سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل ڪتاب ”انسانيت موت جي دروازي تي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي.
ھن ڪتاب ۾ حضرت محمد صہ، اسلامي دنيا جي مشاھيرن، خلفاءِ راشدين، اڪابرن، عالمن سميت 41 عظيم شخصيتن جي زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۽ گهڙين جو مثالي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ تذڪرو شامل آھي. ھي مضمون مولانا ابوالڪلام آزاد پنھنجي رسالي ”الھلال“ ۾ ”انسانيت موت ڪي دروازي پر“ جي سري ھيٺ لکيا.
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.