سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سيدہ سعديہ غزنوي جو لکيل صدارتي ايوارڊ يافتہ ڪتاب ”نبي ڪريم ﷺ عظيم ماھرِ نفسيات“ اوھان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار منور ٻُٽ آھي.
رسول ڪريم ﷺ جي زندگي گذارڻ جو نمونو اسان سڀني انسانن لاءِ مثالي آھي. رسول ڪريم ﷺ جي ارشادن تي عمل پيرا ھجڻ ۾ جسماني ۽ روحاني فائدن کان علاوہ نفسياتي شفاء جو سامان پڻ موجود آھي. ھي ڪتاب پاڻ سڳورن جي سيرت جي گهڻ رخي ھجڻ جو دليل آھي. زندگيءَ جي مختلف پاسن ۾ ناڪامي يا نفسياتي بيمارين ۽ احساس ڪمتري ۾ اچي انسان گهڻو ڪجهہ وڃائي ويھي ٿو. ھن ڪتاب ۾ رسول جي ارشادات جي روشنيءَ ۾ سڀني نفسياتي مسئلن جو حل پيش ڪيو ويو آھي ۽ رسول ڪريم صہ کي بطور اعليٰ ماھرِ نفسيات ڪري پيش ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ المرڪز الاسلامي الجامعہ الغوثيہ، ٽنڊو محمد خان پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي منور ٻُٽ صاحب جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.