سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار قمر شھباز جي ڊرامن جو مجموعو ”قمر شھباز جا ڊراما“ اوھان اڳيان حاضر آهي، جنھن جي سھيڙ سندس نياڻيءَ سبينا شھباز عيساڻيءَ ڪئي آھي.
قمر شھباز ڊرامي جو وڏو ليکڪ ھيو. سندس ڊراما پڙھڻ يا ٻڌڻ سان انھن ۾ رواني، سلاست ۽ تسلسل جي ندي وھندي محسوس ٿئي ٿي. سندس ڊرامن جي اھا اھم خوبي آھي تہ ھو جاگيرداراڻي سماج کي پيش ڪندي ھاريءَ جي ڪردار کي سرخرو ڪري ٿو. ڊرامن جا مڪالما سگهارا اٿس. سندس ڊرامي جا ڪردار معاشري جا سچا پچا، حقيقي ۽ اثرائتا ڪردار آھن، جيڪي پنھنجي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. ھن ڪتاب ۾ 12 ڊراما شامل آھن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sindhsalamat.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي