سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري افسانا نگار رشيدہ حجاب جي اڻلڀ ڪھاڻين، لکڻين، سندس شخصيت ۽ فن بابت ھمعصر ليکڪن جي لکيل تاثرن تي مشتمل ڪتاب ”حجاب سراپا حجاب (رشيدہ حجاب: فن ۽ شخصيت)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نصير مرزا آھي.
رشيدہ حجاب پنھنجي دور جي نامور ڪھاڻيڪارہ رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ فني پختگي ۽ زندگيءَ جا سڀيئي عڪس موجود آھن. ھن اينٿالاجي مالھا ڪتاب ۾ سندس اڻلڀ ڪھاڻيون، سفرنامو، چونڊ مضمون، رشيدہ حجاب جي شخصيت ۽ فن تي لکيل تاثر ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.