمن ۽ درد جو درمان ٿيو.
جو ٿڪل ۽ هو ٿِڙيل، انسان پر حيوان جِيان،
جي ٿي ڀٽڪيو راھ تان، سو حيوان مان انسان ٿيو.
پيار جا ڏس سڀ طريقا، پاڪ جي ٿيا هت موجود،
دنيا جون ساريون سڀ لذتون، ڏاڍو لڄي ارمان ٿيو.
اي امن مانجهي ادا، مشڪل وئي آسان ٿي،
جو گهريم سڀ ڪُجهہ مليو ۽ عشق جو اعلان ٿيو.

دل ۾ هلچل ڇو مچي وئي؟

دل ۾ هلچل ڇو مچي وئي؟
ڌر تتي جو ٿر تپي وئي.
هاءِ بادل بيھو گهڙي کن،
وس ڪيو ڪا ڀُونء سُڪي وئي.
سونھن جا پاڇا عڪس اوهانجا،
ٿڌڙا آهن ننڊ اچي وئي.
فَٽڻ جي قابل هُئي اڳي ئي،
آئي رهندو فَٽڻ سِکي وئي.
غير جي قسمت ٺاهي ورتئي،
منھنجي قسمت مون کان رُسي وئي.
تولاءِ نيڻ سانوڻ برسيا،
ڪلر تي بارش ڄڻ تہ وسي وئي.
مانجهي امن افسوس اهو آ،
گدا ۽ مون کي عُربت وٺي وئي.

گهر ويٺي ماريو ٿا، ڪاوڙ سان نہ اريو ٿا،

گهر ويٺي ماريو ٿا، ڪاوڙ سان نہ اريو ٿا،
الائي ڏوھ ڪيم ڪهڙو، ستايل کي تہ ساڙيو ٿا.
نڪو کاڌم نڪو پيتم، نڪو آ قرض تُنھنجو مون تي،
خبر ناهي الائي ڇو، پُراڻا پاند پاڙيو ٿا.
نڪو تو وٽ ايندو هانۡ، نڪو تو وٽ ڪڏهينۡ ايندس،
نڪي وهنوار تنھنجو مون سان، اجايا گهاٽ تاڙيو ٿا.
تو جهڙن ڪنجوسن سان، نہ ڏيندا هون نہ وٺندا هون،
جي دُشمن ٿي تہ گِلائون ڇڏ، گِلا تي ڇا لاءِ ڀاڙيو ٿا.
امن جي مالڪي مرسل ڪندو مالڪ، پڪي تسلا،
الائي تہ ڪنھن جي ڳولا ٿئو، الائي تہ ڪنھن کي تاڙيو ٿا.

رستي ويندي جي چنبڙيو، ڍينگهر نہ ٿو سُڃاپي،

رستي ويندي جي چنبڙيو، ڍينگهر نہ ٿو سُڃاپي،
پٽڪو اڇو مٿي تي، ڪنۡڃر نہ ٿو سُڃاپي.
تنھنجي عِلت ۾ چالبازي ۽ شيطان جي شرارت،
ڏاڙهي وڏي، ڀڳل ڏند، چهٻر نہ ٿو سُڃاپي.
تنھنجي اِسم جسم ۾ هُو ٿو هردم رکي هوشياري،
ايڏي اونھي بحر ۾، مڇ مانگر نہ ٿو سُڃاپي.
لهندي لحد قبر ۾، ساٿي ڪِٿي وِساريئي؟
جو جِٿ ڪِٿ توکي سُڃاڻي، سو اڪثر نہ ٿو سُڃاپي.
جنھن توکي ڪيو آ مُفلس، چئوطرف تنھنجو دُشمن،
جنھن جي پيٽ لک نِڌڻڪا، سو تونگر نہ ٿو سُڃاپي.
هي امن در اوهانجي، اي مولا اٿئي سُوالي،
ٻيا در اسان کي ٻَن پيا، هر در نہ ٿو سُڃاپي.

چون ٿا شعر اهڙو چئو، جنھن ۾ تعمير دولت ٿئي،

چون ٿا شعر اهڙو چئو، جنھن ۾ تعمير دولت ٿئي،
ڪرڻ هي عشق تباهي آ، ڇو اُلجهن ۽ ضلالت ٿئي.
هُجن پيسا ٺاهي وٺ تون، ماڙيون بنگلا ۽ محلاتون،
سڀ ڪنھن کي لڳين پيارو، جيڪا بہ چال چلاوت ٿئي.
پئسي سان ڪرڻ سولو، هر ڪم ٿئي دُنيا ۾ پر،
سڀ ڪجهہ ٿئي، بِنا اعتراض اُلفت ٿئي محبت ٿئي.
پئسن سان وٺ، کاڌو وٺ، اٽو اناج ۽ ڪپڙو وٺ،
وٺين گر دل چاهين هر چند، شفا ٿِئي ۽ شفاعت ٿئي.
محبوبن کي کپن پيسا، هي مزاج ۽ مجبوري،
ضرورت هر ٿيندي پُوري، هٿ ۾ ڪڏهن نہ بوريت ٿئي.
سواءِ پئسي ۽ ماني جَي، توکي آرام ڪِٿي ايندو،
اڇي ڪپڙي ۽ بِنا ان جي محبت مان مُصيبت ٿئي.
هُجي هڪ فِرج ٻيو ڊِش اينٽينا ۽ آءِ سي ٽيليفون،
وي آءِ پي هُجي ڪمرو، جنھن ۾ ڌن جي ڌراوت ٿئي.
پيجارو ۽ هُجن ڏوڪڙ، ڏُک ۽ ڏُڪر پوءِ ڇاجو آ،
پيسو پلو ۾ اِمن هُجي، پوءِ ٿي خير عافيت هُجي.

هِن زماني ۾ تون ظالم، ظُلم ڪري پڇتائيندين پوءِ،

هِن زماني ۾ تون ظالم، ظُلم ڪري پڇتائيندين پوءِ،
ڌارين جي تون ڏيھہ ۾ ايندين، مُنھن ۾ واري وسائيندين پوءِ.
توکي شوق هِن نئين دُنيا جو، نئين جواني نئين وڌاءُ جو،
شوق انڌي ۾ مُنھن جياپي پنھنجو پاڻ لڄائيندين پوءِ.
ٿڌڙا مِٺڙآ شربت جهڙا ڏينھن، جُهڙالا محبت جهڙا،
عيش خُوشي ۾ ڏينھن اڏائي وقت لاءِ ويھي روئندين پوءِ.
موج خُوشي ۽ جُهر مُر جهالر، سئو سئو ڏيکا اندر ٻاهر،
ويندو پل پهر ڇڏائي، وِٿيون سو واجهائيندين پوءِ.
اِمن قبر ۾ ڪير نہ ويندو، ڏِسو اکين سان سڀڪي ويندو،
وڃ مرد ادا تون وارو وَڄائي، چڱي ادا وڃي لهندين پوءِ.

پِرين جي پيار جي مون کان، حقيقت ٿو پُڇين ڪهڙي؟

پِرين جي پيار جي مون کان، حقيقت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
محبت هن جي مون سان آ، ٻي مروت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
پنھنجي پهلُو ۾ آڻي هو پائي ڀاڪُر پُڇي هرهر،
بس منھنجي توسان محبت آ، ٻي محبت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
وفا ڏِس يار منھنجي جي، ڪبا محبوب آهن اهڙا،
نہ نفرت آ نہ عداوت آ، بغاوت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
ٿڌي دل آ ٿڌي هوندي، وَڻي ٿو مُلڪ مولا جو،
مِلي ويو درد جو دارون، ٻي رحمت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
ڀلي اغيار غلط فھميون اُٿاري، آزمودو ڪن،
وڌي تيئن محبت پئي، ٻي شفقت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
درد وارا تہ سمجهن ٿا، فِٽائڻ ڪم چڱو ناهي،
ويھي گڏ محبوب محفل ۾ ٻي سعدت ٿو پُڇين ڪهڙي؟
عزت آهي عزت هوندي، غير جي جاءِ هِتي ناهي،
هر جاءِ الله ساڻي آ، اِمن ٻي راحت ٿو پُڇين ڪهڙي؟

ڪر خيال بنده غافِل، هي نِنڊ اجائي ٿئي،

ڪر خيال بنده غافِل، هي نِنڊ اجائي ٿئي،
آهين ڪين ٺِڪر جهڙو، پوءِ ڇالاءِ وڏائي ٿئي.
توکي رب ڪيو پيدا، ڪر منھنجي عبادت تون،
تون غير رکين دل ۾، چڱي ڳالھہ ڀُلائي ٿئي.
هِتي لکين آيا لالڻ، ويا مُلڪ مٽي فاني،
مِٽ مائٽ سڄڻ، سڀ کان آخر تہ جُدائي ٿئي.
رب روز ڏِنو توکي ۽ ساھہ وِڌو تو ۾،
ڪر فِڪر تو ۾ هُون صاف صفائي ٿئي.
قُرآن کولي تون پڙهه، ڪا ڪل پوي توکي،
هِن سچ تي سِڌو ٿي هل رب واٽ ٻُڌائي ٿئي.
چوي اِمن گُذري ٿو ڪيئن هي وقت حياتي جو،
ڄڻ خواب مِثل نِنڊ ۾ هي عُمر گنوائي ٿئي.

اڄ عيد آ، هرڪو خوشگوار ڏِٺم آدمي،

اڄ عيد آ، هرڪو خوشگوار ڏِٺم آدمي،
کلن هلن، پاڻ ۾ ڪندي سينگار ڏِٺم آدمي.
آدمي جو آدمي آهي آڳانڍو ۽ دلنشين،
۽ آدمي لاءِ آدمي بيقرار ڏِٺم آدمي.
سئو سئو دفعا سينگار ڪن، سُرما ڪري سھڻا ٿين،
خُوشي منجهان نچن ڪُڏن ۽ نازدار ڏِٺم آدمي.
ڪي آدمي اڻھوند ۾ عيد الله سون ڪين ڪن،
پاپن ڏُکن سورن اندر سؤگوار ڏِٺم آدمي.
ڪي آدمي عيد تي گڏ گڏ گُهمن گڏجي ٻِٽا،
ڪي ساڙ ڪن سيني سڙن اغيار ڏِٺم آدمي.
آدمي اڇا ۽ آدمي حسين، آدمي ڪھن آدمي،
هڪڙا عاشق چريا ڏِٺم، ٻِيا بيدار ڏِٺم آدمي.
آدمي سان آدمي ٿو ڪوڙ ٺڳي اٽڪل ڪري،
هِڪڙا پِنن پاٽي پٽي، ٻيا زردار ڏِٺم آدمي.
آدمي دُنيا اندر ڇا مان ڇا ڪن آدمي،
ڪي تہ بي وس ۽ لاچار ڏِٺم آدمي.
آدمي ڏِٺم سخت دل ۽ لاپرواھہ آدمي،
هِڪڙا ڏِٺم ڪيفي ڪجل قُربدار آدمي.
ڪي ضِدّي زوراور ظالم ڏِٺم آدمي،
ڪي يتيمن سندا يار ڏِٺم آدمي.
هي غزل عيد تي لِکيو ٿم مانجهي اِمن،
آدمي کان آدمي اڄ ڍار ڏِٺم آدمي.

آرام هت ڪين ايندو، ڪنھن ڏُور ولايت وڃبو،

آرام هت ڪين ايندو، ڪنھن ڏُور ولايت وڃبو،
دائم انھي ننگري مٿي، رُوحي رضا سان رهبو.
جهڙي طرح لامڪان، لا حد، لا جسم ۽ لا وُجود،
اهڙي طرح اهڙي جڳھہ، تنہ ا وڃي ترسبو.
اُتي جِتي جيءُ کپن، ڌن نہ دولت نہ آبِ روز،
اُت خبر لھہ عشق جي، جِت جلڻ جل ۾ جلبو،
ڇا ڀلائي ڇا بُرائي، نام نِشان ناهي جِت،
ولولو جِت عشق بحر جو، دائم دم پيو جهلبو.
اِمن مانجهي يا نصيب ۽ وِصل صورت واجب ادا،
ڄاڻ کي ڄاڻي سُڃاڻي، نفس نادان پلبو.

بَي ادب ڀاڙي، ڪڏهن بہ عشق ۾ وڍجي نہ ٿو،

بَي ادب ڀاڙي، ڪڏهن بہ عشق ۾ وڍجي نہ ٿو،
ڪي ئي ڪُھاڙا ڪات قھري، ڪپ ڪاتي سان ڪٽجي نہ ٿو.
جنھن جي دل تي آ اثر، دولت دُنيا جي زور جو،
اُن انڌي کي چئو کڻي، ليڪن هالو هٽجي نہ ٿو.
جنھن جي دل ۾ رحم ناهي ۽ ڀرم کان ڀُلجي ويو،
سو پاڻ زوري ۽ خود غرضي کان، غافل سفا گهٽجي نہ ٿو.
ٿو ڪري مظلوم تي ڪاهون، ڪهر هي ڪَوهرِي،
پنھنجي زور ۽ جبر جفا سان، دُنيا ۾ هو وٺجي نہ ٿو.
اي اِمن اخلاق سان، آخر بيھي ٿي ڳالھہ هِت،
بدخوانۡ ۽ بد ذهن زُبان سان رُڪجي نہ ٿو.

نوڪري حڪومت سند، نہ ٿي ملي غريب کي،

نوڪري حڪومت سند، نہ ٿي ملي غريب کي،
سڀ ڪو وڏيرو پاڻ ڏي، ڏيندو دوست قريب کي.
سُو هُجئي سا اٿئي، جي غريب آهين تہ وڃ ڀڄي،
غريب پيءُ جو پُٽ آهين، چئو پنھنجي نصيب کي.
جاچي ڏِسو اي ڀاءُ سياڻا، امير ٿا اڄ عيش ڪن،
اُن ڪري ٿي ڍن گُهرجي ڦيرو ڏين فريب کي.
ووٽ ٿا توکان وٺن، اُن جي عيوض جِهڻڪون ڍِڪا،
دشمن رهن هر موڙ تي، طاقت ناهي ڪنھن رقيب کي.
اي اِمن مانجهي قلم سچو وهي تہ بِسمِ الله،
ڪاڻ ڪنھن جي ناهي ڪائي شاعروَاديب کي.

اڄ سڄڻ هڪ ڳالھہ ڪر، عاشق اوهانجو ڪير آ،

اڄ سڄڻ هڪ ڳالھہ ڪر، عاشق اوهانجو ڪير آ،
ڪير تنھنجو ساڀ ڏيندو، ڪير تنھنجو غير آ
مُفت جا ماڻا ڪري من چيري ماري وڌئي،
ٻار آهين يار منھنجا، تنھنجي عقل ۾ دير آ.
هي سوچ سپنا سڀ سھي پر هلڪا قھر سھڻا اٿم،
هي موج من جي دلپسند آ، سيڪ جو سھانو سير آ.
شھر ۾ گڏجي گُهمين غير سان اي گلبند،
مھر نظر ناهي اسان تي، اَير نڪو ڪوئي ڀير آ.
طلب اهڙي يا خُدا، جو طعام سترش ڇا ڪبا،
جي قاتل اکيون هڪدم کڻين، قيامت حشر تائين خير آ.
ڪھڙي خبر دلبر سندي، اُنجي چاهت جنھن سان لڳي،
مون کي دشمن جي خِلش، آڏو اکين انڌير آ.
اهڙو اثر آ اسان تي، عقل ٿو اُبتو وڃي،
پر خير سان پئي گذري ويري، نڪو ڪو وير آ.
وير اندر مان ڪڍ کڻي پوندئي خبر هن سير جي،
پيار جا اُڌما پچاءِ، نِکار ڪر جا مير آ.
اي اِمن شعر لِک پر شعر جي معنيٰ ٻُڌا،
ڇا تنھنجي زبان تنھنجو اندر بيان ڪري سڀ شعر آ.

مون گهڻوئي ڪجهہ ڪيو، تقدير جو ڪم ڇا ڪيان؟

مون گهڻوئي ڪجهہ ڪيو، تقدير جو ڪم ڇا ڪيان؟
ڪين ڪا منزل ملي، غم غم مٿان غم ڇا ڪيان؟
هڪ پُراڻيون يادگيريون ۽ پُراڻا دوست يار،
سڀ ڪجهہ اچي ٿو ياد بس رب جو قسم ڇا ڪيان.
دِل اسان ڪنھن کي ڏِني، ان جي خبر مون کان نہ پُڇ،
اِهي عيب دِل جا دل ۾ رهن دم ۾هُجن دم ڇا ڪيان؟
گُل ۽ گُلشن بادل بھاري، کِل خوشي ۽ راڳ رس،
سڀ غُربت وئي اُڏائي، باغِ اِرم ڇا ڪيان؟
ڪير ٿو ڪنھن جو سڏائي، ڪير ٿو ڪنھن کي ڏئي اِمن،
دِل جو لھو دُنيا ۽ دولت بس صنم ڇا ڪيان؟

سچ چوائين جي سُڻين، اڄ ڀوڳ جهيڙي جي مُنڍ اٿئي،

سچ چوائين جي سُڻين، اڄ ڀوڳ جهيڙي جي مُنڍ اٿئي،
هي ڳالھہ منھنجي دل سان تون ٻُڌ، ڪجهہ تہ اڳ ۾ سُڌ اٿئي.
کِلي کيڪارڻ خير جو، سو وقت ويچارو ويو وهي،
اڄ ڪڙو سو زهر سمجهه، صلاح سُٺي بي حد اٿئي.
ڀوڳ چرچو ۽ مذاق جي ڪرين سوچي تہ ڪر،
تون ڀوڳ ڀُلجي جي ڪرين، اِهو ڦاسي وڃڻ جو هنڌ اٿئي.
ٿا پنير ڦڪيو ماڻھو گهمن، ڳالھہ ٿوري هو شرو وڏو،
تنھنجوپ ٿورو ڪجهہ چوڻڌ، جهوليءَ ۾ سمجهيو ڪنڌ اٿئي.
قُرب عزت ۽ شرافت سان رهين تہ ڳالھہ ٻُڌ !!
ڪنھن سان چڱائي ڪين ڪر، ڪم اِهوئي بد اٿئي.
چڱائي چوڻ يا ڪرڻ آهي ڌوڙ منھن ۾ اڄ وِجهڻ،
پئسو هُجئي کڻي ڪنڃر هُجين، سڀ کان وڏو قد اٿئي.
گُڻ او گُڻ نہ ٻئي جا تو ڏِس، پاڻ ڏي جاچي نہ ار،
بس پاڻ ۾ رھہ پاڻ سان، لئه اِها لاحد اٿئي.
اي اِمن تون ماٺ ڪر، سڀ ڪو پنھنجو پان ڄاڻي،
پوري نہ پئي مون بس ڪئي، نہ اورانگهہ جا حد اٿئي.

آهيان مان مسافر سفر م اڪيلو،

آهيان مان مسافر سفر م اڪيلو،
وڳر ۾ اڪيلو ولر ۾ اڪيلو.
ويڳاڻو هن شھر ۾ بيگانو بڻيس مان،
آهيان جن تہ هيڏي شھر ۾ اڪيلو.
منھنجو لاش پُورجو صنم جي سھن تي،
مُقامن ۾ ٿيندس قبر ۾ اڪيلو.
مان سڀن جو آهيان منھنجو ڪير ڪونھي،
افسوس! ذڪر ۾ اڪيلو فڪر ۾ اڪيلو.
وڏي ڪوشش ڪيم ملي پيار مون کي،
اهيس مگر مان پيار جي اکر ۾ اڪيلو.
اڪيلائي جو ئي مون سان ساٿ آهي مانجهي،
هر پچر م اڪيلو هر پهر ۾ اڪيلو.

ٻِنھي جهانن کان نِرالي، نئي هجي ننگري سفا،

ٻِنھي جهانن کان نِرالي، نئي هجي ننگري سفا،
اِها تہ گردش ٿي گهمائي، عرش وڃي آدم لڌا.
جُستجو، آرزو ۽ اُميد جي بھاني
ڪري انسان عمل جيڪو، موٽائي نہ ٿو اُن کي خُدا.
هر ڪم آسان ٿي ٿو پوي ۽ هر دل موتي جي مِثال،
مروتِ فڪر، ايمان سلامت ۽ دل نہ دل کان جَي جُدا.
عِلم فنون ٿو سنواري، هر اُجڙي دنيا برباد کي،
سج چنڊ ڇا آهي ادا، دنيا جي اڃا اڳتي ڪٿا.
اي اِمن بي عِلم آدمي، سوانڌي مِثل،
هي حقيقت ٿو چوان، ناهي ڪنھن جي ڪا نِدا.

جو ڪري ٿو ياد ڪجهہ، ميراث اُن جي سا اُها،

جو ڪري ٿو ياد ڪجهہ، ميراث اُن جي سا اُها،
دِل اُها ٿي پسند ڪري، اُن مان اُن کي مِلي ٿي سا.
جيڪو جنھن سان دل لڳائي، سوئي آهي اُن جي قابل،
جنھن جو رُتبو جنھن سان مِلي، سوئي اُن جي آ روا.
بدگُماني ۾ مزو آهي ڇاجو ڇا چوان،
غير تنھنجو دل ۾ ٻيو غير توکي ڪندو بہ ڇا؟
تون تہ آهين تون تہ سڀ ڪجهہ، تون تہ خود سُڃاڻج پاڻ کي،
تون جيڪو بہ سمجهين پاڻ کي، ٻيو آهي ڀلا ڇا توسِوا.
اي اِمن ساڻ جو توتي، وزن ساڻ هو،
سو سنڀالِج سِر پنھنجي تي، اُن کان جُدا تہ سڀ کان جُدا.

ساگر ۾ جيترو پاڻي گهانگهر ۾ ڀري نٿو سگهان،

ساگر ۾ جيترو پاڻي گهانگهر ۾ ڀري نٿو سگهان،
وس کان ڳالھہ ٻاهر آ، ڪجهہ ڪري نٿو سگهان.
دِل جي تمنا دِل جي حسرت، رِڻ ۾ ٿي ڀٽڪي،
جِتي دماغ ڪم نہ ٿو ڪري، اُتي دل ڌري نٿو سگهان.
بھارُن ۽ سانوڻ جي سانون نِظارن ۾ سڄڻ،
مجبور اوهان کان ٿي، ڪڏهن پري نٿو سگهان.
اِمن نٿو لِکي سگهان غزل، ڏات ڏانءُ ڪِٿان آڻيان،
مڙئي لکڻ جي هَير آ، ڇڏي نٿو سگهان.
تنھنجي هِن پيارسندو نئون دستور ڏِٺم،
وڏا مغرور ماڻهؤ گهڻا مجبور ڏِٺم.
جنھن کي تنھنجي عشق سندو جِن ڀوت لڳو،
سڙئي هن ڏنڀ وانگر نوان ناصور ڏِٺم.
تنھنجي نئين چال ڏسي عاشق بي حال بڻيا،
تنھنجي هي جلوه گِري، سڙيو ڪوهِ طور ڏِٺم.
مِٺا محبوب ماڻھوءَ مُئا هن موج مٿي،
حورون ۽ مَلَڪَ ڪلئي مئي مخمور ڏِٺم.
ٻيا ڪم ڪار ڏِسو، ٻيا وهنوار ڏِسو،
پر نہ هي پور پليا، وڏا گهاءُ گهور ڏِٺم.
ڀلا هي چانگ اِمن ڄاڻي، سڀ ڪوئي سندس،
تنھنجي هن چاھہ اندر چِڪناچُور ڏِٺم.

محبت جون ڦري لاهون،

محبت جون ڦري لاهون،
اڄ ٿيون آهن قتل گاهون.
جمعيت جان کي ناهي ڪا،
دُکايل جون ٻُڌو دانہ ون.
جي گهر ويٺي وڙهن ماڻھو،
اٿن ڪي آگ ۽ باهيون.
اسان آهيون برحق هيڻا،
اٿن ڪي لوھہ جون ٻانہ ون.
خُدا جي خير و برڪت جي،
سھاري تي جيئرا آهيون.
باقي دشمن سو دشمن آ،
ڪري لک لک مون تي ڪاهون.
وفا جي يار عيوض سان،
جفائن ڏيڻ جهڙا ناهيون.
اِمن باقي اسان جي لاءِ،
اڏيون ڪهڙيون يارن ڦاهيون.

محبوب اڄ بھارون واپس وري جي آيون،

محبوب اڄ بھارون واپس وري جي آيون،
تنھنجي اچڻ جا رستا نِرمل ويٺا نہ اريون.
گُلڙا هوا جي دل تي، جهومن نچن ڪُڏن ٿا،
آئي اوهان جي دلبر، تهِدل هڻن ٿا تاڙيون.
خوشبو هوا ۾ عنبر، روشن قمر ۽ اختر،
دردر سڄڻ اوهان لاءِ لک لک مِلن واڌايون.
ڪانگل توڏي جاني قاصد ڪري اُماڻيم،
اُن پڻ اچي اوهان جون ڳالھيون ڪئي ٻُڌايون.
جنھن واٽ سان اچو ٿا، سا واٽ مون سينگاري،
سبزي شجروڪاري چوڏس اٿم پوکايون.
ٽارين، انبن ۽ ليمن سنگ سنگ ڪڍيا سونہ انہ ،
هلچل پکين جي تن تي، عجيب ڏِس اُڏامون.
ڳيرا تتر ڪبوتر، جهرڪي ڪٻر ۽ ڪڻڇي،
هرهر ٻولي ٿي ٻُڌجي، واه واه مِٺيون سي وايون.
ابر ڪرم سنہ و ۽ بادصبا جا جهونڪا،
پکڙيل خوشي ۽ خوشبو، اُن ۾ اوهان جون سارون.
اِمن ڀِٽن ۾ توکي پيو ٿو منجهاڻي ساري،
ڪڻڪون، ڪمند لٿا ڪُل، اچ دلبر ڇڏي جُدايون.

جيڪي ماڻھوءَ جِتي ويھي اگر جي ڪن گِلا منھنجي،

جيڪي ماڻھوءَ جِتي ويھي اگر جي ڪن گِلا منھنجي،
اُنھن جي خيال تي مالڪ هلي غالب جزا تنھنجي.
مُون مسقين جي معافي، پوي قبول در تنھنجي،
گُناهن کان بچاءَ سائين،طبيبهٰ ڪر دوا منھنجي.
دنيا جي حرص لالچ کان آرس نڀاڳ فطني کان،
هي جِند جان جتي ڦاتل عَلي ڪارڻ ڇڏا منہ جي.
جيڪي ظالم ظُلم خاطر ضعيفن تي ظُلم ڇيڙن،
تن جي عذاب لجظي کان دُکي دلڙي لِڪا منھنجي.
قرض ۽ مرض جون پاڙون ڇِني ڇڏ تون،
غريبن تان حياءُ ۽ پيار حاصل ڪر ايءُ آهي سدا منھنجي.
اگر هن زماني ۾ حُسن جي پياس هُجي پلپل،
سھڻن جي جور و جفا خاطر نہ کاءِ دل ڌِڪا منھنجي.
قيامت ۾ ڏوهن خاطر مِلي معافي توبھہ توبهه،
اسان جو حال ڪونھي ڪو مِلي مالِڪ پناھہ تنھنجي.
هُجي دين ايمان هي سالِم ۽ سيّدن جو سھارو سندم،
هُجي دشمن جتي جيڪو، هر بلا ڪر دِفع منھنجي.
وسندا مينھن سانوڻ ۾ سِڪايل جون سِڪون لهنديون،
سانگين جي هُجئي پارت، هُجئي پارت خُدا منھنجي.
آهيون مزدور ڪُل ڪُڙمي، ڀر برڪت بھارُن ۾،
اِمن هر هڪ نِظارن ۾، رهي هر وقت بقا تنھنجي.

مون کي پنھنجي ڌڻي جو قسم، ويو وسري دنيا جو ڪم،

مون کي پنھنجي ڌڻي جو قسم، ويو وسري دنيا جو ڪم،
هون تہ جاني خوش آهيان مگر دل ۾ اوهان جو غم.
مون سان محبوب رُس نہ جاني، ٻہ ٽي ڏينہ ڙا دنيا فاني،
ڇڏي ويا خان وڏا ڏاني، پئو پرچي مون سان هڪدم.
دنيا جاچي سڄڻ ڏِسجان، وفا جو پنڌ پرين پُڇجان،
سوچي سمجهي قدم رکجان پوءِ ٿِجان همدم.
رک ياري تہ ڏِسن ماڻھو، پڳ مٽ يار چون ماڻھو،
عجب هن ۾ رهن ماڻھو، ٺري ڪيئن ويا هي دل جا زخم.
اِمن مانجهي شھر هن ۾، ويندو گُذري گهڙي کن ۾،
کڻي ڏِس سور سڀئي، من ۾، ڪندو پورو پُراڻي رسم. 
گجرون موريون نارنگيون صوف انگور ۽ ڪيلا،
پُر بازاريون ميوا ڀاڄيون وٺڻ وارن جا ميلا.
گرم ڪتل ۽ تيل پڪوڙا، ٻڪر ڪُڪڙ ۽ چوزا،
سيءُ سيارو ۽ مزو چھر جو، پرين هُجن البيلا.
ٿُلھيون پوشاڪون پائڻ لاءِ ڪوٽ ڪمبل ۽ ڪُڙتا،
پُر پِڙي تي ڍير لڳا ڏِس گرم گرم گديلا.
چانہ ه جي ڪِٽلي چُلھہ مٿي سا ڪين کڻي ڪا ساهي،
ڪوپ مٿي ٻيو ڪوپ، پيڻ سان ڳاڙها اکين جا ڏيلھا.
هٿ ۾ هٿ آ، چار پرين هي پنجون مان بي آهيان،
شھر پڪي ۽ ڀنگوبهڻ ۾ کائون سڄو ڏينھن ٺيلھا.
اِمن چوي مون ڏينھن گذاريا مزي خوشي جا ڏاڍا،
غربت هوندي واھہ جو گذريا پلڪ پلڪ جا ويلھا.

وقت زمانو بچپن جو، رنگين بھارن وانگر هو،

وقت زمانو بچپن جو، رنگين بھارن وانگر هو،
باغ باغيچا، وڻ ٽڻ ٻوٽا، نازڪ نظارن وانگر هو.
کِلندا ڪُڏندا راندين تي، هر روز وڃڻ پيو ٿيندو هو،
چمڪ دمڪ ۽ سونھن جو چمڪو، چنڊ ستارن وانگر هو.
راڳ رهاڻيون شھر گهمڻ کِل ڀوڳ ۽ چرچا چوڌاري،
آڌي مانجهي اچڻ وڃڻ هي، جنگي جهازن وانگر هو.
جوت جواني جوڀن خوشبو، گُلشن جو هڪ گُل هيس ڄڻ،
سانوڻ رُت ۾ پيار جو جذبو، مينھن ڦوهارن وانگر هو.
کِل خوشي مھمان نوازي، موج مزاڪون مھر وفا هئي،
سونھن پرستي دل ڪُشادي، ڌيان دانائن وانگر هو.
راڳ جي سُر سنگيت کي سمجهڻ، منھنجي اصل ۾ فطرت هئي،
تانَ هڻڻ، سرگم کي سنوارڻ، ڳائڻ ڳائڪن وانگر هو.
يارن دوستن وٽ وڃڻ، گُفتار اُنھن سان سھڻي سُٿري،
سوچي پرکي غزل لکڻ، منھنجو وڏن شاعرن وانگر هو.
ماضي نہ اري ڏِس تون سائين، ڳوٺ اسان جو شاھہ جي ننگري،
هر ڪو ماڻھو، موتي داڻو، هيري جي هارن وانگر هو.
مانجهي اِمن ويھہ ماٺ ڪري، ڏِس رنگ دنيا جا نوان نوان،
مان جي مران تون پويان چئجان ننڍڙن ٻارن وانگر هو. 

گڏ سفر زندگي جو، ضروري ڪونھي پيارا،

گڏ سفر زندگي جو، ضروري ڪونھي پيارا،
رُڳو داءُ دل لڳي جو، ضروري ڪونھي پيارا.
پيار جي ڪيون يا پيٽ جي پرين
تنھنجو بار بندگي جو، صروري ڪونھي پيارا.
ڪجهہ تہ وڇوڙا بہ هُجن سڄڻ سائين،
رُڳو کيپ خوشي جو، صروري ڪونھي پيارا.
ڪجهہ ڪِري ڪجهہ ڪري بہ دل پلجي پنھنجي،
دارون دل ڀڳي جو، ضروري ڪونھي پيارا.
ويھہ گهڙي سِڪ تہ لاهيان ساجن،
ٺيڪو زندگي سڄي جو، ضروري ڪونھي پيارا.
تون جُدا مان جُدا رستو الڳ،
هِن ۾ هُجڻ سُستي جو، ضروري ڪونھي پيارا.
بس اِمن آزاد هُجي هر ڪو خوش هُجي،
سونھن لاءِ عاشقي جو، ضروري ڪونھي پيارا.

بھارن ۾ خوشبو، نہ تارن ۾ چمڪ،

بھارن ۾ خوشبو، نہ تارن ۾ چمڪ،
افسوس خُلوصِ دل جي نہ يارن ۾ چمڪ.
بلبل چمن ۾ گُلن لاءِ ويڳاڻي،
رهي ڪانہ اڄ پڻ گُلابن ۾ چمڪ.
آسون اُميدون پوريون نہ ٿيون پر،
نہ مُسڪراهٽ، نہ دل وارن ۾ چمڪ.
ذولفن جي ڪاراڻ عقس هڪ ڇڏي ٿي،
اِها آهي تنھنجي وارن ۾ چمڪ.
عمر پنھنجي گُذري، حُسن جي پوڄا ۾،
ڏِٺي سون اِمن بس نِظارن ۾ چمڪ.

ڀلو ٿيو چڱو ٿيو جُڙي کي آ جس،

ڀلو ٿيو چڱو ٿيو جُڙي کي آ جس،
ڪهڙو چئون توهان مان ڪسر لڳي ڪس.
پهر پلڪ هفته، ويا سال گذري،
گُذريل زمانا اچن ڪيئن واپس.
گهڙي هڪ وفا لاءِ، خطا خوب کاڌم،
اڃا تائين اوهان جو اسان تي عڪس.
منزل کان اڳ ۾ وجودئون وياسون،
رهي بس اوهان لاءِ چاهت ۽ چس.
پنھنجو پاڻ اِن ۾ وِڃائي وڌوسون،
رهي روح وارن سان روحاني ڪا رس.
اِمن جيئن بہ سمجهو هي شاعري تہ ڪانھي،
شاعري چوڻ کان سفا ڪئي مون بس.

نئين جواني، نئين وهي، ساڻ تون شھر نہ ڇڏ،

نئين جواني، نئين وهي، ساڻ تون شھر نہ ڇڏ،
آسون اُميدون اڌ ۾ ڇڏي، پاڻ تون شھر نہ ڇڏ.
چئو تہ تون آهين اڃا معصوم ۽ دلجبين،
ڪجهہ جواني لله ڪارڻ ماڻ تون شھر نہ ڇڏ.
ٿو وڃين اڄ مِٺا، موڪل بِنا مون کان پري،
رُسي نہ وڃ پردو نہ هي تاڻ، تون شھر نہ ڇڏ.
ٿو ڪرين سُنسان هي ويڙهو وطن بي سبب،
ڦتڪار دل ۾ ٿرٿلو ڏُک جي ڪاڻ، تون شھر نہ ڇڏ.

( اصغر ولد شاھہ محمد چانگ 21 سالن جي عمر ۾بيمار هيو تڏهن هي شعر لکيو ويو پر هو ڪونہ بچي سگهيو ۽ 2001 ۾ فوت ٿي ويو.)

سائين ميڏا اڄ تون ڪيوين آ پھتئين،

سائين ميڏا اڄ تون ڪيوين آ پھتئين،
چُپ چُپ ڪر ڪي پاسي ميڏي وچ ڀرڙي گِهن آ ٻِٺئين.
تيڏي پُڇا هم روز ڪريندا، رب دا قسم مين تيڪون سريندا،
اڄ گُهمندا اڱڻ تي وتئين.
ٺار ڇوڙئي دل صدقه ٿيوان، سِر جي کپئي تان گهور مين ڏيوان،
جي رات مين ڪڻ رهندئين.
غير سڙن تون ڀاڪُر پاءُ ٻهه، مُنھن ڏي ميڪون مين نال الا ٻهه،
اڄ واھہ جو پيا ٿيندئين.
مانجهي اِمن ڪون تين اڄ ڄاتا، نال نظر دي صاف سُڃاتا،
تون سائين ميڏي سِر دئين.

تو ڪئي توکي ڦٻي، تنھنجي ڪنڌ ۾ پئي ٺڳي ڙي،

تو ڪئي توکي ڦٻي، تنھنجي ڪنڌ ۾ پئي ٺڳي ڙي،
ڪون مرنداسين ڙي تولاءِ ڪون مرنداسين.
منھنجي دشمن سان گُهمي اِهي گهاءُ ڏيندو ٿو رهين،
توسان ڪھڙي دل لڳي رهندو توکان دل ڀڳي ڙي.
توکي ڪنھن جي ڪابہ ڪانھي ڪنھن طرح جي ڪا خبر،
ماڻھو ماڻھو تون نہ ڄاڻين، ڇا کٻي آهي سڄي ڙي.
تون متان سمجهين ايئن، مجبور آ مانجهي اِمن،
تو جهڙي تي رب ڏسي ٿو، ڪانہ ڪائي اک ٻُڏي ڙي.

دل چيو تہ تنھنجي حُسن تي لکجي غزل،

دل چيو تہ تنھنجي حُسن تي لکجي غزل،
اهڙي عمل جو آخر ڏسان ڪوئي ردِعمل.
مُشڪي پوين تون طُور جي تجلي جِيانۡ،
اُڀري پون قيامت سندا خوني خلل.
ذولف تنھنجا ور ڪري ٿا ڳل چُمن،
ڪاڪل سندا وٽ سٽ پسي ڪُڏندا ڪنول.
هر سونھن کان سونھن تنھنجي آهي اُتم،
تنھنجو مِٺا ثاني نہ ڪو نعم البدل
هڪ دفعو منھنجي اڱڻ تي رک قدم،
آب روانۡ بادل وسي مچندا منڊل.
هي بيانۡ ۽ داستانۡ، ڪيئن لکان مانجهي امن،
زيرِقلم ۾ جُنۡبش ڪٿي، ناهي ڪو اهڙو رمل.

هانۡ ڪپي پوءِ اُڇلين ڇو ٿو؟

هانۡ ڪپي پوءِ اُڇلين ڇو ٿو؟
قُرب ڏئي پوءِ ڪُچلين ڇو ٿو؟
بي وس بي ذر ڪمزور ڪُٺل هانۡ،
مُئي تي مٺڙا مُرڪين ڇو ٿو؟
مان خيال ۾ تنہ ا گُم شُم،
غير وٽ آخر ترسين ڇو ٿو؟
ڌرتتي جو ٿر تتي تي،
گڏ ٿي بادل بِکرين ڇو ٿو؟
جيئن ٿو وساريان ياد پوين ٿو،
ائين الائي تون وِسرين ڇو ٿو؟
اڃان نہ آئي موسم پن ڇڻ،
باغ گُلن جا اُڪرين ڇو ٿو؟
پيار جو جهيڙو ڪري امن سان،
پلپل پيارا پرچين ڇو ٿو؟

دل وئي لڳي آ جنھن سان، سو ڀائي کڻي نہ ڀائَي،

دل وئي لڳي آ جنھن سان، سو ڀائي کڻي نہ ڀائَي،
ٺاهي کڻي يا ڊاهي، جوڙي يا جَمَ وڃائي.
رُسان يا ڏک ڏوراپا ڏيان، هج هاج منھنجي ڪهڙي؟
مرضي جو آهي مالڪ، ٽاري يا اک ملائي.
دُنيا ۾ مان مُسافر، هڪ ياد ڇڏڻ ٿو چاهيان،
کڻي لاش راڄ منھنجو، دلبر جي در دفنائي.
سونھن تي ناز ايڏو، ۽ فاني جواني تي ماڻو نہ ڪر،
هجي گدا يا حاڪم، ويندو هرڪو وارو وڃائي.
پيار ڏئي پنھنجو ڪيئي، سڀ غرض کان آهيان لاطمع،
وئي عمر منھنجي امن، وري ڏنئي ورائي.

پاڻ پنھنجا عيب جاچ، پوءِ اڳئي تي ڇوھہ ڇنڊ،

پاڻ پنھنجا عيب جاچ، پوءِ اڳئي تي ڇوھہ ڇنڊ،
خود غرق ۽ غافل آهين، ٻئي جو مروٽين ڇو تون ڪنڌ.
تون خاموش ٿي عقل سان عيب پنھنجا ٿو ڍڪين،
ٻئي جي ڪرين غيبت گلا، اهڙي زبان کي رک تون بند.
اٽڪل ٺڳي جي ٺاھ سان، خود صاف ٿو سمجهين ادا،
اُبتي عدالت ساڻ ٻئي تي، ٺاهي ٺوڪي رکين ٿو ڏنڊ.
گوشت جو واهي ٻِلو تہ گوشت خلق کاڌو اِجهو،
لوفر ڇڱو ٿئي راڄ جو تہ خير جي ڪھڙي آ ونڊ.
راڄن اندر رات ڏينھن راحت وئي آ گُم ٿي،
ٿا وڙهن هڪ ٻئي ساڻ سي، ڏيندا وتن گلائون گند.
کڏ کڻي تنھن جي مٿان ڍَٻَ ٺاهي ڪکڙا وجهين،
اعتبار سان ايندڙ ڪِريو، هُن جي ليکي آهي ٻنڌ.
چنڊ گِرهڻ ٿي ٻُڌائي، چنڊ ۾ بہ عيب هَن،
داغ منھن تي، وِت ۾ وڌگهٽ، رات لاءِ چئجي ٿو ڏَڍَ.
مڙس سو آ مانجهي امن جو چوي تيئن هو ڪري،
نہ وات کولجي، نہ اجائي دل ۾ رکجي سَڌَ.

مون کي منھنجي خبر ڪائي ڪانھي مِٺا ۽ ياد نہ ٻيا ڪم ڪار صنم،

مون کي منھنجي خبر ڪائي ڪانھي مِٺا ۽ ياد نہ ٻيا ڪم ڪار صنم،
سينگار ڪري ويھ سامھون منھنجي ۽ تُنھنجا ڏسان ديدار صنم.
هڪ رات سڄڻ سا ياد هوندئي، جنھن رات سانوڻ سئو ساٺ ڪيا،
تنھنجي پيار جي سار ۾ ساھ سڙيو ۽ تون نہ ڪرين ڪا سنڀار صنم.
مون تولاءِ ڏِٺا در در جا ڌِڪا، هر ڪنھن جا طعنا سئو طُنقا سَٺا،
تنھنجي پيار جي ڏور ۾ ڪيئن وِچڙيم، سو آهي عجب اسرار ڏٺم.
توکان وڌ نہ وري ڪو دُنيا ۾ ڏٺم، تُنھنجي سونھن جي ڪاٿا ڪير ڪري؟
تنھنجي سيوا ۾ هي نِبري جنم، تنھنجو در نہ ڇڏيان دربار صنم.
اي مانجهي امن مهتاب ضيا، رُخ روشن ٿو جِند جان وٺي،
سرڪار جي آڏو سِر حاضر، هي هڪ نہ دفعو هر بار صنم.

ويران دل جو شھر ٿا ڪيو،

ويران دل جو شھر ٿا ڪيو،
مُڙو ڪُجهہ خُدارا قھر ٿا ڪيو.
ڪري ويس ڪارا ٿا بنجو حُسيني،
حشر کان اڳي ئي حشر ٿا ڪيو.
وڃو ٿا تہ اسان کي آخر ۾ الائي ڇو؟
ڪُهو ٿا ۽ چئو ٿا قدر ٿا ڪيو.
ٻُڌان ٿو خبر هڪ، مرڻ کان پرين پوءِ،
منھنجي، پنھنجي اڱڻ ۾ قبر ٿا ڪيو.
اچو ها اڱڻ تي ڪهڙو ڏوھ ٿئي ها!
غيرن ڏي تہ هر هر سفر ٿا ڪيو.
مان تڙپان ٿو تہ تنھنجي خوشي ۾ اضافو،
امن سان قيامت خيز چڪر ٿا ڪيو.

تاريخ جي ريشم پردي ۾، پنا پيار جا ويڙھ تہ ويڙهيون ٿا،

تاريخ جي ريشم پردي ۾، پنا پيار جا ويڙھ تہ ويڙهيون ٿا،
تون مرضي رک ناراض نہ ٿي، اسان پنھنجي ٽُٽل دل ميڙيون ٿا.
هن سال نِڌڻڪي موسم ۾، اسان ٿر جا پپيھا ڦَرباسينۡ،
ڪوسي لُک ۾ پرڙا پانڌ ڍاري، سڀئي سُور سيني ۾ سھيڙيون ٿا.
هر بار ظُلم جي ڦاهي تي ڏٺم سِر ٽنگيل مون پارن جا،
ڦاسي گهاٽ ۾ هاڻي هٿ وجهي اڄ انا جي ڪاتي کيڙيون ٿا.
تون مون لاءِ مري وئين مان تولاءِ، باقي ڪُجهہ بہ رهيو سو ڪُجهہ ڪونھي،
نہ اُڀريو لٿو، نا پيار جون سارون پرين ڇيڙيون ٿا
اسان پرچڻ جا پل پلي پرين تنھنجي دنيا مان مس نڪتا هون،
آزاد امن آزاد آهيون، خوشبوء پنھنجي پکيڙيون ٿا.

ڪنھن جي گلا نہ ڪر، تون خوار نہ ٿي،

ڪنھن جي گلا نہ ڪر، تون خوار نہ ٿي،
نادانۡ بي سمجهہ بي عقل ٻار نہ ٿي.
آوارو رائيگانۡ، اجايو نہ رُل نوجوانۡ،
مائٽن مٿان بنبال ۽ بار نہ ٿي.
نہ ڪر چوري نہ ڪر جهيڙا نہ ٿي واحيات،
بي حيا، بي شرم، بدڪار نہ ٿي.
پاڙي اوڙي سان رھ جُوان ٿي،
بُڇڙو بد عادتو ۽ بيڪار نہ ٿي.
علم سان چاھ رک ادب سک هوشيار ٿي،
مُعاشري ۾ هلڪو ۽ بي معيار نہ ٿي.
اڇي ڏاڙهي ۾ ڪم ڪرين شيطاني سڀ،
لوفرن ۽ ٺُرڙن ۾ تون شُمار نہ ٿي.
دل کي قابو ۾ رک، نفس سان جنگ جوٽ،
ذهني طور تيار ٿي، نفسياتي بيمار نہ ٿي.
دل ڪنھن سان اڙئي، صبر سک، سچ سان هل،
چُپ ۾ نہ رھ، نہ ڪڙھ ۽ نادار نہ ٿي.
سچي دل جي سچائي ڌُک سُک ۾ ڏسبي آ،
ڳالھيون ڪري دوکا ڏئي غدار نہ ٿي.
سنگت بہ رک ان سان، جيڪو هجي فھم جو ڌڻي،
لُوسي ۽ لٻڙاٽي جو تون يار نہ ٿي.
چڱن کي مڃتا ڏيڻ بہ چڱي جو ڪم آ،
سچ کي مڃجي ادا، خودمختيار نہ ٿي.
ٻئي کي نہ ٽوڪ، چٿر نہ ڪر، گهٽ نہ ڄاڻ،
تون پاڻ ڏي ڏس، جلدي ايڏو قنڌار نہ ٿي.
اِصلاح ڪرڻ جو شوق ٿئي، پنھنجو اِحتساب ڪر،
ڪنھن کي غلط چئي، تڪبر ۾ تار نہ ٿي.
سچي صلاح، صحبت ۽ اصلاح بہ ڪر،
پر نياز ۽ حليمت سان چئو، آڏو اُڀار نہ ٿي.
هر ڪنھن جي جذبي ۽ راءِ جو احترام ڪر،
ٻئي ڪنھن جي دل آزاري ڪري، ڪنھن لاءِ آزار نہ ٿي.
ڪنھن وڏيري جي پُوچڪ تي، سياست ڏوڪڙ ڏٽي تي،
گُلن مان بدلجي ڪا ڪنڊن جي ڏار نہ ٿي.
پنھنجي اصليت ۽ اصول کي تون عزت بڻاءَ،
پاڻ کي پنھنجو پاڻ سُڃاڻ، ٻئي جي آڌار نہ ٿي.
رک توڪل خُدا تي، ڏيئي ٿو ڏيندو سخي،
سڀ ڪُجهہ مالڪ جي وس ۾، تون ڏٽن تي بھار نہ ٿي.
ماءُ ۽ پيءُ جي پيرن ۾ رھ، جُدا اصل نہ ٿي،
پوڙهن ۽ ضعيفن کان ڪڏهن بہ بيزار نہ ٿي.
گهم ڦِر دُنيا ڏس عِبرت وٺ اَي مِٺا،
دل کي سڪون ملئي، غمن جو غُبار نہ ٿي.
پيار ڪر پيار ڪر ۽ پيار جو وهنوار ڪر،
پر پيارن اڳيان ڪڏهن بي داغدار نہ ٿي.
علم سک ادب سک منھنجا پيارا طالبِ علم،
تنھنجي شھر جو سج اُڀري، ڀلو ٿي بيڪار نہ ٿي.
جيڪا هجي دل ۾ سا ٻاهر هجي ٻولي سدا،
دل ۾ غُنڊائي بيماني تي هرگز تون سُوار نہ ٿي.
اڄ ڪلھ چڱن ماڻهن جي کوٽ آ، دُنيا ٽوٽ ۾ آ،
او مومن جا ٻچڙا! قُرآن پڙھ، راڳدار نہ ٿي.
اي شاعر! اي اُستاد! هڪ نِماڻي گُذارش،
شاعر آهين بي عمل نہ ٿي، اُستاد آهين بدڪِردار نہ ٿي.
فرقي بندي سان بند ٿا ڪيو اسلام جي تبليغ اي واعظ!
ڪنھن کي چئون ٺيڪيدار ۽ ڪنھن کي چئون ٺيڪيدار نہ ٿي.
هُجن پاڙي ۾ غريبن جا ٻچڙا بُکيا پر تون،
سار نہ لھين او بي شُڪر، اهڙو ظالم زردار نہ ٿي.
مانجهي امن دُنيا مان هڪ ڏينھن خُدا حافظ خُدا حافظ!
مولا سڀ ڪُھ ٺيڪ ڪندو بس بي قرار نہ ٿي.

دربدر آهيان مان اڄ، مجبور ۽ بي وس لاچار،

دربدر آهيان مان اڄ، مجبور ۽ بي وس لاچار،
جَي خبر اهڙي هُجي ها! اڳ ۾ پلجي ها پيار.
ڇا ڪيان تو کان سواءِ ٿڌڙي چانڊوڪي وس کان پوءِ،
ڏنڀ ڏئي ٿي هانءُ ساڙي، اي منھنجا هينئڙي جا هار.
گهر جون ڀتيون، گهر جا ڀاتي، ڳوٺ جا ڳوٺائي سڀ،
دل تي دلبر سي نہ پيا بس، تو بِنا آهيان بيمار.
هن امن مارو کي هاڻي، ٿر ڏوري تون وڃ مِلي،
ٿر جي موهر ۾ ويٺو هانۡ، مينھن مينگهون ۽ ملھار.

دغا باز دلبر اڪثر رهايو،

دغا باز دلبر اڪثر رهايو،
هُن کي حُسن جي تڪبر رهايو.
اچي ها، ايندو هو، اڄ ڪونہ آيو،
طعني يا طُنقي يا تتڪر رهايو.
سفر ۾ چڪر ۾ ٽڪر ۾ بہ گڏ هو،
منحوس دُشمن ستمگر رهايو.
رهي ويو ريجهي ويو وريو ڪونہ واپس،
نہ آيو امن کي بہ نہ ڪر رهايو.

مُنھنجي دوا تو ڪانہ ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟

مُنھنجي دوا تو ڪانہ ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟
ڪنھن تلخِ تمنا جانَ ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟
خوش رهڻ ۾ ٿو کپي مِيان! ڪُجهہ فھم،
دل جو هُن نادان ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟
جي جِياپو، جان ۽ جيون جسم،
نہ تو هڪ گهڙي آسان ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟
گهرج هئي تہ مال ڌن جي اي صنم،
پُشت و پناهي پريشان ڪئي، ٻيو ڇا مِليو؟
اي امن اڄ غير سان گڏجي گهمين،
زندگي زِندانُ ڪئُي، ٻيو ڇا مِليو؟

چانھ جي پِيالي، سيراٽي جو، غريب ماڻھو کي گهر گهرجي،

چانھ جي پِيالي، سيراٽي جو، غريب ماڻھو کي گهر گهرجي،
ڏيھ ڏوراهين، هيڏي هوڏي، روزگاري لاءِ تر گهرجي.
ننڍڙا ٻار آئي وِيئي لاءِ، عيد خوشي ۽ جيءُ مر لاءِ پڻ،
تڙپي تڙپي ڪيئن بہ ڪري پر، ٿورو گهڻو تہ گُذر گهرجي.
چار ٻڪريون، چار ڪڪڙ ۽ چار ڍڳا بس،
خير سگالي، ايمانۡ سلامت، صحيح سلامت سِر گهرجي.
سچ ٿو ڏِسجي سچ ٿو لکجي آهي ادا هي ڳالھ وڏي،
اسان توهان جي هلڻ چلڻ ۾، امن اڃآن ڪو اکر گهرجي.

ٿا مرضي رکو پرين پنھنجي، مون کي جيئن بہ پرين سمجهو،

ٿا مرضي رکو پرين پنھنجي، مون کي جيئن بہ پرين سمجهو،
ٽُٽي دل جو ڦَٽي وئي آ، ڀلا ڪيئن بہ پرين سمجهو.
اُھي ڳالھيون ڀُلجي ويون، اُهي راتيون ويون وِسري،
ڪُجهہ ڪينَ وريو ڪنھن مان، ڀلا ائين بہ پرين سمجهو.
ڇا کاڌوسين گڏجي، ڇا توسان رهيو ورتاءُ،
ڪمزور کُٽل سمجهو، هلو تيئن بہ پرين سمجهو.
تون پنھنجي ليکي ۾، مون کي پنھنجو ليکو آ،
ٻئي دنگ ٿا جهلي بيھون، ٻني سين بہ پرين سمجهو.
امن چانگ عجب آهي، اڄ مون کي سُڃاڻين نہ ٿو،
ٽُٽي ٽاڪو ناهي لڳندو، پڪ هينئن بہ پرين سمجهو.

اٿم تلاش روزي جي، بس هلچل آ زماني جي،

اٿم تلاش روزي جي، بس هلچل آ زماني جي،
پُڇو ٿا سچ آزار ايڏو، فٽيل دل آ ديواني جي.
سواءِ ڪوئي مددگار مولا جي، مون مسڪين جو ڪٿي آهي،
پِنڻ منگڻ مان ڇا حاصل، اُميد نہ هڪ ٽڪي آني جي.
بنا پئسي عزت نہ آهي خُدا تون پاڻ عِنايت ڪر،
تنھنجا خزانا ناهن خالي، کول دري ڪا ميخاني جي.
لوچي لوڙي کاٽيون ۽ هر، لِفون ڏس منھنجي هٿڙن جون،
پوي پوري نہ ٿي، ڇو لڄ قرضي جي طعني جي.
امن غربت ڪندو بس معاف مولا ۽ محّمد پاڪ مِٺو مدني،
ويندا ڏينھن گُذري اهنجا ۽ لهندي مُونجه اکواني جي.

گُل آ ٽڙيو گلاب جو خوشبو ٿي سنسار ۾،

گُل آ ٽڙيو گلاب جو خوشبو ٿي سنسار ۾،
هُٻڪار ٿي آ چئو طرف، هر ڪو سھڻو سينگار ۾.
ناز سان نازڪ بدن لِچڪي جڏهن لئي سان هلن،
گهايل دليون گهائي وجهن عاشق گهڻا آزار ۾.
ول ڇل رکن وارن سندي، ڪارا ڪڪر ڪن جيئن ڪنڌي،
دانھن نہ سُڻن سائل سندي، ڪيفي خوب خُمار ۾.
خوني کڻن قاتل نظرون، گولي لڳي ڄڻ سيني اندر،
ٽوڙي رکن ضعيف جگر، جيڪو اچي ٿو مار ۾.
دل جهلي جيڪو اچي، جلوو ڏِسي جلدي جُهڪي،
موج ۾ بيھي نچي، تاب حُسن تِک تار ۾.

وري ڏينھن آيا وري ساڳيا سانوڻ،

وري ڏينھن آيا وري ساڳيا سانوڻ،
وري سانگ سکر جا وري جيءُ جيارڻ.
وري حُسن جا حملا وري رنگ روحاني،
وري ساقي ميخانہ وري پيئڻ پيارڻ.
وري پاڻي پريمي سنڌو جو جسم ۾،
وري واءُ شھر ۾ وري رنگ نِکارڻ.
وري ڪو تہ آيو، جنھن لاءِ اُداسي،
وري راڳ محفل وري دل سڪائڻ.
سکر جو نِّظارو حُسن بي عجب آ،
اچڻ ۽ وڃڻ ۾ اِمن رنگ رَچاوڻ.

مون ڏي تنھنجي دل وري ئي نہ ٿي،

مون ڏي تنھنجي دل وري ئي نہ ٿي،
ڇا ڪيان سواءِ تنھنجي سري ئي نہ ٿي.
غيرن سان نہ گهم نٿي دل سھي،
مون کان پيارا گهڙي پل پري ئي نہ ٿي.
جيئن چوين حاضر آهيان حُڪم ڪر،
تنھنجي سِڪ سيني تان ٽري ئي نہ ٿي.
روز نوان زخم روز نوان جهيڙا،
خُوشي تہ خُدا سون ڦَري ئي نہ ٿي.
اِمن غريب ڏسي غير ٿا حملا ڪن،
مون تي ڪا بہ موسم اثر ڪري ئي نہ ٿي.

حقيقت کي پڇي محسوس تہ ڪر،

حقيقت کي پڇي محسوس تہ ڪر،
زندگي جي خوشي محسوس تہ ڪر..
پنھنجي جيون جو لطف وٺو تہ وٺئون،
لُطف اندوز زندگي محسوس تہ ڪر.
هڪ جاءِ تي بيھي مايوس نہ ٿي
ڪم دُنيا جو ڏسي محسوس تہ ڪر،
فرض شناس تڙپ محنت يڪراءِ،
ڪجهہ جيئري ڪُسي محسوس تہ ڪر.
ڪنھن راند جو داءُ ڪيو هوندئي،
اول اِتفاقن گُسي محسوس تہ ڪر.
اِمن مانجهي زندگي امانت ڏِنل،
ڏُکي يا سُکي محسوس تہ ڪر.

اچين ٿو يار جي سامھون اچڻ جو عجب رنگ آ،

اچين ٿو يار جي سامھون اچڻ جو عجب رنگ آ،
نخري مشخري سان هلڻ پڌرو ۽ مُشڪڻ جو عجب رنگ آ.
کڻو ٿا نيڻ نازن سان، جُهڪي ٿي سڄي دنيا،
عجب اِسرار اکڙين ۾، چمڪڻ جو عجب رنگ آ.
تنھنجي جانب جدائي گهڻا موهي ڪيا ماندا،
ڌنڌي کنئون ٿي واندا، تن جي روئڻ جو عجب رنگ آ.
جفائون ٿو ڪرين جن سان دعائون ٿا ڏين توکي،
عطا ٿيل آ حُسن توکي ڏِسڻ جو عجب رنگ آ.
اِمن جي آس ٿئي پوري کڻو جڏهين نظر نوري،
شرابي شور مچائن ٿيون تن جي وڍڻ جو عجب رنگ آ.

تڏي تي جو عزت نہ ڪري تہ انھي سان ياري نہ رک،

تڏي تي جو عزت نہ ڪري تہ انھي سان ياري نہ رک،
دل ۾ دغا ۽ ڀاڪر ڀري تہ انھي سان ياري نہ رک.
منھن تي مبارڪ ۽ کيڪاري جو اُڌارو،
۽ دل ۾ سڙي تہ انھي سان ياري نہ رک.
يار پنھنجي خيال سان، ڪري نہ خيال ڪو،
هيٺ اک ڪري ٽري تہ انھي سان ياري نہ رک.
کائي تہ کِلي، ڏئي تہ ڏُکي سوچ سندس،
ٿي لڄ پري تہ انھي سان ياري نہ رک.
جو خوش آمد سان توکي خوش رکي ۽ کِلي،
۽ بُرا بھتان مڙهي تہ انھي سان ياري نہ رک.
بِشني وات سان وڄي ۽ دل ۾ اوندهه،
هر وقت هر شئ گهري تہ انھي سان ياري نہ رک.
گڏ گڏ گهمي ۽ ڦري وڃي مھل ۾،
۽ وَرِي وَرِي ورَي تہ انھي سان ياري نہ رک.

اردو غزل

---

ہزار غلطی کی لیکن، کی توبہ یہ آخر ادا کیسی؟

ہزار غلطی کی لیکن، کی توبہ یہ آخر ادا کیسی؟
کر کہ گناھہ مانگے معافی سوچ لو یہ سدا کیسی؟
خدا کے واسطے ساقی رندوں کو چھیڑ نہ ہر گز،
جو کوئی وجود نہ مانے بتاؤ اس پہ سزا کیسی؟
دیکھا ہے آج اس رنگ میں کہ کہاری اور نکیا ہے،
منت ان کو کہون تو کیا؟ بات بھلا بتا کیسی؟
کہوں تو دل کی حسرت کیوں بھلا قدرداں نہیں زمانے میں،
زمانے میں تو آخر رہی ہے وفا کیسی؟
آزاد درد جسم سے جدا نہ ہوا شکوہ پہر کیوں؟
رہی ہے اسکی ہردم یہ ست ستا کیسی؟

خدا جانے کیا ہوگا رقیبوں کا بڑا لشکر،

خدا جانے کیا ہوگا رقیبوں کا بڑا لشکر،
کھینچ کر غریبوں اے دوبدو لڑا لشکر۔
گهر و دیوار کو گهیرا ہے، خدا کا آسرا مجه کو،
مظلوم کو ستانے لئے آج ہے سر پہ ھڑا لشکر۔
صنم کے روح کو مبارک کہ کبھی ان کو رحم کیسا!
ہماری آ زاری کی آتش میں سڑا لشکر۔
آزاد گلاو شکوہ بھی ہوتی ہے مگر پیار سے پیار سے کیا لچکی،
خدا کے طہق جنبش سے بھاگا یہ تڑا لشکر۔

اعتقاد تو ہے مگر مفلسی غریبی میں سواۓ درد پر اثر تو ہے،

اعتقاد تو ہے مگر مفلسی غریبی میں سواۓ درد پر اثر تو ہے،
اپنی ہے جنگ آپس میں تباہ کروں تو کیا یہ اپنا گهر تو ہے۔
کہین دیکھۓ کہ رقیب کرے نہ شکوہ ممگر گلاوشکوہ میں کوئی صبر تو ہے۔
اے مغرور صنم دنیا تو کرتی ہے ظلم، ظلم وجدت ان کے ہاتھون میں تیغ و تبر تو ہے۔
کیا رقیب محبت بگڑ جاۓ توایک بات ہے
ان کو خفے و ذلیل کروں اتنا زور و زبر تو ہے
مگر آزاد صدقہ صنم ہر بات برداش فرام،وش ہے،
آخر دکھ پانے والا ہمارا جگر تو ہے۔

پوچھتے ہو تو کیا؟ اب بزم میں وہ مزا نہ رہا،

پوچھتے ہو تو کیا؟ اب بزم میں وہ مزا نہ رہا،
تیرے جانے کے بعد ہاتھ دل سے جدا نہ رہا۔
وہ ساون و سہانی راتیں وہ قمر کی چامندنی گہری،
وہ فضائیں بھی ادائیں بھی شام وہ صجا نہ رہا۔
کتنے میل و جول تھے اصول دل تھے پیار کے،
رقعبوں کے جوش و جنبش سے اصول ادا نہ رہا۔
باتیں تو ہزار ہیں لیکن بے کسی کی حالت نہ بدلی،
مفلسی و تنگد ستی میں کوئی اھِل وفا نہ رہا۔
سوز و درد سے آزاد اِمن چھڑا نہ سگها،
اس کی جفا سے نقصان ہوا اور نفا نہ رہا۔

لادوا کیا ہے اس مرض کو وہ طبیب آخر کیا کرے؟

لادوا کیا ہے اس مرض کو وہ طبیب آخر کیا کرے؟
کیا کرے تو کوئی کیا کرے کوئی دوست و حبیب آخر کیا کرے؟
جو قسمت میں لکھا کریم نےاس قلم کا آخر کیا قصور،
بر گزیز جلوہ گری اللہ کے آگے شریف و غریب آخر کیا کرے؟
خاص مرسل خاص انبیاِ خاص اولیا جابجا،
اس پردے مٹانے کیلۓ مکر و فریب آخر کیا کرے؟
جو روئیں گے وہ بھی مریں گے، جہاں آخر فنا ہے،
تسلےٰ ملے گی تو کیا کریگی زینب آخر کیا کرے؟
فتح علی تو قیامت میں حشر میں اللہ کے آگے ستو ہے،
آزاد زبان پر ہو تو کلمہ ہو ابلیس رقیب آخر کیا کرے؟

نوٹ:- 3 محرم جمعرات کے دن 26 جولاۓ 1993 میں
غزل لکھی گئی- فتح علی ولد عبدالحکیم کے انتقال کے
تین دن آگے یہ غزل لکھی گئی اور اس کی وفات
29 جولاۓ 1993- 6 محرم الحرام
پیر کی رات ہوئی تھی ۔

ہوا تھا ناداں ایک احمق، سمجه نہ سکا محبت میری،

ہوا تھا ناداں ایک احمق، سمجه نہ سکا محبت میری،
محبت میں اضافہ نہ کیا، بر عکس چھین لی صحبت میری۔
کرتا تھا شکوہ چپے چپے، دیتا تھا نۓ نۓ گلے غیبت،
گناہ پکڑ پکڑ کر تھک گیا، مگر سمجه نہ سکا اُلفت میری۔
اے رقع؎یب نہ جانے تمہیں مزہ آتا ہے، جب آنسو خون کے بہائوں،
گر ہے محشر تو ہے قیامت، قیامت کے دن ہوگی عدالت میری۔
آزاد مُفلس ہوں گر ہوں دولتمند تو سُن لے سمجه لے،
ہوتی کیوں نہیں درد سے شفاعت میری۔

نہ پوچھ داستان میری، کہ کشمکش زندگانی مر مر کے کاٹی ہے،

نہ پوچھ داستان میری، کہ کشمکش زندگانی مر مر کے کاٹی ہے،
جو بھی چند دن تھے عمر بھر کے، دل یاد کر کہ روجاتی ہے۔
ہوئی تھی رات تنہائی ٹھنڈی موسم، ہوئی تھی بات کی آرزو،
جو کر نہ سکے دھڑکن سے، اب بھی حسرت یاد آتی ہے۔
گذرا ہوا فسانہ کبھی ناپید لگتا ہے اب ان کے ستانے سے،
کیوں کہ ستارہ ٹوٹا بنے کیسے گر قسمت جام لاتی ہے۔
بدن گر ہے زندہ تو روح کی ضرور ہوتی ہے پھر دکھ یا سکھ،
اگر ایسا ہوتا ہے دکھ سے دل کیوں گهبراتی ہے۔

ٹوٹی قسمت کہیں نہ دیکھا کہا کہ وہ وعراں نہیں،

ٹوٹی قسمت کہیں نہ دیکھا کہا کہ وہ وعراں نہیں،
غم الم ہو جیون میں، وہ بھی کیا انسان نہیں۔
اس کا یہ میں چل رہے ہیں ٹوٹے پھوٹے آدم بھی،
اپنے اپنے خیالوں میں کون دیکھو پریشان نہیں۔
غربت چیز ہوتی کیا ہے؟ ان پہ کیا اعتراض کریں،
خوب شاہی ہے تیرے ہاتھوں، کیا پاس تیرے قُرآن نہین۔
ہنسی آتی ہے تیرے اس کرتوت کے آگے ماشاءاللہ،
شرف العزت انسان تو ہے شرفِ اُتم شیطان نہیں۔
پوجا پاٹھی کرنی ہے تو مُشکل کیا ہے بتا نا بھی،
جانا تم نے تیرے اوپر مالک کا احسان نہیں۔
اِمن مانجهي درد کے مارے تلاش عیش کیوں کرتے،
کہتے ہیں عیشی میں کامل رواں اِیماں نہیں۔

رقیب پہ دیتے تھے گِلا کہ محبت کا یہ دشمن ہے،

رقیب پہ دیتے تھے گِلا کہ محبت کا یہ دشمن ہے،
مگر تو آپ بدل گۓ کیوں نہ بلبل وہ نہ چمن ہے۔
کہانی کہتے کہتے تو کہہ گۓ کہ پیار ہے تجه سے،
کیا کروں افسوس ہوتی ہے کہ یہ کس کا سُخن ہے۔
ہاں کس کیلۓ مٹاتے ہو وفا میری و سدا میری،
تمہاری دل نہ جاۓ کہیں اور پہ شکن ہے۔
گردش جنوں میں گذرا میں و نوہہ گر بن گیا اس دن،
جب کہہ دیا تونے سب کو دیکھو اس کی دل کی مگن ہے۔
یہاں آزاد یاد کریگا قسم سے یاد محبت وہ،
پھر وہ گذرا زمانہ نہ آئے گا کیوں کہ حسرتِ دل دفن ہے۔

میت ہو گئی دفن میری، وہ بھی مقام پر آئے ہیں،

میت ہو گئی دفن میری، وہ بھی مقام پر آئے ہیں،
کیا تھا واعدہ اس نے اسی انجام پر آئے ہیں۔
ہوئی ہے نومیدی برحق، مگر جیت سمجها ہے،
قبر میں ہوں تو پھر کیا ہے، مگر وہ سلام پر آئے ہیں۔
مشغول تھی زندگی نشے کے مانند مہموز محبت میں،
صبح تو یاد نہیں منجهہ ہوتی ہوئی شام پر آئے ہیں۔
آزاد میں بھی خوابوں میں مگن ہوں اپنی مشکل ہے،
کیا ہے جس نے مجبوری سے اسی کلام پر آئے ہیں۔

زخم سینہ بِسمل کیا، دکھائوں گا زخم اللہ کے آگے،

زخم سینہ بِسمل کیا، دکھائوں گا زخم اللہ کے آگے،
جس نظر نے جگر چیر دیا، کروں گا فریاد خُدا کے آگے۔
زلف رُخسار پہ لٹک رہے ہیں، کیا شب ہوگی،
تمہارے و ہماری ایک بات، سامنے گفتگو کب ہوگی؟
کیا ہے کرتے ہو غصہ غضب میری سدا کے آگے،
دھوپ ہے صحرا میں، ڈونڈھتے ہیں سایہ ابر کرم
سانون کی موسم ہے حری پن، نازک دل ہے درم برہم،
ہاتھ جوڑ کھڑا ہوں میں، سانون کی گهٹا کے آگے۔
زبان نہیں بل خصوص بے نظر ہوں، گر اُٹھا دیتے ہیں،
دیکھ کر رونا میرا، عنایت کر غم سے چھڑا دیتے ہیں،
ہزاروں دیکھے ہیں پتنگ پروان شمعٰ کے آگے۔
نہ شکوہ ہے نہ گذرا وقت یاد، یاد نہیں کچھ بھی،
بگڑا نصیب کبھی بنا، غیر آباد نہیں، گر شاد نہیں کچھ بھی،
ساقی رکھ دینا، آزاد شراب ساغر میخانے کے آگے۔

ہم جو کچھ بھی اب کلرتے ہیں، ان سے کچھ کچھ ڈرتے ہیں،

ہم جو کچھ بھی اب کلرتے ہیں، ان سے کچھ کچھ ڈرتے ہیں،
جو بن سکے جو ہو نہ سکے، اس کام پہ آ کر مرتے ہیں۔
ان سے کہہ دو سانون آیا، رُت پھول گلابی کلیوں کی،
ہم اپنے ہر مایوس لمحے تازے توانے رکھتے ہیں۔
دھڑک دھڑک دل گردش ہے پیار کا، جل کھٹک رہا ہے،
بحر دریاء، تصور وصل، آرزوۓ فکر میں پھرتے ہیں۔
جو کام ہمارے کام نہ آئے، جس کام سے رُسوہ ذلت ہو،
وہ کام میرے صاحبِ ضمیر کیے کیوں کر کرتے ہیں۔
پڑھنے اور لکھنے میں دل لگتا تھا پھر اب تو نہیں،
ان کے خکوش رکھنے میں کچھ انگلش ریاضی پڑھتے ہیں۔
اے آزاد اِمن دنیا داری، دین کے برابر نہیں ہوتی،
ہر مسلم دل کہلاتے ہیں اور چاند کے اوپر چلتے ہیں۔

میری قبر پہ نہ آنا گر آنا تو سنگدل نہ لانا،

میری قبر پہ نہ آنا گر آنا تو سنگدل نہ لانا،
کیون ہم کہ بڑی مشکل سے آرامے ہوئے ہیں۔
زندگی نغمہ تھی دنیا میں، نئے سُر سُن کے آیا ہوں،
اب جگانے کی نہ کرو کوشش، نشے مدامی ہوئے ہیں۔
کچھی تھی تلوار جو، سینے میں زخم سُنا رہا ہوں میں،
مجهے اب چھوڑ دو یارو ! کسی سے ہم کلامی ہوئے ہیں۔
اے جنوں زرہ سا ہٹ مجهے ماجرا بتانے دے،
آزاد دنیا نہیں جزا کارن ہے، اب انتقامی ہوئے ہیں.

میری تقدیر نہ جانے خدا کیسی لکھی ہے،

میری تقدیر نہ جانے خدا کیسی لکھی ہے،
ہر دہر میں طبع عاجز بنا رکھی ہے۔
میں اے سنگدل بڑا پریشان ہو گیا ہوں،
کہ پریشانی میں پریشانی بعد ان کی بے رُخی ہے۔
ایک مدد سے ہم نے لہو کو خوراک کھا کر بڑھایا ہے،
کہ ایک لُقمہ لذت کیلئے دل میں طاقت بر رکھی ہے۔
ہاں غیر سے نہیں تم، اگر ہو تو بھلا پھر کیا،
خُدا کرے یہ نہ ہوگا، کچھ رقیب شکی شکی ہے۔
میں ہوں کہ دھراتا ہوں ڈر کا واعدہ تیرا،
کہتا ہوں کیا خبر یہ بات کچی ہے یا پھر پکی ہے۔
اے اِمن اعتبار دنیا کا کیا رکھیں کیا کریں،
ہر ایک عاشق کو زخم دینا سیکھی ہے

نظم

---

اي هم نواهم ساٿيو، تاريخ پنھنجي جاچيو

اي هم نواهم ساٿيو، تاريخ پنھنجي جاچيو،
آزاد قومون سي ئي چئجن، عدو جن اگهاٽيو.
نقاش فطرت ناتوان ۽ ننڊ سُستي ناروي،
سدا جي غِفلت ۾ رهن، تن جي ڏِسو اڄ راروي،
وقت ضايع تلخ رُوئي، نہ برتري نہ برابري،
اڄ زمانو اڳتي کان اڳتي، عِلم رکي ٿو اڪابري،
پنھنجي وطن ۾ پاڻ کي خنجر کڻي نہ ڪاٽيو.
رس رچاءَ ۽ روح سان ڪو پُر ڪشش ماحول رک،
ٿي بھادر ساک رک ۽ سچو پنھنجو قول رک،
ڇڏ غداري سنڌ سان نہ ٻيائي سندو ٻول رک،
مر ويسون پر سنڌ نہ ڏيسون سِر سان ٽِڪائي ٽول رک،
ڪڏهن بہ دشمن سامھون اچي، پوئتي ڌِڪي پُڇاٽيو
تون رکين ايمان سالِم جبل ٽُڪرا ٿي پون،
رُڪ دٻائڻ سان پُرزا ڪپھہ مان ڪُڪرا ٿي پون،
رُڪين ڪِنارو، هلين تہ درياءَ، سڀ سانگ سفرا ٿي پون،
پر قوم سان گڏ قوم ٿي عِلم ادب اپنايو.
بُزرگن جي بالاتري ڪوششون ۽ ڪاوشون،
جن جي نتيجي ۾ اڄ اسين ٿڌي هوا ۾ ٿا گهمون،
اهڙي طرح خود اسين سچ سچائي ڪا سِکون،
بدعنواني بد عمل کان بالاتر ٿي بھتر بچون،
قومي ڀلائي ۽ بالادستيءَ لاءِ ائين اُچاٽيو.

سورن ۽ صدمن ۾ اسان تہ ڪينَ لَکايو آ

سورن ۽ صدمن ۾ اسان تہ ڪينَ لَکايو آ
اسان بہ آزمايو آ، محبت کي نِڀايو آ
نہ ڪنھن کي دکايو آ، نہ ڪنھن کي ستايو آ،
مگر مون کي خبر ناهي ڏکن ڇالاءِ ڏُکايو آ.
سڄيون راتيون خدمت ۾، سھڻن جي تہ صحبت ۾،
اسان تہ خود الفت ۾، رهياسون ڪينَ غفلت ۾،
اسان نيڻن جي پنبڻين ۾ تولاءِ بستر وڇايو آ.
ڏکيا آهيون بکيا آهيون جفا ڪاوڙ سکيا ناهيون،
تنھنجي آ طلب رڳو مون کي، ابر ٻئي لاءِ تسا ناهيون،
ملي جي جام هٿان تنھنجي، اسان تہ سِر نوايو آ.
ڀلي هي خير جو ڪم آ، محبت جو رڳو دم آ،
تنھنجي ذوالفن ۽ اکڙين تي عقل ۽ هوش منھنجو گم آ،
اسان هي حال حيرت جو، توکي هردم سڻايو آ.
امن مانجهي مري منھنجي پويان ڪهڙو ايندو؟
سڀ ڪو يار پنھنجي سر جو، ڪنھن جي پويان ڪهڙو ويندو؟
پر مون کي تنھنجي محبت، بَذاتِ خود مڃايو آ.

عِلم سان ڪُفر کي نِوائي سگهون ٿا،

عِلم سان ڪُفر کي نِوائي سگهون ٿا،
سچي ڳالھہ سچ جي سُڻائي سگهون ٿا.
عِلم سان ذِهانت، ظرافت وڌي ٿي،
عِلم سان حقيقي شرافت وڌي ٿي،
عِلم ساڻ قلبي ڪرامت وڌي ٿي،
وڌڻ سان وڏي وِک وڌائي سگهون ٿا.
عِلم ڏِس اسان جي حفاظت ڪري ٿو،
عِلم دور دُنيا مان جهالت ڪري ٿو،
عِلم ڪي ئي خوبيون عِنايت ڪري ٿو،
عِلم سان ڊٺل گهر اڏائي سگهون ٿا.
عِلم ٿو اسان کي شريعت سيکاري،
اُٿڻ ۽ ويھڻ ۽ طريقت سيکاري،
ادب ٿو سيکاري محبت سيکاري،
عجب رنگ عِلم سان بنائي سگهون ٿا.
عِلم تہ نفرت کان بچائي سگهي ٿو،
اتحاد اتفاق وڌائي سگهي ٿو،
دشمن کي آڏو هٽائي سگهي ٿو،
جهالت، ڏاڍ مٽائي سگهون ٿا.
عِلم قوم جيڪا پڙهي ٿي پرائي،
اُها قوم قيادت جون واڳون ورائي،
عِلم زيب زينت روحانيت وڌائي،
اِمن دل خُدا سان ملائي سگهون ٿا.

سنڌ ڌرتي جا سڀئي شاعر ڪاتب ۽ اديب

سنڌ ڌرتي جا سڀئي شاعر ڪاتب ۽ اديب
سلام منھنجو سائين منھنجا، مان سندن گولو غريب.
ڪيڏو خوش ذائقه نيارو چشمئه ڪوثر مھراڻ ڏِس،
جنھن جو پاڻي پيءُ ٿا پلجن سگهڙ عالم خوش نصيب.
سنڌ ڌرتي جي مٽي پايان اکين سُرمون ڪري،
بهشت برين ۽ باغ گلبن گاهي بگاهي عبرت عجيب.
رت سر ساھ صدقو ڪيان سنڌ جي ڀتر ڀونءَ مٿي،
جنھن جي دامن ۾ پليا سئو سئو حسينَ هي دِلنشيب.
ٿر بر جهنگ جبل اندر شاھہ جون وايون تہ سُڻ،
اي امن دُشمن سڙن رُلي مرن رهزن رقيب.

ڏُکن جي ڪريان ڳالھہ ڪهڙي، عجب منھنجو فسانو آ،

ڏُکن جي ڪريان ڳالھہ ڪهڙي، عجب منھنجو فسانو آ،
زبان چوڻ کان ڪاثر آ ، ڪيئن ٿي ويو زمانو آ.
اسان هن زماني کي پرکيو ۽ تہ جاچيو آ،
غُربت ۾ گُذاري، ڄڻ ڏُکن جو جيل ڪاٽيو آ،
خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو، خبر ناهي تہ ڇا ٿيو آ،
زماني کي خبر ناهي اسان خود سُڃاتو آ،
اسان آهيون تهڙا ناهيون، ڪهڙو هي ڪارخانو آ.
شرافت ۾ گذاريوسون، نہ واقف کي وساريوسون،
چِيري سينو ڏيکاريوسون، تہ ظالم کي سيکاريوسون،
جنھن بيھي نہ اريو نہ ، کِلي اُن کي کيڪاريوسون،
سنگت مون کي ڇڏي جا وئي ساريوسون سنڀاريوسون،
ڪري جيڪو ڪري ٿو رب ٻيو سڀ ڪجهہ بھانو آ.
وڌي جيڪي ويا اڳتي، نہ اريو ڪينَ تن پُٺ ڏي،
جنين سان ساٿ سنگت جو، مري پيا سونھن ۽ سُک تي،
گهڻي گُهرجي مايا تن کي، نہ ٿيا راضي هو پن ڪک تي،
اسان کي خود وساري ويا، پري ٿي ويا وک وک تي،
وفا منھنجي توهان جي هٿ، ناحق جو نِشانو آ
نٿي بڻجي محنت سان ڀلا پوءِ ڪيئن بڻڻ گهرجي،
چڙهڻ لاءِ جَي ڪِرڻ گهرجي، ڪِرڻ کان پوءِ چڙهڻ گهرجي،
اچي دشمن وچان جيڪر، جهٽون پائي وڙهڻ گهرجي،
نہ کائي پاڻ، لاهي واتان، ٻئي ڪنھن کي ڏيڻ گهرجي،
ڪٽائبو سِر جُهڪائبو نہ ، ڀڄڻ مانجهين کي طعنو آ.
مڃي خود هي رضا تُنھنجي نہ ڪنھن کي رنجايوسين،
لاهن سيءُ بِنا، اوڇڻ گهڻو ئي مچ مچايوسين،
جُدا ٿي وئين مون کان جاني، ڏاڍو توکي پُڇايوسين،
سِڪياسين سؤ سڌون کائي، نہ ڪنھن کي سِڪايوسين،
اِمن ساڳيو اوهان جي لاءِ، ڏينھن اڄ تائين ديوانو آ

وقت بدل ٿيندو مگر

وقت بدل ٿيندو مگر
ٻہ ٽي گهڙيون اَهنجو سفر!
ڪير ٿو مون کان پڇي هي حقيقت حال هي،
زندگاني ٿي زهر آ، جيئرو جيئڻ جنجال هي،
ڪينَ گذريو ڇا چوان، هي مھينو سال هي،
مان تہ هڪ ناهيان، سڄو راڄ ٿيو بدحال هي،
آهي ماڻهن ۾ مڪر، اسان ماڻهن ۾ ٻڪر!
اسماعيل امن اڳ کان گهڻا اهڙا اچي پريشان ٿيا،
راهون ڪٺن ابتو چڪر، ڪم نہ اڃان آسان ٿيا،
رُشوت بنا انڌا ماڻھون ڪوڙا ڪنڃر بي ايمان ٿيا،
ڪم نہ ڪن پئسي بِنا، نَسوها اچي نادان ٿيا،
پئسي وٺڻ لاءِ ڪن ٿا تڪڙ، منھين پوين ڪينَ ڪي ڪڪر!
اڄ اسان وٽ مال ناهي ۽ بند پاڻي في الحال آ،
ان ئي کائڻ لاءِ گهر ۾ ناهي ايڏو سدورو قال آ،
روزي خدا جي هٿ ۾ آ، اهوئي مالڪ لڄپال آ،
اڌ لک ڪنھن جي گهر ۾ اچي اهو مسئلو مٺا نامحال آ،
ابتو ڪم ۽ ابتو چڪر، جبل سان هڻڻو پوي ٿو ٽڪر!
احمد عطن الله سون وات بند اهڙو ڪيو،
چپ گهمن چپ چاپ ۾ وات مٿان هٿڙا ڏيو،
راڄ ۾ ماڻھو چغل جي کڙڪو تن جي ڪن پيو،
خوار کڻي اهڙو ڪندا جو پيرا وتن هر هر کنيو،
امن ماڻھو رکن سئو سئو مڪر، انڌارو اندر ۾ منھن ۾ شڪر!

محبت هڪ سخاوت آ، ڌراوت آ، شرافت آ،

محبت هڪ سخاوت آ، ڌراوت آ، شرافت آ،
هر ڪو ڌرم اُن سان هلي، سھڻي سُٺي سعادت آ،
محبت ۾ مرڻ گهرجي، محبت ۾ جيئڻ گهرجي،
عمر ساري تہ اُلفت ۾ نِمائي سِر هلڻ گهرجي،
ملي هٿ سان زهر قاتل پياسو ٿي پيئڻ گهرجي،
اُلفت ۾ عداوت کي ڪڏهين نہ جاءِ ڏيڻ گهرجي،
محبت هڪ رُجاوت آ محبت هڪ ڪرامت آ.
ڀلي تون آزماء اُن کي، تنھنجي لاءِ ڪو طريقت آ،
پلو ۾ پائي هيڪر ڏِس، ڪيڏي روح جي تہ راحت آ،
اڃا ڀي تون نٿو سمجهين، چئبو توکي ڪا غِفلت آ،
محبت ۾ وڃي سِر هي قسم رب جو شهادت آ.
محبت آ تہ غيرت آ، غيرت ۾ غنيمت آ،
غنيمت سان اِمن مانجهي حُسن ۽ هٺ حليمت آ،
سواءِ محبت جيئڻ ڪهڙو، تو سواءِ محبت آ تہ قيامت آ،
پَسين جَي هِت دنيا ۾ تون، محبت ئي تہ جنت آ،
محبت ۾ هيٺاهين آ ۽ محبت ۾ قيادت آ.

اچڻ جو اوهان ڏي بنايم بھانو،

اچڻ جو اوهان ڏي بنايم بھانو،
سڀئي خيال سوچي رِڙهي ٿيس روانو.
مون مُسافر جو ٿر سان، اچي سانگ ٿيو آ،
رِڻ ۾ اڪيلو، ڏري ڏيل ويو آ،
ساڻا دل جا ڌڙڪا، ڏورڻ ڏيھ پيو آ،
۽ وري هن وڇوڙي سفا سر نِيو آ،
نہ هڻي ڌڪ ماري، ڌنڌولج ديوانو،
وري واٽ ڪُٻ سُٻ وِنگا ور عجب جا،
سُتا سور جاڳيا ۽ گُوندر غضب جا،
ڪيان عرض آزيون ٻڌي هٿ ادب جا،
نہ پُڇو نام نالا نماڻي نسب جا،
ڪيو رحم مون تي، تتل ٿيان توانو.
نہ پُڇ يار مون کان، ڏکيو ڪيئن گُذاريم،
پُڇي پار تنھنجو، تنھنجي در تي آيم،
راتيون روھ ڪاريون نہ وصيعت وساريم،
ڏنئو جا امانت، اوهان کي پُڄايم،
ڏِسو دل ويچاري جو، حُسن ٿيو بيگانو.
پڇو ٿا تہ رهندئو يا واپس وڃڻ آ،
چوان ٿو اِتي مان ۽ اِتي ئي رهڻ آ،
ڪيو جلد بازي زهر ٿيو جيئڻ آ،
رهايو امن کي منھنجو سڀ ٿيڻ آ،
ٿيڻ ڏي ٿئي دُشمن جو زمانو.

مون کي شھر جي آب هوا وڻي ٿي،

مون کي شھر جي آب هوا وڻي ٿي،
آيو سڄڻ اڱڻ، اڄ هر ادا وڻي ٿي.
درگذر ٿيو اثر، جو اڳي هو جدائي جو،
اڄ مزو آ مُنفرد، خدا جي خود خدائي جو،
هر گل جهومي جهرمر ڪري غزل پڙهي وفائي جو،
هي رات ڪا راحت ڀري، ٿيو سال سڪ سجائي جو،
هر چيز جي زبانۡ مٿي، خيرِ دُعا وڻي ٿي.
هن غير جو هٽايو ۽ هيڻو ڏسي لُٽايو ٿي،
هر موڙ تي مسڪين سان، ڦُڙتي ڪري فٽايو ٿي،
جنھن سورن ڏکن پاپن اندر، ڏاڍو هن ڏُکايو ٿي،
هر در اسانجو بند ڪري، کڻي بيوس جنھن بنايو ٿي،
ان ڪم ظرف جي محفل اندر رنجش ۽ رُسوا وڻي ٿي.
اي امن بھارن ۾ مظھر مزو ڀرپور آ،
ساوڪ حُسن ۽ سونھن ۾ نِرمل وڏو ڪو نور آ،
جهونۡڪي تي جهومن گل ڏسو ۽ بادل جي مخمور آ،
هرڪا دل خوش ٿي لڳي، دشمن وري ٿيو دور آ،
هر مرض جي حاصل دوا ۽ محفل بہ وهوا وڻي ٿي.

اِهو مٽڪو مٿي تي جيڏين سان،

اِهو مٽڪو مٿي تي جيڏين سان،
ڪري ناز نازڪ تون ڪري نہ پوين،
آهي مينھن وُٺل ٿي مذاق ڪرين،
ڪنھن جي نظر لڳئي ۽ مري نہ پوين.
هِڪ حُسن توکي رب پاڪ ڏِنو،
جنھن جو اٿو نہ مٿو نہ ڪِنارو ٻنو،
سھڻين سرتين ۽ ساهيڙين مان،
ڪنھن جي آه سوزش ۾ سڙي نہ پوين.
اِهو چولو اٿئي جيڪو ڀرت ڀريل،
رت ڪُٺلن جي ۾ آهي تريل،
پئي ٿي هلندي کِلندي خون ڪرين،
اِنھي وڏائي ڳهَر ۾ ڳري نہ پوين.
چانگ مانجهي اِمن کي روڪ ڀلي،
کِلي ڀوڳ ڪري تون ٽوڪ ڀلي،
توسان روح جو رِشتو روحاني آ،
ڪري نہ ه نہ ه مون ڏي وري نہ پوين.

تنھنجي پيار کي پرکي يار ڇڏيم،

تنھنجي پيار کي پرکي يار ڇڏيم،
توکان پنھنجو پلي تڏهن پيار ڇڏيم.
هر رات جو تو وٽ ايندو رهيس،
تنھنجي در جي غُلامي ڏيندو رهيس،
طعنا مهڻا ماڻهن جا سھندو رهيس،
پنھنجي گهر جو ڌنڌو ڪم ڪار ڇڏيم.
جاڏي رُخ ڦرئي مان بي تاڏي هلان،
جنھن سان ياري رکين تنھن سان ياري رکان،
هر حُڪم ڪرين پنھنجي دل سان مڃان،
مِٽ مائٽ، سنگت گهر ٻار ڇڏيم.
تو مون سان انگل جيڪي آر ڪيا،
مان مڃيندو رهيس تو جي يار چيا،
ڪري پورا ڏيکاريم وهنوار سِڌا،
پنھنجو لاهي ڪلهن تان بار ڇڏيم.
چوي اِمن مانجهي ڪجهہ درد هُجئي،
منھنجا ٻول بُڌين ڪو روح ريجهئي،
ڪو دڳ لڀئي ڪا سُرت پوئي،
دُکي درد ڪيو تڪرار ڇڏيم.

دل پيارا پري نہ ٿي پاسو ڏئي،

دل پيارا پري نہ ٿي پاسو ڏئي،
سامھون جيئن اچين ٿو،
هليو اچ اسان ڏي،
ريجها رب صدقي سھڻا،
مون کي ڪو دلاسو ڏئي.
مرڻ ۽ جيئڻ آهي مولا جي تہ هٿ ۾،
باقي پيو لوڙيان سھڻا صنم جي تہ سٿ ۾،
رکي پنھنجي مرضي سائين،
وڃي پھتو غيرن تائين،
ڏاڍو تن تپائي منھنجو ويتر ويو تاسو ڏئي.
وري ساٺ سانوڻ سونہ انا سنواريا،
آڌي رات بارش اوهيرا اوساريا،
پرين ننڊ ناهي مون کي،خبر ناهي ڇاهي مون کي،
تنھنجي ياد چوريو آخر، چاهت جو چاسو ڏئي.
ڪيو قرب مون تي قربدار ماڻھو،
صفا دل جو سادو مانجهي مذيدار ماڻھو،
ويرن ۾ وتان ٿو گهمندو اڪيلو،
پنھنجي دل کي پنھنجي منھن روحانيت جو راسو ڏئي.

گيت

---

پرين پيار پنھنجي جي عجب آ ڪهاڻي

پرين پيار پنھنجي جي عجب آ ڪهاڻي،
اها رات ياد ٿئي، جو ويٺي وِهاڻي.
راتين جون راتيون سيءُ ۽ اونہ ارو،
چاهت ڀريو آ سماچار سارو،
ننڍي هي لاکان دِل هي وِڪاڻي.
ڪيڏيون بي قراريون، ڪيڏيون انتظاريون،
رُسڻ ۽ ٺهڻ جون ڪر ياد ڳالھيون،
ڪڏهن جهڪ جهولا، ڪڏهن مينھن پاڻي.
ساري حقيقت آهي ياد مون کي،
ڪڏهين ڪينَ لهندي دل تانۡ اوهان کي،
امن چئي اسان سان خُدا آهي ساڻي.

گڏجي غيرن سان نہ گُذار،

گڏجي غيرن سان نہ گُذار،
پيو ٿو هانء سڙي هروار.
ڌاريو اچي ٿو شور مچائي،
ننڍا وڏا سڀ فند ۾ ڦسائي،
دولت سان هي ساڌ دٻائي،
قرب وٺي ٿو قرار.
غيرن جو آ غلبو توتي،
سِر ڏبو وڙهبو توتي،
ڪڏهن نہ دلبر ڇڏبو توکي،
چاهي هُجون بيمار.
پنھنجا دلبر تو وِساريا،
واعدا تن سان ڪينۡ تو پاڙيا،
جگر اسان جا تو هن ساڙيا،
ايڏا ڪرين آزار.
تون پاڻ پلين تہ سڀ ڪجهہ ٿيندو،
ڪير اوهان جي ويجهو ايندو،
پر ڳالھ اسانجي ڪيئن مڃيندو،
تڪبر توکي تار.
سؤ دفعا توکي جاني جهليو مون،
پلپل ويھي امن توکي پليو مون،
گهڙي گهڙي ڏس ڪيڏو چيو مون،
ٿي دُشمن کان تون ڌار.

مٿان ٿي ڪِريس مون کي جڏهن نياپو مِليو،

مٿان ٿي ڪِريس مون کي جڏهن نياپو مِليو،
چيئي ڪونہ ايندس، وڃي پنھنجو رُوح پليو.
پرين پرديسي منھنجي خطا ٻُڌا تون ڪا،
مڙئي منھنجي قسمت مٺا هئي اها ڪا،
الائي دل کڻي وئين يا توکي ڪنھن آ جهليو.
کڻي ڪاتي ڄڻ تو وڌي سِير مونکي،
چُڀي ويو آ دل ۾جو ھنيئي تير مونکي،
مرندس تہ پڪ سان، جَي بچي ويس تہ چريو.
اڪيلو ڪري وئين ڪري وئين تون ڇورو،
ھيو ھٿ اوھانجو، لٿو سو بہ ٿورو،
نڪو اڄ امن تون، نڪو ساڳيو ھُليو.

جهڻڪ ڏنئي، جُوءِ ڇڏيم، پوءِ بہ مِٺا مون تي ڪاوڙ ٿئي،

جهڻڪ ڏنئي، جُوءِ ڇڏيم، پوءِ بہ مِٺا مون تي ڪاوڙ ٿئي،
زوري ڀلا وڙهندين تون مون سان،
چئو تہ ڀلا تنھنجي ڳوٺ اچان!
وِڙھ تون سدا، حاضر هان پر غلطي الائي مون ڪھڙي ڪئي.
مون کي ڏسي پوءِ غيرن سان ڊاڙا ٺڪا ۽ تاڙا هن،
ڦتڪان ٿو تڙپان ٿو، پر پنھنجي ۾ تو ڏاڍي ڪئي.
رُوح ريجهائڻ خاطر مان، تنھنجي شھر ۾ ايندو هيس،
ڌوڻا ڌِڪا اهڙا ڏنئي، جو آخر منھنجا لاھ ڪڍيئي.
زور تہ ناهي مانجهي امن، هر ڪنھن جي پنھنجي مرضي آ،
معافي گهر جان ڇڏاٰء ڏاڍي سان ڪھڙي تو هوڏ هنئي.
سچ آکان سُڻين سُھڻا، هڪ يار ڪرِيندا هي.
باقي سڀ ڪنھن نال نعته، اهو خُوار ڪريندا هي.
ڏيک چُپ صبر دا ڪم، دم دم ڏَسيندا نھين،
اهن لوڪ اياڻي ڪون، ايڏا وَجه ڏِويندا نھين،
ڪنھن شاعر دَي شاعري دا وِيچار ڪرِيندا هي.
جڏان دُشمن دل پئي ڪپي، تڏان اُهنڪون ڪونہ جهلئي،
ڏي پيار اُهين ڪون ول بس، ميڏي سار مِٺا ڪانہ لڌئي،
ساڳا ڏيک گڏيا تون وتئين، نہ تڪرار ڪرِيندا هي.
امن سھڻا جيڏا هِوين، ايڏي وفا تہ ڪر تون ڏِکا،
انہ ان چچليان ماڻهيان ڪون، ڪر تون آپ سِڌا،
واعدا نِڀيندا هي، جَي اقرار سڄڻ ڪَرِيندا هي.

اچي رات رهئين برسات ۾،

اچي رات رهئين برسات ۾،
لھي سِڪ وئي هِڪڙي رات ۾.
دُکي دل وئي ٻُڏي ديدار ۾،
ڏاڍا رنگ ڏِٺم تنھنجي پيار ۾،
ڪانھي ڪائي ڪمي، ڏانءُ ڏات ۾.
دل ڌڙڪڻ لڳي دلدار هي،
اهڙي لرزش لڳي تنھنجي پيار جي،
جو چئي نہ سگهان ڪنھن بات ۾.
چانگ مانجهي امن ٿي بھار وئي،
هر جاءِ تي مند ٿي ملھار وئي،
بُکا ڍاوا حُسن جِي خيرات ۾.

اهو بي وقت هو، گڏ گُذاريئي،

اهو بي وقت هو، گڏ گُذاريئي،
اڄ سال ويا گُذري، جو وساريئي.
ساوڙا وڻ هي ڀِٽن جا،
سي بہ ياد نہ آيئي.
شھر منھنجو تو ڇڏيو،
ڳڻتي انھي منجهہ ڳاريئي.
ٿڌڙيون راتيون ٿر جون،
وُٺي سان منھنجا نيڻ وسايئي.
ڳوٺ منھنجي اچ دل ٺري،
ڏک گهڻو ئي ڏيکاريئي.
مانجهي امن مسڪين کي،
ڌوڻا ڌِڪا ڏئي ڌِڪاريئي.

صلاح ڏيوو ساٿي، ميڏا جيءُ جِگر سڙدا،

صلاح ڏيوو ساٿي، ميڏا جيءُ جِگر سڙدا،
دِل جِٿا هي چاھ ڪِتا، اُٿي وس نھين چلدا.
مُلان مين ڇوڙيا ڪونھي، تعويذ ڪراوان مين،
سي ڦُر ڦُر سُڃا ڪر ڳَئي، رهندا لوڪ مين تي کِلدا.
تيڏي ڪِتي دلبر جاني مين پَڙ وتان ڏيندا،
عيد نِمازان وِچ مين دُعا دا هٿ چئيندا.
اڄ سال گذر ڳيا هي تون رُخ نھين ڏيندا،
سِيالا سرءُ سانوڻ تيڏي ٽيڪ تي هَم ٽِلدا.
اڄ امن تيڏا تيڪون مِنٿان ڪريندا هي،
ڪيڏا ميڏي آکئي. آها خيال پرين چلدا.

خُدا جو ٿئي نالو مونکان جُدا تون نہ ٿي،

خُدا جو ٿئي نالو مونکان جُدا تون نہ ٿي،
پنھنجو بڻجي پيارا اڄ بيوفا تون نہ ٿي.
جڏهن کان تُون پاڙون ڇڏي وئين اسانجو،
تڏهن کان ٿو ھر دم رھي غم اوھانجو،
پٿر دل پيارا ايڏو صفا تون نہ ٿي.
پنھنجي گهر جا ڀاتي سڀئي مائٽ پنھنجا،
تنھنجي ڪري ٿي ويا پري دوست منھنجا،
خفا ٿي ويا ڪل،بس خفا تون نہ ٿي.
مون ڪيو پيار آھي خطا ڪانہ ڪئي ٿم،
ڪيڏا ڏُک ڏِنوَ پر جفا ڪانہ ڪئي ٿم،
امن چانگ مانجهي غمزدہ تون نہ ٿي.

خدا سڪ اوهان جي سيني ۾ آ اوتي

خدا سڪ اوهان جي سيني ۾ آ اوتي
وهندڙ درياءُ ۾ هيرا لعل موتي
ڪندو ياد آهيان ڪندو ياد هوندين،
دعائون ڪيان شل آباد هوندين،
گهڻو غم مگر هيء چري دل آ ڇوٽي.
ڪُنوالو ڪچو ٻور وڻن ۾ بھاري،
هوا هير ڏکڻ جي مٺي مُند موچاري،
ڪڏهن يار ايندين، مون ڏي يار موٽي.
سڀ ڪوئي اڄ ڪلھ خوش ٿو گُذاري،
پکي ۽ پکڻ بي جهومي ۽ جهونگاري،
آئي مُند ملھاري، وِجهو ٿا وڇوٽي.
امن چانگ مانجهي حياتي رهي تان،
منھن ڪونہ مٽبو پياري پرين کان،
فنا آهي سڀ لاءِ، خُدا کي آ چوٽي.

خُدا جو ٿئي نالو مونکان جُدا تون نہ ٿي،

خُدا جو ٿئي نالو مونکان جُدا تون نہ ٿي،
پنھنجو بڻجي پيارا اڄ بيوفا تون نہ ٿي.
جڏهن کان تُون پاڙون ڇڏي وئين اسانجو،
تڏهن کان ٿو ھر دم رھي غم اوھانجو،
پٿر دل پيارا ايڏو صفا تون نہ ٿي.
پنھنجي گهر جا ڀاتي سڀئي مائٽ پنھنجا،
تنھنجي ڪري ٿي ويا پري دوست منھنجا،
خفا ٿي ويا ڪل،بس خفا تون نہ ٿي.
مون ڪيو پيار آھي خطا ڪانہ ڪئي ٿم،
ڪيڏا ڏُک ڏِنوَ پر جفا ڪانہ ڪئي ٿم،
امن چانگ مانجهي غمزدہ تون نہ ٿي.

دل جو سواد ياري آ،

دل جو سواد ياري آ،
عجب هي مواد ياري آ.
ياري ۾ وفاداري جُزو هي خاص خالص آ،
هڪ ٻئي تي پڪو اعتماد ياري آ.
ملي ٿو غم زماني ۾، بنا غم جي نہ ماڻھو ڪو،
اصل ۾ هي ٺھي دنيا، سندس بنياد ياري آ.
ددنيا جو حرص هُج داري، ناهي خُواري تہ ٻيو ڇاهي؟
دنيا ٻي اچ وڃ ۾، اصل آباد ياري آ.
مُٺا جَي لوڀ لالچ ۾، حياتي تيل آ تن جي،
اهڙن ماڻهن خُدا سون ڪئي برباد ياري آ.
امن جاچج، شريڪِ غم نہ ٿيو جيڪو، ڪھڙي ڪم جو،
خوشي ۾ جو اچي هر هر، اها بي بنياد ياري آ.

مٿان ٿي ڪِريس مون کي جڏهن نياپو مِليو،

مٿان ٿي ڪِريس مون کي جڏهن نياپو مِليو،
چيئي ڪونہ ايندس، وڃي پنھنجو رُوح پليو.
پرين پرديسي منھنجي خطا ٻُڌا تون ڪا،
مڙئي منھنجي قسمت مٺا هئي اها ڪا،
الائي دل کڻي وئين يا توکي ڪنھن آ جهليو.
کڻي ڪاتي ڄڻ تو وڌي سِير مونکي،
چُڀي ويو آ دل ۾جو ھنيئي تير مونکي،
مرندس تہ پڪ سان، جَي بچي ويس تہ چريو.
اڪيلو ڪري وئين ڪري وئين تون ڇورو،
ھيو ھٿ اوھانجو، لٿو سو بہ ٿورو،
نڪو اڄ امن تون، نڪو ساڳيو ھُليو.

ڦتڪندي فٽجي پيا ناسور ۽ گهرا زخم،

ڦتڪندي فٽجي پيا ناسور ۽ گهرا زخم،
رات لُڇندي مون ڪٽي، سُور سختي جا سِتم.
جنون غم هن سوز ۾ ڪي ئي ستايل ويا مري،
ڪي زخم کائي ويا، ڪي سورن منجهہ ويا سڙي،
زندگي تن جي تلخ ٿي، عمر تن جي ٿي ختم.
هن عشق جي اوساٽ ۾، آگم ڪيو اکڙيون وسن،
پيار ۾ آزار پوءِ، پاڻهي ٿا پيدا ٿين،
منھن ڏجي ير مُڙس ٿي، گوندر گذاري وڃجي غم.
ويو رُسي مون کان مگر، پئي خبر مون کي دير سان،
اڄ رُٺل دلبر منھنجو، خوش رهي ٿو خير سان،
الله ڪندو ايندو صنم، گڏجي گذاريون ڪوئي دم.

ٻاراڻو مزاج مون سان هلندو نہ ڪر خُدارا.

ٻاراڻو مزاج مون سان هلندو نہ ڪر خُدارا.
منھنجي روئڻ پِٽڻ تي کِلندو نہ ڪر خُدارا.
ڇا ٿو پڇين تون مون کان، ڇا مون لڪايو توکان،
بند آ زبان ڀئو کان، درد وَ تابش وَ تئو کان،
هر هر حال دل جا پڇندو نہ ڪر خُدارا.
هر پل مزاج مٽجي، کيڏڻ ۾ ساري کٽجي،
گفتو ڪنھن جو ڪٽجي، جيئرو قبر ۾ لٽجي،
اهڙي طرح اسان تي مچندو نہ ڪر خُدارا.
هر پل ۾ ڳالھ هڪڙي، هوريان هجي يا تڪڙي،
مون کي ٻڌا تون سچڙي، سامھون تہ کڻج اکڙي،
نظر وجهي تون جهڪڙي، ڏسندو نہ ڪر خدارا.
جيئن پل هلي گذاريان، فرياد سان پڪاريان،
سئو سور ٿو سھايان، کلندي سڄڻ نہ اريان،
هڪ ڳالھ هيءَ ٻُڌايان، دشمن سان گڏجي گهمندو نہ ڪر خدارا.
ظاهر زمانو جاچج، پوءِ هي پريم آڇج،
ائين نہ دل تون ٽاڪِج، نہ ڏينھن ڏٽي تي ڪاٽج،
نخس نہ رهي ڪو ناخس، ڇپائي دل ۾ ڳالھيون امن رکندو نہ ڪر خدارا.

تنھنجي ڳوٺ ۾ آهيان مزيدار ماڻھو،

تنھنجي ڳوٺ ۾ آهيان مزيدار ماڻھو،
ڪٿي اِهڙو مِلندئي، قُربدار ماڻھو.
نہ ڄاتئي سُڃاتئي، قدر ڪونہ ڪيئڙئي،
منھنجي قُرب مُحبت جو اثر ڪونہ ٿيئڙئي،
ڏسي ماڻھو، ماڻھو جو ڪردار ماڻھو.
سڀ ڪنھن سان مِلندي ۽ کلندي گُذاريم،
دل ساڻ مُحبت ۽ عزت لک ڏيکاريم،
ڪري ڪينَ ڪنھن تي، ائين خار ماڻھو.
آهيان اڄ سُڀاڻي جي پڪ يار ڪانھي،
فاني زندگي جي ڪا خبرچار ڪانھي،
اچو گڏ گُذاريون دلدار ماڻھو.
مرڻ کان پوءِ پيارا ڪندئو ياد مون کي،
منھنجي هن محبت جو ڏيندئو داد مون کي،
تہ مانجهي امن هو ڪو وفادار ماڻھو.

جواني ۾ سُڃاتوَ نہ ، هاڻي يار ڇو ٿا ٿيو؟

جواني ۾ سُڃاتوَ نہ ، هاڻي يار ڇو ٿا ٿيو؟
پيريءَ ۾ پرين منھنجا، طلبگار ڇو ٿا ٿيو؟
هر حال ۾ هر دم، توسان گڏجي پئي گُذاريم،
طعنا سوين طُنقا لڳا، سڀ سر تي سھايم،
جا مُون سان ڪيوَ مون کي خبر، ٻار ڇو ٿا ٿيو؟
گهر ۾ پنھنجي کٽ تي، ويھي بس رات نڀايم،
ڪا موت جي منزل هُئي، سڪرات نڀايم،
توکي دانھن ڏنم تو چيو بيمار ڇو ٿا ٿيو؟
هاڻ مِٺا توسان. وفا خوب ڪندس پيو،
خير آ جو تو ڪئي، گُّذري سو پهر ويو،
مان اڄ بہ آهيان تو لئي آتو، ڌار ڇو ٿا ٿيو؟
توکان سواءِ تنھنجو امن ڪنھن ڏي نہ ويندو بس،
توکان سواءِ يار ٻيو ڪونہ ڪو ٿيندو بس،
منھنجو عهد آ، اقرار آ، بي قرار ڇو ٿا ٿيو؟

زندگي برباد ڪيئي، بي وفا شابس ٿئي،

زندگي برباد ڪيئي، بي وفا شابس ٿئي،
تنھنجي دل منھنجي هُئي دل ٻئي کي منھنجي ڇو ڏنئي؟
حال محرم تون هئين، تون منھنجي دل جو ڌڻي،
تنھنجي صحبت، ساھ کي هر وار وئي هردم وڻي،
اڄ اهو ساجن ساڳيو، پر پيار جي ٻولي وئي.
ڇا ٿيو ٿم هاءِ هاءِ، ڪا گهڙي گُذري نہ ٿي،
پلڪ هڪڙي تو بِنا، پنھنجي مُنھن نبري نہ ٿي.
بي حآل مان لاچار آهيان، مسڪين ڇو ماري وڌئي؟
تنھنجي خاطر لوڪ ۾ هيڻو، سڀ کان ٿي رهيس،
تنھنجي لاءِ حال حاضر، توڙي مفلس ٿي ويس،
جا ڪيئي مانجهي امن سان، سا گهڙي وسري نہ پئي.

مون سان ايڏي نہ ڪر بي خطا تون جفا،

مون سان ايڏي نہ ڪر بي خطا تون جفا،
دِل هي نازڪ اٿم، پاڪ ڄاڻي خُدا.
هيڏي هوڏي ڦِران، ڏس مان ڪاڏي وڃان،
مون کي ناهي مزو، مان ٿو جاڏي وڃان،
مان ٿو ڦتڪان لُڇان، تنھنجي هر هر پُڇا.
مون کي گهر ۾ مٺا، نہ ٿي ماني وڻي،
نہ ٿا ٻچڙا وڻن، نہ ٿو پاڻي وڻي،
جان آهي تتل، ماس هڏ کان جُدا.
مون کي تنھنجي ڪري، هرڪو ماڻھو وڙهيو،
جيڪو جاتي هُيو سو پيو تاتي وڙهيو،
تن کان هيڻو ٿيس، مون ڇڏيا سڀ ڦڏا.
توکي پارت ڪيم پڪ سان پلجان سڄڻ،
منھنجي دُشمن جي سامھون نہ گهمجان سڄڻ،
نڪو پرپُٺ وڄي ڪجان ڊاڙا ٺڪا.
مون سان رهجان، مگر جي مري مان وڃان،
قسم رب جو اٿئي، ٻئي کي دل نہ ڏجان،
ڇو تہ قبر ۾ بہ ناهيون دل جا پڪا.
مرڻ ناهي مِهڻو، مون کان پوءِ صنم تون،
ڏَسي ٿو وڃان توکي، ڪجان هڪڙو ڪم تون،
ڪجان غير کي نہ سلامي دُعا.
امن چانگ مانجهي وري هٿ نہ ايندئي،
هٿان تنھنجي ويو جي، وڃڻ ڪاڻ ويندئي،
هي آهي ڀاڳ تنھنجو، اڄ آهيون ڪَٺا.

هن سنڌ جي ڌرتي لاءِ قُربان ڪندس سِر کي،

هن سنڌ جي ڌرتي لاءِ قُربان ڪندس سِر کي،
آزاد رهنداسون، ڀلي ڪوئي اچي پرکي.
هن پنھنجي سِنڌ جا هي وڻ ٽڻ بہ وڻن پيا،
ٻنا ٻارا پوکون پاڻي، وستيون واهڻ بہ وڻن پيا،
ڀلي مينھن وسن موجون، برسات بہ پئي برسي.
ٿر ريگ جبل تون ڏس، بر بحر روانۡ درياه،
گلشن جي نظارن ۾ گل ڦل بہ آهن ٽڙيا،
مھراڻ جو ساغر هي سيراب ڪري بر کي.
هيءَ مانجهي امن اڄ ٿو ڪري عرض خُداوندا،
تون سائين اسان جو، اسين آهيون تنھنجا بندا،
آباد ڪجو مولا هر ڳوٺ ڳلي هر گهر کي.

مارين تون مران مان، مُناسب لڳي ٿو،

مارين تون مران مان، مُناسب لڳي ٿو،
روڪين تون رهان مان، مُناسب لڳي ٿو.
تون مارين، منھنجو روح مري ڪونہ سگهندو،
تون روڪين، هي تصور مُڙي ڪونہ سگهندو،
ڪُهين تون ڪُسان مان، مُناسب لڳي ٿو.
ڪُٺل کي ڪُهڻ سان هٿ ڪونہ ٺرندئي،
مُئي تي لتڙ سان، ڪجهہ ڪونہ ورندئي،
چورين تون، چُران مان، مُناسب لڳي ٿو.
چورين ٿو زخم تون، ڪچا هَن اڳي ئي،
جهلڻ تيغ تيغن ۾، سِکيا هن اڳي ئي،
چوين تون، مڃان مان، مُناسب لڳي ٿو.
چوين تون ڇڏي ڏي، ٻيا در ڌنڌولج،
اسان جي حُسن جو هي پردو نہ کولج،
کلين تون، کلان مان مُناسب لڳي ٿو.

اي دوست دل کڻي وئين، ڇا مون کي ڏنئي،

اي دوست دل کڻي وئين، ڇا مون کي ڏنئي،
وفا ڪندي بي خطا، جفا مون کي ڏنئي.
بي وفا تون ٿي وئين، ڪو ڏک مٺا ڪونھي،
پر غير سان گهمڻ جو، توکي حق سفا ڪونھي،
ڏوھ ڪھڙي ۾ صنم، سزا مون کي ڏنئي؟
ساري عمر توکان مٺا، ڪهڙو نفعو مليم،
گهر ٻار ڌن دولت عزت سڀ ڪجهہ صنم ويم،
هرهنڌ ويھي وفا عيوض، گِلا مون کي ڏنئي.
مانجهي امن مشڪل گهڙي گذري ويندي سڄڻ،
آخر دل پلي ويندم، سري ويندي سڄڻ،
جو ٿيو سو ٺيڪ پر صدما مون کي ڏنئي.

مِلي وڃ تون پيارا، ٻانہ ون ٻَڌانۡ ٿو،

مِلي وڃ تون پيارا، ٻانہ ون ٻَڌانۡ ٿو،
او صدقي خُدا جي سھڻا، آزيون ڪيان ٿو.
گهڻا حيلا وسيلا هلايم،
پنھنجو سمجهي توکي دل هي ڦُرايم،
کڻي هٿ توکي رُئان ۽ سڏيان ٿو.
اچانڪ اُمالڪ ڪيوَ ڇو جُدائي،
اسان سان نہ دلبر اوهان بس رهائي،
اوهان ريءَ سانول هِت ڪيئن بچان ٿو.
اسان اڳ توهان کان سِکيا هُئاسون سانول،
مگر دل اڙي وئي رُلايو تو رانول،
ڪري ياد ڳالھيون رُوان ۽ رڙان ٿو.
نہ پُڇڻ جي ضرورت، نہ لُڇڻ جي ضرورت،
ڏکن ۽ ڏولاون ڪئي مون سان پُورت،
امن پنھنجو سُور پنھنجي مُنھن سَليان ٿو.

جِسم جي طاقت، رُوح جي راحت دلبر وئي آ ڇڏائي،

جِسم جي طاقت، رُوح جي راحت دلبر وئي آ ڇڏائي،
لنئون لڳي ڪا يار اوهان جي، سا موت برابر آهي!
ڏينھن ڏکيو ٿو گُذري اڄ ڪلھ، رات بہ روئي گُذاريان،
رهيل زمانا ياد ڪري ٿو نيڻ اکين مان هاريان،
جاني آ ڪو جيءُ جياريان، سانول واڳ ورائي.
جيءُ جُکي ٿو، خدا ڏسي ٿو، ڏک نہ ٿو ماپي،
تن من تنھنجي تابع ڪيڙم، تو وير رکيو وڌائي،
واھ واھ ڍولڻ وِک ڀري آ، سينو وٺئون ڪو ساهي.
شھر سڄي ۾، ساٿي نہ آهي جو ڏئي دِلاسا دل کي،
دل جا دلبر دور نہ رھ تون، قُرب ڪر ڪو ڪُٺل تي،
امن رنگڙو لا ڪو يار وِصل کي، وٺ تون رمز رَلائي.

بي قراري جان ۾، جيءُ نِماڻو ٿو جُکي،

بي قراري جان ۾، جيءُ نِماڻو ٿو جُکي،
انتظاري ۾ مِٺا، ڏيل ٿو هر هر ڏُکي.
ٿو خُدا هڪ مونۡ ڏِسي، تو سوا ڄڻ رب رُسي،
دل سڄڻ تو ريءَ دُکي، ڪا دوا ڏي جِنۡد بچي،
دم وِڌو ديدونۡ سَٽي، مرض ۾ ٿو هانۡ لُڇي.
مان مران تان خون هي در سنئون دفنا نہ هي،
ڪر اهو اِحسان هي، پورجو نا جان هي،
مون ڏجو من مان هي من مِٺا ڪو ڪُجهہ پڇي.
ها صنم سي ياد ڪر جي ڪيا تو ها انگل،
تن مٿي ڪھڙي طرح تو ڏٺا منھنجا عمل،
پو تہ بس مانجهي امن دل لڳي ٿي سِر سٽي.

اچ تہ پيارا طئي ڪيون هي پيار جو مُفاصلو،

اچ تہ پيارا طئي ڪيون هي پيار جو مُفاصلو،
تون ئي آهين دِل جي وِنۡدُر، تون ئي آهين ڀرجهلو.
هر راھ سان هر غير ٿو واڪ ڪيو وِچڙي وِڙهي،
هر غير جو هي ساھ اُهمو، سؤ دفعا سھڪي سڙي،
ڇا پُڇان تن کان ويھي، ڇا توهان جو مسئلو.
دُشوار هي منزل هوندي آ، پيار جي پيارا پرين،
تون متان مايوس ٿي، اڌ راھ کان واپس ورينۡ،
سانگ پنھنجو آ سھانو، سونھن جو آ سِلسلو.
لال گوهر گهور توتان ٿي وڃن اي دِلنشينۡ،
تو سواءِ هت پل گُذاريان، سو پرين پلجان بہ ڪيئن،
پيار جو پاڻي تون آهين، دل منھنجي ڪچڙو سلو.
مانجهي امن مشڪل اچي تانۡ مُڙس ٿي من منھن ڏِجي،
ٻئي جو ڳِيجهو ڪنھن بہ حالت ۾، اصل بس نا ٿِجي،
جي امن اعتبار آهي پاڻ تي، تانۡ سڀ ڀلو.

سھڻا شابس هُجئي، تون پُڇين ئي نہ ٿو.

سھڻا شابس هُجئي، تون پُڇين ئي نہ ٿو.
مان ٿو دانہ ون ڪيان، تون ڪُڇين ئي نہ ٿو.
مون کي ڇا ٿي ويو، لِڱ هي ڇو ٿا ڏڪن،
منھن مان رت ويو سُڪي، ڇو ٿا دؤرا پون،
دل جو ڌڙڪو وڌيو، تون ٻُڌين ئي نہ ٿو.
مان ٿو ڦتڪان ڦران ڏس لُڇان ۽ پُڇان،
ڪي ڪُهڙ باھ جا ٿو تنينۡ منجهہ پچان،
تون تہ اُڀ تي ڪڪر ٿي وسين ئي نہ ٿو.
وري ساٺ سانوڻ سمورا ڪيا،
مون تي ظلم تو پنھنجا پُورا ڪيا،
جي وفائون ڪيم سي مڃين ئي نہ ٿو.
پنھنجي ڳوٺ وارن مذاقون ڪيون،
ڪن رکيو دل اندر، ڪن وڏايون ڪيون،
امن ڌيان پوءِ بي رکين ئي نہ ٿو.

پيا پور مون کي اڄ آڌي رات تنھنجا،

پيا پور مون کي اڄ آڌي رات تنھنجا،
وري ساڳيا سانوڻ ۽ وري ساٿ تنھنجا.
اسان جي اڱڻ تي جڏهن گوڙ گُونۡجي،
وسن مينھن ٿڌڙا، نيسارا وهن جَي،
طوفان جهڪ جي جِهرمر ۾ ڪھن ڪات تنھنجا.
حُسن جي تپش ۾ لحم لِڱ جُهري پيا،
جذبا اندر جا ڀورا ٿي ڀڄي ڀُري پيا،
وريا ڇو نہ مون ڏي هي جذبات تنھنجا.
جفا جو ڪُڻو ٿو پوي سِر اسان جي،
۽ غريبت رهي ٿي سدا گهر اسان جي،
ليڪن پوءِ بہ پيارا ڏسان گهاٽ تنھنجا.
جنھن سان اسان جي مُحبت ٿئي ٿي،
دُشمن جي ڄڻ ڪا ضرورت ٿئي ٿي،
سھان سِر تي جهيڙا ۽ ظُلمات تنھنجا.
امن چانگ مانجهي سدا سِر وسائي،
ڪڍي دل جون ڳالھيون نہ ٻئي کي ٻُڌائي،
سُجهن ٿا هي هيڻا هاءِ حالات تنھنجا.
ڪڻڪ جو کائي ان، پِيا ٿا عاشق مستيون ڪن،
ويلھو وِچڙي قِسمت سانگي تہ پِٽي پار ڪڍن.
سکڻو سانگو سُور برابر،
ان ڀٽارو نُور برابر،
کپي ٿي دولت ڌن
عاشق چئجن ڪينَ ڪي اهڙا،
کاڌي بِنا سي خُوني جهڙا،
ٻيائي کي ڪن نہ ٻن
ان بِنا ڏس سري نہ سھنجي،
گهڙي لڳي ٿي گهارڻ اَهنۡجي،
زُونۡ زُونۡ ڪن وڄن.
ان جو عاشق آهين ادا تون،
مُشڪل ۾ ڪندين وفا تون،
ڀلي سھڻا سڀ سُڻن.
پيار ڪرڻ آ پيٽ ڀرائي،
شعر چوڻ آ چريا چريائي،
اِهڙا سُڃا ڪيئن بار سھن.
پيار سچو اڄ ڪٿي لڀي ٿو،
هرڪو کائي پي ڪُڏي ٿو،
موج مزي لاءِ ماڻھو مرن.
بُک بيماري بُريون بلائون،
سچ چوان ٿو امن آئون،
وڳا ويس ڪينَ وڻن

پيار پنھنجو پرين آهي ڪڪر جي ڪڻي،

پيار پنھنجو پرين آهي ڪڪر جي ڪڻي،
جنھن ڪڻي مان، خُدا جي هي دُنيا بڻي.
ڪڻي ٿي ڪڻي ٿي تہ درياھ ٿئي ٿو،
سُڪل خوشڪ ڌرتي تي رکيل ٻِج ٽڙي ٿو،
چارئي طرف ساوڪ، ڀنئورن جي ڀُڻي
اِهي سمنڊ درياھ ڪڻي ريءَ ڪڙا،
ڪڻي جا هي ٻچڙا ڪڻي منجهہ پليا،
ڪڻي جي تون قيمت سگهين نا سُڻي.
ڦُڙهي هڪ مان ساغر جي ڇُلڪي ٿي ڇولي،
ڇولي مان ڪڪر ڪيئن ڀري اُڀ جي جهولي،
وري وس وسي پئي، مٿان ڀُونءِ گهڻي.
تنھنجو جيءُ جِياپو ڪڻي ريءَ ڪونھي،
بِنا آب مانجهي جيئڻ جيءَ ڪونھي،
صنم ري ائين بس ماريو ڏُک هڻي.

دل جَي ڪنھن سان اڙئي، ڪا خبر سُڌ پوئيڌ،

دل جَي ڪنھن سان اڙئي، ڪا خبر سُڌ پوئيڌ،
ڪو کِلئي ڪو رُوئي، ڪو چريو چٽ چوئي.
هڪ ملامت گِلا، غير گڏجي وِڙهن،
ٻيا ڏسو چُپ ڪيو ٿا اندر منۡجه جلن،
ڇا جو ڇا ٿا چون، ڇا ٻُڌايون چئي.
قدر ناهي ڪنھن سان، قِصا کولجن،
اکر ٻہ اندر جا سچا ٻولجن،
ٿورو سچ چوين تان، رهندو جِند اڙئي.
امن چانگ مانجهي اڄ وفا نہ ڪٿي،
پنھنجو خُود سنڀالج پنھنجي گهر سُتي،
سنگت جي وڌاءَ سان متان ڪو وِڙهئي.

اهڙو واءُ دلبر وري آ وريو ڪو،

اهڙو واءُ دلبر وري آ وريو ڪو،
ساٿي سڀ ڇڄي ويا، نہ مزو آ رهيو ڪو!
ننڍي لا جون ڳالھيون، ساريو خوب ساريان،
زخم دل جو ڪنھن کي، سڏي مان ڏيکاريان،
ڳالھيون دل جون دل ۾، چوڻ جو آ قِصو ڪو!
پرين پيار وارا وفائون ڇڏي ويا،
جدا ٿي اسان کان عمر لاءِ لڏي ويا،
ويندي راھ جاني، نہ اچانڪ رَلِيو ڪو!
انبن ٻور ڇاڻيا، ڪڻڪون لھي ويون،
ڪونجون روھ ڏي سي واپس وهي ويون،
ڏاڍو روح ۾ غم ڀرجي آ ڀريو ڪو!

پيارا پيارا، پيارا پرين دل پيار ۾ نہ توکي وساري،

پيارا پيارا، پيارا پرين دل پيار ۾ نہ توکي وساري،
دل دوست وئين دلبر ڦُري، سا رويو پُڪاري.
ڪي ڏينھن ها، سانوڻ وسي پَي ويرا وهايا، هاءِ هاءِ ويرا وهايا،
سي ڏينھن تون ترسيل هُئين، سا ياد پئي ڳڄ ڳاري.
هر روز جو منھنجو اچڻ ٿو توکي ٻُڌائي، پرين ٿو توکي ٻُڌائي،
منھن تي نہ ٿو ڪُجهہ چئي سگهان، دل دل ۾ ويچاري.
هڪ رات تون مون وٽ اچي، منھنجون سارون لھي وڃ، مِٺا منھنجون سارون لھي وڃ،
پوءِ امن مانجهي عُمر ويندو پنھنجي گُذاري.

حال منھنجو اِهو آ، جيڪو ٿو ڏِسين،

حال منھنجو اِهو آ، جيڪو ٿو ڏِسين،
مون کان منھنجا مِٺا، پوءِ تون ڇو ٿو رُسين.
ڪُٺو ڪنھن ڪُسي ويس، ڀلا ڪنھن ڪُٺو،
ڏٽو ڏئي ڪُٺو جنھن، نہ پيو تِنھن پتو،
هُن جو هٿڙو ٺريو، باقي ڇا ٿو پُڇين.
رُسين تون خُدا سون، خُدا وڃي رُسي،
پر جي پرچي پوين تان، خوشي سان خوشي،
عام عيدون جُڙن، جي نظر هڪ ڏسين.
وُٺا ڪينَ سانوڻ، تتل بر وُٺا،
ڪاڏي ويون بھارون، گُل وڻن کان گُٿا،
ٺاهين تون ٿو ڊاهين، جنھن تي هٿ رکين.
ڏسو باغ گُلشن ۾ گلڙا ٿا جهومن،
مِڙي ماڪ آئي، تن لاءِ عموما،
امن ڪيئن روئي ٿو، رُٺس مه جبينۡ.

ڪو ڦتڪي مري نہ نہ ارين،

ڪو ڦتڪي مري نہ نہ ارين،
ساجن سائين اهڙي ڇو ٿو دل ڌارين؟
نازڪ ناتو عرش چڙهائي،
محبت ۾ من منھنجو مُنجهائي،
گڏيو غيرن ساڻ گُذارين.
عيدون اسان پنھنجون تولاءِ وِڃايون،
تنھنجي غم کي گهر گهر ڳايون،
تون ايندي بہ ڪينَ کيڪارين.
توکان پوءِ بس يار نہ ٿيندو،
پنھنجي سِر تي بار نہ ايندو،
تون ياد ڪرين يا وسارين.
چانگ امن آ سادو ماڻھون،
تو لاءِ ڪڍي ٿو ڪُل جون ڪاڻون،
تون ڌار ڪرين يا ڌِڪارين.

مٺا مون کي تنھنجون شب روز سارون،

مٺا مون کي تنھنجون شب روز سارون،
ڪڏهن يار ايندين؟ ملن ٿيون معيارون.
منھنجو يار ٿيندين، وڌي مان ويندو،
اندر مان اوهان جو ارمان ويندو،
منھنجي توکي پارت، ڪجان پيو سنڀارون.
ٻُڌو ٿا جيڪي ڪُجهہ، ماڻھو اڄ چون ٿا،
اسان جي ڇِڄڻ تي، نچن ۽ ڪُڏن ٿا،
سچا پاڻ رهجو، ڪجو سؤ ستاريون.
امن چانگ مانجهي اوهان جو آ پنھنجو،
خُدا جو قسم ٿئو، سدا منھنجا رهجو،
رڳو گڏ گُهمون ٻئي، هجن خوش گُذاريون.

ڪانہ بارش وري ڇونہ بادل ٺھي ا،

ڪانہ بارش وري ڇونہ بادل ٺھي ا،
نت قُرابت رهي نہ سَي ماڻھو رهيا.
ڌڻ ڌنارن هٿان، ٽاھ کائي ڀڳو،
ڪونہ ڪاٿي رهيو، ڀُونۡ تي سائو سلو،
غم غريبت ڏُڪر، کِل ۽ ڊاڙا کسيا.
ٿر تي ڪڪري ڪٿي ڪا ڏسڻ ۾ اچي،
بوند بارانۡ وسي، بر ۾ رنگ ڪو رچي،
رات رِڻ ۾ رهِي، مون گُهري پَي دُعا.
اتر کان اوهيرن، اَڇاٽون ڪيون،
ڪڪر جي ڪنارن کان، ڇاٽون ڇِنيون،
وري گوڙ ور ڏئي، تلاءُ تڙ ڀريا.
الله سائين امن جون تون آسون پُڄاء،
رحم ڪر ڪرم ڪر، ٿي راضي خُدا،
گهڙي پل مارن کان، نہ ڪر تون جُدا.

تنھنجي واعدي مٿان اِعتبار ڪيم،

تنھنجي واعدي مٿان اِعتبار ڪيم،
توکي پنھنجو پڪو هاڻي يار ڪيم.
تون مون لاءِ آهين مان تو لاءِ آهيان،
تنھنجا ٿورا لکين تنھنجا ڳڻ ٿو ڳايان،
توکي پيارا ڳچي جو هار ڪيم.
تو منھنجي ڪري پنھنجا مائٽ ڇڏيا،
اهي ٿورا تنھنجا جو وتئون ٿا گڏيا،
توکي سمجهي سچو توسان پيار ڪيم.
تنھنجي اُلفت امن کي ٿي پياري لڳي،
توسان ساڻ آهيان ٿي بھاري لڳي،
تنھنجي برھ مِٺا بيمار ڪيم.

زندگي برباد ڪيئي، بي وفا شابس ٿئي،

زندگي برباد ڪيئي، بي وفا شابس ٿئي،
تنھنجي دل منھنجي هئي ٻئي کي ڇو ڏنئي؟
حال محرم تون هئين، تون منھنجي دل جو ڌڻي،
تنھنجي صحبت ساھ کي، هر وار وئي هر دم وڻي،
اڄ اهو ساجن ساڳيو، پر پيار جي ٻولي وئي.
ڇا ٿيو ٿم هاءِ هاءِ، ڪا گهڙي گُذري نہ ٿي،
پلڪ هڪڙي تو بِنا، پنھنجي منھن نِبري نہ ٿي،
بي حال مان لاچار آهيان، مسڪين ڇو ماري وڌئي.
تنھنجي خاطر لوڪ ۾ هيڻو سڀ کان ٿي رهيس،
تنھنجي لاءِ حال حاضر، توڙي مفلس ٿي ويس،
جا ڪيئي مانجهي امن سان، سا گهڙي وسري نہ پئي.

هڪ ظلم زماني جو، ٻيو يار رُسي ويو آ،

هڪ ظلم زماني جو، ٻيو يار رُسي ويو آ،
ڪٿي راحت هوندي ڀلا رهندو روح سڪي ويو آ.
اڄ ميڙ ڪري ٿا وڃن، سڄو راڄ وڃي رئندو،
پرين خيال ڪري اڄ آ، نہ تہ نوجوان مري ويندو،
پرين ڳالھ ٻڌي پيو چوي، اڃا تير گسي ويو آ.
منھنجون اکڙيون کولي چون اللھ اللھ معافي،
ھن درد پچايا ھَن پنھنجي قوت آھر ڪافي،
جڏھن درد وڌي ويو آ تڏھن ڌيان منجهي ويو آ.
منھنجون اکڙيون آليون ھَن ۽ قيامت سمجهان ٿو،
ڄڻ ڏينھن حشر جو آ ۽ شامت سمجهان ٿو،
قريب روئي ائين پيا چون، اڄ امن عاشق ڪسي ويو آ.

سائين ميڏا اڄ تون ڪِيوين آ پھتئين،

سائين ميڏا اڄ تون ڪِيوين آ پھتئين،
چُپ چُپ ڪر ڪي پاسي ميڏي وچ ڀرڙي گِهن آ ٻيٺئين.
تيڏي پُڇا هم روز ڪريندا،
رب دا قسم مين تيڪون سريندا،
اڄ گهمندا اڱڻ تي وتئين.
ٺار ڇوڙيئي دل، صدقه ٿيوان،
سِر جي کپئي تانۡ، گهور مينۡ ڏيوان،
جَي رات مينۡ ڪڻ رهندئين.
غير سڙن تون ڀاڪر پاءُ ٻہ،
مُنھن ڏي ميڪونۡ، مين نال الا ٻَہ،
اڄ واھ جو پيا ٺھن دئين.
مانجهي امن ڪونۡ تين اڄ ڄاتا،
نال نظر دَي صاف سُڃاتا،
تون سائين ميڏي سِردئين.

ڪَافِيُون

---

مون کي ياد پون پنھنجا ماروئڙا

مون کي ياد پون پنھنجا ماروئڙا،
جهانگي جهنگ ۾ رهن، جِيئَنَ جهانگيئڙا.
هُت مينھن وُٺا، ساوا گاھہ ڦٽا،
راتيون ٿر جون ٿڌيون، ڌينھن تہ ماکي مِٺا.
هلي هير ٿڌي، راحت روح سدا،
سانگي سانگ ڪندي، سُونھن سانگيئڙا.
مارو سادا سٻاجها ٿا رِڻ ۾ رهن،
ڏک سک ۾ سدا سرتيون ڪين ڇِڄن،
ونھنجي سونھن جواني تي ناز نہ ڪن،
هو پيار محبت جا پانڌيئڙا.
ڏسو رات جو ڪڪرن ڪاراڻ ڪئي،
کِنوڻيون ڪيئن ٿيون کِنون، وڄڙين ڪر ڪيئن کنئي،
ڦڙڦڙ پٽ تي پوي، خوشبو وس جي ڪري،
اهڙي جُهڙ ڦُڙ ۾ ماندا بانديئڙا.
وُٺي ڀِٽ تي، مارن جا مال چرن،
جن جا تڙ ۽ تلاءُ، وانڍيون وسنديون وسن،
آئي ويل تہ سِر جو سودو بہ ڪن،
سدا ست ۾ سگها اِمن جانيئڙا.

ٿر جي ٿڌڙي هوا ۾، وُٺي مينھن موٽان،

ٿر جي ٿڌڙي هوا ۾، وُٺي مينھن موٽان،
ڏِسان عُمر اباڻان، ڪڍ قيدي ڪوٽان.
عمر مُلڪ منھنجي تي، مکڻيون مانڌاڻيون،
وُٺي مينھن مُند ۾، ادا ڦيرون ڦولارون،
ميھي، مرٽ، ڇانھين جون پڪيون هونديون پوکان.
پون ياد هرهر، اباڻن جون ڳالھيون،
لاهيان نہ سِر تان، ڪنيسن وينگس واليون،
رُئان نِير هاريان، لِڪيو منجهہ لوڪان.
اِجازت گهران ٿي، آرام ڪونھي،
آڇين طعام مون لاءِ، اهو طعام ڪونھي،
وڃان ويڙهي اِمن چئي، رنجيو ڪر نہ روڪان.

ڪنھن کان ڪهڙيون پڇان تنھنجون ڳالھيون،

ڪنھن کان ڪهڙيون پڇان تنھنجون ڳالھيون،
تنھنجي نينھن ڪيون نيون نالڙيون،
نازڪ نازڪ دل جا ڪنڊڙا،
پيار جا سيڪا پِرت جا پنڌڙا،
آيون عشق جون آڏو اوڀالڙيون.
سانگ ڀهاني راھہ مسافر،
روح ۾ محبت، دل ۾ دلبر،
سدا رت رڱيون اکيون آلڙيون.
جِٿ ڪِٿ تولاءِ وتان ٿو ويڳاڻو،
پاڻ اسان جو حال ٿا ڄاڻو
ڪيو ڀال ڀلا ڪَي ڀالڙيون.
مانجهي امن آهي ٿر جو رهاڪون،
بھاني ڏٺو ٿم توکي جڏا ڪون،
ساريان سونھن جون سنڀالڙيون.

منھنجي اباڻن مٿان مينھن وسن ٿا پيا،

منھنجي اباڻن مٿان مينھن وسن ٿا پيا،
ٿڌڙا ٿر جا تلاءُ ڪيڏا ڀرجن ٿا پيا.
ڇنا ڇپر مَنھَ ٿي ٿڌڙا ويا، هلي هير ٿڌڙي ٿي مزڙا ويا،
ڇڇڪار اوهيرا وسندڙا ويا، ٻيا پورب کان اچن ٿا پيا.
ننڍا ڪڪر ٺھي وري وڏا ٿا ٿين، ڪڍي چوٽيون وري وسي ٿا پون،
ٿي لسا ميرانجها گجگوڙ ٿا ڪن، ڏِسو بر تي ڪيئن برسن ٿا پيا.
آواز اوهيرا اهڙا ٿا ڪن، سُسراٽ هوا جا پِيا ٿا ٻُڌجن،
اهي وڏڦُڙا مينھن ڪاٿان لڀن، جن لاءِ سانگي سِڪن ٿا پيا.
وري رات جو اوڀر ڏکڻ کان، چمڪار ڪيڏا ٿيا چِمڪن سان،
ڏسان ٿو مانجهي ڪُنگرا ڪڪرن جا، اسان جي ڳوٺ اچن ٿا پيا.

رُت سانوڻ سونھن سجائي، ميڪون ماريا صنم دِي جُدائي،

رُت سانوڻ سونھن سجائي، ميڪون ماريا صنم دِي جُدائي،
دل سوران تي صدميان سُڪائي، دونھين درد دُکا تي دُکائي.
سواءِ جاني دي جيءَ پيا جلدا، نھين روح ميڏي جهل پل دا،
روندا رڙدا وتان مين رُلدا، غم درد خوشي هي گنوائي.
آيا ڏيکھہ هي مينھن اُتر دا، اڇا اُجرا اوهيرا ڪڪر دا،
ٿڌا ڦيرا هوا دي چڪر دا، آندي ڪالي ڪڪر ڪون تہ چائي.
هُڻ آءُ تہ ڍولڻ جيسان، تيڏي در دا مين نوڪر ٿيسان،
ڪهڙيان نال تيڏي، ميڏيان ريسان، مل دور ٿيوي اهنجائي.
ٿڌيان ٿر ديان هوائين پيان گهلديان، ڏاڍيان راتين رس ڪر ٺرديان،
ٻھہ ڳالھين ڪرون ڪي دل ديان، اڄ آوڻ دي ڏي وڌائي.
چانگ مانجهي اِمن نہ وسارين، ميڏا ٻيڙا تون پار اُڪارين،
ميڏي ڊٺڙي سينڌ سنوارين، ڏيوين پيار دي ونڊ ڪا سوائي.

ڏِس خيال اندر جو کولي، تنھنجي روح ۾ رب ٿو ٻولي،

ڏِس خيال اندر جو کولي، تنھنجي روح ۾ رب ٿو ٻولي،
چيو پاڻ خُدا، نہ آهين اُن کان جُدا،
تنھنجي دل جي سدا، آهي رب جي ادا،
اُنھي ذات کي لھہ تون ڳولي.
تون پاڻ ۾ پنھنجو پاڻ آهين، پاڻ لاءِ پيو ٿو ڪاهين،
ڪجهہ جاچي تہ ڏس، پنھنجي پاڻ کي پس،
تنھنجي تو ۾ آ چس، تو ۾ ڪانھي ڪا ڪس،
ڏِس ڦول اندر جو ڦولي.
تنھنجي ذات صفات صفاتي، تنھنجو سير عدم اثباتي،
تنھنجي ذوق ۾ آهي ذوق ذاتي، جنھن پاڻ ۾ پاتي هوندي جهاتي،
اُن لنئون پڪي آهي لال لاتي،
توکي ڀُل نہ ٻي ڪا ڀولي.
جيڪو سِر صحيح ٿو سُڃاڻي، پنھنجي من ۾ موجون سو ماڻي،
ڀري پيغ ڏِئي جِئي لال جِئي، ڇو نہ مست ٿئي ساقي ڏئي پيو ڏئي.
مانجهي عشق جي اوٽ جي اولي.

جڏِي جِنس منھنجي ۽ اعليٰ اوهين،

جڏِي جِنس منھنجي ۽ اعليٰ اوهين،
ڏسڻ ۾ اچو ٿا نِرالا اوهين
برابر دنيا ۾ سھڻا لک گهمن،
مگر جِنس هن سان ڪٿي ٿا لڳن،
بيباڪ آهيو ۽ بالا اوهين.
رهو راضي جنھن سان، سو اڏجي وڃي،
ڇڏيو ساٿ جنھن جو، سو سٽجي وڃي،
هُجو خوش سونھن ساڻ شالا اوهين.
نسل هي نِرالو سُڃاڻو نہ ٿا،
خبر آهي مون کي، ٻيا ڄاڻو نہ ٿا،
دل جي ڏکن ۽ سورن جا ازالا اوهين.
اسان جي ڏُکن جي خبر ڪُل اٿوَ،
قسم سان چوان ٿو پڪي دل اٿوَ،
آهيو چونڊ موتين جا مالھا اوهين.
اِمن چانگ مانجهي ۽ گدا چانگ ٻئي،
اوهان جي حُسن جا ثناگر ٿئي،
سُڃاڻي ڇڏيو نام نالا اوهين

ٽُٽي دل وئي، ٻي سدا ڪانہ ٿيندي،

ٽُٽي دل وئي، ٻي سدا ڪانہ ٿيندي،
اوهان ريءَ، اسان جي دوا ڪانہ ٿيندي.
نڪو ٻئي کي چوندُس، نڪا ڪا ضرورت،
ڀلو ٿيو ڀلي ڪيئي، منھنجي ٿي وئي پورت،
مران يا بچان پر، دغا ڪانہ ٿيندي.
اُهي ڏينھن پنھنجا جي، گڏ ٿئون گذاريا،
سانوڻ هي سھانا، سرءُ سيءُ اونہ ارا،
اُها ياد دل کان جُدا ڪانہ ٿيندي.
محبت ۾ آهن اهڙا ڏينھن ڏِسبا،
سدا خوش رهڻ جا آهن خواب کسبا،
رهي گڏ گذاري گِلا ڪانہ ٿيندي.
اِمن چانگ مانجهي کي ڪندين ياد پيارا،
مون کي تنھنجا، توکي منھنجا ها سھارا،
دُنيا ۾ اهڙي ٻي وفا ڪانہ ٿيندي.

کِلندي سڄڻ کيڪار سان، اڄ خان سڀ کاري وڌئي،

کِلندي سڄڻ کيڪار سان، اڄ خان سڀ کاري وڌئي،
سونھن سان سامھون صنم، سچ ڳچ اندر ڳاري وڌئي.
وار تُنہ جا وار ڪن ٿا، وار تون وارڻ تہ سک،
نيڻ تنھنجا قِيس ڪن ٿا، تون تنھين ٽارڻ تہ سک،
ڄاڻ هوندي لاغرض ٿي، مُشتاق من ماري وڌئي.
گهاءُ گهاٽا جي اندر، سي جُکن جذبا اُٿن،
پُور اوٻر سان اُٿي، آڪاش کان اڳتي ٽِپن،
هانءُ ڦوڪون ڇو نہ ٿيندو، هاءِ هانءُ هاري وڌئي.
مون چيو محبوب منھنجا، موج ڏس مستي تنھنجي،
خاص خاوند خوب خلقي، هي حُسن هستي تنھنجي،
ساھہ صورت من سُڌير، ساھہ لِڱين ساري وڌئي.
عشق جي آيو اري، سو اُجهامي مري کري،
ٻيا ٻرڻ سڀ ٻي طرح، هن ٻرڻ ۾ جو ٻري،
اڄ اِمن تي هٿ ڌري، تونس سڀ تاري وڌئي.

صنم ويو، وري بس پُڇڻ ڪونہ آيو،

صنم ويو، وري بس پُڇڻ ڪونہ آيو،
هي هِهڙو حال منھنجو ڏِسڻ ڪونہ آيو.
گهڙي هڪ گذارڻ، اوکي انوکي،
سڄڻ ري ڏٺم ڪينَ، پلڪ پل ڪا سوکي،
ڪيو نينھن نشانبر، لڪڻ ڪون آيو.
پنھنجو وقت پيارا، مون صبر سان نڀايو،
ايڏو عشق آفت، سو پرتئون پچايو،
ڇڏيم روڄ روڊن، ڪُڇڻ ڪون آيو.
ڪيڏا خط نياپا ۽ قاصد اُماڻيم،
ڪيم سڀ جتن ۽ هر هربا هلايم،
ڪيم پاڻ پنڌڙا، ٽِڪڻ ڪون آيو.
اِمن چانگ مانجهي، هجو خوش سدائين،
اڱڻ من اسان جي، تون ڪڏهن پير پائين،
اُميدن سھاري هٽڻ ڪونہ آيو.

ڪونہ اڃان ڪو آيو، نہ آيو نہ آيو آخر دلبر درد سڄڻ تو رسايو.

ڪونہ اڃان ڪو آيو، نہ آيو نہ آيو آخر دلبر درد سڄڻ تو رسايو.
ڪنھن کان پڇان مون کي ڪانہ خبر پئي، ويھي رُئان ڪھڙو، ڪرڻي صبر پئي،
ڪيئن ڪيان ڏس ڪاڏي وڃان،منھنجي دل کي اهڙي درد اچي ڪنھن ورايو.
باھ بدن ۾ بڀڙا ڏئي ٻارئي، رب جو قسم منھنجو ھر ڪجهہ وڃائي،
پيارا پرين بس شابس ٿئي، مون کي ماري وڌئي تو جيڪو ڪيو سو سجايو.
مانجهي امن توکان پنھنجي دل پلي ويو، وري ڪيئن ورندو جيڪو دنيا ڇڏي ويو،
پارت ٿئي متان اھڙي دغا ڪنھن ٻئي سان ڪرين،تو منھنجو سر ھو وڃايو

گهري نظر سان نہ ار، سڄڻ تنھنجي سيني ۾،

گهري نظر سان نہ ار، سڄڻ تنھنجي سيني ۾،
سڄڻ تنھنجي سيني ۾، پگهر دل پسيني ۾.
پان کي پنھنجو پاڻ ۾ ڳولج،
ڀڃ هي ڳُجهارت، سُر سان کولج،
آهي بدن ۾ بھار، خُدا هن خزيني ۾.
تون ۽ تو ۾ ٻَولي ڪو ٻيو ڇو؟
ڪنھن جو آ پڃرو، ڪنھن جو آ طوطو،
قاضي ڪڇ ۾ ويھار، اندر جي آئيني ۾.
توکي آڪڙ هوڏ وڏائي،
اِها عمر وئي ايئن ٿي اجائي،
فاني جڳ جنسار، گهڙي پل مھيني ۾.
مانجهي اِمن چئي، پھہ کي تون پالج،
تون هي تون، جي ٻولي ٻولج،
تن ۾ تند هي تنوار، قلب جي قريني ۾.

ظلم زياده زوراور ٿو ضعيفن سان ڪري زوري،

ظلم زياده زوراور ٿو ضعيفن سان ڪري زوري،
ڪپي ڪيري ڪھن ڪجليون، قتل دل ٿو ڪري ڪوري.
بيهڪ آڏو تہ ابرن جي، اولارڻ تيغ جي نسبت،
ڪرٽي ڪاٽي ڪھن ڪاڪل، گهڙي پل سيگهہ جي نسبت،
نوايل سِر نظارن ۾، نشي سان پيغ جي نسبت،
سرگوشيون، الازاريون، وڃن ماريون تہ مان گهودي.
چوان ٿو قِيس ڪجلين جا، ٻُڌو ڪن ڏئي بُڌڻ وارا،
ڪيئي ڪي ئي خون جهٽ پٽ ۾، خاني سي خان ڌن وارا،
سامھون سٽ سٽ، سوين چٽ چٽ، ماڻھون مٽ مٽ ۽ مونجهارا.
هڻي وارا، اِشارا ۽ واري وارَي بڌن ڏوري،
ٿورو هٽ هٽ، ناهين تو مٽ، نہ ٿي سامھون، تون وڃ هٽجي،
جنين جي جهٽ آهي انڌلٽ، ڦٽن تي ڦٽ وڃي ڦٽجي،
وڏا ڪونڌر ۽ ڪم وارا، اِمن پارا ويا ڌڪجي،
گهمين تہ گهم ڏئي پاسا، ڪري چُپ مَپ چريا چوري.

منھنجا سھڻا سڄڻ پيو ٿو ماڻا ڪرين،

منھنجا سھڻا سڄڻ پيو ٿو ماڻا ڪرين،
مون کي ماري مِٺا، پوءِ پُڇاڻا ڪرين،
هِڪ تہ تنھنجي حُسن جو ٿو جلوو وڻي،
تنھنجي اکڙين جي اُلفت، اندر کي اُڻي،
مولا توکي ڏني سونھن سوڀيا ڳڻي،
پنھنجي حِرفت سان، عالم اياڻا ڪرين.
هي نزاڪت، ڪرامت ۽ جوڀن جُڙئي،
ونڊ ونڊيندي ڏِنئي، جنھن جڏهن بہ گهرئي،
تون آن ساقي سخي، ٿو خُدا رنگ ڀرئي،
پنھنجي اڻ کُٽ عنايت ٿو پاڻهان ڪرين.
تنھنجي در جا گدا، ويا ٿئي جهوليون ڀري،
پنھنجي من جون مرادون، ويا پوريون ڪري،
تنھنجي چھري ڏسڻ سان ملامت ٽري،
شوق اهڙا اِمن ٿو شاهاڻا ڪرين.

دُکي دل جي گهڙي گذري ئي نہ ٿي،

دُکي دل جي گهڙي گذري ئي نہ ٿي،
سوا تنھنجي صنم، منھنجي سري ئي نہ ٿي،
ڪيا ساٺ سانوڻ، ملھار ڏِٺم،
تنھنجي پيار ۾ پيار، اِقرار ڏِٺم،
سي ڪين وريا، جي وار ڏٺم،
ساڳي ڪر تہ دلڙي ڀري ئي نہ ٿي.
ڀلا ڪاڏي وڃان سوا تنھنجي صنم،
مون کي ماري ٿو،تنھنجي جُدائي جو غم،
تون آهين مون لاءِ، محبوب اهم،
منھنجي دل ٿو چوي، تون پري ئي نہ ٿي.
مان ياد ڪيان، ڳُڻ تنھنجا ويھي،
دل سونھن سان ساجن، تو آ ريھي،
ڪيان ڳالھہ ڳڻي، تنھنجي ڪيھي ڪيھي.
پرين پياس اِمن جي مري ئي نہ ٿي.

اي مِٺا ڪنھن کان ٻُڌان، تُنھنجيون مٺيون اڄ ڳالهڙيون،

اي مِٺا ڪنھن کان ٻُڌان، تُنھنجيون مٺيون اڄ ڳالهڙيون،
جَي ڪيون هرهر توهان، محبوب من جون مقالڙيون.
ڇو نہ ٿيو ڀل هيل سانوڻ؟مُرڪندي مون کان پُڇئي،
سئو هئا دشمن وچان، ليڪن ڏِٺا ڄڻ نا ڏٺئي،
هي دليري دوست تنھنجي ۽ چڱيون سڀ چالڙيون.
گوڙ ڪڪرن ۾ ٿي ڦتڪي، گونج ۽ چُر پُر گهڻي،
ٿيا مٿان ٿڌڙا اوهيرا، ٿر جي ڪن واهر گهڻي،
گاھہ گُلزاريون گلن ۾، ڇر مٿان ڇڇڪالڙيون.
ڪيئن ڇڄي هي ساٿ تنھنجو،ويو مون کان اڄ اوچتو،
ڪيئن ويھان ڪھڙي جڳھہ تي، درد ماريو جگر ٽُٽو،
بس مٺا قسمت منھنجي، هي ڀاڳ جون سڀ ڀالڙيون.
مانجهي اِمن مون ماٺ ڪئي، مسڪين هان ماري نہ ڪو،
بي گُناھہ منھنجي پُٺيان، ٻارڻ کڻي ٻاري نہ ڪو،
اڄ هيڻو هيڻو اٿوَ، ڏاڍي جون ڏُک ۽ ڏالڙيون.

سڄي جان جل ڳئي بدن ٿيا بيمار،

سڄي جان جل ڳئي بدن ٿيا بيمار،
حُسن سونھن ڪارڻ نشي هن خُمار.
نھين ماس هڏان تي لڱان تي لحم،
ڏُون چئون ڏينہ ان وچ عمر بس ختم،
ڏُکان ائونُ سوران دي ڪيھي هن شُمار.
دوا تي دُعا دا اِٿي دم نھين،
سڳي ول ڦيني دا ڪوئي ڪم نھين،
بچ جان پوسي، ٿيسي جي ديدار،
جگر دل جڏي ٿي، سُتا کٽ پيان،
بچ ڪون سگهسان، وڏي مٺ ميان،
ستايل ڪون رُڳا هي تيڏي ڪا سار.
اِمن بس خُدا دي وڏي رنگ عجب،
ٺاهي اي دُنيا هِس سھڻيان دي سبب،
اسان بہ گهمون پئي اُنہ ان دي آڌار.

ڪيھا رنگ ڪتئي، ڪيھي رنگ ڪِتي يار مُسافر آندا جِي

ڪيھا رنگ ڪتئي، ڪيھي رنگ ڪِتي يار مُسافر آندا جِي
لِيا لوڪون لِڪا، ساھ ميڏا سُڪا، رڳا پردا پرين هي باندا جي،
دُکي دِلڙي ميڏِي هي اُداس ڏاڍي، مِليا درد جِنھن ڪُون هَيڪاندا جي.
مَيڏا رُوح آکي پرين نال هووان، گهڙي گهڙي پِيا مين گهول وڃان،
پر يار پرين نھين قدر تيڪون، ڪيڏا ڏيک مينۡ تيڏي لئي ماندا جِي.
مينۡ مجبور پرين تيڏا صدقه وڃان، لک ظلم ملن تہ بہ صبر سھان،
توڙي ڪُس وڃان تہ بہ اُف نہ ڪران، نھين درد تيڏي وچون وال واندا جي.
امن گُذر ڳئي ميڏي عمر سڄي تيڏي پيار ڪنونۡ جا هي ٽڪر لڳي،
سا تہ ويسان نِڀا قبر توڙي، ميڏا پيار نھين تون سمانداجي.

وايُون

---

دُنيا جي مون جهڙن مُفلس ماڻهن جو آواز

دُنيا جي مون جهڙن مُفلس ماڻهن جو آواز ۽ سندن حياتي جا بي سواد لمحا

الف؛ اسان کي ٻوڙ گهرجي، کاڌو گهرجي، گهرجي گهر جي ماني،
نہ لک ٿا گهرجن نہ ڪروڙ ٿا گهرجن گهرجي عزت احساني،
ماني بن نہ سري جُواني، نہ بچپن پيري شهجاني،
ماني بن نہ پيري فقيري، نہ ماني بن مھماني،
ماني من جو قُوت قراري، ماني لاءِ دل مستاني،
ماني سواءِ ڇا خان ۽ خاني، ڇا ماني سواءِ دل جاني،
ريءَ ماني احساني ڇاجي، ڇا خوب خوشي کل خُواني،
کاءَ کپاءَ کل خوشي ۾، بنا خطري خوف تون جاني.

ب؛ بُک جي باھ آ بُڇڙي ڏاڍي، پيٽ کپي ان پاڻي،
انگ تي ڪپڙو، صابڻ سُرمون ۽ بِستر هنڌ وڇاڻي،
جيئري جيءُ کي سڀ ڪجهہ گهرجي، انڌي منڊي ڇا ڪاڻي،
پيٽ بُکئي کي ڳالھ نہ ڪنھن جي، سيني منجهہ سيباڻي،
نہ اُرھ اورائي نہ زيادتي، نہ عشق سندي اُجهراڻي،
بک جي باھ بري، مصيبت من ۾ متل منڌاڻي،
ريءَ ماني جي من نہ سرچي، دل ساڻي قلب ڪُماڻي،
ساري رات لُڇندي لُڇندي وسندي مينھن وهاڻي.

ت؛ تڪڙ کان ڪم نہ وٺ، هي هڪ لاءِ نہ اها ڳالھ آ،
مون جهڙن لکين غريبن گذر جو هي حال آ،
لڄ ڀرم رب سائين رهائي، اهوئي ڌڻي لڄپال آ،
لکندي لکندي آڌي رات جو، هي هانءُ جگر جو حال آ،
ڇا گذر آهي غريبي، سڀ کي منھنجو هي سُوال آ،
سڀ ٻُڌايان ٿو اجايو طلسم نڪي ڪو تال آ،
رت جي ڳوڙهن سان جسم لالي، لڳل جيئن لال آ،
ٻڌ ٻڌايان ٿو شعر توکي جو بحر وزن سان بحال آ.

ث؛ ثمر نہ ساڻ ڪو، جيئن پرندو پکي کولي ڳولي ثمر،
رڳو ٽڪر کائي رات جو، صبح جو نت نئون گُذر،
نہ انگ جي لاءِ اوڇڙ ڪپڙو، نہ کنڊ مٺايون کير و چھر،
نہ ٻڪر پُلاءُ نہ ٻوڙ ڀاڄيون، رهندو مٿان ڪاوڙ قھر،
سڀ ڪو سيٽيو وتي سيٽ مان، سئو سئو ڪري ان تي ڏمر،
اهڙي مفلس مسڪين تي، ناهي ڪائي رحم و نظر،
هي تماشو ٿو ڪهڙو ڏسان، غريب لاءِ اهنجو سفر،
هن جي حياتي تيل آ ۽ زندگي ڄڻ بي اثر.

ج؛ جٿ ڪٿ ڏسئون ٿا، جا بجا سادو ستايو ٿو وڃي،
دٻدٻي ۽ دام دولت سان، لُٽايو ٿو وڃي،
هر ادا ناقابل سندس ڏاڍو ڏُکايو ٿو وڃي،
هن کان هر ڪم بد عزت آسان ڪرايو ٿو وڃي،
پوزي ڏٽي ۽ دم دلاسي ۾ رهايو ٿو وڃي،
مظلوم جو سڀ پيار قرب ڦوڪي اُڏايو ٿو وڃي،
اي زنِ دولت حال دل توکي ٻُڌايو ٿو وڃي.

ح؛ حُسن و عشق غارت گري ۾ وقت نبيريو زردگر،
هٺ وڏائي ڏاڍ سان، خط وصل ۾ برد بر،
ڪنھن اهل نادار جي آهِ فِغان ڪيو درگذر،
ڊڄو نہ ٿا رب کان اصل، سئو سئو ڏيو سخن جبر،
ڇو لک مذاقون ٿا اُڏايو، ربُ جي ڏمر کان بي خبر،
نہ حق ادا انصاف سان، نہ صاف دل شام و سحر،
خون جهڳڙا جو روستم ابليس جي پاڙيو ٿا پر.

خ؛ خوف کان هردم وري هي حال هيڻا ٿا جلن،
بي زبان ڀوتار سان، سامھون ڀلا ڪجهہ ڪيئن چون،
سچ چوڻ سان سر ٽنگيل ۽ آڪھ سوڌا سڀ مرن،
بک مرڻ جي ڀئو ڪنان، پنھنجي زبان بند ٿا رکن،
ڇا ميارون رنج رسامون، ڇو ڀلا ڇا لاءِ ڪُڇن،
داغ دل جا دل اندر، سور سڀ سھڻا پون،
غم غصي غيرت اندر، ناصور ڦٽ اٿليو پون،
هي حال غربت جو ڏسي، چشمن منجهان ڳوڙها ٽمن.

د؛ دم بدم هردم ڏسو تپ ۽ بيمارين جو ڪلور،
گهر غريبن جي ڏسو ناحق وڏو آ، هي ناصور،
هي ناصورن کان وڏو، ناصور جيئن ڪھن ڪي گهاءٌ گهور،
هن سوز غم مذڪور ۾ چئو طرف آهيان چڪنا چور،
يا خدا ! ڪهڙو ظلم هي، ڪهڙو ڀلا آهي قصور،
تون الله سڀ جو ڌڻي، تون ئي ساھ منھنجي جو سُرور،
تون ڇڏاءِ هن تنگ غم مان، اڄ سُڀان مون کي ضرور.

ذ؛ ذوق هي ڏس ظاهري، اهڙي طرح اهڙا ٿا ڪن،
نيڪ نيتي ساڻ ڏسندين، بربر ظلم جهڙا ٿا ڪن،
کائي کپائي گهر جو گهر ۾، عشق غم گهرا ٿا ڪن،
چِچ غريبن جي ڪکن ڏي ترڇي نظر پهرا ٿا ڪن،
پيٽي پِٽيا هي بي ظرف،هي ڪم ڏسو ڪهڙا ٿا ڪن،
هي ظلم ۽ هي ستم، جٿ ڪٿ ڏسو برپا ٿا ٿين،
تڏهن تہ ڪڪرن مان ايڏا، وڄ جا وڏا ڪڙڪا ٿا ٿين.

ر؛ روح پرور ڳالھ چئجي، سچ ڏُکيرو ٿو لڳي،
ڌڪ هڻي ماري وجهو، ڏاڍو چڱيرو ٿو لڳي،
مرڻ مهڻو ناهي مون لاءِ، حق نبيرو ٿو لڳي،
ڇا نوڪري پاڻي بہ بند، سُنسان ويرو ٿو لڳي،
سچ واري جي چوطرف، هي گهرد گهيرو ٿو لڳي،
شعر ان جو ٻول ان جو، سڀ ٽول ميرو ٿو لڳي،
ٻُڏي مرو ڍڪڻي اندر، جي کوھ انڌيرو ٿو لڳي.

ز؛ زرد رنگ منھنجو ٿيو، هي چال چالاڪي کي ڏسي،
ڳالھ هڪ ڪم ٻيو، هر هڪ ٻٽاڪي کي ڏسي،
پيا مري، نہ مڙس ٿيا، رشوت چٽاڪي کي ڏسي،
سڀ ڪم پيسي ساڻ ڪن، اڪثر اوشاقي کي ڏسي،
هردم هرڪي هُج رکن، مٺاڻ ماکي کي ڏسي،
مايون ميڙيون ڪاهيو اچن، ڪو مُڙس اوطاقي کي ڏسي،
کاڌو کپي، لئي کپي. گهمن چريا چاسي کي ڏسي،
اهي بہ ڪم ڪن زردگر خوبرو ڪا خاشي کي ڏسي.

س؛ سُرت و سما هردم، رکو گهرو گهڻو غمناڪ جو،
دل ٿو رکي سيني اندر، هي بہ ٺھي ل آ خاڪ جو،
سک مزي ۽ عيش ۾، تڪبر رکين ٺمٺاڪ جو،
مولا سنديون هي سڀ وڏايون، جو مالڪ سڄي لولاڪ جو،
ڇانو وڻ جي ناهي هن لاءِ، تون مالڪ محلات جو،
سوڙ رلي اوڍڻ بنا، سيءٌ ۾ سمھي هر رات جو،
ان جي مٿان آلاڻ سردي، پهرو لڳل جيئن ماڪ جو،
شل مالڪ ڏسي ٻاجهون ڪري ربُ آ زمين افلاڪ جو.

ش؛ شاهي بادشاهي سئو سڪندر سڀ فنا،
سڀ ويچارا ويا وهي، هت ڇا رهيو آ رب ڪنا،
موت ماري سڀ مڃايا، مانجهي گوهر گهاتو گهڻا،
ڇا ڏسيان سڀ ڪجهہ ڏسو ٿا، خود پنھنجي اکڙين اڳيان،
هڪڙا اچن ٻيا ٿا مرن، ڪهڙا قصا ويھي کڻان،
انبياء سڀ اولياء درويش رب جا ڇا چوان،
سڀ مٽي موٽي هليا، ربُ جي طرف راھ روان،
ڪنھن کي ستايو ڪين ڪي، سمهندئو آخر سامي سنوان.

ص؛ صفائي دل سندي، هر کوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن دوشيزه سون پائي ڪن ٻوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن ملم ڪُني زخم جي چوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن بارش ٿر بر اندر اوڻاٺ پوري ٿي ڪري،
۽ گهر شھر در جي اڳيان، پالوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن هٿ مزدوري املاڪ جي هر ٽوٽ پوري ٿي ڪري،
اهڙي طرح املاڪ جي هر جوت پوري ٿي ڪري،
اڻ سمجه آدمي لاءِ هر ڳوٽ پوري ٿي ڪري.

ض؛ ضعيف سمجهو ڪين ڪي، اسين مڙس آهيون مردمي،
ڪين ڏسندئو ڪانہ ڪا، ڪائي اسان ۾ ڪا ڪمي،
غيرت، عزت ۽ آبرو، حُسن حليمت هردمي،
قرب واري قرب هردم، رُخصت ڪيون ٿا هٿ چُمي،
باقي گناهن سان گُذر آ، دور دنيا دم دمي،
سو خود خدا معافي ڏيندو، صدقي مُحمد هاشمي،
غريب پرور بيڪسن تي، مُشڪل ڪيو ڪا خاتمي،
هن جي دُعا اڪسير سمجهو ۽ ڪيو ڪا سخاوت حاتمي.

ط؛ طلبون لک سنديون ناهن اسان کي يا خُدا،
کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهہ تہ گهرجي، ڪجهہ ثمر ۽ سڪا،
ٻئي حاڪم سندو محتاج مون کي ڪين ڪر تون نورالهُديٰ،
دُشمن منھنجو، منھنجي جسم کان پرور پري ڪر علحده،
مون ڏٺا جاچي دنيا جا زردار پيٽي کرپٽ وڏا،
سي غريبن لاءِ ظالم، بي رحم ۽ بي وفا،
ڪوڙا ڪنجوسي واعدي خلافي بي مزاجي انتھا،
سي ڀل اڄ ڇا ڪندا، ڪلھ نہ جي مون سان ٺھي ا،
دل غريبن لاءِ سڙي ٿي، جي هردم رهن حق کان جُدا.

ظ؛ ظالم راشي نڀاڳا، وڏا وات ڦاڙيو ٿا گهمن،
لعنت انھن جي سر مٿان جو مسڪينن جو رت ٿا پيئن،
مجبور ماڻھو ڇا ڪري، آخر ٻارا ٻني جا مُلھ ڏين،
نوڪري جي نااميدي پئسو ڏئي پوري ٿا ڪن،
پوءِ بہ آهي يانصيب روزي ملي يا ڌڪ ڪڍن،
پيو ڏٽي ۾ وقت گذري، اڄ سُڀان جا ڪن وچن،
حق وارا انصاف وارا آخر چڱا بہ ڪٿ رهن،
هي حال دل جو نالي خدا، ٻڌي ڀلا ڪا لٺ کڻن.

ع؛ علم آيو انگريز جو، نہ اسلام کان رُڪجي وڃو،
جاڳو اُٿو ڪجهہ ڪيو، نہ واٽ تي رهجي وڃو،
نوجوان سڀ نااهل ۽ ڇو بي علم رهجي وڃو،
سائنس اٿو قُرآن ۾، سياڻا ٿي سُلجهي وڃو،
صندرا ٻڌي ايمان سان، طاقت وڏي بنجي وڃو،
پڙهو پرايو هر هڪ علم، بدوش ڪنان پلجي وڃو،
سلام بدران ”هيلو “چوڻ، نہ اهڙا چريا چٽ ٿي وڃو.

غ؛ غافل رهياسون دين کان، بي دين غلبو ٿو ڪري،
هي حال ويران ڏسي، دل ٿي منھنجي هردم سڙي،
نوجوان ناز سان جيئن انگلش ٿو پڙهي،
جي پڙهي قرآن ائين، ڀاڳ پُٺيرو يڪدم وري،
انگلش پڙهو، عربي پڙهو، پڙهو فارسي بہ ڏس ڌيان ڌري،
سڀ پڙهو ٻوليون مگر ڏسو ڌيان عربي ڏي ڌري،
جنھن ٻولي ۾ قرآن آ، سا رب ڏني امانت ڪري،
ان کي وساريو ڪين ڪي، بنا جنھن، ٻئي جڳھ نا سري.

ف؛ فيراڪي آهيان گهڻو، جيءُ جڏو جالي نہ ٿو،
هن دنيا ۾ غريب مفلس پيٽ پالي نہ ٿو،
ڇا چوان تقدير جو ڪم هي، ڀاڳ بي ڀالي نہ ٿو،
غريب پنھنجو سر سلامت ۽ ساھ بي سنڀالي نہ ٿو،
دل کٽي ۽ روح تنگ کلي خوش ٿي نہ اري نہ ٿو،
غربت هڪ آهي مصيبت، رب اڃا ٽاري نہ ٿو،
رب رحيم ۽ ڪريم ۽ رزاق ڏئي روز پچاري نہ ٿو،
سوئي مالڪ، سوئي خالق، عيب جو اُگهاڙي نہ ٿو.

ق؛ قسمت ساڻ ڪو امير صالح ٿو لڀي،
غريب لاءِ ٿو پتوڙي سو هر طرف کٻي سڄي،
ان جي عظمت محبت لاءِ ٿو هردم ڀڄي،
الله جو ٻانہ و تون سمجهين، جو جيءُ جان ۾ هن لاءِ جهڄي،
تہ غريب ڪا روزي رسي ۽ ڪنھن منزل مقصد تي پھچي،
اهڙي ماڻھو لاءِ هردم دعا دم دم پئي ٿي ڪجي،
پوءِ ڪجهہ ٺھي يا جو ٿئي احساس دل ۾ تان هجي،
امن هر ماڻھو کي پيار محبت ۽ وفا جو ڏس ڏجي.

ڪ؛ ڪسوٽي ٿا رکن دولتمند گهڻي يتيم سان،
پٺڀرائي يا مدد ڪين ڪن مسڪين سان،
هي ڪهڙو رواج بدتر اُٿيو، محبت ناهي دين سان،
ناهي مُروت مفلس ماڻھو ڪاري ڪوجهي ڪين سان،
بي سُري ۽ بي اثر رانجهن ڪيئن ريجهي چنگ بين سان،
جُنگجو ڌُريون جي ٿيون وڙهن، نہ ٿيون ريجهن ٺھن امين سان،
هرڪو منھن پنھنجو رکي، نہ ٿو حال اوري ڪنھن غمگين سان،
امن مرد ٿو تڏي ٿُوڻي سان ٺھي ۽ سمنڊ ٺھي زين سان.

ل؛ لک لک ڀلايون رب سنديون جو پالي پالڻهار،
نڪو عيب اُگهاڙي اڳيان نڪو رُسوا ڪري خوار،
بنا سبب جي روزي بخشي، ڪيون قُوت قرار،
سو مالڪ مھلت ڏيندو، ڪلمي جي آڌار،
شل ٻاجهيندڙ ٻاجهون ڪري، ڏيھن جو ڏاتار،
ڏئي پڇاري ڪين ڪي، سو سخي رب ستار،
جو صحت بخشي سرور بخشي سڀ سندس اختيار،
ماري جياري جڳ جو والي جو جانب جيءُ جيار.

م ؛ معياري ڪين ڪنھن جو هي جڳ وڏو جالار آ،
سر جي بلا جيئن سر مٿان، سر سندو سر بار آ،
وقت وهندڙ آ درياھ، ڪنھن جو نہ تنھن انتظار آ،
اڻ سمجه هي آدمي،قسمت ڪنان لاچار آ،
ڪو چڙهيو چوٽا هڻي، ڪو ڪريو اندر ڪنھن غار آ،
ڪنھن کٽيو هي کيڏ کيڏي، ڪنھن کاڌي هتان سڀ هار آ،
هي مڪان، هي جهان، اورانگهي وڃڻ دُشوار آ،
امن ڇڏ هتان تان هُت ملي، هي سڄڻن سندو اقرار آ.

ن؛ نالو ۽ نشان ڪين ڪنھن جو ڪو رهيو،
جو ٺڪر ٺُڪجي ٺھي و سو ڏسو آخر ڊهيو،
موت کان پوءِ ڪنھن اٿي حال دل جو نا ڪيو،
هي بحر آ اڻ ڏٺل ان لاءِ ڌڻين ڌوڻي چيو،
گڏ ڪيو ان ڏينھن ان لاءِ جو اوکي مھل ٿئي ڀرجهلو،
ڌيان دل جو اي ستمگر پاڻ ڏي تان ڪجهہ ڌريو،
پاڻ ڪنھن نہ ڪم جوڳا ڇا اسان ۾ آ رهيو،
بس امن رحمت خدا جي ۽ توبھ سندو پيو آ در کُليو.

و؛ وارث ولھين جو واهرو محبوب مدني آ سندم،
ڪبير ڏوهي آهيان ڏاڍو، مولا شفا معافي ڪندم،
هي حال ٿيا بي حال منھنجا، من مونجهاري ۾ منڌم،
توفيق رب بخشي سندم جو سر هجي سجدي ۾ خُم،
لاالٰه الا الله محمد رسول الله، ايمان سين نڪري هي دم،
بخشش هي مولا سندي هر ڏوهي مٿان آڻي رحم،
برحق بدتر بدعمل آهيون اسين، ابتا اسانجا سڀ ڪم،
مغفرت معافي ملي وٺ خدا جو نالو اسم.

ھ؛ هجت ساڻ ڪنھن جون تون پچارون ڪين ڪر،
هرڪو قبر پنھنجي ڀري، اجايون مذاقون ڪين ڪر،
خاڪ آهين مٽي مثل، وڌي وڏايون ڪين ڪر،
ڇڏ ادا ٻئي جي پچر، اهي سچ سڌايون ڪين ڪر،
پاڻ پنھنجو خود سنڀالج، ٻئي لاءِ پُڄايون ڪين ڪر،
غريب پيءُ جو پُٽ آهين، ناز نٽ ادائون ڪين ڪر،
پيٽ لاءِ سائل ڪين ٿي، در در سدائون ڪين ڪر،
سودو سر جو سر سونھين، سر نوايون ڪين ڪر.

ء؛ الف جو اکر پڙھ، سدا اوشاق ٿي،
حسد ڪيني کي تڙي، محبت سندو مشتاق ٿي،
جو لکين پڙهين تان ڪر عمل، نہ حرص کان هلاڪ ٿي،
ابليس جي دوکي دولابي کان گهڻو چالاڪ ٿي،
هي دنيا سمجه سياڻا، مومل واري ڪاڪ ٿي،
جي بچي چڙهئين امن چوي بهشت ۾ اوطاق ٿي،
اچڻو وڃڻو آخر فنا رهڻو، نہ سدا لولاڪ ٿي،
حرص و حوس دنيا جي رنگ کان بنھ سفا بي باڪ ٿي.

ي؛ ياد ٿو اڄ ڪيان گذريل زمانا سال ڪي،
تہ ڇويھ ورھ گذري چڪا، هن زندگي جي حال کي،
خدا مشڪل آسان ڪري، ٽاري غربت وبال کي،
غازي گناهن کان بچائي، ڇڏيان شيطاني چال کي،
جي اڳتر چڱو الله ڪري ڇا ڪندس ڌن مال کي،
پر محتاج ڪنھن جو ڪين ٿيان، هي سوال آهي لال کي،
سخي سخاوت جو ڌڻي، م موٽائي منھنجي سوال کي،
ياد رکج اي امن مانجهي، قادر ڌڻي لڄپال کي.

سي حرفي بحر رِندانہ

(جنھن ۾ ڪجهہ ساراھ رب القدوس ۽ حُسن جمال يار ۽ روحاني تصوف جو رنگ چسپان آهي)

الف؛ الله ميڏا بي پرواھ جيڪو والي جڳ جلالي هي،
ثواب دي نہ ڦولڻ والا، جي رب ميڏا رحماني هي،
بي پرواھ، بي مثل هر ڪنھن دا رکوالي هي،
امن اٽي وچون وال ڳولڻ والا قهار واحد والي هي.

ب؛ برھ دي بات وڏي، رب آپ ايوين فرمايا،
معشوق محمد عاشق الله، صلوات دا رکدا سايا،
راھ حليمت حق والي، امن ساڪون ڪلما پاڪ پڙهايا.

ت؛ تاري ستاري گهور وڃن، شمس قمر هنجه هوران،
ابا، امان، چاچي، ماسي هر شيءِ دُنيا دي موران،
قربان ڪران تيڏي قدم مٿون، خوشبوء جوت ڪافوران،
آکي امن صدقي وڃان پتنگ وانگيان جي ڏيکين نظر هڪ نوران.

ث؛ ثابت ميڏي تقدير ويکو، دل دلگير هجر دي حال اندر،
حال ميڏا بي حال ٿيا، انھن اهنجي جڳ جال اندر،
سواءِ يار سڄڻ صنم محبوب دي، قرب دا سمجهان قال اندر،
امن مل جڏان محبوب پووي، ٿيون ڀلايان ڀال اندر.

ج؛ جلال شاهي دُنيا داري نہ طلب طعام شاهانا،
نہ دولت ڌن جا مجنون ڪري، نہ لک ڪري بيمانا،
الله رسول دي رحمت برسي، آباد رهي مئخانا،
امن قيامت ڏينھن پاڪ پيغمبر تسيان پلائي پيمانا.

ح؛ حڪم ڪري رسول ميڏا، آڱر اشاري قمر ڏون ڀاڱي،
رب دا راز محبوب ميڏي تي، لٿا مٿون فُرقان اي،
جن بشر حوران ملائڪ، نوڪر تيڏي دربان اي،
ڪوثر ڪونين ونڊ ولاوڻ، ڏينھن حشر دي اهو شائق تيڏا شان اي.

خ؛ خبر ڪيھي ڪنھن باطن درد دي، اي رمز روح رنداني،
مستان موج من سونہ اوي،جنھن ڪون فڪر ڪتا هي فاني،
الله اندر وچ ڳول لڌوني، تن ڏيون قرباني،
امن راز ڳجهي ڪون رب آپ ڄاڻي جتان اُجلت نھين انساني.

د؛ دم دم اندر ذڪر خُدا دا، اندر الله ڏٺوني،
ڪعبہ قبلا مُرشد مُعليٰ، آواز اندر دا پڇوني،
فنا بقا دي حال ڪنون، منزل الڳ ادا ڪتوني،
امن اي ڳجه ڳجهارت عجب عجائب رستا ڀلا ڳڌوني.

ذ؛ ذوق ضروري ڪُسڻ ڪڙي دا، عاشق عيب نہ سمجهن،
تن من تابع اڳواڻ عليعه، اوشاق فڪر سُونہ اون،
راتيان ڏينہ ان تياري اُنہ ان دي، مرد ميدان ملھاون.

ر؛ رخ ماهي دا تاب تجلا، جوت ويکو جبراني،
عام اکيان دا دام پوندا، ذلف ٺھن پيشاني،
لال گُلابي لب پرين دي، آواز شيرين شهجاني،
امن پير پِنٽوئڙِي ننڍڙي ڀلڙي، دل موج ڪري مستاني.

ز؛ زهد تقويٰ طارق ڪتي، عاشق جوش جيءُ جلاون،
اندر تقويٰ، اندر عبادت، روندي رب ريجهاون،
من تنہ ا روز رندان دا، او ناپيد پنڌ پڇاون،
امن آکي فيض اندر دا، مُرشد معليٰ او خُفيا خوش گذارن.

ض؛ ضعيف جگر جنون ڪتي، طلب حُسن دي تاب موهيا،
ابرو سيف ڪ اولار عجيبا، اهين ناز تيڏي نقاب موهيا،
نين صنم دي جند دام گهتن مٺي مام اندر مهتاب موهيا.

ط؛ طلب اندر وچ محبوب سڄڻ دي هر دم حُسن دا جوش رهي،
پياس آساس ميڪون دم دم، بنا دلبر دي دل بيھوش رهي،
اسم جسم دا خيال فھم گهن، اهين خيال اندر دل خاموش رهي،
امن جذبا روپ اُڪير اندر دي، سدا دلبر سنئيان دا دوش رهي.

ظ؛ ظلمت ڪَدي وچ ظالم اپڻان، جڏان ظلم زيان ڪريسي،
ڪلفت ڪِتي اهنڪون ڪل نہ پوسي، جُوٺا جڳ جهان اکيسي،
جو ڀي عمل جيڪو ڪريسي، تنھن دا اجورا آڻ لُڙيسي،
آکي امن خُدا دا خوف ڪريجي، جيڪو ڏينھن محشر گُناھ پڇيسي.

ظ؛ ظاهر محبوب دا ديدار ويکڻ، هڪ هوندي مُشڪل بازي،
جنگ اندر دي غازي لڙدي نھين تي، نيڪ نمازي،
نيت جِنہ ان دي صاف هوندي، تنہ ان روح ڀانوي آزي تي نيازي،
امن انہ ان صنم ويک جشن ڪِتي، جِنہ ان رکي فڪر دي فياضي.

ع؛ عيال جِنہ ان دا سائَي پلدا، سي تہ هوندي رحم رحماني،
عيش خوشي لاءِ ڏيندي دولت، ٻي رکدي عام ڌياني،
بِنا مطلب دي خوراڪانۡ کنۡويندَي، هڪ قُرب رکن ٻي قُرباني،
امن نال سدائين نَيڙي رهندي، پل نہ رهندي پريشاني.

ع؛ عشرت عيش ختم رکن، جيڪي جيون ڪاڻ ڏُکان دي،
ڏُک دي سمائي، ڏُک دي هَيرڪ، او رهندي نہ ساٿ سُکان دي،
نہ پيوڻ کاوڻ نہ کِل الاوڻ، او ڏاڍي سُور بُکان دي،
امن قُرب دي قيمت ماڻ او ڄاڻن، جيڪي طلب نہ سو لکان دي.

غ؛ غافل دل دي غير نہ اُماڻن، نھين ثابت قدم سولي،
نہ سِڪ سياپي سار سڄڻ دي، نہ ٻاجه والي ڪا ٻولي،
سدائين ٻيائي ظاهر باطن، اِنہ ان بات بِرھ دي نہ ڦولي،
آکي امن رب پلو رکي، چاهي هووانۡ ڪوجهي ڪُولي.

غ؛ غم اندر دي ڪنھن ڪون سُڻاوان، نہ حال دا هوندا ڀائي،
سڀ ڪو اپڻي سُور پِٽيندا، دل طلب طعنيان هَي ٿائي،
امن سڀ ڪو ساٿ ڇوڙ ڳيا، وڃي رهن تن تنہ ائي.

ف؛ فِڪر رکيندي فنا والا، بقا فنا وِچون ماڻن،
جيوين رو رو رب ريجهاون، تيوين تيوين عيدان ملاون،
خيال هيٺاهين دا گهن ڪي کڙي نياز و آزي الاون،
امن منصور وانگي نعرہ مار ڪي نہ سڱ سيا ڪِه پُڇاون.

ف؛ فنا بقا دي حال دا ڪوئي، واقف قول ڪون پالي،
باقي جِينۡدا جڳ وچ جيوڻ ڪارڻ ڏُکيا سُکيا جيءُ جالي،
ڀلا ڪيھي روشن روح سي ڪريسن، جَي رُوح اندر دي ڪالي،
امن موجان مھمير ماڻ اهي ڳئي، جيڪي دنيا ڪارڻ نہ ٿئي ڌالَي.

ڪ ؛ ڪنھن دا جڳ جهان اکيجي، ڪنھن دي هُنر هن هٿراڌو،
ڪنھن دا جڳ جهان اکيجي، عالم علم پُڇاوي تي سنگت رکيندا ساڌُو،
سڌ راهي تہ سياح اکيجي نت هر ڪُل من دا مُرادو،
امن ڪيوين ڳول تي ڪيوين ڦولون، اي دُنيا طلسم جبري جادو.

ل ؛ لال من دي اسباب اِهي، پيار وندا ربُ منيسي،
هر هر فڪر الله مولا دا، او رُوح دا رنگ رچيسي،
نہ طالب دُنيا نہ طلب نفس او پِرتئون پوھ پُڇيسي،
مُحمد پاڪ پسڻ ويکڻ دي من مُرادي مردَي گهڙي نہ ڇُڙيسي.

م ؛ مام مُحبت دي عجب هوندي، جنھن دي نظر هوندي قُرآن اندر،
اهي مراد من دي ڳول ڪي لهندي، امانت هوندي جنھن اِنسان اندر،
اوڙي پاڙي خوش پيا وسسي، هر لحظي هوندي ايمان اندر،
امن درد دل دا صبر نڀيسي ڄڻ نينھن نہ هوندا نِشان اندر.

م ؛ مينۡ دي ٻولي من وچون نِکيڙ، پِڇي ڏيک تون مِٺي رب ڪون،
جملي فرق فنا ٿي ويندي، ڪونہ پُڇي مذهب ڪون،
ادب علم مُريد مطع رهن، هوندا قرار قلب ڪُون،
امن تڪبر تن جنھن دي هوسي، اهو ماڻ نہ سگهي عنبر اشهب ڪون.

ن؛ ناز تيڏي پئي راز سُڻون، شهباز سڄڻ تيڏيان نينانۡ،
ديدار تيڏا دل بھار رکي، ول ول آزار رکن تيڏيان عينانۡ،
عينانۡ دي تيز ڪٽاري ڪپ قلب رکيا،ڳِيان چاهت گُذر سڀ چينانۡ،
امن عجيب دي درشن لئي، در ڦِري اي مست موڳي من مينانۡ.

ن؛ نام تيڏا سُڻ عجب هوندئَي، ميڏا رُوح سٽان ڏي سِڪدا،
هردم ميڏي من اندر، تيڏي قُرب دا ڪانَ پيا چِڪدا،
دل اکيندي نہ دُور هوين، ڀلي لوڪ سارا وڃي ڦِٽدا،
آکي امن مين ڀي وقت سنبهل دا، نھين رات هڪ تون ٽِڪدا.

ن؛ نُقطا سُڃاڻين نام والا، نام مٿي سِر ڪونۡ جُهڪا،
اِهين نقطي نام دا غلام رهين، نت نينھن ڪون دِل وچ آڻ ٽِڪا،
ٽِڪا نہ چا نافرماني والا، نہ فيراق فِڪر دا خيال فِٽا،
امن سمجهڻ لئي چار ڪن کپن، جيڪو مين هي زِندان دا رنگ ڏِٺا.

و؛ وسڪار ابر دا آڻ وُٺا، موسم مُند بھار لڳي،
مچ ڳئي گاھ گُلزار ڀِٽان تي، ڦير ڦِڙهي هي تار لڳي،
ٿڌڙي ٿڌڙي هوا پئي هلدي، ميڪون ساجن تيڏي سار لڳي،
امن واھ جو رنگ رنگي دي، سمجه ميڏي ٻُڏتار لڳي.

و ؛ وسڪار ابر دا آڻ وُٺا، پر ڦاس ڳِيان ڪنھن ور وڪڙ اندر،
عينانۡ پاون ڌار ڪجل دي، آندا دِل ڪونۡ چڪر اندر،
چڪر فڪر پهر چارئي، نھين آندا ساھ ڪون صبر اندر،
پرين تڏان ڦتڪارانۡ چُونۡ جِند ڇُٽسي، جڏان ميت ويسي قبر اندر.

و ؛ واءُ گهليا ڪُنڊ پُورب پڌري، مينہ ان ول مانڊاڻ ڪِتي،
ساجن دي سِڪ سينا ساڙي، ٻئي عجيب اڙانگي عار ڪِتي،
شابس هووئي پڳ مٽ سنگتي، تين ڀي نوين وڃ يار ڪِتي،
امن ڪهڙا جِيوڻ اُنہ ان دا هوسي، جِنۡهان فِٽي ڪُلئي ڪم ڪار ڪِتي.

و ؛ وڃڻ والي ول ڪڏان نہ آسن، نہ ياد ذري دي ڇوڙ ڳئي،
جيوين آئي تيوين ول ڳئي، مڙئي دو دُنيا وچ لوڙ ڳئي،
سڱ سِياپي عمر ڪارڻ پرديسي پرين بس ٽوڙ ڳئي،
امن نرم دل نہ جال سگهدي، رت خُون جواني وِلوڙ ڳئي.

و ؛ وڃڻ والي ول ڪڏان نہ آسن، ڳئَي سي ڪڏان ول آئي،
هلدا زمانا پيا اڳتي هلدا، پيا هلدي ڪونۡ رب هلائي،
آخرفاني فنا هر شيءِ، رب پيا عيب اندر دي ڍڪائي،
امن روندي محشر ميدانَي، عربي رسول الله رهائي.

ھ؛ هج حبيبان نال نہ هلدي، جِهيڻا الاوڻ ضِعفانۡ،
ضد تڪبر تيزي تِيسا، نہ رنج نہ رِيسان،
جي دلبر آکي دل ڪڍان نذر ڪران، جي زهر ڏيوي تہ بہ پِيسان،
آکي امن گِلا دا گانگها سِر تي چَئيسُون بس جاني ڪارڻ جِيسان.

ھ؛ هل مُسافر راھ دا پانڌي، اوکا پنڌ اڙانگا،
نہ آب نہ داڻا نہ سڱ سياڪ آ، نہ سِر دا ڪوئي سانگا،
نال نہ هلسي ڌن تي دُنيا، نينھن وِچ نِم تون نانگا،
امن ڪمزور ضعيف تي رحم ٿيوي شل، هِيان قُرب ڀرم دا ڀانگا.

ي ؛ ياد ڪر گُٿي زماني، ڏوھ گُناھ والي ڀَاڻي،
ڪير هووي جو احمق اندر، نوان نمونا آڻي،
اِهي هُل هنگامي هل ڳل ويسن، جنہ ان دي مست ڪريندي ماڻي،
آکي امن قھر نہ ڪر مين مِسڪينَ مٿي، خُدا ڪريسئي پُڇاڻي.

عربي سي حرفي

نوٽ؛ شاعر عربي تختي تحت سي حرفي لکي آهي، پر اها پوري نہ ڪري سگهيو، جن جا ڪهڙا ڪارڻ هُئا، يا وقت حالاتن جي ڦيري پاڻ کي مضروف رکيائون ٿا ظاهري موت جو اڏول مٿان اچي ڪڙڪيو. پر جيڪا لکيل آهي، ان کي پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. (مرتب)

الف؛ اول پرين خاموش ٿي هِڪدم چيو،
دل هجئي مون سان اگر، سچ پچ ٻُڌا صنم چيو،
مون ٻانہ ون ٻڌي پاڻ گهٽ ۽ سندس کي اُتم ڪيو.

ب؛ بيمار بِرھ جو بي سبب مري ٿو لاعلاج،
چئو کڻي طبيب تون، آخر منھنجو ڪهڙو علاج،
نااُميدي ۾ مران ٿو، ٻيو ڪم نہ ٿو ٿئي ڪوئي ڪاج.

ت ؛ تڙپڻ منھنجو ڏِسي اُٿلي پيو رحمِ در عِتاب،
اطهر مُعطر جرڪي نِڪهت گُل، گُلِ گُلاب،
سر زمينۡ خوشبوء خطن واھ حُسن بي نقاب،
گُلبن مان جيئن چشمئه ڪوثر راھِ روان و هي شفاف.

ث؛ ثمر قوي و پاڪ بُوءَ سؤ کڄي آيا اڳيان،
سؤ سهس سينگارجي، وڳا سڄڻ پايا اڳيان،
سؤ عاشق حُسن جميع ۾ تاس سان تايا اڳيان،
جَي نينھن ننڍپڻ جا ڪُلئي ٿيا لايا سجايا اڳيان.

ح؛ حالِ دل آرام ۾ ضبط غم ٿيو انتھا،
ضبط تپش آهِ فغان کان چڏايو باوفا،
جيئن عِنۡد ليب باغ بن ۾، خوشي پسي ٿئي چَهچا،
پاڻ پُڇيائون پيار سان، پاڻهي ڪري فھم و ذڪا.

خ ؛ خُدا سون برقِ جُگنو مثال مُصفا روشني،
سردو بارانۡ بھار يا مِثل باد صبا روشني،
ليل ۾ جيئن جرڪي قمر، ڪشش ثقا روشني،
سا دل پسي کائي مزو،آهي هي با شقا روشني.

د ؛ درِ آخُوند و مُلا نہ خُتاب و مڪتبت ۾ مزو،
نہ قاضي عدالت، نہ اهلِ قلم نہ ڪاتب ڪُتبت ۾ مزو،
نہ مشڪري نہ ملھ نہ پهلوان جي قدبُت ۾ مزو،
نہ ڪنھن جي مُروت جو مزو، جيڏو تنھنجي رغبت ۾ مزو.

ذ ؛ ذوق شاهي عشق دل ۾ حُسن وَ حَسِينَ همدم هُجن،
دءو وِرد سُونھن حُسن جا لب په ترانا دم دم هُجن،
مون پارا مجنونۡ غريب خوش دل ۽ بي غم هُجن،
ائين نوازش جيئن ٿي مون تي، ائين سڀ جا صنم مُبهم هُجن.

ر ؛ راض سان مانند حُباب صنم، نرم و نازڪ اهڙا لڳا،
جو سؤ ناتا برهم دُنيا سان، ڪهڙا رهيا ڪهڙا ڀڳا،
سو هوش نہ قائم من ۾ رهيو، ڪھڙي طرح ٿئي ٿو تڳا،
بس خوشخوء خوب ۾ شعر ڳاتا ٿم رُڳا

بيت

---

تصوف جا بيت

جيڏانھن ڪنڌ ڦير، تيڏانھن دلبر منجهہ ديدون،
نظر ايندئي نہ ڪير، جٿ ڪٿ جوڙ جبار جي.
جاڏي ڪن نظر، نيت ٻڌي نينھن جي،
هر جاءِ مظھر، مُورت اچي محبوب جي

فڪر وٺن فيراق جو،وٺن ۽ وڌن،
جاڏي آزار عشق جو، تاڏي وک رکن،
نہ رنجائي رهن ڪنھن کي، نہ رنج رُسامو رکن،
سدا محبت من ۾، ٻي ٻولي م رکن من،
سڀ سان سُٺو ساءُ هجي، ويھي قرب ڪجن،
مرد سي چئجن، جي مري ملھائن ميدانگي.

ڦرهي پڙهيائون فيراق جي، فاقع منجهہ فقير،
جلن جاڳن رات جو، ٻي اندر منجهہ اُڪير،
سچ جن جو سيرُ، امن نياز تن نصيب ۾.

مُڙس نہ مرن ڪڏهين، سدا رهن حيات،
تن کي طمع نہ طعام جي،ريجهائن رب ڏينھن رات،
هڪ توبھ ٻي طلب رسول ٽين طيش اندر ۾ تات،
امن انھن جي عشق جي اوقات، منصور ڪي ئي ماريا.

سچا عاشق سدا ويھي اورين رب رسول جي ڳالھ،
ٻي ٻولي چون نہ ٻُڌن، تن جو سيتل رب سين ساھ،
ڏينہ ون رات ذڪر زباني ۽ باطن ۾ برھ جي باھ،
امن تن عاشقن جي آھ، اٿاھ عشق اٿاريو!

هو راضي رهيا رام سين، راضي رام سندن،
ڏسي پرڀُو پڌر ۾، هو پرت پنھنجي پسن،
عشق جي آتش ۾، هو ٿا روح ڪن روشن،
اکيون ڌار امن، جن ۾ معرفت محبوب جي.

ڏس سُڃاڻي محبت من ۾، منجهئي تو مڪان،
رک روزا پڙھ نمازون، حافظ ٿيءُ قرآن،
نياز رک تڪبر تڙ تون، فھم لا فرمان،
پوءِ امن انسان، موجون ماڻي محبت جون.

مئي پيتائون محبت جي، ويا جلڻ ۾ جلي،
حضرت حُسن پاڪ جي، اکئين پئي تجلي،
جا کنيائون نظر ڪجلي، امن عشق اٿاھ ڀرجي آئيو.

سارو سمايو سور، مردن سندي من ۾،
سلين ڪين ڪنھين سان، محبت جو مذڪور،
چارئي پهر چُور، چاهت رکن چاھ جي!

پڇڻ ۽ ڪڇڻ کان واتان ڪر بس،
نہ پچارن ڪي سار کائين متان ڪس،
امن اڄوڪي زماني ۾ رهي نہ اها رس،
جي وارو ملئي وس، تہ ڪر تون ڪار ڪتڻ جي.

ڪر تون ڪار ڪتڻ جي، ٻئي هنڌ ڪين نہ ار،
متان جوکو ملئي جيءُ کي، کائين حسن ڪنان هار،
هي دنيا درياءَ مثل، تانگهين پاڻي تار،
ٻڏي مرين ڪٿ ڪُن ۾، تون ڌيان تہ دل ۾ ڌار،
امن اهو اسرار، ڳولج پنھنجي اندر ۾.

ڳولج پنھنجي اندر کي، نہ جاچج دُنيا دورنگي،
ڏسج هڪ نظر سان تون ننگ پنھنجو هي ننگي،
تہ ننگ بہ تون ننگي بہ تون تو ٻئي هنڌ دل ڪيئن ٽنگي،
تو ٻيائي امن ٻنگجي، اها ڪيرائي نہ هڻئي ڪُن ۾.

اها ڪيرائي نہ هڻئي ڪُن ۾ جا ڪاغذ سندي ڪُشتي،
فڪا فھم شيطان جا، اها هوڏ واري هستي،
اها تڪبر سندي تڪڙ توکي، اها ملڪن مٿان مستي،
امن چئي الستي، تو اڳيان ڳڻ ڳاهي ڇڏيان!

تو اڳيان ڳڻ ڳاهي ڇڏيان، اهي يادون ڪُل يگانيون،
اهي وچن واعدا وساريا اٿئي، رکين پنہ جيون من مانيون،
ڳالھ ڳڻن جي ڳڻين نہ ڳهلا، اهي نوبت سنديون نِشانيون،
امن چوي آسانيون، ڪيئن ٿينديون توکي قيام ۾!

ڪيئن ٿينديون توکي قيام ۾، هي آسانيون ائين،
جيئن هلندي گهمندي راھ وسارين، تاڻيو هلين ٿو تيئن،
جيئن قابو کان رهين ٻاهر پنھنجي، نازڪ وساريئي نينھن،
امن محبت سندا مينھن، وسندئي ڪيئن وٿاڻ تي.

وسندئي ڪيئن وٿاڻ تي، ٿڌي ٿڌي برسات،
ڳيھي ڏُکوئين دل ماڻهن جي ۽ روئين رڙين نہ منجهہ رات،
منھن مٿي ڪيو مُڇان وٽين، مري ٿيندين نيٺ مات،
امن الله جي ذات، واحد سڏائي هر ويل ۾.

ڳول ڳولين جي ڳولڻو اٿئي، اندر منجهہ امام،
سڀ ڪجهہ ملندئي من منجهاران، اهي قُرب سندا ڪِمام،
هادي سندي حال جو، رک فڪر صُبح شام،
امن چوي هي مام، پروڙج ڪنھن پيار سان.

پروڙج ڪنھن پيار سان، من سندي موج کي،
جيئن تاث هجي آب جي، ٿر جي ڍڳي روجه کي،
پاڻ ماري ڪر فنا، ڇڏ اجائي عوج کي،
امن سوچ ۽ سوجه کي، وري سوچج ساھ ۾.

وري سوچج ساھ ۾، جانۡ سين دم ۾ اٿئي دم،
هردم هاج حُسن جي، ڪر اِهوئي ڪم،
حُسن تنھنجي هستي ۾، نائي اُنھي کي نم،
امن چوي اُتم، ۽ اُتان ٿجي اڳرو.

اتان ٿجان اڳرو، جِئان پاڻ پاڻ هٽاءِ،
عاشق اسير فقير تون، اهي جهيڙا ڪر جهڪا،
رُوح پنھنجي کي راحت ڏي، ڏُک اٿئي ڏکا،
امن چوي خطا، اٿئي هُج هئڻ مان.

جِئان اتان ٿيندين، اڳتي من ماري ڪر ميڻ،
رک واحد سندو واسطو، واتان وار نہ ويڻ،
امام اٿئي اندر ۾، نائي ڏسين جي نيڻ،
امن ساٿي ۽ سيڻ، رهيل اٿئي رُوح ۾.

رهيل اٿئي روح ۾، راڄن سندا راڻا،
نڀاڳا نيڻ ننڊاکا، جيئن اٿئي ڪاڻا،
تون ڀِٽون جبل رڻ ڳولين، اٿئي اندر سي وٿاڻا،
امن تون اياڻا، ڳولين پنڌ پهاڙ جا.

ڳولين پنڌ پهاڙ ۾، اِهو پري ڪيئن پيئن،
اجايو دعويٰ درد جي، ڏُک اهوئي ڏيئين،
سِر جو رکين سانگ سڦرو، حال نہ تنھنجو هيئن،
جت رات نہ لڀي ڏينھن، سي ڏيھ ڪيئن ڏوربا.

سي ڏيھ ڏُکيا ڪيئن ڏوربا، جت سِر جو ناهي سانگ،
نہ سُڌ سماءُ پنھنجي ساھ جي، نہ طلب تاڻي تانگه،
خود ماري خاڪ ٿي، تن ۾ پاڻ بناءَ سڄو بانگ،
سير ڪر سِر پنھنجي جو، لنگهہ اهوئي لانگه،
جيئن طلب رهي پُٺي تنھنجي، جيئن ماڪ لاءِ ڀڄي نانگ،
اها مُحبت سندي مانگ، ماڻج امن پنھنجي من مان.

ماڻج پنھنجي من مان، ۽ پاڻ وڃج ماري،
ڏُکي ٿي ڏُونگر ۾، جيئن ڏُک وِجهني ڏاري،
تن ڏکن ڪِنا جي سُک پسين، وٺ ڏک وري سڀ واري،
پاڻ پچاءَ پڪو ڪر تون، اهو ڳهر وجهئي نہ ڳاري،
طلبون پنھنجو تاري، امن عاشق ٿي عشق جو.

عاشق ٿيءُ عشق جو، طلبون پنھنجو تڻ،
روح کي راحت ڏي رب جي، ڳالھ اِهائي ڳڻ،
ڪوڙ ڪسوٽي ڪوري ڪڍ، قلب ۾ رکج ڪڻ،
امن مدايون مڻ، تان ڊاهي رکج هن ڍِڳ کي.

ڊاهي رکج هن ڍِڳ کي، هي ڪچرو ڪِن غليظ،
مري ملھائيج ميدان کي، نہ مُشڪل ڏِس مھميز،
ڏُکن سورن جو ثمر وٺ، جو لک مٺاڻ لذيذ،
ڏِس اکين سين عزيز، امن اهائي واٽ وندر جي!

واٽ اهائي وندر جي، جو وڏائي ڇڏ وري،
ارمان رک اندر ۾، دل ۾ ڌيان ڌري،
عاشق ٿيءُ الله جو، ٻر انھيءَ ۾ ٻري،
امن رنگن منجهہ رهي، ڪو رنگ ڏيکارج روح جو.

جانۡ ڪو رنگ ڏيکارج روح جو، سکڻي بات گُناھ،
پاڻ نہ ڄاڻين پاڻ کي ۽ انڌا رکين ارواح،
ٻين کي ٽوڪين ٽل ڪري، ڇڏ رُلي اها راھ،
خيال رک تون خوف جو، سِڪا تون پنھنجو ساھ،
امن جي ڳالھين سندو ڳاھ، تہ رب ملي روح ۾.

رب تہ رهي ٿو روح ۾، پر ڪسُ نہ رک قلب ۾،
تہ رب تنھنجو تو ۾، تون پنھنجي ربُ ۾،
ڏسج اٿئي اکين سين، سيڻ پنھنجو سڀُ ۾،
امن چوي ادبُ ۾، اکيون پورج اوپريون.

اکيون پورج اوپريون، ناحق مَ ٿي نادان،
کوڙج پنھنجي اندر ۾، ڪو نوبت نينھن نِشان،
مشڪل من آسانۡ ٿئي، دانھ ڪنان ملئي دان،
امن دردن سندا ڌوڪان، پاڻ پروڙج پاڻ ۾.

پاڻ پروڙج پاڻ ۾، جي ڳولڻو رب تہ ڳول،
ليا پائي لوڪن ۾، رُليا پاڻ نہ رول،
اِهي ڪُنڌا هڻين ڪُنن ۾، پر قلبين اٿئي قول،
ڍاٽي اندر ٿيا ڍول، جي اکيون پورين اوپريون!

اکيون پورين اوپريون، منھنجا چور نہ چريا چاڪ،
پاڻ راڻو، پاڻ مومل، پاڻ اُڏائي ڪاڪ،
مُئا مري وڃ خاڪ ٿي، اِها مستي ڇڏ مذاق،
امن چوي اوشاق، لڀائن پنھنجي لال کي.

جن لڌو پنھنجي لال کي، سي سُرت نہ ڏين سوجهي،
نہ ار هڪ نظر سين، صورت سُھڻي ڪوجهي،
سکيا ٿيا سانگ ۾، ڏُر ٿيا ڏک ڏوجهي،
پير رکيائون پوجهي، پھتا پار پرين کي.

پھتا پار پرين کي، جن پڇاڙيو پاڻ،
لِيا نہ پائن لوڪن ۾، هڪ پُنہ ل جي ڪاڻ،
ٻين سان ٻيون ڳالھيون، سِر ساھ سيڻن ساڻ،
امن اهي اُهڃاڻ، اٿئو اُونھي عشق جا.

اٿئو اونھي عشق جا، اديون اهي اُهڃاڻ،
سدا سُک نہ سُمهن سامي، تن تاڻو رهندي تاڻ،
پنڌ پرينَ ڏي پيھي ڪن، جيئن ندي وهي نِواڻ،
جن خود کان لڌي کاڻ، امن سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾.

سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾، جن ڪَشتي ڪُن ڏي ڪاهي،
جيئن ڇوليون ڇِڪين ڇوھہ مان، تيئن راھ اُنھيءَ راهي،
تن کي سوز سدائين سفرو، هُو ساهان ڪن نہ ساهي،
امن چوي اِلاهي، پسيائون علم اِسرار جا.

پسيائون علم اسرار جا، رهبر پويان لوچين،
سِڪ منجهاران سنبري، اندر ساھ سوچين،
سڀئي پنڌ پنہ ل لاءِ، ٻيا رايا رُوح روڪين،
امن چوي اوڇين، باھ پنھنجي بدن تي.

باھ پنھنجي بدن تي، سڙيا سورن ساڻ،
پري ڪُفر ڪٽ کان، ڀُليا نہ پنھنجي ڀاڻ،
هُو رچيا اٿئي رُوحن ۾، پڌرو ڪن نہ پاڻ،
امن ڪنھن پرين جي ڪاڻ، ٿيا سانگي ڪنھن سانگ جا.

ٿيا سانگي ڪنھن سانگ جا، پُريا پنڌ ڪري،
ڏسي ڏونگر ڏُکيرڙا، نہ تن جو ڏيل ڏري،
توڪل تُرهو تسبيح تن ۾، ويندا پنڌ ڪري،
امن سامين ڪيئن سري، ساعت پنھنجي سڄڻ کان.

ساعت پنھنجي سڄڻ کان، سھي ڪين سگهن،
سر آڏو سڄڻين، نذُر نايو رکن،
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، اڌ ڪُٺا ڪُسن،
پتنگ جِيان شمع مٿي، ڪري گهور گهڙن،
پاڻ وجهيو آگ ۾، سَتا ٿي سڙن،
ڀنئورا ٿي بُلستان ۾، واريو واس وٺن،
بلبل جيئن گل مٿي، عاشق ارواحن،
امن ان اُھڃاڻن، هُوند جوڳي جوڳ ڪمائين.

هُوند جوڳي جوڳ ڪماءَ، تہ سڀ جُڳت جئيرو رهين،
دل ۾ درد دائمه، دونہ ان دوده دُکاءَ،
سڌ ماري سُکن جي، وٺ سوجهي سِڪ سڀاءَ،
لال ڳولج لِڱن مان، لاهوتي تون لڀا،
جي اڌين ڪا اجها، تہ سورن ڏُکن جي ڏاج مئون.

لال ڳولج لڱن مئون، رڙيو ڪوھ مرين،
اندر آگ نہ عشق جي، ٻاهران ڪيئن سڙين،
ريءَ ڏاڪڻ آڪاش تي، چريا ڪيئن چڙهين،
ماريو من پنھنجو نہ ٿئي، مُڙيو ماڻهن سين وڙهين،
اهي اُبتا ڪم عجب جهڙا، ڪوڙا ڪيئن ڪرين،
من نہ مثلحت محبوب جي، پنا واريو پڙهين،
امن جي قُرب اندر ڪڙهين، تہ لال بہ لڀئي لڱن مان.

دل جي گُلستان ۾، گُل ڦل پيا ٽڙي،
مُشتاقن جي من مان ويو، ڪِينو ڪچ سڙي،
اکر سمجهي عشق جو، پاڻهي ويا پڙهي،
امن روئي رڙي، رِيجهائي ويا پنھنجي رب کي.

امن غشق رتا لال، سِر ڏني سرهام ٿيا،
رڳو پياس پسڻ جي، ڳجهي ڳالھ مقال،
هِڪ رضا الاهي رب جي، ٻيو ڪُسڻ جو ڪمال،
ڀلائي جا ڀال، ڪري ويا قُربان ٿي!

نوٽ؛ ڳوٺ جي هڪ شاعر مرحوم مڪن خان چانگ جي شاعري کان مُتاثر ٿي پاڻ شاعري ڪيائون،
شاعري جي اندر ڏاچي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪا پنھنجي ولر کان وِڇڙي وئي ۽ ڀٽن جا ڀر ڏئي رُلندي رهي، شاعر ان جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ذڪر ڪيو آهي، سندس شاعري جي اندر تصوف جي انتھا تي جهلڪ نظر اچي ٿي، ۽ نفس نادان کي ڀيٽا ڏاڇي جي لفظ طور ڪيو اٿس.

(مرتب)

ڏاچي جي ڏُک جي ٻڌم ڳالھ ڳڻي،
ڏاڏي مرحوم مڪن جي شاعري وئي وڻي،
دل چيو تہ آءُ بہ چوان ٻہ ٽي سِٽون کڻي،
هاڻي سڏ گوريءَ جا سُڻي، سڌي آئي ڪنھن سانگ سان.

هڪ تہ ڏاچي ڏُکن ڀري، ٻيو تہ وات نہ وجهي وڻ،
اندر ان جي امن چوي، ڏُکن سورن جا ڏڻ،
جَت ڪاهي جبل مان، تاءُ مان چِڪي تڻ،
بُکي تسي ڀڄي پئي امر مڃيو اڻ،
امن چوي اڃڻ، جو اٿس دم دل ۾.

اٿس دم دل ۾، ڪُڻڪي ڪوڪون ڪري،
ڀڄي ڀر ڏئي ڀِٽن جون، وِکون واءُ ڀري،
جيئن مڇي پاڻي جي وچ ۾، تار منجهاران تري،
تانۡ جو هُو تتي رَيت رُيون ڪري،
ڏوران ڪانہ ڏري، تاڻيو پنڌ پيچرا چِٽا چونۡڪ چري،
ڇِنايو ڇِڪايو رُوي ۽ رڙي،
وڌي ڪنھن قُرب ڪڙي، جو ڪاف ڪشالا ڪرڻا پيا.

ڪاف ڪشالا ڪرڻا پيا، جيسين دم ۾ اٿس دم،
چرڻ پيئڻ چاھ جو، ڪري اِهوئي ڪم،
نہ بئو ڀوتار جو، نہ غفلت سندو غم،
هو تہ جانور جهنگ جو، ڪين اٿس علم،
تہ ڇا ٿي ڪيان يا ڇا ڪرڻو اٿم،
انڌ ۾ آئي وڃي نہ ام نہ تم،
شل قادر ڪريس ڪرم، جو تري هلي هن تار مان!

شل تري هلي هن تار مان، جو تِرڪڻ تڙ مٿي،
ڪي ئي ڪُنواٽ ڪِري ويا، تار اِهائي تڪي،
گوڏا پير ڀورا ٿيا، گس انھيءَ گتي،
ڪي منڊا ٿيا مُچن کان، اِتان لھوارا لٿي،
قادر شل ڪرم ڪري، ڪي سھندا بار سٿي،
ليکي لٿي پتي، شل پرين ڪرئي پانھنجو.

پرين ڪرئي پانھنجو، جو بُري آهي بي خبر،
بيماري تنہ جي بدن ۾ ۽ گوڏن مٿي گر،
رڳو ماس مُريا اٿئي، ڪانۡڀ نہ اٿئي ڪر،
گپ نہ انھي غلطان ۾، ٻُڏي ڪِيم مر،
ڄر ڪا مڇ ماريو وڃن، خار منجهاران کر،
ڪر اهو جو ڪم اچئي، ڀوڳي وڃ بحر،
ٻر انھيءَ ۾ ٻر، جو ڪاٿو پوئي انھيءَ ڪانڌ جو.

جي نہ پوندئي ڪاٿو ڪانۡڌ جو، تہ ٿر بر پوندين ٿڪجي،
ڪات قھري ڪٿيو هڻن، ڪِيس ۾ ويندين ڪپجي،
نڪو بات بچڻ جي، نڪو لھ ۾ لِڪ جي،
سيءُ سيارو سير سمنڊ جي، ڇولين ۾ ويندين ڇِڪجي،
انگ نہ چُرندو اُٿاھ کان، ٽاڪي ۾ ويندس ٽَڪجي،
اُت نہ سوار نہ ساڻ ثمر نہ مثلحت ڪنھن مت جي،
امن اُت جي، شالا پارت هُجئي پڳ ڌڻي!

پارت هجئي شالا پڳ ڌڻي، ڀُلجي نہ ڀٽاري،
وِنگا ڏنگا پھ پيچرا، آهي واٽن مٿي واري،
هڪ مينھن مٿان تيز هوا، رات قھر جي ڪاري،
شالا رحم ڪرم جي نظر هجي، وڳ مِڙَي ويچاري،
نہ ثمر نہ سُوار مٿان، سُورن ۾ آهي ساري،
توڪل مٿي تِنھن جي، تو اِجهو تات تاري،
ڏکيو پنڌ پهاڙ جو، ٻيو ڪُڏي پئي ڪنڌ ڪاري،
بي علم مٿان سُوار ٿي، کَنۡج ۾ اٿس کاري،
تنھنجي جنھن جت سان، چاھ آهي چئوياري،
سو ڪري غمگساري، ڪُڏي نہ هڻئي ڪنھن ڪُن ۾!

جهڙي تهڙي رب کي پرتي، ڀلا الله توهار،
رک تہ رب مولا مٿي، هنئڙو ڪين هار،
ڏُک نہ ڏيندو ڪڏهين، ڏيھن جو ڏاتار،
هل پئي چل پئي، ڪر پئي ڪوھ مٿي قرار،
ڪجهہ اکيون پٽ کوٻلي ساٿ تہ پنھنجو سار،
ڪاٺي ڏس ڪُهانڊ پنھنجي جي، وري مٿان ڏس باري بار،
امن الله جي آڌار، وڃي پھتي پنھنجي وڳ کي!

مارُئي جا بيت

جي ٿر اندر ٿوڪ، سَي چکڻ مُون چس،
ڪاهليءَ ڪانڌريءَ بِنھ بي وس،
ملير منجهہ مُيس تہ اڳيان سُور نہ ساري هنئون.

جي ٿر ۾ ٿوڪ، سي ساريو سُوءَ مران،
ويڙهيچن وري وڃان، هي هينئين اندر هوڪ،
ساريو سنگهار سنہ ڙا، سڙي ٿيس سوڪ،
جهانگين سندي جهوڪ، پسي امن پوءِ مران.

پسي من پوءِ مران، هاڙيچن مجلس،
نہ هيرا موتي هٿ رهن نہ انگ مٿي اطلس،
هُت هيروڻي سندي مينھن وس لس،
امن هي سڪ رس، سانڌيان سدائين سرير ۾.

جُوءَ اباڻن جهوڪ، ڪنڊا ڪِرڙ ڪرينھن،
ڏِهاڙي ڏُڌ ڦُڙهي، راتيون وسن مينھن،
ٿر بر اندر سوز جا، نائق لڳا نينھن،
لِلُر، لُنب لَسي کنڀ گُذر جن جو هنئن،
امن سانگي ساھ سين، ساريو پئي سُور مران!

ريءَ اباڻن اُڪنڊي، رُويو نيڻ وسن،
جي سانگي ويا سانگ تي، سي ڪُڇيو ڪين ڪھن،
نہ ڏوراپو ڏُک سندو، نہ مون مُٺي معيار مُنجن،
ڏمرجي ڏَنجه ڪري، الفون ب نہ چون،
امن ڪي سُجهن، ڏِنگايون ڏيل ۾.

اباڻن ريءَ اُڪنڊي، ٿِڙيو ڪِران پٽ،
تہ پرور ڌڻي پنہ وار سان پوري ڪجانءِ پت،
پري رهيا ڪنيز کان، هُوءَ جي رُوحاني رت،
اکين ۾ آهٽ، سڄڻ سفر سنوان ٿيا.
ڪڏهن مارو مون سين، پل نہ پري رات،
اڄ سي اوڏا ڏُور ويا، ڪري پنڌ پِرڀات،
ڇڏي هليا ڪنيز کي، اٿم هينئين اندر هيھات،
امن تن اندر تات، ڏيندا ڏيھ هليا ويا.

رات ئي روان رات، راتئي سڄڻ سنبريا،
پل نہ پليا ڪنيز کان، ويا ڇِني سنگت ساٿ،
ڏئي ڏُک ڏنڀي ويا، تن تنين جي تات،
سڄو ڌڪ دل مٿي، اڌ ڪُٺي آءُ ڪات،
امن مارو سين مُلاقات، وري منھنجي محشر ۾.

سانگي جِت سانگ تي، ڪانگُ اُڏاريان تتُ،
رُوح اباڻن سان آ، مگر خاڪي جِسم هِت،
امن چس وٺي مُحبن جي، سا ٿي رُواري رت،
مُوران منھنجي مت، مِلڻ لاءِ ماندي ٿئي.

اڄ پڻ رِڻ نہ رَچيا، نہ ٿيون وري وَسُونۡ،
ڀِٽُن ساوڪ ڪينَ پائي، ٿا ڏُکيا ڏوٿي ڏِسُونۡ،
وسي مُلڪ ملير جو، ڪو رِجي لهن ڪسُونۡ،
امن کير مکڻ لسيون، کاوانۡ ملڪ ملير جون.

مٺو مُلڪ ملير جو، وُٺَي وٺينۡ واس،
تہ عُمر ڪل پوئي قدر جي، رهين نہ هت راس،
منھنجي مُلڪ اباڻي لاءِ، اُٿي اندر منجهان آس،
رهان وڃي رِڻ ۾، ڌڻُ ڌنارن پاس،
امن اباڻي پياس، سانگين ريءَ مَ سري.

ڏاچ چِڀڙ ويرو، اڄ ساوا گاھ سانگَي،
ٿر ۽ ٿريچن جي، خبر ڪئي ڪانگي،
تہ وُٺو مينھن ڀِٽُن تي، رب جي رحمت وانگي،
من ٿو تانگهي، جو امن وڃجي اوڏنھن.

غريباڻو گُذر، منھنجي ماروئڙن جو،
کائن ڏُٿ ڏِهاڙي، ساڻيھ منجهہ سنڱر،
عُمر آڇون ڪِيمَ ڪر، موڪل ڏي تہ ملير وڃان.

جهانگي وسن جهنگ ۾، کائن کِلي کير،
هِت نہ مُون آرام اکئين، آهي اندر منۡجه اُڪير،
پلو پانئيان پير تہ پنھنوار پري نہ ٿئي.

ٻُوھڙا پِپُون پٽن ۾، هُت کِلي اباڻا کائن،
سنہ ا ساوا گاھڙا، جهليو گُل جرڪائن،
جي مارُو مُلڪ وسائن، سي ساريا پنھنجي ساھ سان.

مَوڪ، مَرِيڙو، مکڻي، جُوئر ٻاجهر کوڙ،
هُت کُلي هوا ڏکڻ جي، سختي ناهي سوڙھ،
اِها الله سندي جوڙ، جَي سانگي پري سانگ ٿيا.

ڳالھيون ڳڻي مَ ڳاءَ تون، آءُ لاهيان ڪين لباس،
سِر اوتيان اباڻي لولي مٿان، اچي اباڻن آس،
مانۡ تون اچون مَ راس، جو لڄ مري ۽ ست سٽيان.

ڏُک سور سھي، وَهي اُت ويندياس،
پڪا پيرون پنھنوارن سان، کِلي کائيندياس،
ٿاڪ وٿاڻن ۽ ڀٽن جَي، ولر ۾ ويھندياس،
وڃي گهرندياس، امن ڏُٿ اباڻي ڏيھ جو.

عُمر اباڻن جا گهاءُ چڙهن ٿا گهور،
وُٺا مينھن ملير تي، سي پھ پچايان پُور،
پرين پکا پري اڏيا، دُڻي ڏسي دُور،
هي مُحبت جو مذڪُور، وڃي سلبو ساڻيھ ڏي.

مينھن وسندي مارُوئڙا، خوشيون ڪن کيل،
تو جهانگياڻي جهلي جهنگ جي، جيئري ڏنو جيل،
امن وري جَي ويل، تہ واڳ ڇِڪبي وطن ڏي.

مينھن وسندي مارُو سُکيا رهن سدا،
پکا اڏي پڌر ۾، رهن قُرب رُڌا،
تن سانگين کي خُدا، آڻي تہ آسائتي ٿيان.
مرٽ چارين مال کي، جي ڳنڍا ڪن ڳنڍير،
ڳمولو، مَکڻو مانڌاڻو، موگِر موچارا مير،
اُڪنڊي مون اُڪير، گاھ ڏسي اِهو گهاءُ کڻان.
سِڪان تنھن ساڻيھ لاءِ، جِت سائي ساوڪ ڪري،
لُنۡب، ڪنڊيون، سانۡٽوڙا، تون قُرب ڏس ڀري،
امن جڏهن مولا مھر ڪري، تڏهن مون ميڙيندو ملير کي.


اِڪڙ، ٻُوھ ٻاجهري، اُت گولاڙا گنج،
مارو خار نہ ڪڏهن، نہ رکن روحاني رنج،
چِڀڙ پڪا پيرُونۡ هي، سُٿرا ڏُٿ سمجه،
اسين عريب تون امير، قُرب اِهوئي ڪجُ،
عُمر ملير مُنج، هي جا امانت آهي اُتان جي.

عُمر منھنجي مُلڪ تي، ڪڪرن ڪئي قطار،
ٿر مٿان ٿاڌل ٿي، وُٺا وس ولھار،
ساوا گاھ سرها ٿيا، گُلن ڪئي گُلزار،
ڦوڳ ڦُوھ ڏئي ڦولاريا، کسي دل ڦُولار،
سبزي اهڙي سونھن ڪئي، چادر سائي چوڌار،
سُڪا ٿر ساوا ٿيا، سھنجا ٿيا سنگهار،
ڳاڙهن ڳئون ڳچي ۾، ڳانيون ٻڌن ڳنوار،
وسي پيو وڏڦُڙو، هاءِ خُوشبوء هُٻڪار،
مِٺو مُلڪ ماکي جهڙو ، جِت جنت جو جنسار،
اُتي امن چانگ چوي، ڀونئرن جا ڀُڻڪار،
عُمر بادشاهيون هي بيڪار، ڊڄ ڏڻي جي داءُ کي.

عُمر منھنجي ملڪ تي، سانوڻ ڪئي سرهائي،
هرڪو بات ڀلي ڪري، ڀائي ساڻ ڀائي،
پيئن کير کاهڙ ۾، وسن جي ملي واڌائي،
مارو قُوت قراريا، ڏيلھا ڏُت کائي،
اباڻن مان خير جي خبر اِها آئي،
تہ مارو منھنجي مُلڪ جا، جاڳيا گهمن جائي،
چوڏهينءَ رات چنڊ جي، سُمهڻ جي نہ سائي،

ويھن وِچ ڪچھري ۾، ڳالھيون ڪن ڳائي،
تہ وڳر مان بي وس ٿي، ڪنھن ڪونج ڪئي جُدائي،
سا بند آهي بنگلي ۾، مارئي مهڻي مائي،
ڪيئن ورايون قيد مان،تن نہ طاقت ڪائي،
يا رِيجهي وئي رِهاڻ ۾، اُونو اسان اجائي،
هو خان سان کِلي خُوش ٿي، پري ٿي پرائي،
نہ نياپو نہ ڏوراپو، نہ واپس ڪنھن ورائي،
شايد ٺھي وئي ٺاھ ڪري، ڪري ٻاجه ٻائي،
هنن خبر اِهائي، هِت آهيان اُٻاڻڪي انھن لاءِ.

عمر اڄ رات، کِنوڻ کِنوي ٿي کاهڙ ۾،
مون کي منھنجي مارن جي، طلب گهڻيري تات،
ويھڻ وِھ لڳي ٿو، اُڌما اچن مون کي آت،
ڇڏ ڏاڍا ڏاڍ کي، ظُلم نہ ڪر ظلمات،
مون جيڏيون ملير ۾، سکيون سڀ ساعات،
مان قيدي آهيان قيد ۾، ڪھن ڪپن ٿا ڪات،
نہ چئو ڀاءُ تون ڀيڻ کي، بُري واتان بات،
ڇڏ تہ ڇيلا ڇوڙيان، ڪيان مارن سان مُلاقات،
وس وُٺي جي جس وٺان، ساريان پنھنجي ساٿ،
ڏسان ڦوڳ ڦولاريا، جهاتي پائي جهات،
امن مري ٿي مات، سدا سانگين جي ساٿ ريءَ.

عُمر اباڻي مُلڪ ۾، مھرون مينھن وسن،
مارو منھنجا ملير ۾، ٽِلن ۽ ٽهڪن،
کيڏن ڀڄن ڀِٽُن تي، سھنجئون ٿا سھڪن،
صحت سُڌري صفائي سان، ريتون اهڙيون رکن،
ياري رکن يار سان، ورائي پر نہ پرکن،
سنگت، صُحبت، ساءُ مٺو سبق اِهي سکن،
رُوحي پنھنجي رمز ۾، رِچيو ٿا رِچن،
سانوڻ مُند ۾ سُومرا، وڏڦُڙا مينھن وسن،

کنوڻ کنوي ٿي کاهڙ ۾، مارو منجهہ منگهن،
مال ڇوڙي مُنھن ڪندا، سيءُ ۾ جي سڙڪن،
ننڍا ٻار اُٿي ننڊ مان، سي مون کي ياد ٿا ڪن،
ٻڪر ٻُلاها ٻڪرِيون، ڪُنڍڙيون ڪر کڻن،
هاءِ اباڻي اُڪير ۾، منھنجا جيرا جِگر جلن،
هت گاھ ڦُٽا گُلزاريون ٿيون، تِر تي ڀنئورا ترن،
پوپٽ ڦيرا تي ڦيرا ڪن، مُسافر ٿر چڙهن،
وس ۾ وس وري، وسي وسڪارا ڪن،
يار منھنجا مانجهي چوي، مون سان ڇو ٿا رُسن،
هُجا هاج مون ۾ تہ منھن معيارون ڪن،

هُت ٿڌا دُٻا تڙن جا، پاريھر پيئن،
ڳيرا، هيڙها، ٻاٻيھا ٻولي اهڙي ٻُرن،
ٻُڌي هانءُ هلڪو ٿئي، ٿي ٿڌا ڦٽ پون،
تن مارن سان امن چوي رتا رنگ رهن،
وڃان مُلڪ ملير ڏي، ٿڌي ٿيان ٿرن،
جهوپا ڏسي جهانگين جا، منھنجا نيڻ ٺرن،
ٻوليون ٻُڌائن ٻاٻاڻن جون، جي هينئين مون هُرن،
هاءِ قسمت قيد ڪيو، ڪھندا ڪان ڪُرن،
هُت گجگوڙ ڪئي گوڙن، هِت ماندي آهيان مارن لاءِ.

رُوح حق ۽ ســچ جا بيت

نوٽ؛ هيءَ جنگ آهي پاڪ رُوح ۽ نفس نادان جي، دُنيا جو مزو بہ سوادي ۽ مٺو آهي.
نفس ڇِڪيندو مزي ۽ سُک ڏي، پر رُوح حق ۽ ســچ جـي واٽ سيـکاريـندو. هـن وڏي عـظـيـم جنگ ۾ صُوفي، انسان سان مُحبت ڪرڻ جي اجازت تہ ڏني آهي مگر سچي، صوفي پنھنجي سِير ۾ پاڪيزه چُمي تائين عشق جي حُدود رکي آهي. (شاعر)

دوست دل جا دادلا، اڄ خبر ٻُڌ خَرِي،
تہ رب پنھنجي حڪمت سان، دُنيا ڪيئن ڌري،
ڪيئن آڪاش، شمس و قمر ڏين ٻري،
ڏينھن رات هڪ ٻئي پُٺي اٿن ڀر ڀري،
هي سمنڊ پهاڙ، ڀر ڀِٽون، سي ڪن زينت ۽ زري،
ٻارڻ اِن ۾ ڪُهڙ جيان، ويو اٿم ساھ سڙي،
هي ڳالھ وس تُنھنجي ۾، ڪجهہ سُفارش ڪر تہ سھي،
هڪ حُور حُسن جَي هٿ تنھنجي، هُن ڪات سان ڇڏيو ڪُهي.
توسان گڏ توسان هلي ۽ توسان هَلِي چَلِي،
اِمُونۡ چئي رُئان ٿو آءُ رِڻن ۾ رُلِي،
ويندس تار مان تري، جَي مھر ڪندين مون مسڪين تي.

هُو ڳالھ ٻُڌي ڳهرجي ويو، ڪاوڙ سئو سئو ڪري،
چئي تو جهڙو نہ ڄمي، جَي ڄمي تہ ڄمندي مري،
اهڙي ڪوڙ ڪسوٽي ۾، دل ڪيئن مُنھنجي ٺري،
ٽر هِتان پاسي ٿيءُ، جو پئي ٿي باھ ٻري،
ماري مُنڍي ٽنگي ڇڏيائين، ساھ ٿو منھنجو سڙي،
اِهڙي ڳالھ منھنجي مُنہ ان، ڇو ڪيئي ڇا لاءِ ڀري،
بي عقل بڻايو اٿئي، پرو ڇڏ ٿي پري،
جَي وقت ڪو وري، تہ ماري مَڙھ موڪليندو ساءِ مُقام ۾.

چَي ادا ماري مَڙھ موڪل مُقام ڏي، توکي موڪل آ مٺا،
اسان تہ ڪنھن جي قُرب ۾ اڳي ئي آهيون ڪُٺا،
ان ريءَ نہ آرام اکين کي، کاڌا لڳن کٽا،
دانہ ون ڪيان ٿو درد مان، آهن ڦٽ فٽيا،
دارون ڪرڪو هن درد جو، چونۡڪ لڳا ٿم چِٽا،
ڀلي اُکڙيو ڳالھاءَ عجيب تون، پر ڪر تون ڪينَ جُدا،
تون ڪن ڏئي قياس ڪري حال تہ ٻُڌ ادا،
اڌ رات جو اوڇنگار ڏئي، ساھ سُڪائي ڪيم سدا،
تہ ڦٽ منھنجي جي ملم ڪر، شل خوش رکئي خُدا،
مُنھنجي واسطي ربُ وفا، واپرائي ڏِس وِير تون.

چَي نہ وِير آهيان نہ پِير آهيان، هي ڪهڙو ڏَسين ڪم،
ٻُڌي دل دهلجي وڃي، اچي غيرت سندو غم،
اُبتو ڪم عجب جهڙو، اِها ڄاڻان نہ رِيت رسم،
واھ جو تو سنگت ۾ ساٿ ڏنو، ڪڏهن تہ هُئاسون همدم،
اکيون وجهين گهر مُنھنجي ۾، تو شرافت وِڃائي شرم،
هينئر ماري جيڪر مات ڪري، دٻائي ڪڍيائين دم،
پر هِيڻي تُنھنجي حال تي، اچي ٿو رحم،
تہ دل جهلي داشت کان، تو وِڌا لک قسم،
هاڻي شل ڀلو ڪري ڀرم، تہ تون ڇِرڪ ڏئي ڇا ڪندين؟

چَي ادا ڇِرڪڻ جي ڳالھ ڇڏي ڏي، مان آهيان وڏو مجبور،
سامھون چئي سگهان نہ ٿو، جو سيني ۾ سئو سئو سُور،
تنھنجي گهر ۾، تنھنجي هٿ ۾، آهي حُسن سندي حُور،
جِنس اهڙي جڳ ۾ ناهي، مون کي نينھن ڪيو ناصُور،
هن جو هلڻ، گهمڻ، گهاءُ هڻڻ، ماري اهو مذڪور،
هن جهڙي هن جڳ ۾ ٻي مائي نہ آهي مُور،
پاڻ سھڻي وار سھڻا، چاهت ڪيو آ چُور،
هي جِنس تون نہ ٿو سُڃاڻين، ساڙيو آ اِنھيءَ سُور،
هڪ تہ سڀاءَ واري سُلڇڻي، ٿي عاشق ڏنگي ڏُور،
سنھي سھڻي صُورت جا گهايو وجهن ٿا گهور،
هٿ پير حُسن ۾ هلڪا ۽ نازڪ اکين ۾ نُور،
سو ماريو دِل کسيو وڃي، منھنجو ناهي قصور،
امن چوي پرينءَ جا پُور، سي پُراڻا ٿين ڪينَ ڪي.

چَي ادا وس کان ڳالھ ڳري اٿم، پُور پوئي تہ پل،
روڪ پنھنجي رُوح کي، اٿئي جا اُٿل،
دل ۾ دُونہ ان دُکاءُ دردن جا، پيو ڳڻتي انھيءَ ۾ ڳل،
ڪنھن سان ڳالھ سلڻ جي، اڄ آهي ڪانہ مھل،
مون تہ صبر ڪيو منھنجا ادا، ٻيو تہ ڪرئي ها قتل،
ماٺ ڪري وڃي گهر ويھ ڇڏي هنگامون هُل،
متان وجه وٺي ڪو ماري وڃئي ۽ بُلجي ڏيئين بُل،
قرب جا ڪات اندر پنھنجي ۾، پچاءَ وڃي پاڳل،
هي آهي امانت اسانجي، توکي ڪيئن ڪيان داخل،
تون ڪرين ٿو خُواري خلل، ڇو بُڇڙا ڪم تون بَدُون ڪرين!

ڇئي ادا بُڇڙا ڪم ڪهڙا ڪيم، مون کي ٿو مزاج ماري،
ڳري ۽ ڳر بہ لھي وئي، ڳڻتي پئي ٿي ڳاري،
مينھن هوا ۾ مُڙيو اچان، اوهان جي پرين اوتاري،
توکي پنھنجا سور سُڻايم، سِڪ جا سڀئي ساري،
تہ مريو ڳريو مريو وڃان، مات ڪيو آ مُونجهاري،
تنھنجي چوڻ سان من رحم پويس، من مُنہ ڙو مون ڏيکاري،
تنھنجو چوڻ ڪين موٽائي، هو لڳل آ تنھنجي لاري،
اڄ مان وري تنھنجي پيناري، اچي پيس امن چوي.

چئي ادا شابس هجئي پڳ مٽ سنگتي، ياري تو ملھائي،
مون تي ۽ تو پاڻ تي، خلق خُدا جي کلائي،
ڪيئن ڪجي قسم سان، توسان بحث ڪرڻ اجائي،
لڄ شرم شان ۽ شوڪت، تو لُوٺيا اهي لڄائي،
سھڻي ڏسي مڱ منھنجي، تو راھ چڱي نہ چائي،
بُرائي جي عيوض بدُون توسان، ڪيان هُوند چڱائي،
برابر مان بہ ڄاڻان، آهي رُوح پرور سڀائي،
پيءُ ماءُ بہ مڃن ٿا، جن جي ڄڻي آهي ڄائي،
پر اصول قُدرتي قانون سان، حق منھنجي ۾ آئي،
پر تون چوينس ڀرڄائي، جو مان ڀاءُ آهيان تو ڀاءُ جو.

چئي ادا ڀاءُ برابر آهين مون ڀاءُ جو، پر ٿا ير دونہ ان درد دُکن،
هي جنس سُڄاڻان صحيح نموني، سھڻا ٻيا بہ کوڙ گهمن،
هي حور آهي ڪنھن جنت جي، ٿا اُهڃاڻ اهڙا اچن،
ڏِسيو نيڻ ٺريو پون، پِيا تہ ڀُورل لاءِ ڀڄن،
سارو ڏينھن نظر کڻي، ڏيھ انھيءَ ڏِسن،
دل جو ڪم دل ڄاڻي، باقي چري ڇو چون،
سُور پُور پرين جا، ٿا پر مٿي پلجن،
ڏکن مون سان ڏاڍايون ڪيون نہ تہ سھندا بار تہ سهجن،
علاج ڪر امن چوئي، ساٿ نہ سڀ ڇِنجن،
هاڻي روئيندي نہ ڍاپن، اکيون حُسن جي ڍؤ لاءِ.

چئي ادا سچيون ڳالھيون سڀ سھڻيون، عزت ڏِس اسان جي تڏي جي،
ڀوتار شل ڀرم رکي، آبرو رهي هڪ ٻئي جي،
هڪ ڏينھن مرڻو آهي موت سان، پچر ڇڏ جهيڙي ۽ فڏي جي،
توکي خبر اسان جي ۽ اسان کي تُنھنجي لڏي جي،
هاڻي هوڏ ڇڏ هڏي جي، وڃي شوق پورا ڪر شھر ۾.

چئي ادا شوق پورا ڪيان شھر ۾، تُنھنجا ڏُکيا اِهي ڏس،
تون سياڻو واڻو سمجهي وڃ، ٻي مان ڪھڙي رس،
اهڙي جِنس الله سون، تون ڪٿي تہ وڃي پس،
هي جِنس امن چوي جو قلبئون لاهي ڪَسَ،
هِن جِنس کان اڳتي، بات ڪُلئي بس،
منھنجو ناهي ادا وس، ڪڏهن مُئو سُڻندين مون مِسڪين کي.

چئي ادا ڄاڻان ٿو سُڃاڻان، مرڻ ناهي معيار،
مري وڃ مُلڪ مَٽي تہ لھي هيءُ آزار،
تون سدا عاشق سدائين، خالص ڪرين خُوار،
مزاج بہ آهن مرد ماڻيندا، ڪن نہ خبرچار،
رڳو رڙن رُوحن ۾، تن کي تشنگي تار،
ڏسي حُسن ڪنھن حُور جو، اندر ڪن اچار،
ظاهر پنھنجي زبان تي، گُفت نہ ڪن گُفتار،
گهڙي گهڙي جنس جي ٻولي ٻيائي ڪرين ٻيھار،
کوڙ جِنسون خُدا ٺاهيون، حُسن جون هموار،
گهر ويھي ٿو ڳالھ ڪرين، ماءُ جي پيٽ ۾ يار،
گهم جهان خُدا جو، ڏِس حُسن جو هُٻڪار،
تون تہ ڏِسندي دم دمي وڃين، ڪُسي وڃين قنڌار،
برابر ڳالھ تنھنجي بہ سچي آ، سھڻي تہ آهي ڪُنوار،
پر منھنجي شيءِ مون کي ملي، تون بہ وڃي ڪا اهڙي ڌار،
اهڙا اسان آر، مڃينداسون نہ مُورهين.

چئي ادا سئو سئو دفعه سانگ تي، گهمان جهنگ جبل،
شھر واهڻ وستيون، قنڌار ۽ قابُل،
جاچي ڏٺم ڏيھ ڏوراهان، ڪشمور تائين ڪُل،
اهڙو حُسن هٿ نہ آيو، آخر تا اول،
توکي ملي حُور حُسن جي، پوئي نہ ڪائي ڪل،
توکي رحم ناهي رُوح ۾، ڪرين ڪينَ ڪھل،
اهڙي حُسن جي هنئڙي ۾، هاءِ اٿم هلچل،
ساريان پُڪاريان پيار مان، پِريت پرين جي پلپل،
تون مُنھنجي ڳالھ کان پُٺيرو نہ ٿي پاڳل،
مون کي سُور اچي سوڙهو ڪيو، جيئن ارڙو ٻڌي اجل،
هن منھنجي حياتي لاءِ خطرو آهي خلل،
مان مران ٿو مون سين، مستيون ڪرين بي عقل،
امن چوئي اصل، آهين اڙانگو اصل کان.

چَي ادا دانھن نہ ڪر، ڪُوڪ نہ ڪر، دانَھَ ٿي دلير،
مون وانگيان مِٺو اهڙو پيش پوندئي ڪير،
اِهو مان آهيان، توسان کِليو ڪيان خير،
هُو گهر خوش گهر ۾، تون مٿي وجهين مير،
اڃا مون وٽ آئي ناهي، تو اڳ ۾ ڪئي انڌير،
ڪھڙي خبر نصيب جي، فنا جو آهي ڦير،
متان شادي اڳ مري وڃي، ٿئي خاڪ مِٽي جو ڍير،
تون تہ ڀلي رو رڙيون ڪر، ذائقان نہ ٿيندئي زير،
مان بہ ماري پُوري پُورت ڪندو ساءِ، اوير يا سوير،
پوءِ ڀُوءِ مٿي ڪوئي ڀير، ڪندئي ڪينَ قسمت سين.

چَي ادا سِر جا ڀاڳ سِر سان پر سانگا ڇڏيم سڀ،
هڪ سگهي صحتمند، سُلڇڻي ۽ سونھن جا سڀ سبب،
سي ماريو ڳاريو مروٽيو وِجهن، هن تاءُ جو ناهي تَبَ،
اِهڙو حُسن امن چوي آهي اڄ اڻ لڀ،
اهڙن جو ادب، سانڍي رکجان ساھ ۾.

چئي ادا واھ جو ادب تو ڪيو، چوان ڇا هاڻ،
سچ پُڇين سچي ڪيان، آءُ عاشق آهيانس پاڻ،
مران ٿو مان مستيءَ ۾، شالا سُمھي سوَڙ ۾ ساڻ،
ڪَي چپ رکون چپن تي، ۽ اُرهن جي اَڇاڻ،
آهن ٻن مھينن کان پوءِ، شادي جا اُهڃاڻ،
اهڙي حُور حُسن واري، خُود ڏاڏَي ڏياري ڏاڻ،
سڳي سوٽ سُونھيم ٿي، آهي هيرن لالن جي کاڻ،.
جنھن جي ڪاڻ، انتظار اکين کي.

چئي ادا اهڙيون ڳالھيون اَنۡدوھ جون، داغ تي نہ هڻ ڌڪ،
مان اڳي ئي مران ٿو، سِر پنھنجي مان ڪَڪَ،
وري پاڻ اها ٿو هام ڀرين، چاهي اٿئي حَقاني حق،
چئين ٿو پاڻ ڏِسيو ٿو پاڻ مران، آهيانۡس خُود عاشق،
چاڪ دل جا چوري وِڌئي، ظلم ڪري ناحق،
اڃا معيارون مون تي رکين، انڌا تون احمق،
مري ويس مسڪين، مان سارو آهيان سُڪ،
هاڻي لوڪان ڪري لِڪ، حال توسان ڪيم هانءُ جا.

چئي ادا حال اِهو معلوم ٿيو، تون جاچي ڏس جهان،
منھنجو حق مون سان رهي، اِهو ماڻھپو آهي مان،
مان حق پنھنجي ۾ ٿو هٿ وِجهان، تون ناحق ڪرين نُقصان،
منھنجو سچو عِشق جو، تون نِپٽ آهين نادان،
مون کي مائٽن امانت اُماڻي، جيڪا منھنجي نام نشان،
سا تہ سُونھين منھنجي ساھ کي، تو ۾ شِر آهي شيطان،
تون بہ ٻاڏاءَ ڪنھن ولي کي، من ڪو دانھ ڏيئين دان،
هي تہ منھنجو وِرثو مون کي مليو، ڪيو ڪنھن عُمر لاءِ اِحسان،
سڱ ۾ سڱ عيوض ڏنم، کِلندي منھنجا خان،
مِڙئي ڀاڳ ۾ حُور هٿ آئي، دِلبنۡد دلجانَ،
سا تہ سِڪون لاهيندي منھنجي ساھ جون، وقت ڪيو آ پريشان،
تہ من ملئون جلدي ميلاپ ڪيون مستان،
هاڻ توکي خبر ڏبي ڪانہ ، جو تون ويري آهين منھنجي واٽ جو.

چئي ادا ويري نہ آهيان واٽ جو، توکي خبر ڀانئيان ناهي،
خبر اٿئي خُدا ڄاڻي، منھنجي من اندر ڇا آهي،
عشق مِزاجي ماڳهينۡ، ڳاھ ونگر ٿو ڳاهي،
رهندو خبرونۡ ڏيئين نينھن جون، وئين ڪُن اندر ڄڻ ڪاهي،
نڪو سُڌ سمنڊ جي، نہ سِير سينو ساهي،
ٻُڏان تران اِن بحر ۾، ڏس نہ ڏنو ڪنھن ڏاهي،
تہ بابا گهڙ نہ انھي گهيڙ ۾، ڪينَ وڃج ڪاهي،
هاڻي تہ مڇ مانگر ٿو ماري، صلاح ڏيو تہ سِر بچي.

چئي ادا صلاح ڏيندس توکي، جَي وٺين رُوحاني راھ،
پلي وڃ پنھنجي تون، بِرھ واري باھ،
هن اوٿاھ عشق جي، ٻي سين سل مَ آھ،
سيني ۾ اوٻر کاءُ عشق جا، تہ سڙئي ڀلي ساھ،
عورتون مرد آيا ويا، ڪُل جي اوڏاهين ڪاھ،
باقي ڀُلجي ڀُوري ڇوڪري، مٿي عشق نہ رک آڙاھ،
هُن کي ڏار وهي جا، اٿس ڏِنا الله،
چس رکي اُتي چاھ، جِتان ڀُليو پاڻ اچين وڃين.

چئي ادا ڀُليو پاڻ اچين وڃان، وري وڃان ڀُليو،
نہ رند رستو راھ ڏٺل، آهيان چرين وانگر چليو،
رُئان کِلان پنھنجو پاڻ سان، رمز ۾ وڃان رَليو،
چُمي ڀاڪر لاءِ چريو ٿي آھيان عُمر لاءِ کريو،
رحم ڪر راضي ٿي تہ وڃان تار تريو،
حُور سھڻي لاءِ هوش گُم، ٻرڻ ۾ وڃان ٻريو،
هانۡ پنھنجي تي هٿ رکي، ڌيان تہ ڪُجهہ ڌريو،
تنھنجي آهي تنھنجي رهندي، مون کي ڇا وريو،
بس قُرب اهو ڪريو، جو چئينس هڪ چُمي لاءِ.
چئي ادا چوانۡس ٿو هڪ چُمي لاءِ، اهو عيب نہ اسين ڪو،
حُسن جي سونھن کان، ڏُک پسئي جو،
سو چُمي جي صدقي، من سُور لهئي سو،
امن اسان بہ پوء، چُمي جي کڻي چس وَتي.

چس وٺي چُمي جي، شُڪرانو ڪيم بجاءِ،
لٿا ڏُک ڏِيل تانۡ، جا جانب ڪئي جفا،
ڦُٽي وڻ ساوا ٿيا، جي سيءُ ۾ هئا سُڪا،
باغن ۾ بھارون ٿيون، سانوڻ ٿيا سُٺا،
چُمي کان اڳتي چوڻ، اِها چڱي چال نڪا،
هُجت ناهي حُسن سين، نڪو قُرب جي ڪٿا،
پاڪ نيت سان حُسن جي، پِرتئون ڪر پُڇاء،
سئو ڏُک ملن، من ۾ لوئي ۾ ڪُل لڪاءُ،
ايڏي وڏي تڪرار کان، چُمي جي وڏي چس آ،
جن جا اندر امن چئي، اصلئون آهن اڇا،
سِير تن جي سچ آ، ڪڏهن ٻُڏندا ڪينَ ڪي.

بيتن ۾ظاهري طرح هڪ عورت جو ذڪر

نوٽ؛ شاعر هيٺ ڄاڻايل بيتن ۾ظاهري طرح هڪ عورت جو ذڪر ڪيو آهي جيڪا بغير سبب کيس تنگ ڪري پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر هو پاڻ ڪلمي ۽ ڪلمي ڌڻين جو سھارو وٺي بچي وڃي ٿو. ظاهري شاعر تمثيل نگاري ڪئي آهي، پر هن کي نفس تنگ ڪري مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جن جو پرينءَ پاڻ سھارو ٿي پوي تہ ان کي ڪنھن بہ قسم جو ڊِڄ ناهي، هونئن بہ تصوف جا مالڪ پنھنجي اندر مان دِڄ ۽ خوف کي پري ڪڍي اُڇلايو ڇڏين.

(مرتب)

مِلي هڪ معشوقه، تِنھن چيو چپ چوري،
ٻيو ڪم ٻنَ وجه، اول ڏس اوري،
سئو صِفت ڪرين سھڻن جي، آءُ تہ ساھ ڪڍائين سوري،
منھنجي حُسن جي ڳالھ ڪر، تڪي ڏس توري،
چيم ڏائڻ ڏاهپ ٿي ڪرين، مان آيس ڏيھ ڏوراهون ڏوري،
ڦسائيندين ڪنھن ڦند ۾، ناز سان نہ وڙي،
هاڻي منھن مون کان موڙي، ٻئي جا ٻچا اُٿار وڃي.

اِها ڳالھ سانڍي ساھ سان چيائين ڪر اوري ڪن،
منھنجي وارن جي سينڌ سُڳنڌ مٿي، ڀنئورا ٿا ڀُڻڪن،
گرم ڏينھن ٿي ٿڌو وڃي، جي نيڻ نشيلا کڄن،
جي مِٺو ڳالھايان مڳي کان تہ مُنجهي مرد مرن،
داناھ وڃن دهلجي جي ڳاڙها چپ چُرن،
هڪ هار سينگار سؤ سؤ ڪيان، ٻي ٺھي لالي کي لبن،
پير هٿ سنہ ا پشم جهڙا، واھ جو بيهڪ آ بدن،
قد اُوچي ڳاٽ سان، هلان تہ مور مرن،
ڏند موتي مِثل جيئن، سمورا سُونھن،
چيلھ سنہ ڙي اُرھ اڳرو، ماڻھو مست رهن،
ڳاڙها ڳل ڏسي ڳهر کان، ڳريو عاشق ڳرن،
هن منھنجي حُسن جو پانڌي پھ پڇن،
ماڻھو مون لاءِ موڳا ٿيو، سيني ۾ سڙن،
وڳا پايو وار کوليان، تہ اچي مُشتاق مڙن،

جيئن پتنگ ڏٺو ٿئي باھ تي، تيئن جِند ڏيو جلن،
انگ عُضوا مکڻ جيان نشيلا نرم لڳن،
ڪي ئي مرد منھنجي محبت لاءِ، ڪان اڏي تي ڪُسن،
جنھن خلقيو خاوند آ، ان هستي ڏنو حُسن،
جنھن تي راضي ٿيا رُوح سان، سي بهشت هت ڏسن،
پر ڪم اهو اهنجو ٿئي، تنھنجي همت ناهي هٿن،
تون ڪوجهو ڪِنو ڪينَ جهڙو ، توتي حيوان ٿا هسن،
مون تي سَڌ نہ ڪر تون سَڌڙيا، چريو توکي چون،
هاڻي منھنجي محبت جي مذڪورن، مُنۡجهائي مرد ڪي ئي ماريا.

چئي نہ مان عاشق اڳ جو، نہ هينئر ئي آهيان،
ڪهڙيون ڳالھيون ڪرين پئي، آءُ عجب ٿو کاوان،
قسم ساک سان سچ پڇين، آءُ توکي ڪينَ سُڃاڻان،
آءُ مسڪين ماڻھو جهنگ جو، آءُ ور وڪڙ نہ ڄاڻان،
پنھنجي حُسن کي پاڻ پڏائين، بِنا ڪنھن جي پُڇاڻا،
ٻيلي پلو اٿئي پِير جو، مون سان ڇڏ ماڻا،
رُلي رنَ ٿي راٺوڙَ ڏِسجين، اسين ماڻھو اڻ ڄاڻا،
يا تہ اٿئي درد دل ۾، يا تہ پاڙين ٿي پانۡد پُراڻا،
اِهي ڪُل ڪساڻا، پلين ٿي هن پل ۾.

چئي خبر تنھنجي پوي ٿي، کوڙن مٿي خان،
تو مون ڏي نہ اريو کڻي، ڀُلجي وئين بي ايمان،
مون کان تون ڪاڏي ويندين، نِڪري بيھ نِشان،
آهي ملھ توسان ميدان ۾، پاڻ سڏائين پهلوان،
عُمر گُذاريئي عيش ۾، جُسي سوڌِي جان،
ساھ پنھنجو سُکيو رکئي ۽ سڏا.ئين سِڪندر سُلطان،
ڪاڻ ڪنھن جي ڪانہ ڪيئي، نشي ۾ نادان،
نہ سُڻين ڳالھ ڪنن سان، نہ ڏٺئي هيءَ غلطان،
مون ماري مرد مُڃ ڪيا، تن جا مَڙھ لکين مڪان،
سي مُئا منۡجه مُقامن ۾، قبرن ۾ مُدفان،
بازار هن ۾ ڀُلجي تون، بُرا ڪرين بيان،

اصل حقيقت کان اڻ واقف، نقل ڪرين نقصان،
گهڻا ڏينھن مزا ماڻيا تو، آزاد ٿي اِنسان،
ڇا کاڌُئي، ڇا پيتُئي، ڇا آندئي احمق عدنان،
انڌو ٻوڙو گُونۡگو ٿي، هِرڪي جِيانۡ حيوانَ،
تو قيس ڪيا قدورت ۾، غير رکي گُمان،
سِر نہ پنھنجو تو سھي سُڃاتو تہ آهيان ڪِي انسان،
سڄڻ ڏيئي سڄي ٻانھن، تون کٻي هلين خان،
سڌو رستو راھ وارو پاسو، ڪيئي پاڻ،
اُتان لنگهہين اُن لھ وٽان، جِت بر وڏا بيابان،
طِلسم، جادو، راٺوڙيون، جت پک بہ ٿينَ پريشان،
سي اُڏام ڪريو پٽ ڪِرن، سُڪي وڃن سُنۡسانَ،
ديۡوَ وڏا ڌُڏائي دل کي خفا ڪن خفقان،
بلائون، آفتون ازگر اُتي، ڪرٽ ڪن ڪِشمان،
جتان مرد ويچارا مُڙيو اچن، هتان تہ پتنگ ٿي وڃن پروان،
پٽڪا، ٽوپيون پيرن ۾، ۽ ڀاڄڙ وڃي بي ايمان،
حد ٽِپي هاڻ تہ هِت آئي، هِت جاءِ نہ تنھنجي جا جُوان،
زور ۾ پاسو گهڙي جِت، پاسي ۾ ضعيف ٿيندين اُت زيان،
جِت دٻ ۾ تنھنجي دانھن نہ ٻُڌبي، نہ زور هوندو ڪو زبان،
اتي امن چوي آسان ۽ شادمانا هوندا ڪينَ ڪي.

چئي چري چُپ ڪر، مُقابل ويھي نہ مار،
خوف ڏيارين خون جا، انۡڌ چوين انڌوڪار،
سڀ خبر تنھنجي سون جهڙي، اِهي دل نہ پونَ مون پار،
آءُ نِڌڻڪو ناهيان رن رُلي، ڌڻي اٿم ڌڻوار،
ڪم تہ برابرعجب جا اُبتا اٿم، پر معاف ڪندو منٺار،
تون تال پکال پڪا ڪر پانھنجا،سؤ سؤ ڊڄ نہ ڏي سؤ وار،
پر ايندي مھل اچجان، تون تہ ڌڻي مَ هوندو ڌار،
وار مٿان وار تنھنجا، اِهي ڀانئيان آءُ نہ بار،
هر وار جو وسيلو ساڻ اٿم، ڪلمي جي تند تنوار،
تون ڪم ڪندين ڪُل ظُلم جا، پر ايندو ڪُل قرار،
توکي طاقت ناهي ستائڻ جي، ساڻي آهي سردار،
خود ماري توکي موت ڏيئي، پِرين اسان جو پڳدار،
چپاٽ لڳئي تہ مُنھن مُڙي وڃئي، خوب رهين تون خوار،
نہ بلائون آفتون، نہ ڏاڍ سنۡدا ڏهڪار،
نہ جانور، جِن، نڪو ديونَ سندا ڌڌڪار،
اتي امن جي آڌار، پاڻ هوندئي پڳ ڌڻي.

عشق مجاز جا بيت

نوٽ؛ هيٺ بيان ڪيل بيتن اندرڪٿي عشق مجاز نظر اچي ٿو تہ ڪٿي وري محبوب جي حُسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ڪٿي فِراق جو درد پَسڻو پوي ٿو تہ ڪٿي محبوب جي ذڪر سان گڏ پنھنجي اصلي خالق جو بہ ذڪر اچي ٿو تہ ڪٿي اِنسان جي غفلت ۽ اُبتا سندا ڪم بہ ذڪر هيٺ اچيو وڃن.
شاعر هر منظر اندر درد جي پيڙاءُ هيٺ رهي ٿو، وفا جي اکر ڪارڻ لُڇي ۽ تڙپي ٿو پر موٽ ۾ اُن کي ان منزل تي پھچڻ تائين جيڪي صدما، تڪليفون ملن ٿيون، هو اُنھن کي پنھنجي منزل جو ڏاڪو سمجهندي اڳتي وڌي ٿو. زندگي جي هر ساھ ۾، زندگي جي هر قدم تي ۽ هر موڙ تي هو پنھنجي طلب کان نہ ٿو هٽي، نہ هن کان ماضي ٿي وِسري، نہ هن کان درد جا اهي تُحفا ٿا وِسرن، نہ جفا کي وساري سگهيو آهي. پر نہ هن کي اُهو ڪٿان پيار ملي سگهيو، نہ هن کي نوڪري ملي سگهي، وڏيرن جي درن تان واپسيءَ وقت درد ان کي ٽوڙي ٿو وِجهي، ان باوجود بہ هُو جيئڻ جو مزو ٿو محسوس ڪري. شاعر بيتن جي اندر ان سڄي ڪيفيت کي ڪيئن بيان ڪيو آهي، پڙهڻ کان بعد درد کي سمجهڻ وارا اُن جي اُن لوڇ ۽ تڙپ کي محسوس ڪري سگهن ٿا.

(مرتب)

يار پرين پيو ياد ڪجان، هي وقت مزي جو آهي،
قدر پرين تو ڪونہ ڪيو، اڄ ٿو هرڪو توکي چاهي،
جابر پرين آ جواني تنھنجي، ڪير سينو توسان ساهي،
امن چوئي تڏهن تون چئجان، جڏهن جُواني وڃئي ڇڏائي.

گُذريو زمانو ڇڏ کڻي، ماضي ڇا تون ياد ڪندين؟
پراڻيون ڳالھيون دل ۾ پچائي، دل پنھنجي برباد ڪندين،
پُورن پچائڻ مان ورندو ڪينَ، غمِ الم ڪُل افراد ڪندين،
امن گُذريو زمانو وسار کڻي، ڇا حاصل هَڙ مُراد ڪندين؟

ظاهر ۾ کل خوشي، ليڪن اندر ۾ ڪپيل آهيان،
فٽيل آهيان، ٽُٽل آهيان،زخمن جو تتل آهيان،
آهيان تہ اِهو سادو، مگر سنگت ۾ نہ کُٽل آهيان،
امن وفا جو ڪم ۽ وفا جو دم، نہ پرتل آهيان نہ رُٺل آهيان.

جَي خوش آهيون تہ کل خوشي، جَي پيمار آهيون تہ بس،
سُک ۾ سڄڻ ٿا ساٿ ڏين، ڏُک ۾ ڏوران ڏين ڏس،
تہ امن اهو گسُ،وٺي راھ رِڙھ هتان.

ظاهر ۾ جُدا آهيون، اندر ۾ گڏ آهيون، سمجهڻ ۾ هڪ سڏ آهيون،
پري آهيان تہ نَيڙي سمجه، اسان ماس تنھنجي جا هڏ آهيون،
پيار ڪندي گِلا هلي تہ ڀئو ڪِهڙو، نہ غير آهيون نہ ڏڏ آهيون،
امن پيار عشق ۾ عليل آهيون، چريا اسان بہ حد آهيون.

ڪامورا ڪوڙ ڪسوٽي جي ڄاڻن وڏي ڄاڻ،
حِلال پگهار ۾ حرام گڏايو، رکن ڪينَ سُڃاڻ،
رُشوت وٺي ناحق ڪن، مزو وٺن مِٺاڻ،
امن اهڙن ماڻهن هاڻ، ڏيکاءَ ڪيا هن ڏيھ ۾.

نہ کپي قاروني خزانو، نہ سڀ سُڃائي ٺاٺ،
شل خير ڪرم جو روز ملي، سُٺا سنۡوڻَ ۽ ساٺ،
امن رب جي ذات، شل ڪرم ڪري قُرب جو.

سُڌ خبر توکي نہ پئي، جا سُورن ڪئي مون ساڻ،
تون خوش رهين گهر پنھنجي، توڏي منھنجي تاڻو تاڻ،
امن ڪنھن جي ڪاڻ، ڇا مري ملھايون پاڻ کي.

افسوس سنگدل مون سان رهائين نہ ٿو،
حال دل جو دلبر صنم سڄو ٻُڌائين نہ ٿو،
دل سان دل کي اي جان، من موران ملائين نہ ٿو،
سچ ٻُڌا ڪيم جَي قصور، واتان ورندي ورائين نہ ٿو.

دلبر چيو ماٺ ڪر هي قِصو ٻُڌڻ کان آهي اڳڀرو،
نہ منزل ڪانہ راھ روان، تنھنجي سمجه کان اُتڀرو،
هجي ڪو عقل جو اڪابر اهل دل، هوش مند ۽ جسکرو،
هي ڄاڻ ڄاڻي عالي ظرف، هجي عقل ذهن جو تکڀرو.

ڌيم دل جا ڌڻي جنگجوء چشم سامھون کڻي تنڪ ظرفي ڪينَ ڪر،
نشيب وَ فراز بقدر ڄاڻان نہ ٿو، اِها يڪ طرفي ڪينَ ڪر،
چمن جي مٿان بادصبا جيئن، اُها بي ترسي ڪينَ ڪر،
قفس غارت ۾ ڍڪي، عروس گُلنار پرستي ڪينَ ڪر.

منھنجي چوڻ تي اي ماهرو ۽ دلجبينۡ، تِنڪ حرف سان تيئن چيو،
جيئن ڪاري گهٽا آڪاش تي هر پهلو مٿي ڇاپو هنيو،
تقدير وَ تدبير کي، چشمِ گرم سان نوچي نِيو،
چوٽ لڳي دو نيم ڪليجي ڪم الائي ڪهڙو ٿيو.

مون چيو منھنجا پرين ڳالھ کولي ڪُجهہ ٻُڌا،
سِر راھ ايندو جميع خط، ٻول ٻولي ڪُجهہ ٻُڌا،
ماهِرُو مُشقِ سُخن، ڪنھن اوٽ اولي ڪجهہ ٻُڌا،
ظرف تماشو ڇڏ مِٺا، لب لال چولي ڪُجهہ ٻُڌا.

ٻيرن جهليا ٻُور ۽ سرنھن جهليا گُل،
بادصبا جون برساتون پيون، من ڀائَي هي مھل،
امن ڪيئي ڪانہ ڪھل، وڃي موٽڻ جي ڪانہ ڪيئي.

پلڙا ڏسو ٻٻرن ۾، ٿي پڪا ڪِرڙ ڪري،
هي مُند ساريو سانگين کي، رُويو رُوح رڙي،
امن ويا ڪنھن قُرب ڪڙي، ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان.

ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان، چهڪ ڏِنائون چِير،
جيئن ڇِڪيل اچي چُوھ مان، ڪان وٺندو ڪير،
اچي ڌڪ لڳو دل مٿان، تنئون نہ نڪري تير،
امن چانگ اَسِير، آهيون تُنھنجي عشق جا.

ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان، ٻَکينۡ ويس ٻَجهي،
تنھنجا پيار مون سان ڏسي، ٿيا عاشق لک لڄي،
تہ هن گُنہ گار هن گندڙي سان، ڪيئن چاهت چس لڳي،
هي چسي اهڙي رُوح رسي، ٻيا رايا سڀ رهجي ويا.

ٿي جوان منھنجا جانب، نہ مون کي مِٺا وسارج،
نعتا پُراڻا پنھنجا، واپس سھڻا سنڀارج،
ٻين سان هڻين ٻٽاڪونۡ، جانب نہ جيءُ ڳارج،
هِن هُن سان هٿ ملائڻ، ڊاڙا ٺڪا نہ مارج،
عُمر امن اسان جي، خالي ائين نہ کارج.

چيم لالچ ڪھڙي ڪم جي، نڪو مان وڻج واپاري،
نڪو تون ٿو مون کي گهرجين، نڪا يارل تنھنجي ياري،
پر ڦاٿل دل جي دوا ڪهڙي، هي چري آ دل ويچاري،
ڏسيان ٿو توکي حشر ڪهڙو، ڪھڙي آ عشق آزاري،
امن کي اي خودغرض کپي نہ هاڻ ڪا دلداري،
پُورن ۾ پچي پڪا ٿياسون، ڪيون ٿا دنيا جي ڪم ڪاري.

کل ڀوڳ ڀلا ڪو چرچو وقتينۡ ڪندين تہ ڇا آهي؟
هردم تاڙو تاڙي ۾، مون سان ڏيندين تہ ڇا آهي؟
دل ٿي زخم سھي سڀ ٻيا ويتر ڏيندين تہ ڇا آهي؟
امن کي پنھنجو سمجهي اڱڻ ايندين تہ ڇا اهي؟

چيو سھڻي آهيان سھڻو، اُٿيو آ پيار جو جذبو،
مون کي بہ دل آهي، دل ۾ جاڳيو آ يار جو جذبو،
دُنيا ۾ هِت هر ڪنھن کي ڪنھن نہ ڪنھن وهنوار جو جذبو،
امن مون سان ڏيکاريو اڄ پرين اقرار جو جذبو.

چيائين ڪبو بس ڪين ٻيو ماڻھو، نڪو توکي ڇڏي ڏيندس،
چئو حاضر اکڙين سان، قُرب توکي ونڊي ڏيندس،
چُمي ڀاڪر جَي چوندين، برحق توکي سڏي ڏيندس،
مکڻ ماکي ۽ مِصري ڪُل مِلائي طعام گڏي ڏيندس،
هيرا لال زمرد عميق، خزانا سڀ لڏي ڏيندس،
امن وچن ٻُڌ، سِر سھائي اَڏي آيو تہ اڏي ڏيندس.

مڃين تہ مراد تنھنجي نہ مڃين تہ نِيت،
ڪونہ وڃائبي ڪڏهن لکن جي پِريت،
جانب آهي جِيت، اِهائي چانگ امن چوي.

مڃين تہ مڃ، تانۡ مون مڃوتي مڃي،
دل منھنجي درد کان، ڀورا ڪيؤ ڀڃي،
تو جا رس سان رڱي، سي چِٽ نہ لهن چاھ جا.

چٍٽ نہ لهن چاھ جا، جَي چارئي پاسا چوڌار،
دردن دل ديواني ڪئي، اٿم کيپ ۽ خُمار،
امن چانگ عجيب جا، نشا ٿيا نِروار،
نہ آهي خبرچار تہ ڦاٿاسون ڪيئن فيراق ۾.

ڦاٿاسون فيراق ۾، دردن دل دمي،
کلي ٿو خوشي مان، ڪم ذات ڪوري ڪمي،
امن چانگ عجيب لاءِ، آيس سمورا گهر گهمي،
رضا مون مڃي، تہ ڏاڍا اهن ڏانءُ ۾.

هُو ڏاڍا ڏانءُ ۾، عجب اٿن عقل،
مڃتا اٿن عقل ۾، اٿن ملڪيت ماڻھو ڪُل،
تن کي ڪھڙي ڪھل، امن جي آزار جي.

امن چانگ چوي ڳول، جي ڳلي لڳي ملن ڳل سان،
جي اچن اڌ رات جو، قُرب منجهاران قول،
جي ماڻھو ڪن مخول، سي عام اٿئي هت آدمي.

پنھنجا اٿم دُشمن نہ تہ پراوا پري ٿيا،
پراوا هڪ پل نہ بيھن، جي پنھنجا نہ پِيهٽ ڪن،
پنھنجا قاتل مفاد ۾، سَي ٻئي تي ڪيئن پون،
اهڙا اوڏا امن چوي اڃي پون ٻَنَ،
نہ غيرت ڪا اٿن، نڪي سوڀ اٿن سچ جي.

جي پنھنجا ڪن همت، تہ اوپرا اچن نہ اوري،
هي مُٺا پنھنجي مطلب ۾، مُوڙها رکن نہ مت،
اڄ نہ سُڀان امن چئي، ٿيندو دُشمن بي درخت،
ڪپي ڪندن قحط، مرندا سڀ منحوس ٿي!

جيئن هڏي مٿي هجوم ۽ ڪتو وڙهي ڪُتي سان،
تيئن انڌي اک انڌا ٿيا نہ ڏيئو نہ سج نہ موم،
ڪِني آهي قوم، جا پنھنجا مارائي پنھنجن کان!

مفاد ۽ مطلب، وڃائي شرم سوڌو ڪري،
هِري پيا منحوس ٿي، نہ رکن مٿي رب،
پنھنجن کان پاسيرا ۽ ڪوٺي ڏين نہ قرب،
امن تن جو ادب، ڪينَ ڪجي ڪڏهين!

پنھنجن کان پري ۽ ٻئي تي ٻاجهون ٻاجه جون،
مطلب ۽ مفاد پنھنجي ۾، شل نہ ڪو کر کري،
ماني لاءِ مُشتاق ٿي، هو ڌيان نڪو ڌري،
عزت ۽ عقل کي ۽ غيرت پنھنجي گُم ڪري،
امن اهڙو ڀل مري، جئيرو نہ گهمي جهان ۾.

ڪجي هر ڪنھن سان چڱائي پر حد اندر ڪجي،
اِهڙو مِٺو نہ ماکي ٿجي، نہ اهڙو ڪڙو ڪسر ڪجي،
پر پاڻ کي رکجي وچ ۾، نہ زبان کي زهر ڪجي،
نہ ظُلم سهجي مُڙس ٿي نہ ٻئي تي قھر ڪجي،
چانگ امن تڏي تي مھمان کي آجيان هر هر ڪجي!

نظر رکجي مال ۽ اولاد ۽ دُشمن سندي داءُ تي،
نہ سُڻِي ڳالھ تي نہ بھتان تي، نہ اعتبار ڪجي واءُ تي،
امن نہ روئجي نہ رڙجي دُشمن سندي گهاءُ تي،
مرجي يا مارجي پر گار نہ ڏجي ڪڏهين ماءُ تي!

پنھنجا هڻن پنھنجن کي، ڌُوڻي ڌُوڻي ڌڪ،
ڪُڌا ڪم ڪنڃرن جا، ڪُتا جن مان ڪڪ،
امن اهڙا انڌا احمق، ڄمندا مرن ڄر ۾.

اسان کي آزار عشق جو، تون ٿو ڏسين ڪم ڪاروبار،
چِت چاهت خيال سمورو، اُتي جتي آ يار،
ٻي ڳالھ ٻُڌڻ سُڻڻ ۾ اچي ڪونہ قرار،
اکيون بہ نہ ارين اوڏهين، رهن خوب خبردار،
ڪهڙا امن حال ڪيان، ساجن جي اٿم سار.

مون کي آزار عشق جو، هيڏان حاڪم جو هچو،
سارو ڏينھن سِڪ ۾ سڙان، قرب نہ رهيو ڪچو،
حاڪم جو حڪم سِر مٿان، آهي تہ ڏُکن جو ڏچو،
امن ساٿي هجي تہ هلي مل هيڪر، سمجهان توکي سچو.

توبھ رب جي در، عشق لڳئي تہ سُڌ هجئي،
هڏا سَنۡڌ سَنۡڌ سور ڪنئي، خبر پوئي جڏهن خيال مُنجهئي،
مرين دم ڏئي درد دلبر جي تڏهن بہ روح نہ رهئي،
هن باھ ۾ امن ويتر باھ ڏجئي، ڀلي ڌرم دنيا تانۡ روح کڄئي.

ڪھڙي طرح دلبر چوان تہ ڪيڏو مجبور آهيان،
چاهي درد چاهت جو ملي، مِٺا مُحب مشڪور آهيان،
عشق جا زخم ٿا عليل ڪن، مست مَئَي پيتل ڄڻ مخمور آهيان.

اچو تہ خزان بھار بڻايون،
ننڍڙا پنھنجا ٻار پڙهايون،
پيار کي اصل ۾ پيار بڻايون،
پيار جو ڪو ڪاروبار بڻايون.

ڪو مُسافر هو پيار جو، ويو تہ نہ آيو وري،
پکڙي ٻوليندو هو باغ ۾، هُيس دل درد ڀري،
پرديسي هو پري جو، هُن جي شايد وئي سري،
ڪو خُواب هو مانجهي امن، اکين اڳيان آيو تري.

حميد* آيو لاڙ کان، مولا ملايو،
سادو سٻاجهو سِڪ ڀريو، دل کي ڏاڍو ڀايو،
سچو سدائين ٻاجه وارو، جنھن خوش ٿي کلايو،
شاعر ڳائڻو خوش مزاج جنھن سان روح اسان رَلايو،
ساٿ ڏبو حميد سان، سنگت رکبي ڪري سايو،
اهڙو دلبر خُدا ڏياريو، امن جو چڱو ڏسجي چارئي پهر.

آزادي آزادي آهي عزيز آزادي،
بِن آزادي پل نہ سرجي، آزادي سان آبادي،
آبادي سان ميلا رنگ، امن آزادي جا آهيون اتحادي.

ڏينھن بہ ساڳيو، رات بہ ساڳي، موسم جا حالات ٿا مٽجن،
ساھ بہ ساڳيو، جسم بہ ساڳيو، عمر عمر سان خيالات ٿا مٽجن.
اکڙين کي روڪ عجيب تون، سر ساھ جيدان ٿو گهرجي،
زندگي وڃي تہ وڃڻ ڏي، نيڻن کي تہ نِشان ٿو گهرجي،
دل ڦتڪي تڙپي ڌڙڪي ٿي، تنھنجو هڪ اِحسان ٿو گهرجي،
قرب جي ڪُٺي دل کي، مُحبت جو مِٺو مان ٿو گهرجي.

کڻي نيڻ نشيلا، نِرمل مٺا مون کي ماري نہ وجهين،
پنبڻين ڇِنڀڻ سان قھري ڪان ٿا ڪھن زندگي کاري نہ وجهين،
هي عقاب شهباز ماس دل جو گهرن، سامان موت جو سنواري نہ وجهين
مان غريب بيڪس بي پرو، بي گُناھ امن غريب جو گهر ٻاري نہ وجهين.

حُسن تي آهيان عاشق، ڀلي سر عام ٻُڌن ماڻھو،
حُسن وارن سان گڏيو گُهمندس، ڀلي هر هر ڏسن ماڻھو،
ڪي کلندا خوش ٿيندا، ڪي سيني ۾ سڙن ماڻھو،
امن موڪل آ هر ڪنھن کي، ڀلي مون سان وڙهن ماڻھو.

کڻي قلم هٿ ۾ چيم لکان پر اڃا ڪُجهہ سِکان،
ڪجهہ دور زماني جا ڏٺم ۽ اڃا ڪجهہ ڏسان،
سِنڌ سونہ اري سدا آباد، تنھن ۾ سُونھن سدائين پسان،
شھر ٿر بر بحر سِنۡڌ جا، اکين تي رکان،
ڳوٺ ٻڌل اسان جو، جو چانگن جو چوان،
نالو ڳوٺ جو غلام محمد، جنھن ۾ مان بہ رهان،
هي بہ سنڌ جو ڳوٺ آ، جنھن ۾ قرب جا ٻنانۡ،
مھمان نوازي مُسافر لاءِ، ۽ هر ڪنھن لاءِ آجيان،
عزت وقار ۽ شان سان رهون روانۡ دوانۡ،
هر هڪ ماڻھو ڳوٺ جو، موتي آهي مرجانۡ،
اهڙن پيارن ماڻهن سان، رانۡول سدا راضي هجي.

رانول سدا راضي هجي، ماڻھو هجن خوشحال،
پڙهن ڪڙهن پِريت مان، لاکيڻا گُهمن لال،
پاڻ سِر سور سھي، ڀورن تي ڪن ڀال،
جوڌا جُوان اڻ ڪاڻيا، ننگي نِج ننگپال،
سادا عقل ۾ ڪين ڪي، نہ ڪوڙا ڄاڻن تال،
سُٺا هجن سيج تي ۽ بُرا ٿين بدحال،
جن جي اهڙي چلت چال، تن وٽ ڀلي رهي وڃ راتڙيون!

صنف بيت بقصئه غم درد عشق عقآب

بيت 1

فيراق فڪر فنا ڪتا، ڪٿ فاٿي دل هي وڃ يار،
ياد پوون ڳالھين ڳڻان سنديان، ٻيا پرين تيڏا پيار،
پلپل پياس اداس لڱان ڪون، دل جوش ڪتي هي دو تي چار،
چاڪ چڪن،نيڻ وسن، پور اٿن، عشق ڏتي اهڙي تہ آزار،
جان ڳل هڏي ٿي ڳئي، ڪِتا باھ بِرھ دي بيمار،
ٻُڏتار، اڻ تڻ، آهان دانہ ان، تن وچ طلبان تار،
مَونۡجه من وچ شور مچايا، غمان دا غضب غبار،
راتيان ڏينہ ان رڙدا رهندا، جيوين بادل مينگه ملھار،
گهاءُ گهڙي گهڙي تاءُ تَپيندي، ساءُ نہ آوي سنسار،
هرڪو هلدا گهمندا وتدا، پيا پيٽ پالي پروردگار،
کاندي روز ڪنھن دا نہ کُٽدا، جيسين حياتي جيءُ جيار،
شادي غمي بہ سِر تي سھڻي، ٻيا ڪم ڪاروبار،
اُٿڻ ٻهڻ بہ چئين چڱيان وچ هَوندي عزت اَچار،
وقت ويلي وچ ڏک دُنيا دي سھڻ ميڏا سينگار،
مطلب پڇين من مر ڳيا، جيوين ڪپي ڪاتي ڪٽار،
عشق دا چٽڪا، مِرگهي دا جهٽڪا، سمجهو هڪ اچار،
مين بار بِرھ دا سھ نہ سگهدا، هَي ڪو اهڙا جبر جبار،
عُبضي سڀ ڏڪ ڏيل ويندي، هر ويل خوب خُمار،
هر ويلي چاھ دي چاسيءَ چاس رکي، نہ آوي ڪو سماچار،
باهين ڀڙڪن، جئيري ٻڙڪن، سُور سيني تي سُوار،
وِٿي نہ ڏيندي هڪ وال دي، چئوطرف رهندي چوڌار،
چاھ چاهت ڪڻون چِت نہ لڳدا، چور مٿون جيوين بار،
الله لڳ ميڏا دلبر آوي، ڪي سو لک ڪر سينگار،
واٽان واجها سَما مينۡ ڪردا، دل وچ درد هزار،
آسين تہ عيدان الاهي ٿيسن، ڪر قرب ڪوئي قربدار،
پُراڻي زماني ياد تہ ڪر، اِنہ ان ڏُکان تہ ڪِتا هي ڏُکدار،
راتيان ڏينہ ان ننڊ نيڻان دي، فِٽ ڳيا ڪُل قرار،
ڌنڌي کنۡڌي لُڙھ بگڙ ڳئي، جڏان نينھن ڪِتا نِروار،

عشق مِزاج من مار ڳيا، ڪراءَ دلبر درشن ديدار،
ظاهر باطن رُسڻا ڍوليا، تيڏي تند تنوار،
ننڍي لاڪون عشق ڪپيا، عقل دا ڳيا اختيار،
ڦردي گهمندي گهاءُ گهور ڳئي، جيوين ڪپ ٽُڪ رکي تلوار،
مستي هستي دل ڇوڙ ڳئي، رونۡدا گهمدان لاچار،
اوڙي پاڙي والي جيڏي سَرتَي پُڇڏي خبر چار،
آکن ڪهڙا ونگ جوان آهوين، ڪيڏا مُنھن دا چاس چمڪار،
ويندئين ڳلدا، ڳالھ نہ سلدا، لڳا ڪَيھا تيڪون ڦتڪار،
ڀُورا رنگ ڪپاھ تيڏا، ڦِر دُڻکا ٿئين دُکدار،
من اندر جا ڳالھ هووئي، تون اپڻيان نال ڪر اظھار،
اسان جيڏي تيڏي تون ڀائي ساڏا، اسان تہ غير نڪو اغيار،
ڪنھن بيماري حملا ڪتئي، تون ڪُس ڳئين قنڌار،
ڪنھن حڪيم طبيب ڏي گهن هلون، من ٿيوين خوش گوار،
مين آکيا بار بار سار لبان تي، پُڪار لبان تي، مُحب مٺا منٺار،
آوي سانوڻ پنڌ پڇاوڻ درد پڪاوڻ رنگ رچاوڻ، پئي بندي ڪري ڀُلڪار،
دل وچ چاهت، روح دي راحت، ساعت ساعت تيڏي مُحبت يڪسان هِم يار،
اُهندي ڪاوڙ قُرب ڪل اکينۡ تي، او قرب والا هي قُربدار،
جوش آون، جيري جلاون، دل ڏکاون، روح رنجاون، تن تپاون، ميڪون طلب وڏي هي تار،
دل پئي ساري، ڏيکان چاري، من مونجهاري، آءُ اوتاري، تڪيندان تاري، مين سِڪدا هانۡ سرڪار،
يار هوين يار رهين نہ ڌار ٿيوين عيب ڇُپاوين ڳراٽي پاوين رُسان تہ پرچاوين، پرين سُڻ پرچار،
آءُ پرين ڏيک حال ميڏي نہ تہ ويسان هُڻ گُذار،
آپ عجيب احسان ڪتئي، لوڪئون لاھ معيار،
صدقي وڃان محبوب سڄڻ تُون، زر دولت گهر ٻار،
جنھن دي شفاعت شفا ڏتي، بدن ٿيا بھار،
پنجتن پاڪ ڏينھن پُڄاڻي، لڄ رکن لڄادار،
قبر انڌاري نہ مٽي چاري نہ سنگتي ساٿي ساٿ دا ساٿار،
گهن دامن علي ولي دا، جيڪو شير بھادر سردار،
آکي امن هڻ خوش هيان، پئي دُعا ڪرو دلدار.

بيت 2

سھڻي دلبر دي، اِحسان مٿي احسان اي،
لاھ نہ سگهسون، پئي ڳاسون،سِر سنيان تون قربان اي،
ادا هرڪو مر جهان ڇُڙيسي هر ڪنھن دي لاءِ کُليا ميدان اي،
سڀ ڪو ساٿ ويندا ڇوڙي، هر ڪو گهڙي کن دا مھمان اي،
ڪير نہ ساٿي ڪنھن دا ساڻ هلدا، وَيندا اڪيلا انسان اي،
ڪُٽنب قبيلي اپڻي پرائي، سڀ پرائي سمجهين، جي موت مٿون تيڏا ايمان اي،
کڏ سامي وچ هرڪو گِهڙدا، اٿان تہ مسافر خانہ مڪان اي،
شِر شرارت فساد فتنا، اِهو ظالم تيڏا زيان اي،
ڏيک خوش وتئين هڪ ڏينھن مرسين، وقت وچون گهڻا خان اي،
کل خوشي ڀوڳ چرچا دنيا دا، اي فاني جڳ جهان اي،
تِل دي گُٿي سو چوٽان کاوي، ڪيون ڪِتا نفس نادان اي،
موت جهڙي سچي حقيقت تہ بہ تيڪون ڪيڏا رنگ رُجهان اي،
گهر اڏ تي اوطاقان اڏين، مھمان کنوائين برابر جذبا تيڏا جوان اي،
مگر الله علي دي ياد نھين، وڏا اهو ارمان اي،
ظابطا رابطا ڀُونء مٿي، تہ اي رنگ دڙي اي نشان اي،
پِيُو ڏاڏي هي تيڏي جوڙ جوڙي، جنھن مٿون تيڏا من مستان اي،
پاڪ پيغمبر فرما ڳيا اي شريعت اي قُرآن اي،
ڳالھين ڏُوهئين ڇوڙ نہ هٿون، پِڇي مرد تيڏا ڪو مان اي،
ڳاءُ الاپ ڪوئي روح روحاني، ڪڏي دلبر تيڏا ڳِيا ڌيان اي،
بيشڪ ساڏا تون رب هوين، اها ظالم تيڏي زبان اي،
وچن ڪتي وتئي وِٿيان ڳوليندا، تَي اوچا تيڏا ڳان اي،
انسان هوين تہ ادب رک، اهو فائق دا فرمان اي،
دل ٻَڌ دلير ٿي، نہ ڀُليج تيڏا دانھ وڏا ڪو دان اي،
چڱي ڀلي ساڄي لِڱينۡ، ملھ مريچ ڳئي، بچدا ڪوئي پهلوان اي،
اهين شِر شرارت وچ آندا، جيڪو سو انڌ سمجه حيوان اي،
خُدا دا خوب خوف ڪريچي، صبر ڪرڻ هڪ شان اي،
شان عزت الله دي هٿ هي، نہ ڪوئي ڪنھن دا رکوان اي،
قبر وچ ڪُلئي هڪل تي هلسن، رب ميڏا رحمٰن اي،
رسول دي صدقي من سِر بچسي، هيون بيڪار مڙئي بيگان اي،
امن دي لڄ رسول رکيسي، ڏينھن حشر ميدان اي.

بيت 3

ڏينھن حشر حساب ٿيسئي، ٻيلي ڇُڙا ويسئي اُت ڇاتي،
ڌرتي مٿون پيا ڌن ميڙين، پيا حرص ڪرين ويسي گُذار ايوين حياتي،
خبر نہ پوسئي، آڻ سِر تي کڙسئي مشڪل موت مماتي،
عيش مزي وچ امانت اماڻين، سمجه طلب مڙئي مذاقي،
خُدا ڳُجه تيڏا تون خُدا دا، اک پٽ هوين آفاقي،
ارض آڪاش وچون ڀڄ لڏ وڃين ڀلي ٻئي گهر دا ٿي وڃ ڀاتي،
جي رب جوڙ تيڪون هي روز ڏِتا، ڪيوين نہ تين رب دي ذات سُڃاتي،
ظاهر باطن ڪر عبادت ٿي سچي عمل دا ساٿي،
جواني جوڀن اک ٻُوٽ دا جادو، سا بہ سدا قائم نہ رهسئي ڪاٺي،
ڪيڏي ڀوري جوان،سونھن دي سھڻي، جنہ ان ڪون شينھن دي آهين ڇڙڪ ڇاتي،
سي بہ مر جهان مُڪلا ڳئي، بس مار ڳئي موت دي ڪاتي،
تون جو ڪِتي منھن مٿي پيا داڦوڙي مارين، پيا عار رکين اخلاقي،
ٻيلي ڪهڙا آسمان ڦاڙ سٽيسينۡ، يا ڌرتي مٿون تيڏي ڌاڪي،
خاڪ مٽي دا پُتلا هوين، سو خاڪ ٿيسين نيٺ خاڪي،
سُمھ ننڊان ڪر نام لڄاوينۡ، تيڪون ويندي دُنيا دي هوا چاتي،
اُٿي الله دي عبادت ڪر، عاشق ٿي اوشاقي،
دنيا وچ روزي قُوت ڪماءَ، پِن نہ کاءَ ڪائي پاٽي،
جنھن ٺاهيا سو روزي ڏيسي، هٿ پير هلاء ڪو هاٿي،
نفس تيڪون هي تاراج ڪِتا، اهنڪون هڻ نڪ اندر ڪا ناڪي،
باقي تيڪون ڦاها کپي، جينۡ تين دل خُدا نال ٿاڪي،
سُنت رسول دي دل نال اهل ڪر، تيڪون قرب اهوئي ڪافي،
آپي سڏ تيڪون سُرور بخشن، ڏيون ڏوھ گُناھ دي معافي،
باقي سُتي اُڀاڻي رب نہ مِلدا، وتئي ٻُوٿ پَرُوٿا چاتي،
الله مِلدا دل نيت تي، تيڏا شفا ڪريندا شافي،
روزي نِمازان نينھن نہ مِلدا، نھين دل جي عشق اندر آتي،
جي لڳ فِڪر وڃئي، ٿي فنا وڃين، وڃ دل ڪٿان تين لاتي،
تہ خون جسم دا سڙ وڃئي، جان ڳل ٿي وڃئي پاٺي،
حُسن دي ڦٽ ئي ڪڏان سنوين نہ آون، اهڙي تہ چُٽڪي والي هي چاٽي،
جگر بُڪيان سڙ بَک ٿيندي، ول غير گهتيندي ڄاٽي،
تِک تئو وچ سالم رھ تون، ڇوڙ چاهت والي چاسي،
پِڇي توڙ پُڄينۡ، وڃ بيک منگين، هٿ خالي ول نہ آسي،
چانگ دي من چڱي ڪرين، شفيع المذنبين شافعي.

سرائڪي ابيات دل دردِ در بيان مَحبُوب المهتابُ

تڪليف هِجر دي هزار وڏي غم، صدمي جگر ڪون جال وَ جال،
آگ اندر وچ عشق دي آتش، پيار ڪِتا هي پئمال وَ پال،
رب پاڪ ڪڻون دُعا پيا پِنندا، پاسي يار دي هووان نال و نال،
امن خوشحال هووان هزار سال، ڪي خوشيان ڪرون سال و سال.

اهڙي يار پرين دلدار سڄڻ دي عمر هووي ڪا صديان سال،
هڪ دِن سمجه سال هووي، هر ماھ هووي عيسويان سال،
ميڏي دل اکيندي سدا حيات هوون، وِنگا نہ ڪري ڪوئي وال،
امن ساڏي قسمت تي اسان ڄاڻون، او رنج نہ ڏيکي ڏک تي ملال.

لُڪ نھين هڻ لوڪ ڪنون، نروار عشق نروار رهي،
هر حالت وچ تيڪون پارت هووي، قائم قرب قرار رهي،
چاهي روز پرين ديدار ڪران، تب طلب تُساڏڙي تار رهي،
امن عشق هڏان آڻ گڏ ٿيا، ڪيفي خوب خُمار رهي.

ول پرين ميڪون ڪل نھين، تُسان ڪيھا مشورا مِل ڪِتا،
متان مسڪين ويچارا مار سٽو، مين ڏوُھ گُناھ نا تِل ڪِتا،
رڳا قرب تُسان نال ڪر ٻيٺا، لک لوڪ ميڏي لئي ذِل ڪِتا،
پرين تيڏي وفا ڪون جس هووي، تين آوڻ وڃڻ دا جهل ڪِتا.

فڪر سدا هي يار تيڏا، ٻيا ڪم ڪاروبار نھين،
اها گهڙي نھين ميڪون قسم تيڏا، جنھن وچ تيڏي سار نھين،
دل کس تي پرين بي وس ڪتئي،اهو ويچار والا وهنوار نھين،
امن درد پرين دي بي سُور ڪِتا، ڪيوين ڪران ڪوئي قرار نھين.

ڳهر ڄڻ سڪرات والا، هردم ميڪون هوش نھين،
سور تيڏي لک گهور ڪران، مين يار تيڏي آغوش نھين،
امن آک ڪڏان ميڏي اڱڻ آسين، نت روحڙا خوش خويش نھين.

فيراق حُسن دا جنھن ڪون لڳا، سو اُجڙ ويسي هر ڪار ڪنون،
عشق دي تيز ڪٽاري ڪپ سَٽي، خيال ڀُل ويسي ڪم ڪار ڪنون،
نہ ساڳا ڀاڳ ڀيڙا رهي سڀ تنگ هوسن بيڪار ڪنون،
امن عشق وَ محبت دي رنگ تون صدقي، ڪم گهنين عقل ويچار ڪنون.

بس جگر گُلان دي جوت اها، پر چوٽ لڳي ٿي ٽڙ ڳيا،
جُدائي دي جوش خروش اندر، سوز دا زخمي سڙ ڳيا،
امن اِهنۡ درد دا زخمي عام نہ بچدا، مگر ميڏا سِتارا چڙھ ڳيا.

ڄم ڄرم ننڍي عمر ڪنون، ڏک سور سموري ساٿي،
درد غم ٻي گذر غريبي، ڳئي گذر هجر دي حياتي،
اسان ڪڏان نہ ڪُلفت ڪِتي، نڀائي اگر جَي لاتي.

ڄم ڄرم ننڍي عمر ڪنون، ڏک سور ڏِکالي ڏيندَي هن،
تانگه طلب وچ آنگه نہ آوي، دن سانگ ڪِتي پئي سڙيندي هن،
امن عشق اِهنۡ جهان اندر، سوائي پيار دي پاند نہ پليندي هن.

ڇرڪ تساڏا هجر والا، فيراق فڪر وچ ڦٽيج ڳيانۡ،
گهر مال تي عزت آبرو، برباد ٿي بس لُٽيج ڳيان،
جواني جوڀن تي عيش خوشي ڪنون، مُشڪل اندر مٽِج ڳيان،
امن اِهنۡ عشق دي تيز طوفان دي اندر، سکڻا ٿي سٽيج ڳيان.

اڄ تہ اهڙا سور اندر وچ آڻ ٻيٺا، لاعلاج طبيب جراح ڪِتا هي،
سُڌ خبر مُور نہ پوندي، تہ درد ڪيوين يا ڪِٿا هي،
مين تہ ڦاس ڳيا اِهنۡ فِراق اندر، واھ جو جهان ڏُکان دا ڏِٺا هي،
امن اهو هي عشق دا ناحق، جيڪو دل تي اسان سَٺا هي.

سانوڻ سُونہ ان بھار ديان دل قابو نہ رهندي اُداس ڪنونۡ،
پلپل هلچل هر هر پريشان پرين، سڄڻ دي پياس ڪنون،
حال احوال رڳا مين پُڇدا تيڏا هر ڪنھن عام تي خاص ڪنون،
امن ڳل جان هڏي ٿي ڳئي هي، انہ ان چئين گهڙيان دي چاس ڪنون.

ظلم ايڏا تيڪون روا نھين، هڪ مظلوم مٿون ايڏا سِتم ڪرڻ،
سنگتي ساٿ ڇوڙيندا ڪونھي، آندا اکيان ڪون شرم ڪرڻ،
امن ميڏي زخم جگر دي تہ هُڻ ٺر ڳئي، آئي ڪانہ اڳي تيڪون مرم ڪرڻ.

محبوب ميڏا ميڪون ساڙ سٽيئي، تون غيران دي صلاح من ڳيا،
ننڍڙي لا دي يار ياري تون، زور زوري تي ڇِن ڳيا،
نال ٻِنہ ان دي خوش پيا وسدئي، ميڏي نالي آکيئي اهو ٻَن ڳيا.
امن ميڏي مُئي من محبوب ميڏا اِهي وفائين تيڪون ياد آون،
رقيبان وِڙهدا طعني سهدا، لکين لوڪ وِڙهڻ لاءِ تيار رهن،
ڀلا ڪيھا اِنہ ان عاشقان تي ڏمر ٿئَي، وتي گهڙي گهڙي گهاءُ جهلن.

شاعري آکڻ دل دي هيٺون رووڻ ڳاوڻ رمز رِنداني،
احمق اڌوري عشق نہ ڄاڻن، نہ قرب ڏيون قُرباني،
سِکڻ لکڻ سولا ليڪن حرف نہ سمجهن حقاني،
امن عشق دي دشمن دِلون نہ ڦولن، جو آيا هي گهر دِلجاني.

جيڏي ڪيڏي يار تيڏي، ڏاڍي هي ڏَيٺ،
عام الاهي عاشق تيڏي اوڙي پاڙي دي سيٺ،
سڀ ڪو وتئي دلاسي ڏيندا، ڦٽ رکيندئي هڻ فيٽ،
امن دل دا ساجن تہ هڪڙا هوندا هي، باقي ڀري تہ وتي هرڪو پيٽ.

هرڪو وقت گُذار ويندَئي، مگر ڏينھن ڏکيا نہ گذر ويسي،
گهڻي ظُلم ڪر هڻ ڪُجهہ بہ ڪرين، سوا تيڏي سھڻا وِسر ويسي،
ناسُور پراڻي پڪي ٿي ڳئي، سکي يا ڏُکي گُذر ويسي،
امن ياد رهسن ڳالھين پراڻيان، سي بہ نڪتي دم ٿي صبر ويسي.

سر نسر ڳئي ڳيا سال گُذر، ولا موسم ساڳي آئي،
ناسور پُراڻي جاڳ ٻيٺي، نہ وڻندا باپ نہ ڀائي،
نہ دنيا دولت صحت سمجهان، تيڏي سوا سُڃائي،
امن ياد ڪر دل رو ڏيندي،سالان پُڄاڻي جُدائي.

هڪ عشق زخم ٻيا ناز سِتم، رنگ رُوپ بدن دا اُجڙ ڳيا،
درد فيراق دل ڦٽ رکي، جڏان ڪنون پرين وِڇڙ ڳيا،
امن اهين ناسُور هي چُور ڪِتا، ڪيوين ڇوڙ پرين تون پچر ڳيا.

من مصيبت عشق دَي آيا، رب رحمت وچون چا رحمت ڪِتي،
غير دا غلبا چارئي طرفينۡ، جڏان نال سنئيان دي مُحبت ڪِتي،
آپڻيان پرايان ڪانہ رهائي، ڪُلئي قرب ڪر ڪُلفت ڪِتي،
امن نال محبوبان نِڀا مين ويسان، جنہ ان نال هي مين غُربت ڪِتي

ياد پرين قربان وڃان، ڪيھي ڏوھ بھاني جهل پير ڳِيون،
اڳي روز مِل کِلدي هاسَي، ڪيون نانگ والا رک وير ڳيون،
مين مجبور مٺا تون مغرور سفا، اي ڪر ڪهڙا انڌير ڳِيون،
امن خوشيان دي جشن اڄ گُذر ڳئي، خُوشيان مِڙئي ميڙ ڳيون.

عمر سڄي اهو روپ نہ هوسئي، آخر نال مٽي دي ملڻا هي،
گهڙي سوا دا کيل تماشا، پڇي ٿي مُسافر هلڻا هي،
امن ڪُلفت ڪدورت ڪڍ دل صاف ڪرين، اِهين قرب اندر ڪُسڻا هي،
متان منڙا ڀُليج پووين تہ سو سال صديان اٿ رهڻا هي.

ايڏيان بي پرواهيان ڀورل سائين، باھ لڱان ڪون لا ڇوڙيئي،
سَتا ست روز اُڻ تُڻ، جهڻڪان ڏي دل مٽا ڇوڙيئي،
امن قريب رقيب ڪل قرب نہ ڏيون، مُلڪ مينۡ ڪنون فِٽا ڇوڙيئي.

اهو ظُلم قھر ڪم ڪونہ آسئي، چار ڏينھن بھار دي ڏيک نہ ڀُل،
اهو حُسن جواني سدا نہ رهسئي، روز هوندا تون ڪيون رُٺل،
من ڪڏهين کِل الا شل، مين قرب تيڏي دا هيان ڪُٺل،
امن پلڪ گهڙي دي ناز تيڏي ڪي ئي عاشق ڪِتي مست قتل.

محبوب ميڏا متان مذاق ڪرين تہ اي عاشق مجنون مارڻا هي،
تون نال غيران دي خوش وتئي، مڙئي جگر اسان ڏا جلاوڻا هي،
مڪر فريب دي نال ميڪون، تيڪون قاتل زهر پلاوڻا هي،
امن ڪڏان بہ تيڪون ڇوڙ نہ ويسان، تيڪون نال اپڻي ملاوڻا هي.

ثابت ڪر گُناھ مين تي، مينۡ مين مظلوم ڪيھا هي ڏوھ ڪِتا،
روح رنجا ڪي راک ڪتئي، ميڪون درد تيڏي هي روھ ڪِتا،
طعني مهڻي لوڪ ساري دي، تينۡ عاشق نال اندوھ ڪتا،
امن دي سانول دل ٽوڙ ڳيون، تين ٻئي هنڌ وڃ وِرُونھنۡ ڪِتا.

جڏان عشق اندر وچ آڻ ٻيٺا، ميڪون ڪل پئي تہ ڪير هيان،
مستي موج عميق بحر دي، مرد موچارا مٿير هيان،
من اندر نہ ڪاڻ ڪنھن دي، مين دل دا ڪيڏا دلير هيان،
سُور ميڪون هي اڪسير ڪِتا، مُنڪر دا امن وَير هيان.

ڏاڍا خوش وتئي، شالا خوش هووين، تون غيران نال رلدا،
ٻانھن لُڏا ڪي قدم پيا چاوين،خوب خوشي وچون کِلدا،
امن آکي محبوب ميڏا خوش مگن وتئي، ڳيا عاشق تيڏا ڳلدا.

درد تيڏي دلگير ڪتا، هزار زخم هان اندر،
پلپل پياس اداس ڪتا، عشق دا چڙهيا ڪان اندر،
هَس هَس سھان طعني لوڪان دي، نھين گلا ميڪون زبان اندر،
امن سر صدقي سو وار ڪران، ميڪن محبت دا هي مڪان اندر.

تيڏي وفا پرين، بنا مُلھ هي ميڪون خريد ڪتا،
پيار ڀري اِهي اقرار تيڏي، محبوب هي مُريد ڪِتا،
تيڏي ميڏي دشمن ظالم، اُنہ ان زخمي هي شديد ڪِتا،
امن وقت وچ تيڏي کل الاوڻ، مست ميڪون مزيد ڪِتا.

تيڏي وفا پرين ايڏي تہ دل ڪون وڻي، بس هروار اهي تيڏي نيڻ چُمان،
اِهي مئي مستي دي چشم نماڻي، ويکڻ ڪيتي پيا پرين راھ پنڌ پُڇان،
ميڏا سِر سوڌا گهر ٻار صدقي، تون سِر ڪپين مين ڪُجهہ نہ ڪُڇان،
هلڪي بازي نھين هِجر دي، امن درد فُرقت وچ پيا لُڇان.

ميڪون يار محبوب سڄڻ هڪ دل وچ وڏا ارمان اي،
تيڏي ميڏي مُحبت ڪيتَي، سڙ ڳيا هڪ شيطان اي،
او هر هر ميڏي عيب پيا ڳولي، بُڇڙا رکي بھتان اي،
امن هڪ ڏينھن او پڇتا کڙسي، اي کُليا عشق دا ميدان اي.

لوڪ ڪيڏا بي ڪل سارا، عِشق وچ گهاري گهت ڄاڻي،
ڏُون دي ڪلفت ٿيوي، اهو خيال اندر وچ ڪِٿ ڄاڻي،
بي درد زمانا ظُلم ڄاڻي، نينھن دا نالا مٽ ڄاڻي،
قسم اِسم تي اعتبار نھين، امن فنا ڪر رُڳا فٽ ڄاڻي.

پرپُٺ ٻھ گلا ڪرن، سا ٽولي بي ڊولي،
قرب عزت دا خيال نہ ڪردي، رڳا پچر ٻيٺي هن کولي،
خُدا دا ڪوئي خيال نہ ڪر دي، رڳا ٻيائي زبان تي ٻولي،
آکي امن سِر وڃي تہ صدقا ٿيوي، جند جان پرين تون گهولي.

هر ڪوئي اپڻي خيال تي هلدئين، سڀ دي اپڻي ڳالھ اي،
اپڻي واتون آپ الاوي، اپڻي سُڻاوي چال اي،
چڱا چڱي راھ ڏسيسي، مُٺي دي هوندي مُنڌل مقال اي،
آکي امن سچي نيت ڪچي نہ رهندي، توڙي صديان سو سال اي.

درد واليان دي مقال سُڻو، ڪيھا فقيراڻا حال اي،
چاتي گهمدي زخم عناصر، عشق پِيھ ڪِتا پئمال اي،
امن هردم منھن دردڪشي وچ، بِرھ بِنھ ڪتا بي حال اي.

ناز تيڏي جِند ڳال سٽي، ڪيھي درد شمار ڪران،
ڪيھي گهاءُ ڳڻ ڳڻ آکان، ڪيھي پِرت پچار ڪران،
هڪ زخم هووي تہ مُنھن ڏيوان، ڪيھي ڪنھن ڪون معيارڏيوان،

ڪُسڻ ڪڙي نہ عيب ساڏا، عاشق عشق شڪار،
رت ماس هڏان دا خُميره کاندا، ڪمزور ڪريندا قنڌار،
اي بہ سچي مجنون سِر ڏي کڙدي، پئي قھري ڪُهي تلوار،
آکي امن جو سِر سھاوي، سو عشق دا رکي اِقرار.

بات اِها رات ڏينہ ان ميڪون، ڀلا مشڪل آخر ڪيا هي؟
هر هڪ مسئلا، مُونۡجه مُونجهاري، اِهنۡدا حل آخر ڪيا هي؟
محنت، مزدوري، جفاڪشي پوري نھين هر ڪل، آخر ڪيا هي؟
اي عشق دي بارش، بار غمان دا، دِل دي اُٿل، آخر ڪِيا هي؟

ياد تيڏي اقرار پُراڻي، سي قول ٻول ڪُل ياد کڙي،
در تيڏي عشق مجنون، ڏِتي دانھن ڪُلئي فرياد کڙي،
ڪَنب ڪَنب ڇاتي ڇُڙا ويندي، نينہ ئون نماڻي ناشاد کڙي،
ڪر ڀال ڀلا اي ڀُورل سائين، امن عشق دي دفتر آباد کڙي.

راڳ روح ڪون راحت ڏيندا، مگر ويندي دل بہ قرب چه ڪڙدي،
کڙل دل حرڪت ڪري جڏان، خوشبوء اُٿندي سُر دي،
رت خون سڙ ڳيا، ويندي دل لکان دي ڀُردي،
دل جنونِ عشق سينا ستاوي، پئي ڪاتي قُرب دي ڪُردي.

راڳ رت تازا ڪري، ولا ٺھي ل رت بہ ساڙي،
ڏُوهئي پاسي تار پرين دي، سر سولي چڙهي يا غم اُفٽ ماري،
امن نرم دل دا کاڄ سمجهو، لھ ڏُک ويندي سُڻ ساري.

کڻ وانگر ٿي ٽُڪر وڃان، سڪ وچ ساجن ويکان،
ڦران ڦتڪان فيراق هِجر وچ،ٽُٽ ڳيان ڪُل ٽيڪان،
هيڻا هڏ دل دا ڌڙڪا، وهي رت خون اکين چُون رَيکان،
آکي امن درد نہ جنھن دي دل ڪون هوسي، سُڻو روڄ الاپي چِيخان.

شابس هووئي وَي پڳ مٽ سنگتي، تين ڀي نوين وڃ يار ڪتي،
ڪُهڻا سنگتي ڪُھ ڪاتي نال، ولا مين مٿون تين وار ڪِتي،
امن مين ڄاڻان، ميڏا رب ڄاڻي، تين تہ چاھ چؤيار ڪِتي.

ڇلڙا پوائين، جي پورا هووئي، اي گهن تون يار نشاني،
اپڻي منھن من ياد آوئي، تيڏا جوڙ هيان مين جاني،
ڪنھن ٻئي ماڻھو دا ڪُجهہ نہ ويندا، هي اپڻي آپت دي ياراني،
امن واھ جو مِٺڙا يار ڪتا هم، هس واھ جو جوڀن جواني.

وي دلبر شالا خوش هووين، شل غم ڪول تَيرَي نہ آوي،
غم درد عشق دا آلا هوندا، شل جو لاوي سو نِڀاوي،
نت امن آکي فِٽ آرام ويندا، دنيا دين ڌرم نہ ڀاوي.

ڳالھ عجب دي سُڻ وي دلبر، اسان درد ڀرئي انسان هيون،
نہ وارث وصي نہ سايه سنگت دا اسان ٿر بر جبل دي مھمان هيون،
اي امن عُمر گُذر ويسي، گي پل پرين پريشان هيون.

اي رُسڻا دلبر سوچ سھي، اسان ڪي سال سِڪدي اُڪارئي هِن،
جگر بُڪيان چم ماس رڳان، جاني جيءُ جگر جلائي هِن،
آتش عشق دي اُڻ تُڻ تيڏي، تڪ تڪ چراغ جلائي هِن،
آکي امن فاني فنا دُنيا سندا، ڀاڳ سھاڳ ڀُلائي هِن.

اي عجب هوندئي، سُڻ سوال تيرا ڏَس دل لڳاوڻ آسان هوندي اَي؟
پرين سُڻ سُڻاوان جواب تيڪون، دِل چري نادان هوندي اَي،
نہ ڏيکي پل پهر نہ اڳ نہ ماضي، او محبت وچ مستان هوندي اَي،
وڃ آپي اڙڪي اسان اڙيندي، اڌر نِڌر عدنان هوندي اَي،
آکي چانگ امن بس تيري مرضي پرين،اي باتون زبان بيان هوندي اي.

مين مر ويسان، خبر پوسئي ڪهڙا مين انسان هم،
اڄ قدر تُسان ڪڻ نھين، هي خير صُلح! مين تہ تيڏي در دا دربان هم،
قسم رب دا ڌِڪار ڇوڙيئي، اهڙا تہ پرين ارمان هم.
جو رو رو اکيان بس نہ ڪرن، اهو قسمت دا لکيل ڪان هم.

ها سچ هوسي مين غلط هيان، مگر دل چري منيندي نھين،
نال قسم دي سچ سُڻيندي، مطلب مقصد سُڻيندي نھين،
اکيندي هي بلڪل ٺيڪ ڪِتئي اور ٻول ٻُليندي نھين،
تسان جيوين آکو مرضي تُساڏي،نال ڳالھ ساڏي ڳلھيندي نھين.

مين ڪيوين آکان ير مجبور هان، خبر نھين ڀلا ڪيوين ڪران؟
الائي مغز ذهن ڇوڙ ڳئي، الائي ڌُرون اصل چريا هِيان،
نہ مت پوندي نہ دل رهندي نہ سمجهان نہ سُڻان،
آکي امن ڀلا تُسان ڏسو، مُڙان تہ طرح ڪھڙي مُڙان؟

آکيم دلبر غير دا پاسا ڇوڙ خُدا دَي نالي،
فٽ نہ ڪر تون آلي،
آکيس ڪيھي تين ڪن ڌن ڌراوت ڪيھا شاهي تين ڪن مال اَي؟
آکيم حال ڪنگال اَي
آکيس سُڃي يار دي ياري ڪھڙي جو اپڻا پيٽ نہ پالي،
آکـــيم سِر گهور گهتان جو حال اَي

دلبر سائين دُور رهڻ دي مين نال ڳالھ ڪيون ڪريدئين،
آکيس آک ڏيکان ڪيوين مردئين،
آکيم نال غيران دي نٽڪ الاوين، مين نال گهڙي نہ کڙدئين،
آکيس سانجهي صُبح ڪيون سڙدئين،
آکيم ڏاڍي ناز سِکئي تين، ڪھڙي عاشق ڪن تون پڙهدئين،
آکيس ڳليا ڪِيُون پيا ڳلدئين،
آکيم پهلا يار جواني دا تون هوين، آخر ڪيون ڀلا پيا کردئين،
آکيس رڙ جيوين روز رڙدئين.

آکيم عرض ڪران جي ڏيوو اجازت، ظلم ڪرو پر ٿولا،
آکيس هل ڙي اَٻولا،
آکيم اٻولا سٻولا در تيڏي دا غلام هيان مين گولا،
آکيس هئي ڙي کُنڌل کٿولا.
آکيم کُنڌل کٿولا تہ بہ گهور وڃان،تون آسي عاشق دا اولا،
آکيس چُپ ڪر باندر ڀولا،
امن آکيم قُربان وڃان ڪُجهہ ٿڌا الائو، پيءُ پريم دا پيالا،
آکيس ڀئو ڪر مين ڀر نہ هڻئي ڀالا.

دلبر آکيا سڏ سحر سانجهي ڪون گهڻا خوب سُڃاڻئين،
آکيم مين بہ ڪُجهہ تہ ڄاڻئين،
دلبر آکيا تيل ڦُليل دا آڍيل تون ڄڻ مٺي مکڻ دا چاڻئين،
آکيم ڏاڍا سياڻئين،
دلبر آکيا اها خبر سُڻي هم ول ٻئي در وِڪاڻئين،
آکيم تون ڪيون اُجهاڻئين،
يار آکيا نال ميڏي آ ياري لا، سِر ميڏي دا وِڇاڻئين،
آکيم اڄ ساھ سيباڻئين،
امن ڪهڙا رحم پيوئي، ٿي رحم دا در وَساڻئين،
آکيس ڇوڙ پُڇائين.

آکيم دلبر بي خطا بي سبب ڪنھن ڪون الفون ب نہ اکيجي،
آکيس سچ اکيجي،
آکيم ڪوئي ڏوھ ڪِتا هم، ساجن صاف سُڻيجي،
آکيس سچ اکيجي.
آکيم سچ آکان متان چِڙ پووين پر ٿولا ڌيان ڌريجي،
آکيس سچ اکيجي.
امن تين وانگر ڏي ٽپ جلدي نہ غير دا پاسا ڏِويچي،
آکيس سچ اکيجي.

آکيم سھڻا صدقي ٿيوان، ڳيا سوز هجر وچ سڙ سڙ ڪي،
ڪڙھ ڪي ڪڙھ ڪي،
دل ديان باهين دل نہ سمايان، پئي دل ويچاري ٻڙڪي،
رو رڙ ڪي،
اڱڻ ڪڏان تون آسين ڍوليا، سڻان قدم تيڏي دي کڙڪي،
کڙ کڙ ڪي،
امن سوا تيڏي سوز هجر وچ ڳيا ساھ سڄڻ سڙڪي،
ڀر ڀڙڪي

دم جدا نہ جال سگهان سِوا سھڻي يار صنم دي،
سؤ سؤ غوطي غم دي،
سئو سئو باهين ڪاهين ڪرديان پئي جهونۡڪي جيءُ وچ جهم دي،
عشق دي شم دي،
دم دم دي وچ پئي زخم چِڪن، پئي روح اندر وچ رَمدي،
ٻئي خيال نہ ڪم دي،
امن مستيان هستيان هن ياد اُهي جو دلبر گڏ سُمھدي،
ڳلڙانۡ چُمدي.

واھ واھ دلبر ڏينھن تُساڏي، هن چاس والي ڪون ڄڻ چَٽڪي،
ڳيو دل فيراقي فَٽڪي،
هٽڪي هردم مَٽڪي ويندئين اِهي چٽڪي هِن ول گهٽڪي،
سئو سئو سٽڪي،
گهٽ ڪي گهِن رقيب کڙي هِن، پئي پاڻ مريندي ٻَٽڪي،
قھري قاتل ڪٽڪي،
ڄٽ ڪي عاشق کاءَ کاءَ ڀٽڪي، لھوا ويندي پَٽ پَٽڪي،
سَي مُنھن ويندي ول مٽڪي،
اٽڪي دل امن نہ ڪنھن دي، نہ لُٽڪي ڏيک دل لَٽڪي،
سِر ساھ سنگت سڀُ سَٽڪَي.

دلبر اساڏي ديس تي آوڻ کِل الاوڻ وِسار ڏِتُئي،
بس ڇورا ڪِتُئي،
سلام سنيھي سِڪ دي سِياپي اڪيلا الاوڻ اُڪار ڏِتُئي،
بس ڇورا ڪِتُئي،
نال ٻِنہ انۡ ڪڻ آوين وڃين، اِهين نخري ناز چه ساڙ سٽيئي،
بس ڇورا ڪِتُئي،
بس امن نينھن پاءُ تي پلپل پلين، پاڙ پٽ اُکاڙ سٽيئي،
بس ڇورا ڪِتُئ

رُباعيون

زندگي ملي پي خطا ٿي ملي،
وفا ملي پر جفا ٿي ملي،
مليو سڀ ڪجهہ ۽ ملندو مانجهي،
خوشي ملي پر خفا ٿي ملي.

نازڪ دل کي تير لڳي تہ قھر ڪيڏو ٿيندو،
دربدر مان ۽ سڄو شھر ڪيڏو ٿيندو،
مان مران ماڻھو اچن راتيون ٽڪن ۽ هيٺ سمهن،
امن هفتو کن زبان تي ذڪر ڪيڏو ٿيندو.

مان مرندس تہ پوءِ چوندين برابر برابر،
جُوان هو ڪو دلربا، عشق جو اڪابر،
ادا مرڻ کان پوءِ مُلھ ٻيڻو تون فقيرن جو نہ ڪر،
مانجهي امن مان زنده آهيان، تون خود آهين ڙي بي خبر

مان پيار، امن، سلامتي ۽ شانتي جو پکي،
اچان ٿو اڏامي، لُک ۾ منجهند ۾ ڌر تتي جو پکي،
پوءِ بہ پيار جا ڇانورا پرن کان پري ٿا رهن مانجهي،
غم ٿا ملن، مان تہ پليل آهيان پيار ۽ خوشي جو پکي.

زندگي غم ۽ خوشي ۾ گذري وئي،
ڇا وهيو ڇا واپرايو هر ڳالھ وسري وئي،
نہ پڇ ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيندو؟ ۽ ڇا گذري ٿو؟
ضعيف ٿياسون مانجهي، جُواني تہ گذري وئي.

نہ پڇ جا گذري، گذاري سين مگر لاچار ٿي،
ننڊ ۾ زندگي گذري، نہ تو اٿاريو نہ سنڀار ٿي،
جو ٿيو ڀلو ٿيو معيار ڪانھي نہ ڏوراپو مٺا مانجهي،
دل ۾ غبار ٿيو طوفان اٿيو برسات پئي ٿڌڪار ٿي.

تون پاڻ بہ پيار کي ڦهلاءَ تہ چڱو آ،
سچ چئو ۽ سچ سمجهاءَ تہ چڱو آ،
محبت جي راھ ۾ رُخنو ٿو وجهين قدردان ٿي،
تون پيار وارن سان پيچ پاءَ تہ چڱو آ

رُسي پوان ۽ سري نہ ، ڪيئن ڪجي؟
آلين ڪاٺين جو مچ ٻري نہ ، ڪيئن ڪجي؟
ڪٿي دوست ڳوليان؟ مان آهيان پاڻ کان پاڻ گُم،
ويل دل منھنجي وري نہ ، ڪيئن ڪجي؟

دل جي ڌڙڪن ۾ توکي صنم ياد هوندس،
وسارين نہ وسران، ائين آباد هوندس،
منھنجي زنده دلي ٿي توکي ٻڌائي پرين،
مانجهي سونھن تي سر ڏنم، سدا شاد هوندس

ڪڪر ۾ وڄ چمڪي تہ ياد ڪجو،
پير ۾ ڇير ڇمڪي تہ ياد ڪجو،
مينھن ڦڙي ڦڙي پوي سياري ۾ امن،
جهوپڙي ۾ باھ ٽمڪي تہ ياد ڪجو

بھارن ۾ پکي لنون تہ ياد ڪجو،
گهر ۾ ٻار روئن تہ ياد ڪجو،
دل ۾ تنھنجي جدائي جو ڌڪ لڳو،
کوري ۾ ڪُهڙ ٻرن تہ ياد ڪجو.

جهنگ ۾ تتر ٻولي، روئي ٿو ڏيان،
ڪو دل جا دفتر کولي، روئي ٿو ڏيان،
تنھنجي درد اهڙو نرم ڪيو جو،
امن ڪو ڦٽ ٿو ڦولي، روئي ٿو ڏيان.

غريبن جي خدمت لاءِ وارا ڪنداسين،
جيڪو حال هوندو پيش پيارا ڪنداسين،
اٻوجه، مسڪين، مفلس اکين تي لتون ڏين،
بنا لوڀ لالچ امن سئو لاڙا ڪنداسين.

درياھ جي موجن تي نالو لکان،
تنھنجي دل جي ڌڙڪن تي نالو لکان،
اگر منھنجي قسمت ٽٽل هجي تہ هجي پر ڇو؟
تباهي جي سببن تي نالو لکان.

تنھنجي محفل مان روئي ۽ روانا ٿياسين،
وفا جي عيوض جفا ملي پوءِ ديوانا ٿياسين،
چڱاين جي بدلي برايون مليون امن مانجهي،
پوڙها ٿياسين سورن ۾، هاڻ جڏهن جُوانا ٿياسين

منھنجي خوشي ڪم اچي توکي، تون پنھنجا غم ڏي،
غم وڏي غنيمت آ، جيڪي هجن صنم ڏي،
انھيءَ واپار ۾ ڪس ڪنھن کي ٿي لڳي امن،
تون منھنجو يقين وٺ ۽ پنھنجا سڀ وهم ڏي.

بس غم ۾ گهڻا ئي غوطا ٿا اچن،
جڏهن ياري ۾ سئو دوکا ٿا اچن،
سونھن ڏسڻ جو مزو تڏهن آ مانجهي،
جڏهن باغ ۾ ساوا ساوا طوطا ٿا اچن

زندگي هٿن مان هلي وئي،
ڪيئن آئي ڪيئن ملي وئي،
خواب مان اٿيو هان مانجهي امن،
بس حقيقت جي دنيا کلي وئي.

صحبت ۾ محبت، محبت ۾ محنت، محنت سان ٺھي زندگي،
سوين سال توکي جنم جا ملن ۽ توسان گڏ رهي زندگي،
تو ڏيئي مان لاٽ ٻاري ۽ ٻاٽ کي بہ وري ٻاري وڌئي،
علم سان زندگي بہ زندگي آ مانجهي، ٿي آڪاش آڏو ڇُهي زندگي..

اي اُستاد ! تعليمي معيار ڪري تہ کڻ کڻين،
ڪوڙ کي حق جي لٺ اٿي هڻ کڻين،
اٿئي قوم کي اگر سُجاڳ رکڻو امن مانجهي،
تہ سچ چوڻ لاءِ هميشہ سينو تڻ کڻين.

جي هيون هانء جون حسرتون بہ خون ٿي ويون،
غير سان سونھن جون جلوتون بہ خون ٿي ويون،
مان بہ خون، منھنجي دل بہ خون، منھنجي دنيا بي خون،
امن منھنجي خون جون خيراتون بہ خون ٿي ويون.

مرئون يا بچئون پر ڪنداسون وفائون،
ڀلي ڪر اسان سان سڄڻ تون جفائون،
امن چانگ مانجهي کي ڪندئو ياد پيارا،
ڇڏيوسين اوهان وٽ صدين جون صدائون.

توهان جون اسان سان چڱايون چڱيون ٿيون،
ڀلو ٿيو جيڪو ٿيو، ڀلايون ڀليون ٿيون،
چڱايون تہ اهڙيون ڪجو پيا امن سان،
ڀڳي دل جون مانجهي سڄايون ڀليون ٿيون.

زندگي جا لمحا مٽبا ئي رهبا،
سوين پنڌ سفر جا ڪٽبا ئي رهبا،
مگر اي مسافر متان دل تون هارين!
منزل لاءِ مھاڏا اٽبا ئي رهبا.

سخي جي در تان بکارا نہ وڃجو،
جُدائي جي غم ۾ ڏُکارا نہ وڃجو،
آهي سر سلامت تہ ساجن سدائين،
وساري امن کي اي پيارا نہ وڃجو.

مُسافر جي منزل آسان ٿيندي،
جڏهن هن جي پيڙاءَ طوفان ٿيندي،
هوندا خيال هن جا پرن ساڻ مانجهي،
پاڻهي هن جي منزل مھمان ٿيندي.

پڪي دل ڪنداسون جيئڻ ڪاڻ جيڏيون،
آيون سخت منزلون، سامھون هاڻ جيڏيون،
ڪنداسون همٿ جي پھچي پار وڃبو،
جيئڻ لاءِ امن هي اُهڃاڻ جيڏيون.

عزت آبرو بسم الله سان کيڪار، خوش ٿي تہ ايندس،
منھنجي اچڻ تي دل سان هروار، خوش ٿي تہ ايندس،
تون ايندين تہ منھنجي اکين ۾ تولاءِ جايون امن مانجهي،
منھنجي اچڻ سان محبت جو مچ ٻار، خوش ٿي تہ ايندس.

ڀلي لوڪ جهيڙي، جهڪو ڪونہ ٿيندس،
غريبن جي خاطر، ڦڪو ڪونہ ٿيندس،
مران يا بچان پر غريبن سان همدم،
مانجهي انھن کان، کٽو ڪونہ ٿيندس.

خزان ۾ پليل زندگي، بھار جي جهوٽي تي ڇڏي ڏيان؟
چئو تہ بکڙا ٻچا بر ۾، ڀلا پيار جي جهوٽي تي ڇڏي ڏيان؟
مان گذر سفر جي ڪيان يا پيار جي ڪيان اي مانجهي امن،
ڇا قريب پنھنجا قربدار اغيار جي جهوٽي تي ڇڏي ڏيان؟

انبن ۾ انبڙيون، اڪن منجهہ ڊڊڙا،
هوندئي ياد پيارا، پنھنجا پيار ٿڌڙا،
ڪيڏيون پياريون راتيون ڪيڏا سانوڻ،
اڄ تائين دل ٿي ڪري توکي سڏڙا.

ڪاسائي کي ڪٺل جو احساس ڪهڙو؟
سنگدل کي دل جو احساس ڪهڙو؟
هو پنھنجي لوڀ لالچ لاءِ لڇندو امن،
قاتل کي قتل جو احساس ڪهڙو؟

جبل رڻ پهاڙن ۾ ڪو سڏي ٿو،
مون کي ٿر وارن ۾ ڪو سڏي ٿو،
اجهو آيو امن پھتو امن اي ساٿي،
مون بہ چيو ٻارن ۾ ڪو سڏي ٿو.

اي ٿر وارا، اجهو مان اچان ٿو،
گهٻرايو نہ پيارا، اجهو مان اچان ٿو،
منھنجو جهڙو حال توسان آ گڏ مانجهي،
ڪري وارا وارا، اجهو مان اچان ٿو.

او ٿر وارا ماني ناهي، ماني حاضر!!
پيارا پيارا پاڻي ناهي، پاڻي حاضر!!
حاضر آهيان حال سارو جيڪو آهي،
منھنجو ساھ منھنجي عُمر منھنجي جُواني حاضر!!

هڪ رات مون وٽ ترسي پوين ها!!
اُڃي ٿر تي بادل برسي پوين ها!!
عُمر تولاءِ ساجن سڪندو رهيس مان،
امن ساڻ آخر تہ پرچي پوين ها!!

اهو ڏُک لفظن ۾ اظھار ڪيئن ڪيان؟
توکي ڇڏي ٻئي سان پيار ڪيئن ڪيان؟
چيو تو ڇڏي وڃ امن چانگ مانجهي،
سوا تنھنجي ساجن سينگار ڪيئن ڪيان؟

ڪهڙيون ڳالھيون توسان پچاريون پرين!
ڏُکن جون گذريل ڪي ڏهاڙيون پرين!
هاڻي ڪونھي تنھنجو ارمان امن کي،
دکي دل ائين ٿا ڌُتاريون پرين!

وري ڏس سنڌ تي، ڪيا ساٺ سانوڻ،
وسن مينھن مھر ٿي، لٿا ڏنجه ڏانوڻ،
امن چانگ مانجهي سڀئي ريج رڻ ٿيا،
وري رنگ نظارا وري پيچ پاوڻ.

اگر رڳو زبان ۾ هجي مٺاڻ، ڪھڙي ڪم جو؟
دل هجي ڪنجوس منھن جو ماڻ، ڪھڙي ڪم جو؟
افسوس ان ماڻھو تي اي مانجهي امن،
جيڪو ڄاڻ هوندي رهيو اڻڄاڻ، ڪھڙي ڪم جو؟

ڏسان ٿو تہ بھارن ۾ بھاري، سوا تنھنجي ڪانھي،
بوندون بھارون ٿرن ۾ ولھاري، سوا تنھنجي ڪانھي،
تون آهين تہ بھارن ۾ آ خوشبوء پکڙيل مانجهي،
سنڌو جي سينڌ ۾ سنواري، سوا تنھنجي ڪانھي.

فيض توکان علم جو ملي ٿو، ملندو ئي رهندو،
جاهل جو جيءُ جلي ٿو، جلندو ئي رهندو،
جهالت جي واٽ ڏي ويندڙ مُسافر ٿو روڪين،
جهاد تنھنجو هلي ٿو، هلندو ئي رهندو.

علم سان ادب سان حقيقت ٿا ماڻيون،
زماني ۾ هر جاء هي عزت ٿا ماڻيون،
هي علم جي آ محبت، تڏهن هرڪو ٿو چاهي،
هر ڪنھن کان مانجهي محبت ٿا ماڻيون

علم جي حقيقت کي سُڃاڻي ٿو جيڪو،
۽ عرشن جي چرپر کي بہ ڄاڻي ٿو جيڪو،
خوبين جي خزاني سان سو ڀرپور ماڻھو مانجهي،
اهو هر ڪنھن کي سچ ڏانھن آڻي ٿو جيڪو.

ٿي انسان سڀ حيوان وڃن تہ حيوان ڪٿي رهندو؟
والاري جاءِ انسان ابليس جي تہ شيطان ڪٿي رهندو؟
گلن ۾ بہ ساڳي خوشبوء، تازي رنگت ۽ خوبصورتي،
پر انسان مان اچي بدحوس تہ انسان ڪٿي رهندو؟

ماتم ڪري ٿو مومن هرڪو حُسين جو،
روشن جهان ۾ هر سو چمڪو حُسين جو،
ڏٺو اڄ مون، هر ڪنھن جي اک ۾ ڳوڙهو امن،
هرڪو روي تڙپي، هر ڪنھن کي اُلڪو حُسين جو.

هٿان تنھنجي پيارا قتل ٿي وياسين،
حُسن سونھن جا مُجاهد اٽل ٿي وياسين،
شهادت ملي وئي بنا ڪفن غُسل جي،
نہ مرڻ وارا مانجهي قبر جي اهل ٿي وياسين.

سوچ ذهن جي ساغر ۾ گم ٿي وئي،
سونھن پيار جي آڳر ۾ گم ٿي وئي،
بلبل کي گل سان پيار ڏس ڪيڏو آ،
ايندي گل جي ڀاڪر ۾ گم ٿي وئي.

آهيون مسافر رڻ جا، نہ ڄاڻي ڪو، نہ ڄاڻون اسين،
تنہ ا تنہ ا بر ۾ ڀٽڪيل، نہ سُڃاڻي ڪو، نہ سڃاڻون اسين،
وُٺا ڪين سانوڻ، نڪا سونھن ساوڪ، نڪا سار توکي،
بس تڙپ وڇوڙي جا ماريل امن، توهان ڏي هردم تاڻيون اسين.

واھ واھ سبزا باغ باغيچا، ساوا گاھ گلزاريون،
پوکون ٻنيون فصلن سان، سھڻيون ڏس سينگاريون،
ماکيون پوپٽ پکي پرنده، ساوڪ ۾ ٿا سونھن مانجهي،
يار يارن سان خوش گذارن، محبت جا مچ ٻاريون.

بس پرين هيل اسان بہ نہ چڙهياسين،
نہ زمين تي رهياسين نہ آسمان تي رهياسين،
ڪجهہ توکان ڪجهہ ٻئي کان گهڻو ئي سکيس امن،
مگر هن عمر ۾ ويو وسري ادا جو ڪجهہ پڙهياسين.

مان نہ هوندس مون جيڏو هوندو،
مزو دنيا ۾ ڪيڏو هوندو،
جيڪو ايندو سونھن سنگم ۾،
سڌو نہ ٿيندو ٽيڏو هوندو.

ايڏيون مستڙيون نہ ڪر يار سھڻا،
دليون سڀ سستڙيون نہ ڪر يار سھڻا،
کڻي ٿا اچون جي دليون يار تو وٽ،
تن کي چٽڻيون نہ ڪر يار سھڻا!

جهيڙو جهڳڙو ۽ شيطان جي پر نہ ٿي وڃي،
فيصلي تي هڪ آئي تہ ٻي ڌُر نہ ٿي وڃي،
هي بہ چالاڪي هڪ چڱن جي چئجي امن،
خوف خطري جي هانءُ مان هُرکر نہ ٿي وڃي.

ايندين تہ اچ يا نہ ، نہ تہ چئو تہ مان اچان،
هُت تون سڙين هِت تو لئي مان پچان،
غير ٿا کلن ۽ اوپرا ماڻھو مِهڻا هڻن،
گناھ امن ناهي محبت، ڄڻ ڪا خطا ڪئي اسان.

تون غير سان غير واقف رھ، قريب سان قرب رک
بيڪار حاسد سان هُج ڪهڙي، بي طلب ان کان قلب رک
چئو تہ اي مالڪ رحم ڪر، معاف ڪر بچاءَ تڪليف کان،
ڪوڙي گِلا خور ۽ بدخُوار کان تون رب رک.

زندگي جو سفر ۽ مان مسافر،
راھ اڙانگي نہ ثمر پر، سڄڻ دُعا ڪر،
انشاءُالله منزل تي پير پھچي پوندا امن،
نہ خوف کاءَ بس خُدا خُدا ڪر.

چپڙن تنھنجن کي ٿو چُمان تہ هانءُ ڇِڄي ٿو پوي
پري ٿو رهين تہ هٿ مان ڪِري ٺِڪر ڀڄي ٿو پوي
ملي ٿو پيار تنھنجو تہ ڪري بيھوش ٿو ڇڏي،
ڪاوڙجين غضبناڪ، ٺھي ن تہ مکڻ مانجهي مُنجهي ٿو پوي.

ترس تڪڙ ڇڏ، دِل وٺ دل ڏي،
پيار وٺ پيار ڏي، قرب جي ڪا ڪل ڏي،
ائين نہ وڃ مردن جي ميخاني تان محبوب،
ڀاڪر پاءُ، مرڪ مانجهي، جيءُ کي ڪا جهل ڏي

منھنجي خوشي جا قاتل، توکي خوشي نصيب نہ ٿيندي،
منھنجي مُحبت تولاءِ، هاڻي ڪڏهن قريب نہ ٿيندي،
تو زخم رَسايو اهڙو، جو دُشمن کان نہ پُڄي دوست،
اها ڪهاڻي پنھنجي امن ڀلا عجيب نہ ٿيندي

سر تان حسينَ هٿ کڻي، ڇورو ڪيئي ڇا ڪيان؟
انڌو، مندو، گونگو، ٻوڙو ڪيئي ڇا ڪيان؟
منھنجي زندگي ڳچي ۾، نانگ ڪري وڌئي امن،
پر پٽي، کنڀي کوهي، گوڙو ڪيئي ڇا ڪيان؟

دل تي اهڙو اثر ٿو ڪرين جو چُپ ٿئي چڱي،
سڙي ٿر تي ڪڪر ٿو ڪرين جو چُپ ٿئي چڱي،
سڙڻ سڪڻ پچرڻ ڪا ڳالھ ڪانھي امن،
الائي ڇا ڇا چڪر ٿو ڪرين جو چُپ ٿئي چڱي.

مُرڪين ٿو تہ سُبحان الله،
پرچين ٿو تہ سُبحان الله،
تو ۾ مستي آ مَئي جي سڄڻ،
سرچين ٿو تہ سُبحان الله

پيار جي نشي ۾ الھوٽ، مدهوش بي حال بنيس،
نينھن جي نزاڪت ۾، ناز ڪندي نونہ ال بنيس،
تنھنجي وارن اکين ۽ ٻانھن جي وڪڙ ۾،
پچي رچي رُڄ ٿي امن، پڪو پُّختو لال بنيس.

دل لڳي جو عذاب قبر جيڏو آ،
هي ڇا جهڳڙو، ڳچي ۾ صبر جيڏو آ،
ڏس حالت خستہ خراب خطا جهڙي آ،
درد جو دونہ ون دل ۾ ڪاري ڪڪر جيڏو آ.

مزاحيہ شاعري

---

وڙهي پوندين وڙهي پوندس

وڙهي پوندين وڙهي پوندس،
کلي ڏيندين کلي ڏيندس.
ڪندين جيڪا هلت مون سان سا توسان،
جيڪو ٿم حال پڪ سان ها بس هلي پوندس.
ڏيندين جي قُرب تون مون کي ماشاءَالله،
جُهلي پوندين تہ اي پيارا جُهلي پوندس.
جيڪو ڏيندين سو وٺندين ٻيو ڀل ڇا؟
امن سان راھ ويندي ملي پوندين تہ ملي پوندس.
چڱائي منجهاڻين سان برائي برابر،
۽ برائي ڪندين تان چڱائي برابر
وڙهن ۽ وِچڙن، ڄُنڊا پٽ چوڌاري،
اِهو سڀ ٿا سمجهن ڀلائي برابر
ڪڍن پير هر پل اٽڪل سان ايڏا،
ڪِريو سو نہ اُٿندو، سِڌائي برابر.
بُرائي جَي عِلم ۾ قابل ٿا ڏِسجن،
چڱائي جي پاسي نہ پائي برابر.
امن چانگ مانجهي جاچي سڀ ڏِٺا ٿم،
ڪوڙا ڪُل چڱا هن چوٿائي برابر.
مڇاڻي منجهاڻي وِڙهندا نہ مُڙندا
هڪٻئي کي شايد ڪھندا نہ مُڙندا
دل ۾ ڪٽر پيو، غُصي ۾ ٿا گُونجن،
هر وقت ٺھن دا ۽ ڊهندا نہ مُڙندا.
چڱا اڄ ٿا ڏِسجن سمورا ويڳاڻل،
هي لوڀي ۽ لوفر لڙندا نہ مُڙندا.
پنڌاڻي پاڙو بہ ائين ويو اسان کان،
ڀت سڏ مان هي بہ ويندا نہ مُڙندا.
هنن لوفرن ڪئي آ ٽامي جي ڌرتي،
آخر پاڻ ان ۾ ٻرندا نہ مُڙندا.
امن چانگ مانجهي چڱا ٿا ڪنبن اڄ،
اجايا حوالا چُرندا نہ مُڙندا.

____________
07 فيبروري 2003ع تي هي شاعري ڪئي وئي. خُدا جي قدرت سان ائين ئي ٿيو تہ هي ٻئي پاڙا چانگن جا پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ قتل ٿيو. ۽ هڪ ٻئي جي سڏ ڀت مان بہ هليا ويا.

پئسو اسان وٽ پائي نہ آهي، آهي جام سُڃائي،

پئسو اسان وٽ پائي نہ آهي، آهي جام سُڃائي،
پلپل ويٺا پيار ڪيون، تہ بہ لھي نہ ٿي ٻاڙائي.
ميلي ميل ۽ کيل خوشي ۾ گيت غزل پيا ڳايون،
هرڪو واھ واھ جيئن ڪري ٿو تيئن ٿا نڙي ڏڪايون،
هيڏان هوڏان تانَ ۽ سرگم، اٿم ڌهنڪ ڌن مچائي.
سکڻي واھ واھ ملي نہ آنڪ، لڄ وئي آ کائي،
منھنجو تہ راڳ مون کي وڻي ٿو، ليڪن کلي پئي خُدائي،
ڳائيندي منھن ۾ وڪڙ پون ٿا، دل تابش آهي تپائي.
جهڙا آهيون، تهڙا آهيون، آهيون وڏا بس راڳي،
نڪو اسان سان انور پورو، نڪو يوسف نہ ڀاڳي،
لتا کي پاڻ ڇا لاءِ ليکيون، رفيع نہ سمجهون پائي.
امن اسان بہ سُريلا آهيون، ڀائو ڪيئن ٿو ڀانئين،
ماٺ ڪر تہ هاڪر ساريان، بس بڇ يار نہ ڪرائين،
راڳ جي رڳ اصل نہ ڇڏبي، آهي وڏي ڇِتڪُتائي.

منھنجو يار ڪِريو آ گهوڙي تان،

منھنجو يار ڪِريو آ گهوڙي تان،
ڪنھن واھ ڪپر جي موڙَي تان.
جيئن ئي گاڏي گهوڙي ايندي ڏٺي،
تيئن پاور مان تنھن پُوزي پَٽي،
همراھ جي اهڙي قسمت ڦِٽي،
جو گهوڙي سوڌو ڪِريو، لکيو لوڙي تان.
سيارو سيءُ گهڻو ٻي صبح جي مھل،
پئي ڪانہ ڪنھن ماڻھو کي ڪھل،
مٿان گهوڙو هيٺان هو جُوان ڪِريل،
سيءُ جانَ جِسم ڪپي ڪورَي تان.
جسم جان مٿان نڪو ڪوٽ هيو،
نڪو نيرن جو کاڌل روٽ هيو،
هڪ بُک تي ٻيو ٽُٽل بُوٽ هيو،
سو ڪنڊا پير روڙي تان.
اڳي ساعت مون وانگر ڪانہ هُئي،
وري واھ ڪِريو، سڀ ڪنھن کِل ڪئي،
لڳو سيءُ گهڻو ٿِڙي ڪَل وئي،
ڪيئن يار منھنجو وات چورَي تان.

مُڙس ڪِريو بصيري جي موري تان،

مُڙس ڪِريو بصيري جي موري تان،
لٿو شوق گهوڙي جي سواري تان،
اهڙي خوف ۽ خطري خواري کان،
ڪو اُٺ گڏھ ڌاري تان.
جِٿي يار ويھي ڪري بات اِها،
تہ گهوڙو رب ڏنو آ، ملي آ ڏات اها،
وائي وائڙي کي ڏينھن رات اِها،
آخر نيٺ ڪِريو هڪ وارَي سان.
هَئي جو هَني ۾ وئي ڪانچ ڦاسي،
اچي اُٿليو پُٿليو گهوڙَي سان گڏ ساسي،
کڻي مولا ڪئي مھر معافي،
مُڙس بچيو آ مس شُڪر گُذاري تان.
امن سمجهڻ جي هي ڳالھ آهي،
نئين زندگي مليس، اها مقال آهي،
پرين ساڻ قلندر لعل آهي،
ڏيندو معافي جَي ڪير پُڪاري تان.

سھي کي شِڪاري اچي ڪن ٿا سوڙهو،

سھي کي شِڪاري اچي ڪن ٿا سوڙهو،
ڇِرڪي ڇنلاگڻ سان لتاڙي ٿو لوڙهو.
اڳيان ان جي بَي رنگ اڏيل آهي ڄارو،
ڦاسي ٿو ۽ ڦتڪي مٿان من مروڙو.
سرن ۽ ڪھن ۾ سوٽي جي آ ڪُٽ ڪُٽ،
تڙي هو ٿو هر هڪ جوان ۽ پوڙهو.
سھي جي تڙڻ ۾ شڪاري جي جمعيت،
مزو ان کي ايڏو ٻُڌڻ کان ئي ٻوڙو.
سهو جي ٿو نڪري سرن جي ٻُوڙي مان،
هڪل ٿي وڃي ٿي سهو ڌڪ سان ڏوڙو.
منجهند جو جهولَي ۾ لُکون جهڪ ۽ جهولا،
اُڃ سان ڀٽن تي کڻن پيرا ووڙيو.
امن اسان بي سھا کوڙ کاڌا،
ڏاڍو ماس مزي سان ڏندن ساڻ روڙيو.
ٽرڙي ٽُوٽ کان ايندي نفرت اٿم
ڪري گِلا، اهڙي ڪُتي کان ڪراهت اٿم،
جو ڪري تڪبر، لئي ڪري ۽ پاڻ سمجهي وڏو،
ان کي جئيرو نہ ڇڏيان، اها حسرت اٿم.

سِر تان حسين هٿ کڻي ڇورو ڪيئي ڇا ڪيان؟

سِر تان حسين هٿ کڻي ڇورو ڪيئي ڇا ڪيان؟
انڌو منڊو گونگو ٻوڙو ڪيئي ڇا ڪيان؟
منھنجي زندگي ڳچي ۾ ڪري نانگ وڌئي امن،
پر پَٽي کنڀ کوھي، گوڙو ڪيئي ڇا ڪيان؟

جيئن جهنگ جي پکي جا پر پٽي، گوڙو ڪري ويھارجي،

جيئن جهنگ جي پکي جا پر پٽي، گوڙو ڪري ويھارجي،
هڻي سِروٽو مٿي ۾، ڪنھن کي ٻوڙو ڪري ويھارجي،
جي آهيون گڏ تہ ٺيڪ، نہ تہ غير ڏي ٿو پنڌ ڪري،
امن صنم کي هاڻي پاڙي ۾ سوڙهو ڪري ويھارجي.

سھڻن جي ساٿ ۾ وڃي ڦهڪو ڪر،
وڃي ڪِر ڦتڪ ساھ ۾ سھڪو ڪر،
دانہ ون ڪر گهوڙا ياسَي ظلم ناحق،
ائين چئي چرين وانگيان وري کِل ٽهڪو ڪر

سھڻن جي ساٿ ۾ وڃي ٺڪاءَ ڪر،
ڪِر ٿِڙ دانہ ون ڪر، داءَ ڪر،
پوءِ مارن يا جِيارن مرضي سندن مانجهي،
پر تون عاشقي جو فرض ادا ڪر.

سھڻن جي ساٿ ۾ تون چريو ٿي بيھ،
ڪنھن مھل کل خوشي، ڪنھن مھل روڄ ريھ،
مڙئي دل خوش ڪرڻي تہ چريو ٿيڻ ڪهڙو ڏوھ آ،
ڪجهہ ڏند کڙڪا ٽپ ڏي، وري ڏند پيھ.

هڪ گل تي ٻہ ٽي پوپٽ، مزو نہ ٿيو،
ڪجهہ چئون اڳيون چئي وڌگهٽ، مزو نہ ٿيو،
بس اسان دل پلي، وڃي هرڪو پاڻ ڄاڻي ادا،
هوندي عقل چريا ٿياسين چرٻٽ، مزو نہ ٿيو.

سڀ ڪنھن سان ساڳي ڳالھ سھڻا ڪندا پيا،
هر ڪنھن سان ٽال مقال سھڻا ڪندا پيا،
هنن کي هر شيءِ گهرجي ۽ راضي بہ نہ ٿا رهن،
هر ڪنھن سان سکڻا سُڃا احوال سھڻا ڪندا پيا



پيار اهڙو مليو جو مري وياسون،
بکا ماڻھون ڍئو مليو ڏري وياسون،
امن جنت جو ميوو هٿ تہ آيو لذيذ،
سادي کاڌي کائڻ کان کري وياسون.

ڏندڙا ڪڍي نہ ڏيکار، وڃي ڪم ڪار جي ڪر،
ڪنھن کي اڌارو نہ کيڪار، وڃي ڪم ڪار جي ڪر،
اڄ دنيا ياري دوستي جي دم کان وئي امن مانجهي،
دنيا جا عجيب آهن آزار، وڃي ڪم ڪار جي ڪر.

تون ڇڏ پيار ۽ يار جي پچر، وڃي تون ٻچا تات،
نہ هڻ اجايو جبل کي ٽڪر، وڃي تون ٻچا تات،
تون اتيت غريب مسڪين ماڻھون امن مانجهي،
دنيا جا عجيب آهن چڪر، وڃي تون ٻچا تات.

کڻي پٽڪو لھي تہ بہ پيار نہ ڇڏبو،
زوري ڪو ڪُهي تہ بہ پيار نہ ڇڏبو،
چيم مٿيان لفظ نہ چئو، ڪم ڪار جي ڪر،
چيائين پادر وهي تہ بہ پيار نہ ڇڏبو.

ان نہ کاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي،

ان نہ کاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي،
بکيو رھ سدا عشق ڪر تہ خبر پوئي،
اهي ڍو جون ٽاڏون آهن ادا مانجهي امن،
پنھنجو سِر کپاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي.

منھنجو ڪجهہ نہ وڃي ڪهڙو ڀئو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو،
وڙهو ٺهو وڃي کڏ ۾ پئو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو،
مون تہ ادا ڪنھن جو ڪجهہ نہ وڃايو، غريب آهيان،
جو ڪُجهہ ٿيو يا نہ ٿيو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو.

ڏاڙهي پٽائي دنگ ڪيوسون،
توکي پَڏائي، دنگ ڪيوسون،
هاڻي دم ويو حسرت ڪانھي،
عمر وڃائي، دنگ ڪيوسون.


دل ٿي وڍجي دورا ٿا پون، ڇا ڪجي؟
واتئون رت ٿو وري، مچ ٿا ٻرن، ڇا ڪجي؟
تون غير جي ڳِٽي تي ٿو هٿ لائين امن،
الا! هانءُ تي ڪَرٽ ٿا وهن، ڇا ڪجي؟

ڀُڳڙن جي مُٺ تي دل ڏئي ڇڏيم،
پاڻ کي پاڻهي گِهل ڏئي ڇڏيم،
هڪ بي وفا جي خاطر عُمر وئي امن،
چري دل کي رهندو ڍِل ڏئي ڇڏيم.

مون کي ڏِسي شرمائين ڇو ٿي؟
ايڏو مون کان لھرائين ڇو ٿي؟
دل ٻَڌ پوپري، حقيقت ڪر تون،
پيار کڻي ڏي، سھائين ڇو ٿي؟

مون کي ڏِسي اڄ ڪَر ڀَڳي ٿئي،
پڪ ٿي مون سان دل لڳي ٿئي،
ظاهر جلدي ڪانہ مڃيندين تون،
امن مانجهي ڏاڍي مور مڳي ٿئي.

ڇوڪري مون کان ڇِرڪين ڇو ٿي؟
پير سُڪي سان تِرڪين ڇو ٿي؟
دل اٿئي مون سان ڳالھ کڻي ڪر،
مون کي ڏِسي من مُرڪين ڇو ٿي؟

اهڙي پڪي آهين جو ڦِڪي نہ ٿي لڳين،
هاڻي جُوان آهين، ڪِڪي نہ ٿي لڳين،
دل ڏي دل وٺ جواني ملھاءَ امن،
پيار ٿي ويندو پنھنجو، قول جي ڪچي نہ ٿي لڳين.

سھڻن سان نہ مان ٺھي س نہ هو ٺھي ا،
جنگ کان نہ مان رهيس نہ هو رهيا،
مون ۾ بہ نسل هو، هو بہ ٻج وارا ها امن،
نہ مان ٺريس هنن کان، نہ هو مون کان ٺريا.