سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار قمر شھباز جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جي پيار ھجي ھا پاڇولو“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
قمر شھباز ڪھاڻي، ڊرامي ۽ شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو آھي. قمر شھباز زندگيءَ جي عام معاملن ۽ مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻين جي زينت بڻايو آھي ۽ بيباڪيءَ سان پنھنجي نقطہ نظر کي بيان ڪيو آھي. ھو ھر ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ کي قلم ذريعي ڪالم، ڪھاڻي يا شاعريءَ ذريعي ڌتاري ٿو ۽ حڪومتي حلقن جي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي