ڪالم / مضمون

ڄڃ پرائي

قمر شھباز سنڌي ادبي دنيا ۾ ھڪ بيباڪ ليکڪ طور سڃاڻ ٺاھي. سندس اھا خاصيت ھن جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ڀرپور نموني سمايل آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل سندس ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ھن ملڪ جي سياسي سرشتي، سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، ڀوتارن جي ڏاڍ، معاشرتي براين، ڪاروڪاري، سڱ چَٽي، قبائلي جهيڙن، نفسانفسيءَ جي موضوعن کي پنھنجايو آھي. ھن پنھنجي لکڻين ۾ وقت جي حاڪمن، ڪامورن ۽ پيرن ميرن جي پڳ لاھيندي دير نہ ڪئي آھي ۽ کين آئيني ۾ اصل چھرو ڏيکاريو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر شھباز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڄڃ پرائي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار قمر شھباز جي اخباري ڪالمن جو مجموعو ”ڄڃ پرائي“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
قمر شھباز سنڌي ادبي دنيا ۾ ھڪ بيباڪ ليکڪ طور سڃاڻ ٺاھي. سندس اھا خاصيت ھن جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ڀرپور نموني سمايل آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل سندس ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ھن ملڪ جي سياسي سرشتي، سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، ڀوتارن جي ڏاڍ، معاشرتي براين، ڪاروڪاري، سڱ چَٽي، قبائلي جهيڙن، نفسانفسيءَ جي موضوعن کي پنھنجايو آھي. ھن پنھنجي لکڻين ۾ وقت جي حاڪمن، ڪامورن ۽ پيرن ميرن جي پڳ لاھيندي دير نہ ڪئي آھي ۽ کين آئيني ۾ اصل چھرو ڏيکاريو آھي. 
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي