سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪھاڻين، شاعري، مضمونن، تقريرن ۽ آتم ڪھاڻيءَ تي ٻڌل ڪتاب ”ھِن پار مان ھُن پار تون“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ڪرشن کٽواڻي، ادب ۾ رومانوي ڌارا جو ليکڪ قبول ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هو ذهني طور ترقي پسند لکندڙ اديبن جي اثر هيٺ رهيو پر ان باوجود اديب طور رومانوي ليکڪ آهي ۽ اهو بہ سچ آهي تہ هن ترقي پسند هجڻ باوجود پنهنجي تخليقي ڪم کي نظرئي جي تبليغ کان بنھہ پري رکيو. ھن ڪتاب ۾ سندس 12 ڪھاڻيون، شاعري، مضمون، تقرير ۽ آتم ڪھاڻي ”ھُن جي ڳولا“ شامل آھن.
ھي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي