سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم دين ۽ مفڪر سيد ابوالاعليٰ مودودي جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”اسلامي زندگي (بنيادي ڳالھيون)“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار ڪريم بخش نظاماڻي آھي.
ھي ڪتاب مولانا سيد ابو الاعليٰ مودودي جي مضمونن، مقالن ۽ تقريرن جو مجموعو آھي، جيڪي ھن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوءِ، اسلام ۽ اسلامي زندگيءَ بابت سمجهاڻيون ڏيندي مختلف وقتن ۾، مختلف علمي ادارن يا اجتماعن ۽ ريڊيو پاڪستان لاھور تان ڪيون ھيون. ھن مجموعي ۾ ﷲ تعاليٰ جي ھستي، توحيد، رسالت ۽ آخرت جي برحق ھجڻ بابت اھڙا دليل ملندا، جيڪي جديد ذھنن کي اپيل ڪن ٿا ۽ دل کي ڇُھن ٿا. ھي ڪتاب اسلامي زندگيءَ جو ھڪ جامع ۽ مختصر نقشو پڻ پيش ڪري ٿو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو احياءُ الاسلام سوسائٽي ڪراچيءَ پاران 1989ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2018ع ۾ سنڌ مسلم سوسائٽي، شڪارپور پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي